سنڌي هندن جو ٻاهرين دنيا سان تعلق
بهرحال هتي اسان نيو جرسي آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي هندو پرڪاش
کيئاني جي پتا ڀڳوان داس جي ڳالهه ڪريون، جنهن
سان اڃا تائين ته ملاقات نه ٿي سگهي آهي، جو هاڻ
منهنجو نيو جرسي بدران ميريلئنڊ، ورجينا ۽
پينسلوانيا ۾ رهڻ پيو ٿئي پر ايترو آهي ته فون
رستي منهنجيون هن سان ڪافي خبرون چارون ٿيون آهن،
جن ۾ ڪجهه ڳالهيون پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي
لکي رهيو آهيان:
ڀڳوانداس 1932ع ۾ حيدرآباد ۾ سيٺ ڪندن مل کيئاني جي گهر ۾ جنم
ورتو.
اسين حيدرآباد جا رهواسي هئاسين. 1949ع ۾ سنڌ ڇڏيسين.
پٽ، ڌيئون ۽ انهن جو اولاد سنڌي ڳالهائي ٿو پر پڙهي رڳو آئون
سگهان ٿو.
اسين ڀائيبند آهيون.
حيدرآباد ۾ اسان جي پيءُ سيٺ ڪندن مل جا لوه جا ڪارخانا
(Rolling Mills)
هيون، سڄي سنڌ ۾ مال سپلاءِ ڪندا هئاسين.
حيدرآباد ۾ اسان جو ڪارخانو ڦليلي وٽ گرو ننگر روڊ تي هو. هڪ
ڪنڊ تي تولا رام گرلس اسڪول هو ته ٻي ڪنڊ تي اسان
جو ڪارخانو.
ريزڪي وڪري
(Retail)
جو دڪان ميان فقير جي پڙ ۾ هو.
سڄي سنڌ ۾ جيڪي نار هلندا هئا، انهن جو لوهي سامان اسان جي
ڪارخاني مان
Supply
ٿيندو هو. ائگريڪلچر مِلن
(Mills)
۾ توڙي سنڌ جي جننگ فئڪٽرين ۾ اسان جي ڪارخاني مان
لوهي پٽيون ۽ ٻيو مال ويندو هو.
ان وقت جو ڪليڪٽر مير چنداڻي، وزير ايوب خان کهڙو، الاهي بخش ۽
ٻيا وڏا وڏا ماڻهو بابا (سيٺ ڪندن مل) کي سڃاڻندا
هئا ۽ اسان وٽ گهمڻ ايندا هئا.
ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار، نواب شاهه ۽ ٻين پاسي جا سيٺيون سيئومل،
آسو مل ۽ اجواڻي وارا اسان کان سامان وٺندا هئا.
اجواڻي سيٺيون اڃا به سنڌ ۾ رهن ٿيون.
حيدرآباد ۾ اسان جي ڪارخاني جو نالو ”ڪندن مل هيرانند لوهي“ هو.
سنڌ ڇڏڻ بعد ڏاڍو دربدر ٿياسين. منهنجي ان وقت عمر سورهن سترهن
سال هئي. پتا سان گڏ ڪڏهن گانڌيڌام، ڪڏهن احمد
آباد ته ڪڏهن بڙودا ڪيترائي سال دربدر رلندا
رهياسين. ان بعد بمبئي اچي رولنگ مِل کوليسين. پر
ڀائو ڏاڍو نقصان ٿيو.
ڇو؟
مزدورن جي ڪري، روز هنگاما، روز هڙتالون. آخر فئڪٽري بند ڪرڻي
پيئي.
ان بعد مدراس ۾ اچي چار پنج ڪپڙي جا دڪان کوليم. اتي (مدراس ۾)
منهنجو ڀيڻويو نارائن داس اڳهين رهيو ٿي. ان وڏي
مدد ڪئي.
مدراس ۾ چاليهه سال کن ڪپڙي جا دڪان هلائي پوءِ هيڏانهن آمريڪا(USA)
۾ آيس. آئون
USA
1993ع ۾ آيس پر منهنجو پٽ پرڪاش ان کان اڳ 1988ع ۾
آيو.
پٽ ۽ ننهن نوڪري ڪن. سڄو ڏينهن گهر ۾ اڪيلو هوندو آهيان. گهڻو
هلي چلي نٿو سگهان. ڪمزور رهان ٿو، جو پنجهتر سالن
کي اچي پڳو آهيان.
سنڌي ڪتاب پڙهڻ تي دل چوندي آهي. انڊيا کان ڪڏهن ايندا آهن،
جيڪي پڙهي نيو جرسي جي ساڌو واسواڻي سينٽر
موڪليندو آهيان.
کيئاني سنڌي هندن جي اهڙِ ذات آهي، جيڪا توهان گهٽ ٻڌي هجي. مون
کي انهيءَ ذات جي هندن جا دڪان جبرالٽر ۾ سجهن ٿا
۽ ٿي سگهي ٿو نيو جرسي جي اسپتال ۾ مليل همراهه
پرڪاش کيئاني ورا انهن کي نه سڃاڻندا هجن، جو هي
ته هاڻ پنڌرهن کن سال ٿيا آهن جو هندستان کان لڏي
هيڏانهن آمريڪا آيا آهن پر جبرالٽر وارا کيئاني ته
ٽيهه چاليهه سالن کان جبرالٽر ۾ رهن ٿا، جيڪو
”جبل الطارق“ به سڏيو وڃي ٿو ۽ هي جيتوڻيڪ اسپين
جو حصو آهي، پر مٿس حڪومت ۽ اثر رسوخ انگريزن جو
رهيو. جبرالٽر ۾ رهندڙ کيئاني ذات وارن سنڌي هندن
جو بزنيس، سئٽزرلينڊ جون واچون ۽ اعليٰ ۽ برانڊيڊ
قسم جا زيور آهن. سندن ٽي دڪان جبرالٽر شهر جي مين
اسٽريٽ تي آهن ۽ هڪ جبرالٽر ايئر پورٽ جي ڊپارچر
لائونج ۾. هي ملڪ ڊيوٽي فري هجڻ ڪري هتي جي
دڪاندارن جو ڪافي وڪرو ٿئي ٿو.
هونءَ هي کيئاني پنهنجي نک کيئامل کان ڇڪين ٿا جنهن جو وڏو پٽ
پوهُو مل هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو گهڻو اڳ سنڌ
ڇڏي بزنيس خاطر ولايت روانو ٿي ويو هو ۽ ”پوهو مل
برادرس“ نالي پنهنجي ڪمپني کولي هئائين. ديوان
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جي 1946ع ۾ لکيل ”سنڌ جي
هندن جي تاريخ“ مطابق ته 1869ع ۾ جيئن ئي سئيز
ڪئنال کليو ۽ يورپ کان ايندڙ اسٽيمر (پاڻيءَ جا
جهاز) بمبئي اچڻ شروع ٿيا ته کيئا (جنهن تان سندس
اولاد جي کيئاني ذات شروع ٿي) جو هي وڏو پٽ پوهو
مل ولد کيئامل پنهنجي ”پوهو مل برادرس ڪمپنيءَ“ جي
طرفان پاڻيءَ جي جهاز ۾ قاهري (مصر) ۽ يورپ روانو
ٿي ويو. هن ٻين سنڌي واپارين وانگر وڪري لاءِ سنڌ
۽ هند جون مختلف شيون پاڻ سان کنيون. پرديس ۾ هنن
بيحد سادگيءَ سان زندگي گذاري ۽ پاڻ سان آندل مال
جو وڪرو ڪندا رهيا. ڪجهه سال پرديس ۾ خريد و فروخت
۽ پئسو ميڙڻ بعد جڏهن حيدرآبد موٽيو ته سندس
خوشحاليءَ جون خبرون سندس دوستن ۽ مائٽن ۾ پکڙجي
ويون ۽ ٻيا به هن جي نقش قدم تي ٻاهر نڪري پيا.
ٽن سنڌي فرمن کي شروعاتي
(Pioneer)
ڪمپنيون مڃيو وڃي ٿو. جيڪي سڀ کان اڳ ديس ڇڏي
پرديس ويون، انهن مان ميشرز پوهومل برادرس هڪ آهي
۽ باقي ٻه هيون، ميشرز ڌنومل چيلا رام ۽ ميشرز
واسيامل آسومل. پوءِ ته آهستي آهستي ويو تعداد
وڌندو. ڏکڻ آمريڪا ۾ به پوهو مل وارا شروعاتي
واپاري مڃيا وڃن ٿا. هي چيني، ويٽنامي ۽ جپاني
قومون جيڪي اڄ نظر اچن ٿيون، اهي مڙيئي گهڻو گهڻو
پوءِ بزنيس خاطر گهر کان ٻاهر نڪتا. سنڌي ورڪي
ائسوسيئيشن 1918ع ۾ ٺهي، جنهن جو پهريون صدر مکي
هرڪشن داس ٻارهن سالن تائين رهيو. ديوان ڀيرو مل
1947ع ۾ جيڪي انگ اکر گڏ ڪيا، ان مطابق انهن ڏينهن
۾ ٻاهر رهندڙ سنڌ ورڪي ڀائيبندن هر سال ٻن کان
اڍائي ڪروڙ رپيا حيدرآباد موڪليا ٿي. ان کان علاوه
دنيا ۾ پکڙيل شڪارپوري سنڌي هندو واپارين شڪارپور
الڳ پئسو موڪليو ٿي.
شروعات ۾ پوهو مل حيدرآباد جي گهٽين ۾ ريشمي رومال وڪڻندو هو.
هو ضرور شڪل صورت ۾ پرڪشش ۽ همت وارو هوندو ، تڏهن
ته انگريزن جو هن ڌيان ڇڪايو ۽ انگريز مصر وٺي
آيس، جتي اچي هن غاليچا وڪيا. جبرالٽر وارا کيئاني
ٻڌائيندا هئا ته پوهو مل کي ٿامس ڪڪ ڪمپنيءَ وارن
پاڻ سان گڏ ڀائيوار ڪرڻ جي آڇ ڏني پر پوهو مل
قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
پوهو مل جو نارائن داس نالي هڪ پٽ هو، جنهنجي زال جو نالو
ڦلواري هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته بيحد سهڻي ۽
سفيد رنگ جي هئي ۽ اها پهرين سنڌي عورت چئي وڃي
ٿي، جيڪا بزنيس ٽرپ تي پنهنجي مڙس سان گڏ ويندي
ايندي رهي.
انڊين انڊينچر سسٽم
اڄ ڪلهه جنهن به ملڪ ۾ وڃجيٿو چاهي هي ڏورانهون ملڪ آمريڪا هجي
يا انگلينڊ، موسم جي لحاظ کان خراب ملڪ ناروي،
سئيڊن، فنلئنڊ هجي يا آفريڪا جو نئروبي، ڪمپالا يا
ڊڪار، وڻج واپار کان بهترين ملڪ شنگهائي ۽ سنگاپور
هجي يا هانگ ڪانگ دبئي، جتي ڪٿي توهان کي هم وطني
۽ هم زبان نظر ايندا، جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان انهن
ملڪن ۾ گهمڻ، تعليم، علاج يا نوڪري ۽ بزنيس لاءِ
آيل هوندا.
1970ع جي شروعات ۾ جڏهن جهاز هلائي پهريون دفعو ملائيشيا،
سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ پهتاسين ته اتي
جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اسان جي ملڪ
جي پنجابي، پٺاڻن ۽ سنڌي هندن کي انهن ملڪن جون
مڪاني زبانون ڳالهائيندو ۽ اتي جي ڪلچر سان مانوس
ڏسي حيرت لڳي. پوءِ خبر پيئي ته هي ماڻهو هنن پَٽن
تي پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ جا رهاڪو آهن، جڏهن
ننڍي کنڊ تي انگريزن (برطانيا وارن) جي حڪومت هئي.
انگلينڊ وارن کي، جتي جتي هنن جي حڪومت هئي، ،اتي هنن کي امن
امان قائم رکڻ ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ پوليس ۽ فوج جي
ضرورت هئي، جنهن لاءِ هنن ننڍي کنڊ جي گورکن،
پٺاڻن ۽ پنجابين کي هتي آندو ٿي. پاڪستان ٿيڻ وقت
هي ملڪ ڪي ايڏا امير يا ترقي يافته نه ئئا. انهن
کان ته صد بار انڊيا ۽ پاڪستان خوشحال هو. موسم ۽
کاڌي خوراڪ ۾ به ته تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ به. پر
ڀاڙي ۽ ٻين تڪليفن ڪري ڪيترا ننڍي کنڊ جا هتي
نوڪريون ڪندڙ گهٽ پگهار وارا غريب پنهنجي وطن موٽي
نه سگهيا ۽ هنن مڇرن ۽ مليريائي ملڪن، مينهونڳي ۽
گهٽ سهولتن وارن ملڪن جي حالتن سان سمجهوتو ڪري
ويهي رهيا. اهو ته الله ڀلو ڪري لي ڪئان يو ۽ محمد
مهاتير جهڙن مرد مجاهدن جو جن آزاديءَ بعد حالت
خراب ڪرڻ بدران انهن ملڪن ۽ ماڻهن جي قسمت سڌاري
ڇڏي.
بهرحال جتي جتي انگريزن جي حڪومت هئي، اتي پوليس ۽ فوج ۾ اسان
جي ملڪ جا پنجابي ۽ پٺاڻ، رهيا ٿي ۽ دڪانن ۽ واپار
وڙي کي هلائڻ لاءِ اسان جا سنڌي هندو رهيا ٿي.
بزنيس لاءِ امن امان ۽ انصاف ضروري آهي،
ڪميونيڪيشن ۽ رستا ضروري آهن. انگريز جتي به رهيا
ٿي انهن اهڙين ڳالهين کي ترجيح ڏني ٿي ۽ سنڌي هندن
دل کولي اتي پئسو لڳايو ٿي.
هڪڙا ٻيا ملڪ، جهڙوڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ سري نام، جئميڪا ٽرنيڊاڊ يا
هندي سمنڊ ۾ موريشس ۽ سيشلز ٻيٽ يا ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ
۾ فجي ۽ ٽونگا جهڙا ٻيٽ آهن، جتي پڻ جام انڊين ملن
ٿا ۽ پڇڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته هنن جا وڏا پڙ ڏاڏا
تڙ ڏاڏا تمام گهڻو اڳ، سمجهو ته ڪي هڪ سؤ سال کن
اڳ، غربت ڪري پنهنجو وطن (هندستان) ڇڏي روزگار
لاءِ هتي اچي مزدوريون ۽ پورهيا ڪيائون. هنن جي
آمريڪا ۾ آيل، انهن کان به اڳ آفريڪا جي شيدي
پورهيتن کان ڪجهه مختلف پوزيشن سمجهي وڃڻ کپي.
آمريڪا جي ڌرتيءَ تي جڏهن يورپ جي قومن جو قبضو ٿيو ته هنن اتي
جي گهاٽن جهنگلن کي وڍرائڻ ۽ ڍنگ جي پوک ڪرائڻ
لاءِ آفريڪا کان شيدي آندا جن کي هو غلامن طور
وٺي ايندا هئا. ڪي سال هي بزنيس هلندو رهيو. هڪڙا
آفريڪا جي ملڪن تي حڪومت ڪرڻ وارا يورپي ٻيا هنن
جا مڪاني ڪمدار، گڏجي جانورن وانگر مڪاني ماڻهن
(شيدين) کي جهليندا هئا ۽ گهرن مان چورائي غلامن
جي بازارين ۾ ٻاهران آيل سوداگرن کي وڪڻندا هئا،
جيڪي وهٽن وانگر هنن جو قد بت ۽ عمر ڏسي اگهه
چُڪائيندا هئا ۽ پوءِ انهن رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳن کان
جيڪي چوپائي مال جي جهازن تي آسٽريليا کان عرب
ملڪن ڏي نيا وڃن ٿا، انهن کان به خراب حالت ۾ انهن
شيدي غلامن کي پاڻيءَ جي جهازن رستي آمريڪا پهچايو
ٿي. بک، اُڃ ۽ سفر جي ڏکائين ڪري ڪيترن جو رستي تي
موت ٿي ويو ٿي ۽ ڪيترين حالتن ۾ ته کاڌي جو خرچ
بچائڻ ۽ باقي بچيلن کي آمريڪا جي ڪناري تائين
صحيح حالت ۾ پڄائڻ لاءِ مري ويلن جو گوشت انهن کي
کارايو ويو ٿي. آمريڪا پهچي هنن غلامن جو وري
نيلام عام ٿيو ٿي ۽ ڳري اگهه تي وڪڻي سفر جو ۽ ٻيو
خرچ ڪڍيو وويو ٿي. اڄ جيڪي آمريڪا ۾ توهان کي شيدي
نظر اچن ٿا، انهن مان گهڻي ڀاڱي انهن مجبور ۽
مظلوم آفريڪي شيدي غلامن جو اولاد آهن. غلامن جي
وڪري مان نه فقط يورپي قومن پر عربن به چڱو ڪمايو
۽ هر هڪ کي وڏو چشڪو لڳل هو ۽ شيدي غلام نه فقط
آمريڪا روانا ڪيا ويا ٿي پر سنڌ ۾ ميرن جي درٻار ۽
حويلين لاءِ ۽ ترڪيءَ جي حرمسرائن لاءِ وڪرو ڪيو
ويو ٿي. آخر هن انساني وڪري کي ٻنجو به انگريزن
ڏياريو. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح ڪافي حد
تائين ان واپار تي بندش وڌي ويئي.
1834ع ۾ غلامن جي وڪري تي ته بندش وڌي ويئي پر نيون نيون
ڪالونيون حاصل ڪندڙ انگريز، فرينچ ۽ ٻيون يورپي
قومون انهن کي ڪيئن ٺاهين. سري نام ۽ فجي جهڙن
ٻيٽن تي ڪمند جهڙي ڏکي پوک کان مڪاني ماڻهو نه
ڄاڻو هئا ۽ نه هنرمند، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ رٻڙ
جي پوک لاءِ ته ڏکڻ هندستان جي تاملن جي ئي ضرورت
هئي.سو اهڙين ڏکين پوکين ۽ پورهين لاءِ هندستان
مان مزور آڻن لاءِ
Indian Indenture Labour Law
ٺاهيو ويو، جنهن موجب ننڍي کنڊ جي غريب ماڻهن سان
ڪلڪتي مان جهاز ڀري فجي، ماريشس، سيچلز ويندي سري
نام ڏکڻ آمريڪي ڪالونين ۾ موڪليا ويا ٿي، جن
مزدورن نيم غلاميءَ جي حالتن ۾ انگريز ۽ يورپي
Planters
(جاگيردارن) وٽ ڪم ڪيو ٿي.
انڊين Indenture
سسٽم موجب اهي انڊين، جيڪي انگريزن فرينچن يا ٻين
يورپي قبضي هيٺ ٻيٽن يا ملڪن ۾ مزدوري لاءِ ويا
ٿي، انهن کي جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ مئجسٽريٽ جي
آفيس ۾ حاضر ٿيڻو پيو ٿي ۽ قسم نامي هيٺ ڊڪليئر
ڪرڻو پيو ٿي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو ملڪ
ڇڏي پرديس پورهئي لاءِ وڃن پيا. پورهيتن کي مالڪ
جي نمائندي سان پنج سال نوڪري ڪرڻ جو
Contract
ڪرڻو پيو ٿي ته هو ان کان اڳ نه موٽندا ۽ هو آچر
کان علاوه هفتي جا باقي ڇهه ڏينهن هر روز نو ڪلاڪ
زمين کيڙڻ، پوکڻ ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪم (جيئن ته
چيچڙن ۾ ڪمند کي نپوڙي ڳڙ ٺاهڻ يا رولر مِلز ۾ رٻڙ
جا پترا ٺاهڻ، جن کي سولائيءَ سان ايڪسپورٽ ڪيووڃي
ٿو) ڪندا. هنن کي ماهانو پگهار اٺ رپيا ملندو هو ۽
ان سان گڏ راشن جو سامان پڻ ڏنو ويو ٿي.
هنن پورهيتن کي انڊيا موٽي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ۽ پنجن سالن بدران
ڏهه سال مزدوري ڪرڻ لاءِ همٿائڻ خاطر هر مزدور کي
ڏهه سال پورا ڪرڻ تي زمين ٽڪرو ۽ ڪجهه رقم وڌيڪ
ڏني ويئي ٿي ته جيئن هو ٽڪي پوي ۽ پنهنجو ٻني ٻارو
به ڪندو رهي. شادي شده مزدورن کي پنهنجي زال سان
گڏ اچڻ جي به موڪل ڏني ويئي ٿي، جيئن گهڻي کان
گهڻا پورهيت ۽ هاري ناري پنهنجو ملڪ انڊيا ڇڏي
انگريز ۽ يورپين جي حڪومت هيٺ هلندڙ ڏورانهن ڏيهن
۾ هلي ڪم ڪن. ايتريقدر جو اهي مزدور جن کي هڪ کان
وڌيڪ زالون هيون، انهن کي پنهنجيون مڙيئي زالون
پاڻ سان وٺي هلڻ جي اجازت ڏني ويئي. اهڙيءَ طرح
ڪيترائي غريب ۽ بي روزگار پنهنجو ۽ ٻچن ٻارن جو
پيٽ پالڻ لاءِ دنيا جي مختلف ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ويندا
رهيا. کين هندستان مان کڻي وڃڻ لاءِ پهرين ڪلڪتي
بندرگاهه کان جهاز روانا ٿيندا هئا پر پوءِ مزدورن
جو تعداد وڌڻ تي مدراس ۽ بمبئي بندرگاهن کان به
جهاز هلڻ لڳا.
غلامن جي وڪري تي 1834ع ۾ بندش پوڻ بعد هي جيڪو
Indian Indenture System
شروع ٿيو جيڪو 1920ع تائين هليو ۽ ننڍي کنڊ جا
ڪيترائي پورهيت ۽ مزدور ڌارين ۽ ڏورانهن ملڪن ۾
ٽِڪي پيا. هڪ رپورٽ موجب انڊيا کان رڳو موريشس
ساڍا چار لک ماڻهو ويا. اهڙيءَ طرح سري نام (ڏکڻ
آمريڪا) اڍائي لک، ٽرنيڊاد (جنهن ۾ وي. سي نائيپال
جهڙي ليکڪ جا وڏا به اچي وڃن ٿا) ڏيڍ لک، جئميڪا
چار لک، ناتال ڏکڻ آفريڪا ٻه لک، فجي هڪ لک کن (جن
۾ اڄ جي انڊين هاءِ ڪمشنر وجي سنگهه جو پڙ ڏاڏو ۽
تڙ ڏاڏو رام چندر ۽ پڌم ڪمار به اچي وڃي ٿو)،
سيشلز ست هزار، ممباسا، زئنزيبار وغيره 32 هزار...
۽ اهڙي طرح ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن ڏي ننڍي کنڊ جي ماڻهن
پنهنجي ڌرم ڀومي ڇڏي وڃي پرديس جا ڪک وسايا.
ورجينيا، مئري لئنڊ ۽ پينسلوانيا ۾
رستو ٺهيو ئي ڪونه حادثا ڇا ٿين.......
حيدرآباد جي اعجاز شيخ ۽ خيرپور جي عرفان جماڻيءَ سان منهنجي
ملاقات واشنگٽن ۾ ملهايل سنڌي شام ۾ ٿي. اعجاز (ڄم
جي تاريخ 3 ڊسمبر 1966) منهنجي دوست ۽ هاڻ مائٽ
رفيق شيخ جو وڏو پٽ آهي. هو ڪجهه سالن کان پنهنجي
زال ۽ ٻارن سان هتي آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ پئٽرول پمپن
جو ڪاروبار اٿس. اعجاز وارن سان منهنجي مائٽي ان
ريت آهي جو اسان جو ننڍو ڀاءُ آفتاب جيڪو ڪئناڊا
رهي ٿو ان جي زال شبانا اعجاز جي سئوٽ ۽ سندس ننڍي
چاچي حاجي سليمان شيخ جي ڌيءَ آهي. اعجاز سان اسان
جا ٻه رشتا ٻيا به آهن، هڪ ته اعجاز جي والده اسان
جي ڀاءُ جهڙي دوست اقبال ترڪ جي ماسات ٿئي ۽ اعجاز
جي زال سُهڻي (اصل نالو شائسته) منهنجي ڀاڻيجي
ثمير وسطڙو جي سئوٽ آهي. منهنجو پيٽارو جو ڪلاس
ميٽ ۽ ثمير جو والد ڪئپٽن بشير وسطڙو ۽ سهڻي جو
والد شهاب وسطڙو سڳا ڀائر آهن ۽ سندن اصل ڳوٺ
نوشهري فيروز ضلعي جو مچڙ نالي آهي.
مون کي اها خبر هئي ته اعجاز شيخ آمريڪا جي رياست جارجيا يا
فلوريڊا ۾ آهي پر مون اهو
expect
نه پئي ڪيو ته هو اتان هلي ملي هيڏانهن واشنگٽن،
هيءَ سنڌي شام ملهائڻ لاءِ ايندو. فنڪشن واري هال
۾ گهڙيس ته هو سامهون ئي پنهنجي هن خيرپور جي دوست
عرفان جماڻي سان گڏ ويٺو هو. بلڪه آيل مهمانن ۾
(پاڪستاني مهمانن ۾) هي ٻه ڄڻا ئي هئا، جيڪي مقرر
وقت موجب هال ۾ پهچي ويا هئا. ٻيا هتي جا گورا
آمريڪي مهمان هئا، جيڪي ڪارڊ تي لکيل وقت پڙهي ان
موجب پهچي ويا هئا، جو هو اسان وانگر غير
Punctual
نه آهن.
اعجاز وڏي سڪ سان مليو ۽ ٻڌائين ته هو هتي ويجهو ميريلينڊ رياست
جي سلور اسپرنگ واري علائقي ۾ شفٽ ٿيو آهي، جيڪو
هتان واشنگٽن کان ڪلاڪ جي
Drive
تي مس آهي. ”اڄ آئون ورجينا پنهنجي هن دوست عرفان
سان ملڻ آيس ته خبر پئي ته واشنگٽن ۾ ڪو سنڌين جو
فنڪشن هلي رهيو آهي سو ٻئي ڄڻا هيڏانهن هليا
آياسين.“ اعجاز ٻڌايو ۽ هن مون کي واشنگٽن ۾ رهڻ
بدران پاڻ وٽ هلڻ لاءِ چيو.
”آئون هتي ڇڙهن جي فليٽ ۾ وڌيڪ آرام ۽ آزادي محسوس ڪندس، جتي
اسان جي ڳوٺ جو پاڙيسري نجم ميمڻ به رهيل آهي“ مون
اعجاز کي ٻڌايو ۽ واعدو ڪيو مانس ته هن دفعي نه ته
ٻئي دفعي هڪ ڏينهن لاءِ هلي اچي تنهنجو گهر به
ڏسبو.
هن پاسي کان اڻ واقفڪارن لاءِ ايترو لکندو هلان ته واشنگٽن ۽
ورجينا رياست جي پوزيشن ائين آهي، جيئن اسلام آباد
۽ راولپنڊي جي يا ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي. واشنگٽن
اسلام آباد وانگر آمريڪا جو فيڊرل ڪئپيٽل يعني
گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ جيئن اسلام آباد پاڪستان جي
باقي صوبن جي مقابلي ۾ ننڍڙو آهي يا ڪئالالمپور
(ملائيشيا جو فيڊرل ڪئپيٽل) ملائيشيا جي تيرهن
رياستن جي مقابلي ۾ ننڍڙو آهي، تيئن هي واشنگٽن
شهر جو علائقو آمريڪا جي پنجاهه رياستن جي مقابلي
۾ بيحد ننڍڙو آهي. ايتري قدر جو واشنگٽن جي فيڊرل
آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ هتي واشنگٽن ۾ رهڻ بدران ڀر وارين
رياستن ورجينيا، ميريلئنڊ وغيره ۾ رهن ٿا. ڪيتريون
ئي آفيسون جيڪي واشنگٽن ۾ هجڻ کپن، جاءِ جي کوٽ يا
ڳرين مسواڙين ڪري ورجينا رياست ۾ آهن، جيڪا
واشنگٽن وٽان وهندڙ پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي ڪناري
کان شروع ٿئي ٿي. هڪ ٻي ڳالهه ته واشنگٽن نالي
آمريڪا ۾ رياست به آهي جيڪا آمريڪا جي بلڪل ٻئي
ڇيڙي تي پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. مونجهاري کان
بچڻ لاءِ آمريڪا جي هن گادي واري شهر واشنگٽن سان
گڏ
DC
اکر به لڳايا وڃن ٿا يعني هي گادي وارو شهر
واشنگٽن ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آهي.
اعجاز مون سان ملڻ وقت پنهنجي هن ورجينيا واري دوست عرفان
جماڻيءَ سان هي چئي ملايو ته هي چاچا الطاف آهي،
پاڪستان کان آيو آهي. عرفان مون سان هٿ ملائي پاسي
تي لاتعلقي واري نموني سان بيٺو رهيو ۽ اعجاز سان
ڪجهه منٽ خبرون ڪري آئون اڳيان هليو آيس، جتي
منهنجي ڳوٺائي نجم ميمڻ ۽ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي
ڊائريڪٽر منور لغاريءَ مون کي ٻين سان ملائڻ ٿي
چاهيو. منهنجي دل چاهيو پئي ته اعجاز جي دوست
عرفان جماڻيءَ کان پڇان ته هو ڪٿي اسان جي دوستن ۽
ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن شوڪت جماڻي، اقبال جماڻي يا
ائڊمرل بخت علي جماڻيءَ مان به ڪنهن کي سڃاڻي يا
نه پر جيئن ته هو به خاموش هو ۽ ٻي ڳالهه ته
پڙهائي، نوڪرين ۽ ڌنڌن جي ڪري هر ذات جا ماڻهو سنڌ
جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ملن ٿا. ايتريقدر جو
هتي آمريڪا ۾ ئي کڻي پڇ ته ڏاهري يا ناريجا يا
سومرا سڃاڻو ته ٻڌائڻ وارو يڪدم سوال ڪندو ته ڪهڙا
ناريجا؟ يا ڪهڙا مغل؟ هيوسٽن وارا، نيو يارڪ وارا
يا ڪئليفورنيا وارا؟ سو ٿي سگهي ٿو هي عرفان جماڻي
سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيڻ بعد
هيڏانهن هليو آيو هجي.
فنڪشن اڃان شروع نه ٿيو هو ۽ اڳيان ويٺلن سان مون ڪا ٿوري دير
ڪچهري ڪئي هوندي ته ڏسان ته اعجاز شيخ ۽ عرفان
جماڻي مون ڏي پيا اچن.
”چاچا عرفان توهان سان ملڻ ٿو چاهي“ اعجاز چيو. مون هڪ دفعو وري
عرفان سان هٿ ملايو.“ خير ته آهي؟ آئون جنهن وقت
هن هال ۾ گهڙيو هوس ته پهرين توهان سان ئي ملاقات
ٿي هئي.“ مون کلندي عرفان کي چيو.
ان وقت مون سمجهيو ته توهان فقط اعجاز جا انڪل آهيو. مون کي اها
خبر نه پيئي ته توهان اهي الطاف شيخ آهيو جيڪو
ليکڪ آهي ۽ جنهن جون لکڻيون آئون شوق سان پڙهان
ٿو. پليز معاف ڪجو مون توهان کي نه سڃاتو. عرفان
ايترو ته شرمساري سان چوڻ لڳو ڄڻ هن کان واقعي ڪا
غلطي ٿي هجي ۽ آئون دل ئي دل ۾ اهو محسوس ڪري خوش
ٿيڻ لڳس ته ٻيلي اديبن ۽ شاعرن جي به ڪي عزت ڪرڻ
وارا آهن. اڃان ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي ۽ عرفان
جماڻي ته ڪو منهنجو (بلڪه منهنجي لکڻين جو) سچو
عاشق ٿي لڳو جو ان وقت کان وٺي فنڪشن جي آخر تائين
۽ پوءِ به مون کي ٽيليفون تي پاڻ وٽ گهمڻ لاءِ
دعوت ڏيندو رهيو.
”انشاء الله ويڪ اينڊ تي ڏسنداسين.“ مون کيس فون تي چيو ٿي.
ڪيترا اهڙا هوندا آهن جيڪي تڪلف طور هڪ دفعو ضرور
چوندا آهن ۽ پوءِ ڳالهه وسري ويندي اٿن پر هتي مون
کي ڳالهه وسري ويئي ٿي پر عرفان جماڻيءَ کي هرگز
نه.
”سائين توهان رڳو حڪم ڪريو ته آئون اچي توهان کي واشنگٽن مان
وٺي وڃان.“
”نه .نه . آئون ئي هليو ايندس. اڃا ته هتي ئي آهيان ڪجهه ڏينهن
بعد ڏسون ٿا. ڀلا توهان واندا ڪهڙي ڏينهن تي ۽
ڪنهن وقت هوندا آهيو؟“، مون پڇيو.
”سائين منهنجي واند ڪائيءَ جو فڪر نه ڪريو. منهنجو جاب اهڙو آهي
جو توهان خاطر آئون ڪنهن وقت به موڪل ڪري سگهان
ٿو.“
”پر يار تون اجائي تڪليف نه ڪر هتي منهنجا ڪجهه پيٽارو جا مون
وانگر واندا ۽ پوڙها ڪلاس ميٽ آهن، جن سان آئون
پيو چڪر هڻان.“ مون عرفان کي چيو.
”نه سائين مون لاءِ تڪليف نه پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
عرفان جي خلوص نيتي کي داد ٿو ڏجي جو هو ور ور ڏيئي مون کي فون
ڪندو رهيو ۽ هر دفعي منهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي
ڳالهه ٻڌائيندو رهيو ٿي ته توهان فلاڻي ملڪ جي
فلاڻي ڳالهه واه جي لکي آهي، توهان جي فلاڻي ڪتاب
واري هيءَ ڳالهه مون پنهنجن اڙدو ۽ پنجابي ڳالهائڻ
وارن دوستن کي به ٻڌائي آهي. ۽ فلاڻي
ڳالهه.........“
آئون دل ۾ سوچڻ لڳس ته چڱو جو عرفان جماڻيءَ جهڙو ڪو پرستار
شروع ۾ نه مليو نه ته ليکڪن جو هي قدر ڏسي آئون
جهاز هلائڻ يا ڪا ٻي نوڪري ڪرڻ بدران سفرناما ئي
لکندو رهان ها. پر اها به ڳالهه آهي ته جي جهاز نه
هلايان ها، ملائيشيا، جپان ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾
نوڪري نه ڪريان ها ته پوءِ سفرناما ڪيئن لکي سگهان
ها.
واشنگٽن ۾ پهريون دفعو هفتو ٻه رهي چپڙي ڪري نيو جرسي موٽي اچي
عرفان کي فون ڪيم ته هاڻ ته ڳوٺان اچي نڪتو آهيان.
”سائين مڙيئي خير آهي. بالٽيمور ۽ فلڊلفيا ته ايندو رهان ٿو،
اتان نيو جرسي آهي ئي ڪيترو پري. رڳو حڪم ڪريو ته
توهان کي اتان وٺي اچان ۽ پنهنجي رياست ورجينيا ۽
اعجاز شيخ جي ميريلئنڊ توهان کي گهمايان“ عرفان هڪ
دفعو وري وڏي خلوص ۽ پيار مان چيو. فون تي خبرون
چارون ڪرڻ دوران اها به خبر پئجي ويئي ته عرفان ڪو
ڌاريون نه پر اسان جي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ شوڪت
جماڻيءَ جو به ويجهو مائٽ آهي. ساڳي وقت گهر (نيو
جرسي) پهچڻ تي گهر جي سڀني ڀاتين اهو ئي چيو ته
واشنگٽن ۾ هوندي مون کي سهڻي (اعجاز شيخ جي زال
شائسته وسطڙو) وارن جي گهر ضرور وڃڻ کتو ٿي، جيئن
حيدرآباد ۾ سهڻي جا ماءُ پيءُ (پروين ۽ شهاب
وسطڙو) پڇن ته اسان جي ڌيءَ سان مليا ئو ته انهن
کي ڪهڙو جواب ڏجي. ان بعد هفتي ٻن کانپوءِ جيئن ئي
منهنجو واشنگٽن وڃڻ جو وري پروگرام ٺهيو ته مون
يڪدم عرفان کي فون ڪيو ته يار هن دفعي تو سان ۽
اعجاز سان ضرورملبو.
”اعجاز به مون کي اهو ئي پئي چيو ته الطاف اچي ته وٺي اچجانس“
عرفان ٻڌايو ۽ اسان هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ته عرفان ان
ڏينهن تي صبح جو مون کي واشنگٽن مان وٺي هلندو.
ڪجه ڏينهن بعد آئون واشنگٽن آيس. پروگرام موجب صبح جو پوري
نائين وڳي عرفان جماڻي ۽ ان سان گڏ اعجاز شيخ به
هو، مون کي وٺڻ لاءِ واشنگٽن جي ڏکڻ اوڀر واري
علائقي جي ستين گهٽيءَ ۾ آيا، جتي
L’Enfant
پلازا واري ميٽرو اسٽيشن ڀرسان فلئٽ ۾ ترسيل هئس.
”ڪريو خبر ٻئي اچي نڪتا آهيو“، مون خاص اعجاز کي چيو جيڪو ڪافي
پري کان آيو هو. عرفان جماڻي ته وري به هتي ويجهو
پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي ڪناري تي ورجينا رياست ۾ ٿي
رهيو. ”توهان اجائي تڪيلف ڪئي آئون عرفان جماڻيءَ
سان هليو اچان ها.“
”تڪليف بلڪل ناهي،“ اعجاز شيخ چيو، ”منهنجو پنهنجو به هن پاسي
ڪم هو ۽ هونئن به هتي آمريڪا ۾ ڊرائيونگ ايڏو نٿي
ٿڪائي. هن ٻن رياستن کي پار اڪرڻ ڄڻ ته روز جي ڪمن
۾ شامل آهي.“
اعجاز جي اها ڳالهه حقيقت تي مبني آهي. آمريڪا ۾ هر هڪ کي ڏاڍي
ڊرائيونگ ڪرڻي پوي ٿي. گهر کان آفيس، گهر کان
دڪان، گهر کان اسڪول، گهر کان دوستن جي گهر ۽ هر
شيءِ ڏور اوڀر جي ملڪن (سنگاپور،هانگ ڪانگ، جپان
وغيره) وانگر هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ ڳتيل هجڻ بدران
ميلن جي پنڌ تي آهي. ڪو توهان کي چوي ٿو ته هن جو
گهر ويجهو آهي ته به راڻيپور گمبٽ جيتري فاصلي تي
هوندو ۽ نه وري آمريڪا ۾ اسان جي ملڪ وانگر يا
ملائيشيا، ٽوڪيو، لنڊن، اسٽاڪهوم وانگر بس سروس
آهي. هيڏي وڏي آمريڪا جي صرف ڪجهه شهرن (نيويارڪ،
واشنگٽن، بالٽيمور، سئن فرانسسڪو) ۾ بس سروس آهي
سابه شهر جي محدود علائقي اندر. هرهڪ پنهنجي
گاڏيءَ ۾ سوار نظر ايندو ۽ هر شي فاصلي تي هجڻ ڪري
رستن تي پنڌ ته ڪو ورلي نظر اچي ٿو تڏهن ته هڪ هنڌ
لکي چڪو آهيان ته آمريڪا ۾ هر وقت رستن تي ايتريون
ته موٽر ڪارون نظر اچن ٿيون جو لڳي ٿو ته گهر ۾ ته
ڄڻ ڪو آمريڪن رهي ئي ڪونه ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پل
مٿان يا ڪنهن مٿاهين ليلول تان رستن ڏي نظر ڪبي ته
نظر کٽڻ تائين ڪارن جون چار چار يا ڇهه ڇهه ۽ ڪٿي
ته اٺ اٺ قطارون اينديون ۽ وينديون نظر پيون
اينديون ۽ اهي ڪارون ائين لڳنديون آهن ، ڄڻ ماڪوڙن
جون اڻ کٽندڙ قطارون هجن.
بهرحال آمريڪا جي ڊرائيونگ جي هڪ ڳالهه آهي ته آمريڪا ۾ قاعدو
قانون سخت آهي، رستا ويڪرا ۽ بهترين آهن، گاڏي
هلائيندڙن جي سهولت لاءِ جتي ڪٿي روڊ ۽ ايندڙ
شهرن، ساهي وٺڻ لاءِ هوٽلن ۽ هاءِ وي تان لهي مقرر
exit
ڏي رخ ڪرڻ لاءِ چٽا ۽ وڏا بورڊ لڳل آهن، جيڪي ڪار
هلائيندڙ کي هر وقت خبردار ڪندا رهن ٿا ۽ ممڪن
خطري جو چتاءُ ڏيندا رهن ٿا. ان ڪري آمريڪا ۾
ڊرائيونگ ٿڪائڻ واري هجڻ بدران وڻندڙ ۽ مزيدار لڳي
ٿي. ان کان علاوه هتي جي رستن تي هلندڙ ڪارون به
هڪ کان هڪ اعليٰ، مضبوط، وڏيون ۽ طاقتور آهن. جپان
۾ ڏهه سال کن اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ دوران خبر نه پئي پر
هتي آمريڪا ۾ اچي خبر پوي ٿي ته جپان ايڏيون وڏيون
۽ نموني نموني جون ڪارون به ٺاهي ٿو. ظاهرآهي
هوڏانهن جپان توڙي ڏور مشرق جي ٻين ملڪن ڏي نه آهن
آمريڪا جهڙا رستا ۽ نه ماڻهن وٽ پئسو جو اهڙيون
ڪارون
afford
ڪري سگهن.
عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته قاعدي قانون ۽ ان تي سختيءَ سان عمل هجڻ
ڪري هر هڪ پنهنجي ليڪ اندر تيز رفتار سان گاڏي
هلائيندو رهي ٿو ۽ حادثو ڪو ورلي ٿئي ٿو.
”۽ جڏهن ٿئي ٿو“، اعجاز چيو، ”ته به ڊرائيور کي خبر نٿي پوي.“
”بلڪل صحيح ٿوچوين“ مون اعجاز جي ڳالهه سمجهي مرڪيو. باوجود سخت
قانون جي ڪڏهن ڪڏهن ڪو نشي جي حالت، يا موبائيل
فون تي ڳالهائڻ دوران غلطي ڪري ٿو وجهي، يا ٽائر
برسٽ ٿيو ٿو پوي ته پوءِ گاڏيءَ يا ان جي هلائڻ
واري کي ٿوري گهڻي رهنڊ يا
dent
نٿو لڳي. هڪ ٻئي پويان تيز رفتار گاڏين ڪري، غلطي
ڪرڻ واري جي گاڏيءَ سان گڏ درجن کن ٻيون گاڏيون به
چپجيو ۽ چيڀاٽجيو،
Scrap
ٿيو وڃن ۽ انهن ۾ ويٺل ڪو ورلي بچي ٿو جيڪو پنهنجي
ڀڳل هڏ گڏ جي دانهن ڪري سگهي.
بهرحال مسلمان آمريڪا ۾ به آهن پر هتي شايد اسان جهڙا تعميري
ڪمن جو پئسو ڦٻائڻ وارا وزير، رشوت کائيندڙ
انجنيئر ۽ ڪميشن وٺڻ وارا ٺيڪيدار نه آهن نه ته
هتي آمريڪا ۾ به سنڌ جي ڳوٺن جهڙا رستا هجن جيڪي
مينهن جي پهرئين وسڪاري تي ئي تباهه ٿيو وڃن ۽
انهن مٿان هلندڙ ڪارن جي ستيا ناس ٿيو وڃي. اڳئين
دور جي حڪومت جي هڪ وزير وڏي فخر سان پئي ٻڌايو ته
هن ٽي ڪروڙ چاليهه لکن جي لاڳت سان جيڪو هن پنهنجي
تر جي علائقي ۾ رستو ٺهرايو ان تي اڄ تائين ڪو
حادثو ته ڇا پر ڪنهن ڪار کي هلندي جهانڪو (لوڏو)
به نه آيو آهي ۽ پوءِ هو پنهنجا اڻ
Scale
ٿيل هئڊا ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.
محفل ۾ ويٺل ان جهڙي ٻئي بشني عوامي نمائندي ڳجهارت سمجهي اسان
کي چيو ته ”هي ڀوتار صحيح ٿو چوي. اڍائي ڪروڙ پاڻ
رکيا هئائين، باقي پئسو انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن حصا
پتيون ڪيو، رستو ٺهيو ئي ڪونه حادثا وري ڇا تي
ٿين.“
رياستن جي ماءُ- ورجينيا
واشنگٽن جو شهر ڇڏڻ لاءِ عرفان ستين گهٽيءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي تان
Maine
ايونيو تي آيو، جنهن تي ميل ٻه اڳيان هلي چوڏهين
گهٽيءَ واري روڊ وٽان ڦري پوٽومئڪ ندي اڪري ٻئي
پاسي ورجينا رياست پهچڻ لاءِ آئرلينڊ وليمس پل تي
چڙهيو. واشنگٽن شهر جي مختلف هنڌن تان ورجينيا
رياست وڃڻ لاءِ وچ ۾ وهندڙ پوٽو مئڪ ندي لتاڙڻي
پوي ٿي ۽ جيئن سنڌو نديءَ مٿان سکر بئراج، مورو
دادو پل، ڄامشورو واري بئراج، ڪوٽڙي برج وغيره
آهن، تيئن پوٽو مئڪ نديءَ مٿان به ڪيتريون ئي
پليون آهن، جهڙوڪ: فرانسز اسڪاٽ ڪي برج، ٿيوڊور
روزويلٽ برج، آرلنگٽن ميموريل پل، جارج مئسن پل،
Rocheambeau
برج وغيره. اهي پليون هتي جي اهم ماڻهن نالي آهن ۽
واشنگٽن ڊي سي سڄي آمريڪا جي گاديءَ جو شهر هجڻ
ڪري سڄي آمريڪا
USA
جي رياستن جي نالن تان هتي جي رستن جا نالا آهن،
جيئن ته وائيٽ هائوس وٽان لنگهندڙ پينسلوانيا ۽
نيويارڪ ايوينيو، يونين اسٽيشن وٽ اچي لڳندڙ
مئساچوسيٽس، لوزيانا ۽ ڀر ۾ نيوجرسي ايوينيو.
Dupont
سرڪل وٽ اچي ملندڙ ڪنيڪٽيڪٽ، هئمپشائر ۽ ٿورو
اڳيان پاسن کان وهندڙ فلوريڊا ۽ روڊي آئلنڊ
ايونيو، وغيره. اعجاز شيخ ٻڌايو ته هُن هِن ئي
هفتي مئريلينڊ مان شفٽ ٿي پينسلوانيا ۾ رهائش
اختيار ڪئي آهي.
”خير ته آهي؟ آئون آمريڪا اچي رهيو هوس ته تنهنجي سَسُ (پروين)
ٻڌايو ته توهان آمريڪا جي رياست اوهيو
OHIO
۾ رهو ٿا. مهينو کن اڳ جڏهن سنڌي شام ۾ ملاقات ٿي
ته توهان ٻڌايو ته مئريلينڊ جي علائقي سلور اسپرنگ
۾ رهون ٿا ۽ هاڻ وري پينسلوانيا شفٽ ٿي ويا
آهيون.“
”سائين بلڪل صحيح ٿا چئو“ اعجاز کلندي چيو“ ۽ هاڻ انشاء الله
اتي ئي رهنداسين جو اهو گهر خريد ڪيو اٿئون“
”۽ پهرين وارن گهرن ۾ مسواڙ نه ڏيڻ ڪري مالڪ مڪان لوڌي پئي ڪڍيو
ڇا؟“ مون چرچي طور چيو.
”ڳالهه اها آهي چاچا“ اعجاز چيو، ”مون ڄاڻي واڻي هيستائين گهر
نه پئي ورتو. ٿئي ڇا ٿو جو گهر خريد ڪرڻ کانپوءِ
ماڻهو ڄڻ ته ان رياست سان ٻڌجيو وڃي ۽ پوءِ ٻين
سٺن هنڌن جي ڳولا ڪرڻ بدران فقط پنهنجي گهر جي
چوڌاري محدود ٿيو وڃي. ان ڪري آئون گذريل ٽي سال
کن مختلف رياستن ۾ رهي بزنيس جو جائزو وٺندو رهيس.
هاڻ فائنلي هتي پينسلوانيا ۾ ٻه کن پئٽرول پمپ
ورتا اٿم ۽ گهر به انهن جي ئي ويجهو ورتو اٿم،
جيئن اچڻ وڃڻ ۾ مون کي سهولت ٿئي. ٻارن جو اسڪول
به رستي تي آهي، ڪم تي وڃڻ وقت ٻارن کي اسڪول
ڇڏيندو ويندو آهيان. رڌ پچاءُ جو ڪم لاهي پوءِ زال
کين موڪل مهل اسڪول مان وٺندي ايندي آهي.“
”چئبو ته هينئر پاڻ سڌو پينسلوانيا رياست هلنداسين“ مون اعجاز
کي چيو. اهڙي خبر هجي ها ته نيوجرسيءَ کان هڪ سئو
ڊالرن جي ٽڪيٽ وٺي هتي واشنگٽن اچڻ بدران چاليهه
ڊالرن جي ٽڪيٽ وٺي رستي تي فلڊلفيا (پينسلوانيا
رياست جو وڏو شهر، بندرگاهه ۽ ريلوي اسٽيشن) تي
لهي پوان ها، جتان پوءِ اڌ ڪلاڪ اندر گرين ڪئسل
پهچي وڃون ها، جتي تو گهر ورتو آهي.“
”پر ريل جي سفر ۾ اهو مزو ناهي جيڪو باءِ روڊ پاڻ ٻهراڙي وارو
علائقو وٺيو ٿا هلون“ عرفان جماڻيءَ چيو ”چاچا هتي
ٿوري دير منهنجي فليٽ تي هلي پوءِ اعجاز کي سندس
پراڻي واري گهر (مئريلينڊ) ۾ لاهيون ٿا، جتي سندس
پڪ اپ گاڏي بيٺل آهي، جنهن ۾ هو باقي بچيل سامان
ڀري پنهنجي نئين گهر ڏي هلندو ۽ پاڻ هن گاڏيءَ ۾
هلنداسين.“
اسين ڪڏهوڪو پوٽو مئڪ ندي ٽپي ورجينيا رياست جي رستن تي هلي
رهيا هئاسين. اسان کي هن رياست جي اليگزنڊرا
Alexandria
علائقي ۾ وڃڻو هو، جتي عرفان ٻڌايو ته هو ٻن ٻين
دوستن سان مسواڙ جي هڪ فليٽ ۾ رهي ٿو. هتي اهو
ٻڌائيندو هلان ته آمريڪا
USA
۾ ورجينيا نالي ٻه رياستون آهن ۽ ٻئي هڪٻئي جي
ڀرسان آهن. هڪ هيءَ پوٽو مئڪ نديءَ جي هن پار واري
جتي هن وقت اسين ڊرائيو ڪري رهيا آهيون ۽ ٻي هن
رياست ورجينيا جي کاٻي پاسي ۾ يعني اولهه ۾
ورجينيا رياست آهي، جيڪا ويسٽ ورجينيا
West Virginia
سڏجي. هتي هر رياست جو پيار جو به نالو آهي، جيئن
نيو جرسي رياست
Garden State
سڏجي ٿي، تيئن ويسٽ ورجينيا رياست
Mountaion
رياست سڏجي ٿي (۽ ورجينيا رياست
Old Dominian State
سڏجي ٿي).
ويسٽ ورجينيا رياست جي چوڌاري جيڪي رياستون آهن، اهي هن ريت
آهن: اتر ۾ پينسلوانيا، اتر اولهه واري ڪنڊ کان
اوهيو، بلڪل اولهه ۾ ڪنٽڪي، اتر اوڀر ڪنڊ کان
مئريلينڊ ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ کان ورجينيا رياست. ڪجهه
حصن کان پوٽو مئڪ ندي ۽ اوهيو ندي به بارڊر ٺاهي
ٿي. ويسٽ ورجينيا سڄي جابلو رياست آهي. هر هنڌ جبل
ئي جبل نظر اچن ٿا. آمريڪا جون مشهور اپالا چيان
جابلو قطارون
(Appalachian Ranges) به هن رياست ۾ آهن شايد ان ڪري هن رياست جو
Nickname
جابلو رياست پئجي ويو آهي. سندس گاديءَ وارو شهر
چارلسٽن آهي ۽ اهو ئي هن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر
آهي نه ته آمريڪا جي گهڻين تڻين رياستن جي گاديءَ
جا شهر ننڍا رکيا ويا آهن، جيئن نيويارڪ رياست جو
نيويارڪ شهر هجڻ بدران
Albany
آهي، مئريلينڊ جو بالٽيمور بدرانAnnapolis
آهي، ٽيڪساز جو هيوسٽن بدران آسٽن آهي ۽ لوزيانا
جو نيو اوورلينس بجاءِ بئٽن روج آهي، وغير.
چارلسٽن کان علاوه هنٽنگٽن، پارڪرس برگ، فيئر مانٽ ڪلارڪس برگ
پڻ ويسٽ ورجينيا رياست جا وڏا ۽ مشهور شهر آهن. هن
رياست ۾ ويانا
Vienna
نالي پڻ هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن جي آدمشماري ڪا
ٻارهن هزار مس آهي. اڄ ڪلهه
Bubble
نالي فلم هلي رهي آهي، جنهن جوڪجهه حصو ته اوهيو
رياست جي شهر
Belpre
۾ فلمايل آهي، باقي هن رياست جي مٿين شهر پارڪرس
برگ ۾. ائين ته هڪ پراڻي فلم 1971ع جي
Fools Parade
۽ 1991 جي
The Silence of Lambs
به هن رياست ۾ فلمايل آهي. اعجاز شيخ جيڪو ٽي وي ۽
فلمن جو به شوقين لڳي ٿو، تنهن ٻڌايو ته
We Are Marshall نالي فلم اچي رهي آهي، جيڪا هنٽنگٽن شهر ۾ فلمائي ويئي آهي ۽
جنهن ۾ ان شهر جي مشهور يونيورسٽي ”مارشل
يونيورسٽي“ جو پس منظر ڏنل آهي. اعجاز ٻڌايو ته
شروع وارا ٻه چار مهينا هو ويسٽ ورجينيا جي هن شهر
هنٽنگٽن ۾ پڻ رهي ويو آهي. ويسٽ ورجينيا ائٽلانٽڪ
سمنڊ جي ڪناري تي نه هجڻ ڪري اسان جو ڪڏهن به هتي
جهاز ذريعي اچڻ نه ٿيو. ڀر واري رياست ورجينيا جي
بندرگاهه نور فوڪ
Norfolk
ڪيترائي دفعا جهاز کي وٺي ايندا هئاسين. اتان پوءِ
ڊگهي موڪل تي اوهيو يا ڪنٽڪي رياستن جا شهر باءِ
روڊ گهمڻ ويندا هئاسين ته هميشه ويسٽ ورجينيا مان
لنگهه ٿيندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ويسٽ ورجينيا
جا قدرتي نظارا ڏسڻ وٽان آهن. هيءَ جابلو رياست
ضرور آهي پر هتي جا جبل لڪي ۽ کير ٿر جبلن جهڙا
ٺوڙها ۽ سنسان نه آهن پر سئٽزرلينڊ جي جبلن
Alps جهڙا سر سبز ۽ خوبصورت آهن، ان ڪري هن جابلو رياست کي ”آمريڪا
جو سئٽزرلينڊ“ پڻ سڏين ٿا. ان کان علاوه هن رياست
جو هڪ ٻيو غير سرڪاري نالو
Panhandle State
پڻ آهي يعني ڪڻڇي
Frying Pan
جو هٿو. ”ويسٽ ورجينا“ جي نقشي کي ڏسندائو ته اهو
بلڪل رڌ پچاءَ جي ڪنهن ديڳڙي
Pan
جي هئنڊل جهڙو توهان کي نظر ايندو.
اعجاز شيخ ٻڌايو ته ”ويسٽ ورجينيا“ رياست لاءِ چون ٿا ته اها
”ورجينيا“ رياست جو ئي حصو هئي پوءِ آمريڪين سول
جنگ ۾ اها الڳ ٿي ۽ 20 جون 1863ع تي رياستن جي
يونين ۾
USA سان داخل ٿي. ان ڪري ويسٽ ورجينيا رياست ۾ اڄ تائين اهو ڏينهن
20 جون موڪل ڪيو وڃي ٿو.
دراصل گهڻو اڳ نه فقط ويسٽ ورجينيا ۽ ”ورجينيا“ رياست پاڻ هڪ ئي
رياست هيون پر اها ان کان به گهڻو وڏي هئي پوءِ ان
جو ڪو حصو ڪينٽڪي رياست ٿي ويو ۽ ڪو انڊيانا سڏجڻ
لڳو ته ڪو الينوس
Illinois
رياست ٿي ويو ۽ آخر ۾ ان جو هڪ حصو ”ويسٽ
ورجينيا“ رياست ٿي ويو. ان ڪري هيءَ ورجينيا
رياستن جي ماءُ“ (مدر آف اسٽيٽس) به سڏجي ٿي ۽
عرفان جماڻيءَ جي چواڻي سندس رياست (يعني هيءَ
ورجينيا رياست جنهن جي اليگزئنڊريا شهر ۾ هو رهي
ٿو) آمريڪاجي صدرن جي ماءُ پڻ سڏجي ٿي.
عرفان جماڻي بلڪل صحيح آهي جو ”ورجينيا“ رياست آمريڪا جي اٺن
صدرن (جارج واشنگٽن، ٿامس جيفرسن، جيمس مئڊيسن،
جيمس مونرو، وليم هينري هئريسن، جان ٽيلر، ذڪاري
ٽيلر ۽ وڊرو ولسن) جي جنم ڀومي آهي. ايترا گهڻا
صدر ٻي ڪنهن به رياست ۾ نه ڄاوا. ان ڪري ورجينيا
Mother of Presidents
به سڏجي ٿي.
هڪ بيحد خوبصورت علائقي ۾ پهچي عرفان ڪار جي رفتار گهٽ ڪئي.
”منهنجي خيال ۾ تنهنجو شهر اليگزئنڊريا اچي ويو” مون عرفان
جماڻي کي چيو.
”اهو به ويجهو ئي آهي. آئون توهان کي ورجينيا جو هڪ خوبصورت ۽
ماڊرن علائقو
Crystal City ڏيکارڻ لاءِ گاڏيءَ کي هيڏانهن موڙي آيو آهيان.“ عرفان چيو.
مون نقشو ڪڍي هن علائقي جي
Location
ڏٺي.ورجينيا رياست جي آرلنگٽن ڪائونٽي جي ڏکڻ اوڀر
واري ڪنڊ ۽ واشنگٽن جي ٻهراڙي وارو هي علائقو جيڪو
هينئرڪرسٽل سٽي سڏجي ٿو، رونالڊ ريگن واشنگٽن
نيشنل ائير پورٽ جي اولهه ۾ سڏ پنڌ تي آهي. اڄ کان
پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن اسان جو جهاز هن رياست
ورجينيا جي بندرگاهه نور فوڪ
Norfolk
۾ اچي لنگر ڪيرائيندو هو، تڏهن هي ڪرسٽل سٽي وارو
علائقو ڪراچي جو سائيٽ وارو علائقو يا ڪوالالمپور
جي جالان ڪلانگ لاما واري علائقي جهڙو هوندو هو.
نور فوڪ کان واشنگٽن باءِ روڊ وڃڻ وقت آرلنگٽن
ڪائونٽي جي هن علائقي مان ٿيندو واشنگٽن پهچبو هو.
هتي رڳو ڪارخانا، ملون ڪاٺ چيرڻ جا آرا، جنڪ يارڊ
۽ سستي اگهه واريون هوٽلون، موٽلون ۽ گهٽ مسواڙ
وارا بي تربيت ۽ سادي ڪنسٽرڪشن جا گهر هوندا هئا.
ننڍي ڇت وارا واهيات نالن ۽ نيان سائين وارا بار ۽
ڊسڪوٿي هوندا هئا، جن جي اڳيان هتي جا ڪارا شيدي
ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڌڪي جا مزور، هسپانوي ڳاڙهي ناسي
رنگن وارن شيڊن وارين عورتن سان سگريٽن جا سوٽا
هڻندي يا بيئرجي ٺونٺ جيڏي بوتل پيئندي نظر ايندا
هئا ۽ هاڻ ٽوڪيو جي شنجوڪو واري علائقي جو هي
علائقو
Magnified Version
لڳي ٿو. چوڌاري وڏيون عمارتون ۽ ڪامپليڪس، ماڊرن ۽
هاءِ ٽيڪ قسم جون آفيسون، سهڻيون ۽ سيبائتيون
هوٽلون، پڪچر ڪارڊ جهڙا سهڻا ۽ سليقي وارا پارڪ ۽
رستن تي وڻڪار، ۽ سامهون واشنگٽن جو نظارو هڪ طرف
ته ٻئي طرف پينٽاگان جي عمارت، ميٽرول ريل اسٽيشن،
نيشنل ايئر پورٽ! عرفان آهستي آهستي ڪار هلائيندو
ويو. هڪ روڊ تان ٿي ٻئي تي ۽ پوءِ ٽئي تي. هڪ اڻ
کٽندڙ هوٽلن جو سلسلو- بين الاقوامي ۽ مڪاني
مشهوري جون هوٽلون. آئون هڪ هڪ جا نالا پڙهڻ شروع
ڪريان ٿو ۽ ان سان گڏ دنيا جي مشهور ڪمپنين جي
آفيسن ٻاهران انهن جا نالا پڻ پڙهان ٿو......
Booz Allen
۽ هئملٽن ڪمپني ..........Litton
لاڪ هيڊ مارٽن .....يو ايس ايئرويز ڪمپني.....ڊي
بوئنگ ڪمپني............. وغيره وغيره.
هن ڪرسٽل سٽيءَ لاءِ عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته فقط هتي پنجاهه کان
مٿي ته هوٽلون آهن. مارڪيٽون، سپر اسٽور ۽ ڪيتريون
ريسٽورنٽون انڊر گرائونڊ هجڻ ڪري سخت سيءَ،
مينهوڳي ۽ برف باري جهڙي موسم ۾ به هتي ميلو متل
رهي ٿو.
” هن ماڊرن ۽ سهڻي شهر جو نالو ڪرسٽل سٽي هتي جي پهرين وڏي
عمارت ڪرسٽل هائوس تان پيو ، “ عرفان جماڻيءَ
ٻڌايو، ”چون ٿا ته ان عمارت جي لابيءَ ۾ هڪ وڏو ۽
چمڪندڙ ڪرسٽل شانڊلير به رکيو ويو هو، جيڪو هر
لنگهندڙ جي نگاهن جو مرڪز رهيو ٿي. ان بعد ٻيون
جيڪي عمارتون ٺهنديون ويون، انهن جا نالا به
Crystal
سان رکيا ويا،جيئن ته ڪرسٽل گيٽ وي، ڪرسٽل ٽاور،
ڪرسٽل اسڪائر، ڪرسٽل مال.... وغيره وغيره. روڊ جي
سڀني دڪانن جا نالا ڪرسٽل ٿي ويا ۽ هي نئون اڀرندڙ
امير ملڪ ڪرسٽل سٽي جي نالي سان سڏجڻ لڳو.“
واشنگٽن ڊي سي جي سامهون، پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي پار، ورجينيا
رياست جي
Arlington
ڪائونٽي جي هن ننڍڙي، پر گهرن آفيسن، دڪانن ۽
هوٽلن جي
معيار کان بيحد شاهوڪار وستي
Crystal city
جي
آدم شماري ڪا ڇهه هزار مس آهي پر هر روز سومر کان
جمعي تائين هتي سٺ هزار ماڻهو ڪم لاءِ اچن ٿا،
جيڪي مختلف آفيسن ۽ هوٽلن ۾ ڪم ڪن ٿا.
ڪرسٽل سٽي کي پنهنجي ريلوي اسٽيشن به آهي، جتي
واشنگٽن جي ميٽرو (بلو ۽
Yellow
لائينون) ۽ ورجينيا ريلوي ايڪسپريس جون گاڏيون پڻ
اچن ٿيون.
انقلاب آمريڪا ۽ خيرپور جو عرفان جماڻي
عرفان جماڻي منهنجي ڪري ڪجهه دير ڪرسٽل سٽي ۾ پنهنجي ڪارس کي
ڦيرائي پوءِ پنهنجي فليٽ ڏي اليگزئنڊرا ڏي رخ ڪيو.
اليگزئنڊرا ورجينيا رياست جي مشهور شهرن مان هڪ
آهي. جيئن کڻي چئجي ته سنڌ صوبي جو حيدرآباد يا
سکر شهر، ورجينيا رياست ايراضي توڙي آدمشماريءَ ۾
ايڏي وڏي ناهي جيڏي ٽيڪساز (جيڪاالاسڪا بعد ٻيو
نمبر وڏي رياست آهي ۽ سندس پکيڙ ٻه لک ستر هزار
چورس ميل آهي) يا ڪئليفورنيا (هڪ لک چوهٺ هزار
چورس ميل) يا مونٽانا (ڏيڍ لک چورس ميل جيڪا
پاڪستان جي اڌ جيتري ٿي) ۽ لوزيانا (جيڪا ذري گهٽ
سنڌ صوبي جيڏي 51 هزار کن چورس ميل) آهي. ورجينيا
آمريڪا
USA
جي پنجاهه رياستن مان پنجٽيهون نمبر وڏي آهي ۽
سندس پکيڙ 43 هزار چورس ميل آهي. سندس وڏو شهر ۽
بندرگاهه نور فوڪ آهي پر گاديءَ جو شهر رچمنڊ آهي.
هن رياست (ورجينيا) جا ڪجهه ٻيا شهر هن ريت آهن:
بيڊ فورڊ، هوپ ويل، مارٽنس وائيل، هئمٽن، فيئر
فئڪس، فالس چرچ، لنچ برگ
Roanoke،
ڊئن وائيل ۽ واشنگٽن ۽ ورجينيا جي وچ ۾ بائونڊريءَ
جو ڪم ڏيندڙ
پوٽو مئڪ ندي جي ڪناري وٽ ارلنگٽن ۽ اليگزئنڊرا.
هن رياست تي
Virginia نالو انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ اول
تان پيو جيڪا
Virgin Queen
به سڏبي هئي، جو هن شادي نه ڪئي هئي.
شروع ۾ جن انگريزن انگلينڊ ڇڏي هيڏانهن آمريڪا جي
نئين کنڊ ڏي رخ ڪيو، اهي هن علائقي ۾
Settle ٿيندا ويا ۽ هي علائقو ورجينيا سڏجڻ لڳو پر جيئن شروع ۾
ٻڌائي آيو آهيان ته جيئن اڳ زماني ۾ سنڌ جي پکيڙ
گهڻي هئي ۽ نه فقط ملتان سنڌ ۾ اچي ويو ٿي پر
بلوچستان جا پڻ ڪجهه حصا سنڌ سان شامل هئا. تيئن
هن رياست ورجينيا ۾ نه فقط ڀر واري رياست
West Virginia
شامل هئي پر ڪينٽڪي، انڊيانا، اليناس رياستن جا
حصا پڻ ورجينيا رياست ۾ اچي ويا ٿي. اڄ جي ورجينيا
رياست جي اتر ۾ ويسٽ ورجينيا، مئريلينڊ ۽ پوٽو مئڪ
نديءَ جي ٻئي پار ”ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا“ (يعني
واشنگٽن) آهي، اوڀر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ خليج
چيزاپيڪ آهي ۽ اسان جا جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي
هن خليج
Chesapeake
جي منهن وٽ
Norfolk
بندرگاهه ۾ اچن ٿا يا وري وڌيڪ خليج ۾ گهڙي
بالٽيمور ۽ فلڊلفيا جهڙن بندرگاهن ۾ لنگر انداز
ٿين ٿا. بهرحال ورجينيا رياست جي ڏکڻ واري بارڊر
وٽ نارٿ ڪئرولينا ۽ ٽينيسي
Tennessee رياستون آهن ته اولهه ۾ ڪينٽڪي ۽ ويسٽ ورجينيا جو ڪجهه
حصو.
ورجينيا آمريڪا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي، جن گڏجي هتي جي
تاريخي انقلاب آمريڪا
American Revolution
۾ برطانيا جي حڪومت خلاف جنگ وڙهي.
آمريڪا ۾ رهڻ دوران توهان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون
American Revolution
جي حوالي سان ٻڌڻ ۾ اينديون. هتي ٻه ٽي سٽون ان
آمريڪين انقلاب بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته اهو
ڇا آهي.
ڪولمبس جڏهن آمريڪا پهچڻ جو رستو ۽ اتي جي سرسبز زمين بابت يورپ
جي ماڻهن کي خبر ٻڌائي ته يورپ جا ڪيترائي ملڪ
جيڪي جهاز سازي ۽ جهاز رانيءَ ۾ ڀڙ هئا اهي آمريڪا
جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ مال ميڙڻ لاءِ پنهنجي
پنهنجي ملڪ جا ماڻهو موڪلڻ لڳا. ڪيتريون ته اهڙيون
به ڪمپنيون نڪري پيون جن ماڻهن جو پئسو
Invest
ڪرڻ لاءِ جهاز ٺهرائي آمريڪا موڪليا ٿي ۽ اتان
جيڪو ڦرلٽ يا بزنيس مان پئسو ڪمائجي آيو ٿي ان جون
حصا پتيون ٿيون ٿي. يورپ جي مختلف ملڪن جا ماڻهو
آمريڪا جي مختلف حصن ۾
Settle
ٿيڻ لڳا. ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ آمريڪا ۾ پورچو گالين ۽
اسپيني ماڻهن جو قبضو هو. اتر آمريڪا کنڊ ۾ ڪئناڊا
۽
USA
جي زمين تي فرينچ ۽ انگريزن جو قبضو ٿيو. وچ وچ ۾
ڪجهه حصن ۾ ڊچ ۽ جرمن به پير ڄمائيندا ويا. ڪي
ڪمائي پنهنجي ملڪ مال کڻي ٿي ويا ته ڪي آمريڪا ۾
ئي رهي پيا جتي وڏو پئسو ۽ مال دولت ٺاهڻ لڳا،
جنهن جو ڪجهه حصو هنن کي پنهنجين حڪومتن کي ٽئڪس
طور ڏيڻو پيو ٿي. ان معاملي ۾ فرانس ۽ انگلينڊ
وارن باهه ٻاري ڏني هئي ته گهڻي کان گهڻو ٽئڪس
ڏيو. شروع جا سال ته اهو ڪم بنا رنڊڪ جي هلندو
رهيو پر پوءِ آخر آمريڪا ۾ رهندڙن اهو ئي سوچيو ته
اسان جو هاڻ مرڻ جيئڻ هتي ئي آهي ۽ اسان جي اباڻي
حڪومتن سان ڪهڙي ڪَتي ڪهڙو خريف! آهستي آهستي ٿي
هو برطانيا توڙي فرانس جي حڪومتن کي آڱوٺو ڏيکارڻ
لڳا. پوءِ فرانس ته ٿڌو ٿيندو ويو پر برطانيا
حڪومت 1763ع ڌاري آمريڪا ۾ رهندڙن تي جيئن ئي
ٽئڪس وڌايا ته هنن انهن ٽئڪسن کي غير قانوني قرار
ڏيئي ڀرڻ کان انڪار ڪيو ۽ آمريڪين
Revolution
جي شروعات هتان شروع ٿئي ٿي. آمريڪا ۾ رهندڙ
انگريزن (جيڪي هاڻ آمريڪن ئي ٿيا) بوسٽن ۾ پنهنجي
اصلي حڪومت (برطانيا) خلاف مظاهرا ڪيا، جنهن جي
جواب ۾ برطانيا وارن فوج موڪلي. آمريڪا ۾ رهندڙ
به چر پر ۾ اچي ويا ۽ 1775ع ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾
فرينچ حڪومت انگريزن خلاف آمريڪين جي مدد ڪئي.
1776ع ۾ تيرهن رياستن ملي خود مختياريءَ جو اعلان
ڪيو ۽ پنهنجو ملڪ
USA
ٺاهيو. برطانيا وارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهن پنهنجي
ملڪ جي انگريزن کي جي هاڻ پرڏيهه ۾ بالم ٿي آمريڪن
ٿي ويا هئا، انهن کي کلا هڻجن پر ڪامياب ٿي نه
سگهيا. برطانيا طرفان آيل فوج جي ٻن وڏن جٿن مان
هڪ 1777ع ۾ سارا توگا ۾
Capture
ٿي ويو ۽ ٻيو 1781ع ۾ يارڪ ٽائون ۾ آڻ مڃي.
برطانيا حڪومت جي وڏي خواري ٿي ۽ امن لاءِ 1783ع ۾
Treaty of Paris
ٺاهي ويئي، جنهن ۾ برطانيا کي اهو قبول ڪرڻو پيو
ته يونائيٽيڊ اسٽيس هڪ خود مختيار قوم ۽ ملڪ آهي،
جنهن جون حدون اتر ۾ ڪئناڊا سان ۽ ڏکڻ ۾ اسپين جي
قبضي واري رياست فلوريڊا سان ۽ اولهه ۾ مسي سپي
نديءَ سان ملن ٿيون سو آمريڪا لاءِ American Revolution
۽
Treaty of Paris
اهم شيون آهن، جن بعد آمريڪا هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت
سان وجود ۾ آيو ۽ پوءِ ٻيون رياستون به هن سان
ملنديون ويون. اڄ هي ملڪ پنجاهه ملڪن يا رياستن جو
هڪ گلدستو آهي.
اسان کي ڪرسٽل سٽي ۽ آرلنگٽن ڪائونٽي جون ڪجهه اهم عمارتون
جهڙوڪ آمريڪا جي ڊفينس ڊپارٽمينٽ جي عمارت
پينٽاگان ڏسڻ ۾ دير ٿي ويئي نه ته جنهن علائقي
(اليگزئنڊرا) ۾ عرفان جماڻي رهي ٿو اهو شهر
واشنگٽن کان، جتان هنن مون کي کنيو هو، ڪو ڏهه ڪلو
ميٽر مس آهي. واشنگٽن کان ويجهو هجڻ ڪري هتي گهڻا
تڻا اهي رهن ٿا، جيڪي واشنگٽن جي سرڪاري ۽ نيم
سرڪاري آفيسن ۽ ٻين ادارن، اسٽورن ۽ هوٽلن ۾ ڪم ڪن
ٿا. آهي ته هتي به رهائش تمام گهڻي مهانگي جو
عرفان جي هڪ ڪمري واري فليٽ جي مسواڙ به 800 کن
ڊالر (اڌ لک رپيا) ٿئي ٿي جيڪي هو پاڻ ۾ ٽي دوست
ڦوڙي ڪن پر تڏهن به واشنگٽن کان سستو ٿيو. ”هاڻ
آئون مئريلئنڊ يا پينسلوانيا رياست جي ڪنهن ٻهراڙي
واري علائقي ۾ پنهنجو گهر وٺي رهڻ چاهيان ٿو.“
عرفان ٻڌايو.
عرفان کي ٽي ٻار آهن. وڏو عُمر ٻارهن کن سالن جو ٿيندو ان بعد
ٻه ڌيئون صالحا ۽ شافعا آهن. هنن جو اصل ڳوٺ
خيرپور آهي پر پڙهائيءَ خاطر سندس ٻار حيدرآباد ۾
رهن ٿا، جتي سندس 76 سالن جو والد صاحب ۽ سهرو پڻ
رهن ٿا.عرفان جي شادي 1990ع ڌاري عزيز الله جماڻي
صاحب جي گهران صائمه سان ٿي. عزيز الله حيدرآباد
جي اسٽيشن برانچ واري يو بي ايل ۾ ڪافي عرصو
مئنيجر ٿي رهيو.
عرفان جماڻي سائين جان محمد جماڻي صاحب جو ننڍو ۽ چوٿون نمبر
فرزند آهي. سندس ٻيا ڀائر ضياءُ الدين ڳاڙهي موري
(نوشهروفيروز)، ظهير جيڪو خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ ۽
خورشيد سکر ۾ رهي ٿو.
خان محمد جماڻي سکر وارو ۽ سندس ڀائر لعل بخش جماڻي ۽ ڌڻي بخش
جماڻي عرفان جا سڳا چاچا ٿين. عرفان جي ڄم جي
تاريخ پهرين آگسٽ 1969ع آهي. پاڻ ارڙهن اوڻهين
سالن جو هو ته 1988ع ۾ هتي آمريڪا ۾ اچي رهيو.
”عرفان تون پير جي ڳوٺ کان هتي پينسلوانيا پهتين ڪيئن؟“ مون
عرفان کان پڇيو.
”مون کي منهنجي چاچي جي پٽ آمريڪا ۾ اچڻ لاءِ شوق ڏياريو،“
عرفان ٻڌايو، ”منهنجي چاچي خان محمد جي ٻن پٽن امتياز ۽ اشفاق
مان امتياز گوڪل ڪمپنيءَ جي جهازن تي هو ۽ هن جو
جهاز آمريڪا ايندو ويندو رهيو ٿي. هن اهو ئي جائزو
لڳايو ته آمريڪا پري صحيح پر اهڙو ملڪ آهي جتي هر
انسان کي محنت جو صحيح طرح اجورو ملي ٿو، جتي
مستقبل آهي ۽ هو آمريڪا ۾ اچي
Settle
ٿيو. تن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اچڻ يا رهڻ ڪو ڏکيو ڪم
نه هو. سو آئون به ٽڪيٽ ڀري هليو آيس ۽ روزگار
خاطر مختلف جابس ڪندو رهيس. اڄ ڪلهه هڪ دوست جي
بزنيس کي
Look after
ڪريان ٿو.“
اسان عرفان جماڻيءَ جي شهر اليگزئنڊرا ۾ گهڻو نه ترسياسين.
عرفان گهڻو ئي چانهه يا ڪافي پيئڻ لاءِ زور ڀريو
پر اهو ئي فيصلو ٿيو ته وقت بچائجي ۽ اعجاز شيخ جي
گهر (پينسلوانيا) پهچڻ دوران رستي تي جتي ساهي
پٽبي اتي کڻي چانهه پيئبي. هن وقت عرفان جي فليٽ
تي اچڻ جو مقصد اهو هو جو اتان اعجاز شيخ جو ڪجهه
سامان کڻڻو هو، خاص ڪري گوشت ۽ ڪجهه مصالحا جيڪي
هتي ۽ واشنگٽن ۾ سولائيءَ سان مليو وڃن ٿا.
”دراصل واشنگٽن ۾ مسلمان ملڪن جا سفارتخانا ۽ ٻيا ادارا هجڻ ڪري
هتي جي ڪيترن ئي دڪانن تي حلال گوشت مليو وڃي.“
عرفان ٻڌايو، ”اعجاز هاڻ شفٽ ڪيو آهي ۽ جيسين
پنهنجي آس پاس ڪو حلال گوشت جو دڪان ڳولي، مون هن
جي لاءِ هتان حلال گوشت وٺي فريزر ۾ رکي ڇڏيو هو. |