آمريڪا ۾ حلال ۽ حرام کاڌي جو مسئلو
ڪو زمانو هو جو آمريڪا، يورپ توڙي جپان پاسي رهندڙ مسلمانن لاءِ
حلال شيءِ حاصل ڪرڻ وڏو مسئلو هوندو هو. حلال مان
مراد فقط گوشت نه پر ٻيون شيون پڻ جهڙوڪ ڪيڪ،
چاڪيلٽ، آئيس ڪريم، جيلي ۽ ويندي ٽَٿ پيسٽ وغيره
ڇو جو انهن شين ۾ ڪانه ڪا شيءِ اهڙي ٿئي ٿي، جيڪا
ان شيءِ کي مسلمانن لاءِ حرام ڪري ٿي، جيئين ته
Lard
(چرٻي) جيڪا ڊبل روٽي ۽ ڪيڪن ۾ عام ٿئي ٿي، جنهن
جو واسطو سوئر سان آهي ۽ اهڙي طرح ٻيون شيون پر
هاڻ جتي ڪٿي انهن شين جو نعم البدل مليو وڃي، پوءِ
اها ٻي ڳالهه آهي ته اها حلال شيءِ عام کان ڪجهه
مهانگي ملي ٿي پر مليو ضرور وڃي ٿي. اهو ان ڪري جو
هينئر جتي ڪٿي مسلمانن جو تعداد تمام گهڻو آهي ۽
بزنيس خاطر اهڙين شين جي وڪري لاءِ نه فقط مسلمانن
دڪان کوليا آهن(خاص ڪري انڊيا، پاڪستان، ترڪي،
لبنان ۽ فلسطين جي مسلمانن) پر مڪاني آمريڪن گورن
۽ سکن ۽ هندن پڻ دڪان کوليا آهن، جن تي ٻين شين
کان علاوه حلال گوشت پڻ ملي ٿو، جنهن جي ذبيحا
لاءِ هنن ننڍي کنڊ يا مصر جي مسلمان ڪاسائين کي
رکيو آهي. نيويارڪ ۽ نيو جرسي کان واشنگٽن ۽
ورجينيا تائين توهان کي هن قسم جي نالن وارا دڪان
نظر ايندا، جن جي ٻاهران ”حلال“ جو لفظ به لکيل
ڏسڻ ۾ ايندو.
اپنا بازار
ساران فوڊ مارڪيٽ
اورينٽ فوڊس
اسپائيس (مصالحا) مارڪيٽ
انڊوپاڪ بازار
حلال ميٽ ائنڊ مصالحا
دانه بازار
ڪابل مارڪيٽ
سبزي منڊي
ويندي ڪيترا دڪان ۽ هوٽلون جن جي نالن مان لڳي ٿو ته هندن جون
آهن پر انهن تي به حلال کاڌو ملي ٿو، جيئن ته روي
ڪباب ريسٽورنٽ، بمبئي فوڊ ائنڊ گفٽس وغيره، انڊيا
مني مارڪيٽ، تاج گروسري، مهاراجا........وغيره
وغيره.
هنن ملڪن ۾ توڙي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ٿائيلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ڪو
به اسان جي ملڪ وانگر دڪان تي يا گهر جي اڱڻ تي
ٻڪري يا رڍ ڍڳي ڪهي نٿو سگهي.يورپ، جپان توڙي
آمريڪا ۾ ڪوس جو ڪم فقط سرڪاري طرح مقرر ڪيل ذبيحا
خانن
Slaughter Houses
۾ ئي ٿئي ٿو ۽ پوءِ مارڪيٽ ۾ دڪانن تي کڄي اچي ٿو.
ماڻهو ڪلو گرامن جي حساب سان وٺن ٿا يا ڪڏهن ٻه يا
وڌيڪ دوست گڏجي سڄي ٻڪري يا رڍ جو گوشت حصا
پتيون ڪن. 1960ع واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن آءٌ
پهريون دفعو آمريڪا آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾
آمريڪا ۾ نه ايتريون مسجدون هيون نه مسلمان هئا.
(نيويارڪ ۾ ٽي مسجدون هيون اڄ ٻن سون کان مٿي آهن)
انهن ڏينهن ۾ حلال شيون ملڻ جي ڏکيائي ڪري کاڌي
پيتي جو وڏو مسئلو رهندو هو. اسان جو جهاز نيويارڪ
يا هيوسٽن ۾ پهچڻ تي انهن ڏينهن ۾ اتي رهندڙ
منهنجا سنڌي دوست ڏاڍو خوش ٿيندا هئا، جو هنن کي
جهاز تي مهمانن جي حيثيت ۾ مفت ماني ملندي هئي ۽
هر وقت مختلف پاڪستاني ڊش کائڻ لاءِ ملندا هئا ۽
هو بي ڊپا ٿي هر شيءِ کائيندا هئا جو اسان جي
پاڪستاني جهازن تي هر شيءِ حلال ئي استعمال ٿئي
ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آئون هنن وٽ شهر ۾ وڃي رهندو هوس ته
پوءِ بشير مغل، نور احمد نظاماڻي، يوسف ڏاهري يا
جهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر پري پري کان ڪنهن يهوديءَ
جي دڪان تان يا هن جي گهران گوشت وٺي ايندا هئا،
جيڪو ڪوشر
Kosher
سڏبو هو، جيئن اسان مسلمانن جو ذبح ڪيل گوشت حلال
سڏجي ٿو. انهن ڏينهن ۾ اهو چيو ويو ٿي (۽ اڃا به
ڪيترن ملڪن ۾ رهندڙ مسلمان چون ٿا) ته يهودي الله
جو نالو وٺي ٻڪري، رڍ يا ڳئون ذبح ڪن ٿا پر هاڻ
ڏسان پيو ته اڄڪلهه هتي آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان
”ڪوشر“ کي ”حلال“ نٿا سمجهن جو هنن جو اهو چوڻ آهي
ته مسلمان جڏهن ڪنهن جانور کي ذبح ڪري ٿو ته تڪبير
پڙهي ٿو ۽ هر جانور تي سير وجهڻ مهل ”بسم الله،
الله اڪبر“ چوي ٿو. يهودي به جانورن کي مسلمانن
وانگر ڪهن ٿا پر هو هر جانور تي تڪبير هڻڻ بدران
فقط هڪ دفعو، جڏهن سلاٽر هائوس ۾ گهڙن ٿا، ته پڙهن
ٿا.
ڪوشر Kosher
يهودين جو هيبرو زبان جي لفظ ڪاشر
Kasher مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”صحيح“
Fit،.
ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ کاڌي جي ڪيترين ئي شين تي
توهان کي ”ڪوشر“ لفظ لکيل نظر ايندو، جيڪو يهودين
جي مذهبي اصولن مطابق هنن جي کائڻ لاءِ صحيح
Proper
آهي پر بقول هتي جي مولوين جي جيڪڏهن ڪنهن شيءِ تي
ڪوشر لکيل آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته
اهو حلال آهي.
هتي آمريڪا ۾ ٿلهي ليکي هيٺيون شيون حرام سمجهيون وڃن ٿيون،
جيڪي هر مسلمان
Avoid
ڪري ٿو.
سوئر
ڪنهن جو به رت
چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانور ۽ پکي
تقريبن سڀئي نانگ بلائون ۽ جيت جڻيا
مردار جانور
اهي حلال جانور جيڪي اسلامي طرح ذبح نه ڪيل آهن
وائين Ethyle Alcohal
۽ هر قسم جا
Spirits
ڪجهه ڳالهيون جن لاءِ هتي هر مسلمان کي ڌيان ڌرڻ لاءِ چيو وڃي
ٿو.
جيڪا به شيءِ خريد ڪريو ان جي ليبل تي
Ingredients
ضرور ڏسندا ڪيو. ان بنا هرگز خريد نه ڪريو. جيڪڏهن
انهن ۾ ڪو به اهڙو حرام جو جزو موجود آهي ته اها
شيءِ هرگز خريد نه ڪريو.
ڪڏهن به سپر مارڪيٽ مان ڪنهن به قسم جو گوشت، قيمون يا ڪواب نه
خريد ڪريو. ان قسم جون شيون ”حلال ميٽ اسٽور“ تان
وٺو.
فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ جهڙوڪ مئڪڊونالڊ، برگر ڪنگ، پيزا هٽ، ڪينٽڪي،
فرائيڊ چڪن
KFC وغيره تي کائڻ کان گريز ڪريو. سندن چوڻ موجب سندن ڪجهه شيون
کڻي حرام نه هجن پر بهتر آهي ته اهڙن هنڌن تي کائڻ
کان پاڻ کي بچائجي.
هيٺيون شيون خريد ڪرڻ وقت بيحد خبردار رهڻ کپي جو ڪڏهن ڪڏهن
انهن ۾ ڪو هڪ يا ٻه
Ingredients
اهڙا شامل ٿيل هوندا آهن، جن ڪري اها شيءِ مسلمان
لاءِ حرام ٿيو وڃي، جيئن ته ڪجهه سوپ، پوءِ ڀلي
کڻي ڪارن سوپ هجي پر ڪن هوٽلن ۾ ان ۾ گوشت جا ننڍا
ٽڪر پڻ وڌا وڃن ٿا يا ڪيڪ ۽ بيڪري جا بسڪيٽ جن ۾
جانورن جي چرٻي ٿي سگهي ٿي، چاڪليٽ، آئيس ڪريم يا
ڌورو جنهن ۾ مرم (شراب) يا جانورن جي هڏن مان ٺهيل
جيلي
Gelatin
يا ٻيو ڪو حرام
Ingredients
ٿي سگهي ٿو. بهرحال ڪابه اهڙي شيءِ خريد ڪرڻ وقت
مسلمانن کي انهن جي ليبل تي جانچڻ کپي ته ان ۾
ڪهڙا
Ingredient
شامل آهن. هتي جي اسلامي ائسوسيئيشن ۽ اسلامڪ
سينٽرن طرفان وقت به وقت اهڙن
Products
۽
Ingredientsجي لسٽ شايع ٿيندي رهي ٿي، جن کان مسلمانن کي پرهيز ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو.
انهن مان ڪجهه
Ingredients
هن ريت آهن.
الڪوحل-شراب
Animal Shortening
-جانورن جي چڪنائي جنهن سان ڊبل روٽي ۽ ڪيڪن کي چمڪ ڏيڻ خاطر، انهن مٿان، هن
سان مکُ ڏنو وڃي ٿو.
Animal
Fat-
جانورن جي چرٻي (هونءَ حلال جانورن جي چرٻي اسان
جي ملڪ ۾ کاڌي وڃي ٿي جو اهي جانور اسان وٽ اسلامي
طريقي سان ذبح ڪيا وڃن ٿا پر هتي آمريڪا ۾ ڪنهن
ڪيڪ، چاڪليٽ يا فراءِ ٿيل
Nuts
بادامن، کاڄن جي لفافن يا دٻن تي
Animal Fat
لکيل آهي ته توڙي کڻي ٻڪري، رڍ يا ڪنهن ٻئي حلال
جانور جي چرٻي هجي پر جيئن ته اهو جانور هتي
اسلامي طرح ذبح ٿيل ناهي، ان ڪري ان
Gredient
واري شيءِ کائڻ لاءِ مسلمانن کي منع ٿيل آهي.
Bacon-
سوئر جي گوشت جي ڪابه شيءِ
Broth-
يخني، جيڪڏهن
Animal Broth
لکيل آهي ته ان شيءِ کان پرهيز ڪجي.
Enzymes
- جيڪڏهن
Microbial Enzymes
لکيل آهي ته پوءِ صحيح آهي پر رڳو
Enzymes
لکيل آهي ته پوءِ اها شڪ جي ڳالهه آهي جو اهي ڪنهن
جانور مان به نڪتل ٿي سگهن ٿا.
Ethanol
Ethoyle Alcohal
Gelatin-
هيءَ شيءِ جانورن جي هڏين مان ٺاهي وڃي ٿي ۽ ان جو
استعمال اڪثر جيلين ۾ ٿئي ٿو.
Gin
جن جيڪو شراب جو قسم آهي، ڪيترين ئي بيڪري جي شين
۽ بار بيڪيو ۾ استعمال ٿئي ٿو.
هئم Ham
L-Gysteine
جيڪڏهن انسانن جي وارن مان نڪتل آهي ته ان لاءِ
حرام جي فتويٰ مليل آهي.
Lard-
جانورن جي چرٻي خاص ڪري سوئر جي.
Lipase-
جانورن مان نڪتل خامرو واري شي کان پرهيز ڪجي.
Pepsin
Rennet-
هيءَ شيءِ جيڪا ڪيترن ئي کاڌن ۾ بيڪريءَ جي شين ۾
استعمال ٿئي ٿي، جيڪڏهن ڀاڄين ۽ ٻوٽن
Plants
مان نڪتل آهي يا
Microbial
يا
Synthetic آهي ته اها حرام ناهي پر
Rennet
جيڪڏهن جانور يا ڪنهن کير پيئندڙ ڦر جي پيٽ مان
نڪتل آهي ته پوءِ حرام قرار ڏني ويئي آهي.
Rum-
شراب جو قسم
Stock
(جانورن جي اوٻاريل هڏين مان نڪتل
Ingredient
Wine
شراب
Tallow-
سخت قسم جي چرٻي ۽ گودو جيڪو اڪثر جانورن جي نرين
مان ڪڍيو وڃي ٿو، جنهن مان صابڻ ۽ ميڻ بتيون به
ٺهن ٿيون.
Vanilla extract /Flavour
Whey
بهرحال مٿيون اهڙيون شيون
Ingredients
آهن، جن کان مسلمانن کي سختيءَ سان پرهيز ڪرڻ کپي.
هتي جي ملڪن ۾ دڪانن تي وڪامندڙ هر شيءِ خريد ڪري
کائي نٿي سگهجي. هر شيءِ چاهي ڪيڪ بسڪيٽن جو پئڪيٽ
هجي يا پٽاٽو چپس، مڪاني قانون مطابق ان جي ٻاهرين
دٻي يا لفافي
Wrapper
تي لڳل ليبل تي
Ingredients
جا نالا پڙهڻ کپن ته ان شيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا استعمال
ٿيل آهن. ڪيتريون اهڙيون شيون آهن، جيڪي يهودي ۽
هندو به مذهب جي خيال کان استعمال نٿا ڪن. ڪيترين
شين ۾ ته انساني عضوا يا انسان جون خارج ڪيل شيون
استعمال ڪيون وڃن ٿيون. جيئن 1980ع واري ڏهي ۾
جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ته اتي
Oil of Ulay
نالي هڪ ڪريم تي وڏو گوڙ مچي ويو هو. خبر پيئي ته
ملائيشيا جون ڇوڪريون جيڪي پنهنجي سونهن وڌائڻ
لاءِ سڀ کان گهڻي ڪريم ”آئل آف اُلي“ استعمال ڪن
ٿيون ان ۾ اهم
Ingredient
عورت جي ”عور“
Placenta
جنهن کي ملئي ”عوري“ سڏين ٿا، آهي. اها پڻ ماڻهن
کي خبر پئجي ويئي ته سنگاپور جي جنرل اسپتال ۾ في
عور هڪ ڊالر ۾ خريد ڪئي وڃي ٿي ۽ هن ڪريم جي گهڻي
کپت ڪري انگلينڊ بدران سنگاپور ۾ ئي ٺاهي وڃي ٿي.
بهرحال ان تي مذهبي ماڻهن ۽ سائنسدانن جا ڪافي بحث
هلندا رهيا، جن جو تفصيل ملائيشيا جي سفر نامي
واري ڪتاب ۾ ڏئي چڪو آهيان. سو اهڙي قسم جي شين
Products
بابت هتي جون مڪاني اسلامي جماعتون هتي رهندڙ
مسلمان کي اخبارن، انٽرنيٽ ۽ اسلامڪ سينٽرن ذريعي
ٻڌائينديون رهن ٿيون ته ڪهڙيون شيون حلال آهن ۽
ڪهڙيون حرام. واشنگٽن مان نڪرندڙ هڪ اسلامي اخبار
جي گذريل جمعي واري پرچي ۾ پڙهيل ڪجهه معلوماتي
سوال هن وقت ياد اچي رهيا آهن، جن مان پنهنجي ملڪ
۾ پڙهندڙن کي
Idea
ٿي سگهندي ته هتي آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان روزمره جي
استعمال جي شين بابت معلومات يا مونجهارن جو جواب
هتي جي علمائن کان پڇندا رهن ٿا. نموني خاطر ٻه ٽي
سوال هن ريت آهن.
سوال: هتي (آمريڪا) ۾ ملندڙ ڪيترين هار سينگار
Cosmetics
جي شين ۾
Urea
نالي هڪ
Ingredient
استعمال ٿئي ٿو، اهي شيون جن ۾ يوريا استعمال ٿئي
ٿو، حلال آهن يا حرام؟
جواب: يوريا هڪ ڪيميڪل ڪمپائونڊ آهي، جيڪو
Synthetic
به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جانورن جي
Urine
مان به حاصل ڪري سگهجي ٿو.
Synthetic (يعني هٿرادو ٺهيل) يوريا واريون شيون استعمال ڪري
سگهجن ٿيون پر جانورن جي پيشاب مان ڪڍيل يوريا نجس
(پليد) آهي.
ڪيمسٽري (سائنس) کان اڻ واقف پڙهندڙ
Synthetic (هٿرادو) ۽ قدرتي طرح حاصل ڪيل شين کي هن مثال مان
سمجهي سگهن ٿا ته کنڊ يا ڳڙ ڪاربن، آڪسيجن ۽
هئڊروجن جي مقرر جزن جو نالو آهي. هاڻ توهان چاهي
اها کنڊ ڪمند کي نپوڙي حاصل ڪيو يا ڪاربن، هئڊروجن
۽ آڪسيجن جا مقرر جزا ملائي
Synthetic
طريقي سان کنڊ ٺاهيو.
سوال: ڇا اهي سڀ پنيرن
Cheese
جا قسم جن ۾
rennet
مليل آهي، حرام آهن؟ ملائيشيا ۾ ڪيترائي پنيرن جا
قسم وڪامن ٿا (ويندي ڪرئفٽ ڪمپنيءَ جو چيز) ۽ ڪجهه
۾ ته ليبل مطابق
rennet
به پيل آهي پر ملائيشيا جي واسطيدار کاتي طرفان ان
تي ”حلال“ جو ٺپو لڳل آهي.
جواب: هر اهو پنير جنهن ۾
Rennet
استعمال ٿيل آهي حرام ناهي. جيڪڏهن ڪنهن حلال ۽
اسلامي طرح ذبح ٿيل جانور جو
Rennet
استعمال ٿيل آهي ته اهڙو پنير يا ڪا ٻي شيءِ کائي
سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن ملائيشيا وارن ان کي حلال قرار
ڏنو آهي ته اهو ضرور صحيح هوندو.
سوال: آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جو هڪ پاڪستاني دوست چوي ٿو ته اهو
صابڻ جنهن جي ٺهڻ ۾ سوئر جي چرٻي استعمال ٿئي ٿي
اهومسلمان استعمال ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ هو
ڪراچيءَ جي دارل افتدا جي مفتي رشيد احمد جي ڏنل
فتويٰ جو حوالو ڏئي ٿو.
جواب: اسان کي ان بابت ڪا خاطري ناهي ته مفتي رشيد ان سلسلي ۾
ڪا فتويٰ ڏني آهي. بهرحال ان قسم جو سوال هن کان
اڳ به پڇيو ويو آهي، جنهن جو جواب توهان جامعيه
بنوريا، ڪراچي وارن جي ويب سائيٽ
http:/www.binoria.org/q&a/
تي پڙهي سگهو ٿا.
دين ڌرم ۽ اخلاقيات کي ڇڏڻ جا نتيجا
عرفان جماڻي جنهن سان گڏ حيدرآباد جو اعجاز شيخ به هو ۽ هو مون
کي واشنگٽن مان کڻي اعجاز شيخ جي گهر هلي رهيو هو
سو رستي تي پنهنجي رياست ورجينيا مان ٿيندو هليو،
جتان هن اعجاز لاءِ ورتل حلال گوشت پنهنجي فليٽ
تان کنيو.
”منهنجي خيال ۾ ورجينيا رياست جي ڪرسٽل سٽي، پينٽاگان ۽ تنهنجي
رهائش واري شهر اليگزئنڊرا جو چڱو ديدار ٿي ويو.
هاڻ اڳتي جي منزل ڏي پنڌ ڇڪجي.“ مون پوٽو مئڪ
نديءَ جي الهندي ڪناري تي اڏيل هن جهوني شهر جي
اوچين عمارتن ۽ وچ وچ ۾ ٺهيل پارڪن ڏي نگاهه
ڊوڙائيندي عرفان جماڻيءَ کي چيو. هن شهر جو
اليگزئنڊريا نالو هڪ جهوني جهازي ڪئپٽن فلپ
اليگزئنڊرا (ڄم جو سال 1704ع وفات 1753ع) تان پيو،
جيڪو هتي اچڻ تي اڄ واري ڊيوڪ اسٽريٽ وٽ اچي رهيو
هو.عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو چون ٿا ته
هي شهر 1828ع کان 1836ع تائين دنيا جي بدنام بزنيس
”غلامي“
Slavery
کان مشهور رهيو. آفريڪا کان آندل غريب شيدين جو
هتي غلامن طور وڪرو ٿيندو هو ۽ هتان آمريڪا جي ٻين
رياستن ڏي کين موڪليو ويو ٿي. غلامن کي زنجيرن ۾
ٻڌي سوگهو رکڻ واري عمارت کي بعد ۾ هن رياست جو
جيل خانو مقرر ڪيو ويو.
1870ع ۾ اليگزئنڊريا شهر کي خود مختيار ڪائونٽي بنايو ويو ۽
پوءِ اڳتي هلي 1920ع ۾ هن جي هڪ حصي کي آرلنگٽن
ڪائونٽي قرار ڏنو ويو. جيڪا اتر ۾ آهي. اليگزئنڊرا
جي ڏکڻ ۾ هن رياست ورجينيا جي هڪ ٻي مشهورڪائونٽي
فيئر فئڪس آهي. هتان نڪرڻ وقت ڪجهه گهٽين ۽ عمارتن
جا نالا آئون جلدي جلدي پنهنجي ڪاپيءَ تي لکندو
ويس. ڪنگ اسٽريٽ، ڪامن ويلٿ ايوينيو، ڊيوڪ اسٽريٽ،
مارڪيٽ اسڪائر، سينٽ اسٽيفن اسڪول، ورجينا ڪامن
ويلٿ يونيورسٽي، لٽل ٿيٽر، واشنگٽن ميموريل وغيره.
ايڊسل
(Edsal)
روڊ تان لنگهڻ وقت اداره دعوت و ارشاد
(Idara Dawat-o-Irshad) جو بورڊ نظر آيو ۽
Hume
ايوينيو تان لنگهڻ وقت هڪ عمارت جي ٻاهران
Islamic Circle of North America
جو بورڊ پڻ ڏسڻ ۾ آيو.
عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته نائن اليون کانپوءِ جتي آمريڪا طرفان
مسلمانن تي سختي ٿي آهي اتي ڪيترائي آمريڪن گورا
توڙي هتي جا شيدي، اسلام بابت پڙهي مسلمان ٿيندا
وڃن جن جو اندازو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مسجدن،
اسلامڪ سينٽرن، اسلامي تعليمي درسگاهن ۽ اسلامي
ائسوسيئيشن مان لڳائي سگهجي ٿو.
”هتي رهي دين بابت معلومات ۽ نماز روزي جو پابند تون ڪيئن
ٿئين؟“ مون عرفان کان پڇيو.
”مون سان گڏ رهندڙ ٻه پنجابي دوست بيحد نيڪ ۽ پرهيز گار قسم جا
آهن، جيڪي ويندي تبليغ تي به وڃن ٿا. انهن جي صحبت
۾ رهي مون کان به جيڪو وقت پڄي ٿو مسجد ۾ نماز
پڙهان ٿو نه ته گهر ۾ يا رستي يا آفيس ۾ پڙهان ٿو
“ عرفان ٻڌايو.
”جمعي نماز ڪٿي پڙهو؟“ مون پڇيو.
”آئون پنهنجن دوستن سان گڏ ڀر واري شهر ”فالس چرچ“ ۾ جمعي نماز
لاءِ ويندو آهيان،“ عرفان ٻڌايو، ”
Falls Church
شهر جي
Row Street ۾ دار الهجره مسجد ۾ جمعي نماز سوا هڪ بجي ٿئي ٿي. اتي
اسلامي ڪتابن جو دڪان پڻ آهي، جتان مختلف عالمن جا
ڪتاب خريد ڪندا آهيون. مون کي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو
شوق آهي. ڪڏهن ڪڏهن
Spring field
شهر ڏي هليا ويندا آهيون، جتي جي ڪامرس اسٽريٽ تي
دارالهديٰ نالي مسجد آهي، جتي هڪ بجي خطبو شروع
ٿئي ٿو ۽ ڏيڍ بجي نماز دارالهديٰ ۾ هر روز شام جو
پنجين کان اٺين تائين درس (واعظ) پڻ ٿئي ٿو ۽ هر
عمر جا ماڻهو ٻڌڻ لاءِ اچي سگهن ٿا.“
ورجينيا رياست ۾ رهندڙ پيٽارو جي ڪجهه دوستن، ٻڌايو ته اسپرنگ
فيلڊ شهر جي هن دارالهديٰ ۾ ٻارن جو اسڪول پڻ آهي،
جتي هنن جا ٻار آچر ڏينهن اسلامي تعليم حاصل ڪن
ٿا. ان قسم جا
Sunday Schools
جتي ڪٿي نظر اچن ٿا، جتي مسلمانن جا ٻار اسلام
بابت معلومات حاصل ڪن ٿا. ظاهر آهي ته آمريڪا جي
اسڪولن ۾ اسان جي ملڪ جي اسڪولن وانگر دينيات جو
سبجيڪٽ نٿو پڙهايو وڃي، پوءِ اهي والدين جيڪي
چاهين ٿا ته هنن جا ٻار مغرب جي سوسائٽيءَ ۾ رهي
به پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر جي ڄاڻ رکن، اهي پنهنجي
آرام واري ڏينهن تي ٿوري تڪليف وٺي پنهنجن ٻارن کي
ههڙن
Sunday
اسڪولن ۾ ٽن چئن ڪلاڪن لاءِ ڇڏيو وڃن ٿا. ان بابت
نيو جرسي جي فلڪ شير، بالٽيمور جي ڊاڪٽر منور
عباسي، نيو يارڪ جي ڊاڪٽر رمضان انڙ ۽ ٻين به
ٻڌايو ته هو آچر واري ڏينهن تي پنهنجن ٻارن کي
ويجهي واري اسلامڪ سينٽر ۾ وٺي وڃن ٿا. اهڙي طرح
نيو جرسي ۾ رهندڙ گهوٽڪي جي رميش ٿارواڻيءَ،
ڪولوروڊو جي ڪنڊياري واري پروفيسر رامچند ۽
ڪئليوفورنيا ۾ رهندڙ پيٽارو جي ببيڪشن ٻڌايو ته
آچر ڏينهن هو پنهنجن ٻارن کي هندو مت جي ڄاڻ لاءِ
وسواڻي سينٽر ۾ يا ڪنهن ويجهي مندر ۾ وٺيو وڃن ٿا.
اهڙين ڳالهين لاءِ نه هتي جي حڪومت طرفان جهل پل
آهي ۽ نه مڪاني گورا ماڻهو خراب سمجهن ٿا، ٻين
لفظن ۾ هتي هر ڳالهه جي آزادي آهي. ڪنهن کي به
ڪنهن ڳالهه لاءِ جهل پل ناهي. جيستائين ڪو به
ماڻهو دنگو فساد نٿو ڪري يا عوام ۽ پبلڪ پراپرٽيءَ
کي نقصان نٿو رسائي، هن کي ڪو جهلي نٿو سگهي.
اعجاز شيخ ٻڌايو ته مئريلئنڊ رياست، جتان هو شفٽ ٿي ويو آهي ۽
جتي هن وقت اسان سندس باقي رهيل سامان کڻڻ لاءِ
وڃي رهيا آهيون اتي پڻ نه فقط هندن ۽ سکن جا مندر
۽ ٽڪاڻا آهن پر مسلمانن ويندي شيعن، سنين، احمدين
جون مسجدون آهن. احمدين جي هڪ اهڙي جامع مسجد (بيت
رحمان) اعجاز جي هن پراڻي واري گهر واري علائقي
Silver Spring
۾ آهي. ان جو احوال ڪٿي ٻئي هنڌ ڪنداسين جتي مون
کي قاضي احمد جو هڪ پيٽارين دوست سميع جادرن وٺي
هليو هو، جيڪو گذريل ويهن سالن کان هتي آمريڪا ۾
رهي ٿو.
مئريلئنڊ رياست جي ڪجهه اهم مسجدن جا نالا جن بابت اعجاز کي ڄاڻ
هئي ۽ مون کي لکرائين هن ريت آهن:
روٽ 108 تي
Ellicott
نالي شهر ۾ دار التقويٰ نالي مسجد (فون نمبر
5711-997-410)
گئٿرس برگ شهر ۾ اسلامڪ سينٽر آف مئريلئنڊ، جيڪو وڊ فيلڊ روڊ تي
آهي (فون نمبر 9440-840-301)
لائريل نالي شهر جي
Contee
روڊ تي اسلامڪ ڪميونٽي آف
Lourd
(فون نمبر 5484-317-301)
پوٽو مئڪ شهر جي
Montrose Rd
روڊ تي اسلامڪ ايڊيوڪيشن سينٽر
IEC
(فون نمبر 2070-340-301)
بالٽيمور شهر ۾ جوني ڪيڪ روڊ تي مسجد راحما ۽
Islamic Cantre of Baltimore.
جتي ٻارن لاءِ اسلامي تعليم جو اسڪول به آهي (فون
نمبر 4869-747-410 ۽ اسڪول جو نمبر 0921-719-410)
مئريلئنڊ رياست جي هن شهر بالٽيمور ۾ (جيڪو رياست جو وڏي ۾ وڏو
شهر ۽ بندرگاهه آهي، جتي اسان کي 35 سال کن اڳ
پاڻي جي جهاز کي ڪيترائي دفعا وٺي اچڻ ٿيو، ان ۾)
انهن ڏينهن ۾ ڪنهن خاص مسجد جو نه ٻڌڻ ۾ آيو ۽ نه
گس پنڌ تي نظر آئي ٿي ۽ جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان
ته تن ڏينهن ۾ هتي اسان جي ملڪن جا مسلمان به تمام
گهٽ نظر آيا ٿي. عراق، مصر، لبنان ۽ ٻين عرب ملڪن
جا مسلمان ته ڪي ورلي نظر آيا ٿي پر هينئر 35 کن
سالن بعد جڏهن هيڏانهن آيو آهيان ۽ بالٽيمور به ٻه
ڄار دفعا ٽرين ۾ يا رميش ٿارواڻيءَ سان گڏ هن جي
ڪار ۾ اچڻ ٿيو آهي ته هن شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تان
لنگهندي مسجدون نظر آيون آهن جهڙوڪ نارٿ ايوينيو
تي مسجد الصفات، مارٽن لٿر ڪنگ ايوينيو تي مسجد
تقويٰ النور ۽ بالٽيمور ۾ هڪ رستي جو نالو
Islamic Way
روڊ به آهي، جنهن تي مسجد الحق آهي، وغيره وغيره.
بالٽيمور جي سلور اسپرنگ شهر ۾ جتي گڊ هوپ روڊ تي احمدين جي
مسجد بيت رحمان آهي، ان شهر جي نيو هئمپ شائر روڊ
تي مسلم ڪميونٽي سينٽر پڻ آهي، جتي سنڊي اسڪول ۽
قرآن پڙهائڻ جو بندوبست پڻ آهي. ان جو فون نمبر
3454-384-301 آهي. اهڙي طرح لنهام شهر جي
Lanham Severn
روڊ تي مسلم ائسوسيئيشن ڪميونٽي سينٽر پڻ آهي،
جنهن جو فون نمبر 4942-459-301 آهي.
آمريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي آمريڪا جهڙي مغربي دنيا ۾ رهڻ
ضرور پسند ڪن ٿا پر ساڳئي وقت هو پاڻ ۽ پنهنجي
اولاد کي پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر کان بيگانو ڪرڻ به
نٿا چاهين، انهن مان حيدرآباد جو هي اعجاز شيخ ۽
خيرپور جو عرفان جماڻي آهي، جن سان هن وقت ورجينيا
رياست لتاڙي مئريلئينڊ رياست جي سلور اسپرنگ
ڪائونٽيءَ ڏي وڃي رهيو آهيان. عرفان ٻڌايو ته
اسڪولي تعليم سان گڏ هن جا ٻار گهر ۾ قرآن پڻ پڙهن
ٿا. ان معاملي ۾ ٻارن جي ماءُ پڻ سخت آهي ته ٻارن
کي ننڍي هوندي کان مذهبي تعليم ڏني وڃي. مذهب اسان
کي سٺيون ڳالهيون ٿو سيکاري، نيڪ ٿي هلڻ جي تلقين
ٿو ڪري.
”آئون پڻ انهي خيال جو آهيان،“ اعجاز چيو، ”ٻار ڪجهه وڏا ٿيڻ تي
آئون کين ڪجهه سال پاڪستان ۾ رکندس جيئن هو ديني
تعليم حاصل ڪري سگهن.اهو مون زال کي چيو آهي ته
پوءِ اهو هوائي جهاز جي ڀاڙن جو خرچ ڪري سال ۾ ٻه
دفعا آئون پيو پاڪستان گهمڻ ايندس ۽ ٻه دفعا موڪلن
۾ تون پئي هيڏانهن آمريڪا اچجانءِ جيسين ٻار وڏا
ٿين ۽ پنهنجي مذهبي ۽ اخلاقي قدرن کي پسند ڪن ۽
انهن تي پختا رهن.“
I
think there is a sense in it
مون وراڻيو.
”هتي ٽي چار سال رهڻ جي تجربي مان مون اهو حاصل ڪيو آهي.“ اعجاز
شيخ ٻڌايو”ته آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ اهي ڪامياب ٿا
رهن جن جي ٻارن کي مذهبي تعليم ۽ مشرقي اخلاق جي
ڄاڻ آهي. ٻيا ٻار هتي جي رنگينين ۾ توائي ٿيو وڃن
۽ پوءِ والدين به پريشانين ۾ گذارين ٿا.“
اعجاز سندس پاڙي ۾ رهندڙ هڪ بنگلاديش جي مسلمان پروفيسر جو
احوال ٻڌايو (جنهن جهڙا ڪيترائي مثال ملندا) ته هن
جو هڪ غريب فئملي سان تعلق آهي پر محنتي هجڻ ڪري ۽
پڙهائي ۾ هوشيار ٿيڻ ڪري هن کي هر وقت اعليٰ تعليم
لاءِ اسڪالرون ملنديون رهيون. آمريڪا مان
Ph.D
ڪرڻ بعد هن کي هتي ئي وڏي نوڪري ملي ويئي ۽ هن
پنهنجن ٻارن کي به ان ئي وقت هتي آمريڪا ۾ گهرائي
ورتو. جيتوڻيڪ پاڻ نيڪ طبيعت جو انسان آهي پر ڪجهه
نوڪريءَ ۾ مشغول هجڻ ڪري ۽ ڪجهه سستيءَ ۽ بي
ڌيانيءَ ڪري هن پنهنجن ٻارن تي ڌيان نه ڏنو. ٻار
پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر کان بي خبر رهي هتي جي ٻارن
سان گڏ آزاد گهمڻ لڳا ۽ خاص ڪري هنن جي سنگت اهڙن
سان ٿي پيئي، جن کي پڙهڻ جو به شوق نه هو. اڄ هن
جا ٻار ارڙهن سالن کان وڏا آهن، يعني مائٽن جي چئي
مڃڻ کان آزاد آهن. هنن کي نه مذهب جو فڪر آهي نه
ماءُ پيءُ جو خيال. هنن لاءِ شراب، ڊانس، گرل
فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ جو چڪر سڀ ڪجهه آهي. ”آئون
سندس پاڙي ۾ اچي رهيس“ اعجاز ٻڌايو ”ته پروفيسر
صاحب اکين ۾ ڳوڙها آڻي پنهنجن ٻارن جو ٻڌايو ته نه
هنن کي اسان پوڙهن جي عزت آهي ۽ نه پڙهائيءَ جو
فڪر اسان جا ته ڄڻ ٻئي جهان هليا ويا. ڇوڪرا ته
ٺهيو پر ڇوري به چوي ٿي ته ڊيڊي دس از ماءِ لائيف!
توهان پنهنجي زندگي گذاري چڪائو. هاڻ کين ڪير
سمجهائي ته غيرت ۽ اخلاق به ڪا شيءِ آهي. آئون
نواکلي جهڙي ڳوٺ جو غريب ٿي ڪري به اعليٰ تعليم
حاصل ڪري سٺي نوڪري ڪريان پيو. توهان آمريڪا جهڙي
شهر ۾ هر سک مهيا هوندي به پڙهي نه سگهيا آهيو ۽
توهان جو مستقبل ڪنهن هوٽل يا دڪان ۾ مزور ٿي ڪم
ڪرڻ آهي يا ٽرڪ ڊرائيور يا ڪلينر ٿي لوفرن وانگر
رلڻو آهي......“
اعجاز شيخ ٻڌايو ته پروفيسر صاحب کي ڏاڍو ڏک آهي ته هن جا ٻار
هن جي هٿن مان نڪري ويا، جنهن ۾ هو پنهنجي ئي غلطي
تسليم ڪري ٿو ته هن ڪچيءَ ۾ ڌيان نه ڏنو، ”ٻيو نه
ته هنن جو ننڍي هوندي مذهب ڏي لاڙو ڪريان ها ته
گهٽ ۾ گهٽ هنن کي اڄ پنهنجن وڏن لاءِ پيار ۽ عزت
هجي ها. پنهنجو مستقبل تباهه نه ڪن ها. شراب نوشي
۽ آواره گردي جهڙين عادتن ۾ نه ڦاسن ها... وغيره
وغيره..........“ بهرحال اسان جي ملڪ جي به ڪيترن
ماڻهن جا هن ملڪ ۾ اسن قسم جا يا ان سان ملندڙ
جلندڙ مسئلا آهن. هڪ ڳالهه هتي لکڻ ضروري سمجهان
ٿو، بلڪه اها غلط فهمي دور ڪرڻ چاهيان ٿو،جيڪا
اسان جي ماڻهن کي اڪثر آهي ته آمريڪا يا يورپ ۾
رهندڙ هر گوري جي فئملي ۾ هن جا ٻار شراب پيئن ٿا،
نشو ڪن ٿا، مائٽن ۽ وڏن جي عزت نٿا ڪن. نه. اها
ڳالهه هرگز ناهي. سٺا ۽ خراب ماڻهو جتي ڪٿي آهن.
هتي آمريڪا ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون فئمليون آهن،
جيڪي مٿين شين کي خراب سمجهن ٿيون. هنن جا ٻار
اخلاق جي دائري ۾ رهن ٿا. والدين ۽ پاڙيسرين جي
عزت ڪن ٿا. ڇو جو هڪ سٺو عيسائي يا سٺو يهودي به
شراب ۽ نشي جهڙين شين کي اوترو ئي خراب سمجهي ٿو،
جيترو هڪ سچو مسلمان. اهو مائٽن تي مدار رکي ٿو ته
هو پنهنجي اولاد جي سنگت تي نظر رکن. ڇو جو ڪيترا
ٻار برن جي سنگت ۾ رهي برا ٿيو وڃن ۽ ان خيال کان
آمريڪا يا يورپ ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ به ماڻهو خراب
ٿيو وڃن ۽ نه فقط وڏن شهرن ۾ پر ننڍن ڳوٺن ۾ به.
اسان جي شهر هالا جي هڪ ٻهراڙي واري ڳوٺ ۾ وڃڻ
ٿيو، جتي اڄ کان پنجاهه سال اڳ ٻيڙي پيئڻ به عيب ۽
علت سمجهيو ويو ٿي. ماڻهن گهرن ۾ يا دڪانن ۾ لڪي
حُقو پيئندا هئا. گذريل سال ان ڳوٺ ۾ ويس ته
اهومعلوم ڪري افسوس ٿيو ته ڳوٺ جا نوجوان جيڪي
هارپو يا مزوري ٿا ڪن، انهن جو سڄو پئسو نشي ۾ وڃي
ٿو هو. ان تي فخر ٿا ڪن. اسان وٽ ڪم ڪندڙ همراهه
کي چيم ته شراب ته هڪ مهانگي شيءِ آهي، اهو ڪيئن
ٿا افوڊ ڪريو؟
هن ٻڌايو ته اهو اتي ڳوٺ ۾ ئي ٻٻر جي ڇوڏن مان ٺاهيو وڃي ٿو،
جيڪو صحت لاءِ تمام نقصانڪار آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي
پيئڻ ڪري موت به ٿئي ٿو.
آمريڪا گهمڻو آهي ته ايڪسپريس وي کان پاسو ڪريو
اسان ورجينيا رياست کان ڀر واري مئريلينڊ رياست وڃڻ لاءِ 495
انٽر اسٽيٽ فري وي ورتو هو. آمريڪا ۾ هڪڙا هاءِ وي
آهن، جيڪي فقط ان رياست جي مختلف شهرن کي ڳنڍين
ٿا، ٻيا جيڪي انٽر اسٽيٽ سڏجن ٿا، اهي هڪ رياست
کان ٻيءَ ۾ ۽ ٻيءَ کان ٽيءَ ۾ وٺيو وڃن. هتي جو
انٽر اسٽيٽ هاءِ وي سسٽم ”ايڪسپريس ويز“ پڻ سڏجي
ٿو. رستن جو هي سسٽم نه فقط آمريڪا جا وڏا وڏا شهر
ڳنڍي ٿو پر هي رستا ڪيترن شهرن جي وچ (مرڪز) جنهن
کي آمريڪا ۾ ڊائون ٽائون سڏين، مان پڻ گذرن ٿا. هي
هاءِ ويز جيڪي هڪ رياست کان نڪريو ٻيءَ ۾ وڃيو
پهچن اهي انٽر اسٽيٽ ايڪس ايڪس“ يا ٺلهو
I-XX
پڻ سڏجن ٿا. ڪڏهن
IH-XX
يعني انٽر اسٽيٽ ايڪس پڻ سڏجن ٿا. تقريبن سڀني
انٽراسٽيٽ رستن تي
Exit
نمبر به ٿين، جيئن تيز رفتار گاڏي هلائيندڙ
ڊرائيور اڳواٽ خبردار ٿي وڃي ته هن جو
Exit
نمبر اچڻ وارو آهي ۽ رستي جي وچ يا کاٻي واري قطار
مان نڪري ساڄيءَ ۾ اچي وڃي جيئن اهو
Exit
نمبر اچڻ تي هاءِ وي ڇڏي ان تي لڙي پوي. ياد رهي
ته آمريڪا ۾ رائيٽ هئنڊ ڊرائيو آهي. اسان جي ملڪ
پاڪستان، انگلينڊ ۽ انگلينڊ سان واسطو رکندڙ ملڪن
ملائيشيا، سنگاپور، ڪينيا، آسٽريليا وغيره وغيره ۾
ليفٽ هئنڊ ڊرائيو آهي.
سڄي آمريڪا ۾ نيشنل ۽ انٽر اسٽيٽ هاءِ ويز جي ڄار وڇايل آهي. سڀ
کان گهڻو استعمال ۾ ايندڙ رستو 405 فري وي آهي،
جيڪو ڪئليفورنيا جي
Seal Beaeh
علائقي مان لنگهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمس اخبار ۾ آيو
هو ته گذريل سال هن رستي تان روزانو سراسري چار لک
گاڏين جو گذر ٿيو. ۽ سڀ کان گهٽ تعداد ۾ گاڏيون
روزانو ٻه هراز کن انٽر اسٽيٽ 95 جي ان
Section
تان هليون، جيڪا
Maine
رياست جي هولٽن واري علائقي جي اتر مان لنگهي ٿو.
هونءَ جتي هي هاءِ وي، سپر هائي يا ايڪسپريس هاءِ وي ٺهڻ ڪري
ڊرائيونگ ۾ آساني ٿي پئي آهي ۽ هڪ شهر کان ٻي شهر
تائين پهچڻ ۾ گهٽ وقت لڳي ٿو، اتي مولا جو ملڪ ڏسڻ
جا موقعا گهٽجي ويا آهن.توهان رڳو حيدرآباد کان
ڪراچي هاءِ وي ذريعي سفر ڪريو ته توهان کي ڇا ٿو
نظر اچي؟ ڪجهه به نه! ان جي مقابلي ۾ ٺٽي وارو
رستو وٺي وڃڻ سان ڪيترائي ڳوٺ، ٻهراڙيون، فصل باغ،
رستو ٽپيندڙ ماڻهو، وهٽ ۽ قدرتي نظارا پسڻ جا
موقعا ملن ٿا. ملائيشيا ۾ جڏهن به منهنجو ڪو دوست
ڪوالالمپور ايندو هو ته هن کي پنهنجي شهر ملاڪا
(جتي جي نيول اڪيڊمي سان منهنجو واسطو هوندو هو)
وٺي اچڻ لاءِ نئين ٺهيل هاءِ وي بدران پراڻي نيشنل
روڊ تان وٺي ايندو هوس، جيڪو نانگ وانگر ور وڪڙ
کائيندو مختلف ڳوٺن، شهرن، ٻنين ٻارن ۽ سمنڊ جي
ڪنارن کي ڇهندو، ندين ۽ کاهين تان ٽپندو ملاڪا
پهچندو هو ۽ ان رستي ذريعي اچڻ تي منهنجو ڪجهه لٽر
پئٽرول وڌيڪ ضرور سڙندو هو ۽ وقت جي حساب سان ڪلاڪ
کن وڌيڪ ضايع ٿيندو هو پر آيل مهمان کي ملاڪا پهچڻ
تائين ملائيشيا بابت وڏي
Idea
ٿي ويندي هئي جو رستي تي ڪي چينين جا ڳوٺ آيا ٿي
ته ڪي ملئي ماڻهن جا جيڪي گهرن ۽ عبادت گاهن
(مندرن ۽ مسجدن) ڪري پنهنجي پنهنجي نموني جا ٿين
ٿا، ڪي ڳوٺ مڪس نموني جا ڏسڻ جو موقعو مليو ٿي،
جنهن ۾ چيني ۽ ملئي ماڻهن سان گڏ انڊين به نظر آيا
ٿي ۽ اسان جي ملڪ کان آيل مهمان جيڪي گهڻو تڻو اتر
انڊيا جي ماڻهن، زبانن (هندي، پنجابي، گجراتي) ۽
کاڌن کان وقف آهن، تن هي سنهڙا، ڪارا ۽ گوڏن وٽان
مٿي مڙيل ڌوتيءَ وارن سائوٿ انڊين کي ڏسي تعجب
لڳندو هو، جن فقط تامل، مليالم، ڪانڊا ۽ تيلگو
زبان سمجهي ٿي. انهن جي هوٽلن تي ڪيلي جي پن تي ڀت
۽ فش هيڊ جو تکن مصالحن وارو ٻوڙ کائي حيرت ٿيندي
هئي. ٻهراڙين مان لنگهندي وقت ڪٿي گاڏي بيهاري
Palm
جا وڻ ۽ ان جو کجور جهڙو ڦل ٿي ڏٺو ته ڪٿي ميلن ۾
رٻڙ جا وڻ ۽ انهن جي ٿڙن مان نڪرندو کير ٿي ڏٺو،
جيڪو تامل عورتن ٺڪر جي ڪُپين ۾ گڏ ڪري هٿ سان
هلندڙ رولر ذريعي رٻڙ
Latex
جون چادرون ٿي ٺاهيون. ڪٿي ڪنهن ڪنهن ڳوٺ ۾ رستي
جي ڪناري تي لڳندڙ
Pasar Malam
(اسان جي جمعي يا اتوار بازار جهڙي بازار) ۾ بيهي
مرتباڪ (قيمي ۾ تريل اڦراٽو) يا مڪئي جو سنگ ٿي
کاڌو. ڪٽي ڪنهن هاٿيءَ جي رستي تي بيهڻ ڪري ڏهه
پندرهن منٽ ٽرئفڪ جام ٿي ٿي ويئي ته ڪٿي ڪنهن
شاديءَ جي ڄڃ گذرڻ ڪري ترسڻو ٿي پيو ۽ يادگار خاطر
مهمان کي گهوٽ ڪنوار سان گڏ بيهاري فوٽو ڪڍڻو ٿي
پيو. بهرحال اهي سڀ مزا هاءِ ويز ۽ ايڪسپريس وي تي
ڪٿي؟ انهن مٿاهن، ويڪرن رستن تي جتي هر هڪ سئو کان
مٿي رفتار ۾ لڳاتار هلندو رهي ٿو وڌ ۾ وڌ ڪنهن
پئٽرول پمپ وٽ بيهاري ڪافي يا چانهه پي سگهجي ٿو ۽
ان پمپ اسٽيشن جي واش روم استعمال ڪري سگهجي ٿي.
هنن سپر هاءِ ويز ۽ ايڪسپريس ويز رستن ڊرائيور
لاءِ کڻي سولائي ڪئي آهي پر ان سان گڏ باقي ويٺل
سفرڪ ندڙن لاءِ بوريت جو سامان مهيا ڪيو آهي، جيڪي
سڄي سفر ۾ فقط ۽ فقط ڏامر جي سليٽي رستي تي نڪتل
سفيد رنگ جا
Dash
۽ لائينون ڏسي سگهن ٿا. شايد ان بوريت جي ئي نشاندهي جان اسٽين بيڪ پنهنجي هڪ
سفر نامي:Travels
with Charley ۾ ڪئي آهي.......
“When we get these thruways across the whole
country as we will and must, it will be possible
to drive from New York to California without
seeing a single thing.”
۽ اهڙن ئي خيالن جوا ظهار چارلس ڪورالٽ پنهنجي بائيو گرافي
A life On the Road
۾ ڪيو آهي.......
“The interstate highway system is a wonderful
thing. It makes it possible to go from coast to
coast with out seeing anything or meeting
anybody. If the United States interests you,
stay off the interstates.”
چارلس ڪُورالٽ جو واسطو آمريڪا جو ٽي وي چئنل
CBS
سان هو. پاڻ انعام يافته جرنلسٽ هو ۽ ورجينيا جي
ڏکڻ پاسي واري رياست نارٿ ڪئرولينا جو رهاڪو
هو.پاڻ 1934ع ۾ ڄائو هو ۽ 1997ع ۾ گذاري ويو. چون
ٿا ته جان اسٽين بيڪ ۽ ڪُورالٽ سٺا دوست هئا.
ڪورالٽ جيتوڻيڪ جاب خاطر واشنگٽن ۾ رهيو پر هن
پنهنجو وطن نارٿ ڪئرولينا کي به نه وساريو. سندس
هڪ ڪتاب جو ته نالو ئي آهي.
North Carolina is My Home
بهرحال ورجينا کان مئريلئنڊ رياست اچڻ لاءِ عرفان جماڻيءَ
اندريان رستا وٺڻ بدران هتي جو مشهور هاءِ وي 495
انٽر اسٽيٽ فري وي اختيار ڪيو.
I-495
رستو مئريلينڊ کي ملائي ٿو ۽
واشنگٽن جي آس پاس روڊ وارو حصو
Capital Beltway
به سڏجي ٿو. اسان کي ورجينيا مان مئريلئنڊ وڃڻ
لاءِ وچ ۾ وهندڙ پوٽو مئڪ ندي ٽپڻي هئي، جنهن
لاءِ هن پاسي ٻه پليون ٺهيل آهن. هڪ آمريڪن ليجئن
ميموريل برج جيڪا ڪئبن جان برج به سڏجي ٿي. اسان
ٻي پل ذريعي پوٽو مئڪ ندي ٽپياسين جنهن جو نالو
Woodrow Wilson
ميموريل برج آهي، جيڪا ورجينيا رياست جي
اليگزئنڊرا سٽيءَ کي مئريلينڊ جي پرنس جارج
ڪائونٽي سان ملائي ٿي. هن پل مٿان انٽر اسٽيٽ هاءِ
وي 495 ۽ 95 لنگهن ٿا. هيءَ پل 1961ع ۾ ٺهي راس ٿي
هئي ۽ هن پل بابت اها ڳالهه مشهور آهي ته جنهن
ڏينهن تي (يعني 28 ڊسمبر 1961ع تي ) هن پل جو
افتتاح صدر وڊرو ولسن جي بيواهه زال ايڊٿ کي ڪرڻو
هو، ان ڏينهن هوءِ گذاري ويئي. هيءَ پل پوڻا ٻه
ڪلو ميٽر کن ڊگهي آهي ۽ مٿانئس هڪ ئي وقت گاڏين
جون ڇهه قطارون اچي وڃي سگهن ٿيون. هن پل کي
bascule
نموني جي رکيو ويو آهي، جيئن ان هيٺان وڏا جهاز
به لنگهي واشنگٽن وڃي سگهن. هن مٿان لنگهندي اسان
کي ٽرئفڪ ڪافي جئم ملي. عرفان ٻڌايو ته هن پل مٿان
روزانو اڍائي لک کن گاڏيون گذرن ٿيون ۽ عنقريب هن
پل کي اتاهون ۽ ويڪرو ڪرڻ جون خبرون ٻڌي رهيا
آهيون.
هيءَ پل آمريڪا جي اٺاويهين صدر ووڊرو ولسن جي نالي سان آهي،
جيڪو 1856 ۾ ڄائو ۽ 1924ع ۾ وفات ڪيائين پاڻ 1912ع
۾ آمريڪا جو صدر ٿيو. ان کان اڳ نيو جرسي رياست جو
گورنر هو. صدر ولسن جي هڪ ڳالهه جنهن کي کل جوڳي
چئي سگهجي ٿو ته هو ملڪ جي ڪمن ڪارين ۽ پريشانين
جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ روزانو سراسري ٻه اڍائي ڪلاڪ ڪار ۾
سير ڪندو هو بقول سندس.to
relax and loosen my nind from the problems
before me..
اها ڳالهه مون کي پهريون دفعو 1969ع ۾ پنهنجي سينيئر انجنيئر
سعيد چوڌريءَ کان پئي. انهن ڏينهن ۾ رات جو چئين
کان صبح جو اٺين تائين جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي هن سان
گڏ منهنجي هوندي هئي. هو ڪولمبو مان ورتل سوپارين
جي ڪاتر سان کيسو ڀري ڊيوٽي تي ايندو هو ۽ پوءِ
جنهن ڏينهن جهاز جي انجڻ گهڻا مسئلا ڪندي هئي، ان
ڏينهن هو گهڻيون سوپاريون کائيندون هو. سوپاريون
کائڻ جو سبب پڇڻ تي مٿين آمريڪي صدر جو مثال ڏيئي
چوندو هو. ”آئون هن نڀاڳي انجڻ ۽ ائٽلانٽڪ جي خراب
سمنڊ ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ سڪون
حاصل ڪرڻ لاءِ سوپاريون کان ٿو.“
بهرحال اها حقيقت آهي ته آمريڪا جي هن صدر
Wilson Woodrow
آمريڪا ۾ موٽر گاڏين ۽ هاءِ وي ٺاهڻ جي تمام گهڻي
وڪالت ڪئي ۽ ملائيشيا جي اڳوڻي صدر مهاتير وانگر
ان ڳالهه ۾ يقين رکيو ٿي ته ملڪ ۽ ماڻهن جي ترقي
تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رستن جي
ڄار وڇايل هوندي. 1916ع ۾ ان بابت ولسن جو ڪيل اهو
اعلان مشهور آهي ته:
“My interest in good roods is…….to bind
Communities together and open trade, so that it
will flow with absolute freedom and facility.”
پوٽو مئڪ نديءَ مٿان اڏيل وڊرو ولسن پل ٽپڻ کان اڳ ورجينا پاسي
ٽائسن ڪارنر بابت اعجاز شيخ ٻڌايو ته اهو علائقو
ڪمپيوٽر مارڪيٽ کان مشهور آهي. پل ٽپڻ بعد اسين
مئريلئنڊ رياست جي اني ارونڊل
Anne Arundel
ڪائونٽي ۾ پهچي وياسين، جنهن ۾ مئريلئنڊ رياست جو
گاديءَ وارو شهر
Annapolis
آهي. اني ارونڊل عورت جو نالو آهي، جيڪا باليٽيمور
جي ٻي بائرن
Caecilius Calvert
جي زال هئي ۽ سندس تعلق ڪارن وال انگلينڊ جي
ارونڊل فئملي سان هو ۽ ٿامس ارونڊل جي ڌيءَ هئي.
سندس شادي 1627ع ۾ ٿي هئي ۽ هن ڪائونٽيءَ تي سندس
نالو، سندس وفات کان هڪ سال پوءِ 1650ع ۾ رکيو
ويو.
”اني ارونڊل“ ڪائونٽي ڪراس ڪرڻ بعد اسين مونٽگو ميري ڪائونٽي ۾
پهچي وياسين جنهن ۾ سلور اسپرنگ علائقو اچي ٿو،
جتي اسان سان گڏ هلندڙ اعجاز شيخ جو هن کان اڳ
تائين مسواڙ تي ورتل گهر هو. جنهن مان هاڻ
پينسلوانيا رياست شفٽ ٿي ويو آهي. هن وقت هو هتان
پنهنجو باقي ڪجهه رهيل سامان ۽ ڪار کڻڻ لاءِ هلي
رهيو هو.
ڊان بريڊ جا ڪنا چٻاڙيان.....
سلور اسپرنگ ۾ اسان گهڻو وقت نه ترسياسين، اعجاز کي سندس پراڻي
گهر تي لاٿوسين ته هو پنهنجي ڪار ۽ باقي ڪجهه
بچيل سامان کڻي اسان کي فالو ڪري. اسان
Wheaten
پلازا مال وٽان نڪري 270 انٽرا اسٽيٽ فري وي ورتو،
جنهن ذريعي اسان کي ڀر واري رياست پينسلوانيا
پهچڻو هو.
I-270
اڳتي هلي هاءِ وي نمبر 70 ۾
Merge
ٿي ويو، جنهن تي اسان منو ڪلاڪ کن اڳيان هلندا
رهياسين.
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هنن هاءِ ويز
Express ways
تي هلڻ مهل ڪا تبديلي نظر نٿي اچي. سڄي واٽ ساڳيو
ڏامر جو رستو ۽ زوڪاٽ ڪندڙ گاڏيون نظر اچن ٿيون.
ساڳيو نظارو ڏسي ڏسي بوريت به ٿي پئي، انگلش
لٽريچر جي پيرڊن واريون اٻاسيون به آيون پي ۽ رکي
رکي ننڊ جو جهوٽو به اچي ويو ٿي. اک کلڻ تي يڪدم
عرفان سان ڪا انڌي منڊي ڳالهه ڪيم ٿي يا پڇيم ٿي.
پنهنجي معلومات وڌائڻ لاءِ نه پر عرفان کي جاڳائي
رکڻ لاءِ جو ائين نه ٿئي جوماٺ مٺوڙي ۾ ڊرائيو
ڪرڻ ۾ هن جي به اک لڳي وڃي ۽ ههڙي رستي تي ۽ هن
رفتار سان، الله خير ڪري، پل کن جي بي خيالي ۾ خبر
ناهي ڪيترين گاڏين ۽ گهرن جي تباهي ٿيو وڃي.
هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويل گاڏيون به هڪ ٻئي مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ
بدران ويلڊنگ يا گئس ڪٽنگ ذريعي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڌار
ڪيون وڃن ٿيون! رکي رکي عرفان کي ڪنهن فون ڪيو ٿي
ته خوشي ٿي ٿي ۽ مون سڪون سان پنهنجي اڌ ننڊ اڌ
سجاڳ واري حالت قائم رکي ٿي جو پڪ هيم ته فون تي
هلندڙ ڳالهه ٻولهه هن کي مون وانگر جهوٽا کائڻ کان
بچائيندي. هڪ هنڌ اک کولي ساڄي کاٻي ڏٺم ته پري
پري تائين نيري آسمان هيٺ چهچ سائي رنگ جي پوک
ڏاڍي دل ڌتاريندڙ لڳي.
”ڪمند جي پوک آهي؟“ مون عرفان کان پڇيو.
”نه مڪئي جي آهي،“ عرفان ٻڌايو ”ڇا ته ڀلو فصل آهي. فوٽو ڪڍبو؟“
”فوٽو ته ڪڍون يا نه، ڪجهه گهڙيون کڻي ترس ته ٽنگ ڊگهي ڪيون.
آئون ته ورجينا ۽ مئريلئنڊ ۾ به هيٺ نه لٿو هوس.“
”بلڪل بلڪل،“ عرفان چيو، ”ان ڪري ته آئون هر وقت چانهه يا ڪافي
لاءِ به پڇان پيو ته توهان ها ڪريو ته آئون به
پيئان.“
عرفان پنهنجي ڪار کي وچئين قطار مان ڪڍي ساڄي پاسي واري قطار
اختيار ڪئي ۽ جيئن ئي ڪو
Exit
آيو ته هن هاءِ وي ڇڏي ساڄي مڙندڙ رستو اختيار
ڪيو، جنهن اسان کي هتي جي گهٽ ويڪرن رستن يعني
نيشنل هاءِ وي تي آڻي پهچايو، جنهن جي ٻنهي پاسي
رستي جي ڪپرن سان گڏ ٻنيون ٻارا ۽ آباديون ۽
ڪارخانا هئا. عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته هو، هونءَ به
هتان لنگهندي، هنن ڳوٺن ۽ کيتن مان ڀاڄي ڀتي وٺڻ
لاءِ ترسندو آهي، سو هاڻ هن ان مڪئي جي پوک ۽ ان
اڳيان ڪجهه ننڍڙن دڪانن (يعني هتي جي حساب سان
ننڍڙا) ۽ پئٽرول پمپ واري هنڌ تي اچي گاڏي بيهاري.
پئٽرول جي ضرورت نه هئي پر پئٽرول پمپ سان لاڳاپيل
دڪان تان هڪ پنهنجي لاءِ هڪ منهنجي لاءِ پيپسي جي
بوتل ۽
Doritos
نالي ٽارٽيلا چپس جو ٻارهن آئونس وارو پئڪيٽ
ورتو. آمريڪا جون ڪجهه عجيب ڳالهيون، هڪ هنڌ
ٻڌايون اٿم ته سڄي دنيا ۾ لائيٽ ٻارڻ لاءِ سئچ کي
مٿان کي هيٺ ڪبو آهي پر هتي هيٺان کان مٿي ڪجي ٿو.
دنيا جي ملڪن ۾
Left Hand
ڊرائيور آهي ۽ هتي آمريڪا ۾
! Right Hand دنيا ۾ ڪڏهوڪو ميلن بدران ڪلو ميٽر ٿي ويا پر هتي اڃا اهي ميل
پيا هلن. اهڙي طرح وزن جي ماپ لاءِ ٽوڪيو، لنڊن ۽
پئرس ۾ ته ڪلو گرام استعمال ٿين ئي ٿين ٿا پر
کڏڙو، ٺل، دڙو ۽ پڊعيدن جهڙن ڳوٺن ۾ به پاءَ، سير
۽ مڻ بدران ڪلو گرام ۾ ئي تور ڪئي وڃي ٿي پر هتي
هڪ آمريڪا آهي، جتي اڃا تائين آئونسن ۾ وزن ٿئي
ٿو. هي چپس چيز يعني پنير ۾
Bake
ٿيل پٽئٽو چپس هيون، جنهن جي لفافي تي
Ingredients
کان علاوه ڪئلوريون ۽ پروٽين لکيل هو ته هنن ۾
ڪيتري وئٽمن اي موجود آهي ۽ ڪيتري وئٽمن سي،
ڪئلشيم، ٿيامن، آئرن، فاسفورس وغيره. هڪ ڪنڊ تي
Date Of expiry
لکيل هو، يعني ان تاريخ تائين هي چپس صحيح رهنديون
ان بعد ڪمپنيءَ جي ذميواري نه آهي. اهي اهڙيون
ڳالهيون آهن، جيڪي آمريڪا ۾ هر کاڌي جي شيءِ جي
لفافي جي ٻاهران لکيل رهن ٿيون پر هن لفافي مون کي
هڪ
Quotation
ڏي ڌيان ڇڪرايو، جيڪا وڏن اکرن ۾ لکيل هئي ته هي
چپس کائڻ ۾ حتمندي آهي جي نقطي جي وڪالت ڪئي ٿي
جيڪا ڊاڪٽر ڪينٿ ڪوپر جي چيل آهي. عرفان کي چيم ته
هاڻ اهو ڊاڪٽر ڪينٿ آهي ته الائي ڪهڙي ميڊيڪل
يونيورسٽي يا اسپتال سان وابسته اهو نه لکيو اٿن.
سندس نالي هيٺان فقط لکيل آهي
Fitness and wellness expert
بهرحال ڪوٽيشن به هتي لکندو هلان:
“Fitness is a journey, not a destination. It
must be continued for the rest of your life.”
گاڏي پارڪ ڪري عرفان جماڻي ۽ آئون مڪئي جي پوک جو ڪنارو ڪنارو
ڏيئي هلڻ لڳاسين. اسان چپس به کائيندا رهياسين،
ڳالهيون به ڪندا رهياسين ته ساڳئي وقت ڪچڙي مڪئي
جي چهچ سائي فصل جي دلڪش نظاري مان به مزو وٺندا
رهياسين. مڪئي ۾ سنگ اچي ويا هئا پر اڃا ايڏو بالغ
نه ٿيا هئا جو انهن جا کوندا ٻاهر نڪرڻ شروع ٿين.
عرفان کي چيم ته آمريڪا جون ٽي شيون منهنجيون شروع
کان فئوريٽ رهيون آهن. هڪ آئيس ڪريم ۽ ان بعد مڪئي
جا سنگ (جن کي هتي آمريڪا ۾ ”ڪارن“ سڏين ٿا) ۽ ٽي
بوهي مڱ (جنهن کي گرائونڊنٽس به سڏين پر عام طرح
سڄي دنيا ۾ پي نٽ
Peanuts
سڏجن) هينئر ته اسان وٽ به چڱي خاصي مٺي ۽ نرم
مڪئي ٿئي ٿي پر اڄ کان پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن
پهريون دفعو آمريڪا آيو هوس ته هتي آمريڪا ۾ ٿي،
سٺي ۽ سستي مڪئي
(Sweet Corn)
۽
Peanuts
ڏسي حيرت ٿيندي هئي. اهڙي طرح ٻيون به شيون هيون
جهڙوڪ گدرو، ڇانهين، پپئيو، ڪيلو وغيره جن جي
سعودي عرب، ملائيشيا ۽ فلپين جهڙن ملڪن ۾ ته بيحد
بهترين جنس نظر آئي ٿي پر اسان وٽ هرگز نه. اسان
جي ملڪ ۾ ڇانهين به وٺبي هئي ته پڪ نه هوندي هئي
ته اندران اڇي نڪرندي (يعني اڻ پڪل) يا ڳاڙهي ۽ جي
ڳاڙهي هوندي هئي ته ضروري ناهي ته مٺي به هجي ۽ هر
صورت ۾ ان جو ٻج تمام وڏو هوندو هو، جنهن جو هڪ هڪ
ڪڻ ڪڍڻ بنا کائي نه سگهبي هئي ۽ ان ڇانهينءَ جي کل
به ٿلهي هوندي هئي.
ان وقت جون ڇانهيون ۽ گدرا گهڻو ڪري وهٽن حوالي ئي ٿيندا هئا پر
هاڻ اسان وٽ به هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو اعليٰ جنس
جو ٿيڻ لڳو آهي لاءِ ويندي چيري ۽ اسٽابيري به
ايتري پوکي وڃي ٿي جو مارڪيٽ ۾ وڪامڻ لاءِ اچي ٿي.
نه ته 1960ع جي آخري وارن سالن ۾ هتي جا بهترين ۽
مٺا سنگ ڏسي پنهنجي والد کي هيوسٽن، فلڊلفيا، نيو
اوورلينس ۽ نيويارڪ وغيره مان لکيل خطن ۾ هتي جي
عمارتن ۽ ماڻهن بابت لکڻ بدران هتي جي مڪئي جي
واکاڻ لکندو هوس ۽ پنهنجي والد کان جيڪو
ائگلريڪلچر جو شاگرد رهيو هو ۽ هتان آمريڪا مان
(ڪارنيل يونيورسٽي اٿيڪا مان) ائگريڪلچر سائنس ۾
پوسٽ گريجوئيشن ڪئي هئي، اهو ئي سوال ڪندو هوس ته
هتي جي مڪئي ايڏي سٺي ڇو آهي؟ ۽ جواب ۾ هو
ٻڌائيندو هو ته اهو ان ڪري آهي جو آمريڪا وارا نه
فقط انڊسٽري ۾ پر ائنمل هسبنڊري ۽ ائگريڪلچر ۾ به
اسان کان گهڻو اڳيان آهن ۽ هنن ان تي کوجنائون ۽
تجربا ڪري نيون نيون جنسون پيدا ڪيون آ هن. ان کان
علاوه موسم ۽ زمين
(Soil)
جي به ڳالهه آهي، جنهن مطابق اسان وٽ ۽ انڊيا ۾
جيئن انب جي جنس بهترين ٿئي ٿي.
”آمريڪا ۾ جيڪي مڪئي جا سنگ کائون ٿا،“ والد صاحب (مرحوم گل
محمد شيخ) لکيو هو، ”اهي عام مڪئي
Maize
(جنهن جو لاطيني نالو
Zea Maus آهي) جا سنگ نه آهن پر مٺي مڪئي
Sweet Corn
جا سنگ آهن، جنهن کي
Etzcorn
يا
Sugar corn
به سڏيو وڃي ٿو ۽ عام مڪئي
Zea mays
جي
hybridized
ورائٽي آهي، جنهن لاءِ سٺو
Soil
جنهن ۾
Potassium
جي کوٽ نه هجي، هلڪي ٿڌي موسم، گهڻي روشني، قدرتي
Pollination
۽ سٺي
Fertility سان گڏوگڏ وڏي سنڀال جي ضرورت آهي، جو هن کي جيتن
Insects کان علاوه مختلف جانورن کان بچائڻ ضروري آهي.
مون کي ياد آهي ته اڄ کان اڌ صدي کن اڳ 1955ع ڌاري جڏهن اسان
ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته والد
صاحب هر موڪل واري ڏينهن تي ٻني تي وٺي هلندو هو ۽
پوک بابت سمجهائيندو هو. اسان جي ٻني ۽ باغ
جيتوڻيڪ نيشنل هاءِ وي تي آهي، جتي رستي تان هلندڙ
ٽرئفڪ ۽ تن ڏينهن ۾ ٽنڊوآدم کان پڊعيدن تائين
هلندڙ ريل گاڏيءَ جا آواز ٿيندا رهندا هئا پر تڏهن
به ڪيترن ئي قسمن جا سهڻا پکي، تتر ۽ جانور نظر
ايندا هئا. ڪيترائي دفعا سوئر، گدڙ ۽ نانگن جهڙا
جانور ۽ بلائون مون پاڻ ڏٺيون. اڄ ڪانگ ڪٻر ۽ انبن
جي موسم ۾ ديسي سائي چتونءَ کان علاوه ڪو پکي نظر
نٿو اچي، سانڍي ۽ اڏوهيءَ کان علاوه ٻي ڪا چرندڙ
شيءِ نظر نٿي اچي. ڪجهه ماڻهن سندن موت آندو ڪجهه
جيت مار دوائن
Pesticide
جو شڪار ٿي ويا. بهرحال منهنجي زور ڀرڻ ته والد
صاحب مون کي هيوسٽن (ٽيڪساز) جي هڪ مارڪيٽ مان
مڪئيءَ جو ٻج آڻڻ لاءِ چيو ، جيڪو ٻنيءَ تي هڪ
ننڍڙي پلاٽ ۾ پوکيو ويو ۽ تمام سٺو ڦوٽاڙو ۽ سنگ
ٿيا پر پوءِ انهن سنگن جي ٻج مان ٻيو ڀيرو سٺو سنگ
نه اڀريو. هڪ ته ڪيڙي لڳڻ ڪري ۽ ٻيو رات جو سوئرن
۽ ڏينهن جو ڀر وارن ڳوٺن جي ڇوڪرن کان ڀاڄيون
پوکيندڙ باگڙي ئي بيزار ٿي پيا نه ته منهنجو خواب
شايد پينسلوانيا جي هن ساوڪ جهڙو هو. ڪجهه ڏينهن
اڳ فون تي پنهنجي زميندار پيٽارين دوست غلام حسين
چانڊيو کي سهڻي صلاح ڏنم ته ”يار ڳالهه ٻڌ زيتونن
۽ گلاب جي گلن پوکڻ کان مڪئي
Sweet Corn
ڇو نٿو پوکين؟“
”ڪهڙيون ويٺا ڳالهيون ڪريو“ هن وراڻيو هو، ”اهي شيون جن لاءِ
ٿوري پاڻيءَ جي ضرورت آهي، اهي ئي نٿا پوکي سگهون
سو اها مٺي مڪئي پوکي سگهنداسين“
سندس اها ڳالهه ٻڌي ڪانگ ۽ لولي جي مزاحيه ڳالهه ياد آئي ته وڻ
تي ويٺل ڪانگ کي هيٺان لنگهندڙ هڪ اخباري نمائندي
گهوري ڏٺو ته ڪانگ ٺهه پهه چيس ته تون سوچيندو
هوندين ته آئون ڪنهن هاريءَ جي ٻار کان مٺي مانيءَ
جو لولو کسي آيو آهيان ۽ ويٺو کان. ٻئي درجي جي
ڪتاب ۾ ڏنل اها ڪهاڻي مون به پڙهي آهي پر تنهنجي
اطلاع لاءِ اهو به ٻڌايان ته گذريل برسات ۾ ڪڻڪ جي
فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، باقي بچيل سچيل سنگن جو
لابارو شروع نه ٿيو آهي، سرڪار ڪڻڪ جو اگهه اڃا
مقرر نه ڪيو آهي، هاري ته ڇا پر زميندار جا ٻار به
ڪڻڪ جي لولي لاءِ پيا سڪن. آئون به مٺي مانيءَ جو
لولو نه پر ڊان بريڊ جا سڪل ڪنا ويٺو
چٻاڙيان.......“
سو غلام حسين چانڊيو کي به گهڻو ئي سمجهايم ته مڪئي جو اگهه سٺو
آهي حيدرآباد ۾ کليل مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي فرائيڊ
چڪن واريون ريسٽورنٽُن توکان خريد ڪري وينديون پر
هن جي اها ئي ڳالهه ته درياهه ۾ پاڻي آهي
ڪٿي........ |