ڇا
آمريڪا ۾ رهڻ سان ٻار خراب ٿيو وڃن؟
هونءَ پڙهندڙن کي اهو به سوچڻ نه کپي ته يورپ يا هتي آمريڪا ۾
جيڪا به فئملي اچي ٿي ان جا ٻار پنهنجي ڪلچر،
ثقافت ۽ مذهب کان ڏور ٿيو وڃن حقيقت ته اها آهي ته
مٿين مثالن جهڙا ڪيس تمام ورلي ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر
آهن، نه ته هتي رهندڙ اسان جا ديسي توڙِي انهن جا
ٻار ايڏو ته محنتي پورهيت، نيڪ ۽ اخلاق وارا آهن
جو ڪو سوچي به نٿو سگهي. ان بابت آمريڪا جي هن کان
اڳ واري سفرنامي ”يو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ به لکي
چڪو آهيان ته ڪو زمانو هو جو ولايت ۾ اسان جي ملڪ
جي جاهل وڏيرن، سردارن ۽ پيرن جاگيردارن جا پٽ
پئسو وڃائڻ ۽ عياشي خاطر ايندا هئا پر هاڻ مڊل ۽
لوور ڪلاس جا غريب ماڻهو پورهيو ۽ نوڪريون ڪري
پئسو بچائين ٿا ۽ پنهنجي فئملي کي جيڪا توڙي هتي
هن سان گڏ هجي يا پٺيان پنهنجي وطن ۾، خوشحال ڪن
ٿا. مون ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ ڪيترن
ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي بداخلاق ڊريس ۽ حرڪتون ڪندي ڏٺو
آهي پرهتي نه. هتي هفتي جا پنج ڏينهن گڏهه وانگر
پورهيو ڪرڻ بعد هفتي جي موڪل جو هڪ ڏينهن يا ٻه
ڏينهن آرام لاءِ ملن ٿا پر اسان جي وطن جا هي
پورهيت ۽ تعليم يافته ماڻهو آرام ڪرڻ بدران پنهنجن
ٻارن کي ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ اسلامڪ سينٽر ۾
وٺي وڃن ٿا، راندين روندين جي ڪلبن ۾ پاڻ سان گڏ
وٺي وڃن ٿا. ڪيترا مائٽ ته ٻارن کي ڪمري ۾ اڪيلو
ويهي ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ به نٿا کولڻ ڏين. ان جا
به ڪيترائي مثال آهن. هتي فقط هڪ ڏيان ٿو.
بالٽيمور ۾ ڊاڪٽر منور عباسي جي گهر هوس ته اتي
سندس ٻن پٽن کي ڏٺم ته ماءُ پيءُ سان گڏ پنج ئي
وقت نماز پڙهي رهيا هئا. منور ٻڌايو ته سندس زال
ياسمين ننڍي هوندي کان ٻنهي ٻارن کي اها ئي
ٽريننگ ڏني ته اسان کڻي ڪٿي به رهون پنهنجو ڪلچر ۽
مذهب ڇڏڻو ناهي.“ مون کي مڙيئي فجر مهل اٿڻ ۾ سستي
ٿيندي آهي پوءِ ٻار رڙيون ڪري اٿاريندا اٿم ته
Papa Get up
“
منور ٻڌايو.
منور ٻڌايو ته گهر ۾ ته ٻار ڇا ٻاهر ويندا آهن ته به نماز تي
پابند رهن. ”هينئر هفتي کن جي پڪنڪ تي اسڪول وارن
سان گڏ ويا. اسان اسڪول جي هيڊ ماسٽر کي لکي ڏنو
ته ان شهر ۾ هن وقت فجر جو ٽائيم ٿيندو مهرباني
ڪري اسان جي پٽن کي نماز لاءِ اٿارجو.“
منور ٻڌايو ته ڪمپيوٽر سندس ڪمري ۾ رکيل آهي، جيئن سندس ٻارماءُ
پيءُ اڳيان ان کي کولي اسڪول جو ڪم ڪار ڪن. کين هر
وقت سندن ماءُ سمجهائيندي رهي ٿي ته دنيا وانگر
ڪمپيوٽر جون به ڪيتريون ئي ويب سائيٽس اگهاڙيون ۽
خراب آهن، جن کان اسان کي پاسو ڪرڻ کپي. اسان کي
فقط سٺين ڳالهين جي پوئواري ڪرڻ کپي.
منور جو وڏو پٽ ٻارهن سالن جو مس ٿيندو ۽ ننڍو ڏهن سالن جو.
ٻنهي قرآن جا پنج سيپارا حفظ به ڪيا آهن. بالٽيمور
شهر ۾ ته مسجدون به آهن ۽ ڪيترائي هتي جا گورا نو
مسلم به نماز پڙهندي نظر اچن ٿا پر جنهن هنڌ منور
وارن جو گهر آهي، اهو ٻهراڙيءَ وارو علائقو آهي.
سو منور کان پڇيم ته پوءِ تنهنجا پٽ قرآن پڙهڻ
لاءِ ڪيڏانهن وڃن.
”اسان جي علائقي ۾ هڪ عرب مسجد ٺهرائي آهي، جنهن جو امام هڪ
مصري آهي.“ منور ٻڌايو، “ ان جي زال ٻارن کي قرآن
پڙهائي ٿي. پر ٻار مسجد ۾ وڃڻ بدران گهر ۾ پڙهن.“
”ان مصري امام جي زال گهر ۾ اچي پڙهائي؟“
مون پڇيو.
”نه. هن هر ٻار کي ٽائيم ڏيئي ڇڏيو آهي. جيئن اسان جي ٻارن کي
قرآن پڙهڻ جو ٽائيم شام جا پنج ڏنا اٿس. پوري
پنجين بجي هوءَ فون ڪري هڪ هڪ ٻار کان پراڻو سبق
پڇندي آهي ۽ پوءِ وڌيڪ ياد ڪرڻ لاءِ نئون سبق
ڏيندي آهي. فون سان گڏ ٽيپ رڪارڊر به
attach
ڪري ڇڏيو اٿئون. جيئن بعد ۾ هر هر ٻڌڻ لاءِ، ٻار
ٽيپ رڪارڊر ذريعي ٻڌي تلفظ صحيح ڪري سگهن.“
نيو جرسيءَ ۾ فلڪ شير جي گهر هوس ته اهي پڻ پنهنجن ٻارن کي ڇنڇر
۽ آچر ڏينهن
(Weekends)
تي ڀر واري مدرسي(جيڪي هتي اسلامڪ سينٽر ٿا سڏجن)
۾ صبح جو وٺي ويندا هئا. شام جو وري اسڪائش ۽
سئمنگ سيکارڻ لاءِ ڪلب ۾ وٺي ويندا هئا. اتي
منهنجي ڪيترن ئي ڪراچي جي واپاري ميمڻن سان ملاقات
ٿي،ڪ جن جا آمريڪا ۾ ”ون ڊالر شاپ“ ۽ ٻئي قسم جو
بزنيس آهي. انهن ۾ هڪ
ARY
ٽي وي واري عبدالرزاق يعقوب جو ڀائٽيو به هئو. هو
۽ ٻيا پڻ پنهنجن ٻارن کي ڪلب ۾ پنهنجي نظرداريءَ
هيٺ رانديون کيڏائڻ لاءِ وٺي آيا هئا جو هو سمجهن
ٿا ته هڪ صحتمند ذهن لاءِ صحتمند جسم به ضروري
آهي. اتي ئي فلڪ شير هڪ ميمڻن جو ننڍو ڇوڪرو مزمل
نالي ملايو، جنهن سڄو قرآن حفظ ڪيو آهي ۽ يوسف جو
پٽ آهي. اهڙي طرح نيو يارڪ ۾ هالن جي اڪثر ليليٰ
ڪيريو ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر رمضان انڙ موڪل وارن ڏينهن
تي پنهنجن چئن ٻارن کي مدرسي وٺي ويا ٿي. قران
شريف يا نماز پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي پر اخلاق ۾ به
مون ڏٺو ته هتي رهندڙ اسان جي ملڪن جا ٻار ڪيترين
ڳالهين ۾ پنهنجي عمر جي انهن ٻارن کان بهتر آهن،
جيڪي ڪراچي، بمبئي يا ڍاڪا ۾ رهن ٿا ۽ جن جا مائٽ
انهن جي ذهني ۽ اخلاقي اوسر تي ڌيان نٿا ڏين.
مسلمانن جي ڀيٽ ۾ جيتوڻيڪ هندن کي مذهب طرفان شراب پيئڻ تي منع
ناهي، تنهن هوندي به مون ڏٺو ته ڪيترائي هندو هتي
جي گورن وانگر اڄ ڪلهه سگريٽ ۽ شراب کان پاسو ڪن
ٿا جو هو ان کي ميڊيڪلي سٺي شيءِ نٿا سمجهن. ائين
ناهي ته هو صفا نٿا ڊرنڪ ڪن. هرگز نه. هي ملڪ اهو
آهي، جتي شهرن توڙي ڳوٺن وستين ۾ شراب جا دڪان نظر
اچن ٿا، جيئن پاڻ وٽ پان سوپاريءَ جون مانڊڻيون
آهن ۽ اسان جي ملڪ جي مقابلي هتي بيئر توڙي وسڪي
سستو پڻ آهي ۽ ڪيترا هندو يا هتي جا ڪرسچن ۽ يهودي
ڊرنڪ ڪن ٿا پر ڪڏهن ڪڏهن، دعوت ۾ يا ويڪ اينڊ تي
هو بيئر جي هڪ بوتل يا پيگ وسڪيءَ جو چاڙهي وڏي
ڳالهه سمجهندا آهن. اسان جي ملڪ وانگر هر گز نه
جيڪي پي پي پيا الٽيون ڪڍندا ۽ آخر ۾ بيهوش ٿي
ويندا ۽ کين کڻي گهر ڇڏبو آهي. ڪن جو ته رستي تي
ڪاڪوس به وهي ويندو آهي. اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي
دماغ ۾ عجيب ماليخوليا ڀريل نظر اچي ٿي. مڃون ٿا
ته انگريزن وڃڻ بعد اسان جا ڪارا حاڪم ۽ پئسي وارا
ماڻهو انهن جي ڪاپي ڪرڻ لاءِ سگريٽ ۽ شراب پيئڻ ۾
فخر محسوس ڪندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته هاڻ اسان به
انهن انگريزن وانگر ٿي ويا آهيون. پر کين ڪير
ٻڌائي ته اڄ اهو انگريز سگريٽ نوشي ۽ شراب خوريءَ
کي خراب ٿو سمجهي. ميڊيڪل سائنس ثابت ڪري ڏيکاريو
آهي ته سگريٽ ۽ شراب صحت لاءِ خراب آهي. ۽ اهي
شيون نه فقط صحت لاءِ خراب آهن پر اخلاق لاءِ پڻ
هاڃيڪار آهن. بقول منهنجي هڪ هندو دوست جي شراب هڪ
اهڙي بيماري آهي، جيڪا بوتلن ۾ وڪامي ٿي ۽ اسان
پئسا ڏئي خريد ڪريون ٿا.
منهنجو ڪو پڙهندڙ آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي ديسي ماڻهن بابت ڪو
ڪتاب يا فلم ڏسڻ جو شوقين هجي ته ان لاءِهتي ٻه
چار ڪتابن ۽ فلمن جا نالا لکان ٿو جنهن ۾ اسان جي
ديسين يعني
Indian Americans
جا احساسات آهن. آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽا
جي پروفيسر وجئي پرشادجو ان سلسلي جو ڪتاب آهي:
The Karma of Brown Folk.
جهمپالاهيريءَ جي هڪ ڪتاب
The Namesake جو ذڪر ته پهرين به ڪري چڪا آهيون سندس هڪ ٻيو ڪتاب جنهن ۾
ديسي ماڻهن جو ذڪر آهي اهو آهي :
Interpreter Of Maladies
آمريڪا مان اسان ديسين يعني انڊين پاڪستانين لاءِ
انگريزي توڙي اڙدوءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون ۽
رسالا نڪرن
ٿا.ڪيترين اخبارن کي ته ايڏا اشتهار ملن ٿا جو هو
اهي اخبارون ماڻهن ۾ مفت ورهائين. هن وقت منهنجي
سامهون ان قسم جون ٻه ٽي مئگزينون رکيون آهن، نالا
اٿن:
EGO
مئگزين.
ABCD Lady
خبر مئگزين- انگريزيءَ ۾.
لٽل انڊيا- انگريزيءَ م
ڪجهه اهڙيون فلمون جن ۾ اسان جا ديسي (انڊين آمريڪن)
Subject Matter
آهن، هن ريت آهن.
* ABCD يعني آمريڪن بارن ڪنفيوزڊ ديسي
* آمريڪن چاءِ
* آمريڪن ديسي
* Bend it Like Becham
*
Birth of a Butterfly
– هڪ انڊين آمريڪن عورت جي فلم جيڪا آمريڪا ۾ ننڍي
ٿي وڏي ٿئي ٿي.
Chutney Popcorn *
*Harold & Kumar Go to white castle
The Guru *
Mississippi Masala *
Where is the Party yaar *
واشنگٽن جو
The Awakening
هڪ ڏينهن صبح جو آمريڪا بابت هي سفر نامو لکي رهيو هوس ته
پنهنجي ڪاليج جي ڏينهن جي ڪلاس ميٽ سميع جو فون
آيو. فون جي اسڪرين تي سميع جي موبائيل فون جو
نمبر پڙهي ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته فون کڻان يا نه
کڻان. مس مس لکڻ جو موڊ ٿيو هو. سميع زبردست خبر
رسان ايجنسي ۽ چرچائي آهي. سندس ڪچهريءَ مان ڪو به
بور نٿو ٿئي پر هن وقت فون کڻي پنهنجو ڪلاڪ چٽ ڪرڻ
بدران گذريل ڏينهن جون سندس ئي ڳالهيون لکڻ ضروري
آهن. پر جي خبر پئجي ويندس ته مون، هوندي به سندس
فون نه کنيو ته اصل ڇتو ٿي پوندو. ٽيليفون ائين
گهنٽيون وڄائي رهيو هو ڄڻ هاڻ ٿڪجي پيو هجي. ڄڻ
سهڪي رهيوهجي ۽ هاڻ جي نه کڻندس ته بيهوش ٿي
ويندو.
”هيلو. هيلو. ”مون نيٺ فون کنيو.
”يار آهين ته واشنگٽن ۾ نه؟“ سميع خوش ٿيندي چيو،“ مون سمجهيو
ته نيو جرسي موٽي وئين؟“
”نه يار اڃان ڪجهه ڏينهن هتي آهيان. فون کڻدي دير ٿي ويئي
جو....“ سوچڻ لڳس دير جو ڪهڙو سبب ٻڌايان پر ان
کان اڳ سميع پاڻ ئي جملوپورو ڪيو“ پڪ باٿ روم ۾
هوندين.“
”جي ها. توکي ڪيئن خبر پيئي“ مون چيو.
”ڪهڙي سري محل ۾ رهيو پيو آهين جو چوان ته هيٺ تهه خاني ۾
هوندين يا اڌ ميل ڊگهي ڊرائنگ روم ۾ هوندين. منور
جي ان فلئٽ ۾ ٻن تڏن جيڏي ڪمري ۽ باٿ روم کان
علاوه ٻيو آهي ئي ڇا؟“
”ڪر خبر نيرن ڪئي؟“ مون پڇيو.
کان هتي تو وٽ واشنگٽن اچي نڪتو آهيان.“
”خير ۾؟“ مون پڇيو.
”بس ائين هڪ دوست جو ڪم هو،“ سميع ٻڌايو، “ اهو جلدي ٿي ويو ۽
هن وقت نيو جرسي ايوينيو تي ”واشنگٽن ڪورٽ هوٽل
وٽان پيو ڳالهايان. ڇا پيو ڪرين؟“
”يار اخبار لاءِ ڪالم پيو لکان. شام تائين مون کي پورو ڪري اي
ميل ڪرڻو آهي.“ مون اها ڳالهه ان ڪري ڪئي جيئن
سميع منهنجي ڪميٽمينٽ جي مجبوري سمجهي اڄ مون کي
لکڻ لاءِ ڇڏي ڏئي جو هن وقت لکڻ لاءِ موڊ ۽ مواد
هڪ ئي وقت نمڪ حلال نوڪر وانگر منهنجي اڳيان حاظر
هئا پر سميع کي لکڻ پڙهڻ جي ڳالهين سان پيار رهيو
ئي ڪڏهن آهي.
”ڇڏ انهن لکڻ جي ڳالهين کي، ڳوٺ وڃي لکجانءِ يا اخبار وارن جو
فون نمبر ڏي ته ٻڌايان ته مري ويو. هو تنهنجي جان
ڇڏين ۽ تون پڙهڻ وارن جي.“
”يار هي ڪالم ضروري آهي.“ مون هڪ دفعو وري سميع کان بچڻ جي ڪوشش
ڪئي.
”چڱو هاڻ هيٺ لهه ته آئون
Independence
ايوينيو ڏئي تو واري ستين گهٽيءَ ۾ پهچان ٿو.“
سميع جملي ختم ڪرڻ سان گڏ پنهنجو فون به بند ڪيو
۽ آئون هڪ هڪ پنو ميڙي هڪ هنڌ هٿيڪا ڪري، بوٽ
پائي، ڪمري نما فلئٽ (جنهن جي سميع وضاحت ڪري چڪو)
جو واحد دروازو لاڪ ڪري لفٽ ۾ سوار ٿيس. هيٺ لهي
ٻه منٽ کن هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيم ته ايتري ۾
سميع جي ڪار پهچي ويئي.
”ڪيڏانهن هلندين؟“ مون سميع کان پڇيو.
”هل ته توکي پنهنجو فلاڻو ڪلاس ميٽ ڏيکاريان. مون کيس هتي اڌ
دفن ڪيو آهي اڌ اڃان ٻاهر آهي. ايندي ويندي کيس
بجا ڏيندو آهيان.“
”چئبو ته توکي ان تي ڏاڍيون باهيون آهن، جيتوڻڪ هن جهڙو ٻيو
بهترين ڪلاس ميٽ نه ٿيندو.“ مون هن جي حق ۾
ڳالهائيندي چيو.
”توهان چمچن لاءِ هو سٺو هوندو. انور ميمڻ کي ڪئناڊا فون ڪري پڇ
ته هن اسان لاءِ ڪاليج ۾ زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي يا
نه. هر وقت انتظار ۾ هوندو هو ته اسان ڪاليج مان
ڀڄون ته ائڊجيوٽنٽ کي دانهن ڏيئي اسان کي سزا
ڏياري.“
سميع واٽر اسٽريٽ ۽ مائيني ايوينيو ڏيئي چوڏهين گهٽي واري پل ڏي
هليو.
”ڇا، ارلنگٽن قومي قبرستان ڏي ٿو هلين ڇا؟“ مون پڇيو.
”چيم ته توکي تنهنجو ڪلاس ميٽ اڌ دفن ٿيل ٿو هلي ڏيکاريان.“
سميع وراڻيو.
”يار ان قبرستان ڏي هڪ ٻه دفعو وڃي چڪو آهيان. ان کان ته هل ته
هلي شهر ۾ ڪو ميوزيم ڏسون ۽ مورتين
Statuses
جون تصويرون ڪڍون.“
”فڪر ئي نه ڪر اتي توکي اهڙين تصويرن ڪڍڻ جو به موقعو ملي
ويندو.“ سميع کتو جواب ڏنو ۽ آءٌ هٿيار ڦٽا ڪري اڌ
ڏينهن ضايع ٿيڻ لاءِ ذهني طرح راضي ۽ تيار ٿي ويس.
آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن
DC
جي ڏکڻ اولهه ۾ ورجينا رياست آهي، ۽ اهي ٻئي ائين
آهن، جيئن ڪوٽڙي حيدراباد آهن. ڪوٽڙي ۽ حيدراباد
کي سنڌو ندي ڌار ٿي ڪري ۽ ڪوٽريءَ کان حيدرآباد
ضلعي ۾ اچڻ لاءِ ڪوٽڙي واري پل ۽ ڄام شوري واري
بئراج آهي. تيئن واشنگٽن ۽ ورجينا جي وچ ۾ پوٽو
مئڪ ندي آهي، جنهن جي مٿان ڪيتريون ئي پليون آهن
جن مٿان سڄو ڏينهن ماڻهو پيا اچن وڃن. واشنگٽن جي
آفيسن ۽ دڪانن تي ڪم ڪندڙ اسي سيڪڙو ماڻهو ورجينا
رياست ۾ رهن ٿا. صبح جو واشنگٽن نوڪري يا ڌنڌي
ڌاڙي لاءِ اچن ۽ شام جو موٽيو وڃن، جيئن اسلام
آباد ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي راولپنڊيءَ ۾ رهن جو اسلام
آباد گاديءَ وارو شهر ۽ ننڍو شهرهجڻ ڪري هر شيءِ
مهانگي آهي. جايون جڳهيون، ڀاڄيون ڀتيون ويندي
ٽئڪسي جو ڀاڙو ۽ پارڪنگ في به گهڻي آهي، تهڙيءَ
طرح واشنگٽن جو حال آهي، جتي دنيا جي ملڪن جا
سفارت خانا، هوائي ڪمپنين جون آفيسون ۽ آمريڪا جي
اسيمبلي بلڊنگ، ڪورٽون ۽ مختلف سرڪاري آفيسون آهن
۽ آمريڪا ڪو ننڍو ملڪ ته نه آهي. بس سمجهو ته
پنجاهه ملڪن جو ملڪ آهي. ان جون ڇا آفيسون
هونديون. واشنگٽن جو چپو چپو ڀريو يپو آهي. ايتري
قدر جو ڪيتريون سرڪاري آفيسون، فيڊرل نوعيت جون
هوندي به، واشنگٽن بدران درياهه (پوٽومئڪ) جي ٻي
پار ورجينا رياست ۾ آهن، جيڪو ورجينا رياست جو حصو
ڪرسٽل سٽي، ارلنگٽن، روزلن، ڪلئرينڊن وغيره ٿو
سڏجي. آمريڪا جي اهم آفيس پينٽاگان، جتي ملٽري
نوعيت جا فيصلا ٿين ٿا اهو پڻ پوٽو مئڪ ندي جي ٻي
پار ورجينا رياست ۾ آهي.
نديءَ جي وچ ۾ ننڍا وڏا ڪيترائي ٻيٽارا به ٿين ٿا. هتي واشنگٽن
وٽ پوٽو مئڪ نديءَ ۾ هڪ ته ٿيوڊور روزويلٽ نالي
ٻيٽ آهي، جنهن تي آمريڪا جي ان نالي واري صدر جو
يادگار
Roosevelt Memorial
ٺهيل آهي، جنهن تي پهچڻ لاءِ انهيءَ نالي واري پل
ٺهيل آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ هڪ هنڌ
ڪپر ڀڃي اندر ڍنڍ وانگر پاڻيءَ جو وڏو حوض ٺهي پيو
آهي. اهڙي نموني جي ٺهيل حوض يا ڍنڍ کي اسين
جاگرافيائي زبان ۾ ”ٽائيڊل بئسن“
Tidal Basin))
سڏيون ٿا. پرهن حوض ۾ پاڻي بيهڻ بدران ان مان
ڪئنال ٿي، وهي هيٺ وري ساڳي پوٽو مئڪ نديءَ سان
وڃيو ملي. ان ڪئنال جو نالوواشنگٽن چئنل آهي. هن
ننڍڙي چئنل ۽ درياهه جي وچ ۾ جيڪو ٻيٽارو ٺهي پيو
آهي، ان تي خوبصورت پارڪ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو
”ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ“ سڏجي ٿو. جنهن جي چوڌاري
اتڪل پنج ڪلوميٽر جو روڊ ”اوهيو ڊرائيو
SW“ سڏجي ٿو. سميع مون کي هن پارڪ ۾ وٺي پئي آيو. ان ڪري چوڏهين
گهٽي واري پل ٽپائي اوهيو ڊرائيو روڊ تي اچي نڪتو.
ٽائيڊل بئسن (ڍنڍ) ۾ جتان پوٽو مئڪ ندي جو ڪجهه
پاڻي اندر گهڙي ٿو اتي واشنگٽن جون ٻه مشهور شيون:
فرئنڪلن روزويلٽ ميموريل ۽ ٿامس جيفرسن ميموريل
آهن.
ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ جي هيٺين چهنب
(tip)
جتي پوٽو مئڪ نديءَ سان هتي جي هڪ ٻي مشهور ندي
”ان ڪوشيا“ ملي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، اهو هنڌ هينس
(Hains)
پئانٽ ٿو سڏجي. ان هنڌ تي پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي
ڪپر تي رونالڊ ريگن واشنگٽن ايئر پورٽ آهي، جنهن
جي مٿان هر وقت سرڻين وانگر آسمان ۾ جهاز نظراچي
رهيا هئا، جيڪي رکي رکي ڳجهين وانگر لهي رهيا هئا
يا ٽيڪ آف ڪري رهيا هئا.
”اوهيو ڊرائيو“ وارو رستو ڏيئي، سميع مون کي هتي هينس پئانٽ وٽ
وٺي آيو، جتي دنيا جو هڪ تمام وڏو
Statue
رکيل آهي، بلڪ ايڪڙ ڏيڍ ڌرتيءَ جي پکيڙ تي ستل
آهي. گذريل ٻه ٽي هفتا جيڪي منهنجو واشنگٽن ۾ رهڻ
ٿيو، ان ۾ هالا واري نجم ميمڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي
پروفيسر (۽ نفيسه هود ڀائي جي مڙس) پروفيسر جاويد
ڀٽو سان، خالد هاشماني ۽ عرفان جماڻي جن سان
واشنگٽن جي ڪيترن ئي ميوزيمن، رستن ۽ چوواٽن تي
ڪيتريون ئي پٿرن، لوه ٽامي ۽
Bvonze
جون مورتيون
Statues
ڏٺيون هوندم پر هيڏي وڏي لوهه جي آفت جيڪا اصلي
ماڻهوءَ جي قد بت کان گهٽ ۾ گهٽ ويهوڻي ٽيهوڻي هجي
پهرين نه ڏٺي هيم. هيءَ هڪ ننڊ مان اٿندڙ ماڻهوءَ
جي لوهه مان ٺهيل مورتي آهي، جنهن کي ٺاهڻ واري
آرٽسٽ مسٽر سيوارڊ جانسن، نالوئي
“The Awakening”
يعني جاڳ ڏنو آهي. هي
Statue
(مورتي) آمريڪا جي ڪنهن صدر يا سائنسدان جي نه پر
هڪ عام پوڙهي ماڻهوءَ جي آهي، جيڪو ڄڻ صدين کان
ڌرتيءَ هيٺ دٻجي ويو هجي ۽ هاڻ اک کلڻ تي ننڊ مان
سجاڳ ٿي اٿڻ جي ڪري رهيو هجي ۽ سندس جسم جو ڪجهه
حصو اڃان ڌرتيءَ ۾ دٻيو پيو آهي. ڪَرَ موڙڻ لاءِ
هن هڪ هٿ مٿي ڪيو آهي، جيڪو ايڏو وڏو آهي جو ان هٿ
تي ٻه چار ٻار ويهي سگهن ۽ سندس ٻانهن کي ڪجهه ٻار
گسڪڻ طور استعمال ڪري رهيا هئا ۽ مٿان کان هيٺ
گسڪي رهيا هئا ۽ هٿ تي چڙهي هيٺ ٺونٺ تائين ترڪي
رهيا هئا.
”واه جو ٺاهيو ويو آهي،“ ڪجهه دير اڳ اچڻ مهل جو آئون بيزاريءَ
جو اظهار ڪري رهيو هوس هاڻ هتي پهچي سميع کي داد
ڏيڻ لڳس ته چڱو جو هتي وٺي آيو.
”ٻيو نه ته وري،“ سميع هاڻ ٽانءِ ۾ ڦونڊجي ويو، ”مون سان گڏ
هوندين ته اهي عيش ڪرائيندو سانءِ، آئون هتان روز
ڄاڻي ٻجهي لنگهندو آهان ۽ انهيءَ پنهنجي ذليل ڪلاس
ميٽ کي بجا ڏيندو ويندو آهيان.“
”عجيب ماڻهو آهين، سميع“
”ان ۾ عجيب هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. حراميءَ اسان جي پيٽارو ۾
زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. مهرباني ڪري ملڪ وڃي هن
کي ٻڌائجانءِ ته سميع تنهنجي مورتيءَ کي صبح شام
گهروڙي بجا ڏيندو آهي. ٻيو نه ته شوڪت جماڻي، ڪرنل
مسعود عزيز، ڪئپٽن بشير وسطڙو، ڪمانڊرنجم انصاري
۽ ٻين ڪلاس ميٽن کي ضرور ٻڌائجانء. هو ٻڌي پڪ خوش
ٿيندا.“
”چڱو ڀلا هن جي منڍيءَ، پيرن ۽ گوڏن وٽ پوز ٺاهي بيهه ته ڪجهه
تصويرون ڪڍان. ڇا ته آفت جيڏو
Statue
آهي.“
ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ جو هي ٽڪرو جتي
Awakening
نالي هي
Statue
(مورتي) آهي
Hains Point
سڏجي ٿو، جيڪو آمريڪا جي آرمي جي ميجر جنرل پيٽر
هينس نالي آهي. جنرل هينس 1840ع ۾ ڄائو پاڻ هتي جي
مشهور ”ويسٽ پئانٽ“ واري آمريڪن اڪيڊمي مان تعليم
حاصل ڪيائين ۽ 1921ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هتي جي
مشهور قبرستان
Arlington National Cemetery
۾ دفن ٿيل آهي.
هونءَ هي پارڪ واشنگٽن جهڙي مشغول شهر کان ڪجهه ٻاهر آهي پر هڪ
ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيل ٽوئرسٽ کي سميع جهڙو ڪو
واندو ملي وڃي ۽ هو پارڪ ڏيکارڻ لاءِ ڍوئي اچڻ
لاءِ راضي ٿي وڃي ته موقعو نه وڃائجي. پارڪ جي هڪ
طرف کان وهندڙ پوٽو مئڪ ندي ۽ ٻئي پاسي کان
واشنگٽن چئنل ۽ اپريل جهڙي مهيني ۾ چوڌاري مشهور
جپاني سڪورا (چيري) جا گلن سان جهنجهيل وڻ بيحد
سهڻو نظارو پيش ڪن ٿا. نديءَ جي ٻئي ڪناري کان جتي
هتي جو قومي ايئرپورٽ آهي، رکي رکي لهندڙ ۽ چڙهندڙ
هوائي جهاز جيڪي ڄڻ ته مٿي مٿان اڏاميو وڃن ۽
ٻارن کي گليور جي سفر جو آفت جيڏو ماڻهو ياد
ڏياريندڙ هي
Statue
”دي اويڪننگ“ هتي جي اهميت وڌائي ٿو. اسان واري
يار سميع جهڙا ڪيترائي هتي جا مڪاني آمريڪن پنهنجو
وزن گهٽائڻ لاءِ چوڌاري ڊوڙي رهيا هئا. يا
سائيڪلنگ ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي ئي اڳيان پويان
ٻار اسڪيٽنگ ڪري رهيا هئا. سميع ٻڌايو ته شام جي
وقت ۽ موڪلن وارن ڏينهن تي ماڻهن جو هتي وڏو هجوم
لڳي ٿو.
هي پارڪ (ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ) ننڊ مان سجاڳ ٿيندڙ ماڻهوءَ جي
مورتي
The awakening
ڪري گهڻو مشهور آهي. نه ته ساڳي نالي وارو پارڪ
جيڪو اولهه ۾ آهي ۽ ويسٽ پوٽو مئڪ پارڪ ۽ واشنگٽن
جو قومي پارڪ سڏجي ٿو ۽ هتي جي مشهور نئشنل مال
کان شروع ٿي ٽائيڊل بئسن وٽ ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ
سان اچيو لڳي جتي فرئنڪلن روزويلٽ ميموريل آهي.
توهان واشنگٽن ۾ کڻي ٻن ڏينهن لاءِ آيا هجو پر مون کي پڪ آهي ته
توهان جا دوست، مائٽ يا ٽوئر ڪرائڻ وارو ايجنٽ،
توهان کي هتي جون ٻه مشهور شيون ضرور ڏيکاريندو.
هڪ واشنگٽن مانومينٽ جيڪو تمام ڊگهو منارو آهي ۽
ٻيو لنڪن ميموريل (جنهن جو تفصيلي احوال آمريڪا جي
هن کان اڳ واري سفر نامي“ نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾
ٿي چڪو آهي) واشنگٽن
Monument واري مناري ۽ لنڪن ميموريل جي وچ ۾ (سترهين گهٽي
NW
وٽ) ٻي جنگ عظيم جو يادگار
WW2 Memorial
آهي. هن جنگي يادگار کان وٺي
لنڪن ميموريل تائين پاڻيءَ جو حوض آهي، جيڪو
Reflecting pool ٿو سڏجي. هن پُول جي ڏکڻ وارو سڄو حصو ”ويسٽ پوٽو مئڪ پارڪ“
آهي،جتي
Korean War Veterans Memorial
پڻ آهي ۽
Independence
ايونيو جيڪو
US. Capital
۽ لائبرري آف ڪانگريس کان هلندو اچي ان جوآخري حصو
هتان لنگهي مٿي
Constitution
ايونيو سان وڃيو ملي.
اڄ کان پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن اسان هن پاسي جهاز هلايا پئي
تڏهن ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ وارو سڄو علائقو ايترو
Developed
نه هو ۽ نه وري هيءَ
The Awakening
واري مورتي هئي. 1980ع ۾ هتي واشنگٽن ۾ بين
الاقوامي
Sculpture جي نمائش لڳي هئي، جنهن ۾ هيءَ لوهه جي مورتي رکي ويئي
هئي ۽ اڄ تائين اوترو ئي مشهور آهي. هي هڪ سؤ فٽن
جو ڏاڙهيءَ سان ماڻهو آهي، جيڪو زمين ۾ اڌ گابرو
گتو پيو آهي ۽ اٿڻ جي ڪوشش پيو ڪري. هن
Statue
جا پنج حصا زمين کان ٻاهر نظر اچي رهيا آهن، کاٻو
هٿ ۽ ساڄو پير ذري گهٽ زمين کان ٻاهر نڪري چڪا
آهن، کاٻي مڙيل ٽنگ ۽ گوڏو ٻاهر آهن. 17 فوٽ ڊگهي
ساڄي ٻانهن (يعني ٽن ڊگهن ماڻهن جي جملي قد برابر)
۽ هٿ، هوا ۾ توهان کان گهڻو مٿي آهي ۽ ڏاڙهي واري
چهري جو وات کليل آهي ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڌرتيءَ
اندردٻجڻ کان پاڻ پتوڙڻ دوران رڙ ڪري رهيو هجي.
مون کي هتي وٺي اچڻ واري دوست سميع ٻڌايو ته رکي رکي اهي افواه
گرم ٿي ويندا آهن ته هن مورتيءَ کي هتان شفٽ ٿا
ڪن. بهرحال نئين جاءِ جي چونڊ ۾ مورتي ٺاهڻ واري
آرٽسٽ جانسن کي ويٽو پاور مليل آهي، يعني شهر جي
ميونسپل ڪميٽي يا نيشنل پارڪ جا سمورا ميمبر هن
مورتيءَ کي ڪنهن نئين جاءِ تي شفٽ ڪرڻ لاءِ ڀلي
متفق راءِ ٿي وڃن پر جي جانسن ان لاءِ انڪار ڪندو
ته پوءِ اها ان نئين جاءِ تي هرگز شفٽ نه ڪئي
ويندي.
2001ع ۾ هن
Statue
جي هر هڪ ٽڪري جي ڇهه لک ڊالر (يعني اڄ جي قيمت
مطابق ساڍن ٽن ڪروڙ رپين) ۾ وڪري لاءِ آڇ ٿي رهي
هئي.
The Awakening
نالي هن
Statue
جو ڪافي احوال
“A Murder of promise”
نالي رابرٽ ائنڊريو جي ناول ۾ پڻ آهي ۽ 1995ع جي
ٺهيل هڪ انگريزي فلم
The Net
۾ پڻ هيءَ مورتي ڏيکاريل آهي. هن مورتيءَ کي
Buried Giant
به سڏين ٿا. هن مورتي
The wakening
جي تخليقڪار جان سيوارڊ جانسن جو تعلق دنيا جي
مشهور دوائن ۽ ٻارن جي شين
Baby Products
(پائوڊر، شئمپو، لوشن، صابڻ وغيره) ٺاهيندڙ بين
الاقوامي ڪمپني ”جانسن ۽ جانسن“
سان آهي.
نڀاڳا
مون کي ڪٿي ٿو هلي مارين؟
جانسن ائنڊ جانسن ڪمپني 1886ع ۾ رابرٽ ووڊ جانسن اول (1845-
1910) نيو جرسي ۾ شروع ڪئي جتي هينئر آئون رهان
ٿو. نيو برنس وڪ واري علائقي مان ايندي ويندي هن
ڪمپنيءَ جا هيڊ ڪوارٽر نظر اچن ٿا. هيءَ ڪمپني 230
مختلف شيون ٺاهي ٿي ۽ سندس ڪارخانا 57 ملڪن ۾ آهن
۽ تيار ٿيل شيون سڄي دنيا ۾ وڪامن ٿيون.
مٿي بيان ڪيل جان سيوارڊ جانسن
II
(آرٽسٽ) هن ڪمپنيءَ جي ايجاد ڪندڙ رابرٽ ووڊ جانس
جو پوٽو ۽ جان سيوارڊ جانسن
I
(1892-1983ع) جو پٽ آهي، جنهن آمريڪا جي هاربر
برانچ اوشنوگرافڪ انسٽيٽيوٽ
(HBOI)
کولي. آرٽسٽ جانسن
II
جيڪو 1930ع ۾ ڄائو ۽ اڃان جيئرو آهي، کي سندس پيءُ
جي مرڻ وقت خاندان جي اربها ڊالرن جي ملڪيت مان
فقط هڪ معمولي حصو مليو. باقي سندس پيءُ جي ٻي زال
بئسيا جي حوالي ٿي ويو.
بئسيا
(Basia Piasecka) پولينڊ جي رهاڪو هئي، جيڪا آمريڪا ۾ جانسن آرٽسٽ جي پيءُ جانسن
سينئر
(Johnson I)
وٽ بورچياڻي ٿي اچي بيٺي. ان بعد کيس ڪمرن جي
صفائيءَ لاءِ رکيو ويو. جانسن سينئر جي مٿس دل اچي
ويئي ۽ ساڻس 75 سالن جي ڄمار ۾ 1971ع ۾ شادي
ڪيائين. 1971ع ۾ اسان جو جهاز نيو يارڪ ۾ بيٺل هو
ته هن شاديءَ جو احوال اخبارن ۽
T.V
تي ڏسندا رهياسين. ڪينيڊي جي زال جئڪيءَ جو يوناني
مڙس وري به هن جانسن پوڙهيءَ کان جوان هو. ان وقت
جانسن جي هيءَ زال بئسيا (جنهن کي پاڻ باربرا
سڏيندو هو) جي عمر 34 سال هئي جو بئسيا جي ڄم جو
سال 1937ع آهي. ٻارهن سالن بعد مڙسالو راه رباني
وٺي ويو. شاديءَ بعد ٻيو ڪو اهم ڪم ڪري سگهيو
يانه پر مائيءَ کانئس وڪيلن اڳيان وصيت لکائي ورتي
ته خاندان (جانسن ائنڊ جانسن جي ملڪيت جي والي
وارثياڻي سندس هيءَ ٻي زال بئسيا ٿيندي. مڙس جي
مرڻ بعد سندس پهرين زال ۽ ان جي اولاد (هن
The Awakening مورتي جي ٺاهيندڙ جانسن
II
۽ سندس ڀائر ڀينرن) ڏاڍا وڪيل ڪيا ۽ ڪورٽن جا چڪر
هنيا پر پوءِ آخر ۾ ڪي چند ملين ڊالرهٿ آين.
مائيءَ پنهنجي پوڙهي ۽ ڏڪندڙ هٿن واري مڙس کان
ڪاغذ پَٽن تي اهڙو ته ڪم پڪو ڪرايو هو جو کيس
اڍائي بلين (يعني اڍائي ارب) ڊالر مليا ۽ جي رپين
۾ معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته سٺ سان ضرب ڏيو جو اڄ
ڪلهه ڊالر ۾ سٺ رپيا آهن. پاڻ اڃا جيئري آهي ۽ هي
سٽون لکڻ وقت، سال 2006 جي، هن دنيا جي 74 نمبر
امير عورت مڃي ويئي آهي. پاڻ اڄ ڪلهه موناڪو ملڪ
جي شهر مونٽي ڪارلو ۾ رهي ٿي، جانسن خاندان جي نيو
جرسي جي شهر
Princeton
۾، جيڪا
Jasna Polana
نالي جاگير هئي، ان کي هن ڪنٽري ڪلب ۾ تبديل ڪيو
آهي.
پولينڊ جي رهاڪو هن عورت بئسيا، جيڪا شاديءَ بعد باربرا جانسن
پڻ سڏجي ٿي، جو نالو ستر واري ڏهي جي شروع وارن
سالن ۾ عام ٿي ويو، جڏهن اها خبر ٻيلي جي باهه
وانگر آمريڪا جي اوڀر وارين رياستن ۾ پکڙجي ويئي
(جتي اسان جو جهاز ڦِري رهيو هو) ته جانسن
ائنڊجانسن جهڙي امير ڪمپنيءَ جو پوڙهو مالڪ پنهنجي
بورچياڻيءَ سان شادي ٿو ڪري. انهن ڏينهن ۾
رومانيا، بلغاريا ۽ خاص ڪري پولينڊ جهڙي سوشلسٽ
ملڪ جو قدر هڪ اڇوت جيان هو. ۽ پولينڊ جي عورت کي
ته يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن ته ڇا پر ايشيا جي
ماڻهن به پير جي جُتي ٿي سمجهيو. بئسيا جو نالو
شايد مون کان وسري وڃي ها پر ان بعد اسان جو جهاز
ڪيترائي سال پولينڊ جي بندرگاهه گڊانسڪ ۾ ايندو
ويندو رهيو، جتي منهنجي هڪ بنگالي جهازي دوست جو
هڪ پولش ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو. ڪجهه سالن بعد
ان سان نيٺ شادي به ٿي پرڪافي جُتيون گسائڻ کان
پوءِ، يعني جهاز جي ڪيترا دفعا پولينڊ اچڻ بعد.
بنگالي دوست اسان کي چوندو هو: ”امر اونتر تار
پروٿي آسي گيشي- امار موسو شندر شيلي جنو انيڪ....
(يار ڇا ڪجي هڪ ڪنگلي ملڪ جي ڪنگليءَ سان دل لڳي
ويئي آهي نه ته مون جهڙي ٺاهوڪي جوان سان ته جپان
۽ انگلينڊ جي به ڪا ڇوڪري شاديءَ لاءِ تيار ٿي
وڃي.)
انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي بنگالي دوست جو ملڪ ”مشرقي پاڪستان“
مان ”بنگلاديش“ ٿيو هو ۽ ملڪ ۾ بدامني ۽ پاڪستاني
فوج بعد انڊين آرمي جي مصيبتن جون خبرون دنيا هڪ
طرف ٻڌي رهي هئي ته طوفانن
(Cyclones)
ڪري آيل تباهي ٻئي طرف هئي. سندس پولش محبوبا
(يعني هاڻ سندس ڳوٺ ڪميلا ۾ رهندڙ گهر واري ۽ سندس
پنجن ٻارن جي ماءُ) چوندي هيس ته نڀاڳا مون کي
ڪيڏانهن وٺي ٿو هلي مارين؟ ته اسانجو بنگالي دوست
اڌ انگريزي ۽ اڌ بنگاليءَ ۾ چوندو هوس:
”منهنجي دل جي راڻي! توکي بئسيا مان باربرا جانسن ٿو بنائڻ
چاهيان.“
سو بئسيا ۽ باربرا جانسن جا نالا سڀني جهازين کي پڪا ٿي ويا
هئا. 1981ع ۾ آئون جهاز کي بنگلاديش وٺي ويو هوس
ته پنهنجي بنگالي دوست جي ڳوٺ ڪوميلا به ويو هوس. کيس ان وقت ٽيون ٻار ٿيو هو. سندس
زال کي، ٻارن کي جانسن بيبي پائوڊرهڻندي ڏسي چيو
هئومانس ته ٺهيو هن شخص توکي ”جانسن ائنڊ جانسن“
جي سڄي فئڪٽري ته نه وٺي ڏني پر پائوڊر جو دٻو ته
وٺي ڏنو.
آرٽسٽ جانسن کي پيءُ جي ملڪيت مان کڻي ايترو حصو نه مليو جيترو
هن جي پيريءَ ۾ پرڻيل جوءِ پولينڊ جي بئسيا کي
مليو، پرهن مورتين
Sculptures))
مان خوب ناڻو ڪمايو آهي. سنس ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ
واري هن مورتي
The Awakening
کان علاوه ٻيون به انيڪ مورتيون
Statues
آهن، جن مان هڪ هوفسٽرا يونيورسٽيءَ ڏي ويندڙ رستي
تي
Hitch Hicker
نالي آهي، جيڪا هن 1983ع ۾ ٺاهي هئي ۽ ٻئي سال
(1984ع ۾)
“Allow Me” نالي هڪ ماڻهو جي مورتي ٺاهي جيڪو هٿ ۾ ڌوپ ڇٽي جهليو بيٺو
آهي. سندس هي
Statue
اوريگان رياست جي پورٽ لئنڊ شهر ۾ ”پايونيئر پورٽ
هائوس“ نالي چوراهي تي لڳل آهي. مون کي به ان بابت
هالا جي ڪمپيوٽر انجنيئر شاهنواز سومري ۽ ڊاڪٽر
مالڪ ڏني شيخ ٻڌايو جيڪي ايڏانهن آمريڪا جي اولهه
وارين رياستن ۾ رهن ٿا.
جانسن جو هڪ ٻيو
Statue
جنهن ۾ پيءُ پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي سائيڪل هلائڻ
سيکاري رهيو آهي، پڻ بيحد مشهور آهي ۽
First Ride
جي نالي سان سڏجي ٿو. سندس هڪ مورتي
Waiting
نالي آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ آهي. هن ۾ هڪ بزنيس
مئن اخبار پڙهندو ڏيکاريو ويو آهي.
آخر ۾ ٻه ٽي سٽون هو فسٽرا
Hofstra))
يونيورسٽي بابت جتي مون کي ڪيترائي پاڪستاني خاص
ڪري لاهور ۽ پشاور پاسي جا، جرنلزم ۽
Mass Communication جهڙن سبجيڪٽن ۾ گرئجوئيشن ڪندي مليا. هيءَ يونيورسٽي
نيويارڪ جي لانگ آئلنڊ ۾،
Hempstead
۾ هڪ خانگي تعليمي ادارو آهي. هي ادارو هڪ اسڪول
جي شڪل ۾ 1935ع ۾ ملڪ جي امير بزنيس مئن وليم ۽
ڪيٽ هوفسٽرا کوليو، جيڪو شروع ۾ نيويارڪ يونيورسٽي
سان لاڳو رهيو. ڳپل سالن بعد هن اسڪول کي ڪاليج جو
درجو ڏنو ويو. 1963ع ۾ اهو ڪاليج هوفسٽرا
يونيورسٽي ٿيو. هن يونيورسٽيءَ ۾ لبرل آرٽس کان
علاوه بزنيس ائنڊ لا، ۽ ڪميونيڪيسن جا سبجيڪٽ پڻ
پڙهايا وڃن ٿا. هن يونيورسٽي
Hofstra
جو سڀ کان گهڻو مشهور ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندڙ ڊپارٽمينٽ
”جرنلزم، ميڊيا اسٽيڊيز ائنڊ پبلڪ رليشنس“
(JMSPR)
آهي.
لاهور جي هڪ شاگرد کان هتان تعليم حاصل ڪرڻ جو سبب پڇيم ته هن
اهو سبب ٻڌايو ته پنجاب يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن
ڪرڻ تي فقط پاڪستان ۾ نوڪري ملي سگهي ٿي.”هتان جي
پڙهائيءَ جو مٿانهون مان آهي ۽ گريجوئيٽ ٿيڻ بعد
مون کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نوڪري ملي ويندي.“ هن
ٻڌايو.
پنجاب يونيورسٽيءَ جي گهڻي ڄاڻ نه اٿم پر اسانجي سنڌ
يونيورسٽيءَ جو ڪو وقت هو جو سڄي دنيا ۾ مٿاهون
نالو هو. اڄ به ان ۾ ڪيترائي نوان نوان سبجيڪٽ
پڙهايا وڃن ٿا. ڪيترو پڙهايا وڃن ٿا ان جي خبر نه
اٿم پر شاگرد ڊگريون حاصل ڪن ٿا. سٽيزن ڪالوني
حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي دوست گذريل سال ٻڌايو ته
هن جي پٽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان
Mass Communication
(يا شايدان سان تعلق رکندڙ ڪنهن سبجيڪٽ) ۾ ٽي سال
اڳ مٿين پوزيشن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. نوڪريءَ
لاءِ ٻه سال ڌڪا کائيندو رهيو. هاڻ قاسم آباد ۾
هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽي هزار رپيا پگهار تي پهرين
ڪلاس جو پرائمري ٽيچر ٿيو آهي. اها ڳالهه اوچتو ان
ڪري ياد اچي ويئي جو ڪجهه گهڙيون اڳ انٽرنيٽ تي هڪ
سنڌي اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن پروفيسر
صاحب جو ڪالم ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي
يونيورسٽين جي ڪنهن معتبر اداري طرفان ٿيل
درجابندي ٻڌائي آهي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي
ڪريل تعليمي معيار ۽ ماحول جي اپٽار ٿيل آهي.
اسانجا ۽ هتي جا ليڊر
* آمريڪا کنڊ جي معلوم ٿيڻ بعد يورپ کان ايندڙ جهازين مان هڪ
ڪئپٽن جان سمٿ جڏهن ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي ورجينا جي
ڪنارن تي پهتو ته هن ڌرتيءَ جي خوبصورت جاگرافيءَ
کي ڏسي هن جون وايون بتال ٿي ويون هيون. هي هنڌ
اهي آهن، جتي اڄ ورجينا بيچ، نورفولڪ، هئمپن جهڙا
شهر ۽ بندرگاهه آهن، جتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي خليج
چيزا پيڪ ۽ ڊيلاويئر خليج جو پاني ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪري ٿو ۽ جن خليجن ۾ ڊيلا ويئر، جيمس، يارڪ،
راپا هناڪ، پوٽو مئڪ ۽ ٻيون انيڪ نديون بلنديءَ
تان هيٺ ڪرن ٿيون ۽ انهن
falls
۽
Waterpower
ڪري، ڊيلاويئر سڀ کان اڳ ڪارخانن جي رياست بڻيو.
هنن خليجن ۾ ڪيتريون نديون برفاني وهڪرن
(Glaciers)
جي صورت ۾ داخل ٿين ٿيون. ڪئپٽن جان سمٿ جي ان
پهرين ڪامياب مهم
(Expedition)
جو احوال، جيڪو هن 1608ع ۾ جيمس ٽائون (ورجينا)
مان لکيو منهنجي سامهون آهي. جاگرافي ۽ انگريزي
ادب جي شوقينن جي
Idea
لاءِ ته انهن ڏينهن ۾ ڪهڙي قسم جي انگريزي ڳالهائي
۽ لکي ويئي ٿي، نموني لاءِ ه ٽي سٽون هوبهو انهن
Spellings
۾ لکان ٿو. ياد رهي ته هي شيڪسپيئر وارو زمانو هو.
جن ڏينهن ۾ ڪئپٽن جان سمٿ پنهنجي سفر جو هي احوال
لکيوهو، ان وقت شيڪسپيئر چوئيتاليهه سالن جو هو.
ان کان پوءِ اٺن سالن بعد 1616ع ۾ شيڪسپيئر جي
وفات ٿي.
“… Here are mountains hils, plaines, walleyes,
rivers and brookes all running most pleasantly
into a faire bay compassed but for the mouth
with fruitful and delightsome land…”
خبر ناهي انهن ڏينهن ۾
Hills, Mountains, plains
وغيره جون
Spellings
ائين لکيون ويون ٿي يا ڪئپٽن صاحب پاڻ لکائي
پڙهائيءَ ۾ چنڊو هو ڇو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته
ويندي گذريل صديءَ جي اڌ تائين سامونڊي/ جهازي
دنيا جو رخ انهن رکيو ٿي جيڪي اسڪولن کان ڀاڄوڪڙ
هئا. مائٽن ڏٺو ٿي ته ڇورن ۾ پڙهائيءَ يا پورهئي
جو ڪو حال افعال ناهي. ان ڪري چاڙهينس ڪنهن جهاز
تي ته ڌڪا کائي سڌري ۽ اوڙو پاڙو سندس گوڙ گهمسان
کان آجو ٿي، سک جو ساهه کڻي.
آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن
DC
جي ڇا ڳالهه ڪجي. بقول سنڌ يونيورسٽي جي سابق هيڊ
آف ڊيپارٽمينٽ پروفيسر جا ويد ڀٽو جي...
“It is a city within a capital, never a capital within
a city.”
غور ڪجي ته ان ۾ ڪئين ڳالهيون اچي ٿيون وڃن. پوٽو مئڪ نديءَ جي
ڪناري تي 68 چورس ميلن جي پکيڙ جي هن شهر ۾ ڪامياب
حڪومت جا ٽئي ٿنڀا: انتظاميا، قانون ۽ حڪومت /
نمائنده موجود آهن، جن جو ثبوت وائيٽ هائوس،
ڪئپيٽال بلڊنگ ۽ سپريم ڪورٽ جي عمارت آهي. هتي
دنيا جي وڏي ۾ وڏي لئبرري ”لئبرري آف ڪانگريس“
جيڪا علم جو خزانو آهي، سمٿوسن انسٽيٽيوشن، پارڪ،
سفارت خانا، خوبصورت جارج ٽائون، ماضيءَ جا يادگار
۽ گهڻو ڪجهه آهي.
منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ سميع جاڊرن، جنهن اڄ کان 25 سال کن
اڳ، پنهنجي ڳوٺ قاضي احمد کي الوداع چئي، هتي
ورجينا رياست ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي سو مون کي
واشنگٽن مان کڻي ورجينا آيو. پاڻ پڇيائين ته
ورجينا جي ڪهڙي ڪهڙي شيءِ گهمائين؟“ مندر مسجدون
ڏيکارئين يا پارڪ گهٽيون؟ شاپنگ مال ڏيکارين يا
غارون جبل؟ توکي مان ڇا ٻڌايان ته ورجينا ڪيڏي
خوبصورت رياست آهي. ان ۾ ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڇا
ڇا نه آهي...
آئون مرڪندو رهيس. ”مهرباني ڪري ڪجهه نه ڏيکار. منجهند جا اڍائي
پيا ٿين. ڳري ماني کارائي اٿئي ننڊ پئي اچي. ڪٿي
ڪنهن پارڪ يا لئبرري ۾ هل ته ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي
اڌ ڪلاڪ کن ننڊ ڪري وٺان.“ مون چيو مانس.
”چئبو ته منجهند جو سمهڻ واري عادت نه وئي.“ سميع چيو.
”يار رات دير سان ستو هوس ۽ صبح جو چئين بجي فجر تي اٿيو آهيان
ته اڃان پيو هلان.“
”اڙي بابا سنڌي ماڻهو کڻي ڏينهن جو ٻارهين بجي اٿي ته به ٻي بجي
منجهندجو وري ننڊ ڪندو. هل ته مسجد جي لائونج ۾
صوفن تي
nap
ڪيون. تو کان وڌيڪ مون کي ننڊ جي ٻاڙ کنئي آهي.“
سميع چيو.
”چئبو ته سڌرين تون به ڪونه.“ مون چيومانس.
”بس پنهنجن ڏينهن ۾ پرائمري اسڪول صبح ۽ شام جو ٿيندو هو.
منجهند جي مانيءَ کان پوءِ پوڙهيون زوريءَ سمهاري
ڇڏينديون هيون. هاڻ ننڍپڻ جي ان عادت ڪري اڃا ويٺا
لوڙهيون. باقي پنهنجن ٻارن کي مون منجهند جو سمهڻ
جي عادت هرگز نه وڌي. چوندو آهيان ته ان منجهند جي
سمهڻ ته اسان سنڌين کي ٻين قومن کان پٺتي ڪري
ڇڏيو....“ سميع کلڻ لڳو.“ چڱو ائڊوانس ۾ ٻڌائي ڇڏ
ته ننڊ بعد ڇا ڇا گهمندين؟“
”سميع ڳالهه ٻڌ. تنهنجا وڏا پنجاب کان آيا ۽ تون سنڌي آهين، پر
هاڻ لڳي ٿو ته تون نه فقط پڪو آمريڪن ٿي ويو آهين
پر ورجينن پڻ. ورجينا جي ماڻهن کي لڳي ٿو ته هر
دور ۾ اهو مسئلو رهيو آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي
هڪ ڌارئين کي ڪهڙي شيءِ ڏيکاري ڪهڙي ڏيکارين. سڄي
ورجينا رياست خوبصورت ڌرتيءَ جو ٽڪرو آهي.“
۽ پوءِ مون کيس هن رياست جي رهاڪو ۽ آمريڪا جي ٽي نمبر صدر ٿامس
جيفرسن جا ورجينا بابت چيل ان قسم جا مشهور لفظ
ٻڌايا جيڪي هن ريت آهن ۽ هن اهي لفظ 1788ع ۾ چيا
هئا جيڪي سندس ڪتاب ”ڊڪليرئشن آف آمريڪن انڊپينڊنس
“ مان آهن:
“I have been Planning what I would show you: a
flower here, a tree there; yonder a grove, near
it a fountain; on this side a hill, on that a
river. Indeed, madam, I know nothing so charming
as our own country…”
تن ڏينهن ۾
Whow
جي اسپيلنگ
Shew
لکي ويئي ٿي جو صدر صاحب ائين لکي آهي ۽ ڪتاب ۾ به
ائين ڇپي آهي. بهرحال ورجينا وارن کي هميشه پنهنجو
علائقو گهمائڻ ۾ مسئلو رهيو آهي.
آمريڪاجي سٺن صدرن مان مون کي هي صدر بهترين لڳي ٿو. سندس
ڳالهيون، ملڪ جي بهتريءَ لاءِ رٿائون، عوام لاءِ
همدردي ۽ حڪومت ڪرڻ ۾ نهٺائي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه
تعلي ملاءِ اونو- ايتريقدرجو صدر جي عهدي تان لٿو
ته به ڏينهن رات ماڻهن جي تعليم جو فڪر ڪندو رهيو.
ورجينا جي سڀ کان جهوني ۽ مشهور يونيورسٽي
University of virginia
هن صدر ٿامس جيفرسن جي مرهون منت آهي، جنهن جو پاڻ
باني ۽ چيئرمين هو. يونيورسٽي 1819ع کان ٺهڻ شروع
ٿي ۽ 1825ع کان پهرين بئچ گريجوئيٽ ٿي ۽ 1826ع ۾
پاڻ گذاري ويو. پاڻ سڀ ڪجهه يونيورسٽي پٺيان فدا
ڪري ڇڏيائين. ايڏو قرضي ٿي ويو جو مرڻ وقت سندس سڀ
جايون جڳهيون، باغ زمينون وڪڻي قرضين کي قرض ڏيڻو
پيو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اڄ اٽڪل ٻه سؤ
سالن کان پوءِ به اسان جي قوم ۾ اهڙو صدر،
وزيراعظم، يا نمائندو پيدا ٿي نه سگهيو آهي جو رڳو
اڳ ٺهيل تعليمي ادارن کي وڌيڪ بهتر ۽
Update
ڪري. هڪ وڏي سرندي واري پڙهيل ڳڙهيل ليڊر کي
پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڪراچي جي اعليٰ تعليمي ادارن جهڙو
ڪو انگلش ميڊيم اسڪول کولڻ لاءِ صلاح ڏنم ته جيئن
سندس ڳوٺ جا ٻار به اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن ۽
سندس خاندان جا پڻ، جيڪي ان لاءِ ڪراچي، ڪوه مري،
ائبٽ آباد يا ولايت جو رخ رکن ٿا. ٺهه پهه
وراڻيائين:
”ڇڏ يار. آهن نوڪريون اسان لاءِ ڪو نه ويتر جي ڄٽ پڙهي پيو ته
ماڳهين سورن ۾ پئجي وينداسين.“
ڪيڏو فرق آهي ان آمريڪا ۽ مغرب جو جنهن کي اسان ڏينهن رات
گاريون ڏيون ٿا ۽ ڇا حال آهي. اسان جي پنهنجي ديس
واسي رهنمائن، ليڊرن ۽ حاڪمن جو، جن جي وعدن پويان
عوام گذريل 60 سالن کان ائين پيو هلي، جيئن چاڪيءَ
جو ڍڳو اکين تي پٽي چاڙهي گهاڻي ۾ پيو ڦري.
ان ڪري ته چوان ٿو ته اسان جي ليڊرن، اسان جي سياستدانن، اسان
جي حاڪمن کي صدر ٿامس جيفرسن جهڙن ماڻهن جي زندگي
جو احوال ۽ انهن جي عوام خذمت بابت پڙهڻ کپي، جيڪي
مري به امر ٿي ويا. جن پاڻ لاءِ هڪ ٽڪو به نه
ڇڏيو.
آمريڪا جي هن ٽئين صدر ٿامس جيفرسن جي قبر تي لڳل ڪتبي تي لکيل
سٽون نوٽ ڪريان ٿو:
Here was buried
Thomas Jefferson
Author of “Declaration of American Independence
of
The State of Virgina for Religious Freedom and
the father of the “University of virgina”
ٿامس جيفرسن 1801ع کان 1809ع تائين آمريڪا جو صدر رهيو. سندس
منهن جي شڪل ڏهن سينٽن جي سڪي
(Nickle)
تي آهي۽ سندس نالي سان واشنگٽن ڊي سي ۾ ”جيفرسن
ميموريل“ پڻ آهي، جيڪو پوٽو مئڪ نديءَ هڪ ٻيٽاري
تي آهي، جتان 14 نمبر اسٽريٽ
SW
لنگهيو ٿي وڃي.
آمريڪا جي هڪ تصوير اسان مان ڪيترن ئي ڏٺي هوندي جيڪا جبل
رَسمور جي آهي، جنهن کي آرٽسٽ (مجسما ٺاهيندڙ)
ٽُڪي آمريڪا جي چئن صدرن جا منهن ٺاهيا آهن، جيڪي
ميلن تان نظر اچن ٿا. انهن چئن مان کاٻي کان ٻيو
نمبر ٿامس جيفرسن آهي ۽ باقي ٽي آهن:
جارج واشنگٽن،ٿيوڊور روزولٽ ۽ ابراهم لنڪن.
ٿامس جيفرسن جا ڪي ڪي نقطا
(Quotations)
پڙهڻ جوڳا آهن ۽ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. هتي هن وقت مون کي سندس
فقط ٽي چوڻيون ياد آهن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ (1968ع
کان 1972ع ۾) جڏهن مهنو مهنو هندي وڏو سمنڊ ۽
ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاڳي هتي آمريڪا پهچندا هئاسين ته
سمنڊ جي اڪيلائي ۽ خاموشيءَ جو وقت گذارڻ لاءِ ان
قسم جو شيون پڙهي نوٽبڪن تي لکندو رهندو هوس.
* … That government is best which governs least.
* When the government fears the people there is
liberty: when the people fear the government
there is tyranny.
* The democracy will cease to exist when you
take away from those who are willing to work and
give to those who would not.
پوپ کي ته اطلاع ڪجو
شام ڌاري خالد هاشماڻيءَ فون ڪيو. ”آئون اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مهراڻ
ريسٽورنٽ ۾ پهچان پيو. ڪرنل سهيل، اقبال ترڪ ۽ ٻيا
پيٽارو جا ڪلاس ميٽ به اچن پيا. واندو هجين ته
هليو اچ.“
”ضرور ايندس. منهنجيواڪ به ٿي ويندي.“ مون وراڻيومانس.
”رستي جي خبر نه هجئي ته جاويد ڀٽو کي چئجانءِ ته ڇڏي وڃئي.“
خالد چيو.
نيو يارڪ وانگر واشنگٽن به انڊين هوٽلن سان ڀريو پيو آهي. انڊين
معنيٰ پاڪستاني، ڪشميري، بنگالي ۽ اتر هندستاني-
جن تي اهي کاڌي جا ڊش ملن جيڪي اسان وٽ عام آهن.
مهراڻ ريسٽورنٽ پينسلوانيا ايونيو تي واشنگٽن سرڪل
جي ويجهو آهي. آئون واڪ ڪري 12 گهٽي تي سمٿوسن
ريلوي اسٽيسن تي پهتس جتان ٽرين ذريعي ميٽرو
سينٽر پهتس ۽ ٻي ٽرين ذريعي فاگي باٽم ريلوي
اسٽيسن پهتس جيڪا
GWU
(جارج واشنگٽن يونيورسٽي هاسپيٽل) جي ميٽرو اسٽيشن
به سڏجي ٿي. هتان پنجن منٽن جي واڪ تي مهراڻ
ريسٽورنٽ آهي.
واشنگٽن جو هي اهم روڊ پين سلوانيا ايونيو، جنهن تي مهراڻ
ريسٽورنٽ آهي،
M
اسٽريٽ کان شروع ٿي واشنگٽن سرڪل مان لنگهي وائيٽ
هائوس وٽ اچيو ٿو دنگ ڪري. ان بعد هي روڊ نيو
يارڪ ايونيو سڏجي ٿو، جيڪو ڪنوينشن سينٽر ۽
مائونٽ ورمن اسڪائر مان ٿيندو شهر کان ٻاهر هليو
وڃي.
اسان جي ڪجهه دير ڪچهري هلندي رهي ان بعد اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر
الطاف گاجڻي ميمڻ پهتو، جنهن اچڻ سان اها خبر
ٻڌائي ته پوپ گذاري ويو آهي ۽ پوءِ کلندي چيائين
ته عجيب اتفاق آهي. سال 1981ع ۾ مون کي نئين نوڪري
ملي هئي.
ان ئي سال شهزادي چارلس شادي ڪئي هئي.
لور پول جي فٽ بال ٽيم يورپ ۾ چئمپين ٿي هئي.
آسٽريليا ائشز ٽورنامينٽ هارائي، ۽ پوپ گذاري ويو هو.
۽ هاڻ هن سال 2005ع ۾ وري
چارلس شادي ڪئي آهي.
مون کي وڌيڪ بهتر نوڪري ملي آهي.
لورپول جي فٽ بال ٽيم يورپ ۾ چئمپين ٿي آهي.
آسٽريليا ائشز ٽورنامينٽ هارائي آهي ۽
پوپ گذاري ويو آهي.
خالد هاشماڻيءَ پنهنجو روايتي قسطن وارو ٽهڪ ڏيندي الطاف کي
چيو: ”يار هاڻ وري ڪا توکي ٻي نوڪري ملي يا چارلس
شادي ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ پوپ کي ته اڳواٽ اطلاع ڪجو
ته هو سنڀالي هلي ڪٿي پير ترڪڻ سان ٻئي جهان ۾ نه
هليو وڃي.“
فلڊلفيا ۾ خوبچنداڻيءَ جي ياد
اسان ڪار ذريعي نيو جرسي کان واشنگٽن وڃي رهيا هئاسين. نيو
يارڪ، نيو جرسي، مئريلينڊ، پينسلوانيا، ڊيلاويئر
رياستون هڪ ٻئي سان مليل آهن، جيڪي هيٺ ورجينا
رياست ۽ آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ڊي سي
(ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا) سان وڃيو ٿيو ملن. ياد رهي ته
هي واشنگٽن شهر آهي. آمريڪا
(USA)
۾ واشنگٽن نالي رياست پڻ آهي، جيڪا گاديءَ واري
شهر کان ايترو پري آهي، جيترو سعودي عرب يا
اٿوپيا ڪراچيءَ کان ۽ اها رياست آمريڪا جي ويسٽ
ڪوسٽ (مغربي ڪناري) پاسي آهي، جتي پئسفڪ سمنڊ ٿو
ڇهي. آمريڪا جي گاديءَ وارو شهر واشنگٽن ۽ مٿيون
رياستون ورجينا، نيويارڪ، نيو جرسي، پينسلوانيا
(پين سِل وانيا) آمريڪا جون ايسٽ ڪوسٽ (اوڀر
ڪناري) واريون رياستون سڏجن ٿيون. جن کي ائٽلانٽڪ
سمنڊ ڇهي ٿو. ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ طرفان
USA
جو هي ڪنارو آهي ته ٻئي طرف آفريڪا کنڊ جا موراڪو،
گهانا، سينيگال، آئوري ڪوسٽ، لئانڊا جهڙا ملڪ ۽
يورپ جو پورچوگال، اسپين، انگلينڊ وغيره آهن.
هوڏانهن پئسفڪ سمنڊ جي هڪ پاسي جپان آهي ته ٻئي
پاسي
USA جون ڪئليفورنيا، اوريگان، واشنگٽن ۽ الاسڪا رياستون، وچ ۾
هوائي رياست جا ڪجهه ٻيٽ ۽ ٻيا مارشل ٻيٽن جهڙا
ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ آهن. هوائي رياست به آمريڪا
USA
جي هڪ رياست آهي، جيڪا آمريڪا کان هزارين ميل پري
آهي. اهڙي طرح آمريڪا جي هڪ ٻي رياست آهي، جيڪا
ايڏو پري ته نه آهي پر پاڙيسري ملڪ ڪئناڊا سان
ڳنڍيل آهي، جنهن جو نالو الاسڪا
(Alaska)
آهي، جيڪا رياست جيتوڻيڪ روس جو حصو هئي پر روس
وارن اهو سوچي ته سندن ملڪ اڳهين وڏو آهي ۽ هي
ڏورانهون حصو جيڪو ڪئناڊا سان مليل آهي ۽ بيحد اتر
۾ هجڻ ڪري ٻارهوئي ڄڻ ته برف ۾ ڍڪيو پيو آهي، جتي
نه پوک ٿي ٿئي نه رستا روڊ ۽ درياهه ٿا وهن. سو
هنن اوڻي پوڻي ۾ آمريڪا کي وڪڻي ڏني. سستي اگهه
تي وٺڻ جي باوجود آمريڪا جي ماڻهن ان وقت جي صدر
خلاف دانهون ڪوڪون ڪيون هيون ته اجايو خرچ ڪيو
اٿس. اسان جو ملڪ اڳهين هيڏو وڏو آهي، ان برف جي
بيابان کي وٺڻ مان ڪهڙو فائدو جتي جي ٿڌ ۾ فقط
ايسڪيموز ۽ برفاني رڇ ئي رهي سگهن ٿا. اڄ آمريڪا
جي قدرتي خزانن ۾ سڀ کان مالا مال رياست الاسڪا
آهي، جنهن جي زمين هيٺ عراق ۽ ايران جهڙيون تيل
جون نديون وهن ٿيون، جن کي في الحال گهڻو خرچ ڪرڻ
بدران آمريڪا، آئي ويل لاءِ بچائي ويٺو آهي، جيسين
عراق، سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن ملڪن جو تيل آسانيءَ
سان پيو ملي.
بهرحال اسان پنهنجي نيو جرسي کان واشنگٽن ڊي سي واري سفر جي
ڳالهه ڪريون جيڪو آئون گهوٽڪي جي رميش ٿارواڻيءَ
سان سندس ڪار ۾ ڪري رهيو هوس. رميش هلڻ لاءِ جيسين
بئگ ۾ سامان ٺاهي آئون چانهه جو ڪوپ کڻي سندس
ڪتابن جي ننڍڙي لئبرريءَ جو جائزو وٺڻ لڳس. سندس
پروفيشن سول انجنيئرنگ ۽ ماحولياتي انجنيئرنگ سان
واسطو رکندڙ ڪتابن کان علاوه انڊيا ۽ سنڌ جا ڇپيل
ڪيترائي ادبي ڪتاب ۽ رسالا هئا. ساڌو واسواڻي ۽
دادا واسواڻيءَ سان تعلق رکندڙ پڻ ڪيترائي ڪتاب ۽
رسالا هئا. حيدرآباد جي ڄاول مٿين شخصيتن جو آئون
پنهنجي انڊيا واري سفر نامي ۾ تفصيل سان احوال لکي
چڪو آهيان. ساڌو واسواڻي سينٽر نيو جرسي جي
اتراهين حصي جي شهر ڪلوسٽر
(Closter) ۾ آهي، ڪلوسٽر بلڪل هڊسن نديءَ جي
ڪناري وٽ آهي، جنهن جي ٻئي پاسي نيويارڪ شهر جو
Bronx
وارو علائقو آهي. سندس پوسٽل ائڊريس هن ريت آهي:
Sadhu Vaswani Centre
494 Durie Avenue,
Gloster, New jersey 07624, USA
Tel 210-768-7857, Fax 201 – 768- 0433
نيو جرسيءَجي هن جهڙا ”ساڌو واسواڻي سينٽر“ انڊيا جي ڪيترن شهرن
کان علاوه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن، جيڪي دادا
جشن واسواڻي جي سرپرستيءَ ۾ هلن ٿا. ڪيترن هنڌن تي
اسڪول ۽ اسپتالون پڻ آهن. مختلف قسم جا رسالا،
اخبارون ۽
News letter
هنن مرڪزن مان نڪرن ٿا، جيڪي ساڌو واسواڻي ۽ دادا
جشن جي فلاسافي ۽ انسانيت سان پيار جي تبليغ ڪن
ٿا. رميش جي ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب چلڊرين بڪ ٽرسٽ نيو
دهلي طرفان ڇپايل راج گويلان جو
The Secrets of Indus Valley
پوني جي سينٽر فار ڪميونيڪيشن طرفان لڇمڻ
خوبچنداڻيءَ جو ڪتاب
Sindhi Studies 1947-67
جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۽ سوسائٽي تي تبصرو آهي.
”رميش هي ٻه ٽي ڪتاب تنهنجا کڻان ٿو. ٻن ٽن ڏينهن بعد تو کي
واشنگٽن ۾ ئي واپس ڪندس يا نيو جرسي موٽي اچي
ڏيندس.“
رميش هڪ ٻن ڪتابن لاءِ چيو ته اهي هن لاءِ ضروري آهن، باقي ٻيا
آئون رکي سگهان ٿو.
”مهرباني پر محدود بار کڻڻ ڪري آئون ڪتابن جهڙيون ڳريون شيون
باءِ ايئر پاڪستان کڻي وڃڻ نٿو چاهيان. ڪوشش ڪري
ڪتاب هتي ئي ڏسي ڇڏي ويندس.“ مون چيو مانس.
رميش وهاڻي جي ڇَوَ جهڙي هڪ ڪپڙي جي ڳوٿري ڏيندي چيو: ”چڱو
پوءِ منهنجا هي سڀ ڪتاب هن ٿيلهيءَ ۾ وجهان ٿو ۽
ان ۾ ئي مون کي واپس ڪجانءِ“
بافتي جي هن ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ٻاهران لکيل هو؛
Beneficial use of recycled materials in transportation
applications ۽ هيٺان انجنيئرنگ ڪمپنيءَ جو نالو ”چيسنر انجنيئرنگ“ لکيل هو.
رميش شايد ان انجنيئرنگ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. يعني
هاڻ ڪم ڪري ٿو. مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي هن
اعليٰ ڊويزن حاصل ڪندڙ کي ڪي سال هتي آمريڪا ۾،
سندس پروفيشن سان واسطو رکندڙ نوڪري نه ملي
سگهي. هو روزگار خاطر، پنهنجي
Survival خاطر ڪيترائي سال اهو وساري ته هو هڪ انجنيئر آهي، جيڪو
پورهيو مليس ٿي ڪندو رهيو ۽ پئسو بچائيندو رهيو.
”مون کي ڪلاڪ جا ڇهه ڊالر ملندا هئا ۽ روز ست ڪلاڪ
پورهيو ڪندو هوس. جنهن ڏينهن ڪوڪا ڪولا پيئڻ تي دل
چوندي هئي، ان ڏينهن مقرر وقت کان ڏهه منٽ وڌيڪ ڪم
ڪندو هوس، جيئن ڊالر جو ڪوڪ وٺي پي سگهان.“
انجنيئرنگ فرم ۾ ڪم ملڻ کان اڳ سندس آخري جاب لئبرري ۾ ڪتاب
ٺاهڻ هوندو هو. ”اها لئبرري ايڏي وڏي هئي ۽ پڙهڻ
لاءِ ايترا شاگرد ايندا هئا جو سندن هيٺ مٿي ڪيل
ڪتاب ٺاهڻ کان هڪ گهڙي به فرصت نه ملندي هئي.“
اسان ان وقت نيو جرسي رياست جا مشهور شهر ٽرينٽن ۽ ائٽلانٽڪ سٽي
لتاڙي ڀر واري پينسلوانيا رياست ۾ گهڙيا هئاسين، ۽
اتي جي ويجهي شهر فلڊلفيا پهچڻ وارا هئاسين.
”پاڻ واري لڇمڻ هتان
P.H.D
ڪئي هئي.“ فلڊلفيا وٽان لنگهندي رميش چيو.
”ڪهڙي لڇمڻ جي ڳالهه پيو ڪرين؟ تو واري يونيورسٽيءَ جي
گرئجوئيٽ، هالن واري لڇمڻ ته مون کي پاڻ ملائيشيا
۾ ٻه سال اڳ ٻڌايو هو ته هن ملائيشيا مان
Post graduation ڪئي.“ مون رميش کي ياد ڏياريو.
”نه. آئون لڇمڻ تاراچند جي نه پر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي پيو ڳالهه
ڪريان، جنهن جو ڪتاب
Sindhi Studies : 1947-1967
اڄ صبح توهان منهنجي ڪٻٽ مان کنيو آهي. ”رميش
ٻڌايو. ”اڇا!“ مون حيرت جو اظهار ڪيو، ”هن جي
سرسري لکڻي ڏسي نو ڊائوٽ مون کي هو قابل لڳو. هتي
ئي رهي ٿو يا انڊيا ۾؟“ ”جيستائين مون کي خبر آهي
ته هو يونيورسٽي آف زگرب (اڳوڻو يوگوسلاويا) ۾
Indian Linguistics
جو وزٽنگ پروفيسر آهي ۽ ساڳي وقت هو يوگو سلاويا
جي گهڻ ٻولين وارين حالتن تي
Sociolinguistic Study ڪري رهيو آهي.“
ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي سنڌي ٻوليءَ جو بين الاقوامي سطح
تي مڃيل، مشهور ۽ معروف ماهر لسانيات آهي، جيڪو
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙن ۾ سڀ کان نمايان حثيت
جو مالڪ آهي، لڇمڻ خوبچنداڻي سن 1932ع ۾ ڪراچيءَ
۾ ڄائو ۽ شروع جي تعليم اتي ئي ورتائين. ورهاڱي
بعد هو انڊيا هليو ويو ۽ پنجاب يونيورسٽي،
چنديڳڙهه مان هندي، جرنلزم ۽
Philology
۾ گريجيوئيشن ڪيائين. سن 1961ع ۾ هن آمريڪا جي
Pennsylvania
يونيورسٽي مان ايم اي لسانيات ڪيائين. ان ڊگريءَ
لاءِ جيڪو مقالو لکيائين ان جو عنوان هو:
The Phonology and Morphophonemics of Sindhi
خوبچنداڻيءَ ساڳي يونيورسٽي (پينسلوانيا) مان سن
1963ع ۾ پي ايڇ ڊي لسانيات ۾ به ڪئي ان لاءِ سندس
مقالي جو عنوان هو:
“The Acculturation of Indian Sindhis to Hindi: A
language in Contact.”
ڊاڪٽر خوبچنداڻي آمريڪا جي رياست هونو لولو جي ايسٽ ويسٽ سينٽر
۾ سينئر فيلو به ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه
سينگاپور جي ريجنل انگلش لئنگويج سينٽر
RELC
۾ 1976ع ڌاري نو مهينا کن رهيو هو ۽ اتي تحقيقي
ڪتاب لکيائين:
Language and Education in Pluralistic Societies
پوني جي مشهور ڪاليج – ڊيڪن ڪاليج ۾ سنڌي لسانيات جو شعبو سن
1961ع ۾ قائم ٿيو، جنهن جي ترقي ۽ واڌاري ۾ ڊاڪٽر
خوبچنداڻيءَ جو گهڻو حصو آهي. ڊيڪن ڪاليج ۾ جامع
سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ جي رٿا تيار ڪئي ويئي،
جنهن جا ٻه حصا خوبچنداڻيءَ تيار ڪيا ۽ 1968ع ۾
ڇپائي پڌرا ڪيا.
نيو جرسي ۾ سنڌي نوجوان
پاڪستان ڇڏڻ مهل منهنجو مقصد آمريڪا گهمڻ جو نه هو پر مون دوستن
يارن کان ٽي چار مهينا پري رهي انڊيا جو سفرنامو
پورو ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ جڏهن مون کي معلوم ٿيو ته
اسانجي ڀاڻيجن سمير ۽ ضمير وسطڙو وارن جو گهر جن
وٽ مون رهڻ چاهيو ٿي نيو جرسي جي هڪ ننڍڙي شهر
Avenell
۾ آهي ته مون کي هيڪاندي گهڻي خوشي ٿي ته نيو
يارڪ، ائٽلانٽڪ سٽي، واشنگٽن، بالٽيمور جهڙن شهرن
کي ويجهو هوندي به آئون هڪ خاموش ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾
هوندس. نيو جرسي آمريڪا جي انهن رياستن مان آهي،
جيڪا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وانگر سرسبز آهي.
جيڏانهن نظر ڪر ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ گهاٽا
وڻ ۽ نازڪ، نرم ۽ ڊگهي گهاٽي
Fur
جهڙي
Trim
ٿيل ڇٻر نظر اچي ٿي. ان ڪري هن رياست کي چون ئي
The Garden State
ملائيشيا ۾ گهم، گرمي ۽ مينهوڳي ڪري هر قسم جا ٽنڊڻ
ماڪوڙا ۽ نانگ بلائون ٿين، جيڪي انسان ذات کي اُتي
جي جنگلن ۾ آزاديءَ سان هلڻ نه ڏين. مينهوڳي هتي
نيو جرسيءَ ۾ به ڏاڍي ٿئي ٿي پر سخت سيءَ ۽
برفباريءَ ڪري ان قسم جا جيت جڻيا نظر ئي نٿا اچن.
شام جي وقت هتي جي ڇٻرن تي فقط کڙ کٻيتا (ٽانڊاڻا)
پوليس جي گاڏين وانگر ٻرندا وسامندا نظر اچن.
بهرحال هتي پهچي خبر پيئي ته اڄ جو آمريڪا اهو 35 سالن وارو اڳ
جو آمريڪا نه رهيو آهي. جڏهن هتي ڪو سنڌي ته ڇا
پنجابي پٺاڻ به ورلي نظر ايندو هو. جتي آمريڪا
ڌارين جي اچڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن، اتي اسان
جهڙن ايشيائي ۽ آفريقي ملڪن جون معاشي ۽ امن جون
حالتون اهڙيون پٺتي هليون ويون آهن جو اڄ پهرين
کان گهڻا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا کي
وڌيڪ پرسڪون، عزت جي ماني ڏيڻ وارو، آزاديءَ سان
عبادت ڪرڻ وارو ملڪ سمجهن ٿا، جتي هڪ غريب کان
غريب انسان به پنهنجن خوابن جي ساڀيان ماڻي سگهي
ٿو. بشرطيڪ هن ۾ هنر، محنت، سگهه ۽ ڄاڻ جهڙيون
شيون هجن.
Avenell
شهر جنهن ۾ آئون هاڻ رهيل آهيان، اسان جي ايشيائي
ملڪن جي حساب سان ته هڪ ننڍڙو، خوبصورت ۽ ماڊرن
شهر آهي پرهتي جي آمريڪي معيار مطابق هتي جي يونين
ڪائونٽي جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جنهن جهڙا ڪيترائي
ڳوٺڙا اولڊ برج، اسيلن،
Rahway،
پرٿ وغيره وغيره پنج ڏهه ميلن جي فاصلي تي آهن ۽
فقط هنن ڀر وارن شهرن يا ڳوٺن ۾ جيڪي منهنجا
واقفڪار رهن ٿا، يعني جن جي مون کي خبر آهي، انهن
مان ڪجهه هن ريت آهن: آمريڪن حبيب بئنڪ جو مئنيجر
نديم جوڻيجو جنهن جو والد صاحب امداد جوڻيجو
ABL
بئنڪ جو صدر هو. نديم گذريل 25 سالن کان آمريڪا جي
مختلف حبيب بئنڪن ۾ نوڪري ڪندو اچي، بئنڪ جي ڀر ۾
شيراز هوٽل ۾ جمعي نماز تي رشيد مليو جيڪو مون سان
گڏ جهاز تي ريڊيو آفيسر هو ۽ پوءِ جهازن جي نوڪري
ڇڏي هتي رهي پيو. دادو جو سائين ابراهيم چنا صاحب
آهي، جيڪو ڪراچي ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽيز جو ڊائريڪٽر
هو. رٽائرڊ ٿيڻ تي هتي هليو آيو جو سندس ٻه وڏا پٽ
خالد چنا ۽ مسعود چنا ويهن سالن کان هتي رهن ٿا.
سندن دوائن جا دڪان ۽ ٻيو ڪاروبار توڙي گهر هتي ئي
ڀر واري شهر ۾ آهن. نواب شاهه جي مشهور شخصيت
ڊاڪٽر ڏاهريءَ جو پٽ مقبول ڏاهري به سالن کان هتي
رهي ٿو. اسان جي پيٽاڙو ڪئڊٽ ڪاليج جي دوست اقبال
ترڪ جا ڀائر ڊاڪٽر اعجاز ترڪ ۽ اشفاق ترڪ ۽ پٽ
جيتوڻيڪ ڏورانهين رياستن ۾ رهن ٿا پر سندس سالا
ڊاڪٽر سليمان بيگ ۽ هتي جي
PIA
آفيس ۾ ڪم ڪندڙ فريد بيگ هتي اسان جي پاڙي جي شهرن
۾ رهن. اڄ ڪلهه اقبال ترڪ جي سس جيجي شرفنساءِ
(قاضي اڪبر، قاضي عابد ۽ آپا شمس وارن جي ڀيڻ) به
هتي اچي رهي آهي. خيرپور جو مشهور رٽائرڊ ايس پي
پوليس سومرو صاحب ۽ سندس ٽي پٽ نديم وغيره به هتي
رهن ٿا. خيرپور سکر پاسي جو فلڪ شير، سندس وڏو
ڀاءُ ڪوه شير ۽ هڪ ڀيڻ ڊينٽل سرجن فردوس جهان به
هتي جي ڀر واري شهر ۾ رهي ٿي، يعني هن رياست نيو
جرسي ۾ ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ انجم شير هڊسن ندي جي هن پار
نيو يارڪ ۾ ٿو رهي ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ پئسفڪ سمنڊ پاسي
West Coast)) جي رياست ڪئليفورنيا ۾ رهي ٿو.
ان کان علاوه اسان جي ڳوٺ هالا جي مرحوم عبدالغفار انصاري جو
ٽيون نمبر پٽ سهيل زال صبا قريشي ۽ ٻارن سان گذريل
15 سالن کان هتي رهي ٿو ۽ نوڪري لاءِ هڊسن ندي ٽپي
نيويارڪ وڃي ٿو. سندس پڦي خورشيد ٻگهيو جي ڌيءَ
ڪونج جنهن هتان آمريڪا مان
Graduation
ڪئي ۽ شادي پڻ هتي ڪئي. پنهنجي مڙس عاطف ۽ ٻن ٻارن
سان هتي رهي ٿي. سندس مڙس جي نوڪري هن رياست جي
بندرگاهه نيوارڪ ۾ آهي. خيرپور ۽ سکر پاسي جا
ڊاڪٽر اقبال جعفري (اينگرو واري گل شير جو سوٽ) ،
ڊاڪٽر نور راڄپر ۽ سندس ڀاءُ مسرور راڄپر (جيڪو
ڪيترائي سال سينگاپور ۾ ڪمپيوٽر انجنيئر هو) هاڻ
هتي ئي رهن ٿا. پر نوڪري نيويارڪ ۾ اٿن ۽ تقريباً
هر دعوت ۾ نظر اچن ٿا. ساڻن گڏ ڊاڪٽر ابڙو ۽ سندس
زال سعيده ابڙو جيڪا هتي جي بئنڪن ۾ مئنيجريس رهي
چڪي آهي ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ نوڪري ڇڏي اٿس، گهوٽڪي
جو انجنيئر رميش ٿارواڻي ۽ سندس ڪنڌڪوٽ جي ڊاڪٽر
زال ريکا پڻ هتي ئي رهي ٿي ۽ نوڪري به هتي ئي ڪن
ٿا. نواب شاهه جو ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ راهو جيڪو
پاڪستان ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر هو ۽ دادوءَ جي سندس
زال لبنيٰ رانجهاڻي ٻارن سميت گذريل ڇهه ست سالن
کان هتي رهيا ٿي. هاڻ گذريل مهيني ڀر واري رياست
مئري لئنڊ لڏي ويا آهن. اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي
ڪلاس ميٽ مصباح الحق ميمڻ ۽ مشهور سنڌي اديب ۽
عالم سراج الحق ۽ فهميده حسين جو ڀاءُ ضياءُ ميمڻ
به سالن کان هتي رهي ٿو. جن سان هتي اڪثر انڊين
بازارين ۾
(Oak Tree Road)
واري ۾ خاص طرح، مسجدن ۾، سنڌي ميلن ۽ فنڪشنن ۾ يا
وري ڪنهن جي گهر رکيل مخصوص گروپ جي دعوتن ۾
ملاقات ٿيندي رهي ٿي. پر اهو ضرور آهي ته هر هڪ
نوڪري يا ڌنڌي واپار ۾ اهڙو ته مشغول رهي ٿو جو
سندس سڄو ڏينهن آفيس يا دڪان ۾ گذريو وڃي. کيس فون
ڪرڻ جي به فرصت نٿي ملي. باقي جمع جي شام کان آچر
جي شام تائين ٻه ڏينهن صحيح قسم جي موڪل ٿئي ٿي،
جنهن ۾ هو دوستن ۽ ٻارن ٻچن سان گڏ وقت گذارين. يا
وري ڏينهن ٻه وڌيڪ موڪل ڪري ٻي رياست ۾ وقت گذارڻ
وڃن، جيئن هينئر واشنگٽن ۾ آمريڪا جي مختلف رياستن
۾ رهندڙ چار سؤ کن سنڌي فئمليون اچي گڏ ٿيون هيون
۽ هاڻ ايندڙ 14 آگسٽ تي ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جو
وڏو اجتماع آهي، جيڪو
WSI
جي صدر منور لغاريءَ واشنگٽن يا شايد ورجينا ۾
سڏايو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاڙو جا به آمريڪا ۾
ڪيترائي رهن ٿا ۽ گذريل مهيني هنن ڪئناڊا ۽
آمريڪا جي بارڊر وٽ، ناياگرافالس وٽ پيٽارو جي
اولڊ بئائز جي
Get Together
رکي. ان جو بندوبست اسان جي ڳوٺ جي ڪئڊٽ عدنان
قريشي ڪيو، جيڪو ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جي شهر
Oakvlle
۾ رهي ٿو. عدنان منهنجي هالا جي اسڪول جي دوست
ڊاڪٽر عبدالحليم قريشيءَ جو فرزند آهي ۽ سندس هڪ
ويجهو مائٽ سائين يوسف صاحب منهنجو ٻئي انگريزيءَ
(يعني ڇهين ڪلاس) ۾ ٽيچر پڻ هو. عدنان کي خبر
پيئي ته آئون نيو جرسي
(USA)
۾ آهيان ته هن ”پيٽارين ياهو گروپس“ ذريعي مون کي
اها گڏجاڻي
Attend
ڪرڻ لاءِ چيو. مون کيس پري هجڻ جو بهانو ڏنو.
”چوڌري ببيڪشن وارا ته ڪئليفورنيا کان پيا اچن. توهان ته ويجها
آهيو.“ هن لکيو، ”۽ ٻيو ته پهرين بئچ جو ڪئڊٽ حميد
انور
(Kit No: 12) ته توهان جي ڀر واري ڳوٺ ۾ رهي ٿو ۽ هو اچي رهيو آهي، جنهن سان
گڏ هليا اچو.“
مون ايترو پري باءِ روڊ وڃي پنج ڇهه ڏينهن ضايع ڪرڻ نٿي چاهيا ۽
کيس اهانا بهانا ڏيئي راضي ڪري ڇڏيم، پر حميد انور
جو
Email
ايندو رهيو ته نيو جرسيءَ ۾ ڪٿي آهين. جنهن جو مون
جواب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو.
Email
۾ اهو فائدو آهي ته ٻئي جي ناراضگي لاهڻ لاءِ اهو
چئي سگهجي ٿو ته معاف ڪجو ڪمپيوٽر خراب هو يا بزي
هوس مون انٽرنيٽ تي
Mail
چيڪ ڪئي ڪانه. پيٽارو جي ان فنڪشن بعد جڏهن آئون
هفتو کن واشنگٽن هوس ته ان وقت پنهنجي پراڻي ساٿي
حميد انور کي اي ميل ڪيم ته نيو جرسي جو پنهنجو
فون نمبر ٻڌاءِ آئون نيو جرسي پهچي توکي فون ڪندس،
منهنجو هاڻ انڊيا وارو سفرنامو ۽ ڪاوش لاءِ ڪجهه
ڪالم مڪمل ٿي چڪا هئا ۽ هاڻ مونکي واندڪائي هئي.
حميد انور ڪئڊٽ ڪاليج جي پهرين بئچ جو آهي، جڏهن 1957ع ۾ ڪئڊٽ
ڪاليج عارضي طور ميرپور خاص جي هڪ ڪاليج ۾ ٻن
سالن لاءِ کوليو ويو هو. آئون ٻئي سال پهتس ۽
ميرپور خاص ۾ سال ڏيڍ رهي پوءِ پيٽارو آياسين. ان
وقت ويهه کن حميد انور جي بئچ جا ڪئڊٽ هئا ۽ اهڙا
پنجويهه کن اسان ٻي بئچ جا پهتا هئاسين. منهنجو ڪٽ
نمبر 47 هو ۽ آئون لياقت هائوس ۾ هوس جنهن جي
هاسٽل ۾ اسان جي ڪمري بعد هڪ ڪمرو ڇڏي ٻئي ۾ حميد
انور رهيو ٿي. سندس ٻن روم ميٽن مان هڪ مرزا بشير
چاند هو جيڪو حيدر آباد ۾ چيف انجنيئر
WAPDA
وغيره رهيو ۽ گذريل سال سٺ سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿيو
۽ ٻيو جعفر هو، جنهن جي 1962ع ۾ ڪاليج ڇڏڻ بعد وري
خبر نه پئجي سگهي. حميد انور جي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻين
دوستن کان خبر پيئي پئي ته هاڻ مهراڻ مان
اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾
BE
ڪئي اٿس ۽ هاڻ ابو ڌابيءَ ۾ آهي. بلڪه ابو ڌابيءَ
۾ هو وڏو عرصو رهيو ۽ اسان جو ڳوٺائي ڊاڪٽر منظور
عرساڻي سندس احوال ڪڏهن ڪڏهن ٻڌائيندو هو جيڪو پڻ
پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو ابو ڌابيءَ ۾ رهيو.
هاڻ شايد هو به آمريڪا ۾ آهي.
حميد انور جي مون کي اها خبر نه هئي ته هو ڪو ڪجهه سالن کان
هتي
USA
۾ آهي ۽ هاڻ عدنان کان جيئن ئي خبر پيئي ته هو نه
فقط آمريڪا ۾ آهي پر ان ساڳي رياست نيو جرسي ۾
منهنجي ڀر واري ڳوٺ ۾ آهي، ته مون کي ڏاڍو تعجب
لڳو. حميد انور ننڍپڻ کان جيئن ته ڪچهريءَ جو
ڪوڏيو رهيو آهي، ان ڪري مون اڃا جهٽ ساڻس نٿي ملڻ
چاهيو جو مون کي پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم تمام گهڻو
هو) ۽ ساڳي وقت دل ۾ اهو به احساس هو ته هن جهڙي
نيڪ، پرخلوص، سنڌي نه هوندي سنڌي ڳالهائيندڙ ۽
سنڌين جي همدرد ۽ معصوم شخصيت سان ملڻ بنا آمريڪا
ڇڏڻ هڪ الميو ٿي سمجهيو. اسان آخري دفعو 1962ع جي
شروع ۾ مليا هئاسين، جڏهن هو انٽر ڪري ڪئڊٽ ڪاليج
کي الوداع چئي رهيو هو ۽ اسان سندن جاءِ تي انٽر
جي ڪلاس ۾ داخل ٿيا هئاسين. پاڻ اسان جي لياقت
هائوس جو پهريون
JUO
هو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ پڙهائي ۽ راندين ۾ هوشيار
هجڻ سان گڏ منجهس
Officer Like Qualities
۽ ليڊرشپ جون وصفون به اتم هيون پر هن اجايو رعب ۽
ٽرڙپائي بدران هميشه همدرداڻو رويو رکيو. پاڻ
طبيعت ۾ بيوقوفي جي حد تائين سادو رهيو ۽ اڄ به
اهڙو ئي سادو، يار ويس ۽ ٻين جو مددگار آهي. ساڻس
ملاقات جو احوال هاڻ ٻئي باب ۾ ئي لکان ٿو. |