سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :8

 

سائين عبدالفتاح ميمڻ جي

 فئملي ۽ انور ميمڻ

ان ڏينهن نيو يارڪ جي ففٿ ايونيو تي پنهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ انور ميمڻ سان چڪر هڻي رهيو هوس. انور ٽورنٽو کان پنهنجي زال (ڀاڄائي نجمه) سان گڏ واشنگٽن آيو هو، جتي نجمه پنهنجي ڀاءُ علي نواز وٽ ترسي پيئي ۽ انور نيو جرسيءَ مان مون کي کڻي نيو يارڪ پهتو، انور ميمڻ جي گهر واري نجما اسان ٻنهي جي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ مرحوم علي رضا ميمڻ جي ڀيڻ ۽ لاڙڪاڻي واري مرحوم عبدالفتاح ميمڻ جي ڌيءَ آهي، جيڪو 1962ع کان 1966ع تائين سعودي عرب جو سفير ٿي رهيو.

سائين عبدالفتاح ميمڻ صاحب پروفيشن جي لحاظ کان لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل هو، کين سياست جو به شوق هو ۽ 1952ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊيو هو. پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جي  ڪاليجي تعليم جو  باني پڻ هو ۽ لاڙڪاڻو آرٽس ڪاليج، لاڙڪاڻو ڪامرس ڪاليج ۽ لاڙڪاڻو LAW ڪاليج ان سلسلي جون پهريون ڪڙيون هيون. کين اٺ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ نجما ٿي. وڏو پٽ غلام علي ENT سرجن آهي ۽ ٻئي نمبر تي علي نواز ميمڻ آهي، جيڪو هتي واشنگٽن ۾ رهي ٿو ۽ گذريل 35 سالن کان ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن سان لاڳاپيل آهي. پاڻ سوماليا (آفريڪا) ۾ ورلڊ بئنڪ جو مڪاني نمائندو Representative  Resident ۽ پاڪستان ۾ نئشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جو چيئرمين ٿيڻ کان علاوه ايشيا، آفريڪا ۽ مڊل ايسٽ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بين  الاقوامي ترقياتي ادارن ۾ نوڪري ڪئي. پاڻ 1943ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڄائو ۽ بنيادي تعليم شڪارپور جي ميمڻ محلا پرائمري اسڪول، داري محلا ايليمينٽري اسڪول لاڙڪاڻي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد گريجوئيشن ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي. ان بعد علي نواز آمريڪا جي اوريگون يونيورسٽيءَ مان MBA ڪئي ۽ الينوس يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڇپيل ٻه ڪتاب ڏيهه پرڏيهه ۾ بيحد مشهور آهن، جيڪي مڊل ايسٽ ۽ پاڪستان جي مسئلن جي روشنيءَ ۾ لکيل آهن. سندن نالا هن ريت آهن.

1. Islamic Nation

(Status and Future of Muslims in the new world order)

 2. Pakistan- Islamic Nation in Crisis.

 علي نواز جا مٿيان ڪتاب 1995ع ۽ 1997ع ۾ ڇپيا هئا.

لاڙڪاڻي جي مشهور وڪيل ۽ سفير مرحوم عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي مٿين ٻن پٽن (غلام علي ۽ علي نواز) بعد ٽئي نمبر تي اسان جو ڪلاس ميٽ مرحوم علي رضا ميمڻ آهي. علي رضا پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ننڍي عمر ۾ اسان کان جدا ٿي ويو. ان بعد سندس اٺن ڀائرن ۾ اڪيلي ڀيڻ نجما ۽ پوءِ سڪندر آهي، جيڪو پڻ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو ۽ جنهن جو احوال شروع ۾ حميد انور واري قصي ۾ اچي چڪو آهي ته ڪيئن حميد انور ۽ انور ميمڻ هن سان پريپ ٽائيم ۾ ملڻ ويا ته ڪاليج جي انگريز پرنسپال کين دڙڪو ڏيئي ڪاليج مان ڀڄائي ڪڍيو. سڪندر ميمڻ ڪافي عرصي کان مصر ۾ پنهنجي عرب زال سلوا سان گڏ رهي ٿو، کيس آثم نالي هڪ پٽ آهي. سڪندر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهڻ بعد ڪيميڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي پروفيشن سان گڏ گڏ پرائيويٽ بزنيس به ڪري ٿو. سڪندر بعد پنجين ڀاءُ شفقت ۽ ستين ڀاءُ شاهين جو واسطو بئنڪنگ سان آهي ۽ ڇهون ڀاءُ محمد علي آرمي ۾ ميجر آهي ۽ آخري ننڍو ڀاءُ جمال ناصر ڊاڪٽر آهي ۽ اسلام آباد ۾ چمڙيءَ (Skin) جي بيمارين جو ماهر آهي. اسان پارڪ ايونيو کان 63 نمبر اڀرندي واري گهٽي ڏيئي نيو يارڪ جي مشهور شاهراهه ففٿ ايونيو تي اچي هيٺ ڏکڻ طرف هلڻ لڳاسين. اسان جي ساڄي پاسي دنيا جي وڏن پارڪن مان هڪ ”سينٽرل پارڪ“ هو. نيون پراڻيون ڳالهيون ڪندا، ڳالهه ۾ لڀي ڪجهه نه ته به ٻٽا ٻٽا ٽهڪ ڏيندا، پاسي کان لنگهندڙن تي اجائي سجائي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا 57، 56، 55، 54، 53، 52 هين گهٽي اڪري اچي ايڪونجاهينءَ تائين پهتاسين، جتان راڪ فيلر پلازا شروع ٿو ٿئي ته اٺيتاليهين گهٽيءَ تائين وڃيو نڪري. پنجاهين گهٽي وٽ بيٺل آئس ڪريم واري کان  وڏو شاهي آئيس ڪريم ڪون وٺي اتي ئي بيٺي بيٺي کاڌو سين، هڪ چٽ ڪري پورو ڪيوسين ته انور چيو:

”يار آئون ته هڪ ٻيو به کائيندس. تون به کاءُ“

”نه بس هڪ ڪافي آهي.“ مون چيو مانس.

”ڇو؟ ڪهڙو اعتراض آهي؟ پئسا ته آئون ٿو ڏيان.“

انور اهڙي اسٽائيل ۾ چيو جو ننڊپڻ جا ڪاليج وارا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن رسيس ۾ آئون، انور، اظهر عباسي( قاضي عابد صاحب جو پٽ)، رفيع ڪاڇيلو ۽ شوڪت جماڻيءَ جو ٽولو ڪئنٽين پهچي ويندو هو ۽ روز ان ڳالهه تي ڦڏو ٿيندو هو ته پيٽيز يا سموسن جا پئسا ڪير ڀريندو. ان ڏينهن نيو يارڪ جي ان ففٿ ايونيو تي اسان کي سچ پچ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ نائين يا ڏهين ڪلاس جا شاگرد هجون. اهو هرگز نٿي محسوس ٿيو ته ٻاهٺ ٽيهٺ سالن جا ڪي پوڙها آهيون تڏهن ته ڪلو سٽرول ۽ شگر ليول هاءِ هجڻ جي باوجود آئيس ڪريم کائي رهيا هئاسين.

انور جيسين آئيس ڪريم جو جمبو ڪون آهستي آهستي ڪري ڳرڪائي، تيسين مون corn واري کي بيهاري هن کي سڀ کان وڏو سنگ ڏيڻ لاءِ چيو.

”مون سمجهيو منهنجو ڊالر بچيو. هيءَ ته تو مون کي ٻيڻ نقصان ۾ وڌي.“ انور چيو.

”اهو ڪيئن؟“ مون پڇيو.

”ان کان ته ٻيو آئيس ڪريم ڪون کائين ها ته مون کي ان جو هڪ ڊالر ڏيڻو پوي ها. مڪئي جو سنگ، خاص ڪري هن هنڌ تي ته ٻن ڊالرن جو آهي.“ انور چيو.

”چڱو ڀلا سنگ جا پئسا آئون ٿو ڏيان.“ مون کلندي پٺئين کيسي مان ٻٽون ڪڍڻ لاءِ هٿ وڌو.

”نه ادا مهرباني.“ انور پنهنجي چرچائي نموني سان هٿ ٻڌي مون کي پئسن ڏيڻ کان جهليو.“ بهتر آهي ته ٻه ڊالر به آئون ڏيان نه ته پنهنجي سفر نامي ۾ خوار ڪري ماريندين ته چاليهه سالن کان پوءِ پراڻو دوست مليو، تنهن مون کي ٻن روپين جو سنگ به نه کارايو. هاڻ ويچارن پڙهندڙن کي ڪهڙي خبر ته اهو سنگ خيرپور ناٿن شاهه ڳوٺ ۾ نه پر ”مئن هٽن“ جي امير ترين علائقي ففٿ ايونيو ۾ مون کي کارائڻو پيو  پوي.“

”ادا جيڪي وڻنئي اهو پيو چئه.“ آئون سنگ وٺي روڊ جي پاسي کان هڪ ٺلهه تي ويهي مزي سان کائڻ لڳس. ڇا ڳالهه ڪجي هن پاسي جي سنگن جي! اسان جي پاسي جا هڏن جهڙا بي سوادي سنگ کائڻ مهل جهنگلي سوئر به منهن کي موڙو ڏيئي مجبوريءَ ۾ کائين ٿا.

انور ميمڻ سان منهنجي ملاقات 1963ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻ بعد هاڻ چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد هتي آمريڪا ۾ ٿي آهي. انور پيٽارو جي انهن شاگردن مان آهي، جنهن جا ان وقت جا چرچا ۽ کل ڀوڳ جون ڳالهيون اڄ به سدا حيات آهن. جڏهن به ۽ جتي به پراڻن دوستن جي گڏجاڻي ٿيندي آهي ته انور جي ڪا نه ڪا ڳالهه ياد ڪري کلندا آهيون. صحت مند ۽ راندين ۾ هوشيار هجڻ کان علاوه انور ننڍي هوندي شرارتي به ڏاڍو هو ۽ هو سزا خوشيءَ سان قبول ڪندو هو ۽ هن جون اهي شرارتون ڪنهن کي تنگ ڪرڻ يا رنجائڻ بدران پنهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي کلائڻ جي مقصد سان هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو هو جو انور کي روزانو سزا خاطر ايڪسٽرا ڊرل ڪرڻي پوندي هئي. نوٽس بورڊ تي ٻئي ڪنهن جو نالو هجي يا نه هجي پر انور جو ضرور هوندو هو. انور جي اها ڳالهه ياد ڪري اسين پراڻا ڪلاس ميٽ کلندا آهيون ته هڪ ڏينهن لنچ بعد دستور موجب جڏهن انور سزا کائڻ خاطر پريڊ گرائونڊ تي پهتو ته ايڪسٽرا ڊرل ڪرائڻ واري حوالدار چيس ته ”ڪئڊٽ انور تنهنجو اڄ سزا لاءِ نوٽس بورڊ تي نالو ته نه هو.“ اهو ٻڌي هو موٽي آيو. اسان چيس نوٽس بورڊ تي سزا وارن جي لسٽ نه پڙهي هئي ڇا؟“ جواب ۾ معصوم شڪل ٺاهي وراڻيائين ته نوٽس بورڊ ڏي اهي وڃن جن کي ڪڏهن ڪڏهن سزا ٿي ملي. مون کي اڄ الائي ڇو نه ملي آهي نه ته روزانو آهي ئي آهي.

انور ميمڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان 1968ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هيڏانهن ڪئناڊا هليو آيو ۽ ان وقت کان هتي ئي رهي ٿو ۽ هتي ئي نانو ڏاڏو ٿي ويو آهي.

انور کي ٻه ٻار آهن. وڏو پٽ دانش آهي، جنهن جي  شادي ياسمين سان ٿي آهي، جنهن مان هن کي چار ٻار اوساما، مريم، صوفيا ۽ آمنا آهن. انور جو ٻيو ٻار ڌيءَ مشعال آهي. مشعال وئنڪيوئر جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ مهيني تعليم مڪمل ڪندي. انور ۽ سندس زال نجما گڏجي ”انور نجما“ نالي ٽرسٽ (خيراتي ادارو) ٺاهيو آهي، جنهن جي معرفت هو غريب ۽ ضرورتمند ٻارن لاءِ نه فقط سنڌ ۾ پر آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ تعليم جو بندوبست ڪري رهيا آهن. سندن اهو چوڻ آهي ته اسان جي معاشري جي خرابي ۽ پٺتي پوڻ جو وڏو سبب تعليم جي کوٽ آهي، جنهن لاءِ اسان کي فقط حڪومت تي  ڀاڙڻ بدران پاڻ به مدد ڪرڻ کپي. علم پرائڻ ۽ علم کي عام ڪرڻ نه فقط انور جي والد صاحب فقير محمد (چاچا بسوءَ) جي زندگيءَ جو مقصد هوندو هو پر نجما جي والد صاحب عبدالفتاح ميمڻ جو پڻ، جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته لاڙڪاڻي ۾ هن تعليمي ڪاليجن جو بنياد وڌو. سنگ کائي بس ڪيم ته انور هلڻ لاءِ چيو.

”ڪيڏانهن“ مون پڇيو.

”واڪ ڪيون نه. ههڙي سٺي جهڙالي موسم آهي، ههڙو ويڪرو فٽ پاٿ. ميل اڌ ٻيو به ته پنڌ ڪيون.“ انور چيو

”ڇو ڀلا-؟“ مون پڇيو. منهنجي ان سوال تي انور وڏڙن وانگر مون کي سمجهائڻ لڳو:

”واڪ هر انسان لاءِ سٺي  شئيءَ آهي، واڪ سان صحت سٺي ٿي رهي. چرٻي ڳري ٿي، واڪ تي ڪئلوريز سڙن ٿيون. نيرن تي جيڪو بيضو ۽ پٽاٽا کاڌا اٿئون آخر ان کي ساڙڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ميل ته واڪ ڪجي.......

”آئون سندس چهري ڏي گهوريندو رهيس. آخر سندس ليڪچر کي اڌ ۾ ڪٽي چيو مانس:

”اهڙي واڪ کان ته گهر ۾ ويهي ڪچهري ڪريون ها. جيڪي ڪئلوريز واڪ ذريعي ساڙڻ نڪتا آهيون، ان کان ٻيڻيون ٽيڻيون آئيس ڪريم کائي وڌيڪ حاصل ڪيون اٿئون.“

”چڱو ڀلا ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ تائين هلون ٿا.“ انور چيو

”خدا جا بندا اها ته ٽيٽيهين گهٽيءَ تي آهي. ايستائين ڪير هلندو، “ مون احتجاج ڪيو، ”وڌ ۾ وڌ ٻائيتاليهين گهٽيءَ تائين هلون ٿا جتي پبلڪ لئبرري آهي.“

”چئبو ته پيٽارو کان وٺي جيڪا پي ٽي پريڊ ۽ راندين کان گهوٻي هوندي هئي، سا اڃا قائم اٿئي،“ انور چيو،“ بابا هيءَ سڙڪ (ففٿ ايونيو) اها آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو هلي ملي نيو يارڪ ايندا آهن.“

مون ٽهڪ ڏيندي انور جي ڳالهه کي  ساراهيو.

 

ائسٽر هوٽل ۽ نيويارڪ ۾ رهندڙ سنڌي

ففٿ ايوينيو مئن هٽن (نيو يارڪ) جي واقعي اهم رستن مان هڪ آهي. اهو شهر جي صدر (وچ واري) علائقي Midtown  کان شروع ٿئي ٿو (يعني گرين وچ وليج ۽ Flatiron کان شروع ٿئي ٿو) ته ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ، نيو يارڪ پبلڪ لئبررري، راڪ فيلر سينٽر کان ٿيندو سڄي سينٽرل پارڪ جي اوڀر  واري بائونڊري ٺاهيندو مارڪس گاروي پارڪ تائين ۽ اڳتي هارلم هاسپيٽل وٽان ٿيندو ان جي ڀرسان وهندڙ هارلم نديءَ وٽ وڃيو ٿو دنگ ڪري، جنهن نديءَ جي ٻئي پاسي نيو يارڪ جو Bronx علائقو آهي.

ففٿ ايونيو جي جنهن حصي ۾ اسين واڪ ڪري رهيا هئاسين اهو Midtown وارو علائقو هو يعني سينٽرل پارڪ ۽ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي وچ وارو حصو جتي سينٽرل پارڪ جي نظاري ڪري روڊ جي ٻئي پاسي دنيا جي امير ترين ماڻهن جا گهر آهن ۽ جتي پارڪ ٿو ختم ٿئي، يعني 59 گهٽيءَ کان وٺي 34 گهٽيءَ تائين دنيا جي مهنگين ۽ اعليٰ شين جا دڪان آهن، جن جو پَٽُ والن ۽ فٽن جي حساب سان نه پر انچن جي حساب سان وڪامي ٿو ۽ ٽوڪيو جي علائقي گنزا جهڙو مهانگو آهي. نيو يارڪ جي ففٿ ايونيو جا هن علائقي وارا دڪان يعني 59 کان 34 گهٽيءَ وارا دڪان لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۽ پئرس جي Champs Elysees جو مقابلو ڪن ٿا. سو ظاهر آهي اهڙي علائقي ۾ واڪ ڪندي مون کي ناشڪرو نه ٿيڻ کپي ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست انور ميمڻ جو مون کي ٿورائتو ٿيڻ کپي، جنهن سان هن کان اڳي يعني 1958ع  کان 1963ع تائين پيٽارو ۾ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ جڏهن موڪلن ۾ سندس گهر کاهي روڊ تي ويندو هوس ته واپسي تي هو مون کي  منهنجي ماسي زبيده  (انجنيئر محمد علي ٻگهيو جي گهر واري) جي گهر فقير جي پڙ ۾ هميشه سوڙهين گهٽين ۽ گاڏن، فقيرن، واٽهڙن سان ڀريل رستن تان وٺي هلندو هو، انهن مان ڪنهن هڪ اڌ هنڌ تي کڏي کوٻي ۾ پير ضرور ٿاٻڙبو هو يا ڪو رول ڪتو Over Flow ٿيدڙ گٽر مان ٻوڙيل پڇ سان ڇنڊا ضرور هڻندو هو. ڪاليج جي انهن  ڏينهن ۾ آمريڪا جي مشهور ناول نويس ايڊٿ وارٽن جو هڪ ناول The Age of Innocence جنهن تي هن کي پلٽزر پرائيز به مليو هو، پڙهندا هئاسين. 1920ع جي  لکيل ان  ناول ۾ هُن ففٿ ايونيو کي مرڪز بڻايو آهي ۽ 1870ع جي هاءِ ڪلاس رهاڪن جو احوال بيان ڪيو اٿس. مون انور جو ان ناول  بابت ڌيان ڇڪايو ته اڄ پاڻ ان ففٿ ايونيو تان هلي رهيا آهيون.

انور سامهون ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ڏي اشارو ڪري چيو ”۽ پاڻ واري“ والڊورف- ائسٽرا“ هوٽل ان هنڌ تي هوندي هئي.“

”پاڻ واري؟!“ مون شڪي مرڪ چپن تي اڻي انور کي ڏٺو. سندس ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي. هن کان اڳ ان قسم جا جملا انور جي واتان مون 1958ع ۾ ٻڌا هئا، جڏهن اسان پيٽارو شفٽ ٿيڻ کان اڳ ميرپور خاص واري ڪئڊٽ ڪاليج ۾  آيا هئاسين ۽ آچر واري ڏينهن پنهنجي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس سان گڏ ڪاليج بس ۾ ميرپور خاص کان حيدرآباد مارننگ شو (انگريزي فلم) ڏسڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين. انور ۽ منهنجي جاءِ هڪ ئي سيٽ تي هئي جو منهنجو ڪٽ نمبر 47 هو ۽ انور جو 48 هو. ميرپور خاص کان وٺي ٽنڊو ڄام تائين اسان رستي تان سامهون ايندڙ سواريون نوٽ ڪندا هلياسين ته هر هڪ جون ڪيتريون بسون، ڪارون ۽ ٻيون سواريون ٿيون. هڪ انور جي ته ٻي منهنجي نالي ٿي ٿي.“ اها شيورليٽ ڪار پئي اچي، اها منهنجي ٿي“ انور رڙ ٿي ڪئي،“ هاڻ ڏسون ته تنهنجي ڀاڳ ۾ ڇا ٿو اچي.“

۽ پوءِ ڪڏهن لاري يا ساڳي ڪار ٿي آئي ته ڪڏهن اٺ گاڏي يا ڍڳي گاڏي. ان رستي تي انهن ڏينهن ۾ ڍڳي  گاڏيون ئي گهڻيون هونديون هيون. سو خبر ناهي انور هينئر به اها پيو راند ڪري ڇا. هيءَ نيو يارڪ پبلڪ لئبرري تنهنجي ۽ راڪ فيلر سينٽر منهنجو. هي سينٽ پئٽرڪ گرجا گهر تنهنجو ۽ ميٽرو پوليٽن آرٽ ميوزم منهنجو. نيو يارڪ، اڪيڊمي آف ميڊيسن تنهنجي ۽ مائونٽ سنائي اسپتال منهنجي.....

”ڇو وسري ويئي چاچي بشير واري والڊورف- ائسٽوريا واري هوٽل..“ انور وري ياد ڏياريو.

”ڪهڙو بشير؟ مون کي ته ياد به نٿو اچي.“ آخر مون رڙ ڪئي.

 ان بشير جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ هتي ٻه چار سٽون هن شهر (نيو يارڪ) جي هن جڳ مشهور هوٽل والڊورف ائسٽوريا (Waldorf- Astoria) بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن بابت ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ته فقط ايترو معلوم هو ته هن هوٽل ۾ دنيا جا اهم ۽ امير ترين ماڻهو رهن ٿا پر پوءِ ڪجهه هِتان هُتان پڙهڻ سان ۽ ڪجهه جهڏي جي مرحوم مير مبارڪ ٽالپر ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻيءَ سان نيو يارڪ جي پارڪ ايونيو تان ايندي ويندي معلوم ٿيو. مٿيان همراهه سٺ واري ڏهي جي شروعاتي سالن کان هتي نيو يارڪ ۾ اچي رهيا ۽ 1968ع کان جڏهن جهاز وٺي منهنجو نيويارڪ اچڻ ٿيو  ته هنن سان ملاقاتيون ٿيون. نور احمد نظاماڻي ڪاليج جي ڏينهن ۾ انور ۽ مون کان هڪ سال سينئر هو ۽ 1962ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد هيڏانهن  (نيو يارڪ) هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ هو سينٽرل پارڪ جي کاٻي (اولهه) پاسي سينٽ مائيڪل چرچ وٽ 101 نمبر گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. ٿورو اڳيان براڊ وي تي حيدرآباد جي عبدالرزاق شيخ وارن جو شاليمار نالي دڪان هو، جنهن تي مير مبارڪ ٽالپر ۽ پوءِ 1969ع ڌاري حيدرآباد کان آيل سليم شاهه ۽ سندس زال پروين شاهه به ان دڪان تي ڪم ڪندي هئي، ڀرسان نئين نئين ڪولمبيا يونيورسٽي کلي هئي، جنهن جي ڪري شيخن جو شالامار دڪان سٺو هلڻ لڳو، جنهن تي يونيورسٽي جي نوجوان ڇوڪرن  ڇوڪرين لاءِ پاڪستاني ويس وڳا ۽ ڳهه وڪري لاءِ هوندا هئا. عبدالرزاق جي ڀاءُ عبدالقيوم ۽ سندس ٻين مائٽن سان  به ملاقات ٿيندي هئي. اڄ ڪلهه ٻڌو اٿم ته هنن جو دڪان اٿيڪا ۾ آهي ۽ ڪارنيل يونيورسٽيء (جتان منهنجي والد گل محمد شيخ ائگريڪلچر سائنس ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي) جي ڀرسان ٽريومن برگ ۾ رهن ٿا. بهرحال هن وقت پارڪ ايونيو  تي واڪ ڪرڻ ۽ والڊورف – ائسٽوريا هوٽل جي ڳالهه لکندي نيو يارڪ ۾ ان وقت جا رهندڙ سنڌي ياد اچي ويا. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا به هئا، جهڙوڪ حيدرآباد جي مئجسٽڪ سئنيما وارو آغا خدا داد خان، جنهن جي زال شايد اطالوي هوندي هئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي مئڊم امينا خميساڻيءَ جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر خورشيد چنا، ڪاماري شريف جو پير حميد جيڪو انسٽيٽيوٽ آٽو مڪينڪ ۾ پڙهندو هو، هڪ همراهه واصف امام پڻ هو، جيڪو آمريڪا جي پيپسي ڪولا اداري ۾ اڪائونٽنٽ هوندو هو، ڪڏهن اسان جي ڳوٺ جو پير، مخدوم امين صاحب به اچي نڪرندو هو ۽ هڪ ٻه دفعو مير مبارڪ ٽالپر وارن جي فلئٽ ۾ ئي رهيو. اسان واري مائٽ بشير مغل ۽ ٽنڊو جان محمد جي يوسف ڏاهريءَ سان به مبارڪ ۽ نظاماڻي وارن جي فلئٽ تي ملاقات ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ آر. اي شاهه صاحب به نيو يارڪ ۾ هوندو هو. هو صاحب نيو يارڪ يونيورسٽيءَ مان PHD ڪري رهيو هو يا  شايد ڪري چڪو هو. نيو يارڪ جي آدمشماري اڄ جهڙي نه هئي، رستا به  سنسان رهندا هئا. اسان جو زور واڪ ڪرڻ تي هوندو هو ۽ نيو يارڪ جي پلين ۽ عمارتن جون ٻڌل ڳالهيون هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئاسين ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ نيو يارڪ جي هن هوٽل Waldorf-  Astoria جون خبرون ڪندا هئاسين، جيڪي نيو يارڪ ۽ اوسي پاسي ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ضرور دلچسپ ثابت ٿينديون.

والڊورف- ائسٽوريا دراصل هڪ نه پر ٻه هوٽلون آهن، جيڪي پوءِ ملي هڪ ٿيون ۽ ڊچ همراهن جون آهن. 1930ع کان هيءَ هوٽل هن شهر نيو يارڪ جي پارڪ ايونيو تي آهي، پر ان کان اڳ اها هوٽل ففٿ ايونيو تي ان هنڌ هئي، جتي هينئر ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ آهي. اها پهرين واري والڊورف – ائسٽوريا هوٽل پهرين ٻن هوٽلن جي شڪل ۾ ڌار ڌار هئي، جن مان والڊورف هوٽل 1893ع ۾ کلي ۽ ائسٽوريا هوٽل چئن سالن بعد 1897ع ۾ کلي. والڊورف هوٽل تيرهن ماڙ هئي ۽ ائسٽوريا هوٽل سترهن ماڙ هئي. ٻئي هوٽلون هڪ ٻئي جي ڀر ۾ هيون ۽ سندن ڊچ مالڪ ”وليم والڊورف“ ۽ ”جان جئڪب ائسٽور چوٿون“ پاڻ ۾ ڪزن هئا جن جو پاڻ ۾ هميشه روسامو رهيو پر پوءِ ٻنهي هوٽلن جي انتظاميا هڪ ٿيڻ ڪري اها هوٽل سنگل يونٽ ليکجڻ لڳي ۽ ان وقت جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي هوٽل مڃي ويئي ٿي. بعد ۾ 1928ع ڌاري هيءَ هوٽل ڊاهي ان هنڌ تي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ٺاهي ويئي ۽ 1930ع ۾ اها ساڳي هوٽل پارڪ ايونيو تي ٺاهي ويئي. ۽ پهرين واري ۽ پوءِ واري هوٽل ۾ فرق رکڻ خاطر ٻنهي جي نالن جي وچ ۾ هڪ آڙيءَ (Hyphen)  بدران ٻه آڙيون (Hyphens) ڏنيون ويون. ان هائفن تان هڪ مشهور پراڻو گانو  “Meet me at hyphen” ياد ٿو اچي جو تن ڏينهن جا عاشق حضرات انهن ٻن  هوٽلن جي وچ ۾ ڇڏيل جاءِ تي پنهنجي محبوبائن جو اچي انتظار ڪندا هئا.

بهرحال مٿين هوٽلن جي مالڪن ۽ انهن جي پنهنجي خانداني جهيڙن کي سمجهڻ لاءِ انهن ۾ اهم ۽ مرڪزي ڪردار مائي ڪئرولين ائسٽر جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ڪئرولين جي ڄم جو سال 1830ع آهي ۽ وفات جو 1908ع آهي، پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ڪولمبس طرفان آمريڪا جي معلومات ملڻ بعد يورپي قومن جي هن پاسي ڊوڙ شروع ٿي ويئي هئي ۽ ڏکڻ کان اتر آمريڪا تائين – چلي ۽ ارجنٽائن کان اڄ واري USA ۽ ڪئناڊا تائين ڪو حصو هسپانوي ۽ پورچوگالين جو ٿي ويو ته ڪو انگريزن ۽ فرينچن جو، نيو يارڪ وارو علائقو ڊچن جي قبضي ۾ هو تڏهن ته نيو يارڪ جو اصل نالو نيو ايمسٽرڊم هو جيڪو هالينڊ (نيدرلئنڊ) جي گاديءَ واري شهر تان پيو. اهو علائقو بعد ۾ انگريزن حوالي ٿيڻ ۽ نالو بدلجي نيو يارڪ ٿيڻ تي به هتي ڪيترائي پئسي وارا ڊچ رهيا ٿي، ۽ پئسي وارا به جهڙا تهڙا امير نه پر وڏا وڏا جاگيردر ۽ جهازن جا مالڪ هئا. ڪئرولين ائسٽر به انهن جي اولاد مان هڪ امير عورت هئي، جيڪا نيو يارڪ جي امير لئنڊلارڊ ”وليم بئنڪ هائوس ائسٽر جونيئر“ جي 1854ع ۾ زال ٿي. ڪئرولين پاڻ امير پيءُ ۽ نيو يارڪ جي اصل مالڪن جي نسل جي هئي.

ڪئرولين نيو يارڪ شهر جي پنهنجي وقت جي تمام سوشل ۽ فئشني عورت ٿي گذري آهي. هن جتي پنهنجن پنجن ٻارن جو نيپاج پاڻمرادو ڪيو ٿي اتي هوءَ شهر جي ٽاپ دعوتن ۾ به معزز مهمان طور پڻ پهچي ويئي ٿي. 1862ع ۾ ڪئرولين پنهنجي مڙس سان گڏجي ففٿ ايونيو جي پلاٽ نمبر 350 تي (جتي هينئر ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ آهي) ناسي پٿر جو هڪ فيشني ٽائون هائوس ٺاهيو. ان جي ڀر سان جيڪو گهر هو ان ۾ سندس مڙس جو وڏو ڀاءُ جان جئڪب ائسٽر III ٿي رهيو. ٻئي ڪٽنب جيتوڻيڪ 28 سالن تائين پاڙيسري ٿي رهيا پر هي ائسٽر ڀائر پاڻ ۾ نه ٺهيا سو نه ٺهيا.

ڪئرولين جي ڏير جي مرڻ بعد ان جي پٽ پنهنجو اباڻو گهر ڊاهي ان تي ”والڊورف“ نالي هوٽل ٺاهي. ان بعد ڪئرولين ۽ سندس پٽ پنهنجي گهر کي ڊاهي ڀر واري والڊورف هوٽل کان  چار ماڙ وڏي هوٽل ”ائسٽوريا“ نالي ٺاهي. بعد ۾ اهي ٻئي هوٽلون ملي هڪ ٿيون ۽ پوءِ ان هنڌ تي دنيا جي وڏي عمارت ٺاهڻ لاءِ هوٽلن کي 1928ع ۾ ڊاٺو ويو، ان بعد ساڳي نالي واري هوٽل پارڪ ايونيو تي ٺاهي ويئي، جنهن جو اڄ تائين Status اهو ئي آهي، جيڪو پراڻي والڊورف- ائسٽوريا هوٽل جو هو. يعني ان ۾ مختلف ملڪن جا هيڊ ۽ ملڪ جا وڏا ماڻهو ۽ انهن جا مهمان رهن ٿا.

 

آمريڪي صدرجو اٺ گاڏي وارو دوست

 اسان هن هوٽل جو نالو مئٽرڪ پاس ڪري فرسٽ ييئر ۾ پهتاسين ته ٻڌوسين جنهن ۾ رهڻ لاءِ، اخبارن ۾ روز ايندو هو ته اسان جي ملڪ جو بشير وڃي رهيو آهي. بشير ڪير هو؟ بشير ڪراچيءَ جو هڪ اٺ گاڏيءَ هلائيندڙ هو.

1962ع جي ڳالهه آهي، جڏهن اسين فرسٽ ييئر ۾ پڙهندا هئاسين ته آمريڪا جو نائب صدر لينڊن جانسن ڪراچي جي دوري تي آيو. انهن ڏينهن جو صدر ڪينيڊي اڪثر پنهنجي نائب صدر کي ايشيا ۽ آفريڪا جي دوري تي اماڻيندو رهيو ٿي، جيئن دنيا جي ملڪن ۾ آمريڪا جي دوستي ۽ ساک جي مشهوري ٿئي ۽ هن درويش جانسن جو اهو عام تڪيو ڪلام هو ته هو جتي به ويو ٿي ۽ جنهن سان مليو ٿي  ته ائين ئي چئي ڏنائين ٿي ”توهان به واشنگٽن اچجو ۽ اسان سان اچي ملجو.“

(Y’all come to Washington and see us sometimes) بهرحال جانسن جي ان ڳالهه جي ته ماڻهن کي گهڻو گهڻو پوءِ خبر پيئي ته هو ائين تڪلف طور جنهن جنهن کي چوندو وتي ان جي ياد ٻئي ڏينهن تائين به نٿي رهيس. بهرحال هو ڪراچي شهر جو چڪر هڻي رهيو هو ته ڪارساز وٽ شاهراهه فيصل تي هن جي گاڏيءَ اڳيان بشير نالي هڪ همراهه جي اٺ گاڏي اچي لنگهي. ظاهر آهي. اهڙي شيءِ هڪ ڌارئين جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو. جانسن صاحب پنهنجي گاڏيءَ مان لهي اٺ گاڏي هلائيندڙ بشير سان هٿ ملايو ۽ تڪلف طور مٿيان جملا چيا ”توهان جي ملڪ جو صدر ايوب خان به آمريڪا اچي رهيو آهي تون به ڇو نٿو اچين؟“ چاليهن سالن جي بشير جانسن سان گڏ هلندڙ ترجمي واري معرفت ورندي ڏني: ”ها سائين ضرور ضرور.“ ۽ اهو چوڻ بعد هو پنهنجي ڪکاڻي جهوپڙيءَ ڏي روانو ٿي ويو ۽ گهر  تائين پهچڻ ۾ هن کان ته ڳالهه به وسري ويئي ته سندن وچ ۾ ڇا گفتگو ٿي.

هوڏانهن جانسن بئنڪاڪ کان دهليءَ تائين هر هنڌ خبر ناهي ڪيترن ماڻهن سان هٿ ملائيندي وقت هر هڪ کي اهو چوندي ته “Now you all come see me” چوندو ايشيا جي ٽوئر مڪمل ڪري پنهنجي ملڪ کان وڃي نڪتو. ڪنهن سان ڪنهن وقت هو مليو هن کان اهو به وسري ويو. پر اسان وٽ پاڪستان ۾ اخبار نويسن ان ڳالهه کي کڻي اهڙو اڀاريو  جو بشير اٺ گاڏي واري سان هٿ ملائڻ جي ٻئي ڏينهن کان، سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي ان ئي ڳالهه جو چوٻول هلڻ لڳو ته هڪ اٺ گاڏي هلائڻ واري جا ڀاڳ کلي ويا آهن جو هو ملڪ جي نائب صدرجو مهمان ٿي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ وڃي رهيو آهي، جتي هو جهڙي تهڙي هوٽل بدران ”والڊورف- ائسٽوريا“ هوٽل ۾ رهندو. سائين شام جون اخبارون ته ڇا ڊان ۽ جنگ ۾  بشير جون خبرون پهرين صفحي تي اچڻ لڳيون. هوڏانهن جانسن کي سڌ نه سماءُ، تان جو ٻئي يا ٽئي ڏينهن دنيا جي اخبارن جا ٽڪرا (Clippings) نظر مان ڪڍي رهيو هو ته جنگ اخبار جي ڪٽنگ جي ترجمي تي نظر پيس:

“The U.S Vice President has invited Bashir, A camel cart driver, to come to America…”

۽ اهو به لکييل هو ته بشير ايڏو ته خوش نصيب آهي. هو جيٽ جهاز ذريعي سفر ڪندو ۽ Waldorf- Astoria هوٽل، نيو  يارڪ ۾ مهمان ٿي رهندو.

ان بعد USA جي ڪراچي واري سفارتخاني مان پڻ جانسن کي انفارميشن ملي ته ڪراچي جي ٽرپ دوران جيتوڻيڪ هن جي اٺ گاڏيءَ واري بشير کي آمريڪا ۾ مهمان طور گهرائڻ جي نيت نه هئي. پر هتي سڄي ملڪ ۾ اهو تاثر پکڙجي ويو آهي ته سائين جن جا کيڪار کڙيءَ وارا Remarks سچ پچ جي دعوت هئي اهو معلوم ڪري جانسن به ڪجهه گهڙين لاءِ تپرس ۾ پئجي ويو ته ان مسئلي کي  ڪيئن منهن ڏجي. بعد ۾ ظاهر ٿيل هڪ Document موجب:

“…… Johnson Groaned and endured the prospect of this unlikely visitor….”

آخر ميٽنگن بعد فيصلا ڪيا ويا ته بشير کي هاڻ گهرائڻو ئي پوندو ۽ ان جا خرچ پکا ۽ بندوبست ڪير ڪندو، ان لاءِ ٻن ادارن هائوڪار ڪئي. هڪ People to people Program اداري ۽ ٻيو انگريزي جي مشهور رسالي ريڊرس ڊائجيسٽ وارن. پر پوءِ اڳتي هلي ريڊرس ڊائجيسٽ وارا پنهنجو پاڻ ڇڏائي ويا. بهرحال آمريڪا کان آيل احڪامات موجب، جڏهن ڪراچي ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني (تن ڏينهن ۾ اسلام آباد اڃان وجود ۾ نه آيو هو) طرفان جڏهن آمريڪا گهمڻ جو سرڪاري طرح دعوتنامو بشير جي ڪکاڻي ۽ مٽيءَ سان  لتل گهر تي پهچايو ويو ته بشير غائب هو. مارننگ نيوز ۾ بشير جي ڳولا لاءِ اشتهار به آيو.   اخبارن جا نمائندا ان جستجو ۾ لڳا رهيا ته بشير کي هٿ ڪري ان جو انٽرويو ورتو وڃي. آخر ڊان اخبار وارن کي هو ريلوي يارڊ ۾ پنهنجي اٺ گاڏيءَ تي ڇوڏا چاڙهڻ  ۾ مشغول نظر آيو. هو کيس ڊان آفيس ۾ وٺي آيا ۽ چون ٿا ته اها رات هنن بشير کي اتي ئي رکيو ۽ کيس مانيون ٽڪيون کارائيندا رهيا، جيئن هو گهر وڃڻ تي ٻين اخبار وارن جي ور نه چڙهي ۽ بشير جو انٽرويو ۽ فوٽو فقط ڊان اخبار ۾ ئي ڇپجي.

هڪ اٺ گاڏيءَ واري جو آمريڪا وڃڻ جي خبر پنهنجي طرفان پڙهندڙن لاءِ اهم ۽ اخبار وارن لاءِ Scoop هو ته ٻئي طرف بشير جي حاضر جوابي ۽ معصوم ڳالهين به پاڪستان توڙي آمريڪا جي ماڻهن ۾ دلچسپي پيدا ڪئي ۽ هي اهي ڳالهيون هونديون هيون جيڪي اسان ڪلاس روم ۾ به هڪ ٻئي سان وڏي دلچسپيءَ سان ڪندا هئاسين. چون ٿا ته ڊان اخبار وارن جڏهن رات جو ٻي  بجي بشير اٺ گاڏيءَ واري کي پنهنجي پريشان زال ڏي گهر موڪليو ته هن کيس يڪدم اها خبر ٻڌائي ته ڀاڳن ڀري آئون سگهو ئي فرسٽ ڪلاس هوائي جهاز ۾ شهنشاهه جانسن سان ملڻ انگلينڊ وڃي رهيو آهيان.

بشير جي وڃڻ جي خبر پڙهي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ لڳو. پڙهيل لکيل ماڻهو چوڻ لڳا ته هن کي جڏهن انگريزي ئي نٿي اچي ته آمريڪا ۾ ڪيئن هلي چلي سگهندو. هن جا مائٽ مٽ ۽ پاڙيسري سوچڻ لڳا ته بشير آمريڪا مان موٽڻ مهل ضرور ڪا گوري ميم صاحبه پاڻ سان وٺي ايندو. بهرحال بشير، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو، ڇنل چئمپل اڇلائي بوٽ پاتو ۽ آمريڪا  روانو ٿيو. ان بعد اسين وڏي شوق مان بشير جا فوٽو روز اخبارن ۾ ڏسندا رهياسين. بشير جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل هو پر سندس ڪي ڪي جملا بيحد دلچسپ، معنيٰ خيز ۽ عقل وارا هئا، جيڪي اسين تن ڏينهن ۾ اخبارن ۾ پڙهي ڪمينٽ بازي ڪندا رهياسين ٿي. اڄ به انهن مان ڪجهه مون کي ياد آهن.

اٺ گاڏيءَ وارو بشير جڏهن قراقلي ٽوپي، ڪاري شيرواني ۽ پالش ٿيل بوٽ سان آمريڪا پهچي جانسن سان هٿ ملايو ته جانسن کيڪاريندي سخت سيءَ لاءِ معافي گهريس ته جواب ۾ بشير چيس: ”سيءَ جو فڪر نه  ڪرڻ کپي پر ماڻهن جي دلين جي گرمائش کي اهميت ڏيڻ کپي.“

هڪ هنڌ بشير کان پڇيو ويو ته تون هتي آمريڪا ۾ ويٺو آهين  پٺيان تنهنجو اٺ ڪٿي پيو چرندو هوندو؟

ان جي جواب ۾ بشير ڪجهه دير سوچي پوءِ وراڻيو: “ اٺ عورت مثال آهي. توهان هن جي نئين چال بابت ڪا به اڳڪٿي ڪري نٿا سگهو.“

ٻيا به ڪيترائي اهڙا جملا بشير چيا ٿي جو ٻڌندڙ وائڙا ٿي ويا ٿي ته آيا اهي بشير کي پڙهايا ويا آهن يا بشير جي ڳالهه ترجمو ڪرڻ وارو ٿو چوي يا واقعي بشير خود پاڻ ٿو چوي. بهرحال ڪو ڪجهه به چوي بشير جتي به ويو ٿي ۽ کيس ڳالهائڻ جو موقعو مليو ٿي ته هن ماڻهن کي بيحد متاثر ڪيو ٿي.  لڳو ٿي ته هن جي دل شاعر ۽ اديب هجي ۽ ڇو نه ٿي سگهي ٿي، بقول هڪ آمريڪن اخبار جي جڏهن خيما (تنبو) ٺاهڻ وارو (عمر خيام) رباعيون  چئي سگهي ٿو ته اٺ گاڏي هلائڻ وارو ڇو نه؟

پنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ انور ميمڻ، جنهن سان نيو يارڪ جي ففٿ ايوينيو تي واڪ ڪندي هن بشير اٺ گاڏي هلائيندڙ جي ڳالهه نڪتي، جنهن کي هن ملڪ جي وائيس پريزيڊنٽ 1962ع ۾ ڪراچي گهمڻ  دوران ملاقات ڪئي هئي، ٻڌايم ته بشير کي ڪافي سال ٿيا ته گذاري ويو. اردو اخبار امت جي ڪالم نويس شبير سومرو مون کي گذريل سال ٻڌايو ته اٺ گاڏي هلائيندڙ بشير جنهن کي واپسي تي صدر جانسن ٻه بيڊ فورڊ جون ٽرڪون ۽ ٻيا ڪيترا تحفا ڏيئي ڪراچي روانو ڪيو هو ۽  هن جي زندگي آسودي گذرڻ لڳي هئي، پر وقت جي گردش هن جي گهراڻي جي حالت تبديل ڪري ڇڏي آهي. سندس اولاد: گل شير، غلام رباني ۽ نذير احمد بيحد غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. هو ڪنهن سان گهڻو نٿا ڳالهائين پر شبير ٻڌايو ته هو سگهو ئي ساڻن ملاقات ڪري سندس زندگيءَ جو احوال امت  اخبار ۾ لکندو.

انور سان گڏ ففٿ ايونيو تي سينٽرل پارڪ جي ڏکڻ واري بائونڊري يعني 62-63 ايسٽ اسٽريٽ کان ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ڏي يعني ٽيٽيهين چوٽيهين گهٽي ڏي واڪ ڪري رهيا هئاسين. رستي تي 48 کان 50 گهٽيءَ تائي نيو يارڪ جي مشهور عمارتن جو جهڳٽو راڪ فيلر سينٽر اچي ٿو، جتي ڪجهه دير ترسي مختلف عمارتن جي چوڌاري چڪر هنياسين. سٺ واري ڏهي جا آخري سال ياد اچي ويا، جڏهن سليم شاهه ۽ سندس گهر واري ادي پروين سان گڏ راڪ فيلر سينٽر پهچي فوٽو ڪڍائيندا هئاسين. سليم شاهه کي فوٽو گرافيءَ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. اسان جي جهاز جو جڏهن  به جپان کان آمريڪا ڏي اچڻ جو پروگرام ٺهندو هو ته هو مون کي هميشه جپان مان ڪا ڪئميرا آڻڻ لاءِ چوندو هو، جنهن جا پئسا هو مون کي پهرين ڏيئي پوءِ ڪئميرا کڻندو هو. چوندو هو ”يار اها ئي تنهنجي مهرباني جو  تون مون کي پسند جي شيءِ آڻي ٿو ڏين.“ انهن ڏينهن ۾ ڪا شيءِ ڪهڙي ملڪ جي اعليٰ ۽ سستي هوندي هئي ته ڪا شيءِ ڪهڙي ملڪ جي. انهن ڏينهن ۾ جپان جون ڪئميرائون ۽ واچون دنيا ۾ تمام مشهور هيون، جيتوڻيڪ واچون سئٽزرلينڊ جون ٽاپ تي سمجهيون ويون ٿي پر انهن جا اگهه بيحد ڳرا هئا. جپان جون واچون به سستيون سستيون ته به ٻين ملڪن ۾ مهانگيون هيون. راڊو واچ بعد ۾ سنڌ جي ڌاڙيلن مشهور ڪئي نه ته انهن ڏينهن ۾ جپان جون سيڪو ۽ سٽيزن واچون ٻانهن ۾ ٻڌڻ فخر جي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي ۽ واقعي انهن واچن جو ٽائيم صحيح هوندو هو، ٻيون ڏينهن ۾ منٽ اڌ اڳيان پويان ضرور ٿينديون هيون. بهرحال هاڻ ته ٽيڪنالاجي اهڙي ته عام ٿي ويئي آهي جو ڦلن مٺ ۾ پيون واچون ملن ۽ کڻي ڪا بي نام واچ هجي يا برانڊيڊ، سڀ وقت ساڳيو ٿيون ڏيکارين. ٻه سال اڳ ڪراچيءَ جي کوڙِ گارڊن مان 18 رپئي واچ ورتي هيم، اڃان پئي چمڪي ۽ صحيح وقت ڏيکاري. بهرحال ڳالهه راڪ فيلر سينٽر ۽ سليم شاهه جي فوٽو گرافيءَ جي پئي ڪئيسين. انهن ڏينهن جا سليم شاهه جا نڪتل فوٽو مون وٽ اڄ به موود آهن. هڪ ٻن تصويرن ۾ ته اسان جي ملڪ جو (تن ڏينهن ۾ چڱو خاصو مشهور) اداڪار ڪمال پڻ آهي، جيڪو سليم شاهه جو دوست هو ۽ نيو يارڪ ۾ هن وٽ ئي ايندو هو.

 

انور ميمڻ جو Soil Probe  ۽  نيو يارڪ جي لئبرري

راڪ فيلر سينٽر دراصل 19 تجارتي عمارتن جو جهڳٽو آهي، جيڪو 48 گهٽيءَ کان وٺي 51 گهٽيءَ تائين ٻاويهن ايڪڙن تي پکڙيل آهي ۽ پنجين ۽ ڇهين ايونيو جي وچ ۾ آهي، جيڪو ايونيو (يعني ڇهون ايوينيو) Avenue of the Americas به سڏجي ٿو. هي ڪامپليڪس راڪ فيلر فئمليءَ 1930ع کان ٺهرائڻ شروع ڪيو. اڄ ڪلهه ٽائيم لائيف بلڊنگ، Mc Graw Hill، نيوز ڪارپوريشن / فاڪس نيوز چئنل ۽ ٻين ڪيترين بين  الاقوامي ڪمپنين جا هيڊ ڪوارٽر هتي موجود آهن.

راڪ فيلر سينٽر جان- ڊي راڪ فيلر جونيئر جي نالي پٺيان آهي، جنهن هيءَ زمين 1928ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي وارن کان ليز تي وٺي ڊيولپ ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪو ڪم 1940ع تائين هلندو رهيو. راڪ فيلر پهرين هتي اوپيرا سينٽر ٺاهڻ ٿي چاهيو پر پوءِ ارادو لاهي ڪمرشل عمارتون ٺهرائين. انور ميمڻ ٻڌايو ته هي سڄو راڪ فيلر ڪامپليڪس اڄ ڪلهه جپان جي متسوبشي گروپ جي ملڪيت آهي، جنهن 1990ع ۾ راڪ فيلر گروپ کان خريد ڪيو.

اسان ففٿ ايونيو تي واڪ ڪرڻ، راڪ فيلر سينٽر جي چوڌاري چڪر هڻڻ ۽ آئيس ڪريم ڪون ۽ سنگ کائڻ ۾ ڪافي وقت گذاري ڇڏيو. انور کي پنهنجي ڪاروبار Soil Probe Ltd جي سلسلي ۾ هڪ دوست سان ملڻو هو، جنهن سان طيءِ ڪيل وقت هاڻ ويجهو اچي ٿيو هو ۽ جيئن هن جو فون آيو ۽ ملڻ جي جاءِ ٻڌائي ته اسان هڪ ٻئي کان موڪلايو. ان وقت اسين 37 گهٽيءَ وٽ هئاسين.

انور کي پنهنجي سائوٿ انڊين دوست سان ملڻ لاءِ ”مدراس محل ريسٽورنٽ“ ۾ وڃڻو هو جيڪا 27 ۽ 28 گهٽيءَ جي وچ ۾ Lexington ايونيو تي آهي. ليگزنگٽن ايوينيو چوٿين ۽ ٽئين ايوينيو جي وچ ۾ آهي، يعني اسان پنجين ايوينيو تي هئاسين. ان جي ڀر وارو ڪجهه سنهو رستو ميڊيسن ايوينيو آهي، ان بعد ويڪرو شاهراهه چوٿون ايونيو آهي، جيڪو پارڪ ايوينيو پڻ سڏجي ٿو ۽ ان بعد سنهو رستو ليگزنگٽن آهي، جنهن تي هيءَ انڊين هوٽل مدراس محل آهي، جيڪا مڪمل طور Vegetarian ريسٽورنٽ آهي، يعني ڪنهن به قسم جو گوشت ته ڇا پر فراءِ يا آمليٽ بيضو به نٿو ملي. هتي سائوٿ انڊين، نارٿ انڊين (جنهن ۾ ڪشميري ۽ پاڪستاني به اچي وڃن ٿا) ۽ گجراتي کاڌا ملن ٿا جن جا نالا ڪجهه هن ريت ٿين:

مسالا ڏوسا

اڊلي

آلو پراٺا

ڀولا بتورا (Chick Peas)

مڪس ڀاڄي اٿاپام

ڪارن ڇولن جو ٻوڙ

بهرحال هتي نيو يارڪ يا آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ انڊين ريسٽورنٽون به جام آهن ته منجهن تيار ٿيندڙ کاڌن جو انگ به وڏو آهي. انور کي يڪدم ٽئڪسي ملي ويئي، جنهن ۾ هو روانو ٿي ويو. مون کي ڪنهن لئبرريءَ ۾ وڃي ڪجهه Notes لکڻا هئا جو ٻن ڏينهن بعد مون کي ڪئناڊا جي ڏاکڻي شهر وئنڪوور ۾ جهازي (مئرين انجنيئرنگ) جي شاگردن کي ليڪچر ڏيڻو هو، جنهن جو بندوبست ملائيشيا جي منهنجي چيني جهازران شاگردن جيڪي هاڻ Vancouver ۾ رهائش پذير آهن ۽ پنهنجو شپنگ سان واسطو رکندڙ بزنيس اٿن، انهن ڪئناڊا جي  انسٽيٽيوٽ آف مئرين انجنيئرس (جنهن جو آئون به ميمبر آهيان) ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني هئي.

نيو يارڪ ۾ لئبرريون جام ۽ هڪ کان هڪ اعليٰ آهي ۽ ڪيترين لئبررين جون برانچون ته شهر جي پسگردائيءَ ۾ به پکڙيل آهن. آئون ٻه چار گهٽيون واپس پٺتي هليو ويس، جتي 40 ۽ 41 گهٽيءَ وٽ نيو يارڪ جي هڪ بيحد وڏي ۽ پراڻي پبلڪ لئبرري آهي.

ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد انور مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ ڪئي، مون چٽگانگ مان وڃي مئرين انجنيئرنگ ڪئي جو انهن ڏينهن ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ جو فقط هڪڙو ادارو چٽگانگ ۾ هوندو هو. انور B.E ڪرڻ بعد لنڊن جي امپيريل ڪاليج مان ايم فل ۽ DIC ڪئي. ان بعد 1973ع ۾ ڪئناڊا هليو آيو ۽ هتي جو هڪ سينئر شهري سڏجي ٿو. ڪئناڊا جي شهر اسڪاربارو (اونٽاريو) ۾ سندس Soil Probe Ltd نالي جيو- ٽيڪنيڪل انجنيئرن جي ڪنسلٽنگ فرم آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پروفيشنل انجنيئر، ٽيڪنالاجسٽ ۽ ٽيڪنيشن ڪم ڪن ٿا.

انور ميمڻ جي ڪئناڊا ۾ هيءَ پنهنجي ڪمپني Soil Probe Ltd هڪ سول  انجنيئرنگ فرم آهي، جيڪو زمين ۽ Soil سان واسطو رکندڙ مسئلن جو حل، ڄاڻ ۽ مدد مهيا ڪري ٿو. سندن ڪمپنيءَ جي بروشر موجب هو هيٺين ڪمن جي مهارت رکن ٿا:

Borehole Layout. Surveying. Soil Classification

Ground water controlling. Permafrost Assessment.

انور ميمڻ جي مٿين ڪمپنيءَ جو هيٺيون قول يا کڻي چئجي ڊائلاگ، مون سان گڏ سول انجنيئرنگ جي شاگردن کي پڻ پسند ايندو.

“….. Ultimately our work provides you with the peace of  mind that your structures will stand by you. and your roads will take you where you want to go for virtually an eternity….”

انور ميمڻ کان موڪلائي آئون نيو يارڪ جي 41 نمبر گهٽيءَ واري لئبرريءَ ۾ هليو آيس، جيڪا ”نيو يارڪ پبلڪ لئبرري“ NYPL جي نالي سان مشهور آهي. شروع وارن سالن ۾ يعني اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ 1970ع ڌاري جڏهن منهنجو هتي اچڻ ٿيندو هو ته جتي اسان جهازين جي ڊوڙ نيويارڪ جي ناچ گانن ۽ اوگهڙ واري 42 نمبر گهٽيءَ ڏي ٿيندي هئي اتي منهنجو ڪافي وقت هڪ گهٽي اڳ هن لئبرريءَ ۾ پڻ گذرندو هو. اهي ڏينهن جهاز هلائڻ وارن لاءِ Golden Days هئا ۽ جهازن جي مالڪن جا روڄ پٽڪي وارا، ڇو جو جهاز ته تيز رفتار، آرامده ۽ ماڊرن ٿي ويا هئا پر بندرگاهه اڃان ايترو ماڊرن نه ٿيا هئا جو جلدي جلدي سامان لهي ۽ جهاز آجو ٿئي. جهازن جو مالڪ تڏهن گهڻو ڪمائي سگهي ٿو جڏهن جهاز بندرگاهه ۾ گهٽ بيهي ۽ سمنڊ تي گهڻو هلي پر هتي نيو يارڪ جو بندرگاهه هجي يا نيو اورلينس جو، هيوسٽن جو هجي يا گئلوسٽن جو، جنهن بندرگاهه ۾ اسان جو جهاز  داخل ٿيندو هو اتان جلدي نڪرڻ جو نالو نه وٺندو هو، جيسين آهستي آهستي ٿي سامان ٽرڪن ۾ لهي ۽ پوءِ چڙهڻ وارو سامان هڪ هڪ ٽرڪ مان لهي جهاز تي چڙهي، تيسين اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ آرام هوندو هو. ڪڏهن شهر ۾ ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري سامان جون ٽرڪون پهچندي  پهچندي شام ٿي ويندي هئي. ان کان علاوه ڌڪي تي ڪم ڪندڙ مڪاني شيدي مزدورن جي هفتي اڌ بعد هڙتال ضرور لڳي رهندي  هئي. پوءِ وقت گذارڻ لاءِ اسين جهاز وارا شهر جي ڪنڊ ڪنڊ گهمندا وتندا هئاسين ۽ نيو يارڪ ته اهو شهر آهي، جنهن ۾ ڪهڙي شيءِ جي کوٽ آهي. پارڪ، لئبرريون، سامونڊي ڪنارا، مفت جا ڏسڻ لاءِ ميوزيم، سئنيمائون، ٿيٽر، اسڪول ڪاليج، يونيورسٽيون اسپتال، هوٽلون شاپنگ سينٽر ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا هم وطني، ڏينهن جو نڪر ته به ڪيترا واندا ملي ويندا جيڪي رات جي ڊيوٽي ڪري آيا هوندا ۽ شام جو ته ڪيترا هم وطن، هم زبان نيو يارڪ جي گهٽين ۾ نظر ايندا هئا. نيو يارڪ، نيو اورلينس، فلڊ لفيا، هيوسٽن ۽ بالٽيمور اهي شهر آهن، جن جي  ڄڻ ته گهٽي گهٽي کان واقف ٿي ويا هئاسين. اهو ڪو روڊ، اسٽريٽ يا ايوينيو نه هو  جنهن تان گذر نه ٿيو هوندو. اڄ به پنهنجي ڳوٺ نيو هالا جي گهٽين جي ايتري خبر ناهي، جيتري نيويارڪ جي! ڳوٺ ۾ جيڪو ننڍپڻ گذريو، ان ۾ مائٽ گهر کان اسڪول ۽ اسڪول کان گهر، کان علاوه ٻيو ڪيڏانهن نه ڇڏيندا هئا. نيو يارڪ ۾ جيڪي جونيئر پوسٽن تي جهاز جو انجنيئر ٿي رهڻ جو موقعو مليو، ان ۾ ڊيوٽيءَ بعد جهاز تي هڪ گهڙي به ٽڪڻ نٿي چاهيوسين. رات جو به مئن هٽن ۾ وڃي جهڏي جي مير مبارڪ ٽالپر ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻي وارن جي فلئٽ تي رهندو هوس، جو جهاز تي رهڻ معنيٰ ڪو به ڪم نڪري پوي ته هيٺين رئنڪن وارن انجنيئرن کي ئي سڏ ٿيندو هو. ان کان بهتر هوندو هو ته جيڪو وقت ڪناري تي جهاز رهي، اهو نيو يارڪ جي براڊ وي، مئڊيسن ايوينيو، چوٽيهين گهٽي، ففٿ ايونيو ۽  ٻائيتاليهين گهٽيءَ ۾ گذارجي ۽ پوءِ انهن گهٽين جا چڪر ڪڏهن اڪيلي سر هڻبا هئا ته ڪڏهن بشير مغل، يوسف ڏاهري ۽ ٻين سنڌ جي رهاڪن سان گڏ. شروع ۾ ڪجهه اهڙن سنڌ جي رهاڪن جا نالا لکيا اٿم، جن سان سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ ۽ ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ ملاقات ٿي. انهن ۾ ٻن ماڻهن جا نالا لکڻ رهجي ويا آهن، جيڪي هن وقت ياد پيا اچن. انهن مان هڪ ڄام سبب علي هو جيڪو شايد ڄام صادق علي (سنڌ جي اڳوڻي چيف منسٽر) جو  سوٽ هو ۽ ٻيو رئيس خير محمد جوڻيجي جو  وڏو ڀاءُ. هن وقت سندس نالو ذهن ۾ نه پيو اچي. گذريل سال سنڌ ۾ هوس ته ڪنهن ٻڌيو ته اهي محترم هيءَ فاني دنيا ڇڏي ويا آهن! انهن کان علاوه  لطيف انصاري هالا جو وڪيل به اتي هو.

نيو يارڪ جي ففٿ ايوينيو جي هن مشهور لئبرري NYPL جو وڏو شوقين هوندو هو نظاماڻي ۽ ٻيو ڊاڪٽر علي ابڙو (جنهن جي اڳتي هلي سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ صاحب جي ڌيءَ سعيده سان شادي ٿي)، نيو يارڪ جي ٽن وڏين  پبلڪ لئبررين مان مئن هٽن جي هيءَ لئبرري هڪ آهي (۽ ٻين  ٻن مان هڪ بروڪلن ۾ آهي ته ٻي Queens ۾ آهي) پر هي مئن هٽن واري ته بنا ڪنهن شڪ جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي لئبرري چئي سگهجي ٿي. عمارت جي خيال کان به ته ڪتابن جي گهڻائي ۽ جهونن ڪتابن جي موجودگيءَ کان به.

اوڻيهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ نيو يارڪ شهر ۾ عوام لاءِ فقط ٻه لئبرريون  هيون، جن کي Reference Libraries چئي سگهجي. هڪ ائسٽر لئبرري جيڪا والڊورف- ائسٽورييا هوٽل وارن مان جان جئڪب ائسٽر (1848- 1763ع) ٺهرائي ۽ اها 1849ع ۾ پبلڪ لاءِ کولي ويئي هئي ۽ ٻي ليناڪس (Lenox) لئبرري جيڪا جيمس ليناڪس (1880- 1800ع) شروع ڪئي. ان بعد 1886ع ۾ نيو يارڪ جي هڪ ٻئي رهاڪوءَ سئميوئل ٽلڊن (ڄم جو سال 1814ع ، وفات 1886ع) نيو يارڪ ۾ ٽي لئبرري عوام لاءِ کولي. چون ٿا ته هن سخي مرد انهن ڏينهن ۾ هن  لئبرريءَ تي پنهنجي  هڙان پنجويهه لک ڊالر خرچ ڪيو. هن جي وفات بعد سندس وڪيل هنن ٽنهي لئبررين کي ملائي هڪ ڪيو. “The New York Public Library, Astor, Lenox & Tilden  Foundations” 

اهو ڪم 1895ع ۾ ٿيو ۽ 1901ع ۾ نيو يارڪ سٽي حڪومت جي  سرپرستي حاصل ٿيڻ تي نيو يارڪ پبلڪ لئبرري نالو رکيو ويو. يعني اڄ هيءَ لئبرري حڪومت جي به آهي ته سخاوت ڪندڙ شهر جي ماڻهن جي به.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: