سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :10


 
 ٽوڪيو يونيورسٽيءَ جو پروفيسر برڪت الله ۽ ڪوما گاتا تي لکيل ڪتاب

گرو نانڪ جهاز (Komagata Maru) جي هڪ ٻه ٻيون مزيدار ڳالهيون جيڪي پڻ پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکي رهيو آهيان. 1914ع ۾ سکن جو هي جهاز ڪئناڊا ويندي واٽ تي جڏهن جپان جي بندرگاهه يوڪو هاما ۾ پهتو ته اتي محمد برڪت  نالي هڪ پروفيسر جهاز جي مسافرن سان اچي مليو هو. هي پروفيسر محمد برڪت الله ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ اڙدو جو پروفيسر هو. هندستان توڙي هندستان کان ٻاهر سندس وڏي عزت هئي ۽ کيس عظيم استاد (The Great Teacher) سڏيائون ٿي. سندس پورو نالو مولوي عبدالحافظ محمد برڪت الله هو. پاڻ مڌيا پرديش پرڳڻيءَ جي شهر ڀوپال ۾ 1854ع ۾ ڄائو ۽ 73 ورهين جي ڄمار ۾ 1927ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ انگريز حڪومت جي سخت خلاف، انقلابي جوان هو. برڪت الله انڊيا کان ٻاهر رهي پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جوشيليون تقريرون ڪندو هو يا دنيا جي مشهور اخبارن ۾ انگريز حڪومت خلاف مضمون لکندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن پنهنجي جيئري پنهنجي ملڪ کي آزاد ٿيندو نه ڏٺو پر سندس جدوجهد ملڪ جي آزاديءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم آئي.

پرائمري تعليم ڀوپال مان حاصل ڪرڻ بعد برڪت الله اعليٰ تعليم ممبئي ۽ لنڊن مان حاصل ڪئي. هو بيحد ذهين شاگرد هو ۽ هر تعليم لاءِ هن کي اسڪالر ملندي رهي. هن کي ست زبانون آيون ٿي: عربي، فارسي، اردو، ترڪش، انگريزي، جرمن ۽ جپاني. 1906ع ۾ برڪت الله نيو يارڪ ۾ به آيو هو ۽ 34 نمبر گهٽيءَ ۾ گهر نمبر هڪ West ۾ هڪ مرهٺي ڪرسچن سئميوئل ليوڪس سان ملي Pan Aryan Association ٺاهي.

برڪت الله جو آگسٽ 1907ع ۾ نيو يارڪ Sun اخبار ۾ ڇپيل خط تمام مشهور آهي، جنهن ۾ برڪت الله انگريز حڪومت تي وڏا ڇوهه ڇنڊيا آهن ته انگريز اسان مسلمانن ۽ هندن کي پاڻ ۾ ويجهو ٿيندو ڏسي ڊڄي ويا آهن ۽ هاڻ اهو ڏينهن پري ناهي جو ننڍي کنڊ جا هندو ۽ مسلمان هڪ ٿي انگريزن کي اسان پنهنجي ڌرتي ماءُ تان تڙي ڪڍنداسين.

اخبارن ۾ لکڻ کان علاوه برڪت الله جا مضمون پئمفليٽن جي شڪل ۾ انڊيا ۾ ورهايا ويندا هئا، جيڪي لٿو گرافي (هٿ جي مشينن) ذريعي  ڇپيا ويا ٿي. انهن ۾ ٻه بيحد مشهور آهن هڪ The Suordislast Resort ۽ ٻيو اردوءَ ۾ ”فرنگي ڪا فريب“. برڪت الله 1927ع ۾ سئن فرانسسڪو ۾ وفات ڪئي، جتان هن جي لاش کي سئڪرامينٽو شهر (ڪئليفورنيا) جي مسلم قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

هندستان جي آزادي بعد، بلڪ ڪافي سالن بعد 1988ع ۾ ڀوپال يونيورسٽيءَ جو نالو بدلائي حافظ برڪت الله ڀوپاليءَ نالي ”برڪت الله يونيورسٽي“ رکيو ويو.

آخر ۾ هن بدنصيب جهاز ڪوما گاتا جي هن واقعي بابت ڪجهه ڪتابن جا نالا پڻ لکان ٿو جن ۾ تفصيلي احوال پڙهي سگهجي ٿو.

Hugh J.M. Johnston جو آڪسفورڊ يونيورسٽي دهلي طرفان ڇپيل ڪتاب:

The Voyage of the Komagata Maru: The sikh Challenge to Canada’s Colour Bar

ڪيسر سنگهه جو ڪئناڊا ۾ 1989ع ۾ ڇپيل ڪتاب:

Canadian Sikhs & Komagata Massacre

مئڪ گِل – ڪئين يونيورسٽي پريس، مانٽرريل طرفان 1990ع ۾ پيٽر وارڊ جو لکيل ڪتاب:

“The Komagata Maru Incident”

(Popular Attitudes & Public Policy Towardds Orientals In Brtish Columbia- Canada).

ڪيسر سنگهه جو پنجابي (يعني گرمکي) ۾ لکيل ”ڪوما گاتا مارو“ ناول. هي ناول 1993ع ۾ پٽيالا ۾ ڇپيو.

ان جهاز جي واقعي تي پنجابي  ۾ هڪ ٻيو ناول هرچرن سنگهه جو به لکيل آهي، جنهن جو نالو: ”ڪوما گاتا مارو- قومي دکنتا“ آهي، جيڪو چنديڳڙهه ۾ رگهبيرا رچنا پراڪاشنا وارن 1985ع ۾ ڇپيو ۽ ان تي ڊرامو پڻ ٺاهيو.

ان قسم جو اسٽيج ڊرامو (Play) ڪئناڊا پريس ٽورنٽو وارن پڻ ڪئناڊا مان ڇپيو  جيڪو Sharon Pollock لکيو ۽ نالو اٿس: The Komagata Incident,

هي سن 1992ع ۾ ڇپيو.

هن جهاز جي واقعي بابت هڪ ناول اتر پرديش جي ڪرنٽيڪاري پريس طرفان 1970ع ۾ هندي زبان ۾ ڇپيو جنهن جو نالو آهي: ”ڪوما گتا جهاز ڪي سمندر ياترا“

سکن جي جهاز جي ٽرئجڊي جي ڳالهه پڙهي توهان کي به ڏک ٿيندو هوندو ۽ ساڳي وقت هنن جي همٿ کي سارهائيندا هوندائو ته اڄ کان هڪ سئو سال اڳ جڏهن نه اهڙا سٺا جهاز هئا ۽ نه سمنڊ تي بچاءُ جا طريقا، ان دور ۾ هنن جو هيڏو وڏو سفر ڪرڻ، سو به ان ملڪ ڏي جيڪو هنن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، وڏي دل ۽ جگر جي ڳالهه آهي ۽ ان جو بندوبست ڪرڻ وارو گردت سنگهه توڙي مسافر قومي هيرو جو درجو رکن ٿا- پر پنهنجي ملڪ لاءِ يعني ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ، اهي ساڳيا ماڻهو ڪئناڊا يا برطانيا وارن لاءِ ته عجيب بيوقوف ۽ مٿي جا سور سمجهيا ويا ۽ سمجهيا وڃن ٿا.

جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ ڪئناڊا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اسان جهازين جي ڪنهن ڪانفرنس ۾ يا شايد سئيڊن ۾ پوسٽ گريجوئيشن وارن ڏينهن ۾ هڪ گروپ Discussion ۾ جڏهن سکن جي هن جهاز ڪوما گاتا (جنهن جو سکن نئون نالو گرو نانڪ جهاز رکيو) جي ڳالهه نڪتي ته مون ڏٺو ته سڀني يورپين ان سفر کي غلط قرار ڏنو. ويندي جرمن جهازين به. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾  جرمني وارن جون انگريزن تي باهيون هجڻ ڪري هنن سکن جي Case جو پاسو کنيو هو ۽ کين  انگريزن خلاف اڀاريو هو.

هڪ انگريز جهازي ڪئپٽن چيو ته اهي سک جهڙا اڄ چريا آهن، تهڙا سندن اڄ کان سئو سال اڳ ڪم هئا. پنهنجو پاڻ کي به تڪليف ۾ وڌائون ته اسان انگريزن کي به بدنام ڪيائون. ”اڄ ڏينهن تائين دنيا ان ڳالهه ڪري اسان کي گاريون ڏئي ٿي ته توهان گورن رنگ ۽ قوميت جي بنياد تي انسان ذات سان ظلم ڪيو.“

ان ئي ميٽنگ ۾ يا شايد برطانيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾، سکن جي ان جهازي سفر جي ڳالهه نڪتي ته ڪئناڊا جي هڪ گوري، سکن جي ان ائڊوينچر کي سراسر بي وقوفي قرار ڏيندي چيو ته هر ڳالهه مڃائڻ جو ڪو طريقو ٿيندو آهي. ڪئناڊا جي حڪومت جيڪڏهن انڊيا جي  رهاڪن لاءِ ڪئناڊا ۾ اچڻ لاءِ دروازا بند ڪيا ته ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته  بنا سوچي سمجهي ڀاڙا ڀري، جهاز ڪاهي، ڌارئين ۽ ڏورانهين ملڪ ۾ پهچي اتي جي اميگريشن پوليس تي پٿر بازي ڪجي ۽ هر حال ۾ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ کپي. جهاز وارن کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ جي اجازت وٺي پوءِ پنهنجي وطن مان لنگر کڻڻ کپي. هي ڪهڙو طريقو هو ڪئناڊا جي قانون جو مقابلو ڪرڻ جو؟ ۽ پوءِ هن ان سلسلي ۾ سکن جو هڪ چرچو ٻڌايو:

”هڪ سک کان پڇيو ويو ته تون شينهن کي ماري سگهين ٿو؟“

”جي ها!“ هن وراڻيو، ”ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.“

”ڪيئن ڀلا؟“ هن کان پڇيو ويو.

”جنگل ۾ وڃي آئون زهر کائي ويهي رهندس. جيئن ئي شينهن مون کي کائيندو ته هو به مري ويندو.“ سک ٻڌايو.

سو هتي به سکن ان قسم جو طريقو استعمال ڪيو، جنهن ۾ پاڻ به مئا ٻين کي به بدنام ڪيائون.

بهرحال اهو انگريزن ۽ ڪئناڊا جي گورن جو Point of view آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هو Port Permission جو رواج ۽ ڪٿي هو Port Control؟ ماڻهو پئي آيا ويا. گورا يورپي ته جنهن بندرگاهه ۾ آيا ٿي ان تي قبضو ڪري ويهي ٿي رهيا. ڇو جو هنن وٽ بندوقون ۽ بم هئا. اسين ايشيائي ۽ آفريقي ٽيڪنيڪلي پٺتي هئاسين. ان ڪري تڏهن (۽ اڄ به) بيروزگاري ۽ بک کي منهن ڏيڻ لاءِ دردر پورهئي لاءِ ٿي وياسين ته به اسان کي ڪنهن قبول نٿي ڪيو ۽ اسان جي هر ڳالهه تي ٺٺولي ڪئي ويئي ٿي ۽ هر ڪم کي نِنديو ويو ٿي.

”سکن جي بدنصيب سفر تي نئين فلم Exclusion

هندستان ۾ پيدا ٿيندڙ، ڪئناڊا جو پاسپورٽ رکندڙ اڄ جي دنيا جي مشهور فلم ڊائريڪٽر ۽ ڪهاڻي لکندڙ ديپا مهتا لاءِ لکي چڪو آهيان ته هوءَ 1914ع ۾ ڪئناڊا جي سفر تي سکن جي نڪتل جپاني جهاز Komagata- Maru (جنهن جو سکن نئون نالو گرو نانڪ جهاز رکيو هو) تي فلم ٺاهي رهي آهي، جنهن فلم جو نالو هن Exclusion رکيو آهي. ديپا هن فلم لاءِ مشهور انڊين ائڪٽر اميتاڀ بچن، جان ابراهام، سيما بسواس، ڪبير بيدي ۽ برطانيا جو  مشهور ائڪٽر ٽيرينس اسٽئمپ چونڊيو آهي. هن فلم جي ميوزڪ اي. آر رحمان ڪمپوز ڪندو.  هن فلم جي ڪهاڻي ڪوما گاتا جهاز جي بدنصيب  سفر تي ٻڌل آهي. اهو بدنام واقعو مغرب جي گورن جي ايشيا جي ڪارن لاءِ نفرت جي جذبي جي پت وائکي ٿو ڪري ته ڪيئن ڪئناڊا ۽ آمريڪا وارن پنهنجي ملڪ ۾ ايشيا جي ماڻهن کي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ”روڪٿام جا قانون“ (Exlusion Laws) ٺاهيا. شايد انهن Exclusion جي قانونن تان ئي هن فلم جو اهو نالو رکيو ويو آهي.

جان ابراهام انڊيا جو ڪرسچن آهي، جيڪو پهرين ماڊل طور مشهور ٿيو هاڻ بالي ووڊ جو ائڪٽر آهي. سندس گذريل سال جي فلم ڪرم جو احوال مون پنهنجي انڊيا واري سفر نامي ”دهلي جو درشن“ ۾ ڏنو آهي، جنهن کي دهليءَ ۾ ڏسڻ جو موقعو مليو. جان ابراهام جو پيءُ سائوٿ انڊيا جو مليالي ڳالهائڻ وارو ”سينٽ ٿامس“ آهي ۽ ماءُ ”فيروزه ايراني“ ممبئي جي ايراني ڪميونٽيءَ جي پارسي (Zoroastrian) آهي. پارسي ٻاهرين قوم سان شادي نه ڪندا آهن. ٿامس جو فيروزه سان عشق ٿيو ۽ ماٽٽن کان لڪي ٻنهي ڄڻن بقول سنڌي اخبارن جي، ”پيار جو پرڻو“ ڪيو، ٻنهي جا مائٽ ساڻن پهرين ٻار جان (John) جي ڄمڻ تائين ناراض رهيا. جان ابراهام جو ڄمڻ وقت نالو فرحان رکيو ويو پر پيءُ کيس ”جان“ سڏڻ لڳو ۽ اهو نالو مشهور ٿي ويو. پاڻ ممبئي مان MBA ڪيائين. سندس پهرين انڊين فلم ”جسم“ آهي. ويجهڙائيءَ واريون فلمون: ڌوم، گرم مصالحا ۽ ٽئڪسي نمبر 9211 آهن. ان کان علاوه سندس رليز ٿيل فلمون آهن: بابل، ڪابل ايڪسپريس، سلام عشق، A Tribute  to Love. سندس مڱڻو بالي ووڊ جي هڪ اداڪاره بپاشا باسو سان ٿي چڪو آهي.

سکن جي جهاز ڪوما گاتو تي ديپا مهتا جي ايندڙ فلم  Exclusion ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا سيما بسواس اها آهي، جيڪا 1994ع جي انڊين فلم Bandit Queen ۾ ڦولن ديوي ٿي هئي ۽ کيس 1996ع جو بهترين اداڪارا جو نيشنل فلم ايوارڊ مليو هو. سيما بسواس کي ديپا مهتا جي فلم Water ۾ پڻ بهترين ائڪٽريس جو Genie Award ملي چڪو آهي، جنهن فلم ۾ هن شڪنتلا جو رول ادا ڪيو آهي.

Exclusion فلم ۾ ديپا مهتا، بين الاقوامي ناموس جو انڊين اداڪار ڪبير بيدي به آڻي پيئي، جنهن جي ڪجهه فلمن ۽ ٽي وي سيريز کان مغرب (يورپ ۽ آمريڪا) جا ماڻهو  پڻ واقف آهن، جيئن ته جيمس بانڊ جي فلم Octopussy ۾ ڪبير بيديءَ ”گوبندا“ جو رول ادا ڪيو آهي. ٽي وي سيريل Sandokan ۾ شنڊوڪان جا رول ۽ The Bold & Beautiful ۾ هو شهزادو عمر رشيد ٿيو آهي.

ڪبير بيدي ممبئي جي هڪ  پنجابي سک فئملي  ۾ 1946ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ، بعد ۾، ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. ڪبير بيديءَ جون گهٽ ۾ گهٽ ٽي زالون ۽ ڪيترائي ٻار آهن، سندس هڪ زال ته ڊانسر پروتيما هئي، جنهن مان ڌيءَ پوجا انڊين فلمن ۾ ائڪٽريس رهڻ بعد هاڻ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکي ٿي. ان زال مان ٻيو ٻار سڌارٿ نالي پٽ آهي، جيڪو هتي آمريڪا جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو پر ذهني طرح ڊسٽرب هجڻ ڪري 1997ع ۾ (ڇهويهه ورهين جي ڄمار ۾) خودڪشي ڪري ڇڏي.

جيئن ئي ڪبير جي پروتيما سان اڻ بڻت شروع ٿي ته هن جا پروين بابيءَ سان ويجها تعلقات شروع ٿي ويا. سندن شادي نه ٿي. ان بعد هن جي شادي برطانيا جي هڪ فيشن ڊيزائينر عورت سوسا همفيريءَ سان ٿي. هيءَ شادي اڳتي هلي طلاق جي صورت ۾ ختم ٿي. ان بعد ڪبير جي شادي مشهور ٽي وي ۽ ريڊيو ڪمپيئر نِڪيءَ سان ٿي. ان دور ۾ هو ٻئي ڌار ڌار مختلف ملڪن ۽ شهرن جا سير ڪندا رهيا ۽ ٻنهي اهو سوچي ته اهڙي شاديءَ مان ڪهڙو فائدو، هڪ ٻئي جي رضامندي سان هميشه لاءِ الڳ ٿي ويا.

ڪبير بيدي سٺ کن هندي فلمن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. ڪچي ڌاڳي، منزلين اور ڀي هين، خون ڀري مانگ، سندس مشهور فلمن مان آهن. هن فيروز خان جي فلم يلگار ۾ مافيا جي شهنشاهه (Don) جو به رول ادا ڪيو آهي. منهنجي دلپسند اداڪارن مان هو هڪ آهي.  هاڻ ڏسجي ته سکن جي جهاز جي بدنصيب سفر واري فلم Exclusion ۾ هو اميتاڀ بچن ۽ جان ابراهام سان ڪيئن ٿو اداڪاري ڪري ۽ ديپا مهتا به هيستائين پنهنجين فلمن ارٿ، فائر يا واٽر ۾ رڳو پنهنجي اباڻي وطن انڊيا جي سماجي مسئلن جي اپٽار ڪري مغرب ۾ انڊيا ۽ انڊيا جي رهاڪن کي خوار ڪيو آهي. هاڻ ڏسجي ته هن نئين فلم Exclusion ۾ هوءَ ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي گورن کي خوار ڪري ٿي يا نه جن تعصب کان ڪم وٺندي اهڙا ظالم قانون  ٺاهيا، جن جي هيٺ سندن ڀائيبند ته يورپ کان لڏي ڪئناڊا اچي سگهيا ٿي پر ننڍي کنڊ جي غريب بيروزگارن کي پورهئي ۽ مزوريءَ لاءِ اچڻ تي پابندي لڳي ٿي.

اهو لکڻ رهجي ويو ته هن فلم Exclusion جا گانا جاويد اختر لکيا آهن ۽ ميوزڪ اي آر رحمان جي آهي. جاويد اختر انڊيا جي مشهور اردو شاعر جان نثار اختر جو پٽ ۽ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا شبانا عاظمي جو مڙس آهي. شبانا کان اڳ جاويد اختر جي شادي هندي فلمن جي ڪهاڻي نويس ”هني ايراني“ سان ٿي هئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار فرحان اختر، فلم ڊائريڪٽر ۽ زويا اختر آهن.

فلم جو ميوزڪ ڊائريڪٽر اي آر رحمان (الله رکيو رحمان) اڄ ڪلهه نه فقط انڊيا ۾ پر سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. پاڻ سائوٿ انڊيا جي شهر چينائي(مدراس) ۾ 1967ع ۾ دليپ ڪمار جي نالي سان ڄائو. پاڻ مليالم فلمن جي ڪمپوزر سيکر مڌاليار جو اڪيلو پٽ آهي.

اي. آر رحمان جا سڄي دنيا ۾ هڪ سئو ملين کان مٿي رڪارڊ ۽  ٻه سئو ملين کان مٿي ڪئسٽ وڪرو ٿي چُڪا آهن ۽ بقول ڊيلي ٽيليگراف جي اي آر رحمان ايشيا جو موزرٿ آهي. ڪيترا کيس Mozart Prom Madras به سڏين. کيس انڊيا حڪومت طرفان پدما شري ايوارڊ به ملي چڪو آهي.

 

Water فلم جي تياري انڊيا بدران سري لنڪا ۾ ٿي

انڊيا ڄائي ۽ هاڻ ڪئناڊا جي رهاڪو ديپا مهتا جيتوڻيڪ ڏهاڪو کن فلمون به نه ٺاهيون آهن پر هن جو بين الاقوامي فلمي دنيا ۾ وڏو نالو آهي. هن کي سڀ کان گهڻو مشهور سندس هندي فلم Water ڪيو، جيڪا نه فقط اعليٰ قسم جي فلم مڃي وڃي ٿي پر ان فلم ٺهڻ تي جيڪو انڊيا ۾ سياسي طرح گوڙ گهمسان ٿيو، ان سڄي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو. انڊيا جي سياستدانن ۽ ٻاون پنڊتن کي ديپا سان اها شڪايت آهي ته هوءَ ڪئناڊا کان هلي ملي انڊيا ۾ انهن عنوانن تي فلمون ٺاهي ٿي، جنهن سان انڊيا جي بدنامي ٿئي. هوءَ انڊيا جون خراب ڳالهيون مغرب ۾ وڪڻي پئسو ڪمائڻ ۽ مغرب کي خوش ڪرڻ چاهي ٿي. هي ائين آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪيترا ”سنڌ ۾ قرآن سان شاديءَ“ ۽ ”ڪارو ڪاريءَ“ تي حد کان وڌيڪ ڪتاب ۽ ڊاڪومينٽري فلمون ٺاهي سنڌ ۾ ۽ سنڌين کي خوار ڪري رهيا آهن. مڃيون ٿا ته اهي برائيون اسان جي معاشري ۾ آهن پر انهن  کي ملڪ ۾ قاعدو قانون ٺاهي ان کي ختم ڪرڻ بدران ٻاهرين دنيا ۾ اهڙو Image ڏيڻ، ڄڻ ته اهو ڪم   روز روز ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ پيو ٿئي. ان قسم جون برايون يا ان کان به وڌيڪ ڇا اڄ جي هن دور ۾ مغرب ۾ نه آهن؟ سو ديپا مهتا به پنهنجن پهرين ٻن فلمن Fire ۽ ِEarth ۾ ان قسم جون ڪهاڻيون ڏنيون آهن. فائر فلم ۾ ٻه مڊل ڪلاس عورتون جن کي پنهنجن مڙسن طرفان جنسي ڌيان نٿو ملي، اهي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي پيار جي گرمائش جي لذت وٺن ٿيون. هاڻ انڊيا جهڙي مشرقي معاشري ۾ جتي عوام اڃان Kiss کي به سئنيما جي پڙدي تي قبول نٿو ڪري اتي Lisbanism جا  نظارا ڏيکارڻ سان ظاهر آهي پبلڪ ۾ گوڙ مچندو. تتل عوام ان سئنيما کي ئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن فلم (فائر) جو پهريون شو هليو هو.

۽ هاڻ فلم Water ۾ 1930ع جي بيواهه (Widow) عورتن  جي ڪهاڻي آهي. انهن ڏينهن ۾ ۽ اڄ به، ڪيتريون ئي هندو وڌوا عورتون، جن جا مڙس مريو وڃن ٿا، انهن کي رن زالن جي گهرن (Widow Houses) ۾ زبردستي اماڻيو وڃي ٿو. مڙس  بنا هو بيڪار سمجهيون وڃن ٿيون. پوءِ اتي ڪي خيرات جي ماني تي گذر ڪن ٿيون ته ڪي لڪچوريءَ رنڊيون ٿي گذر سفر ڪن. ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي ديپا هيءَ فلم “Water” ٺاهڻ شروع ڪئي جنهن جي Location انڊيا جي پاڪ شهر بنارس (جنهن جو نئون نالو واراناسي آهي) ۾ رکي ويئي جتي اڄ به گنگا جي ڪناري تي ڪجهه آشرم (Widow Houses) آهن، جن مان هڪ ”مير گهاٽ“ تي ڳنپٿي نالي آهي، جيڪو هن فلم جي شوٽنگ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.

واٽر فلم جي شوٽنگ لاءِ سن 2000ع ۾ سڀ اداڪار ۽ ٽيڪنيشن عملو بنارس (واراناسي) پهچي ويو، حڪومت کان به اجازت ملي ويئي هئي پر پوءِ شوٽنگ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 2000 کن Protestors وڏو هنگامو مچايو ۽ پٿراءُ ڪيو. فلم جا سمورا سيٽ ڀڃي گنگا ۾ لوڙهي ڇڏيا. ڏينهن ٻن بعد وري شوٽنگ جي تياري ڪئي ويئي ته وري مظاهرا شروع ٿي ويا. ٻاون پنڊتن سان گڏ ملڪ جي ڪجهه سياسي پارٽين به، خاص ڪري BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) ۽ VHU (وشوا هندو پرشاد) وارن وڏو ٻائيتال مچايو. ايتريقدر جو هڪ همراهه ٻيڙيءَ کي وچ درياهه (گنگا) ۾ آڻي پاڻ کي وڏي بار واري پٿر سان ٻڌي درياهه ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪرڻ کان اڳ اهو اعلان ڪيو ته هو ديپا مهتا جي هن فلم Water جي خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. هن فلم جي آسٽريلين ڪئميرا اسسٽنٽ جئسمين (Jasmine Yuen Carrucan) جنهن سان هتي آمريڪا ۾ واٽر فلم جي شو تي ملاقات ٿي، ان ٻڌايو ته بعد ۾ هنن کي خبر پيئي ته اها خودڪشي به هڪ ڊرامو هو، جنهن ۾ هن کي بچايو ويو. بلڪه درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ بعد پاڻ کي ٻڌل رسو کولي ٻئي پاسي کان نڪري ويو ۽ اهو همراهه اهڙي موقعن تي پئسا وٺي ان قسم جا اسسٽنٽ ڪندو آهي ۽ اهو هن جو خودڪشيءَ جو ڇهون  ڀيرو هو.

جئسمين ٻڌايو ته ”مٿين سياسي پارٽين کي حڪومت کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ خاطر ان فلم جي شوٽنگ بند ڪرائڻي هئي. هنن ديپا ۽ اسان ڪم ڪرڻ وارن کي به مارڻ جا دڙڪا ڏنا. حڪومت به مجبور ٿي پيئي ۽ اسان کي چيو ته چپڙي ڪري جتان آيا آهيو، اوڏانهن هليا وڃو. ديپا ته بس ٿي ويئي جو هوءَ ان فلم لاءِ الهه تلهه گروي رکي وڏي اٽالي سان هتي پهتي هئي، بهرحال اسان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. هن فلم ۾ شبانا عاظمي ۽ ننديتا داس بيواه عورتن جا اهم رول ادا ڪري رهيون هيون. ايتري قدر جو شبانا مٿي تي پاڪي به ڏياري ڇڏي جو مڙس مري ويل عورتون ٺوڙهه ڪرائي هنن لاوارث گهرن Widow Houses) ۾ رهن ٿيون. بهرحال فلم نه ٺهي اسين ڪئناڊا واپس موٽي آياسين.“

هاڻ جيڪا واٽر فلم هلي رهي آهي ۽ جنهن جي هلڻ جي شروعات هتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي سئنيما هالن ۾ ڪئي ويئي آهي، ان جي شوٽنگ انڊيا ۾ نه پر سري لنڪا ۾ ٿي. ٽي سال کن فند گڏ ڪرڻ بعد ديپا ماٺ مٺوڙيءَ ۾ هيءَ فلم 2003ع ۾ سري لنڪا ۾ شروع ڪئي. ايتري قدر جو متان ڪنهن کي شڪ ٿئي ۽ وري گوڙ مچي، ديپا هن فلم (Water) جي شوٽنگ River Moon جي نالي سان شروع  ڪئي ۽ پهريان وارن اداڪارن: ٺوڙهي شبانا عاظمي، ننديتا داس ۽ اڪشي ڪمار بدران نوان رکيا. انهن ۾ هڪ ته اٺ سالن جي سارالا نالي ڪنوار آهي، جنهن جي پوڙهي مڙس مرڻ تي کيس نڀاڳو سمجهي، ٺوڙهو ڪري آشرم ۾ آندو ويو آهي، جتي بيواه زالن کي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻا پون  ٿا. سارالا سري لنڪا جي ڇوڪري آهي، فلم ۾ اردو (هندي) ڊائلاگ هن پاران ٻئي ڳالهايا آهن، جو هوءَ هنديءَ کان اڻ واقف آهي. هن کان علاوه چوڏهن ٻيون زالون جيڪي هن جهوني، ڊٺل ۽ ننڍي آشرم ۾ رهن ٿيون. آشرم هلائڻ واري مڌومتي(مانوراما) نالي ٿلهي، ڦيڦي ۽ ستر سالن جي هڪ پوڙهي آهي، جنهن جو ساٿي گلابي نالي هڪ کدڙو آهي، جيڪو عورتن جي دلالي به ڪري ٿو. ان سان گڏ هو مڌومتيءَ کي نشي پتيءَ لاءِ روزانو گانجو ۽ اوڙي پاڙي جي گلا مهيا ڪري ٿو. ٻئي ڄڻا گڏجي ڪلياني (ليزا راءِ) کي رنڊيءَ طور هلائين ٿا، جنهن مان آشرم جو خرچ  پکو پڻ نڪري ٿو. ڪلياني سڀ ۾ سهڻي آهي ۽ هن جا وار ڪوڙي کيس ٺوڙهو پڻ نه ڪيو ويو آهي. هوءَ سارالا وانگر ننڍي آئي هئي ته هن کي ان وقت کان زوريءَ ان ڳالهه تي آندو ويو هو. ليزا راءِ پڻ ديپا وانگر ڪئناڊين آهي، جيڪا پهرين فئشن ماڊل هئي ۽ پوءِ انڊين جي فلمي دنيا بالي وڊ ۾ آئي. پاڻ ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿي. سندس پيءُ ڪلڪتي جو بنگالي آهي ۽ ماءُ پولنڊ جي آهي. ليزاراءِ انڊين چئنل Zee Tv تان هڪ شو Beauty Mantra پڻ ڪري ٿي. نصرت فتح علي خان جي ”آفرين“ واري وڊيو ۾ پڻ ليزا آهي.

ٻين بيواه عورتن سان گڏ فلم ائڪٽريس سيما بسواس پڻ آهي، جنهن جو نالو  شڪنتلا آهي. شڪنتلا ڏسڻ ۾ سهڻي آهي پر سندس سخت طبيعت ڪري مڌو متي هن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ٿي ڏئي. هوءَ هندو ڌرم تي سخت پابند ڏيکاري ويئي آهي، جيڪا ٻائي جون ئي ڳالهيون ٻڌندي رهي ٿي. ڪلڀوشن خربندا هن فلم ۾ ٻائو ٿيو آهي. هڪ ڏينهن ڪليانيءَ جي ملاقات هڪ خوبصورت ۽ امير گهر جي جوان نارائڻ (جان ابراهام) سان ٿئي ٿي. ٻنهي جي پهرين ملاقات ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار جي ڇڪ ٿئي ٿي. پر ڪلياني هن کي سمجهائي ٿي ته هوءَ وڌوا (Widow) آهي، جنهن سان ڳالهائڻ سان به اڳلو گنهگار ٿيو پوي پر نارائڻ هر صورت ۾ ڪليانيءَ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو جو هو هن کي سچي دل سان چاهي ٿو. ڪلياني به پنهنجي وس کان ٻاهر آهي، جو هن جي دل ۾ به نارائڻ لاءِ بي پناهه  پيار آهي. هوءَ ان راز جي ڳالهه سڀ کان ننڍي ۽ ٺوڙهي ٿيل وڌوا سارالا سان ڪري ٿي، جنهن جو فلم ۾ ”چوئيا“ نالو آهي. هوءَ اهو راز دل ۾ رکڻ جي گهڻيئي ڪوشش ڪريٿي پر هڪ رات آشرم هلائيندڙ ٿلهي عورت مڌو متي جي اسپنج جهڙين ٽنگن کي زور ڏيندي هوءَ اها ڳالهه هن سان ڪري  ويهي ٿي.

مڌومتيءَ جي هٿن جا ڄڻ ته  طوطا اڏامي وڃن ٿا. ڪلياني جو شادي ڪري آشرم ڇڏي وڃڻ سان ڪمائي هڪ طرف بند ٿي ويندي ته ڌرم جي خواري الڳ ٿيندي ته هڪ وڌوا آشرم مان ڀڄي وڃي شادي ڪئي. هوءَ ڪاوڙ مان ڪئنچي کڻي ڪليانيءَ وٽ پهچي ٿي ۽ سندس ڊگهن وارن جون چڳون ڪٽيو ڇڏي. جيئن هوءَ سهڻي نه لڳي.

ڪلياني ڪٽيل وارن سان نارائڻ سان ملي ٿي. نارائڻ سندس وارن ڪتريل مٿي تي آڱريون ڦيري هن جي ڪنن ۾ ڀڻڪي ٿو ته هو هن صورت ۾ به هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ڪلياني نارائڻ سان گڏ هن جي ماءُ پيءُ جي گهر ڏي رواني ٿئي ٿي. گهر جي ويجهو پهچي دروازي کي ڏسي هوءَ سڃاڻي وڃي ٿي ته اهو گهر ڪنهنجو آهي. پڪ لاءِ هوءَ نارائڻ کان سندس پيءُ جو نالو پڇي ٿي. نالو ٻڌڻ تي هوءَ مايوس ٿي وڃي ٿي. هوءَ اڳتي وڌي گهر ۾ گهڙڻ بدران پٺتي موٽي ٿي.

خبر پيئي ته نارائڻ جو پيءُ ڪليانيءَ کي رنڊيءَ طور استعمال ڪندو رهيو آهي. ڪلياني ڏک ۽ صدمي مان پاڻ کي گنگا ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿي. مايوسيءَ جي صورت ۾ نارائڻ پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي مهاتما گانڌيءَ جو وڃي ٻالڪو ٿئي ٿو. جنهن وقت نارائڻ مهاتما وٽ وڃڻ لاءِ ٽرين ۾ چڙهي رهيو  آهي ان وقت شڪنتلا آشرم جي ننڍي عمر جي ڇوڪري ”چوئيا“ وٺي اچي ٿي ۽ نارائڻ کي منٿ ڪري ٿي ته هن کي پاڻ سان مهاتما وٽ وٺي وڃ جيئن هوءَ اتي حفاظت ۾ رهي، ٻي صورت ۾ هتي هن کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائڻ لاءِ رنڊي بڻايو ويندو.

بهرحال هيءَ فلم Water)) اڃا انڊيا ۾ نه هلي آهي پر 2005ع جي شروع وارن مهينن کان ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو (جتي انڊيا ۽ پاڪستان جي رهاڪن جي تمام وڏي آدمشماري آهي) ۽ هتي آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ ڏيکاري پيئي وڃي. آرٽ، اداڪاري ۽ ٿيم جي خيال کان هيءَ فلم  تمام مٿڀري سمجهي وڃي ٿي ۽ ڪيترن جي ته اها راءِ آهي ته بنگالي ڊائريڪٽر ستيجت راءِ جي فلم ”پٿر پانچالي“ بعد ديپا مهتا جي هيءَ فلم “Water” هڪ بهترين آرٽ مووي آهي.


 

 

ڪجهه آمريڪا جي ويزائن بابت

ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جي ”ٽڪيٽ“ ۽ اتي رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ ”پئسي“ کان علاوه  ٻه شيون ٻيون به ضروري آهن. هڪ ”پاسپورٽ“ ۽ ٻي ”ويزا“، پاسپورٽ جيڪو ملڪ جي صدر طرفان شهريءَ کي ملي ٿو، جيڪو هڪ سٺي  شهري ۽ ان ملڪ جي Citizen هجڻ جو ثبوت آهي. ان ڪري پاسپورٽ ٺهرائڻ وقت ملڪي شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ سان گڏ پوليس رپورٽ به حاصل ڪئي وڃي ٿي. ويزا ان ملڪ طرفان اجازت نامو آهي، جيڪو توهان گهمڻ وڃي رهيا آهيو. ويزا توهان کي پنهنجي ملڪ ۾ موجود ان ڌارئين ملڪ جو قونصل  خانو يا سفارت خانو ڏئي ٿو ته توهان ڀلي هنن جي ملڪ  ڏي روانا ٿيو. هو توهان کي ويزا ڏيڻ لاءِ هنن جي طيءِ ٿيل قانون ۽ جاچ مطابق توهان کان انهن ڊاڪومينٽس جي گهر ڪن ٿا، جيئن ته پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ سان گڏ توهان جو اصل (Original) برٿ سرٽيفڪيٽ، جنهن وٽ توهان نوڪري ڪريو ٿا ان طرفان اجازت  نامون يا گئرنٽي، توهان جي پگهار جي سلپ، سرڪاري نوڪري ۾ آهيو ته حڪومت طرفان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت، توهان جي بئنڪ جي سال کن جي Statement ته ان ۾ سڄو سال ڪٿان ۽ ڪيترا پئسا آيا ۽ ڪيترا خرچ ٿيا ۽ هن وقت جڏهن توهان ٻاهر وڃڻ جو (گهمڻ، پڙهڻ، علاج لاءِ وڃڻ جو ارادو ڪيو ٿا ته ڪيترو بئلنس آهي، ۽ جيڪڏهن توهان ان  ڌارئين ملڪ ۾ نوڪريءَ لاءِ وڃي رهيا آهيو ته ان فرم يا ڪمپنيءَ طرفان نوڪري ڏيڻ جو ليٽر وغيره وغيره. پوءِ اهي ڪاغذ پٽ ڏسي جڏهن ان ڌارئين ملڪ جو سفارتخانو مطمئن ٿئي ٿو ته توهان کي سندس ملڪ ڏي روانو ٿيڻ لاءِ ويزا ڏئي ٿو. يعني توهان جي پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو  يا Sticker هڻي ڏئي ٿو. هتي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته توڙي کڻي توهان گهربل سڀ ڊاڪيومينٽس (ڪاغذ پٽ) ڏيکاريو پر ڪنهن به ملڪ جو سفارتخانو يا قونصل خانو  ٻڌل نه آهي ته توهان کي ويزا ڏئي. هو ڪنهن به ڳالهه يا خيال کان توهان کي سندس ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو. ڇو جو هڪ ڌارئين  ماڻهوءَ کي  ٻئي جي ملڪ ۾ وڃڻ جو حق نه آهي. اها هڪ سهوليت، مهرباني، Good Will يا خوشي آهي، جيڪا ڌاريون ملڪ ڏئي ٿو. توهان کي جيڪڏهن صحيح پاسپورٽ آهي. يعني توهان پنهنجي ملڪ جا قانوني شهري آهيو ته توهان پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ جو ته حق رکي سگهو ٿا پر ٻئي جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ توهان ڪو به زور  زبردستي نٿا ڪري سگهو. مثال طور اڄ ڪلهه بينظير صاحبا  پاڪستان کان ٻاهر هلي ويئي آهي. هن کي واپس پنهنجي ملڪ  ۾ اچڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪومت کي جيڪڏهن هن جي خلاف شڪايت آهي ته هن ڪي غير قانوني ڪم ڪيا آهن ته هن جي پنهنجي ڌرتي تي قدم رکڻ بعد قانون جي دائري اندر ڪيس هلائي سگهي ٿي.

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ويزا لاءِ جمع ڪرايل ضروري ڪاغذن باوجود ڪن کي ويزا ڏني وڃي ٿي ته ڪن کي انڪار ڪيو وڃي ٿو. اهو ائين به ٿي سگهي ٿو (يعني هي هڪ مثال آهي) ته سفارتخاني وارن کي شڪ هجي ته هن يا هن همراهه جيڪو بئنڪ بئلنس ڏيکاريو آهي، اهو صحيح نه آهي. سندس پئسا نه هجن، ويزا حاصل ڪرڻ خاطر ڪنهن کان اڌارا وٺي جمع ڪيا اٿس.

يا فلاڻو شاگرد جيڪو اعليٰ تعليم جي ويزا جي گهر ڪري رهيو آهي، ان جي نيت مان لڳي ٿو، يا شڪ پوي ٿو ته هو  يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي پڙهندو ڪو نه پر وڃي نوڪري ڪندو. يا ساڳي فئملي مان وڏي عمر ۽ شادي شده همراهه کي گهمڻ لاءِ ويزا ڏني وڃي ٿي پر هڪ نوجوان کي انڪار ڪيو وڃي ٿو. شايد اهو سوچي ان نوجوان کي ويزا نٿي ڏني وڃي ته هو گهمڻ جو بهانو ڪري اتي وڃي واپس نه ايندو. يا گهمڻ جي بهاني سان اتي پهچي ان ملڪ ۾ هميشه رهڻ خاطر ڪنهن ڪاري ڪوجهي يا پوڙهي پڪيءَ سان شادي رچائيندو ۽ پوءِ ان شاديءَ جو آخر ۾ اهو وڃي   نتيجو نڪرندو ته هو پاسپورٽ حاصل ڪري زال کي طلاق ڏيئي رلائي ڇڏيندو جيڪا پوءِ ملڪ ۽ قوم لاءِ سماجي مسئلو ٿي پوندي، وغيره وغيره. بهرحال ڪنهن به  سبب ڪري ڌارئين ملڪ جو سفارتخانو ويزا لاءِ انڪار ڪري سگهي ٿو ۽ هن لاءِ اهو به ضروري ناهي ته هو اهو سبب ٻڌائي.

آئون ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي هڪ ملئي اميگريشن جو آفيسر منهنجو دوست هو، جنهن جي ڊيوٽي ”ٿائيلينڊ- ملائيشيا“ بارڊر تي هئي. انهن ڏينهن ۾ ويزا ڌارئين ملڪ جي بارڊر يا ايئرپورٽ تي ئي ملندي هئي. اسان ٽڪيٽ وٺي ٽوڪيو يا ڪوالالمپور پهچي ويندا هئاسين ۽ پوءِ اتي ايئرپورٽ تي ويزا جو ٺپو لڳندو هو. سو اسان وارو دوست ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي بارڊر واري ريلوي اسٽيشن تي اميگريشن پوليس آفيسر هو. هن ٻڌايو ته ٻاهتر اهڙيون ڳالهيون آهن، جن بابت اسان کي ڪنهن ايندڙ مسافر ۾ پڪ يا شڪ هجڻ تي هنن کي ويزا لاءِ انڪار ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ اسان کي ضروري ناهي ته مسافر کي سبب ٻڌايون ته اسان کي شڪ آهي ته تنهنجي اچڻ ڪري اسان جي ملڪ کي فائدي بدران نقصان پوندو. يا ڪو ٻيو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. مون چيو مانس ته تڏهن به هن کي ٻڌائڻ ته کپي. هن وراڻيو ته ڊپلو مئسي ان ۾ ئي آهي ته سبب نه ٻڌايو وڃي. بهرحال اسان جو پنهنجو ملڪ آهي، جنهن کي چاهينداسين، ان کي اچڻ جي اجازت ڏينداسين. هڪ ڏينهن ٿائيلينڊ کان پئسينجر ٽرين پهتي ته آئون به اتي ان دوست وٽ هوس. مون چيو مانس ته ”جن مسافرن کي تون ملائيشيا ۾ داخلا لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪرين انهن کي اهو سبب ڀلي نه ٻڌاءِ پر اڄ ٻن ٽن همراهن بابت مون کي ته ٻڌاءِ ته مون کي ڪجهه آئيڊيا ٿئي.“ هن مون کي جيڪي ٻه چار Case ٻڌايا انهن ۾ ٻه ٿائي ڇوڪريون هيون، جن لاءِ هن چيو ته ”هو ڪي امير نه آهن جو هنن جي ان ڳالهه تي يقين ڪجي ته هو ملائيشيا گهمڻ چاهين ٿيون. هنن جي ملائيشيا ۾ اچڻ ڪري ملائيشيا جي ڪمائيءَ ۾ اضافو نه ٿيندو پر هو ملائيشيا ۾ بدپيشي لاءِ اچي اسانجي ملڪ جو پئسو هڪ طرف کڻي وڃڻ چاهين ٿيون ته سماجي مسئلا ٻئي طرف پيدا ٿي سگهن ٿا.“ اهڙيءَ طرح هڪ چيني همراهه کي ويزا لاءِ انڪار ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ دوست ٻڌايو ته هن جي اڳهين اسان وٽ ڪرمنل رپورٽ پهتي آهي. اسان هن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ڪرڻ جو Risk نٿا کڻڻ چاهيون.

بهرحال اهي ڳالهيون لکڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته آمريڪا لاءِ ويزا حاصل  ڪرڻ لاءِ توڙي کڻي توهان سڀ ڪاغذ پٽ ڏيکاريو پر تنهن هوندي به هو ڪنهن به ڳالهه جي بنياد تي (پوءِ ان جو کڻي حقيقت سان واسطو نه هجي) هو توهان کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهن ٿا. هڪ عام ماڻهوءَ کي ته ڇا وڏي سرڪاري ڪاموري يا وزير کي به انڪار ڪري سگهن ٿا. انڊيا ۾ هوس ته اتي جي هڪ اهم وزير کي آمريڪا وارن ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه انڊيا جي اخبارن ۾ به آئي پر ان کي اتي جي عوام نارمل ورتو. اسان جي ملڪ جي هڪ وزير جي ڌارئين ملڪ ۾ ڪسٽم چيڪنگ ٿي ته هن کي اها به بي عزتي محسوس ٿي. ان ئي ڪري اڄ هن عنوان تي لکي رهيو آهيان ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي ته اهي هر ملڪ جا پنهنجا قانون آهن، ان ۾ منهن مٿو پٽڻ جي ضرورت ناهي. ڇو جو جنهن جو ملڪ ان جي ئي ڳالهه هلندي، جنهن جو گهر ان جي ئي ڳالهه هلندي ۽ اسان کي نه گار گند ڪرڻ کپي ۽ نه ذهني طرح پريشان ٿيڻ کپي.

 

ويزا ۽ پاسپورٽ لاءِ هميشه صحيح معلومات ڏجي

هڪ ٻي ضروري ڳالهه. ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ جي ويزا اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ان ملڪ جو سفارتخانو يا قونصل خانو ڏئي ٿو، جيئن جپان جي ويزا اسلام آباد ۾ جپان جي سفارتخاني کان وٺي سگهجي ٿي يا ڪراچي، لاهور ۽ ڪوئيٽا مان جتي جپان جا قونصل خانا آهن ۽ جپان جو قونصلر ويزا جاري ڪري ٿو. اهڙي طرح آمريڪا جي ويزا آهي، پر هاڻ قونصل خاني بدران اسلام آباد ۾ موجود سفارتخاني  مان ملي ٿي. بهرحال ڌارئين ملڪ جي سفير يا قونصلر کان مليل ويزا بعد صحيح معني ۾ ويزا اها آهي، جيڪا ڌارئين ملڪ جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي اميگريشن پوليس جو عملو ڏئي ٿو. مثال طور اسلام آباد وارو آمريڪي سفارت خانو توهان کي آمريڪا ۾ وڃڻ جي پنجن سالن لاءِ ويزا ڏئي ٿو پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته توهان کي پنجن سالن لاءِ آمريڪا ۾ رهڻ جي موڪل ملي ويئي. هرگز نه! آمريڪا ۾ توهان فقط ايترو مدو رهي سگهو ٿا، جنهن جي اجازت توهان کي نيو يارڪ، لاس اينجلس يا ڪنهن ٻئي آمريڪي هوائي اڏي تي توهانجي پهچڻ تي اتي موجود اميگريشن پوليس ڏيندي ۽ اهو فيصلو اميگريشن وارا ڪن ٿا ته  توهان کي ٽي مهينا رهڻ ڏين يا ڇهه مهينا. هو چاهين ته هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏين ۽ توهان ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري نٿا سگهو ۽ انهيءَ پيرين ٻي  فلائيٽ ۾ توهان کي پنهنجي ملڪ موٽڻو پوي.

منهنجي هڪ سڃاڻي جي ڌيءَ جي شادي هڪ آمريڪا ۾ رهندڙ سان ٿي. هوءَ اتي وڃي هن وٽ رهڻ لاءِ گهمڻ جي بهاني تي ويزا وٺي جڏهن نيو يارڪ ايئرپورٽ  تي پهتي ته هن کي  آمريڪا ۾ گهڙڻ لاءِ پاسپورٽ تي Entry جو ٺپو نه هڻي ڏنائون ۽ هن کي پنهنجي ملڪ موٽڻو پيو، جيتوڻيڪ هن وٽ پنجن سالن جي ويزا هئي. ڪهڙي سبب ڪري نيو يارڪ ايئرپورٽ جي اميگريشن پوليس آمريڪا ۾ رهڻ نه ڏنو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي ۽ نه هنن ٻڌايو. پر هن ڇوڪريءَ ٻڌايو ته ٻن ڳالهين ڪري هنن کي شڪ پئجي ويو  هجي ته آئون گهمڻ جي بهاني اتي پنهنجي مڙس وٽ رهي پونديس. هڪ ته هنن منهنجي بئگ ۾ شاديءَ جا ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا ڏسي اندازو لڳايو هوندو جو ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهو طريقو اختيار ڪري آمريڪا پهچي رهيون هيون ۽ ٻي ڳالهه ته هنن کي پاڪستان ۾ ئي انٽيليجنس پوليس ذريعي معلوم ٿي ويو هجي ته منهنجي شادي نيو يارڪ ۾ پڙهندڙ همراهه سان ٿي آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اتي جي يونيورسٽيءَ مان موڪل ڪري لاهور آيو هو.

بهرحال آمريڪا جي هوائي اڏي تي پهچي، توهان وٽ سفارتخاني کان مليل ويزا جي هجڻ جي باوجود ائين به ٿي سگهي ٿو ته توهان کي آمريڪا ۾ رهڻ کان روڪيو وڃي ۽ اميگريشن پوليس توهان کي هڪ ڏينهن جي به ويزا نه ڏئي. جيئن آمريڪا بابت هن کان اڳ واري سفرنامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ لکي آيو آهيان ته ڪراچيءَ کان مون سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ نوجوان کي نيو يارڪ جي هوائي اڏي تان ئي وطن ورائي ڇڏيائون، جيتوڻيڪ هن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي ويزا هئي ۽ سال ڏيڍ آمريڪا ۾ گذاري چڪو هو. اميگريشن پوليس پاڻ ته سبب ٻڌائڻ کان گريز ڪئي پر هن شاگرد ٻڌايو ته هن کي شڪ ٿو پوي ته پوليس کي خبر پئجي ويئي ته آئون تعليم جي بهاني سان نوڪري پيو ڪريان ۽ يونيورسٽيءَ کان گسائيندو رهان ٿو.“ ويجهڙائيءَ ۾ ان شاگرد جو هڪ سڃاڻو مليو، تنهن ان بابت پنهنجو خيال ٻڌايو ته پوليس کي ان ڳالهه مان شڪ پئجي ويو ته هو هڪ غريب شاگرد ٿي هر ٽئين چوٿين مهيني ڪيئن موڪلون ڪري ملڪ وڃي اچي ٿو.

ان ئي ڏينهن، اسان جي ئي جهاز ۾ سفر ڪري نيو يارڪ ايئرپورٽ تي پهتل هڪ همراهه کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو جو هن پوليس جي سوالن جا  صحيح جواب نه ڏنا. هن ڪجهه انفارميشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان هتي جي پوليس ڀلي ڀت واقف هئي.

اهو به ٻڌائيندو هلان ته ويزا لاءِ جيڪا ڳالهه  توهان درخواستي فارمن تي لکي موڪليو ٿا يا اسلام آباد ۾ انٽرويو تي ٻڌايو ٿا، اها ذري پرزي جي خبر جتي ڪٿي پئجيو وڃي. اڳ ۾ ته ماڻهن اهي به ٺڳيون ڪيون  جو  جعلي ويزائن ۽ پاسپورٽن تي آمريڪا يا يورپ پهچي ويا ٿي. يا ٻي جي پاسپورٽ تي پنهنجو فوٽو چنبڙائي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي ويا ٿي پر هاڻ اهي ڳالهيون ناممڪن آهن جو هڪ ته پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ Readable ٿي پيا آهن، يعني مشين ۾ پاسپورٽ وجهڻ سان ڪمپيوٽر جي اسڪرين (مانيٽر) تي توهان بابت سڄي انفارميشن لکجيو وڃي. توهان جي آڱرين جا نشان، ويندي اکين جي تارن جي به خبر پئجيو وڃي ته اهي پاسپورٽ ۾ درج ٿيل معلومات، مسافر جي آڱرين ۽ اکين جي تارن جي Print سان ملن ٿا يا نه. ۽ ٻي ڳالهه ته ڪمپيوٽر سسٽم On Line هجڻ ڪري اها معلومات جيڪا توهان فارمن ۾ لکي آهي يا انٽرويو ۾ ٻڌائي يا پوليس ۽ Intelligence کان هنن حاصل ڪئي اها هر ايئرپورٽ، ۽ بندرگاهه تي ڪمپيوٽر کولڻ سان توهان جي نالي اڳيان مليو وڃي. مثال طور آمريڪا جي ويزا جي درخواست واري فارم تي نه فقط ماءُ پيءُ ۽ ٻارن جا نالا لکڻا پون ٿا پر ڀائر ڀينرن جا پڻ ۽ انهن جي ڄم جي تاريخ پڻ. هاڻ مثال طور مون کان ڪنهن جو نالو يا ڄم جي تاريخ ڄاڻي واڻي يا بيخياليءَ ۾ رهجي ويئي يا غلط لکجي ويئي ته اها به هڪ قسم جي ”غلط ڄاڻ“ مهيا ڪرڻ هيٺ منهنجي ويزا جي عمل کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ منهنجي ڀاءُ يا ڀيڻ به جي ويزا لاءِ apply ڪيو آهي ۽ هن جي ڏنل معلومات ۽ منهنجي ۾ فرق به نقصان پهچائي سگهي ٿو. ڇو ته ڪمپيوٽر سسٽم آن لائين هجڻ ڪري هو آسانيءَ سان منهنجي فارم تي ڏنل منهنجي مائٽن جي پوزيشن معلوم ڪري سگهن ٿا ته انهن کي به آمريڪا جي ويزا يا پاسپورٽ آهي يا نه ۽ انهن پاڻ لاءِ، مون لاءِ ۽ ٻين مائٽن لاءِ ڪهڙي معلومات ڏني آهي. بهرحال آمريڪا توڙي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪٿي به غلط معلومات نه ڏجي. نائن اليون کان اڳ ته يورپ توڙي آمريڪا ۾، ڪيترا غير قانوني طرح آيل ماڻهو بنا پاسپورٽ جي به پيا هلندا هئا. ورلي ڪو چوڏهين چنڊ ڪنهن واٽهڙوءَ کان سندس ملڪ يا سفر جي ڪاغذن جو پڇيو ويو ٿي پر هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ريلوي اسٽيسن، هوئي اڏن،  پارڪن يا ٻين هنڌن تي اوچتي  پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ اها فقط اسان مسلمانن يا پاڪستانين کان نه پر هر هڪ کان، ۽ توهان جي قانوني طرح آيل آهيو ۽ ڪنهن به ڏوهه ۾ Involve نه آهيو ته پوءِ توهان کي ڪو به فڪر نه هئڻ کپي. آمريڪا يا يورپ جي ملڪن کي کڻي اسان نادانيءَ ۾ ڪافرن جو ملڪ سڏيون پر هتي جي پوليس راڻيپور، گمبٽ يا ڏهرڪي، گهوٽڪي جهڙي ظالم نه آهي. پر ڪيترن واقعن ۾ اسان جو ماڻهو  غلط معلومات ڏيڻ ڪري سزا جو حقدار ٿيو وڃي. ان سلسلي ۾  پنهنجي گذريل سفر نامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جي مسجد (نيو جرسي جي اوڪ ٽِري روڊ واري) جو امام، جيڪو آمريڪا جي انٽيليجنس (FBI) ۾ ڪم ڪري ٿو، اسان نمازين کي جمع نماز جي خطبي ۾ ٻڌايو هو ته پوليس جي سوال ڪرڻ تي اسان کي ان جو صحيح جواب ڏيڻ کپي ۽ جي هن جي انگريزي سمجهه ۾ نه اچي ته پنهنجي ماڻهوءَ کي سڏائي ان جي اڳيان جواب ڏجي يا حڪومت طرفان مهيا ڪيل وڪيل جي معرفت جواب ٻڌائجن ۽ جيڪا صحيح ڄاڻ هجي اها ئي ڏجي. هن ٻڌايو ته ڪيترا دفعا ڪنهن ڏوهه جي شڪ ۾ پوليس جڏهن پڇا ڪري ٿي ۽ مشڪوڪ  ماڻهوءَ کي ڪورٽ تائين پهچائي ٿي ته اتي خبر پوي ٿي ته ان ماڻهوءَ کي ان ڏوهه ڪري نه پر پاڻ بابت غلط معلومات ڏيڻ ڪري ڪوڙ جي سزا ۾ ٽي هفتا جيل ملي ويو.

ٻاهرن ملڪن ڏي ويندڙن لاءِ هتي اها به سهڻي صلاح لکندو هلان ته پنهنجي پاسپورٽ تي ويزا لڳرائڻ وقت پنهنجي پاسپورٽ جي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ (Expiry Date) ضرور ڏسندا ڪريو. جيڪڏهن ان جي ختم ٿيڻ ۾ ڪو هڪ سال يا ان کان گهٽ بچيو آهي ته بهتر اهو ئي آهي ته پنهنجي ئي ملڪ مان نئون پاسپورٽ ٺهرائي ان تي ويزا لڳرايو. مثال طور آمريڪا، ڪئناڊا يا ٻين ڪيترن ملڪن جي ويزا يڪي پنجن سالن جي ملي ٿي. سال گذرڻ بعد توهان کي نئون پاسپورٽ ٺهرائڻو پوندو. پوءِ پراڻي پاسپورٽ جي پچر ڇڏڻ بدران توهان کي اهو به نئين سان گڏ کڻي هلڻو پوندو جو ويزا ان پراڻي تي لڳل آهي. ٻي ڳالهه ته توهان ان ڌارئين ملڪ ۾ تعليم يا بزنيس جي خيال کان ٻه ٽي سالن لاءِ رهڻ ٿا وڃو ته معنيٰ پرديس ۾ توهان کي نئون پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ ڊوڙڻو هڪ طرف پوندو ته خرچ ٻئي طرف ڪرڻو پوندو، جو ٻاهرين ملڪن ۾ انهن ڪمن جون فيون تمام ڳريون آهن، چاهي اسان جي ملڪ جو سفارتخانو هجي ۽ ڪي ملڪ اهڙا آهن جن ۾ جتي توهان کي رهڻو پوي ٿو ان کان  گاديءَ وارو شهر جتي توهان جي ملڪ جو سفارتخانو آهي، ايترو پري آهي، جيئن ڪراچيءَ کان اسلام آباد ۽ اتي پهچڻ ۾ سفر جو خرچ ۽ ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ جو خرچ پاسپورٽ في کان به ڏهوڻو ويهوڻو ٿيو وڃي. مون سان به هڪ دفعو اهڙي جٺ ٿي چڪي آهي، جڏهن پنهنجي جهازي سبجيڪٽ ”مئرين انجنيئرنگ“ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ مالمو(سئيڊن) ويو هوس. هيستائين ته جهاز هلائي ٻين ملڪن ۾ ويندو  رهيس ٿي، جنهن سفر لاءِ CDC جو بڪ ڪافي آهي ۽ اهو Renew به نٿو ڪرائڻو پوي. پر هاڻ جڏهن پاسپورٽ تي ٽن سالن جي سئيڊن جي ويزا لڳرائي پوسٽ گريجوئيشن لاءِ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ اچي داخلا ورتم ته خبر پيئي ته منهنجي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿيڻ تي آهي. ڪراچي مان نڪرڻ وقت هن ۾ ڪي اٺ نو مهينا رهيل هئا، جيڪي اچي ختم ٿيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سيمسٽر جا امتحان به هئا ۽ اسان جي يونيورسٽي جتي آئون رهيل هوس اها جنهن شهر مالمو ۾ هئي، اهو سمجهو ته ڪراچي وانگر هو ۽ پاسپورٽ لاءِ مون کي سئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم وڃڻو پيو، جيڪو ايترو پري هو جيترو لاهور. بهرحال ڪراچي ۾ جي اها ڳالهه ڌيان ۾ اچي وڃي ها ته هزار سوا روپين ۾ نئون پاسپورٽ ٺهرائي نڪران ها پر هاڻ سئيڊن ۾ ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ڪرڻو پيو- اهو سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني اندازو لڳائي سگهن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: