پنهنجي قبر چمچي سان نه کوٽيو........
ڊاڪٽر نذير نه فقط انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي ملڪ جي مريضن کي مفت
مشورو ڏئي ٿو پر فون ذريعي پڻ. اڄ ڪلهه پاڪستان
مان آمريڪا فون ڪرڻ، سستو ٿي پوڻ ڪري ڪيترائي
ڳوٺاڻا جيڪي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر کان اڻ واقف آهن،
اهي ڊاڪٽر صاحب سان فون ذريعي پنهنجي اوکن جو حال
سلين ٿا. هڪ اهڙو ئي فون شهدادپور کان ڊاڪٽر صاحب
ڏي ان وقت آيو جيڪو لڳو ٿي ته ڊاڪٽر صاحب کان
پهرين به پنهنجي علاج بابت صلاح مشورو وٺندو رهيو
آهي جو ڊاڪٽر هن کي اڃان به وڌيڪ وزن (ٿولهه)
گهٽائڻ لاءِ چئي رهيو هو.
فون رکڻ بعد ڊاڪٽر ٻڌايو ته هي هڪ دڪاندار جو فون هو، جنهن کي
ننڍي عمر ۾ ذيابطيس (Diabetese) بيماري ٿي پيئي آهي، جنهن جو وڏو سبب سڄو ڏينهن دڪان
تي هڪ هنڌ وهڻ ڪري، جسم جي چر پر
exercise
نه ٿيڻ ۽ گهڻو کائڻ ڪري هيڪاندي ٿولهه آهي.
”اڄڪلهه جي ماڊرن دور ۽ سوسائٽيءَ ۾ انسان جي صحت جو وڏو دشمن
ٿولهه
Obesity
ٿي پيئي آهي.“ ڊاڪٽر نذير ميمڻ ٻڌايو، ”ڪنهن کي
توهان شل وڏي عمر ماڻين، جهڙي دعا ڏيو ٿا ته ان
سان گڏ کيس اها به تاڪيد ڪريو ته گهٽ کاءُ ۽ گهڻي
نه ته ٿوري سهي، پر ڪسرت ضرور ڪر.“
ڊاڪٽر ميمڻ ٻڌايو ته ٿولهه نه فقط پاڻ هڪ بيماري آهي پر ڪيترين
ئي بيمارين جي پاڙ آهي، جيئن ته ذيابطيس، بلڊ
پريشر، ڪوليسٽرول ۽ هائيپر لپيڊيميا وغيره.
”اڄڪلهه ٿولهه ائين وڌي رهي آهي، ڄڻ اها ڪا وچڙندڙ
بيماري هجي. آئون ته پنهنجن مائٽن، دوستن ۽ مريضن
کي اهائي التجا ڪندو آهيان ته پنهنجي لاءِ نه ته
پنهنجي اولاد خاطر پنهنجو خيال ڪريو. وقت کان اڳ
هن جهان مان نه هليا وڃو. گهڻو کائڻ خودڪشي برابر
آهي. پنهنجو پاڻ کي پنهنجي هٿن سان نه ماريو. بک
ٿي لڳي ته کائو ضرور پر ڪجهه گهٽ کائو ۽ سڻڀن ۽
مٺن طعامن کان گريز ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ کي ٿولهه
کان بچايو. هو ڇا چوندا آهن ته ”جيئڻ خاطر کائو ۽
نه کائڻ خاطر جيئو“
Eat to live, not live to eat..
”ڊاڪٽر صاحب، اسان جي ملڪ ۾ ته کڻي عوام نه ايترو پڙهيل آهي ۽
نه هن ۾ ايتري
awareness
آهي،“ مون چيو، ”پر هتي آمريڪا ۾ جتي تقريبن هر
ماڻهو تعليم يافته آهي، اتي به ڏسان پيو ته ٿولهه
عام ٿي پيئي آهي.“
”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ ڊاڪٽر ميمڻ وراڻيو، ”بلڪه سڀ کان گهڻو اڇو
منهن ته آمريڪين جو ٿيو آهي. ماڊرن ۽ ترقي يافته
ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا ٿلها ماڻهو آمريڪا ۾ آهن. تازن
انگن اکرن موجب آمريڪا جي آدمشماريءَ جو ٽيون حصو
ٿولهه
Obesity
جو شڪار آهي، جنهن جو وڏو سبب خوشحالي آهي، جنهن
ڪري هو گهڻو کائين ٿا. آئون ته اهڙن مريضن کي
نصيحتن دوران ڪڏهن ڪڏهن دڙڪا به ڏيندو آهيان ته
You are digging your graves with knife & fork
توهان ڪانٽي ڇريءَ ذريعي پنهنجي قبر کوٽي رهيا آهيو يعني گهڻو
کائي توهان پنهنجي عمر گهٽائي رهيا آهيو.“
هونءَ ڪو زمانو هو جو ٿولهه خوشحالي ۽ سونهن جي نشاني سمجهيو
ويو ٿي. اڄ به آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ جتي ڏڪار
جون حالتون آهن، ٿلهي متاري ماڻهوءَ کي شان شوڪت ۽
پئسي وارو ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو. قلو پطره جهڙيون
ماضيءَ جون سونهن جون راڻيون يا ويندي رُبين
Rubens
جهڙن سورهين سترهين صدي جي آرٽسٽن جون شاهڪار
تصويرون ڏسندائو ته توهان کي هر عورت ٿلهي متاري
نظر ايندي. ماضي بعيد ڇا گذريل صديءَ جي ٽئي حصي
تائين ڏسندائو ته پنهنجي فلمي انڊسٽري جون
هيروئنيون توڙي ڳائڻيون هيوي ويٽ نظر اينديون.
بلڪه ٿلهو هجڻ ئي سندن هيروئن هجڻ جو ثبوت سمجهيو
ويو ٿي ته هو اعليٰ رتبي تي آهن. پئسو جام پيو
ملين، خوشحال آهن. گهٽ پگهار واريون، جسماني طرح
ڏٻريون ۽ سڪل ايڪسٽرا ئي هونديون هيون.
اڄ جي مغربي ڪلچر ۾ ٿلهي عورت گهٽ ڪشش جو باعث سمجهي وڃي ٿي ۽
ٿلهو ماڻهو سست ۽ نڪمو سمجهيو وڃي ٿو. اسڪول ۾ به
ٿلهن ٻارن تي ٽوڪون ۽ چرچا ڪيا وڃن ٿا. ويندي
ڪارٽونن وارين فلمن ۾ مزاحيه ڪردار ٿلها ٺاهيا وڃن
ٿا.
”آمريڪا ۾ ٿولهه جو مرض ايترو ته وڌندو وڃي“، ڊاڪٽر نذير ٻڌايو
”جو هاڻ تازين رپورٽن موجب آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻو
موت سموڪنگ جي جاءِ تي ٿولهه
Obesity
ورتو آهي. آمريڪا ۾ ٿولهه نمبر ون پبلڪ هيلٿ
پرابلم آهي.“
چون ٿا ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ 1960ع تائين هڪ عام ماڻهوءَ جي
تور ٿوري گهڻي ضرور وڌي پر بي ڊولي حد تائين ٿلهو
ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٿي ٿيو ۽ پوءِ 1980ع کان هيل تائين
ٿولهه جي رفتار ايتري ته وڌي آهي جو جتي وڃ اتي
محسوس ٿئي ٿو ۽ هتي جي هيلٿ کاتي لاءِ پريشاني
پيدا ٿي پئي آهي.
”ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟“ مون معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو.
”اهم ترين ته اهي ئي آهن، جن مان پهريون
Overeating
شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان،“ ڊاڪٽر نذير ٻڌايو، ”ٻئي
نمبر تي کاڌي جي اگهن جي مقابلي ۾ ماڻهن جي ڪمائي
(پگهار)، گهڻو وڌي ويا آهن. مارڪيٽنگ جي طريقن به
ماڻهن کي گهڻو ۽ بي فائدي واريون شيون کائڻ لاءِ
مجبور ڪيو آهي. 1980ع تائين ٽڪين چاڪليٽن، جنڪ
کاڌن ۽ بارن جي ٻين شين جي اشتهار بازيءَ تي بندش
هئي. ريگن جي حڪومت ۾ اهابندش لاٿي ويئي. پنهنجي
ملڪ ۾ به اهو ئي حال آهي. هونءَ ڳڙاري (بسري) جهڙي
مٺي شيءِ به سياري ۾ کائبي هئي. ڪڏهن ميلي ملاکڙي
تي وڃبو هو يا عيد برات ٿيندي هئي ته ٻارن لاءِ
مٺائي وٺبي هئي. آئيس ڪريم، ڪوڪا ڪولائون، چاڪليٽ
ٽافين جهڙيون ته شيون هونديون ئي ڪونه هيون پر هاڻ
اهي سڀ نه فقط گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رکيون آهن پر انهن
جي اشتهار بازي به پئي ٿئي، جنهن کي ڏسي هر ٻار
کائڻ لاءِ تيسو ڪري ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو نه فقط
هتي آمريڪا ۾ پر پنهنجي ايشيائي ملڪن ۾ به وڏن
توڙي ٻارن ۾ ڊائبٽيز جهڙو موذي مرض وڃي وڌندو. ان
تي وڏي خرابي اها جو ٽي وي جي انيڪ چئنل کلڻ ڪري ۽
انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر عام ٿيڻ ڪري ننڍو توڙي وڏو راند
کيڏڻ يا واڪ ڪرڻ بدران هڪ هنڌ ويٺو آهي. ان کان
علاوه برگر، چيز، فرينچ فرائيز جهڙا جنڪ فڊ
(ٿولهه پيدا ڪندڙ ۽ رکيل کاڌا) جيڪي نرم ۽ سوادي
هجڻ ڪري کائڻ ۾ سٺا لڳن ٿا پر صحت لاءِ هاڃيڪار
آهن، جو وڃي فئشن وڌندو ۽ جتي ڪٿي اهڙو مال سپلاءِ
ڪندڙ فاسٽ فوڊ شاپ وڌندا وڃن.“
ڊاڪٽر نذير جو اهو ئي رايو آهي ته ذبابطيس جهڙي بيماري جيڪا
خاموش خوني
Silent Killer به سڏي وڃي ٿي، جيڪا جسم جي مختلف عضون (گردن، اکين، پيرن، دل
وغيره) کي ناڪاره بڻائي انسان کي تباهه ڪري ٿي،
اها توڙي کڻي موروثي طرح
Hereditary
هجي يا ذهني پريشانين باعث پر ان بيماريءَ جو وڏو
سبب گهڻو ۽ روغني ۽ مٺاڻ وارا کاڌا کائڻ ۽ ڪسرت نه
ڪرڻ آهي. اسان کي ياد رکڻ کپي ته گهٽ کائڻ ۽ سادي
کائڻ ۾ صحت آهي.
ڊاڪٽر نذير بابت هتي اهو لکڻ رهجي ويو ته پاڻ بنيادي تعليم
پنهنجي ڳوٺ شهدادپور مان حاصل ڪئي. انٽر حيدرآباد
جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان ڪرڻ بعد
MBBS
جي ڊگري
LMC
ڄامشوري مان ڪئي. ان بعد وڌيڪ تعليم هتي آمريڪا ۾
حاصل ڪئي ۽ هتي ئي نوڪري ڪن ٿا. پاڻ مرحوم حاجي
قاسم ميمڻ صاحب جا وڏا فرزند آهن ۽ سندس ٻه ننڍا
ڀائر مشتاق ميمڻ ۽ انيل ميمڻ جن پڻ هتي آمريڪا جي
ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾ آهن ۽ مختلف بزنيس ڪن ٿا.
ايل ايم سي ۾ سندس ڪلاس ميٽن ۽ دوستن مان ڊاڪٽر وسيم نيازي هتي
ٽيڪساز ۾ نيورو لاجسٽ آهي، ڊاڪٽر رضوان مگسي اسلام
آباد ۾ آهي ۽ ڊاڪٽر شاهه زمان عباسي هتي آمريڪا ۾
پرئڪٽس ٿو ڪري. ڊاڪٽر نذير ميمڻ جو هڪ ٻيو ڊاڪٽر
دوست قيصر هتي اوڪلوهاما ۾
Internist
آهي. سندس ان دوست جي ويجهڙائيءَ ۾ دل جي آپريشن
ٿي آهي.
ڊاڪٽر نذير 1992ع ۾ آمريڪا ۾ آيو. پاڻ
Maimonides
ميڊيڪل سينٽر، نيويارڪ مان انٽرميڊيسن ۾ پوسٽ
گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ جيريا ٽرڪس ۾ فيلوشپ ڪرڻ
لاءِ الباني ميڊيڪل ڪاليج ۾ آيو، جتي هو اڄڪلهه
ميڊيسن جو پروفيسر آهي.
ڊاڪٽر نذير ميمڻ 1961ع ۾ شهدادپور ۾ ڄائو. پاڻ اڃا ڇهين ڪلاس ۾
هو ته سندس والد صاحب (حاجي محمد قاسم ميمڻ صاحٻ)
1973ع ۾ گذاري ويو. کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ انيل ۽
ڀيڻن کي سندس وڏي ڀاءُ مشتاق ميمڻ پيءُ وانگر
پاليو ۽ پڙهايو. مشتاق نه فقط کيس پر ڀيڻن کي به
ڊاڪٽري پڙهائي جن مان هڪڙي ڀيڻ ڊاڪٽر فرزانا مديني
پاڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ ٻي ڊاڪٽر ريحان هتي آمريڪا ۾
آهي. مشتاق ميمڻ صاحب پڻ هتي آمريڪا جي ڏاکڻي
رياست فلوريڊا ۾ رهي ٿو، جتي هن سان گڏ ننڍو ڀاءُ
انيل ميمڻ پڻ بزنيس ڪري ٿو.
ڊاڪٽر نذير ميمڻ جي شادي 1996ع ۾ حيدرآباد ۾ حاجي رفيق شيخ جي
ڌيءَ انيلا سان ٿي. کيس ٻه ٻار زريض
(Zurez)
۽ مالي
(Mali)
آهن.
ڊاڪٽر نذير ميمڻ ٻُڌايو ته هو جڏهن آمريڪا ۾ آيو هو هن کي هتي
جي
residency
حاصل ڪرڻ لاءِ نيويارڪ ۾ رهندڙ سندس دوستن ڊاڪٽر
علي ابڙو ۽ ڊاڪٽر نور راڄپر رهنمائي ۽ مدد ڪئي.
ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۽ آمريڪن جا مسئلا
اعجاز جي گهر (پينسلوانيا رياست جي شهر گرين ڪئسل) ۾ ڪچهري ڪندي
شام ٿي ويئي. اعجاز رات جي ماني کائي، پوءِ وڃڻ
لاءِ ضد ڪري رهيو هو. نيٺ اعجاز کي چيم ته ڳالهه
ٻڌ: هڪ ته دير سان لنچ ڪئي اٿئون ۽ ٻيو ته ايڏي
هيوي لنچ ڪئي اٿئون جو صحت جي اصولن موجب اسان کي
ٻه ڏينهن فقط چانهه ۾ ٻه پاپا ٻوڙي کائڻ کان علاوه
ٻيو ڪجهه نه کائڻ کپي. اها ئي ڳالهه ته ڊاڪٽر نذير
سمجهائيندو رهيو ته اسان ايشين (جن ۾ پاڻ سنڌي به
اچي وياسين) مائٽن مٽن ۽ مهمانن جو خيال رکڻ خاطر
هنن کي هلڪو کارائي صحت مندر رکڻ بدران هنن کي
ويتر ڳرا ڳرا کاڌا کارائي بيمار ڪندا آهيون.
”پر چاچا هي ته پنهنجو پراڻو ڪلچر آهي ته مهمان جي سٺي ماني
ٽڪيءَ سان آجيان ڪجي.“ اعجاز چيو.
”بلڪل صحيح ٿو چوين،“ وراڻيومانس، ”پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن هو جڏهن
ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي ايجاد نه ٿيو هو. جڏهن مهمان
پيرين پنڌ ايندو هو يا اٺ ۽ گهوڙي تي. هن کي رستي
تي سڄي واٽ کائڻ لاءِ چپس ۽
Peanut
۽ ڪوڪ بدران ٺلهو پاڻي به مشڪل سان نصيب ٿيندو هو
۽ هينئرمردن کان اهي پنڌ هليا ويا ۽ عورتن کان
جند،. ان ڪري ڊاڪٽر نذير جي نصيحت تي عمل ڪري گهٽ
کائجي گهڻو پنڌ ڪجي.“
شام جا ڇهه کن اچي ٿيا هئا. اعجاز کي چيم ته هاڻ گهڻيئي خبرون
چارون ٿيون. بس جلدي جلدي چانهه پيار ته عرفان
جماڻي ۽ آئون پنڌ کي ڇڪيون. مئريلئينڊ ۽ ورجينيا
رياستون اڪري واشنگٽن پهچڻو آهي، جتي نائين بجي
پروفيسر جاويد ڀٽو سان ملڻو آهي. پينسلوانيا ۾
اعجاز شيخ وٽ اسين فقط ميڊيسن ۽ ڊاڪٽرن جون
ڳالهيون نه ڪندا رهياسين پر دنيا جهان جا ٻيا به
ڪوڙ ڪٽيندا رهياسين. اتي ڪيل هڪ ٻه مزيدار ڳالهيون
جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکڻ بور ثابت نه
ٿينديون. هڪ ته اسان واشنگٽن ڊي سي تي بحث ڪيو ته
انهن اکرن
D.C
جو مطلب ته ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آهي پر آخر اهو
ڪولمبيا آهي ڇا. اها ڪهڙي ڪولمبيا آهي، جنهن جو
واشنگٽن ضلعو آهي؟
مون ٻڌايو مان ته اسان جڏهن به آمريڪا ايندا هئاسين ته ان تي
بحث ڪندا هئاسين، مڪاني ماڻهن کان پڇندا هئاسين ته
اهي به نه ٻڌائي سگهندا هئا.
اعجاز شيخ چيو ته هو به ان بابت سوچيندو رهندو هو. پوءِ هڪ دفعي
UDC
(يونيورسٽي) جي پروفيسر ٻڌايو ته ڪولمبيا آمريڪا
يعني
USA
جو شاعراڻو نالو آهي.
”جيئن پاڻ سنڌ کي ”سنڌڙي“ سڏيون ٿا، تيئن شروع جي ڏينهن ۾ هتي
جا ماڻهو هن ملڪ کي ڪولمبيا سڏيندا هئا.“ اعجاز
ٻڌايو، ”ويهين صديءَ جي شروع تائين به هن ملڪ کي
پيار مان ڪولمبيا سڏيو ويو ٿي. اڄ به هن ملڪ بابت
هڪ مشهور راڳ
Columbia, Gem of Ocean
ڪڏهن ڪڏهن ڳايو وڃي ٿو ۽ آمريڪا جو پراڻو قومي
ترانو
Hail Columbia
هاڻ وائيس پريزيڊنٽ لاءِ وڄايو وڃي ٿو. آمريڪا
USA
بدران ”ڪولمبيا“ لفظ اڃا تائين ڪيترين ئي شين ۾
استعمال ٿئي ٿو، جيئن ته ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ
سسٽم، ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ، ڪولمبيا پڪچرس ۽
ويندي اسپيس شٽل ڪولمبيا.“
ڪولمبيا لفظ آمريڪا جي ڳولڻ واري ڪرسٽافر ڪولمبس جي نالي مان
ٺاهيو ويو آهي، جيئن انگريز پنهنجي ملڪ کي برطانيا
Britannia
جهڙي مونث نالي سان سڏين ٿا ۽ اطالوي پنهنجي ملڪ
اٽليءَ کي
Italia Tarrita
سڏين ٿا ۽ فرينچ فرانس کي
Marianne
سڏين ٿا. ٻين لفظن ۾ ڪولمبيا لفظ آمريڪن جو نعم
البدل آهي.
ڪجهه دير سنڌ جي سياست جون ڳالهيون ڪرڻ بعد هتي آمريڪا ۾ رهندڙ
اسان جي پاڪستانين جون ڳالهيون اچي نڪتيون ته هنن
کي هڪ مشرقي ڪلچر مان هتي مغربي ڪلچر ۾ اچڻ سان
ڪهڙيون تبديليون محسوس ٿين ٿيون ۽ هنن کي پنهنجي ۽
هتي جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون پسند ۽ ناپسند آهن.
ان سلسلي ۾ عرفان جماڻيءَ يا شايد اعجاز شيخ هڪ
دلچسپ چرچو ٻڌايو.......
هڪ آمريڪن ۽ هڪ ديسي (يعني اسان جي ننڍي کنڊ جو، جيڪو پاڪستاني،
انڊين، بنگلاديشي يا سريلنڪن به ٿي سگهي ٿو) ڪنهن
بار (مئه خاني) ۾ پيگ مٿان پيگ چاڙهي رهيا هئا.
ڪجهه دير بعد اسان جي ديسيءَ غمگين لهجي ۾ پنهنجي
آمريڪن دوست کي چيو: ”توکي خبر آهي ته منهنجا
والدين مون تي زور آڻي رهيا آهن ته آئون هڪ اهڙي
ڇوڪري سان شادي ڪريان جيڪا گهرو قسم جي ڳوٺاڻي
ڇوڪري آهي، جنهن سان آئون هڪ دفعو به نه مليو
آهيان. اسانوٽ ان کي
Arranged
مئريج سڏيون ٿا. آئون اهڙي ڇوڪريءَ سان هرگز شادي
ڪرڻ نٿو چاهيان، جنهن سان منهنجو پيار
ناهي......... مون هنن کي صاف صاف چيو آهي ته آئون
شادي ڪندس ته
Love
مئريج ڪندس، نه ته ائين ئي ڀلو آهيان. هاڻ ماڳهين
مون لاءِ گهرو مسئلن جا جبل ڪري پيا آهن.“
آمريڪن همراهه ٿڌو ساهه کڻي چيو:
”جيڪڏهن تون
Love marriage
(پيار جي پرڻي) جي ڳالهه ٿو ڪرين ته مهرباني ڪري
منهنجي ڪهاڻي غور سان ٻڌ...........منهنجو هڪ عورت
سان عشق ٿي ويو، جيڪا پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ٽي
سال کن مون سان ڊيٽنگ ڪندي رهي. ان بعد اسان جي
شادي ٿي، ڪجهه سالن بعد، منهنجي پيءُ جو منهنجي
ويڳيءَ ڌي يعني منهنجي زال جي پهرين مڙس مان ڌيءَ،
سان عشق ٿي ويو. اهڙي ريت منهنجو پيءُ منهنجو ناٺي
ٿي ويو ۽ آئون پنهنجي پيءُ جو سهرو ٿي پيس. منهنجي
ويڳي ڌيءَ منهنجي ماءُ ٿي پيئي ۽ منهنجي زال ان
حساب سان منهنجي ناني ٿي پيئي.
مون لاءِ مونجهارا ۽ مسئلا هيڪاندا وڌي ويا، جڏهن مون کي پٽ
ڄائو. منهنجو پٽ منهنجي پيءُ جو سالو ٿيو اهڙي طرح
هو منهنجو مامو ٿيو.
حالتون اڃان به وڌيڪ مونجهاري واريون ٿي پيون، جڏهن منهنجي پيءُ
کي پٽ ڄائو. هاڻ منهنجي پيءُ جو پٽ يعني ٻين لفظن
۾ منهنجو ڀاءُ منهنجو ڏهٽو به ٿيو. اهڙي طرح آئون
پنهنجي پاڻ جو نانو به ٿي پيو آهيان ته ڏوهٽو
به..........
۽ تون چوين ٿو ته تنهنجي مٿان گهرو مسئلن جا جبل ڪري پيا
آهن........ گو مي اي بريڪ.......... مون کي ساهي
پٽڻ ڏي.....
اسان چانهه جو اڌ گابرو ڪوپ پي اٿي کڙا ٿياسين.
”سائين ڪجهه دير ته وهو اڃا ته سج به نه لٿو آهي.“ اعجاز مون کي
۽ پنهنجي دوست عرفان جماڻيءَ کي ڌار ڌار چيو.
”هاڻ کلي موڪلايون........وڃڻو آهي بيحد ڏور........“ مون اعجاز
شيخ ۽ ڊاڪٽر نذير کي چيو.
هالا جو ڊاڪٽر گلاب ۽ سکر جي ڊاڪٽر شفيعت جماڻي
اعجاز شيخ جو شهر گرين ڪئسل آمريڪا جي پينسلوانيا رياست جي
فرئنڪلن ڪائونٽي ۾ آهي. سان فرئنڪلن ڪائونٽي ان
بعد پينسلوانيا رياست ڇڏي مئريلئنڊ رياست ۾ داخل
ٿياسين، اهي ئي ساڳيا هاءِ وي ۽ ساڳيا رستا وٺي
ورڻ جي ڪئسين........ 81 نارٿ، 70 ويسٽ، فريڊرڪ،
270 نارٿ/ سائوٿ، ڊيوي روڊ،
Morrtrose
روڊ، راڪ وائيل،
River
روڊ، ڪلارا بارٽن،
Gallows
روڊ، براڊ راڪ روڊ.. ........ مئريلئنڊ کان
ورجينيا رياست ۽ ان بعد واشنگٽن ڊي سي. ........
واپسي جي سفر تي اسان ڊاڪٽر گلاب ۽ ان جي فئملي جي ئي ڳالهه
ڪندا آياسين. هيءَ اها فيملي آهي، جنهن سان منهنجو
به واسطو چئي سگهجي ٿو ته عرفان جماڻيءَ جو به.
سنڌ جو ته شايد ئي ڪو ڊاڪٽر هجي جو هنن کي نه
سڃاڻندو هجي.
مرحوم ڊاڪٽر گلاب (ڄم جي تاريخ 1938ع) اسان جي ڳوٺ هالا بلڪه
اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. مون کان ست سال کن وڏو
هو جو آئون جڏهن پرائمري اسڪول مان چار درجا پڙهي
مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخل
ٿيس ته ڊاڪٽر گلاب وارن جو گروپ مئٽرڪ پاس ڪري
فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺي رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪلاس
سسٽم اڃا شروع نه ٿيو هو. پرائمري اسڪول جا چار
درجا پڙهي پوءِ انگريزي اسڪول ۾ داخلا وٺبي هئي،
جتي پهرين درجي
Standard
کان ستين درجي تائين پڙهبو هو. ستون درجو مئٽرڪ
هوندو هو. ڊاڪٽر گلاب جي وڏي ڀيڻ جو پٽ شفي محمد
منهنجو ڪلاس ميٽ هو.
اڄ آئون انهن ڏينهن جي تعليم کي اڄ جي اسڪولن سان ڀيٽ ٿو ڪريان
ته هالا جهڙي ننڍڙي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ جيتوڻيڪ
ان وقت ڪي ماڊرن
Audio visual Aids
نه هئا، ماستر صاحب کي فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ
ذريعي شاگردن کي پڙهائڻو پيو ٿي پر هڪ طرف استادن
پنهنجو فرض سچائي سان نڀايو ٿي ته ٻئي طرف سلڇڻا
شاگرد هئا. ڊاڪٽر گلاب (اصل نالو محمد ميمڻ ولد
اسحاق ميمڻ پر گهر، گهٽي توڙي اسڪول ۾ گلاب سڏبو
هو) ۽ سندس ڪلاس ميٽ، اڳتي هلي قابل پروفيسر،
پرنسپال، ڊاڪٽر، بئنڪر ۽ انجنيئر ٿيا، جن مان
هنوقت به مون کي ڪيترن جا نالا ياد آهن:
مسعود ارباب (چيف انجنيئر)، منور ارباب (UBL
جو پريزيڊنٽ)، الهه ڏنو شيخ (تعليم کاتو)، رسول
بخش ابڙو (ڊپٽي ڪمشنر)، ڊاڪٽر حسن ميمڻ (گولڊ
ميڊلسٽ ۽
LMC جو پرنسپال، سندس زال ڊاڪٽر عذرا ميمڻ به
PMC
جي پرنسپال ٿي)، پروفيسر الهه بچايو پاٽولي،
پروفيسر عبدالقدوس علوي (وائيس چانسلر
NED)،
ڊاڪٽر عبدالرحمان (وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي)،
آخوند شفي محمد مجاور، شوڪت ابڙو، محمد يو، احمد
جپاني، نورمحمد گاجڻي ميمڻ، ولي محمد شيخ، ولي
محمد آخوند، يعقوب ميمڻ........ ڪهڙن جا نالا کڻي
ڪهڙن جا کڻجن جن نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪئي پر ڳوٺ
۾ رهي پنهنجي اولاد کي به تعليم ڏياري، جن نه فقط
سول سروس ۾ پر فوج ۾ به نالو پيدا ڪيو. گذريل
صديءَ جو مسلمان سنڌي گهر ڇڏڻ ۽ خاص ڪري فوج ۾
ڀرتي ٿيڻ کان سست رهيو آهي يا کيس بڻايو ويو آهي
پر اسان جي ننڍڙي ڳوٺ هالا جا فوج ۾ به ڪيترائي
ملندا ۽ ڊاڪٽر گلاب جي ڪلاس ميٽن جا ڀائيٽيا
ڀاڻيجا (الطاف ارباب، نورمحمد ميمڻ وغيره)
برگيڊيئر پوسٽ تائين پهچي ويا آهن.
ڊاڪٽر محمد (گلاب) 1955ع ۾ هالا مان مئٽرڪ، حيدرآباد گورنمينٽ
ڪاليج ڦليلي مان 1957ع ۾ انٽر ۽ 1962 ڌاري
LMC
مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. 1964ع ڌاري سندس
شادي سندس
LMC
جي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر شفيعت جماڻي سان ٿي.
ڊاڪٽر شفيعت جماڻي جو تعلق سکر جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل فيملي سان
آهي. سندس والد صاحب مير محمد جماڻي سنڌ حڪومت ۾
انجنيئر هو. ڊاڪٽر شفيعت سندس ننڍي ۽ پنجن پٽن
(رستم، شبير، ضمير، منير ۽ نظير) بعد اڪيلي ڌيءَ
هئي. منهنجي هالا ڳوٺ جي ڪري نه فقط ڊاڪٽر گلاب
وارن سان ڄاڻ سڃاڻ رهي آهي پر ڊاڪٽر شفيعت جي
فيمليءَ سان پڻ 1960ع کان ويجهڙائي رهي آهي، جو
ڊاڪٽر صاحبه جو هڪ ڪزن شوڪت جماڻي منهنجو ڪلاس ميٽ
هو ۽ سندن والد صاحب جا منهنجي والد سان دوستاڻا
تعلق هئا ۽ شوڪت جماڻيءَ جي ڪري ڊاڪٽر صاحبه جي ٻن
ڀائرن شبير جماڻي ۽ منير جماڻيءَ سان پڻ دوستي
رهي. ڊاڪٽر صاحبه جي مڱڻي وقت به اتفاق سان آئون
خيرپور ۾ شوڪت جماڻيءَ وٽ رهيل هوس ۽ شاديءَ وقت
هالا ۾ هوس. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ شادي هالا جي
گولڊن
event
هئي.
شادي بعد ڊاڪٽر محمد (گلاب) ۽ ڊاڪٽر شفيعت مختلف شهرن ۾ نوڪري
ڪندا رهيا. خيرپور، لاڙڪاڻو، سکر، ٺري ميرواهه،
ڪنڊيارو، پنوعاقل وغيره. کين چار ٻار ٿيا وڏو
فاروق ان بعد فواد، فيصل ۽ آخري فراز. فاروق ۽
فراز لاس اينجلس ۾ رهن ٿا، جتي سندن ڪمپيوٽر ۽
سافٽ ويئر جو بزنيس آهي. فيصل ڪراچي ۾ پنهنجي مامي
نظير ۽ مامي سلميٰ سان گڏ رهي ٿو، جيڪا سندس والد
ڊاڪٽر گلاب جي ڀيڻ هجڻ ڪري پڦي به ٿئي.
زندگيءَ جا آخري ڏينهن فيصل جا والدين ۽ ڀاءُ فواد پڻ لاس
اينجلس ۾ هئا. 9 آڪٽوبر 1996ع تي ڊاڪٽر شفيعت
ڪئنسر جي بيماري ۾ وفات ڪئي. دفن لاءِ سندس لاش کي
ڪراچي آندو ويو. آئون انهن ڏينهن ۾ پاڪستان هوس.
پنهنجي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي سان گڏ عذر خواهي لاءِ
اسين ڊاڪٽر گلاب جي گهر آياسين. سندس شاديءَ بعد
ساڻس منهنجي هيءَ پهرين ملاقات هئي. ڊاڪٽر صاحب کي
پنهنجي ساٿيءَ جي وڇوڙي اهڙو صدمو رسايو جو دل جو
مرض وٺي ويٺو. هو سٺ واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾
هوته 21 آڪٽوبر 2000ع تي سندس دل جي اوچتي بيهڻ
Heart Attack ڪري هيءَ فاني دنيا ڇڏي پنهنجي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو.
ڊاڪٽر صاحب زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ علاج
هيٺ هو. سندن وفات جي ڏکوئيندڙ خبر مون کي فون
ذريعي اقبال ترڪ ٻڌائي، جنهن جو گهر ڊاڪٽر صاحب جي
گهر سامهون آهي. آئون انهن ڏينهن ۾ پنهنجن جهازي
دوستن وٽ ملائيشيا آيو هوس. انهن ڏينهن ۾ ڏور اوڀر
جي لڳندڙ قهريلي طوفاني
Typhoon xangasane ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ راڱا ڪري رکيا هئا. سخت تيز هوائون
۽ سامونڊي وڏيون ويرون فلپين جي ڪناري وارن ڳوٺن
کي تباهه ڪري رهيون هيون. طوفان جي اک جيتوڻيڪ
ملائيشيا (ڪوالالمپور) کان پري هئي پر تڏهن به ان
جي اثر ڪري ملائيشيا ۾ ڏينهن رات بارش هلي رهي هئي
۽ جتي ملائيشيا جو عوام وسڪاري جو مزو وٺي رهيو هو
اتي منهنجا جهازي دوست جن جا جهاز طوفان واري
سامونڊي علائقي ۾ تڳي رهيا هئا، سخت پريشان هئا ۽
اها اهڙي ئي هڪ آڪٽوبر جي 31 تاريخ هئي، جڏهن ان
ٽائفون (طوفان) جو ڀرپور اثر راڪاس وانگر سامونڊي
دنيا جي ماڻهن ۽ انهن جي بتيلن کي ڳڙڪائي رهيو هو.
مون اهو سوچيو به ڪونه ٿي ته ان جو ٻک جهاز ۽ سمنڊ
جي دنيا سان واسطو رکندڙ ته ٿيندا پر اهو اسان جي
ڊاڪٽر گلاب جي ڏکويل ڪٽنب کي وڌيڪ جهوري ويندو.
پيءُ جي ڪفن دفن جون رسمون پوريون ڪرڻ لاءِ لاس
اينجلس کان ڪراچي آيل سندس پٽ افواد واپس آمريڪا
ويندي تائيپي (تائيوان) هوائي حادثي جو شڪار ٿي
ويندو. ڪنهن ٿي سوچيو ته سنگارپور ايئر لائينس
SIA
جي بدنصيب فلائيٽ
SQ006
جي مسافرن مان هڪ اسان جي ڳوٺائي ڊاڪٽر گلاب جو
فرزند افواد ميمڻ به هوندو، جنهن جي انتظار ۾ سندس
زال ۽ ٻه ٻار ۽ ڀائر فاروق ۽ فراز لاس اينجلس ايئر
پورٽ تي راهون نهاري رهيا هوندا.
فلائيٽ
SQ006
بابت ڪجهه سٽون
سنگاپور جيتوڻيڪ هڪ ٻيٽ نما ملڪ آهي پر هتي جا ماڻهو پنهنجي هر
شيءِ صحيح رکڻ ۾ دنيا ۾ مشهور آهن. هتي جي حڪومت
جو نظام ڏسو، تعليمي ادارا ڏسو، ايڪانامي جو سسٽم
ڏسو هو هر شيءِ ايمانداري ۽ محنت سان ڪن ٿا، جيئن
سندن ملڪ سنگارپور خوش حال هڪ طرف رهي ۽ ٻئي طرف
هنن جي بدنامي نه ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور
دنيا جي صاف سٿرن ملڪن مان آهي، بلڪه
Mr.Clean
سڏيو وڃي ٿو. سندن ريلوي جو نظام ۽ ميڊيڪل سهولتون
اهڙيون آهن جو يورپ ۽ آمريڪا جا به سنگاپور کي
مڃين ٿا. سنگاپور جو بندرگاهه توڙي جهاز دنيا ۾
بهترين سڏيا وڃن ٿا. اهڙي طرح هن ملڪ جو هوائي اڏو
۽ هوائي ڪمپني ”سنگارپور انٽرنيشنل ايئر لائينس“
SIA
جا هوائي جهاز آهن، جن جو وقت جي پابندي تي هلڻ،
صفائي ۽ سهوليت، سڀ کان وڏي ڳالهه سيفٽي جي خيال
کان دنيا ۾
best
آهن. سندن هن 400-474 جمبو جيٽ جو تائيوان جي
هوائي اڏي چيانگ ڪائي شيڪ تي حادثو 28 سالن ۾
پهريون حادثو هو نه ته هوائي جهاز جي انجڻ جي
ٽيڪنيڪل غلطين کان انساني ڪوتاهين
Human Error
تائين هن هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهازن جو ڪڏهن به
حادثو نه ٿيو، ان ڪري ويندي ملائيشيا، ٿائيلينڊ،
فلپين ۽ انڊونيشيا جهڙن پاڙيسري ملڪن جا ماڻهو به
پنهنجي ايئرلائين جي هوائي جهازن ۾ سفر ڪرڻ بدران
سنگارپور جي هوائي جهازن کي ترجيح ڏين ٿا. سنگاپور
جي هن بدنصيب اڏام جنهن ۾ 160 کن مسافر ۽ 20 عملي
جا ماڻهو هئا، کي هلائڻ لاءِ ٽي پائلٽ هئا: 43
سالن جو فونگ چي ڪونگ، 38 سالن جو لطيف ڪائرانو ۽
40 سالن جو خينگ ۽ ٽئي قابل پائلٽ هئا، جو هنن کي
ان هوائي جهاز کي دنيا جي پٺئين پاسي (يعني پئسفڪ
سمنڊ پار ڪرائي) آمريڪا جي اولهه واري رياست
ڪئليفورنيا جي لاس اينجلس هوائي اڏي تي وٺي وڃڻو
هو ۽ رستي تي سواءِ هونولولو (هوائي ٻيٽ جي هوائي
اڏي) جي باقي سفر سمنڊ جي مٿان ڪرڻو هو. يعني
جيڪڏهن رستي تي جهاز خراب ٿي پوي ته ڪٿي به لهي
نٿو سگهي ۽ ائين به نه هو ته ڪي پائلٽ تائيوان جي
هن اڏي کان اڻ واقف هئا. هو ڪيتري عرصي کان هفتي
جي هن ساڳي ڏينهن ۽ وقت تي سنگارپور جي
SIA
ڪمپني جي جمبو جهاز کي سنگارپور کان تائيپي
(تائيوان) ۽ تائيپي کان لاس اينجلس ۽ اتان واپس
سنگارپور وٺي آيا ويا پئي پر ان ڏينهن ان هوائي
جهاز ۽ ان ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جي اجل جي قضا اچي
بيٺي هئي جو حالتون اهڙيون پيدا ٿي پيون جو دنيا
جو هي بدنام حادثو ٿي پيو، جيڪو ٿوري ڌيان ڏيڻ سان
ٽري سگهيو ٿي. هن حادثي لاءِ
Human Error
يعني انساني غلطي جي عمل دخل کي وڌيڪ سمجهيو وڃي
ٿو، جنهن جو ڏوهه ڪي جهاز جي پائلٽن تي هڻن ٿا ته
ڪي هوائي اڏي جي عملي تي جن جهاز جي پائلٽن جي
صحيح طرح رهنمائي نه ڪئي ۽ اهي سڀ ڳالهيون موسم جي
خرابيءَ ڪري پيدا ٿيون.
انهن ڏينهن ۾ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ لڳندڙ طوفان
xangsane Typhoon
جو اثر ان وقت پوري جوش سان تائيوان ۾ شروع ٿيو
جڏهن سنگاپور جي هن اڏام جو تائيوان ڇڏي لاس
اينجلس لاءِ اڏامڻ جو وقت ويجهو ٿي رهيو هو. هن
اڏام ۾ سڀ کان گهڻا مسافر تائيوان جا (55 کن) هئا
۽ ٻئي نمبر تي آمريڪا جا 47، سنگاپور جا 11 ڄڻا،
ميڪسيڪو جا 8، ملائيشيا جا به 8، انڊيا جا 11،
نيوزيلينڊ، ٿائيلينڊ، جپان، ويٽنام، آسٽريليا ۽
ٻين ملڪن جا پڻ هڪ ٻه هئا ۽ انهن ۾ اسان جي ڳوٺ جي
ڊاڪٽر گلاب جو پٽ افواد هو، جيڪو پنهنجي پيءُ جي
پٿر ي ڏهو گذاري هاڻ هن اڏام ذريعي واپس لاس
اينجلس وڃي رهيو هو جتي سندس گهر ٻار هو، جتي سندس
بزنيس هو. فاروق ڪراچي کان سنگارپور پهتو، جتان هن
سنگاپور ايئر لائينس جي هن اڏام
SQ006
واري هوائي جهاز ذريعي سفر جي پهرين منزل تائيوان
پهتوهو. ڪجهه دير تائيوان ۾ ترسڻ بعد جهاز کي رات
جو يارهين وڳي (لوڪل ٽائيم 31 آڪٽوبر 2000ع)
تائيوان ايئر پورٽ ڇڏنو هو.
جنهن وقت جهاز کي تائيوان جو هوائي اڏو ڇڏڻو هو، ان وقت بارش ۽
طوفاني هوائون پوري اوج تي هيون. هوائي اڏي جي
آفيس جي چوڻ مطابق ان وقت ڪراس
Winds
جي رفتار
50 kph
جي لڳ ڀڳ هئي. دنيا جي ڪجهه هوائي اڏن ويندي
آمريڪا ۾ به اهو قانون آهي ته اهڙي خراب موسم ۾
هوائي اڏو بند ڪيو وڃي ٿو ۽ هوائي اڏي جي عملي
طرفان هوائي جهاز جي اڏام تي پابندي وڌي وڃي ٿي پر
دنيا جا ڪيترائي ملڪ آهن، جن ۾ تائيوان به هڪ آهي،
جتي اهو
Option
جهاز جي پائلٽ کي مليل آهي ته خراب موسم ۾ جيڪر هو
ست ساهي سگهي ٿو ته ڀلي نڪري پر جي نه ته ترسي پوي
جيسين موسم بهتر محسوس ڪري (جنهن ڳالهه لاءِ هن کي
آفيس طرفان نه داد نه دڙڪو ڏنو ويندو) پر اڄڪلهه
ڪمرشل اڏامن جو پاڻ ۾ مقابلو هجڻ ڪري، پئسينجرن جو
شيڊيول خراب ٿيڻ ڪري ۽ هوائي اڏي تي ٽريفڪ جئم ۽
delay
جي ڊپ کان ۽ ڪجهه ڪجهه پائلٽن جي پنهنجي پڪي
اعتماد ڪري هنن ههڙي موسم ۽
visibility
۾ تائيوان جو هوائي اڏو ڇڏي
لاس اينجلس، وقت تي پهچڻ لاءِ، مقرر ڊپارچر ٽائيم
تي نڪرڻ ۾ وڌيڪ بهتري سمجهي.Visibility
لاءِ چيو وڃي ٿو ته 500 ميٽر به ڪا مس هئي، يعني
سامهون اڌ ميل جي فاصلي تي ٻرندڙ بلب به نظر نٿي
آيو.
تائيپي جي هن ”چيانگ ڪائي شيڪ“ ايئر پورٽ تي جهازن جي اڏامڻ
Take off
لاءِ ٻه رن وي آهن، جن تان اسپيڊ ۾ جهاز ڊوڙي مٿي
چڙهي ٿو. هي ٻئي رستا
Run ways
هڪ ٻئي جي ڀرسان
Parallel
آهن، يعني ٻئي اتر-ڏکڻ وهن ٿا. بهرحال اها ڪا اهڙي
ڳالهه ناهي، ڪيترن ئي ايئرپورٽن جا رن وي
Parallel
ٺهيل آهن. هتي منجهائيندڙ ڳالهه البت اها آهي ته
هنن رستن
runways
جا نالا هڪ جهڙا لڳن ٿا، جيئن ته هڪ
O5L
آهي ۽ ٻئي جو نالو
O5R
آهي. ڪنٽرول ٽاور وارن جو چوڻ آهي ته هنن پائلٽ کي
O5L
واري رن وي تان ٽيڪ آف ڪرڻ لاءِ چيو. پوءِ ٿي سگهي
ٿو پائلٽ صحيح نه سمجهيو هجي يا اڻ چٽي روشني ۾ هن
جي نظر جيئن ئي
O5R
لکيل بورڊ تي پيئي ته هن ان کي ئي صحيح رستو
سمجهي، ان تي ڌوڪي ويو، جيڪو ميل ڏيڍ اڳيان مرمت
هيٺ هو ۽ جنهن کي ٺاهڻ لاءِ هيوي گاڏيون، ٽرڪون،
ٽراليون ۽ ڪرينون بيٺيون هيون. پائلٽ ٽيڪ آف ڪرڻ
لاءِ جيئن ئي جهاز کي تيز رفتار ۾ ڪاهيو، ڪرينن
سان لڳي ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ سچي جهاز کي باهين جا مچ
وڪوڙي ويا. ظاهر آهي لهڻ وقت کڻي تيل
Fuel
گهٽ به هجي پر هن وقت ته جهاز روانو ٿي رهيو هو سو
به هڪ وڏي سفر تي، دنيا جي ٻي ڪنڊ ڏي. سو تيل سان
جهاز جون ٽئنڪون ٽٻ هيون. هن حادثي ۾ 70 مسافر ۽
چار عملي جا ماڻهو سڙي ويا، اهڙا 80 کن زخمي ٿيا.
جهاز ائين ٽٽو جيئن ڪو بم ڦاٽي ۽ ٽٽڻ بعد کيس باهه
وڪوڙي ويئي. هاءِ آڪٽين پئٽرول جي اهڙي باهه جيڪا
سخت مينهن ۾ به ڪا دير ڄڀين سان ٻرندي رهي.
تائيوان جي تائيپي ايئر پورٽ
CKS
(چيانگ ڪائي شيڪ ايئر پورٽ) تي سنگاپور جي
SQ006
اڏام جي هن جمبو جيٽ جي حادثي بعد اخبارن، رسالن ۽
انٽر نيٽ تي عام ماڻهن توڙي
Aviation(هوائي
جهازن جي دنيا) سان واسطو رکندڙن جو وڏي عرصي
تائين بحث مباحثو هلندو رهيو. ڪنهن ٿي سوچيو ته
سنگاپور ايئر لائينس جهڙي هوائي ڪمپني جيڪا
هيستائين ايشيا جي نه پر دنيا جي باحفاظت
Safest
ڪمپني سڏي وئي ٿي، جيڪا ڪمائيءَ جي لحاظ کان،
مسافرن سان ڀريل اڏامن کان، وقت جي پابندي کان ۽
سڀ کان وڏي ڳالهه سلامتيءَ جي خيال کان ٽاپ جي
ڪمپني هئي، ان جا تجربيڪار پائلٽ جن جي اڏام جو
مدو يارهن هزار ڪلاڪن کان به مٿي ٿي ٿيو، جيڪي ڏهه
دفعا هن ايئر پورٽ تي پنهنجا جهاز لاهي ۽ چاڙهي
چڪا هئا، اهي اهڙيون غلطيون ڪري وهندا، جيڪي
آسانيءَ سان
avoid
به ٿي سگهيون ٿي. ڪٿي ائين ته نه آهي ته غرور
انسان کي پٽ تي ڪيرائي ٿو! هو ڇا چوندا آهن ته
”تڪبر ڪنڌ ڀر“
Titanic
(ٽائٽئنڪ) پاڻي واري جهاز سان به اهوئي ته حشر ٿيو
هو. وڏي خرچ سان جڏهن ٽائٽئنڪ جهاز ٺهي راس ٿيو هو
ته ان جي ٺاهيندڙ انجنيئرن وڏي واڪ اهو
Claim
ڪيوهو ته
Cork Can sink Titatic Cannot
يعني بوتل جو ٻوڄ (جيڪو
Cork
جهڙي هلڪي ترين ڪاٺ مان ٺهي ٿو ۽ ڪيڏو به زور
لڳائڻ تي پاڻي اندر نٿو وڃي ۽ پاڻيءَ مٿان ترندو
رهي ٿو) اهو ٻڏي سگهي ٿو پر ٽائٽئنڪ هرگز نه. ۽
واقعي هنن جي ڳالهه ته صحيح هئي. قدرت سڀ کان
پهرين هنن جي دماغ ۾ اها
idea
وڌي ۽ هنن مالڪن کان وڏو خرچ ڪرائي هن جهاز ۾
Ballast
ٽانڪيون ٺاهيون جيئن امير ترين ماڻهن لاءِ جن سهڻن
جهازن ۾ دنيا جو سير به ڪرڻ چاهيو ٿي ساڳي وقت
جهاز ٻڏڻ ۽ مرڻ جو خوف به پنهنجي دماغ ۾ سوار ڪرڻ
نٿي چاهيو، پر سڪون سفر ٿي سگهي. دنيا جو هي
پهريون جهاز ٺهيو هو، جنهن کي واقعي جي اونڌو ڪري
سمنڊ ۾ ٽٻي ڏيارجي ته به ٻاهر نڪري اچي. گولي يا
توب جو گولو ته ڇا بم هڻجي ته به جهاز جي ان هنڌ
تي سوراخ ٿي پوندو ۽ اهو حصو سمنڊ جي پاڻيءَ سان
ضرور ڀرجي ويندو پر جهاز هرگز نه ٻڏندو. ان کان
علاوه هر جهاز وانگر هن جهاز تي مسافرن مطابق
ٻيڙيون
Life Boats
پڻ موجود هيون، جن ۾ چڙهي هر مسافر پنهنجي جان
بچائي سگهيو ٿي ۽ بقول سنڌي شاعر ۽ سوجهرو رسالي
جي ايڊيٽر، تاج بلوچ جي، موت کي آڱوٺو ڏيکاري
سگهيو ٿي پر هو ڇا چوندا آهن ته رٿون سڀ رهن، اڻ
رٿون آڏو اچن، سمنڊ ۾ ترندڙ برف جي ڇپ، ٽائيٽئنڪ
جهاز جي پاسي کي اهڙو ته رهڙي ويئي جو لوهي جهاز
جو سڄو پاسو نڪري ويو ۽ جهاز يڪدم ٻڏي ويو. مسافرن
کي ٻيڙين ۾ چڙهي جان بچائڻ جو به وقت نه مليو ۽ جن
کي مليو انهن کي اها خبر نه پئجي سگهي ته ٻيڙيون
آهن ڪٿي؟ ڇو جو جهاز ۾ چڙهڻ وقت هر هڪ ايڏو حد کان
وڌيڪ پر اعتماد هو ته جهاز نه ٻڏندو؟ جو هنن اهو
به نه ڪيو ته ٻيڙيون کڻي ڏسجن.
اهڙي طرح، سنگاپور ايئر لائينس جي ايم ڊي (چيئرمئن) مسٽر چيانگ
جيڪو ائڪٽر به رهي چڪو آهي، سابق پروفيسر آف
مئٿيمئٽڪس ۽ 1984ع کان سنگارپور جي هن ايئر لائين
جو ايم ڊي آهي، نيوزيلينڊ ۾ تقرير ڪندي چيو ته
اسان جي ڪمپني ڪمائي توڙي سلامتيءَ ۾ هميشه اڳيان
اڳيان رهندي. پورن چئن ڏينهن بعد، ٽانءَ ڀريو
سومبر چيانگ 82 مسافرن جي فيملين کان معافي وٺندو
نظر آيو. هي مسافر سنگاپور ايئر لائينس جي بدنصيب
اڏام
SQ006
جا هئا، جيڪي اجل جو شڪار ٿي ويا. ”منهنجي خيال ۾
ان ۾ ڪا اهڙي قباحت ناهي جو اسان حقيقتن کي
لڪايون“. چيانگ چيو ”اهي اسان جا ئي پائلٽ هئا.
اهو اسان جو ئي جهاز هو. هن کي ان رن وي تي نه وڃڻ
کتو ٿي. هن حادثي جي جوابداري اسان پنهنجي سر تي
قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“
سنگاپور جي هوائي ڪمپنيءَ پهرين اهو مڃڻ کان گريز ڪئي ته هنن جو
جهاز غلط رن وي تي هليو ويو هو پر پوءِ جيئن ئي
تائيوان وارن ان ڳالهه جا ثبوت پيش ڪيا ته سنگاپور
ڪمپنيءَ جي چيئرمئن مسٽر چيانگ پنهنجي جهاز جي
پائلٽ جي غلطي قبول ڪئي ته هو واقعي ان رستي ڏي
هليو ويو هو، جتي موت هنن جي اوسيئڙي ۾ هو. ملڪ جي
اڳوڻي وزيراعظم ۽ هاڻ سينيئر وزير لي ڪئان يو قوم
کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو جهنڊو بلند ڪرڻ واري
هوائي ڪمپني
SIA
جي جهاز جي حادثي مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. هن وڌيڪ
چيو ته :
“We can be demoralized or we can, let over come,
let’s press on, make sure it doesn’t happen
again.”
سنگاپور ايئر ڪمپني انهي وقت هر مسافر کي پنهنجي طرفان 25000
ڊالر ڏنا ۽ ان بعد وفات ڪري ويل هر هڪ مسافر جي
وارثن کي چار لک ڊالر
Compensation
طور ڏنا. جيتوڻيڪ بين الاقوامي قانون مطابق جيڪو
Warsaw Convention
۾ فيصلو ڪيو ويو هو، هر مسافر جي وارثن کي فقط
75000 ڊالر ڏيڻا هئا. ان کان علاوه زخمي مسافرن جي
علاج ۽ اسپتالن ۾ رهڻ جو سڄو خرچ سنگاپور جي قومي
هوائي ڪمپنيءَ ڀري ڏنو. جيتوڻيڪ مسٽر چيانگ اهو به
چيو ته هن حادثي ۾ ٻيون ڳالهيون
Factors
به شامل ٿي سگهن ٿا. ”ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته
ههڙا قابل ۽ تجريبڪار پائلٽ اهڙي معمولي غلطي ڪري
ويهن جيڪا هڪ نئون ۽ سيکڙاٽ پائلٽ به نٿو ڪري.“
بهرحال ڪنهنجو به ڏوهه هجي، ان پويان ڇا به ڳجها هٿ يا ڳالهيون
هجن، جن جا ننگ هن حادثي ۾ هميشه لاءِ هن جهان مان
هليا ويا، انهن لاءِ ته ڄڻ قيامت ٿي ۽ هي ڏک ۽
صدمو وڏي عرصي تائين هنن جي دلين تي کاٽ هڻندو
رهندو.
اسان جي ڳوٺ هالا جي ڊاڪٽر محمد (گلاب) ۽ سکر جي ڊاڪٽرياڻي
شفيعت جماڻيءَ جي سهڻي پٽ افواد جو لاش کڻڻ لاءِ
آلين اکين سان سندس مامي جو پٽ ڊئوڊ تائيوان آيو.
لاس اينجلس (آمريڪا) جتي افواد ميمڻ ۽ سندس فيملي
رهي ٿي، اتي سندس مامي ضمير جماڻي جو پٽ ڊئوڊ پڻ
رهيو ٿي. هو لاس اينجلس کان تائيپي (تائيوان) پهتو
۽ افواد جي لاش کي پاڪستان آڻڻ بدران واپس لاس
اينجلس ڪفن دفن لاءِ کڻي آيو، جتي مرحوم جي گهر
واري ۽ ٻه ٻار رهن ٿا ۽ پيءُ وانگر هو به آمريڪن
سٽيزن آهن.
واشنگٽن ڇڏيندي ڇڏيندي
واشنگٽن (آمريڪا جي گادي واري شهر) ۾ منهنجو ٽي چار دفعا (هر
ڀيري هفتو يا ڏهه ڏينهن کن) منور جي فلئٽ ۾ رهڻ
ٿيو پر ساڻس ملاقات هفتي ۾ ڪو هڪ ڏينهن مس ٿي ٿي
سو به صبح جي وقت نيرن تي. هن جو گهڻو وقت آفيس ۾
يا وائيٽ هائوس اڳيان مظاهرن ۾ يا ڪئپيٽل بلڊنگ ۾
ڪانگريس مين ۽ سينيٽرن سان ملندي ٿيو ٿي يا وري
يڪو هفي ٻن لاءِ ڪئناڊا گم هوندو هو. جتي سندس
انسٽيٽيوٽ جي برانچ آفيس کلي آهي. منور هر دفعي
معافين جا ڍڳ وٺندو هو ته هو مون کي ڪيڏانهن نه
گهمائڻ وٺي ويو آهي ۽ نه وري مون کي انٽرويو ڏيڻ
لاءِ وقت ڪڍي سگهيو آهي. پر سچ اهو آهي ته منور جو
ڪمرو منهنجي لکڻ پڙهڻ لاءِ
ideal هو جتي جهاز جي ڪئبن وانگر مون کي ڪنهن به ڊسٽرب نٿي ڪيو ۽
آمريڪا جي سفرنامي جو وڏو حصو اتي لکي ورتم.
آخري دفعو واشنگٽن آيس ته هڪ ڏينهن صبح ساڻ منور مون کي گهمائڻ
لاءِ وٺي هلڻ جو اعلان ڪيو. ”سائين معاف ڪجو.
توهان به ڇا سوچيندا ته آئون توهان کي هڪ ڏينهن به
واشنگٽن کان ٻاهر وٺي نه هليو آهيان.“
”اها توهان جي مهرباني آهي جو مونکي آزاد ڇڏيو اَٿوَ ۽ هيڏانهن
هوڏانهن رلايو نٿا.“ مون کلندي چيومانس.
”تڏهن به توهان کي بالٽيمور يا فلڊلفيا گهمائي اچان.“ منور چيو.
”توهان تڪلف نه ڪريو ۽ پنهنجي ڪم سان رهو. مون لاءِ گهمڻ کان
وڌيڪ لکڻ آهي جنهن لاءِ هتي سڪون وارو ماحول آهي.“
”نه. اڄ توهان کي هر صوت ۾ گهمائڻ وٺي ٿو هلان. آفيس مان به
موڪل ڪئي اٿم. ڪئناڊا کان حميرا رحمان آيل آهي. ان
کي به سڏايو اٿم. اجهو ته آئي. گهڻو پري نٿا هلون
هتي ڀرواري رياست ورجينيا ۾ هلون ٿا.“ منور چيو ۽
آئون ڪجهه جواب ڏيان ان کان اڳ هن پڇيوِ: ”توهان
ڪڏهن غارون ڏٺيون آهن؟“
”ها يار.“ مون وراڻيومانس، ”ملائشيا ۾ ته جيڪو به مهمان ايندو
هو ان کي اتي جي باتو غار ۾ وٺي ويندو هوس. جپان ۾
فڪوشيمان جون ابوڪومان غارون، انگلنڊ جون ووڪي هول
غارون. . . . هر غار ۾ مون کي ٻه شيون نظر آين. هڪ
آمريڪن ۽ ٻيو چمڙا ۽ انهن جون پولڙيون ۽ مُٽ جي
ڌپ!“
”پر هي جيڪي غارون ڏيکارڻ لاءِ هلان ٿو انهن ۾ آمريڪن ته جام
نظر ايندا پر نه چمڙا هوندا ۽ نه انهن جي ڌپ.“
منور چيو.
”بهرحال ڊرائيونگ دوران توسان ۽ حميرا سان به خبر چار ٿي ويندي
هتي تنهنجي فلئٽ ۾ رهندي به تنهنجو نه منهن ٿو
ڏسجي نه خبر چار ٿي ٿئي.“ مون چيومانس.
ايتري ۾ حميرا در جو بيل وڄايو ۽ اسان پنهنجا سفري ٿيلها کڻي
ٻاهر نڪتاسين. هونءَ ته هي غارون ڏسڻ لاءِ آئون
ڪنجهندو ۽ ڪرڪندو نڪتس ته اونداهيون ۽ چمڙن جي
بدبوءِ واريون غارون ڏسي بور هڪ طرف ٿبو ته وقت ۽
پيٽرول جو زيان ٻئي طرف ٿيندو پر اتي پهچي خبر پئي
ته منور اسان کي هڪ عام غارون نه پر دنيا جون
قديمي ۽ بيحد مشهور
Luray غارون ڏيکارڻ آيو آهي جن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو آمريڪا جي
هن رياست ورجينيا ۾ هلي اچن ٿا. مون به هنن غارن
بابت ڳالهيون ۽ تصويرون اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ
پنهنجي والد صاحب گل محمد شيخ کان ٻڌيون ۽ ڏٺيون
جڏهن هو
1955ع
ڌاري ائگريڪلچر سائنس ۾ آمريڪا جي ڪارنيل
يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد واشنگٽن،
ورجينيا ۽ ٽيڪساز ۾ ڪجهه عرصو رهي وطن وريا هئا ۽
آئون پنجين ڪلاس ۾ هوس. مون کي اڄ به ياد آهي ته
آئون ڪيڏي غور ۽ حيرت مان پنهنجي پيءُ جي واتان
هنن زمين دوز
(Under ground)
غارن جي قدرتي ٿنڀن
stalactites
۽
Stalagmites
جي ٺهڻ
(formation)
بابت ٻڌندو هوس. اڳتي هلي نه فقط مئٽرڪ ۾ آپشنل
سبجيڪٽ جاگرافي کنيم پر مئرين اڪيڊمي ۾ پڻ جاگرافي
منهنجو دلپسند سبجيڪٽ رهيو. ان دوران هڪ دفعي
نئشنل جاگرافڪ مئگزين ۾ پڻ هنن غارن
Luray Cavern تي ڪيترن ئي رنگين تصويرن سميت مضمون ڇپيو هو.
ان ڏينهن اسين صبح ساڻ منور جي واشنگٽن جي ڏکڻ اولهه
SW
جي ستين گهٽي واري فليٽ مان
L’Enfant Plaza
وٽان نڪتاسين. سفر جي سلامتي جي دعا بعد اها به
دعا گهريسين ته هيءَ گريس پيرڊ ۾ هلندڙ منور جي
جهوني جڳ جي ڪار جنهن جي انجڻ جي آواز مان لڳندو
آهي ته آخري پساهن ۾ آهي ۽ باقي سندس ڍانچي_ چيسز،
مڊگارڊ، بمپر، دروازن ۽ ٻين عضون جي ڪنجهڪي مان
ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شاهه جي شعر جي سٽ ”جانب
منهنجي جيءَ کي آزار جا انواع“ پئي ورجائي، اسان
کي اڳتي وٺي ته وڃي پئي پر شل اهڙي ئي سلامتيءَ
سان واپس به پهچائي. انجنير يعني انجڻين جي واقفيت
هجڻ ناتي اهو وڏو ذهني عذاب رهي ٿو ۽ جتي عام
ماڻهو ڀڳل ۽ گئرنٽي ختم ڪارن ۽ بسين ۾ به سڪون سان
سفر ڪري وڃن ٿا اتي مشينن جي سرسراهٽ ۽ اڻ پسند
آوازن جي ڄاڻو مستري، مڪينڪ توڙي انجنيئر کي اهو
سفر موت جي گولي جو سفر لڳي ٿو. ۽ اهڙي ڪار ۾ ويهي
اسان کي منور اڃان به وڌيڪ ڊيڄاري ڇڏيو جڏهن هن
اعلان ڪيو ته هو نه فقط اسانکي لوري غارون
ڏيکاريندو پر شينندوح
(Shenandoah)
نئشنل پارڪ به وٺي هلندو جيڪو سطح سمنڊ کان خبر
ناهي ڪيترا هزار فوٽ مٿي آهي. مون ٽيڏي اک سان
حميرا ڏي ڏٺو، جنهن جي چهري تي پڻ منور جي ان
ٽارزن ٽائيپ جملي ٻڌڻ بعد ٽينشن جون ريکائون اڀري
آيون. آئون چپ ٿي ويس ۽ خاطري سمجهيم ته منور
جيڪڏهن ان قسم جو هرڪيولس واري ڪم جي شروعات ڪئي
ته مون کان اڳ حميرا هن کي ان کي منع ڪندي ۽ کيس
خودڪشي ڪرڻ جو ڪو ٻيو سولو طريقو ٻڌائيندي جنهن ۾
گهٽ ۾ گهٽ اسان مسافرن ۽ عزت ماب مهمانن کي سر جو
سانگو لاهڻو نه پوي. مون انهن ڳالهين تان ڌيان
هٽائڻ خاطر دريءَ مان واشنگٽن جون عمارتون ۽ رستا
ڏسڻ سان گڏ انهن جا نالا به لکڻ لڳس:
_ جيفر سن ميموريل
_ هولوڪاسٽ ميوزيم
_ آمريڪا جو ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ
_ ڪانسٽيٽيوشنل ايونيو
_ پينسلوانيا ايوينيو
_ هوٽل ولرڊ (حميرا ٻڌايو ته هن هوٽل جي لابيءَ مان لفظ
Lobbyst
جڙيو آهي.)
_ هوٽل واشنگٽن. . .
ٻه لفظ جيفرسن ميموريل تي لکڻ بي محل نه ٿيندو. واشنگٽن جي
جيفرسن ميموريل عمارت آمريڪا جي ٽئين صدر ٿامس
جيفرسن جي نالي منسوب ٿيل آهي. هيءَ عمارت واشنگٽن
وٽان لنگهندڙ پوٽومئڪ نديءَ جي ڪناري تي اولهه
پوٽو مئڪ پارڪ ۾ ٺهيل آهي.
1930ع
تائين واشنگٽن ۾ فقط ٻن آمريڪي صدرن ابراهام لنڪن
۽ جارج واشنگٽن جا يادگار ٺهيل هئا. پوءِ ان وقت
جي صدر فرئنڪلن روزويلٽ سوچيو ته هڪ ٻيو يادگار
ٿامس جيفرسن نالي به هجڻ کپي سو
1934ع ۾ ڪانگريس مان ان جي منظوري حاصل ڪيائين ۽
13
اپريل
1943ع
تي جيفرسن جي
200
يوم پيدائش جي موقعي تي عوام لاءِ کوليو ويو. هيءَ
يادگار عمارت جنهن پارڪ ۾ ٺهيل آهي اهو جپان جي
”چيري“ وڻن کان به مشهور آهي. جيڪي
1912ع
۾ پوکيا ويا هئا، جيڪي جپان جي بادشاهه آمريڪا جي
عوام کي تحفي طور موڪليا هئا.
يورپ جي يهودين سان جيڪي
1933ع
کان (جڏهن جرمني جي نازي پارٽي جو ليڊر اڊولف هٽلر
حڪومت ۾ آيو) اسرائيل جي کلڻ تائين، ظلم ٿيا انهن
جي ڀوائتي يادگيرين لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾
Holocaust
ميوزيم ٺهيل آهن جيئن ته هالينڊ جي شهر ائمسٽرڊام
۾ ”دي ائني فرئنڪ هائوس“، برلن جرمني ۾
“The Memorial to the Murdered Jews of Europe”
بيلجم ۾ ”دي جيوز ميوزيم آف ڊپورٽينشن“، وغيره.
اهڙِي طرح واشنگٽن شهر ۾ نئشنل مال وٽ
14
۽
15 گهٽي
SW
جي وچ ۾ ”هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم“ آهي.
اسلام آباد جي
Constitution
ايوينيو وانگر آمريڪا جي هن گادي واري شهر واشنگٽن
ڊي سي جو ساڳي نالي وارو ايوينيو پڻ اهم روڊ آهي
جيڪو
U.S. Capital واري عمارت جي اتر ۾ اوڀر کان اولهه طرف وهي ٿو. هن روڊ تي
هفتي جا سمورا ڏينهن گهڻي ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جي پيهه
پيهان رهي ٿي. قومي ڏينهن تي هن روڊ تي پريڊ ٿئي
ٿي.
منور ٻڌايو ته واشنگٽن جي هن روڊ يعني ڪانسٽيٽيوشن ايونيو جو
اصل نالو ”نارٿ
B
اسٽريٽ“ هو. ڪيترن اهم ماڻهن جا جنازا پڻ هن روڊ
تان کنيا ويندا آهن. آمريڪا جي صدر رونالڊ ريگن جو
جنازو پڻ دفن ڪرڻ کان اڳ هن روڊ تان جلوس جي صورت
۾ گذريو هو. توهان واشنگٽن ۾ گهمڻ جي لاءِ آيا
آهيو ته اکيون پوري هن روڊ
Constitution Avenue
تي هليا اچو. توهان کي گهمڻ ڦرڻ ۽ ڏسڻ لاءِ
ڪيتريون ئي شيون ملنديون. جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
نئشنل گئلري آف آرٽس، ويٽنام
Veterans
ميموريل، ڪيترائي سمٿسونين ميوزيم، لنڪن ميموريل،
نئشنل اڪيڊمي آف سائنس، ڪانسٽيٽيوشن گارڊنس وغيره
وغيره. مزي جي ڳالهه اها آهي ته واشنگٽن جا
ڪيترائي ميوزيم، پارڪ، ميموريل، آرٽ گئلريون عوام
لاءِ مفت آهن يعني ڪابه ٽڪيٽ ناهي ۽ توهان فوٽا به
ڪڍي سگهو ٿا.
Constitution
ايوينيو وانگر واشنگٽن جو پينسلوانيا ايوينيو پڻ
هڪ اهم روڊ آهي جيڪو وائيٽ هائوس ۽ يونائيٽيڊ
اسٽيٽس ڪئپيٽال کي ملائي ٿو. وائيٽ هائوس آمريڪا
جي صدر جو
1800
کان سرڪاري رهائش گاهه آهي. آمريڪا جو هر صدر هن
گهر ۾ رهي ٿو. يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪئپيٽال يا فقط
The Capitol
واشنگٽن جي اها عمارت آهي جتي آمريڪا جي چونڊيل
نمائندن (ڪانگريس مين) ۽ سينيٽرن جي گڏجاڻي جا هال
آهن هن عمارت جو سنگ بنياد
1793ع
۾ رکيو ويو هو. ياد رهي ته برطانيا وارن جڏهن
آمريڪن سان
1812ع
۾ جنگ جوٽي هئي ته ان ۾ برطانيا وارن هن عمارت کي
باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.
Pennsylvania
ايونيو کي آمريڪا جي
Main
Street
به سڏجي ٿو ۽ اهم ڏينهن تي هن روڊ تان پڻ جلسا
جلوس ۽ پريڊون گذرن ٿيون. ٽرئفڪ جي لحاظ کان پڻ هي
رستو اهم آهي. جتان ڪيتريون ئي بسون ۽ ريل گاڏيون
لنگهن ٿيون. هي رستو ست ميل کن ڊگهو ٿيندو ۽
واشنگٽن کان اڳتي مئري لئنڊ رياست ۾ به هليو وڃي ۽
هاءِ وي
Maryland Route 4
ٿيو وڃي. پينسلوانيا ايونيو واشنگٽن جي شروع وارن
چند رستن مان هڪ آهي.
1862
کان
1962ع تائين هن روڊ تي ٽرامون هلنديون هيون جيئن ڪراچيءَ ۾
1960ع تائين سعيد منزل کان بولٽن مارڪيٽ تائين ٽرامون هلنديون هيون. اهي ٽرامون
بعد ۾ جيتوڻيڪ انجڻ تي هلڻ لڳيون پر ان کان اڳ
انهن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا.
1995ع
۾ جڏهن اوڪلاهوما سٽي بمبارمينٽ ٿي هئي ته هن رستي
جو ڪجهه حصو جيڪو وائيٽ هائوس اڳيان لنگهي ٿو ان
تان سوارين جو گذر بند ڪيو ويو هو. بهرحال پيدل ۽
سائيڪل سوار لنگهي سگهيا ٿي. يارهين سيپٽمبر
2001ع
کان پوءِ ته اهو ٽڪرو هميشھ لاءِ بند ڪيو ويو آهي
۽ ٽرئفڪ کي
H
اسٽريٽ ۽ ڪانسٽيٽيوشن ايونيو ڏي موڙيو وڃي ٿو.
مٿئين پينسلوانيا ايوينيو تي جيڪا ميٽرو سينٽر اسٽيشن آهي ان
کان ٻه ڪلاڪ اڳتي هتي جي تاريخي ۽ آرامده هوٽل
ولرڊ انٽرڪانٽيننٽل هوٽل آهي. بس سمجهو ته وائيٽ
هائوس ۽ نئشنل مال کان برابر جي فاصلي تي آهي.
هيءَ هوٽل هينري ولرڊ
1850ع
۾ ٺهرائي جنهن جو پهرين فقط ولرڊ هوٽل
Willard Hotel نالو هو. بعد ۾ مالڪن هن هوٽل جا شيئر
1946ع ۾ وڪيا ۽ صحيح انتظام نه رکڻ ڪري
1968ع
۾ بند ڪئي وئي ۽ ويهن سالن بعد ڪورٽ طرفان مقرر
ڪيل نون ڀائيوارن جي انتظام هيٺ هيءَ هوٽل وري
شروع ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ هن جي نالي سان گڏ
انٽرڪانٽيننٽل به ڳنڍيو ويو آهي. هن هوٽل ۾
ڪيتريون ئي اهم شخصيتون رهيون. جپان جا آمريڪا ڏي
ايندڙ پهريان ٽي سفير پنهنجن ستر کن ساٿين سان گڏ
هن هوٽل ۾ رهيا هئا ۽ هنن جو اهو چوڻ هو ته هن
هوٽل جا ڪمرا آمريڪا جي اسٽيٽ سيڪريٽري جي گهر کان
به وڌيڪ سهڻا ۽ آرام وارا آهن. اها
1860ع جي ڳالهه آهي. جڏهن جپان کان پهريون دفعو سرڪاري عملدار آمريڪا ۾ آيا هئا.
هو انهن ڏانهن ۾ پنهنجي قومي لباس مطابق پاڻ سان
سکن وانگر خنجر کڻي هلندا هئا. هنن کي ڏسڻ لاءِ
ڪيترائي آمريڪن شام جي وقت هن هوٽل اڳيان اچي
بيهندا هئا.
واشنگٽن جي هن پراڻي هوٽل
Willard
لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ۾ آمريڪا جو هر هڪ صدر رهيو
آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ڪا ڪانفرنس اٽينڊ ڪئي آهي. ان
ڪري هن هوٽل کي
“The residence of Presidents” به سڏجي ٿو. هن هوٽل جي
16 کن فنڪشن هالن کان علاوه ”رائونڊ رابن بار“ ۽ لابي تمام
مشهور رهي آهي. حميرا رحمان وانگر ڪيترن ئي جو چوڻ
آهي ته انگريزي جو لفظ
Lobbying
هن هوٽل جي لابيءَ مان جڙيو آهي جتي ملڪ جا هوشيار
ماڻهو پنهنجا ڪم منظور ڪرائڻ ۽ فائدا حاصل ڪرڻ
لاءِ ان وقت جي صدر يوليسز گرانٽ سان هن هوٽل جي
لابيءَ ۾ اچي ملندا هئا. بهرحال ان ۾ ڪا گهڻي
سچائي نظر نٿي اچي. ٿي سگهي ٿو اهو لفظ هن هوٽل
بعد مشهور ٿيو هجي پر انگريزي زبان جو فعل
To lobby
هن هوٽل ٺهڻ کان اڳ جي ڪتابن ۾ نظر اچي ٿو.
مارٽن لٿر جي مشهور تقرير
I have a Dream
هن ولرڊ هوٽل جي ڪمري ۾ رهڻ دوران
1963ع
۾ لکي. هن هوٽل ۾ مارڪ ٽوئن، چارلس ڊڪنس، والٽ
وٽمن، ايملي ڊڪنس، جنرل ٽام ٿمب، سئموئل مورس،
هئري هودني ۽ ڊيوڪ آف ونڊسر جهڙا ماڻهو به رهي ويا
آهن. |