سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :11

“Immigrant” ۽ “Non Immigrant” ويزا

دنيا جي ملڪن جا لکين ماڻهو هر سال آمريڪا گهمڻ اچن ٿا. ٻيا وري هتي هميشه لاءِ رهڻ لاءِ اچن ٿا. ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي  آمريڪا ۾ اچڻ کان اڳ ويزا وٺڻي پوي ٿي، جيڪي ٻن قسمن جون آهن. هڪ Non – Immigrant ويزا جيڪا ٿوري وقت لاءِ ٿئي ٿي. يعني انهن ماڻهن لاءِ جيڪي آمريڪا ۾ گهمڻ لاءِ اچن ٿا يا واپار وڙي، تعليم حاصل ڪرڻ يا علاج خاطر اچن ٿا. ٻي Immigrant ويزا سڏجي ٿي، جيڪا آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهڻ لاءِ هوندي آهي. مثال طور آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙ ڪا ڇوڪري (يا ڇوڪرو) ڪنهن ڌارئين ملڪ مان شادي ٿو ڪري ته ان جي مڙس (يا زال)  کي آمريڪا ۾ هميشه رهڻ لاءِ جيڪا ويزا ملندي اها Immigrant سڏجي ٿي.

Immigrant ويزا ملڻ واري کي گهڻو ڪري ڇهن مهينن جو مدو ڏنو ويندو آهي ته هو ان اندر آمريڪا جي ڪنهن به هوائي اڏي تي پهچي پنهنجي پهچ جي رپورٽ درج ڪرائي. ان بعد هن کي مهيني کان ڇهن هفتن اندر ٽپال ذريعي سندس ٻڌايل آمريڪا ۾ رهائش جي ائڊريس تي کيس گرين ڪارڊ ملي ويندو آهي. ان سان گڏ سوشل سڪيورٽيءَ جو  نمبر پڻ. يعني هاڻ هو هميشه لاءِ آمريڪا ۾ رهي سگهي ٿو، نوڪري ڪري سگهي ٿو وغيره وغيره. گرين ڪارڊ وارو به ساڳي حيثيت رکي ٿو، جيڪا پاسپورٽ رکندڙ جي آهي. سواءِ ووٽ ڏيڻ جي. ووٽ فقط اهو ڏئي سگهي ٿو، جنهن وٽ آمريڪا جو پاسپورٽ آهي. بهرحال ٽن چئن سالن بعد گرين ڪارڊ واري کي پاسپورٽ مليو وڃي، جنهن بعد هو چاهي ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي آمريڪا جي Immigrant ويزا ڏياري سگهي ٿو، جيڪا ڪجهه سال اڳ کيس ملي هئي. نه فقط ماءُ پيءُ کي پر پنهنجن مڙني انهن ڀاءُ ڀيڻن کي جن جي عمر 18 سالن کان  گهٽ آهي.

ان ريت آمريڪا ۾ ڪيترائي خاندانن جا خاندان رهيل آهن. خاص ڪري انهن جا وڏا خاندان آهن، جيڪي چاليهه پنجاهه سال اڳ آيا ڇو ته اڳ ۾ آمريڪا ۾ اچڻ اهڙو ڪو ڏکيو نه هو- خاص ڪري ڪئناڊا ۾ ته گذريل صديءَ جي آخر تائين بيحد آسان هو. اڄ به جيتوڻيڪ Immigrant ويزا جو ملڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ هر سال آمريڪا جي حڪومت هڪ مقرر انگ کي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ Immigrant ويزا ڏئي ٿي پر ان ”تعداد“ سان آمريڪا ۾ رهندڙن جي فئملي جو تعلق ناهي. آمريڪا ۾ رهندڙ کي آمريڪا جو پاسپورٽ ملڻ سان هو پنهنجي زال (۽ جي عورت آهي ته پنهنجو مڙس)، ماءُ پيءُ ۽ 18 سالن جي عمر تائين جي  غير شادي شده ڀائر ڀينرن کي گهرائي سگهي ٿو/ سگهي ٿي. آمريڪا جي ويزا بابت حڪومتي پاليسيءَ جو ان ڳالهه ڏي گهڻو Emphasis رهي ٿو ته مائٽ مٽ (فئملي) هڪ ٻئي سان گڏ رهن  ته بهتر.

مائٽن مٽن کان علاوه Immigrant ويزا جن کي ملي سگهي ٿي، ان ۾ هڪ ته اهڙي قسم جا هنرمند اچي وڃن ٿا جيڪي آمريڪا ۾ گهٽ يا اڻ لڀ هجن، بقول آمريڪا حڪومت جي اهي پورهيت جن ۾ Extraordinary ability هجي، ڪن خاص سبجيڪٽن جا پروفيسر، ڪن خاص بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر، ماهر سائنسدان، بين الاقوامي ڪمپنين جا سربراهه يا Executives هجن يا ڪن خاص (Outstanding) ڪمن جي کوجنا ڪندڙ هجن. ان کان علاوه Immigrant ويزا انهن کي به ملي سگهي ٿي، جيڪي وڏا سرمائيدار ۽ ڪارخانن جا مالڪ هجن ۽ هو آمريڪا ۾ اچي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملين ڊالر (يعني گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڪروڙ رپيا) اهڙي واپار ۾ لڳائين جنهن ۾  هو گهٽ ۾ گهٽ ڏهه آمريڪي شهرين کي روزگار مهيا ڪري سگهن. ياد رهي ته هتي جي حڪومت طرفان گهٽ کان گهٽ مزدور يا پورهيت جو ماهانو پگهار ٻه هزار ڊالرن (يعني هڪ لک ويهه هزار رپين) کان مٿي مقرر ٿيل آهي. بهرحال انهن ڳالهين جي سانچي ۾ ڪو ٺهڪي اچي ٿو ته هن کي Immigrant ويزا ملي سگهي ٿي. يعني هن کي گرين ڪارڊ ملي سگهي ٿو. پر اهو آهي ته انهن Catagories لاءِ جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته هر سال هڪ تعداد مقرر ٿيل آهي. ان کان مٿي Immigrant ويزا نٿي ڏني وڃي. پر ان انگ جو تعلق مائٽن ذريعي Immigrant ويزا حاصل ڪرڻ وارن سان ناهي. اهي ڀلي هر سال ڪيترا به ٿي وڃن. بس اهو آهي ته آمريڪا جو شهري ٿي ويل يعني پاسپورٽ ملڻ تي هو پنهنجي زال، ٻارن، ماءُ پيءُ کي گهرائڻ لاءِ صحيح ۽ سمورا ڪاغذ حڪومت جي واسطيدار کاتي کي جمع ڪرائي جهڙوڪ پنهنجي ڪمائي، ڪمائي جو ذريعو، هر سال پياريل ٽئڪس وغيره جن مان حڪومت اندازو لڳائي سگهي ته آمريڪا ۾ پنهنجا مائٽ گهرائڻ واري جي ايتري ڪمائي ۽ رهائش لاءِ گهر وغيره آهي، جتي هو رهي سگهن ۽ هنن جو گذر سفر ٿي سگهي.

بهرحال پنهنجن مائٽن (زال، ٻارن، ماءُ پيءُ وغيره) کي گهرائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو وڪيل جي في افورڊ ڪري سگهي ٿو ته ان ذريعي ڪرائي ته هن لاءِ بهتر آهي جو هو ان ڪم جا ڄاڻو ٿين ٿا ۽ صحيح طرح رهنمائي ڪري سگهن ٿا ۽ فارمن ڀرڻ ۾ غلطيءَ جو امڪان گهٽ رهي ٿو. پر ايترو آهي ته اهو وڪيل يا صلاحڪار سوچي سمجهي ڪرڻ کپي، ڇو ته هتي آمريڪا توڙي پنهنجي وطن ۾ ڪيترائي اهڙا آهن. جيڪي ”پنهنجو پنهنجو“ ڪري پنهنجن جي ئي ٻيڙي ٻوڙين ٿا ۽ پئسو ڦرين ٿا.

هاڻ پاڻ ڪجهه احوال Non Immigrant ويزائن جو ڪنداسين. ”نان اميگرنٽ“ ويزا ۾ ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهڻ جي اجازت نٿي ڏني  وڃي. ٽن مهينن کان چئن پنجن سالن تائين جيتري مدي جي هن کي اجازت ملي ٿي هو اوتري وقت کان مٿي نٿو رهي سگهي. ڪن خاص حالتن ۾ (تعليم، علاج وغيره ۾) درخواست ڏيڻ تي هن جي ويزا جو مدو ٽن چئن مهينن لاءِ Extend ڪيو وڃي ٿو.

نان اميگرنٽ ويزا جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ وزيٽر ويزا (گهمڻ جي ويزا)، اڪيڊمڪ ويزا (تعليم حاصل ڪرڻ جي ويزا) جيڪي شاگرد آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪن ٿا، انهن لاءِ عارضي طور ڪم ڪرڻ (Temporary work) ويزا، ڌارين ملڪن جي سفارتخانن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري آفيسرن (Foreign Government officials) ويزا، وغيره وغيره.

آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو گهمڻ لاءِ يعني Visitor ويزا تي اچن ٿا، جيڪا ”ٽوئرسٽ ويزا“ به سڏجي ٿي ۽ اها پرمٽ (ويزا) سڀ ۾ آسانيءَ سان حاصل ٿيندڙ آهي. هن ويزا تي آمريڪا ۾ ايندڙ کي مهينو، ٽي مهينا يا ڇهه مهينا رهڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. هيءَ ويزا فقط گهمڻ ڦرڻ ۽ مائٽن دوستن سان ملڻ لاءِ ٿئي ٿي. هن ويزا تي ڪنهن کي به آمريڪا ۾ اچي نوڪري يا ڪو Job ڪرڻ جي قانوني موڪل نه آهي. اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو هن ويزا (ٽوئرسٽ ويزا) تي هتي آمريڪا يا دنيا جي ٻين ملڪن خاص ڪري جپان، ۽ ملائيشيا ۾ به مون ڏٺو آهي ته ڪنهن  دڪان، پيٽرول پمپ يا هوٽل وغيره تي نوڪري يا مزدوري ڪن ٿا، جيڪو ڪم غير قانوني آهي ۽  ان ڏوهه ۾ ڪيترا سزائون ڪاٽيندا رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ملڪن ۾ انهن دڪانن يا هوٽلن جا هم وطني مالڪ اهڙي غير قانوني ڪم لاءِ همٿ افزائي ڪن ٿا جو هنن کي آمريڪي شهري (پاسپورٽ يا گرين ڪارڊ رکندڙ) کان هي ٽوئرسٽ يا اسٽوڊنٽ ويزا وارو سستو پوي ٿو جو هو گهٽ پگهار ۽ بنا سهوليتن جي ڪم ڪري ٿو ۽ هر وقت پوليس کان ڊڄندو رهي ٿو. ان ڪري مالڪ کان گهڻي پگهار يا موڪل جي گهر ڪرڻ بدران ان کان هيسيل ئي رهي ٿو.

هن قسم جون  Non Imigrant ويزائون جاري ڪرڻ وقت، آمريڪا يا ان جهڙي سکي ستابي ملڪ جي، هميشه اها قانوني سوچ (Presumption) هوندي آهي ته ويزا لاءِ درخواست ڏيندڙ هر ٽوئرسٽ هنن جي ملڪ ۾ هميشه لاءِ رهڻ جي خيال سان اچي ٿو. ان ڪري ويزا گهرندڙ  هر ٽوئرسٽ کي ان سوچ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. درخواست وارن فارمن ۾ توڙي انٽرويو ۾ پڇيل سوالن  جي جواب ۾ هن کي ٻڌائڻو پوي ٿو ته هن کي پنهنجي ملڪ ۾ گهر، ڪاروبار، مائٽ مٽ ۽ بئنڪ بئلنس آهي، جن کي هو ڇڏڻ نٿو چاهي. هو ته فقط هڪ مختصر عرصي لاءِ ڌاريون ملڪ گهمڻ لاءِ وڃي رهيو آهي يا پنهنجي ڪنهن بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ يا بزنيس جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ روانو ٿي رهيو آهي.

 

ايف ويزا، ايل ويزا، J ويزا، ايڇ ويزا وغيره......

آمريڪا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ اچي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد اچن ٿا. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪجهه عرصو رهڻ لاءِ اجازت واري ويزا جو نالو F-1 (ايف ون) آهي. اڳ ۾ ته ائين هوندو هو ته ماڻهو ٽوئرسٽ ويزا (B-Visitors) تي آمريڪا ۾ اچي هيڏانهن هوڏانهن جي يونيورسٽين جو جائزو وٺي پوءِ اتي ئي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي آمريڪي حڪومت کان ”ايف ون“ يعني اسٽوڊنٽ ويزا حاصل ڪندا هئا. ڪن ته وري ٽن يا ڇهن مهينن جي ٽوئرسٽ ويزا تي اچي آمريڪا ۾ لڪ چوريءَ ڪا نه ڪا نوڪري يا پورهيو ڪيو ٿي. ويزا جو مدو ختم ٿيڻ تي جهڙي تهڙي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي، اسٽوڊنٽ ويزا تي ٽي چار سال ٻيا به رهي پيا ٿي. دل چوندي هين ته ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽي ويندا هئا نه ته ڪو نه ڪو جاب ڪندا رهيا ٿي. پڙهائي نه ڪرڻ ڪري نه ڊگري حاصل ڪري سگهندا هئا ۽ نه آمريڪا جي پچر ڇڏيندا هئا ويندا هئا اسٽوڊنٽ ويزا جو مدو Extend ڪرائيندا. ٺڙڪو قسم جي يونيورسٽين کي سيمسٽر جي في حاصل ڪرڻ سان واسطو! ڪو نڀاڳو پڙهي يا نه پڙهي! بلڪ اهڙن شاگردن جي ايف ون ويزا وڌائڻ لاءِ يونيورسٽي وارا شاگردن کي حڪومت لاءِ Recommendation جو ليٽر به ڏيندا رهيا ٿي. پر هاڻ اهو سلسلو بند ٿي چڪو آهي. ڪو به ٽوئرسٽ آمريڪا ۾ ٽوئرسٽ “B” ويزا تي اچڻ بعد ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ٽوئرسٽ ويزا کي ايف ون ويزا ۾ بدلرائي نٿو سگهي. آمريڪا گهمندي هن کي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو ٿي پيو آهي ته هن کي پنهنجي وطن موٽي اتان ان يونيورسٽِيءَ ۾ انٽرنيٽ يا پوسٽ ذريعي داخلا وٺي پوءِ اسٽوڊنٽ ويزا (F-1) لاءِ اپلاءِ ڪري ايف ون ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڀاڳ آزمائي.

ٻي ڳالهه ته اڳ ۾ تعليمي ادارن ۾ حاظ جو گهڻو مسئلو نه هو. ڪيترائي شاگرد يونيورسٽين ۾ داخلا وٺي پرائيويٽ جاب ڪندا رهيا ٿي. هينئر به يونيورسٽين کي انهن جي حاظر يا غير حاظر رهڻ جي پرواهه ناهي پر هتي جي سڪيورٽي ۽ پوليس کاتو اهڙن فراڊي شاگردن جو Track رکي ٿو ۽ ثبوت ملڻ تي هنن جي نه فقط ويزا ڪئنسل ڪئي وڃي ٿي پر آئندي لاءِ ٻي ڪا ويزا حاصل ڪرڻ به هن لاءِ مسئلو ٿيو پوي. ساڳي وقت آمريڪا جي حڪومت هتي جي تعليمي ادارن کي به نظر ۾ رکي ٿي ته ڪهڙا صحيح آهن  ڇو جو F-1 ويزا لاءِ اپلاءِ ڪرڻ کان اڳ هڪ ته شاگرد کي ان تعليمي اداري ۾ Full Time Academic رجسٽري (Enrollment) ڪرائڻ ضروري آهي ۽ ٻيو ته هو فقط ان تعليمي اداري (اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي) ۾ داخلا وٺي سگهي ٿو جيڪو آمريڪا جي اميگريشن واري اداري USCIS طرفان Approve ٿيل هجي.

هڪ اهڙي عارضي (Non Immigrant) ويزا ٿئي ٿي، جنهن ۾ توهان آمريڪا ۾ اچي نوڪري يا جاب ڪري سگهو ٿا اها ايڇ (H) ويزا سڏجي ٿي. اها ويزا خاص قسم جي پروفيشنل لاءِ ٿئي ٿي. مثال طور ڪنهن آمريڪن جي ڪا اسپتال آهي يا ڪمپيوٽر ٺاهڻ جي فئڪٽري آهي، جيڪا تمام سٺي پئي هلي، جنهن جي ثابتي اهو ٽئڪس آهي، جيڪو هو حڪومت کي هر  سال ڏئي ٿو. هن کي ڄاڻو نرس يا هوشيار ڪمپيوٽر انجنيئرن جي ضرورت آهي. اهڙي اسپتال يا فئڪٽريءَ جو آمريڪن مالڪ چاهي ته انڊيا يا پاڪستان مان يا ڪنهن ٻئي ملڪ مان نرسون يا ڪمپيوٽر انجنيئر هڪ سال يا ٻن ٽن سالن لاءِ پنهنجي اداري لاءِ گهرائي سگهي ٿو. اهڙي قسم جا Employ آمريڪا ۾ ايڇ ويزا تي اچن ٿا.

اهڙيءَ طرح هڪ J- Visa آهي، جنهن جي آڌار تي آمريڪا جا ماڻهو، ڊاڪٽرن انجنيئرن سميت جپان، جرمني يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سال، ٻن يا ٽن لاءِ وڃي سگهن ٿا ۽ انهن جي بدلي ۾ ان ملڪ جا اوترا ماڻهو اوتري عرصي لاءِ آمريڪا اچي سگهن ٿا. اها Exchange Visitor ويزا پڻ سڏجي ٿي.

آمريڪا ۾ ڪجهه ماڻهو (L-1 Visa) تي به اچن ٿا. ايل ون ويزا تي ملٽي نيشنل ڪمپنيون جن جي هيڊ آفيس يا برانچ آفيس آمريڪا ۾ آهي، ان جا مٿين ليول جا مئنيجر يا اهم آڦيسر “L-1” ويزا تي هڪ ملڪ  جي آفيس مان بدلي ٿي ٻي ۾ اچي سگهن ٿا. جيئن PIA هوائي ڪمپنيءَ يا نيسلي کير جي ڪمپنين جا آفيسر بدلي ٿي آمريڪا وڃن ٿا، جتي هو جيڪو وقت رهن ٿا اهو ايل ون ويزا تي رهن ٿا.

اهڙيءَ طرح مختلف ڳالهين ۽ نوعيت جي ڪمن لاءِ آمريڪا ۾ سال ٻن لاءِ اچڻ لاءِ ويزائون ملن ٿيون، جيڪي مٿين ويزائن کان علاوه ٻيون آهن: ڪي ون ويزا، Q ويزا، E-1 ۽ E-2 ويزا،  او ون ويزا ۽ TN ويزا (جيڪا ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو وارن لاءِ آهي)، وغيره وغيره.

ڪي اهڙا به ملڪ آهن، جن جي رهاڪن کي آمريڪا ۾ ٽي مهينا رهڻ لاءِ ڪنهن به ويزا جي ضرورت ناهي. هو جڏهن چاهين هوائي جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪري اچي نيو يارڪ جي هوائي اڏي تي لهن ۽ اميگريشن آفيسر کي پنهنجي ملڪ جي فقط پاسپورٽ جي جهلڪ ڏيکاري ٻاهر نڪري اچن. دنيا ۾ اهڙا 27 ملڪ آهن، جن ۾ جپان، آسٽريليا، جرمني، فرانس، انگلينڊ  جهڙا ملڪ ته آهن پر سنگاپور به آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهه جو ڏينهن هو جڏهن 1970ع واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جهاز کي سنگاپور وٺي وڃبو هو ته اسان جي آفيس جا سنگاپوري نمائندا اسان کي سنگاپور جي چورن ٺڳن کان خبردار ڪندا هئا. ويندي بسين تي به  سنگاپور جي چئني زبانن ۾ لکيل هوندو هو ته جيب ڪترن کان خبردار رهو. جواري شرابي، رنڊيون کنڊيون سنگاپور ۾ جتي ڪٿي نظر اينديون هيون ۽ اسان پاڪستاني سڌريل ملڪن جا سمجهيا ويندا هئاسين. ظاهر آهي تعليم، ٽيڪنالاجي، امن امان فيلڊ ۾ اسان مٿڀرا هئاسين. آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي سفارتخاني ۾ به وڃڻ جي ضرورت نه هوندي هئي، جهاز جي بئري هٿان پنهنجي فئملي(جيڪا جهاز تي گڏ هلندي هئي) جا پاسپورٽ موڪلبا هئا ته پنجن سالن جي Multiple ويزا لڳجي ايندي هئي. اڄ اسان دنيا جي نظرن ۾ جهڙا چور ٿي پيا آهيون. معمولي Visitor ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪيترا جتن ڪرڻا ٿا پون ۽ هوڏانهن سنگاپور جهڙو ملڪ هر فيلڊ ۾ ايڏو اڳيان نڪري ويو آهي جو يورپ جو ملڪ ٿو لڳي ۽ هن جي رهاڪن کي آمريڪا وڃڻ لاءِ ويزا جي به ضرورت ناهي جو آمريڪا سمجهي ٿو ته سنگاپور جي ماڻهن لاءِ آمريڪا کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ ۾ سک آهن. سنگاپور جا ماڻهو جتي وڃن ٿا، اتي امن امان سان رهن ٿا، چوريون ۽ ڌاڙا نٿا هڻن، ٺڳيون ۽ ناجائز ڌنڌا نٿا ڪن. ساڳي  وقت اڄ هنن جي ملڪ ۾ به ڪو وڃي ٿو ته سڪون محسوس ڪري ٿو. سنگاپور جهڙي ٻيٽ تي جتي ڪجهه نه آهي. نه پوک نه ڌاتو. ويندي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه آهي. پر اتي جي حاڪمن ۽ سياستدانن هن ملڪ ۾ اهڙي ته تعليمي ادارن ۽ ڪارخانن جي ڄار وڇائي ڇڏي، اهڙو ته امن امان ۽ سفر، صحت ۽ انصاف جون سهولتون مهيا ڪري ڇڏيون آهن جو ڪيترا آمريڪن به سنگاپور ۾ نوڪري يا بزنيس ڪندي پنهنجي خوش  نصيبي سمجهن ٿا.

بهرحال هتي اسان سفري ضرورتن ۾ ويزا بابت ڳالهه  ٻولهه ڪري رهيا هئاسين جيئن هڪ عام ماڻهوءَ کي ڄاڻ ٿي سگهي ته ويزا ڇا ٿئي ٿي ۽ آمريڪا اچڻ لاءِ ڪهڙي ڪهڙي ويزا جي ضرورت پوي ٿي. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڌارئين ملڪ ۾ ويزا مطابق رهڻ کپي يعني جيترا ڏينهن رهڻ جي اجازت (ويزا) هجي اوترائي رهڻ کپن، جيڪڏهن ڪنهن مجبوريءَ ڪري ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي  ٿي ته ان سلسلي ۾ اڳواٽ واسطي واري کاتي کي درخواست ڏيئي  پنهنجي ويزا Extend ڪرائي پوءِ سڪون سان رهجي ۽ عزت سان ڌارئين ملڪ جي هوائي اڏي  تان وطن ورجي. هوڏانهن آمريڪا ڏي ايندڙ هر وزيٽر کي اڄ ڪلهه پنجن سالن جي وزٽ ويزا جو اسٽڪر اسلام آباد جي آمريڪي سفارتخاني مان لڳي ملي ٿو پر آمريڪا  ۾ رهڻ لاءِ ڪيتري مدي جي اجازت ملي ٿي اها ايئرپورٽ تي پهچڻ تي ڊيوٽي تي مقرر اميگريشن آفيسر ٻڌائي ٿو ۽ ان جو ٺپو هڪ اڇي رنگ جي ننڍڙي فارم تي هڻي ڏئي ٿو، جيئن توهان کي هر وقت ڌيان ۾ رهي ته ويزا ڪڏهن ختم پيئي ٿئي ۽ ان کان اڳ توهان ڌڏارين جي هن ملڪ مان پنهنجي وطن روانا ٿي وڃو.

هن اڇي رنگ جي ڪارڊ جو نالو Arrival-Departure ڪارڊ آهي، جيڪو Form I-94 به  سڏجي ٿو. اهو فارم گهڻو ڪري اميگريشن آفيسر ئي توهان کي ڏيڻ وقت توهان جي پاسپورٽ سان Staple ڪريو ڇڏي، جيئن پاسپورٽ سان گڏ حفاظت ۾ رهي. ان کي هميشه قابو  رکجي جو موٽڻ وقت ايئرپورٽ تي ڏيڻو پوي ٿو. اهو ڪارڊ هوم لئنڊ سڪيورٽي، ڪسٽمس ۽ بارڊر پروٽيڪشن واري ڊپارٽمينٽ طرفان هوندو آهي، جنهن تي درج ڪيو ويندو آهي ته توهان ڪهڙي ويزا هيٺ آمريڪا آيا آهيو ۽ گهڻن ڏينهن لاءِ رهي سگهو ٿا.

 

شل نه ڪو ڌارئين ملڪ ۾ بيمار ٿئي

ڌارئين ملڪ ڏي ويندڙ مسافرن لاءِ (خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي آمريڪا گهمڻ يا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا) هتي ڪجهه ڳالهيون پرديس ۾ صحت ۽  دوادرمل بابت پڻ لکندو هلان. اسان جو ملڪ توڙي کڻي غريب آهي، اسپتالن ۾ انڌير لڳو پيو آهي، پر تڏهن به انڌين منڊين بيمارين جي علاج لاءِ دڪان تان گوريون وٺي پاڻ ئي علاج ڪريو وٺون يا ڪو نه ڪو پاڙي  اوڙي يا مٽي مائٽيءَ ۾ اهڙو ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر يا نرس دائي مليو وڃي، جنهن کان مفت ۾ به علاج بابت صلاح وٺي سگهجي ٿي پر دنيا جي هنن امير ترين ملڪن ۾ چاهي ناروي سئيڊن هجي، جپان ڪوريا هجي، جرمني فرانس هجي يا انگلينڊ اسپين- شل نه ڪو  مسافر بيمار ٿئي. معمولي دوا به هن کي ڪنگال بنايو ڇڏي. ڊاڪٽرن، دوائن ۽ اسپتالن جا خرچ آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن ۽ آمريڪا ۾ ته هيڪاندي باهه پئي ٻري. اسان جي ملڪ ۾ ته ڪيترين ئي بيمارين جي دوا  ڊاڪٽر کي بنا ڏيکارڻ جي خريد ڪري سگهجي ٿي پر آمريڪا ۾ هر دوا جي ڳري قيمت هڪ طرف آهي ته ٻئي طرف اها تيسين نٿي ملي سگهي، جيسين ڊاڪٽر نه لکي ڏئي ۽ ان بابت چرچي طور پنهنجي شروعاتي سفرنامي“ جاني ته جهاز“ ۾ لکي چڪو آهيان ته آمريڪا ۾ مٿي جي يا ڪن جي سور جهڙي معمولي بيماريءَ جي علاج لاءِ گورين جي شيشي يا ڦڙن (Drops) جي شيشي ڇهين ڊالرين ملي ٿي ۽ اها خريد ڪرڻ لاءِ سٺ ڊالر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي في  ڏئي ان کان دوا خريد ڪرڻ لاءِ نسخو (prescription) وٺڻو پوي ٿو. ان بنا دوا نٿي ملي.

جيڪي ماڻهو آمريڪا جا شهري آهن، انهن جي علاج جي خرچ جو جيتوڻيڪ وڏو حصو انهن جي انشوئرنس ڪمپني ڀري ٿي، تنهن هوندي به ويهه سيڪڙو خرچ (Co Pay) ۽ Deductible خرچ (جنهن کي Excess به سڏجي ٿو) اهو ايترو گهڻو ٿئي ٿو جو اسان جا ڪيترائي ننڍين نوڪرين وارا پاڪستاني توڙي انڊين آمريڪا بدران پنهنجي وطن وڃي آپريشنون ۽ علاج ڪرائين ٿا. Deductible اها رقم آهي، جيڪا هر صورت ۾ علاج ڪرائڻ واري کي ڏيڻي پوي ٿي. مثال طور ڪنهن جي علاج تي خرچ ستر ڊالر ٿو اچي ته مقرر ڪيل Deductible رقم 50 ڊالر ته بيمار کي پاڻ ڏيڻا آهن باقي 20 ڊالرن مان مقرر ڪيل Co- Pay مطابق 80 سيڪڙو  انشورنس ڪمپني  ڀريندي يعني 16 ڊالر ۽ مريض 20 سيڪڙو يعني 4 ڊالر ڀريندو. مثال طور ڪنهن جو هلندي پير ترڪي ٿو وڃي ۽ ٻانهن يا ٽنگ جو فرئڪچر ٿيو ٿو پوي ۽ علاج تي خرچ ڏهه هزار ڊالر يعني ڇهه لک رپيا  ٿو اچي (جيڪو آمريڪا جي حساب سان تمام گهٽ آهي) ته ان مان پنجاهه ڊالرن کان علاوه باقي جو ويهه سيڪڙو به مريض پاڻ ڏيندو. يعني مريض کي انشورنس هوندي جيڪو  ڪجهه حصو پنهنجي کيسي مان ڏيڻو پوندو سو به هڪ لک ويهه هزار رپيا ڀرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ڪو هتي جو شهري نه آهي ۽ هو هتي گهمڻ  لاءِ آيو آهي ته اها سڄي رقم کيس ڀرڻي پيئي.

هتي جا منهنجا دوست ٻڌائين ٿا ته گذريل سال هتي هڪ سنڌ جو وڏيرو گهمڻ  لاءِ آيو. هن کي دل جي تڪليف ٿي پيئي. هتي جي همراهن کيس سهڻي صلاح ڏني ته سائين گهمڻ کي هڻو کڏ ۾ اڄ ئي ٽڪيٽ وٺي وطن واپس هليا وڃو ۽ اتي وڃي علاج ڪرايو. پر هو نه رڳو ترسي پيو  پر اتي آمريڪا ۾ ئي دل جي آپريشن ڪرائڻ ۾ هن پنهنجي خوش نصيبي ٿي سمجهي. هن سمجهيو ته خرچ اچي اچي ڪيترو ايندو، جيڪو ايندو اهو ڀربو. پر لئه خراب نه ڪبي. آپريشن ٿي. ڪو هفتو اڌ اسپتال ۾ مس رهڻو پيو. خبر پيئي ته بل آيو فقط پنجاهه هزار ڊالر معني ٽيهه لک رپيا اهو ٻڌي علاج بعد صحتيابي حاصل ڪندڙ وڏيري کي ماڳهين وري هارٽ اٽئڪ ٿي  ٿيو. سندس مائٽن مٽن ۽ دوستن ڦوڙي ڪري کيس قرض ڏنو.  بٽئيءَ جا پئسا کڻي ته هو آمريڪا جي سير لاءِ نڪتو هو. دوستن ۽ مائٽن جو قرض چڪائڻ لاءِ هن  کي وطن موٽي پنهنجيون زمينون وڪڻڻيون پيون.

سو يارو آمريڪا جهڙا ملڪ گهمڻ ۾ جتي تفريح ۽ تجربو آهي اتي اهو گهمڻ ڦرڻ عذاب ۽ بدبختي ٿيو پوي، جيڪڏهن الله نه ڪري ته ڪو مسافر بيمار ٿي پوي يا زخمي ٿي پوي! سچي ڳالهه ۽ سهڻي صلاح ته اها آهي ته اڄ جون حالتون اهڙيون ٿي پيون آهن جو ڪنهن کي نوڪري روزگار جي مجبوري نه هجي يا مائٽن مٽن سان ملڻ ضروري نه هجي ته پنهنجي وطن ۾ پنهنجي گهر ۾ ئي سکيو ستابو ويٺو هجي. ٻاهر جي دنيا معلوم ڪرڻ جو شوق ٿئي  ته ڊسڪوري، نئشنل جاگرافڪ يا Travel جهڙو ٽي وي چئنل کولي ويهي ڏسجي. اها ئي شيءَ اڄ ڪلهه ”ڪم خرچ بالا نشين“ سمجهي وڃي ٿي.

هونءَ هن پاسي يا ههڙن مهانگن ملڪن ڏي سفر ڪرڻ ضروري ٿي پوي ته اهڙي صورت ۾ پنهنجي ملڪ مان ضرورت جون ڪجهه دوائون پاڻ سان کڻي نڪرڻ ڪا خراب Idea ناهي. انهن ضروري دوائن ۾ هڪ ته اهي اچي وڃن ٿيون، جيڪي ڪن بيمارين ڪري هر روز کائڻيون پون ٿيون جهڙوڪ بلڊ پريشر Diabities,  دل جو مرض، ٿايورائيڊ وغيره جون گوريون. ٻيون مٿي جي سور، پيٽ جي سور، قبضي، دستن جهڙين بيمارين لاءِ، جن جي ڪنهن وقت به ضرورت پئجي سگهي ٿي. انهن دوائن جي بهتر لسٽ توهان کي پنهنجو فئملي  ڊاڪٽر ٻڌائي سگهي ٿو ۽ بهتر ٿيندو ان هڪ ئي  ڊاڪٽر کان سندس ليٽر هيڊ واري پئڊ تي اهي دوائون لکرائي، اهو پنو پاڻ سان کڻي نڪرو. ان تي هو اهو لکي ڏيندو ته توهان هي دوائون واپرايو ٿا ۽ توهان لاءِ ضروري آهن. اهو احتياط خاطر پاڻ سان کڻڻ ان ڪري ضروري آهي جو ڪن ايئرپورٽن تي ڪسٽم آفيسر ڊاڪٽر جي ليٽر بنا دوائون کڻڻ نٿا ڏين. ڪوشش ڪري ڪا به دوا يا رڌ پچاءُ جو مصلو پائوڊر جي صورت ، بنا Seal ٿيل دٻي يا ٿيلهيءَ ۾ نه کڻجي. ڇو جو ڪنهن هوائي اڏي تي ڪنهن ڪنهن ڪسٽم آفيسر جي دماغ ۾ اها ڳالهه اچي سگهي ٿي ته لفافي ۾ ويڙهيل، پيٺل هيڊ جيڪا توهان رڌ پچاءَ لاءِ کنئي آهي يا توهان پنهنجي  ڳوٺ جي درگاهه شريف جي موالي مجاور کان شوڪاريل مٿي جي علاج لاءِ خاڪ شفا کنئي آهي، ان جو واسطو ڪنهن نشي پتي واري شيءَ سان آهي. مڃان ٿو ته يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ انصاف ملي ٿو ۽ جيسين ثبوت نه ملن، تيسين عرب ملڪن وانگر ڌارئين کي (خاص ڪري اهو پاڪستان، بنگلاديش جهڙي غريب ملڪ جو آهي ته) يڪدم جيلن ۾ نٿا موڪلين پر جيسين هنن کي پڪ ٿئي ته هيءَ ڪا چرس، گانجي، هيروئن، راڪيٽ جهڙي شيءِ ناهي ۽ اڄ به  سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن، چنبڙ، قمبر، ٻني، ڇني، راڄو خاناڻي ۽ ميانداد چنجڻيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو مٿي جي  سور يا وائي سور جو علاج پير جي درگاهه جي ٻهاريل مٽيءَ سان ٿا ڪن، تيسين تيرهن ڪلاڪ سفر ڪري آيل مسافر جو وڌيڪ انتظار ڪرڻ يا قطار ۾ بيهڻ ۾ سر هليو وڃي. هڪ دفعي ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي، پنجاب جي ڪنهن ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ جي ماءُ، پنهنجي ٿڃ تي ٻار سميت جهلجي پيئي. ڊئنمارڪ ۾ پنجاب جي ٻهراڙيءَ پاسي جا ڪيترائي پورهيت ۽ مزدور سالن کان رهن ٿا، جيڪي پنهنجي وطن وڃڻ وقت يا موٽڻ تي ڪوپن هيگن جي هوائي اڏي تي لهن ٿا. مون انهن ڏينهن ۾ ڀر واري ملڪ سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي يونيورسٽيءَ مان مئرين انجنيئرنگ سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن پئي ڪئي. مالمو وڃڻ لاءِ اسان کي به ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي لهڻو پوندو هو (ان بعد ٻيڙيءَ ذريعي سمنڊ جو ٽڪرو ٽپي ٻئي پار مالمو هليا ويندا هئاسين) هن عورت وٽ اڳڙيءَ جي ٽڪري ۾ پيٺل ڦوٽا (الاچي) ٻڌل هئي ۽ بقول ان عورت جي  (جيڪا انگريزيءَ کان به اڻ واقف هئي ۽ رڳو پنجابي ڳالهائي رهي هئي) هن کي سندس پاڙي واريءَ اهي پيٺل  ڦوٽا ٻار کي مصريءَ سان ملائي چَٽائڻ لاءِ ڏنا هئا ته جيئن هن نئين ٻار جو تارُو (ڪاڪڙو) مضبوط رهي پر جيسين ڪسٽم پوليس جي عملي تي  ڳالهه سمجهه ۾ اچي تيسين هن اڪيلي سفر ڪندڙ عورت کي ڪافي خوف ۽ هراس ڇانيل رهيو. اهڙن موقعن تي  جيسين پڪ ٿئي ته هوءَ ڏوهاري ناهي مون ڏٺو آهي ته هر ڪو  ڀڄيو پري ٿيو وڃي. خاص ڪري جي الزام هيٺ آيل پاڪستاني آهي ته! ڇو جو حق جي ڳالهه ڪجي ته اسان پاڪستاني سڄي دنيا ۾ سخت بدنام  ٿي پيا آهيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ڏهن پاڪستانين ۾ ڪو هڪڙو صحيح معنيٰ ۾ پاڪستاني هوندو ۽ نو ڄڻن ۾ ڪو برمي هوندو ته ڪو بنگالي، ڪو افغاني هوندو ته ڪو تامل پر دنيا ته انهن کي پاڪستاني ئي سڏيندي جو هو ڪنهن طرح پاڪستان جو پاسپورٽ حاصل ڪري سفر ڪري رهيا آهن. هنن کي پاڪستان جي شهريت ۽ پاسپورٽ ڪهڙي ريت حڪومت طرفان ملي ويو. ان کي روڪڻ لاءِ اسان جي حڪومت کي سختي ڪرڻ کپي ۽ اپاءَ وٺڻ کپن.

 

مسافرن لاءِ انشوئرنس پاليسيون

دنيا جا ڪيترائي امير ملڪ آهن، جن ۾ پنهنجن شهرين لاءِ دوائن ۽ ڊاڪٽر جي فين جو ڪجهه حصو اتي جي حڪومت ڏئي ٿي ، جيئن سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ ڏندن ۽ اکين جي علاج کي ڇڏي باقي بيمارين جي علاج جو ڪافي خرچ اتي جو سوشل ڊپارٽمينٽ ڏئي ٿو. پر آمريڪا ۾ ٿوري عرصي لاءِ ويندڙ مسافرن توڙي Immigrant ويزا تي هميشه آمريڪا ۾ رهڻ وارن لاءِ يادداشت طور اهو لکندو هلان ته آمريڪا ۾ دوا  درمل لاءِ حڪومت ڪجهه به نٿي ڏئي. آمريڪا جو ان بابت صاف ۽ چٽو قانون آهي ته

“… The US does not have socialized medicine. All costs of  health care are paid by the patient.”

۽ جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته دوا درمل ۽ علاج لاءِ هر هڪ کي هيلٿ انشورنس پاليسي خريد ڪرڻي پوي ٿي ۽ انشورنس ڪمپني اهو ئي چاهي ٿي ته دوا درمل ۽  ڊاڪٽر جي فين تي جيڪو خرچ اچي اهو پهرين توهان پنهنجي کيسي مان ادا ڪيو ۽ پوءِ انشورنس ڪمپنيءَ کان Claim ڪريو جيڪا Deductible رقم ۽ توهان جي حصي جو Co- Pay ڪٽي باقي پئسا توهان کي جلدي جلدي ته به ٻن ٽن مهينن بعد ڏئي ٿي.

آمريڪا جي Non- Immigrant ويزا تي اچڻ وارا- يعني سياح، شاگرد، نوڪرين وارا وغيره، جيڪڏهن افورڊ ڪري سگهن ته آمريڪا پهچي پنهنجو پاڻ کي صحت جي معاملي ۾ ضرور انشورنس ڪرائين. آمريڪا جون جيڪي وڏيون ۽ نالي واريون انشورنس ڪمپنيون آهن، اهي رڳو آمريڪا جا شهري ۽ گرين ڪارڊ وارن کي (يعني Immigrant ويزا وارن کي) انشورنس ڪن ٿيون. بهرحال ٻيون ننڍيون ننڍيون ڪمپنيون آهن، جيڪي ٽوئرسٽن کي انشوئر ڪن ٿيون. پر اهي به وڏي عمر جي سياحن کي انشوئرنس ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿيون ۽ ٻين کي به انشوئر ڪندي شرط شروط وجهن ٿيون، جهڙوڪ اهڙيون بيماريون جيڪي ٽوئرسٽ کي پهرين آهن، انهن جي ڪري هنن کي ڪو نقصان ٿي پيو ته هو ٻڌل نه رهندا،  وغيره، غوطا خوري، جبلن تي چڙهڻ، جانورن جي شڪار لاءِ جنگلن ۾ وڃڻ يا ٻي ڪنهن اهڙي شوق پٺيان ٽوئرسٽ کي نقصان رسندو ته ان جي به هي انشورنس ڪمپنيون  ذميواري نه کڻن. مطلب ته انشورنس ڪرائڻ بعد، ڪجهه ٿيڻ تي به، انشورنس ڪمپنين کان ڪجهه هڙ حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ڪيترين حالتن ۾ هنن سان قانوني جنگ وڙهڻ لاءِ وڪيل ئي ڪرڻو پوي ٿو. معنيٰ ان لاءِ فالتو وقت ۽ وڌيڪ پئسو هجي. ڇو ته اها به ڳالهه آهي ته آمريڪا ۾ انشورنس ڪمپنين کي ڦرڻ لاءِ جتي ٺڳ موجود آهن. اتي ٽپتائي ۽ واندا وڪيل به  ڪنهن نه ڪنهن هڪ ڌر جو فائدو ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪميشن حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن، جيئن اڄ ڪلهه وڪيلن جي هڪ ڪمپني طرفان اخبار ۾ اشتهار ايندو رهي ٿو ته توهان کي ڪنهن پاڙي واري جي ڪتي ڏاڙهيو ته ناهي؟ اسان توهان پاران ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. توهان کي اڳواٽ في ڏيڻ جي به ضرورت ناهي. توهان کي جڏهن ڪتي جي مالڪ کان ٻڪ ناڻي جا وٺي ڏينداسين ته پوءِ ان مان ڪميشن (جيڪا گهڻو ڪري ويهه سيڪڙو ورتي وڃي ٿي) ڏجائو.

اهو اشتهار پڙهي واشنگٽن ۾ رهندڙ اسان جو ڳوٺائي نجم ميمڻ مون کي سندس فلئٽ تي هچڻ واري لفٽ ۾ ڪتي سان گڏ چڙهندڙ آمريڪن عورت کان پري پري ٿي بيهڻ کان هميشه جهليندو هو. چوندو هو: ”سائين ڪتي جو توهان فڪر ئي نه ڪريو. آئون  ته هر وقت ان اميد سان هوندو آهيان ته ڪڏهن ڪتي جو دماغ خراب ٿئي ۽ منهنجي ٽنگ ۾ ڄاڙي وجهي ته مالڪياڻيءَ کان پنجاهه هزار ڊالر (ٽيهه لک رپيا) حاصل ڪريان.“ ياد رهي ته هتي ڪتي پالڻ واري کي پنهنجي ڪتي کي هر وقت ڪنٽرول ۾ رکڻو پوي ٿو. سندس ڀونڪڻ تي پاڙيوارو پوليس کي شڪايت ڪري سگهي ٿو. ويندي ننڊ ڊسٽرب ڪرڻ تي مالڪ کي ڏنڊ ڏيڻو پئجيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪتي ڪنهن کي چڪ هنيو ته مالڪ جو سر ويو ۽ چڪ لڳڻ واري جي ڄڻ ته لاٽري نڪتي.

انشورنس ڪمپنين، وڪيلن ۽ ٺڳ ماڻهن جون، هتي آمريڪا ۾، عجيب عجيب ڳالهيون ٻڌبيون آهن. ڪي ته عجيب کل جهڙيون هونديون آهن. هڪ مزيدار ڳالهه جيڪا اڄ ئي ٻڌي اٿم پڙهندرن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي لکي رهيو آهيان. ۽ اهڙيون ڳالهيون هتي آمريڪا ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون.

ٽيڪساز رياست جي شهر ڊالاس جي هڪ وڪيل هڪ خاص قسم جي مهانگن سگارن جي دٻي ورتي ۽ پنهنجين ٻين شين سان گڏ باهه جي بچاءَ خاطر ڪنهن انشوئرنس ڪمپنيءَ وٽ انشوئر ڪيا.

اڃا  مهينو به نه ٿيو ته هن پنهنجا قيمتي سگار روزانو هڪ هڪ ڪري ڦوڪي پوءِ انشوئرنس ڪمپنيءَ کان انهن جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ آيو. دٻليءَ ۾ بند اهي قيمتي 24 سگار هن 15000 ڊالرن (نو لک رپين) ۾ انشوئر ڪرايا هئا.

ڪليم ۾، وڪيل اهو بيان ڏنو ته هن جا قيمتي سگار ننڍڙين ننڍڙين  باهين ۾ سڙي رک ٿي ويا. ظاهر آهي انشوئرنس ڪمپنيءَ ان سبب ڪري، سگارن جي ختم ٿي وڃڻ جو ڪليم، ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ڇو جو اهي سگار وڪيل صاحب نارمل طريقي سان ڇڪي مزو ماڻيو هو.

توهان کي يقين نه ايندو، وڪيل صاحب ٺوڪي کڻي ڪيس ڪيو... جج وڪيل جي فائدي ۾ Judgement ڏني ۽ وڪيل ڪيس کٽي ويو.

جج Ruling ڏيندي وقت انشورنس ڪمپنيءَ جي جيتوڻيڪ اها ڳالهه مڃي ته اهو ڪليم ڪرڻ جوڳو ناهي. پر بهرحال وڪيل انشوئرنس ڪمپنيءَ کان پاليسي خريد ڪئي، جنهن ۾ انشوئرنس ڪمپنيءَ هن جي سگارن جي وارنٽي کنئي ۽ هن ڪمپنيءَ سگارن کي خاص طور باهه کان بچائڻ جي گئرنٽي مهيا ڪئي هئي.

هيٺين ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف مٿين ڪورٽ (هاءِ ڪورٽ) ۾ اپيل ڪرڻ پٺيان پئسو ۽ وقت وڃائڻ بدران انشوئرنس ڪمپنيءَ جج جي حڪم جي پوئواري ڪئي ۽ وڪيل صاحب کي سندس سگريٽ سڙڻ جو ڪليم پنڌرهن هزار ڊالر ڀري ڏنو.

۽ هاڻ هن ڪهاڻيءَ جو باقي ۽ بهترين حصو.

انشوئرنس ڪمپنيءَ کان وڪيل ڪليم جو چيڪ وٺي جيئن ئي ڪئش ڪرايو ته انشوئرنس ڪمپنيءَ پوليس ۾ رپورٽ درج ڪرائي وڪيل صاحب کي ان ڏوهه ۾ ٻڌرايو ته هو چوويهه ڀيرا Arson (آتش گردي) ڪري چڪو آهي. ڪنهن جي گهر يا ملڪيت کي باهه ڏيڻ کي Arson سڏجي ٿو.

ڪورٽ ۾ جڏهن ڪيس هليو ته انشوئرنس ڪمپنيءَ انهن چوويهن ”باهين“ جي ثبوت ۾ ادا ڪيل انشوئرنس ڪليم ۽ گذريل ڪيس جي Testimony هن جي خلاف ڏيکاري. وڪيل کي جج صاحب مجرم قرار ڏنو. اهو ان ڪري جو هن ڄاڻي واڻي انشوئرنس ٿيل ملڪيت کي باهه ڏني. هن ڏوهه جي سزا ۾ هن کي چوويهه هزار ڊالر ڀرڻا پيا ۽ چويهه مهينا جيل ڪاٽڻو پيو.

ڪن ڪن هوائي اڏن تي انشوئرنس ڪمپنين وارا هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ وارن مسافرن کي اڏام جي سلامتي خلاف انشوئرنس وڪڻندا نظر اچن ٿا. ان انشوئرنس کي دراصل “Flight Accident Insurance” سڏجي ٿو، جيڪا جهاز جي حادثي ٿيڻ تي فوتيءَ جي وارثن کي انشوئرنس جي رقم جيڪا، اڄ ڪلهه ويهه ٽيهه لکن کان پنجاهه لک آهي، ڏني وڃي ٿي. يا گهٽ ۾ گهٽ ڏيڻ جو وعدو ڪيو وڃي ٿو. بهرحال ههڙي انشوئرنس مان وڏي خوشحالي نصيب ٿئي ٿي. يعني انشوئرنس ڪمپنيءَ کي.

توهان پاڻ سوچيو ته هر هوائي جهاز ۾ ٽي چار سئو مسافر چڙهن ٿا، انهن مان جيڪڏهن هڪ سئو مسافر به هڪ هڪ هزار رپين جو پريميم ڏيئي ڏهه ڏهه لکن واري انشوئرنس خريد ڪن ته هڪ اڏام ۾ انشوئرنس ڪمپنيءَ جي کيسي ۾ في الحال هڪ لک رپيا ته اچي ويو ۽ ڪراچيءَ جهڙي منڊي ٽنڊي ايئرپورٽ تان جيڪڏهن چوويهه ڪلاڪن ۾ پنجاهه اڏامون به وڃن ٿيون ته معنيٰ انشوئرنس ڪمپنيءَ جي ڪمائي روزانو اڌ ڪروڙرپيا ۽ مهيني جي ٽيهن ڏينهن ۾ 15 ڪروڙ رپيا ٿيا ۽ سال ۾ پوڻا ٻه ارب رپيا کن ٿيا ۽ هاڻ ٻڌايو ته سال ۾ ڪيترا هوائي جهاز آهن، جيڪي ڪراچي يا ڪنهن ٻئي هڪ ايئرپورٽ تان اڏامڻ بعد حادثي جو شڪار ٿين ٿا؟ پر جي سراسري هڪ جهاز سال ۾ تباهه ٿو ٿئي ۽ سڀ مسافر مريو ٿا وڃن ته به انشوئرنس ڪمپنيءَ کي ڏهه لکن جي حساب سان هڪ سئو ماڻهن کي فقط ڏهه ڪروڙ رپيا ڏيڻا پيا. باقي بچت سندن کيسي ۾.

سچي ڳالهه ته اها آهي ته حادثي بعد ڪمپنيءَ مان اهي پئسا ڪڍڻ لاءِ به سندن وارثن کي ڪمپنيءَ پويان مهينا ڊوڙڻا پون ٿا. رسيدون ڏيکاريو Affidavit لکرائي اچو، حقيقي وارث ڪهڙا آهن ۽ کين قانون موجب ڪيترو حصو ملڻ کپي، ڪورٽ مان لکرائي اچو... وغيره وغيره.

1969ع يا 1970ع ۾ مون به اسپين جي هڪ ڪَناري ٻيٽ لاس پاماس کان لنڊن هوائي جهاز رستي سفر ڪيو هو. آئون بيمار ٿي پيو هوس سو اسان جو پاڻيءَ وارو جهاز هن ٻيٽ جي هڪ اسپتال ۾ مون کي لاهي انگلينڊ روانو ٿي ويو هو. مهيني سوا بعد هاڻ پنهنجو جهاز Join ڪرڻ لاءِ اسپين جي هڪ هوائي ڪمپني Iberia جي هوائي جهاز ۾ لنڊن وڃي رهيو هوس. لاس پاماس جي هوائي اڏي تي ”فلائيٽ ائڪسيڊنٽ انشوئرنس“ وڪامي رهيون هيون، مون سان گڏ سفر ۾ هن  ٻيٽ جو رهاڪو منهنجو هم عمر، هندو سنڌي  پڻ هو. هن جي  صلاح سان اسان ڏهه ڏهه آمريڪن ڊالر ڏيئي پاليسي خريد ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڊالر پاڪستان جي چئن رپين برابر هو. ۽ حادثي جي صورت ۾ رسيد تي انشوئرنس ڪمپنيءَ جي طرفان پنج هزار ڊالر ملڻ جو واعدو درج ٿيل هو. جڏهن جهاز اڏاڻو ۽ اڌ کان وڌيڪ سفر ڪري چڪو ته مون سان گڏ سفر ڪندڙ هن اسپيني هندو سنڌيءَ چيو ته جهاز جو حادثو نه ئي ٿئي ته سٺو جو حادثي بعد هي انشوئرنس جا پئسا پاڻ کي ملندا ئي ڪونه.

”ظاهر آهي پاڻ کي ڪيئن ملندا؟“ مون چيو مانس، ”پاڻ ته حادثي ۾ الله کي ئي پيارا ٿي وينداسين.“

”ها.“ هن کلندي چيو،“ پر افسوس جو انشوئرنس جا پئسا پنهنجن مائٽن کي به نه ملندا.“

”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون پڇيو.

”اهو ان ڪري جو هنن ٺڳن کان انشوئرنس وصول ڪرڻ لاءِ  نه پنهنجن مائٽن کي خبر آهي ۽ نه هنن وٽ رسيد.“

سو اهڙي طرح ڪيترا انشوئرنس جا ڪم ڪڏهن ڪڏهن فقط پنهنجي دل کي خوش رکڻ جا سانگ ثابت ٿين ٿا.

ٽريول ايجنٽ جن کان توهان ٽڪيٽ خريد ڪريو ٿا اهي ڪڏهن ڪڏهن ”ٽريول پروٽيڪشن پلانس“ يا Trip Cancellation Insurance به  وڪڻن ٿا. اهي انهن پاليسين تي توهان کي سفر جو خرچ ڀري ڏين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري توهان کي وئڪيشن  ختم ڪرڻي پوي يا جنهن ڪم لاءِ وڃو پيا اهو پورو ڪرڻ بنا موٽڻو پوي ۽ اهي سبب مختلف ٿي سگهن ٿا، جيئن ته حادثو، يا وڏي ڪا بيماري يا ڪو ٻيو. پر ياد رهي ته اهي انشوئرنس پاليسيون توهان جي علاج يا دوا درمل کي Cover  نٿيون ڪن.

جيڪڏهن توهان اهڙي ڪنهن انشوئرنس پاليسيءَ جي ڳولا ۾ آهيو جيڪا سفر دوران پرديس ۾ توهان جي دوا درمل، علاج ۽ آپريشن وغيره جو ذمو کڻي ۽ ان تي آيل خرچ جو وڏو حصو توهان کي ڀري ڏئي ته اها پاليسي International Medical Insurance آهي. ان قسم جي پاليسي توهان جي سفر دوران يا ولايت ۾ رهڻ دوران هر اگهائي جي علاج، دوا درمل، ڊاڪٽرن جي فين ۽ اسپتال ۾ رهائش جي خرچ جي پوئواري ڪري ٿي. پر ان قسم جون انشوئرنس پاليسيون ايڏيون ته مهانگيون آهن جو ڪڏهن ڪڏهن توهان جي هوائي جهاز جي ڀاڙي کان به وڌيڪ پريميم ڏيڻو پوي ٿو. خاص ڪري جي مسافر جي عمر 45- 40 کان مٿي آهي، جسماني طرح ڪمزور آهي ۽ ڊائبٽيز ۽  بلڊ پريشر جهڙيون پراڻيون بيماريون اٿس.

 

نيو جرسي اسپتال ۾ پرڪاش  سان ملاقات

16 جولاءِ تي نيو جرسي جي سينٽ پيٽرس يونيورسٽي اسپتال ۾ احسن ۽ ايمان جن کي ننڍو ڀاءُ ابيان  ڄائو. ٻه سال اڳ جڏهن جپان ۾ آفرين ڄائي هئي تڏهن به آئون اتي هوس. احسن، ايمان، آفرين ۽ هاڻ ابيان منهنجي وڏي ڌيءَ مريم (جيجل) جا ٻار آهن، هو گذريل ڏهه ٻارهن سالن کان جپان ۾ رهن ٿا. سندس مڙس مشتاق ميمڻ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي مان انجنيئرنگ B.E ڪئي ۽ ان بعد انگلينڊ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ جاب ڪري رهيو هو ته کيس پي ايڇ ڊي لاءِ هيرو شيما يونيورسٽيءَ مان اسڪالر ملي ۽ انجنيئرنگ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ بعد اتي ئي ڪوڪورا شهر ۾ جپان حڪومت جي نوڪري ملي ويس. اٺ ڏهه سال اها نوڪري ڪرڻ بعد هاڻ يونائيٽيڊ نئشنس ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس پوسٽنگ نيو يارڪ (آمريڪا) يا جنيوا (سئٽزرلينڊ) ۾ هئڻ بدران جپان جي هڪ تاريخي  شهر ڪيوٽو ۾ رکي ويئي آهي.

اسان جي هتي اچڻ ڪري ۽ ٻارن کي اسڪول کان موڪل هجڻ ڪري مريم ٻارن سميت جپان کان هيڏانهن نيو جرسي هلي  آئي، جتي منهنجي ٻي ڌيءَ مارئي رهي ٿي، جنهن جو گهر وارو ثمير وسطڙو گذريل ڏهه کن سالن کان هتي آمريڪا ۾ پنهنجو پرائيويٽ بزنيس ٿو  ڪري.

ٻار جي اطلاع ملڻ تي سينٽ پيٽرس اسپتال پهتس، جيڪا نيو جرسي جي Middlesex واري علائقي جي نيو برنسوِڪ شهر ۾ بلڪل ايسٽن ايوينيو وٽ آهي، جتي پارڪ بوليورڊ وارو رستو ٿو اچي لڳي. Easton ايونيو جي ٻئي پاسي نيو جرسيءَ جي (بلڪ سڄي آمريڪا جي) مشهور يونيورسٽين مان هڪ رٽگرز يونيورسٽي آهي، جنهن جي اتر ۾ Huntington اسٽريٽ جي ٻئي پاسي هتي جو هڪ خوبصورت پارڪ Buccleuch پارڪ آهي.

نئين ڄاول ٻار جي ڪن ۾ ٻانگ ڏئي ابيان نالو رکيو ويو، جنهن نالي بابت پهرين کان سوچي فيصلو ڪيو ويو هو ۽ جنهن نالي لاءِ هن اسپتال جي مسلمان ليڊي ڊاڪٽر فاطمه جهان Suggestion ڏني هئي. ڊاڪٽر فاطمه شام ملڪ جي رهاڪو آهي. سندس والدين گهڻو گهڻو اڳ ملڪي سياسي جهيڙن جهٽن مان جان آزاد ڪرائي هتي آمريڪا ۾ اچي پناهه ورتي هئي. ڊاڪٽر فاطمه هتي ئي ڄائي يا شايد تمام ننڍي هئي ته هتي آئي ۽ سندس سموري تعليم آمريڪا جي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان آهي.

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جيڏي هن سينٽ پيٽر يونيورسٽي هاسپيٽل ۾ فاطمه کان علاوه ٻيا به ڪجهه ايشيائي (خاص ڪري لبناني ۽ مصري نرسون) ۽ آفريڪا جا ماڻهو نظر اچي رهيا هئا. جن ۾ گهڻو تعداد  شاگردن جو هو يا اسان وانگر مريض سان ملڻ وارن جو. اسپتال مان موٽڻ وقت ٻي ماڙ تي ٺهيل رسيپشن تي هاڻ رات جي ڊيوٽي وارو آفيسر هتي جي گوري آمريڪن بدران ايشيا جو همراهه ويٺل هو. هيستائين جيڪي ڪجهه ايشيائي نظر آيا هئا، اهي منهن مهانڊي مان عرب ٿي لڳا يا وري چيني ۽ ويٽنامي. هي همراهه اسان جي پنهنجي ننڍي کنڊ جو همراهه لڳي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو هندستان جي ڪنهن اتراهين صوبي جو هجي جو بنگالين ۽ مدراسين وانگر گهڻو ڪارو ۽ سنهڙو نه هو. يا وري پاڪستاني هجي. اڄ ڪلهه ته آمريڪا ۾ پاڪستاني به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا ۽ کين ڏسڻ سان اها  حيرت نٿي ٿئي جيڪا اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ واري آمريڪا ۾ اسان کي ٿيندي هئي. سٺ جي آخري ۽ ستر جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن اسان کي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ جهاز هلائڻو پوندو هو ته پورٽ آرٿر، گيلوسٽن، چارلسٽن، سوانا، Tampa، بئٽن روج ۽ جئڪسن وائيل جهڙن بندرگاهن ۾ ته ڪڏهن  به ڪو پاڪستاني نظر نه آيو پر هاڻ ڏسان پيو ته اهڙن ننڍن شهرن ۾ به لاهور ۽ ڪراچيءَ جهڙن وڏن شهرن جا ماڻهو ته ڇا سنڌ جي ڳوٺن ماتلي، ٽنڊو جان محمد، ڀريا، قاضي احمد، ڪوٽ غلام محمد ۽ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وليد ۽ قمبر جي ميتلو ڳوٺ جا به نظر پيا اچن. ۽ مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ بس ۾ ويندي ڪنهن هنڌ پاڻ جهڙو  مهانڊو نظر اچي ويندو هو ته بس مان لهي، ٻي بس ۾ ان هنڌ پهچي همراهه کي ڳولبو هو ته ويو ڪيڏانهن. خبر چار وٺجيس ته هتي آمريڪا ڪيئن پهتو. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا هيڪاندو ڏورانهون ڏيهه سمجهيو ويو ٿي.  نه ايڏيون هوائي جهازن جون اڏامون هيون نه اڄ جهڙو ٽيليفون سسٽم ۽ خبرون ڏيندڙ ٽي وي چئنل. يورپ ۽ انگلينڊ ۾ ئي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي کوڙ نوڪريون پئي مليون، ڪنهن جو مٿو ڦريو آهي جو هيڏانهن ڪَهي اچي ڪو پاڪستاني ته ڇا انڊين نظر ايندو هو ته ان سان به وڏي  حب ۽ Curiosity مان ملبو هو. حال احوال وٺبو هو. پر هاڻ اها ڳالهه ئي نه رهي آهي ۽ هي انڊين يا پاڪستاني مهانڊو جيڪو سامهون نظر اچي رهيو هو، ان کي مون سان ۽ مون کي هن سان ملڻ يا هڪ ٻئي کان احوال وٺڻ جي ڪا به دلچسپي پيدا نه ٿي رهي هئي پر ٻار جي برٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ لاءِ هن ڪجهه فارم ماءُ کان صحيح ڪرائڻ لاءِ اسان کي ڏنا، جيڪي منهنجي زال کڻي واپس ڌيءَ ڏي ويئي، تيسين آئون اتي ئي آجيان واري ڊيسڪ وٽ بيهي رهيس ۽ همراهه کي ٻڌايم ته آئون ان ٻار جو نانو آهيان.  عيسائي آهيو؟“ هن پڇيو.

”نه مسلمان،“ وراڻيم، ”پر مون کي خبر آهي ته هيءَ اسپتال عيسائي مشنرين (تبليغين) جي آهي.“

۽ پوءِ وقت پاس ڪرڻ لاءِ سندس ملڪ پڇيم.

”هاڻ ته آمريڪن آهيان، پر  ڄائس ۽ وڏو انڊيا ۾ ٿيس.“

نه سکن واري پڳڙي ۽ ڏارهي هئس ۽ نه وري پنجابين ۽ ڪشميرين وانگر گهڻو اڇو هو. منهنجي شڪ موجب گجراتي ٿي لڳو.

”گجراتي آهيو؟“ مون پڇيو مانس.

”نه. سنڌي آهيان.“ هن وراڻيو.

”سنڌي ڳالهائي سگهو ٿا يا نه؟“ مون پڇيو.

”ها. گهر ۾ پيءُ سان سنڌي ڳالهايان. باقي زال ۽ ٻارن کي نٿي اچي.“

هن ٻڌايو ته سندس نالو پرڪاش کيئاني آهي ۽ حيدرآباد جي مشهور بزنيس مئن ڪندن مل کيئانيءَ جو پوٽو آهي. سندس والد ڀڳوانداس هتي ئي نيو جرسي ۾ ساڻس گڏ رهي ٿو، جتي سندس ميرپوري زال ۽ ڌيءَ پٽ پڻ رهن.

پرڪاش ٻڌايو ته پاڻ ٽن ڀيڻن جو اڪيلو ڀاءُ آهي. سندس هڪڙي ڀيڻ ميڪسيڪو ۾ رهي ٿي، هڪڙي ڏکڻ ڪوريا ۽ هڪ انڊيا جي بندرگاهه واري شهر واشاڪا پتنام ۾ رهي ٿي. مون کانئس سندس پيءُ ڀڳوانداس ساڻ ملڻ جو پڇيو. هن ٻڌايو ته هو ڪافي پوڙهو آهي ۽ بيمار  پڻ رهي ٿو پر هن کي هڪ سنڌي ليکڪ سان ملي خوشي ٿيندي جو هن وٽ اڄ به انڊيا کان سنڌي اخبارون ۽ رسالا ايندا رهن ٿا، جن کي پڙهي هو خوش ٿئي ٿو. اسان ڀائر ڀيڻون سنڌي فقط ڳالهائي سگهون ٿا پر پڙهڻ نٿي اچي.

پرڪاش کان سندس گهر جو فون نمبر وٺي اسان اسپتال مان نڪتاسين ۽ ٻئي ڏينهن ئي فون ڪري ڀڳوانداس کان مون ملڻ جو پڇيو ۽ سندس رضامندي تي مون پڪو پهه ڪيو ته جيئن ئي واندڪائي ملندي ته ڀڳوانداس کيئانيءَ سان ضرور ملندس.

اسپتال ان بعد به  ٻه دفعا مون کي وڃڻو پيو ۽ پرڪاش کي سندس پيءُ لاءِ ٻه ڪتاب پڻ ڏنم. هڪ دفعي ساڻس  گڏ ويٺل مهمان سان ملرائي پرڪاش ٻڌايو ته هن همراهه جو ڏاڏو ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه پڻ انڊيا جي اهم شخصيت ٿي گذرريو آهي. هنن ڪافي وقت فجي ٻيٽ تي گذاريو آهي، جتي هن جو ڏاڏو انڊيا طرفان هاءِ ڪمشنر هوندو هو.

مون هنن کي چيو ته هيءَ دنيا ڪيتري ته ننڍڙي آهي ۽ اها ڪيڏي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه سان منهنجي اسي واري ڏهي ۾ ٻه دفعا سنگاپور ۾ ملاقات ٿي هئي.

ملائيشيا ۾ 1983ع کان 1991ع واري عرصي ۾ نوڪري دوران مون کي پڻ منهنجي ٻين ساٿين وانگر، اڃا به ڪنهن نئين ۽ دلچسپ هنڌ تي نوڪري ڪرڻ جي جستجو هر وقت لڳي رهي ٿي. منهنجا ڪيترا ساٿي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر، خاص ڪري انڊين ۽ يورپي، ملائيشيا ڇڏي برونائي، سنگاپور، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ هليا ويا هئا. مون کي جيستائين پسند جي نوڪري نه ملي، تيسين هر وقت فجي ٻيٽ جا خواب ڏسندو رهيس ۽ پوءِ هڪ دفعو جڏهن اتي جي هڪ ٻيٽ SUVA تي موجود نيول اڪيڊميءَ ۾ نوڪري ملي ته مُنجهي پيس ته ملائيشيا ڇڏي اوڏانهن وڃان يا ملائيشيا ۾ ئي رهي پوان جو مون لاءِ  ملائيشيا به هڪ بهترين جاءِ هئي، جنهن جي ساوڪ، ٻارهوئي مينهن، کنوڻ ۽ گجگوڙ مون لاءِ سونهن ۽ ساز هئا.

انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ سنڌي ڪلب ۾ جتي سنڌي هندن جو مندر به هو ٿر پارڪر جو بيحد پڙهيل ڳڙهيل، دنيا ۽ پنهنجي ڌرم جي معلومات رکندڙ ۽ هر انسان جو ڀلو گهرندڙ پنڊت مهاراجن هال شرما رهيو ٿي، جنهن سان منهنجي سنگاپور وڃڻ تي اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ فقط سنڌو نديءَ جي پيٽ جيڏو ويڪرو سمنڊ آهي ۽ هي ٻه ملڪ Causeway (پل ۽ ريل رستي ڳنڍيل آهن) . مهاراج واري هن مندر ۾ جتي مڪاني سنگاپور جا ۽ سنڌ  هنڌ جا ماڻهو ايندا هئا، اتي بالي ۽ پئسفڪ سمنڊ جي هن ٻيٽ فجيءَ جا انڊين پڻ ايندا هئا. هنن جو پنهنجي وطن انڊيا وڃڻ يا موٽڻ وقت هتان سنگاپور مان لنگهه ۽ Stoppage ٿئي ٿو. مهاراج نهال شرما مون کي فجي وڃڻ لاءِ نه فقط پنهنجا ذاتي مشورا ڏنا (جن جو احوال سنگاپور واري سفر نامي ”سنگاپور ٿو  سڏ ڪري“ ۾ ڏنو آهي.) پر سنگاپور ايندڙ فجيءَ  جي ڪجهه اهم شخصيتن سان پڻ ملايو. انهن مان هڪ ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه پڻ هو جنهن جي شخصيت مون کي بيحد متاثر ڪيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هينئر سندس پوٽي (يا ڏهٽي- جو انگريزيءَ ۾ گرانڊسَن لفظ ٻنهي جي نمائندگي ڪري ٿو) جي ملاقات تي سندس ذڪر ڪڍي ويٺا آهيون.

ڪئپٽن ڀڳوانداس سرڪاري ڪاموري کان علاوه سٺو اديب پڻ هو. سندس ٻه چار ڪتاب بيحد مشهور آهن، جهڙوڪ:

Indian Tea

My Father’s Fiji

هن هندي زبان ۾ به ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان ”اجالي اپني يادون ڪي“ ٻين به ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

ڪيپٽن ڀڳوان سنگهه آگري جي جاٽ فئملي ۾ 1916ع ۾ ڄائو. هن آگري جي اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي ۽ اتي جي ئي ڪاليج مان 1940ع ۾ ايم اي ڪئي. ان کان پوءِ ٻي وڏي لڙائي (World War) شروع ٿيڻ تي هن کي انگريزن جي فوج ۾ ڪميشن ملي.

جنگ ختم ٿيڻ تي هن کي الهه آباد جو اسسٽنٽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. 1948ع ۾ بلند شهر جو ڪليڪٽر ۽ ان بعد راءِ بريليءَ جو ڊپٽي ڪمشنر بنيو. ان بعد مختلف نوڪرين تي رهيو، خاص ڪري 1957ع ۾ڪلڪتي ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 1964ع ۾ دهليءَ جو ڪمشنر ٿيو ۽ پوءِ آخر ۾ فجي ۾ انڊيا طرفان سفير (هاءِ ڪمشنر) ٿي رهيو، جتي سندس پيءُ بيري سنگهه پڻ انگريزن جي حڪومت ۾ سرڪاري آفيسر هو. ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه فجيءَ ۾ انڊيا لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ انڊيا جي ماڻهن ۽ ملڪ کي معاشي توڙي سماجي طرح وڏا فائدا رسايا. فجيءَ جي نيول اڪيڊمي جو پرنسپال ۽ منهنجو هم عمر مسٽر ناتاني سڪا نائيوئلو جنهن سئيڊن جي ساڳي يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي، اهو پڻ ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه جي تعريف ڪندو هو. هن فجيءَ کي پنهنجو ٻيو وطن ٿي سمجهيو، جتي سندس پيءُ به زندگيءَ جا ڪيترائي سال گذاريا، تڏهن ته هن فجيءَ تي لکيل ڪتاب جو نالو منهنجي پيءُ جي ڌرتي (My Father’s Land Fiji) رکيو. مون وٽ جيڪا هن ڪتاب جي ڪاپي آهي. اها 1984ع وارو دهلي جو ڇاپو آهي، جيڪو Tamavua Enterprise وارن جو ڇاپو آهي ۽ مون سنگاپور مان ورتو هو.

نيو جرسي جي هن اسپتال ۾ آيل هن نوجوان مهمان ٻڌايو ته سندس گرانڊ فادر 1995ع ۾ ديهانت ڪري ويو ۽ هي ڳالهيون پڙهندڙن لاءِ هن وقت قلمبند ڪرڻ دوران فجي ۾ هڪ دوست سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خبر پئي آهي ته ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه جو وڏو پٽ اجيه سنگهه جيڪو 1989ع ۽ 1990ع ۾ انڊيا حڪومت ۾ ريلويز جو وزير هو، ان کي ٻه سال کن اڳ 2004ع ۾ پروفيسر آءِ ايس چوهاڻ جي جاءِ تي فجيءَ جو سفير ڪري رکيو ويو آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته اجيه سنگهه ۽ ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه جا پڙ ڏاڏا تڙ ڏاڏا رام چندر ۽ پدم ڪمار فجي ۾ سن 1885ع ۾ Indian Indentured System هيٺ مزدور ٿي آيا هئا. ان سسٽم بابت ڪجهه احوال اڳتي هلي ڪنداسين ته ڪيئن انگريزن ظاهري طرح ته غلاميءَ تي بندش وڌي پر هن  سسٽم هيٺ هو پنهنجين ڏورانهين بيٺڪن (Colonies) ۾ ننڍي کنڊ جي غريب پورهيتن کان نيم غلاميءَ واري حيثيت جو ڪم وٺندا هئا. وجي سنگهه پاڻ فجيءَ ۾ ئي ڄائو ۽ اتي جي ئي مڪاني انڊين ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين. وجي سنگهه جو ڏاڏو بيري سنگهه به فجيءَ ۾ ڄائو هو. بهرحال هاڻ پاڻ نيو جرسيءَ ۾ رهندڙ سنڌي هندو فئملي کيئاني جي احوال تي واپس اچون ٿا، جنهن جي شروع ڪرڻ تي هي ڳالهيون نڪري پيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: