سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :14

مڪئي جي سنگن جون مزيدار ڳالهيون

پينسلوانيا جي هن مڪئي جي پوک جو اسي سالن کن جو پوڙهو مالڪ پڻ اتي موجود هو. گوري آئرش انگريز اسان کي سرهي منهن سان کيڪاريو. ويتر جو عرفان ٻڌايس ته آئون اخباري نمائندو آهيان ته هن اڃان به وڏي دل سان آڌر ڀاءُ ڪيو. هونءَ هتي ولايت ۾ ڪنهن کي ڪنهن لاءِ وقت ناهي. هر هڪ پنهنجي ڪمن ۾ مشغول آهي پر هر انسان ڪجهه گهڙيون آرام ڪرڻ چاهي ٿو، ڪجهه گهڙيون ڪنهن ڄاتل يا اڻچاتل سان ڪچهري ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هي گهڙيون ڪي شايد اهي هيون، جنهن ۾ هن انگريز به چاهيو ٿي ته ڪنهن سان ڳالهائجي ٻولهائجي. هن ته اهو به اسان کان نه پڇيو ته اسان جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي. اهو به اسان ئي چيس (خبر ناهي اجايو يا سجايو) ته اسان ايشين آهيون، پاڪستان جا. ڪيترن هنڌن تي ڪيترا ماڻهو پاڪستان جو نالو ٻڌي ڇرڪجيو وڃن. ظاهر آهي ڪجهه حقيقتن ڪري ڪجهه بين الاقوامي ميڊيا جي دشمني ڪري پاڪستان جي خراب خبرن کي شاهه سرخيون ڏيئي بدنام ڪيو وڃي ٿو ته اڄ هتي بم ڦاٽو اڄ هتي خونريزي ٿي. اڄ هتي عورتن سان ظلم ٿيو، اڄ هتي ٻار اغوا ٿي ويا........ وغيره وغيره. پر لڳو ٿي ته واشنگٽن، بالٽيمور ۽ فلڊلفيا جهڙن دنيا جي وڏن ۽ ماڊرن شهرن جي ويجهو، پر ٻهراڙي واري علائقي ۾  رهندڙ هن پوڙهي مارٽن بيڪر کي پنهنجي پوک کان علاوه اخبار يا ٽي وي تان خبر نامون ٻڌڻ جهڙي شوق لاءِ واندڪائي ڪانهي، جو هن کي پاڪستان جي صحيح طرح جاگرافيائي بيهڪ جي به خبر نه هئي.

”اڇا ته توهان ايشين آهيو! گڊ! ايشين سٺا ماڻهو ٿين ٿا“ هن چيو ”منهنجي ننهن به توهان جي پاڙيسري ملڪ جي آهي.“

”انڊيا جي ؟“ اسان پڇيس.

”نه ويٽنام جي.“ هن وراڻيو.

”چاچا! اٽ از ٽو فار اوي فرام پاڪستان“ عرفان جماڻيءَ ٺهه پهه ٻڌايس. ”گڊ!“ چاچي وراڻيو ۽ پوءِ چيو ”مون کي فقط انڊيا جي ڄاڻ آهي.“

”ته بس ان سان ئي اسان جو ملڪ بارڊر ٺاهي ٿو.“ مون ٻڌايو مانس.

”چاچي“ هڪ دفعو وري ”گڊ“ چيو. ڳوٺ جي هن پر سڪون ”هاري-ڪم-زميندار“ پوڙهي ۽ پر سڪون انسان لاءِ هر شيءِ گڊ هئي. کيس چئون ها ته پاڪستان ۾ بم پيا ڦاٽن ته به چوي ها گڊ. توهان جي صدر بش عراق ۽ افغانستان ۾ باهه ٻاري ڏني آهي تڏهن به چوي ها گڊ. توهان جي ڊگهين عمارتن جي ڪرڻ جو الزام توهان جي حڪومت مسلمانن ۽ عربن تي پيئي هڻي، تڏهن به چوي ها ”گڊ“ ...........! اسان اهو ئي سوچيون ٿا ته هر آمريڪن کي دنيا جي سياست، بزنيس، سائنس وغيره جي ڄاڻ آهي پر ائين ناهي. ڪيترا هن جهوني جهڙا، دنيا جهان کان پري پنهنجي ڪرت ۾ ئي رڌل آهن. هو پنهنجي نموني جي زندگي سرهائيءَ سان گذاري رهيا آهن. ان ۾ ڪابه حيرت جي ڳالهه ناهي. اسان وٽ به ڪيترائي ماڻهو ويندي پڙهيل ڳڙهيل ملندا جن کي اها ئي خبر نه هوندي ته سلوئڊور يا اڪيڊور ڪٿي آهن. بهاما برمودا يا ڪيوبا جئميڪا جهڙا ملڪ ڪٿي آهن.......؟

پوڙهي زميندار – جيڪو شاهه لطيف جي وڻجاري (جهاز جي ڪئپٽن، مالڪ ۽ واپاريءَ) وانگر زميندار به هو ته هاري به ته مال جو واپاري يعني Three in One هو ٻڌايو ته هن جو ڏاڏو آئرلينڊ کان هتي آمريڪا ۾ لڏي آيو ۽ پوک ڪرڻ سندن فئملي بزنيس آهي.

”مڪئي کان علاوه ٻي ڪهڙي پوک ڪريو؟“ مون پڇيو.

”اسان جي سڄي فئمليءَ جو اهو ئي ڌنڌو آهي. وڏن به هتي اچي مڪئي جي پوک شروع ڪئي ۽ اسان ۽ اسان جو اولاد، زالون مرد سڀ ان ۾ Involve آهيون.“

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي پوڙهو آئرش (هاڻ آمريڪن) مسٽر مارٽن جاگرافي يا دنيا جي حالا حاظره کان کڻي ايترو وقفڪار نه هو پر پنهنجي فيلڊ- ”مڪئي جي پوک“ ۽ ان جي ڪاروبار ۾ ايڪسپرٽ هو ۽ تمام گهڻو ايڪسپرٽ هو. ڏهه منٽ کن واڪ ڪرڻ جي بهاني آئون ڪار مان لٿو هوس پر مارٽن صاحب جي مڪئي بابت دلچسپ ۽ معلوماتي خبرن ۾ اڌ ڪلاڪ کان به مٿي لڳي ويو، جنهن مان ڪجهه وقت مڪئي جو فصل- سنگ ۽ ڪانا ڏسڻ ۾ ته اڌ ٽائيم سندس موبائيل ڪئبن ۾ ڪافي پيئندي. جنهن لوهي ڪئبن ۾ هڪ ننڍڙي ڪمري سان گڏ اٽيچڊ باٿ روم ۽ ڪچن پڻ هو، ساڻس ڪيل خبرون تفصيل سان لکڻ بدران فقط ڪجهه ڳالهيون ۽ نقطا پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ معلومات لاءِ لکي رهيو آهيان.

مڪئي Maize جو اصل ملڪ وچ آمريڪا آهي، جتان پوءِ اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ملڪن ۾ مشهور ٿي، جنهن بعد سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويئي.

مڪئي جو تعلق گاهه واري فئملي سان آهي، سو دراصل مڪئي ڀاڄي واري گروپ ۾ نه آهي. بلڪه اناج Grain آهي. Sweet Corn جنهن کي اسان ڀاڄي طور کائون ٿا سفيد يا پيلي رنگ جا ٿين ٿا، باقي قسمن جي سنگن جا ڪڻا Kernels نارنگي، ڳاڙهي، برائون، بلو، پرپل ويندي ڪاري رنگ جا به ٿين.

سراسري طور هر سنگ ۾ اٽڪل 16 قطارن ۾ 800 کن ڪڻا ٿين.

آمريڪا ۾ تمام گهڻي مڪئي پوکي وڃي ٿي، جنهن مان ڏهه سيڪڙو کاڌي طور استعمال ٿئي ٿي، جيئن ته Cereals (ڪارن فليڪس وغيره)، پاپ ڪارن، مڪئي جو اٽو (مختلف ٻوڙن ۽ بيڪري جي شين ۾) ۽ مٺاين ۾، 50 سيڪڙو جانورن ۽ ڪڪڙين جي فيڊ ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ باقي مختلف تيلن، ٻارڻن Fuels، شربتن (ڪوڪاڪولا جهڙن) اسٽارچن ويندي شرابن (وسڪي وغيره) ۾ استعمال ٿئي ٿي.

ويهين صدي جي شروع وارن سالن ۾ مڪئيءَ مان ٺهيل ڪارن فليڪس ايڏو ته مشهور ٿيا، جو فقط مشيگان رياست جي Battle Creek واري علائقي ۾ ڪارن فليڪس ٺاهڻ جون چاليهن کان مٿي ڪمپنيون هيون.

دنيا ۾ جيتري مڪئي جي کپت ٿئي ٿي، ان جي سمجهو ته اڌ کان وڌيڪ پوک هتي آمريڪا ۾ ٿئي ٿي. آمريڪا ۾ مڪئي جن رياستن ۾ گهڻي پوکي وڃي ٿي، اهي آهن: آئووا، اليناس، انڊيانا، اوهيو، مسوري، ڪنساس، نيبراسڪا، سائوٿ ڊڪوتا ۽ منيسوٽا. اهي سڀ رياستون هڪ ٻئي سان مليل آهن ۽ اهو ڌرتيءَ جو ٽڪرو Corn Belt سڏجي ٿو.

آمريڪا بعد گهڻي مڪئي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل ۾ پوکي وڃي ٿي ۽ ان بعد روس ۽ ميڪسيڪو آهي.

پيلي رنگ جي مڪئيءَ ۾ مئگنيشيم گهڻو آهي ۽ صحت لاءِ سٺي آهي. مڪئي جو تيل به جسم لاءِ سٺو آهي، خاص ڪري آنڊي جي لاءِ. مڪئيءَ جا اهي سنگ خريد ڪرڻ کپن، جنهن جا ٻاهريان پن Husks چهچ ساوا ۽ تازا هجن ۽ ڪڻن Kernels سان ڀريل هجن ۽ جيترو ٿي سگهي جلد رڌي کائجن يا ريفريجريٽر ۾ رکجن ڇو جو مڪئيءَ جي سنگن جي اها خاصيت آهي ته پٽجڻ بعد سنگن ۾ موجود شگر آهستي آهستي Starch ۾ بدلجڻ شروع ٿئي ٿي. ان ڪري پٽجڻ بعد مڪئي جو سنگ جيترو جلد کائجي اوترو بهتر. ننڍن ۽ڪچڙن سنگن کي ته ڪچو (رڌڻ بنا) به کائي سگهجي ٿو.

ڪيترن ملڪن ۾ مڪئي Staple Food آهي پر ڪڻڪ يا چانورن جي ڀيٽ ۾ مڪئيءَ ۾ گهڻيون پروٽين ۽ منرل نه آهن. رڳو مڪئي کائڻ سان Pellegra  ٿي سگهي ٿي جيڪا Niacin جي کوٽ آهي. ميڪسيڪو جتي مڪئي تمام گهڻي کاڌي وڃي ٿي، هن بيماري کان بچڻ لاءِ مڪئي کي Lime Water ۾ رڌيو وڃي ٿو.

سٺي مڪئيءَ جون ٽي خاص جنسون Genetic Background موجب آهن: نارمل مٺي (SU)، Sugary Enhancer  جيڪا SE سڏجي ۽ سپر سوئيٽ (Sh2).

آڳاٽين پاڇاٽين جنسن مطابق به مڪئي جون ٽي جنسون آهن Sundance-1 هن جي تيار ٿيڻ ۾ 69 ڏينهن لڳن ٿا.

2-Tuxedo: هن ۾ 75 ڏينهن لڳن ٿا.

3-Incredible: هن ۾ 83 ڏينهن لڳن ٿا.

”توهان ڪهڙي جنس لڳائي آهي؟“ مون پينسلوانيا جي هن زميندار Cum هاري، مسٽر مارٽن کان پڇيو.

”مون ٽئي لڳايون آهن.“ هن ٻڌايو

”ڪهڙي خيال کان؟“ مون پڇيو.

”ان ڪري ته جيئن منهنجو مال ڊگهي عرصي لاءِ مارڪيٽ ۾ Supply ٿيندو رهي. مارڪيٽ ريٽ مال جي گهرج ۽ مهيا ڪرڻ  (Demand & Supply) موجب لهندي چڙهندي رهي ٿي، جنهن مان مون کي فائدو رسي سگهي. پهرين جنس 69 ڏينهن بعد تيار ٿيندي ۽ مارڪيٽ ۾ مال پهچائڻ ۾ هفتو ڏيڍ لڳي ٿو ۽ جيئن ئي پهرين جنس ختم ٿيندي ته ٻي تيار ٿي ويندي ۽ ٻي جي پوري ٿيڻ تي ٽي اچي ويندي.

”اسان وٽ پکي، مرون ۽ ٻيا جانور مڪئيءَ جا دشمن آهن. هتي آمريڪا ۾ ڪو ان قسم جو مسئلو؟“ مون هن آمريڪن زميندار کان پڇيو.

”اسان وٽ به ساڳيا پکين جا مسئلا آهن. جانورن مان سڀ کان گهڻو Raccoons تنگ ٿا ڪن.“

رئڪون رات جو گهمندڙ ڦرندڙ جانور آهي، جيئن چمڙو آهي يا چٻرو پکي. هي ٻلي کان ڪجهه وڏو جانور آهي، جيڪو جنگلن ۾ به گذارو ڪري سگهي ٿو ته شهرن ۾ به. ڪانگن وانگر نقصان به پهچائي ٿو ته گند ڪچرو به ڪري ٿو.سندس پويان پير ماڻهن وانگر فلئٽ فٽ آهن ۽ سندس آڱوٺا نرالي ڊيزائين جا آهن،جن سان هو دٻن جا ڍڪ، ويندي بند ٿيل دروازا کوليو وڃي.

رئڪون اصل آمريڪا (ڏکڻ ڪئناڊا ۽ USA) جو جانور آهي جنهن کي Fur خاطر (سندس بُجن واري کل جي ڪري) جرمني ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ويهين صديءَ ۾ آندو ويو. هاڻ اتي جي ماڻهن جا به تڙ تپائي ڇڏيا اٿس. گهر جي ٻاهر دٻن ۾ رکيل ڪچرو ته ڪڍي ڇڏيندو آهي پر ٻلي ۽ ننڍڙي ڪتي جهڙن جانورن کي به کايو ڇڏي. کيس توهان Omnivorous جانور چئي سگهو ٿا. يعني ڀاڄيون ۽ ميوا به کايو وڃي ته گوشت مڇي به کايو وڃي. کيس چاليهه ڏند ٿين ٿا، جيڪي چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانورن وانگر ڪجهه ڪجهه تکا به ٿين ته گاهه کائيندڙ جانورن وانگر به ٿين ۽ سندس هاضمو به ان مطابق آهي جو  بادام، اخروٽ، ٻير، جيت جڻيا، بيضا، ڪڪڙيون ويندي پکي، بلا ۽ پونگڙا به کايو وڃي. اهڙي طرح هو مڪئي جي سنگن جو به عاشق آهي ۽ ٻهراڙيءَ ۾ به نظر اچي ٿو ته ٽورنٽو جهڙن شهرن ۾ به. سو مڪئي جي سنگن جي هن زميندار جي اها ڳالهه بجا هئي ته رات جو نڪرندڙ جانور Nocturnal Mammal رئڪون هن لاءِ چڱي باهه ٿو ٻاري.

ڏينهن جو ننڊون ڪندڙ ۽ رات جو ڳوٺاڻن توڙي شهرين جي گهرن مان شيون چوري ڪندڙ هي جانور raccoon هتي جي ڪلچر ۾ ڌاڙيل به سڏيو وڃي ٿو. هتي جي ٻارن جي آکاڻين جي ڪتاب ۾ هن جانور بابت هڪ مشهور شعر آهي ته:

If  I were a raccoon,

I would sleep until half past noon,

I would hang out in the trunks of trees,

And do what ever I please.

I would rummage through the trash cans,

Making all sorts of noise, me and my boys,

We take what ever we want, because we are bandits And if we saw sameone coming, we’d take the loot and split.

وغيره وغيره.....

”پوءِ ڀلا هنن جانورن (رئڪونن) کي ڪيئن ڀڄايو؟“ مون پڇيو مانس.

”کين ڀڄائڻ جا ڪيترائي طريقا آهن پر ڪو اهو سوچي ته منهنجي پوک جو هڪ به سنگ رئڪون جي پيٽ ۾ نه وڃي اها ڳالهه ناممڪن آهي ڇو ته رئڪون بيحد چالاڪ ۽ ذهين جانور آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو جهر جهنگلن ۾ توڙي وڏن شهرن ۾ پيٽ ڀري پنهنجو بچاءُ ڪريو ويٺو آهي.“

مارٽن مون کي پنهنجي پوکي جي چوڌاري لڳايل ٻه اليڪٽرڪ تارون ڏيکاريون جن مان هڪ زمين کان 4 انچ مٿي لڳل هئي ته ٻي 12 انچ مٿي. ”سنگ جيئن ئي وڏا ٿين ٿا ته رات جي وقت هنن تارن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ آن رکندا آهيون ته جيئن هيءَ قوم، جيڪا چورن وانگر اسان جي مڪئي کي چٽ ڪري ٿي، اهي پاڻ چٽ ٿي وڃي.“ مارٽن ٻڌايو.

مڪئي جي مٺن سنگن Sweet Corn ۾ صحت جي لحاظ کان هي شيون گهڻيون آهن:

فائيبر

Niacin

Folate

وئٽمن اي

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته Folate عورت جي Neural –tube واري ڄم جون خاميون دور ڪري ٿو ۽ دل جي بيمارين ۽ Stroke  جي رسڪ ۾ گهتائي آڻي ٿو. فائبر قبضيءَ کان بچائي ٿو.

پاڻي ۾ سنگ اوٻارڻ مهل لوڻ هرگز نه وجهجي جو لوڻ وجهڻ سان ان جا ڪَڻ ويتر سخت ٿيو پون.

سنگ جون خاصيتون برقرار رکڻ لاءِ هن کي فريز ڪري ڇڏجي

موڪلائڻ کان اڳ مسٽر مارٽن پنهنجي ڪئبن ۾ ويهاري ڪافي پياري جنهن جي سامهون واري ڀت تي هن فصل (مڪئي) جي لاباري تي لکيل ڪنهن جو شعر لڳل هو. ٿي سگهي ٿو سندس ئي ڪنهن پٽ، ڌي يا پوٽي پوٽيءَ جو لکيل هجي ته هن فصل جي لاباري ۾ گهر جي سڀني ڀاتين کي وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي.

The Corn Harvest

The cron harvest is hard working

The mother and father and little girl are tired,

They work hard on piling the corn

Their hands stay sticky working all day…….

مڪئي جي سنگن بابت ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن. هن پاسي ايندڙ موسم جو اندازو مڪئي جي سنگن مٿان چڙهيل husks مان به لڳايو وڃي ٿو. چوڻي مشهور آهي ته

If corn husks are thicker than usual, a cold winter is ahead.

يعني سنگ جي مٿان چڙهيل پن جنهن سال توهان کي ٿلها نظر اچن معنيٰ ان سال سيارو سخت اچڻ وارو آهي ۽ سيءَ کان بچاءَ لاءِ توهان به ٿلهن ڪوٽن ۽ سئيٽرن جو بندوبست ڪريو.

مڪئي جي سنگن بابت هڪ آفريڪن چوڻي پڻ آهي، جيڪا نائيجيريا ۾ مشهور آهي.

A man does not wander far from where his corn is roasting.

 

ڊاڪٽر عزت قاضي ۽ محمد بخش سميجو

اسان هڪ دفعو وري روٽ 70 تي هئاسين جتان پوءِ چاليهه کن ميلن بعد 81 North روٽ تي آياسين. ان دوران عرفان گاڏي به هلائيندو رهيو ته رکي رکي ايندڙ فون جا به جواب ڏيندو رهيو. وقت پاس ڪرڻ لاءِ آئون به کانئس پڇندو هليس ته ڪنهن جو فون هو، ڇا ٿو ڪري. هڪ ٻه همراهه منهنجا به سڃاتا نڪتا جن لاءِ کيس سلام ڏيڻ لاءِ چيومانس. انهن مان هڪ ڊاڪٽر عزت قاضي هو، جنهن واشنگٽن رياست کان عرفان کي فون ڪيو هو. هو عرفان جو هم عمر ۽ دوست آهي. عرفان ٻڌايو ته آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ وارا شروع جا ڪجهه هفتا يا مهينا ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن، جيسين ڪا نوڪري يا job ملي ۽ پنهنجي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪجي تيسين ڪٿي رهجي. ”اهڙي صورت ۾ عزت قاضي نه فقط منهنجي پر اعجاز شيخ جي به ڏاڍي مدد ڪئي.“ عرفان ٻڌايو.

ڊاڪٽر عزت قاضي منهنجي والد صاحب جي هم عمر ۽ پياري دوست مرحوم قاضي محمد شريف جو ننڍو فرزند آهي. منهنجو والد صاحب مرحوم گل محمد شيخ جڏهن ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو ته قاضي شريف صاحب پوليس جو ايس پي هو پر سندن دوستي نوڪري جي ڪري نه پر هم خيال ۽ تبيلغ جماعت سان واسطو هجڻ ڪري هوندي هئي. هو اڪثر تبليغ لاءِ گڏ گڏ نڪرندا هئا. قاضي صاحب جو 55 سالن جي ڄمار ۾ 1975ع ۾ دل جي دوري ڪي اوچتو انتقال ٿي ويو ان وقت پاڻ Narcotic Control Board جا ريجنل ڊائريڪٽر هئا ۽ ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد جي ڊي بلاڪ ۾ رهندا هئا. ڀر ۾ ئي (بلاڪ سي) ۾ اسان جو گهر هوندو هو. آئون ڪراچي هوندو هوس يا منهنجو جهاز ڪراچي جي بندرگاهه ۾ ايندو هو ته آئون ساڻن هميشه ملڻ ويندو هوس. قاضي صاحب هڪ نيڪ، نمازي، فقير منش پوليس آفيسر هو. هونءَ به نصرپور جي هنن قاضين جو خاندان سندن بزرگي ۽ ديني علم ڪري وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سندن والد صاحب (يعني ڊاڪٽر عزت جي ڏاڏي) جو نالو قاضي محمد سائل هو. ڊاڪٽر عزت جو والد صاحب قاضي شريف ڇهه ڀاءُ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏو هو. ان بعد سندن ڀيڻ جيڪا قاضي بچل صاحب جي گهر آهي. ان بعد سندن اڪيلو ڀاءُ غلام دستگير آهي. غلام دستگير صاحب ۽ قاضي محمد بچل صاحب سال ڏيڍ اڳ، هڪ ٻئي پويان، هي فاني جهان ڇڏي ويا. پاڻ پڻ قاضي شريف وانگر پنج وقت نمازي هئا ۽ منهنجي ساڻن آخر تائين ڊفينس سوسائٽي جي فيز فور جي مسجد شفقت ۾ ملاقات ٿيندي رهي جتي اڄ ڪلهه سندن اولاد ۽ ناٺي انجنيئر محمد پرويز عالماڻي صاحب ۽ ان جي گهر جا ڀاتي باقاعدگي سان نماز تي اچن ٿا.

غلام دستگير صاحب سنڌ جي اهم شخصيت غلام محمد شاهواڻي جي گهران شادي ڪئي. شاهواڻي صاحب جو شاهه لطيف جو رسالو سليس سنڌي ۾ ترجمو بيحد مشهور آهي، پاڻ نورمحمد هاءِ اسڪول جا پهريان پرنسپال هئا. غلام دستگير قاضي صاحب کي چار پٽ آفتاب، الطاف، افتخار ۽ وقار آهن ۽ هڪ نياڻي آهي، جنهن جي 1992ع ۾ پنهنجي سئوٽ ڊاڪٽر عزت سان شادي ٿي ۽ کين ڪومل ۽ نرمل نالي ٻه نياڻيون آهن. قاضي شريف صاحب جي باقي ٽن ڀيڻن (يعني ڊاڪٽر عزت جي پڦين) مان هڪ جي شادي تعلقي پنوعاقل جي غلام نبي ڪلور صاحب سان ٿي. ڪلور صاحب ائگريڪلچر جي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي آهي ۽ اڄ ڪلهه ٽنڊو ڄام ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو. ٻي ڀيڻ جي شادي نصرپور جي قاضي عبدالواحد سان ٿي پاڻ ايڪسائيز کاتي ۾ هوندو هو ۽ ننڍي ڀيڻ قاضي احمد جي زميندار ۽ سياستدان سيد شاهه محمد شاهه جي گهر واري آهي.

ڊاڪٽر عزت قاضيءَ جي ٻن وڏن ڀائرن: عزيز الله ۽ خليل الرحمان سان ڪراچي ۾ پيٽارين ائسوسيئيشن جي دعوتن ۾ اڪثرملاقات ٿيندي رهندي آهي جو هي ٻه ڀائر مون وانگر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيا آهن. عزيز الله PIA جو پراڻو پائلٽ آهي ۽ سندس شادي سندس پيءُ جي سئوٽ قاضي محمد بچل جي گهران ٿي آهي. خليل الرحمان فارين سروس ۾ آهي. اڪثر اسلام آباد ۾ هوندو آهي يا آذر بائيجان جهڙن ملڪن ۾. يعني هن جو تعلق سفارتخانن سان رهي ٿو. سندس شادي PIA جي مرحوم بشير قاضي جي ڀيڻ سان ٿي، جنهن جي گهر ۾ سندن وڏي ڀيڻ هئي. پائلٽ عزيز الله ۽ سيڪريٽري خليل الرحمان کان هڪ وڏو ڀاءُ حبيب الله به آهي، جنهن جي شادي سينيٽر قاضي عبدالميجد جي ڀاءُ قاضي عبدالعزيز جي گهران ٿي آهي.

ڊاڪٽر عزت ڊاڪٽري جي تعليم لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. پاڻ 1989ع واري بئچ جو هو جن سال 1991ع ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. هائوس جاب کان پوءِ پاڻ ڪجهه سال PIA ۾ ڊاڪٽر ٿي رهڻ بعد ٻارن سميت هيڏانهن آمريڪا هليو آيو آهي.

عرفان جماڻيءَ سان گڏ، آمريڪا جي مئريلئنڊ رياست کان پينسلوانيا رياست جي هن سفر ۾ عرفان وٽ جيڪي فون ايندا رهيا انهن مان هڪ نيو جرسي کان مقبول ڏاهري (نواب شاهه جي ڊاڪٽر ڏاهري جي فرزند) جو پڻ هو، جنهن پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي اوچتي وفات جي ڏکوئيندڙ خبر ٻڌائي. ڏاهريءَ کي اها خبر محمد بخش سميجو جي ڀيڻوئي، دادو جي ابراهيم چنا صاحب کان پئي، جيڪو هتي آمريڪا ۾ هن جي پاڙي واري شهر ايڊيسن ۾ ئي رهي ٿو.

محمد بخش سميجو سنڌي ڊرامن ۾ هدايتڪاريءَ جي حوالي سان هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن کي ڏسندڙ ڪڏهن به وساري نه سگهندا. محمد بخش سميجو سان منهنجي پهرين ملاقات استاد بخاريءَ جي معرفت اڄ کان چاليهه سال کن اڳ دادوءَ ۾ ٿي. دادوءَ ۾ سندن گهر اسان جي ماسي (مظهر حسين گهلو) وارن جي گهر ڀرسان هوندو هو. بعد ۾ ٽي وي اسٽيشن تي ڪنهن ادبي يا جهاز رانيءَ جي پروگرام ۾ حصو وٺڻ لاءِ منهنجو وڃڻ ٿيندو هو ته هارون رند ۽ محمد بخش سميجو صاحب جن وٽ ڪجهه گهڙين لاءِ ضرور ترسندو هوس. هو هر وقت پنهنجي ڪم ۾ مشغول نظر ايندا هئا ۽ هنن هر ڊرامو وڏي چاهه ۽ محنت سان مڪمل ڪيو ٿي.

محمد بخش سميجو صاحب تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ ”ٻٽ سرائي“ ۾ جنم ورتو. پاڻ شروع وارن سالن ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري ٽيچر ٿي رهيو. سن 1973ع کان 1974ع دوران ضلعي دادو ۾ وڪالت به ڪيائين. ايم اي انگلش ڪرڻ کانپوءِ انگريزي ادب ۽ خاص طور تي شيڪسپيئر جي ڊرامن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. شايد ان ئي ڪري PTV تي نوڪري ورتائين ۽ پروڊيوسر ٿيڻ کانپوءِ هن اهي ڊراما پروڊيوس ڪرڻ شروع ڪيا، جن کيس يادگار حيثيت ڏياري. محمد بخش PTV تان سڀ کان پهرين مرحوم شوڪت ڪيهر جو لکيل ڊرامو ”گُهٽ“ جون هدايتون ڏنيون، جڏهن ته سندس ڪئريئر جو آخري اڙدو ڊرامو ”جيت“ ۽ آخري سنڌي ڊرامو ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه“ هو. جيڪو ڊاڪٽر محمود مغل جو لکيل آهي.

مرحوم محمد بخش سميجو پي ٽي وي تي 16 سنڌي سيريل ۽ 11 اردو سيريل پروڊيوس ڪيا. سندس محنتن سبب پي ٽي وي جا ڪيترائي ايوارڊ هن جي ڊرامن کنيا.

1996ع ۾ پي ٽي وي طرفان جرمنيءَ ۾ ٿيل ڊراما فيسٽيول ۾ سندس سنڌي ڊرامي ”غلام“ ۽ اردو ڊرامي ”نوري ڄام تماچي“ کي تعريفي سند ڏني ويئي. محمد بخش ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي شوق ۾ پي ٽي وي تي نوڪري ڪئي هئي ۽ امر جليل جي لکيل ڊرامي ”هيڪل جندڙيءَ“ ۾ به ڪم ڪيو هئائين. ان ڊرامي ۾ ساڻس گڏ اداڪاره بينا مسرور ۽ مرحوم اداڪار يوسف عليءَ به ڪم ڪيو هو. هن هڪ ڀيري پنهنجي ڪم جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته هو سکڻ لاءِ ڪري روزانو هڪ انگريزي فلم ڏسي ٿو. خاص ڪري ڊيوڊ لينز ۽ وليم وائلر جي.

محمد بخش سميجي جا جيڪي ڊراما بيحد پاپيولر ٿيا انهن ۾ جيت، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءُ منجهه کان علاوه نوري ڄام تماچي، سمجهوتا، غلام، روش، زينت، سوال، آئينو، جياپو، ڪونج، تلاش، انتها، سنهري لوگ، گامو سچار، روپ هزار، اڪيلو ماڻهو، ڄاتل اڻ ڄاتل پڻ آهي. پاڻ نوڪريءَ جو وڏو عرصو ڪراچي سينٽر تي گذاريو. سندس آئيڊيل اداڪار وحيد مراد هو. هن جي هر ڊرامي ۾ مخصوص اداڪار ۽ اداڪارائون نظر ايندا هئا، جن مان ڪيترائي هن پاڻ متعارف ڪرايا جيئن ته نسرين ناز، قيصر خان، قمر النساءَ هڪڙو، احمد ميمڻ، شگفته ڀٽو، بشارت عباسي، خالد تنيو، رابعيه نورين ۽ ٻيا ڪيترائي.

 

آمريڪا ۾ ڊرائيونگ ۽ سهڻيءَ جي ڪهاڻي

اسان پينسلوانيا رياست ۾ گهڙڻ بعد exit 1 ذريعي هاءِ وي ڇڏي هيٺين رستن تي آياسين ۽ هتان اسان کي گرين ڪئسل پهچڻ ۾ دير نه لڳي، جتي اسان کي اعجاز شيخ جي گهر پهچڻو هو. اعجاز مئريلينڊ رياست کان جيتوڻيڪ اسان کانپوءِ نڪتو هو پر جيئن ته اسان مڪئي جي پوک ڏسڻ لاءِ منو ڪلاڪ کن رستي تي ترسي پيا هئاسين، ان ڪري اعجاز اسان کان گهڻو اڳ نڪري ويو ۽ هاڻ گهر پهچي منجهند جي ماني لاءِ اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. اسان جي پهچڻ سان هن پنهنجو هي خريد ڪيل گهر جو هڪ هڪ ڪمرو ڏيکارڻ شروع ڪيو. تيسين سندس زال جيڪا صبح کان اڪيلي سر ماني تيار ڪري رهي هئي سان کائڻ لاءِ ٽيبل تي رکڻ لڳي. آمريڪا جي گهرن ۽ رهائش بابت هتي هڪ ٻه ڳالهيون پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکي رهيو آهيان.

آمريڪا ۾ ٻيا کڻي مزا هجن پر هر هڪ کي نوڪري ۽ گهر جو پورهيو پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ايشيائي ملڪن وارا ”نوڪر چاڪر رکڻ وارا مزا“ نه آهن. اسان جي ملڪ ۾ ته ماڻهن جو هيڪاندو دماغ خراب ٿيل آهي. هڪ ٻار کي به نوڪر بوٽ کڻي پيو ڏيندو بلڪه پارائيندو. ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لاءِ ماسي هوندي. ڪار جي صفائي ۽ هلائڻ لاءِ ڊرائيور هوندو پر يورپ، جپان توڙي هيڏانهن آمريڪا ۾ وڏا وڏا آفيسر ۽ امير گهرن ۾ به هر ڪو پنهنجو ڪم پاڻ ٿو ڪري. رڌ پچاءَ کان ٿانو ۽ ڪپڙا ڌوئڻ، گهر جي صفائي، ٻارن کي تيار ڪرڻ وغيره وغيره. پوءِ ڪنهن ڪم ۾ عورت کي مرد مدد ڪرائيندو نظر ايندو ته ڪنهن ۾ مرد کي عورت. ڪيترن گهرن ۾ ته نوڪري به نه فقط مرد پر زال به ڪري ۽ ڪيترا مرد (هتي جا آمريڪن يا ڪيترا اسان جا ديسي پڻ) گهر جي وڌندڙ خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه ٻه نوڪريون به ڪن.

ٻي ڳالهه ته هتي آمريڪا ۾ اسلام آباد وانگر سخت موسم ٿئي يعني تمام گهڻي سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي. ان ڪري هر گهر ۾ Heating System ۽ ايئر ڪنڊيشنر ضروري ٿي پيو آهي.

هتي جي گهرن جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي آمريڪا جي گهرن ۾ اسان وانگر (يا يورپ جي ملڪن وانگر) هر ڪمري سان گڏ اٽيچڊ باٿ روم نه ٿئي. ڪيترن ٻن يا ٽن ڪمرن وارن گهرن ۾ به فقط هڪ باٿ روم آهن. جپان ۾ به ائين آهي پر اتي ته زمين جي کوٽ ڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي.

اعجاز شيخ جو گهر شهري گهرن جيان ڳتيل علائقي ۾ نه آهي پر ٻهراڙي Country Side واري نموني جو کليل گهر آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيتري ئي Space ڇڏيل آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته آمريڪا ۾ ڪي ڪي هنڌ قدرتي سونهن ۾ ايڏو ته خوشحال آهن جو ڇا ڳالهه ڪجي. هي گهر به اهڙي ئي سهڻي نظاري واري علائقي ۾ آهي. گهر جي اڳئين پاسي توڙي پٺئين پاسي بيهي نظر ٿي ڪيم ته حد نگاهه تائين ساوڪ ئي ساوڪ نظرآئي ٿي. چوڌاري خوبصورت پنن وارا وڻ ۽ گلن وارا ٻوٽا ۽ پري پري تائين جيڪي جبل نظر اچن ٿا سي به ملائيشيا وانگر ساوڪ سان ڀريل آهن. هر گهر جي پويان وڏو ڪورٽ يارڊ آهي جتي ڪجهه گهر وارن پينگهون هڻي ڇڏيون آهن، جن ۾ سندن ٻار لڏي رهيا هئا. ڪن گهرن جا ٻار سائيڪلون هلائي رهيا هئا ته ڪي بئڊمنٽن کيڏي رهيا هئا. اعجاز کي ٽي نياڻيون آهن، جن مان وڏي اقراءَ ڪلاس ون ۾ وڃي ٿي. ٻي مرڪ نالي هاڻ ڪي جي ٽائيپ اسڪول ۾ وڃڻ شروع ڪيو آهي ۽ ٽين اريبا اڃا ننڍي آهي ۽ سڄو ڏينهن ماءُ سهڻي سان گڏ رهي ٿي. سهڻيءَ ٻڌايو ته اقراءَ ۽ مرڪ جا جدا جدا اسڪول آهن، جن کي صبح جو ڪڏهن پاڻ ته ڪڏهن اعجاز اسڪول ڇڏي ايندو آهي. ”باقي موڪل مهل کين آئون وٺي اچان.“ سهڻيءَ ٻڌايو، ”ويندي وقت يا واپسي تي گهر جي لاءِ گهربل سامان  جي خريداري به آئون ڪريان جو اعجاز صبح جو پنهنجي بزنيس پويان نڪري ٿو ته شام جو ٿڪجي موٽي ٿو.“

”پوءِ ڀلا گاڏي هلايو وڃين؟“ مون پڇيو.

”اها اچڻ سان سکيس جو آمريڪا ۾ ان بنا گذارو ناهي.“ سهڻي ٻڌايو، ”ڇو جو هتي پنهنجي ملڪن وانگر بس جو سسٽم ناهي. ٽئڪسي فقط مجبوريءَ ۾ ڪري سگهجي ٿي. هتي هر ڪم لاءِ پنهنجي ڪار ڪڍڻي پوي ٿي. هر ڀاتيءَ لاءِ پنهنجي ڪار هجڻ ضروري آهي.“

سهڻي جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ۽ آمريڪا ڏي ويندڙن جي معلومات لاءِ مون ڄاڻي واڻي ورجائي آهي ته هنن ملڪن ۾ هڪ ته انگريزي زبان جو اچڻ ضروري آهي ۽ آمريڪا پهچڻ کان اڳ هو پنهنجي ملڪ مان جيتري قدر ٿي سگهيس ته ڳالهائڻ جي به پرئڪٽس ڪري اچي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، ڪنهن کي نٿي اچي ته هتي اچي آخر ته هو سکي وڃي ٿو پر جيترو جلد هو سکي وٺندو يا جيترو پهرين کان واقف هوندو اوترو هن لاءِ بهتر آهي. اهڙي طرح گاڏي هلائڻ آهي. ڪيترا ماڻهو پنهنجي ملڪ مان سکي اچن ٿا ۽ پوءِ هتي معمولي ڪلاسز اٽينڊ ڪري ڊرائيونگ جو ٽيسٽ ڏيئي ڊرائيونگ جو لائسنس وٺن ٿا. ڪي ماڻهو پنهنجي ملڪ مان انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائي اچن ٿا ۽ هتي آمريڪا ۾ پهچڻ سان ان لائسنس تي في الحال ڊرائيونگ ڪندا رهن ٿا، جيسين هتي جو امتحان ڏيئي لوڪل ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪن. پر اهڙن ماڻهن جي چتاءَ لاءِ هتي اهو پڻ لکندس ته هو آمريڪا جي ان رياست، جنهن ۾ هو رهڻ جو ارادو رکن ٿا، اتي رهندڙ پنهنجي دوست يا آفيس يا يونيورسٽي وارن کان خط ذريعي ضرور پڇي وٺن ته اتي پاڪستان مان ٺهرايل انٽر نيشنل ڊرائيونگ لائسنس کي قبول ڪن ٿا يا نه. ڇو جو ڪي ڪي قانون آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ مختلف آهن. اهو ئي حال ٻين ملڪن جو آهي. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي انڊيا جا ماڻهو انڊيا مان ٺهرايل انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس استعمال ڪندا هئا پر اسان جي ملڪ جو قبول نه ڪيو ويندو هو، جنهن لاءِ هومختلف سبب ٻڌائيندا هئا ته پاڪستان حڪومت سان ميوچل ائگريمينٽ ناهي ۽ ٻيو ته پاڪستان ۾ ڊرائيونگ جو صحيح طرح لکت ۾ ۽ پريڪٽيڪل امتحان وٺڻ بنا ڊرائيونگ لائسنس ڏنو وڃي ٿو....... وغيره

بهرحال آمريڪا ۾ ايندڙ ڪيترائي پاڪستاني پاڻ سان پاڪستان مان انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائي اچن ٿا.

پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽر نيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهي ملڻ جي سهوليت موجود آهي. ڪراچي ۾ انهن جي مين آفيس ڪلفٽن تي آهي ۽ انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ هيٺيان ڪاغذ هجڻ ضروري آهن.

1. پاڪستان جي لوڪل ڊرائيونگ لائسنس جي ڪاپي

2. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ- جو مقرر في (هڪ سئو رپيا کن) ڏئي، اتي جي ڊاڪٽر کان ٺهرائي سگهجي ٿو.

3. شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي.

4. پاسپورٽ جي ڪاپي، ويزا سميت (ويزا بنا ڊرائيونگ لائسنس نٿو ملي سگهي).

5. لائسنس جي مقرر في.

جن کي ڊرائيونگ نٿي اچي، اهي هتي آمريڪا ۾ اچي ڊرائيونگ سکڻ جا ڪلاس اٽينڊ ڪن ۽ پوءِ لکت جو ۽ گاڏي هلائڻ جو امتحان ڏين. جتي جتي پاڪستاني رهن ٿا، اتي پاڪستانين جا به ڪيترائي ڊرائيونگ اسڪول آهن، جن جا اشتهار هتان آمريڪا مان نڪرندڙ (۽ مفت ۾ ورهائجندڙ) اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. جيئن ڪو ڳوٺ جو ماڻهو ڪراچي جهڙي شهر جي ٽريفڪ ڏسي هراسجي وڃي ٿوو، تيئن اسان جو حال هتي آمريڪا ۾ پهچي ٿئي ٿو، جنهن جو احوال هن کان اڳ واري سفرنامي (نيو هالا کان نيويارڪ) ۾ لکي چڪو آهيان ته، هتي جي نيويارڪ جهڙن شهرن جي ٽرئفڪ، هيٺ مٿي وهندڙ رستا، پليون ۽ سمنڊ هيٺان سرنگهون ڏسي، ڪجهه ڏينهن لاءِ دماغ چڪرائجيو وڃي ته هتي ماڻهو ڪيئن ٿا گاڏي هلائين، پر آخر هتي انڙپور، ٻڍاپور جو رهاڪو ڊاڪٽر رمضان  ۽ هالا جي سندس زال ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو به ته ڪار هلائي پيئي. پيالوءِ جو عاشق علي لاکو، گهوٽڪي جو رميش ٿارواڻي ۽ محرابپور بيءَ پارا نور النساءَ گهانگهرو به ته گاڏي هلائين پيون.

”ڀلا آمريڪا ۾ گاڏي هلائڻ ڪيئن ٿي لڳي؟“ مون شائسته (سهڻيءَ) کان پڇيو.

”پهرين، ڏينهن گهٻراهٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ پوءِ احساس ٿئي ٿو ته هتي گاڏي هلائڻ سڀ ۾ سولو ڪم آهي، جو هتي هر ڪو قاعدي قانون مطابق هلي ٿو. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ تي وڏا ڏنڊ آهن ۽ ڏوهارين کي جهلڻ لاءِ پوليس ۽ ڳجهن هنڌن تي ڪئميرائون لڳل آهن ان ڪري هرڪو ڊپ ۾ رهي ٿو ۽ قانون طرفان مقرر حد تائين تيز رفتار گاڏي هلائي ٿو پر فضيلت سان هلائي ٿو ۽ پنهنجي Lane ۾ هلائي ٿو ۽ ٻئي کي ڊسٽرب نٿو ڪري.“

سهڻيءَ اسان لاءِ ۽ الباني (نيويارڪ) کان ايندڙ اعجاز جي ڀيڻ انيلا، ڀيڻوئي ڊاڪٽر نذير ميمڻ ۽ ان جي ٻارن لاءِ ٻه ٻوڙ، چانور ۽ ماني پچائي ورتي هئي،جيڪا هتي اڪيلي سر رهندڙ عورت لاءِ وڏي ڳالهه آهي، جو هن کي گهر جي صفائي به پاڻ ٿي ڪرڻي پوي، ٻارن جي ديک ڀال به کيس ڪرڻي ٿي پوي ۽ نوڪرياڻي، ڊرائيور يا ڪم واري ڇوڪري جي نه هجڻ ڪري مارڪيٽ مان سيڌو سامان، رڌ پچاءُ ۽ ٿانو به کيس ڌوئڻا پون ٿا. ان کان علاوه ٻارن کي هوم ورڪ ڪرائڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ جهڙا ڪم به هن کي ئي اڪيلي  سر ڪرڻا پون ٿا ۽ هيءَ نه فقط ”سهڻيءَ“ جي ڪهاڻي آهي پر آمريڪا ۾ رهندڙ هر عورت جي ڪهاڻي آهي. پر هي گهرو ڪمن جون ڳالهيون سهڻيءَ جي حوالي سان ان ڪري کڻي ويٺو آهيان جو هتي آمريڪا ۾ جن به عورتن سان ملاقات ٿي. خاص ڪري پنهنجي وطن جي عورتن سان، انهن ۾ سهڻي سڀ ۾ ننڍي آهي.  ان عمر جي حساب سان ٻار به گهڻا اٿس ۽ ٻهراڙي جي علائقي ۾ رهڻ ڪري کيس ڀڄ ڍڪ به گهڻي ڪرڻي پوي ٿي. سو اسان جي ملڪ کان هيڏانهن آمريڪا ايندڙ اهي عورتون جيڪي گهڻي ڪم ۽ محنت جون عادي نه آهن اهي ههڙن مثالن مان Inspiration حاصل ڪري سگهن ۽ هنن لاءِ هتي مردن وانگر ڪم ڪرڻو پوي ٿو. بلڪه غور سان تجزيو ڪيو وڃي ته آمريڪا ۾ نوڪري ڪندڙ مرد کان وڌيڪ گهريلو عورت ڪم ڪري ٿي. مرد ته ڇنڇر ۽ آچر موڪل ڪري ٿو عورت ته اهي ڏينهن به رڌ پچاءُ ڪري ٿي، ٻارن جو خيال ڪري ٿي ۽ گهر جي صفائي ڪري ٿي، تڏهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي عورتون اهو آواز بلند ڪري رهيون آهن ته هر مرد کي پنهنجي پگهار جو اڌ زال کي ڏيڻ کپي. بهرحال عورت جي وڌندڙ  ڪم ۽ جوابداريءَ کي ڏسي هتي رهندڙ اسان جا ديسي مرد پنهنجو پاڻ کي پتي ديوتا سمجهڻ جو ڀوت ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن پار ئي ڇڏي  اچن ٿا ۽ هتي سڌا ٿي پنهنجين زالن کي ڪپڙا ڌوئڻ ۾ به مدد ڪن ٿا ته ٿانو به ڌوئن ٿا ته ٻارن کي تيار ڪري اسڪول به وٺي هلن ٿا، ڇو جو سندن گهر واريون هندو ڌرم جون گهڻن هٿن واريون ديويون نه آهن جو صبح جو اٿي هڪ هٿ سان پنهنجن مڙسن ۽ ٻارن لاءِ نيرن تيار ڪري ڏين ته ٻئي هٿ سان استري ڪن، ٽئي سان ٻارن کي تيار ڪن ۽ چوٿين سان گاڏي اسٽارٽ ڪري رکن جيئن اها سياري جي ٿڌ ۾ هلي سگهي.

پورهئي کي عيب نه سمجهڻ وارو آمريڪا ۾ ڪامياب رهندو

ٿوري دير بعد ڊاڪٽر نذير ميمڻ ۽ سندس فيملي نيويارڪ کان پهچي ويا ۽ اسان ماني شروع ڪئي. مانيءَ تي پپئي سان گڏ انب  به هئا، جن لاءِ اعجاز ٻڌايو ته هتي آمريڪا ۾ انڊيا کان باءِ ايئر اچن ٿا ۽ انڊيا وارن جي سٺي ڪمائي ٿئي ٿي. بهرحال اها ڪا حيرت جهڙي ڳالهه ناهي ته اسان پاڪستانين جا ته انب، صوف ۽ ڪينو جهڙا ميوا پاڙي جي عرب ملڪن ۾ به ڪاميابيءَ سان وڪرو نٿا ٿين. انڊيا وارن جي هر شيءَ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن ڏورانهن ڏيهن ۾ به پهچيو وڃي ۽ اسان جي ديسي ماڻهن سان گڏ مڪاني گورا به خريد ڪن ٿا. بقول هڪ پاڪستاني دڪاندار جي هو انڊيا جون شيون ان ڪري پنهنجي دڪان تي وڪري لاءِ رکي ٿو جو اهي بهتر جنس جون آهن، وقت تي پهچيو وڃن، قيمت مناسب اٿن ۽ گريڊنگ مطابق آهن. يعني دٻي ۾ جهڙي شيءَ مٿي نظر اچي ٿي اهڙي هيٺ تري ۾ آهي، انڊيا جو ڌارين ملڪن ۾ واپار وڌائڻ ۽ ملڪ لاءِ غير ملڪي ناڻين ڪمائڻ ۾ انڊيا جي حڪومت، اتي جا واپاري، اتي جون هوائي ڪمپنيون ۽ سفارتخانا سڀ Co-ordinate ڪن ٿا.

سهڻيءَ ٻڌايو ته ”2002ع ۾ هتي آمريڪا اچڻ بعد وري پاڪستان نه وئي آهيان. هن سال پاسپورٽ ملڻ تي وينديس.“ اعجاز وانگر سندس زال سهڻي وارن سان به منهنجو نه فقط مائٽي وارو ناتو آهي پر ان کان به دوستي جو پراڻو آهي. سهڻي ۽ سندس ڀاءُ ڀيڻ: شجاع، شمسه (هاڻ آسٽريليا ۾) فيصل، فرخ (هاڻ آسٽريليا ۾) فهد ۽ سنڌو منهنجي ڀاڻيجن، ثمير، ضمير، افشان ۽ عائشه جا سڳا سئوٽ ٿين. سهڻي جي والد شهاب وسطڙو سان منهنجي پهرين ملاقات  1960ع ۾ ٿي، جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مئٽرڪ ڪلاس ۾ هوس ۽ موڪلن ۾ آئون سندس وڏي ڀاءُ ۽ منهنجي ڪلاس ميٽ بشير وسطڙو سان ملڻ لاءِ سندن ڳوٺ مچڙ (تعلقو ۽ ضلعو نوشهروفيروز) آيو هوس. ان وقت شهاب ڇهين ڪلاس ۾ هو. سندن والد صاحب ڊاڪٽر فقير محمد وسطڙو نوشهري فيروز جو سول سرجن هو ۽ هن کان وڌيڪ، سنڌ جي ماڻهن هنن جي مامي محمد بچل وسطڙو کي سڃاتو ٿي، جيڪو هڪ بهترين ملهه ٿي گذريو آهي ۽ سنڌ جو هر ملاکڙو هن بنا نامڪمل سمجهيو ويو ٿي.

ڊاڪٽر فقير محمد وسطڙو کي ٻارهن ٻار آهن. سڀ ۾ وڏي ڌيءَ مريم (جنهن کي ممل سڏيندا هئا) جنهن جي اڳتي هلي، شادي پنهنجي سئوٽ ۽ سنڌ جي مشهور ۽ کلمک شخصيت ۽ بئنڪر نثار وسطڙو سان ٿي. ان بعد دين محمد ۽ قمر دين آهن، جيڪي سڄي عمر ٽيچنگ سان وابسته رهيا ۽ نواب شاهه ۽ نوشهري ضلعي جا ڪيترائي اهم آفيسر سندن شاگرد رهي چڪا آهن.

ان بعد ڪئپٽن بشير اسان جو هم عمر ۽ ڪلاس ميٽ آهي ۽ هينئر مون وانگر PNSC مان رٽائرمينٽ ورتي اٿس، جتي کانئس پوءِ وارو ڀاءُ جمال وسطڙو پڻ نوڪري ڪري ٿو. جمال بعد سهڻيءَ جو ڀاءُ شهاب آهي، جنهن 1972ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄام شورو مان سول انجنيئرنگ ۾ BE ڪئي. شهاب بعد ڀيڻ اميرزادي (ڪريم داد سنديلو جي گهر واري) آهي ۽ ان بعد نظام، نياز، جميلا ۽ سڀ ۾ آخري ۽ ننڍو ڊاڪٽر گل منير آهي، جنهن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر، ايل ايم سي مان MBBS ۽ وڌيڪ تعليم انگلينڊ مان حاصل ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ اکين جو ڊاڪٽر eye specialist آهي. هتي آمريڪا ۾ رهندڙ  فلڪ شير ۽ سلطان لغاري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ڊاڪٽر گل منير جا ڪلاس ميٽ هئا. گل منير جي شادي اسان جي هڪ پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ۽ ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر رضا شيخ جي ڀاڻيجي رابعه سان ٿي آهي ۽ کيس چار ٻار آهن. رمشا، شهام، رائنا ۽ هاڻ سال کن ٿيندو ته ڌيءَ ڄائي اٿن.

شهاب جي شادي پنهنجي ڳوٺ نوشهروفيروز مان انوقت جي مشهور جج معسو خان  ٽڳڙ جي ڌيءَ ۽ اڄڪلهه جي وڪيل اشفاق ٽڳڙ جي ڀيڻ پروين سان 1975 ۾ ٿي. شهاب وارن سان منهنجي اڪثر فيملي جي شادين مرادين ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي، خاص ڪري جڏهن منهنجو جهاز پاڪستان جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ايندو آهي يا حيدرآباد فيروز ميمڻ جي دڪان ”نيو فيلڊس“ تي نسيم نگر وڃڻ ٿيندو آهي ته شهاب جن وٽ به ليئو ضرور پائيندو آهيان. سهڻي سترهن کن سالن جي هئي ته 1996ع ۾ سندس شادي ادا رفيق شيخ جي وڏي پٽ اعجاز سان حيدرآباد ۾ ٿي. هو حيدرآباد ۾ ئي رهيل هئا، جتي اعجاز پنهنجو اباڻو ڪاروبار زمينداري ۽ ان سان لڳاپيل بزنيس سنڀاليو ٿي ۽ پوءِ ڪجهه سالن کانپوءِ اوچتو ٻڌوسين ته اعجاز ٻارن سميت آمريڪا هليو ويو آهي. ۽ هاڻ جڏهن مانيءَ تي ويٺا هئاسين ته مون کانئس هتي اچڻ بابت پڇيو.

”چاچا مون کي آمريڪا اچڻ جو شروع کان شوق هو،“ اعجاز ٻڌايو، ”آئون پهريون دفعو، شادي کان اڳ، 1994ع ۾ USA وزٽ ويزا تي آيس. ان بعد آمريڪا ۾ رهائش لاءِ لاٽري نڪتي ۽ 2001ع ۾ ٻارن سميت هتي اچي رهائش اختيار ڪيم.“

اعجاز ٻڌايو ته لاٽري دراصل سندس زال سهڻيءَ نالي نڪتي هئي.”آمريڪا جي لاءِ Immigrant Visa جي لاٽريءَ جو جيئن ئي اعلان ٿيو ته مون انٽرنيٽ تان ان جو فارم ڪڍي ان جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ٺهرائي پنهنجي، پنهنجي زال ۽ اسان ٻنهي جي اٽڪل ويهه کن مائٽن لاءِ ڀريو. ٻئي ڪنهن کي به شوق نه هو. مون به سوچيو ته قسمت ته آزمائي ڏسجي ۽ سهڻي ڀاڳ واري چئبي جو ان جو ڪُڻو  نڪري آيو. ٻيو ڪنهن جو به نه نڪتو ۽ جيئن ته زال يا مڙس مان ڪنهن جو به فارم نڪرڻ تي ٻيو به وڃي سگهي ٿو سو آٽو ميٽيڪلي اسان ٻنهي کي هتي لڏي اچڻ جي ويزا ۽ گرين ڪارڊ ملي ويو. هن وقت ٽن سالن کان مٿي مدو ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن وقت به اسان کي هتي جو پاسپورٽ به ملي ويندو ۽ اسان هتي ووٽ ڏيڻ جا به اهل ٿي وينداسين.“

”آمريڪا اچڻ تي پهرين ڪٿي رهئين؟“ مون پڇيو.

”آئون USA آيس ته پهرين ورجينيا ۾ رهيس، جتي منهنجو دوست عزت قاضي رهيو ٿي. هن منهنجي لاءِ پنهنجي پاڙي ۾ اڳواٽ مسواڙ تي گهر وٺي ڇڏيو. هتي عرفان جماڻي به اتي ئي رهيو ٿي ۽ ان ڏينهن کان دوست اٿم. عزت قاضي ان کانپوءِ واشنگٽن رياست هليو ويو.

”ڀلا هتي آمريڪا پهچي روزگار لاءِ ڇا ڪئي؟“ مون پڇيو.

”آمريڪا اچي پهرين سال کن هڪ ڊپارٽمينٽ اسٽور تي ڪم  ڪيم ۽ پوءِ ٻه سال کن ٻين مارڪيٽن ۾ ڪم ڪيم، جنهن مان ڪجهه عرصو فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ ۾، بئنڪ تي، اسٽيٽ ايجنسي ۾ ڪم ڪيم. مون جلدي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ نٿي چاهيو، جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ منهنجو بزنيس Setup هو ۽ ان تجربي جي آڌار تي آئون هتي شروع ڪري سگهيس ٿي پر مون تڪڙ ڪرڻ نٿي چاهي. مختلف هنڌن تي هڪ ورڪر جي حيثيت سان رهي ڪم سکڻ سان گڏ هتي جي بزنيس ۽ مارڪيٽ جي ڄاڻ وٺندو رهيس. بئنڪن وارن سان ملي انهن جي معلومات حاصل ڪيم ته قرض تي پراپرٽي ڪيئن حاصل ڪجي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سامان ڪيئن گهرائجي، جاين ۽ پلاٽن جي خريد و فروخت ڪرڻ وارن وٽ نوڪري ڪري ان دنيا جي خبر چار لهندو رهيس ته ڪو پئٽرول پمپ يا ريسٽورنٽ خريد ڪريان ته ڪهڙي هنڌ تي خريد ڪجي، جيئن اهو سولائيءَ سان هلي سگهي. ائين ته شيدين جي پاڙن ۾ دڪانن جو اگهه گهٽ آهي ۽ اتي دڪان هلن به ٿا جو هتي جا ڪارا صحت جو خيال ڪرڻ بدران سڄو ڏينهن چٽو ڪندا رهن ٿا. ڪنهن جاب ۾ هجن يا بيروزگاري جي حالت ۾، سرڪار کان سوشل (خيرات) ۾  مليل پئسو پاڙي جي دڪان تي خرچ ڪندا رهن ٿا پر اهڙن هنڌن تي دڪان يا ريسٽورنٽ هلائڻ سولو ڪم ناهي. جو هتي جي ڪارن (آفريقي) آمريڪن جي ڪميونٽين ۾ ڪرائيم جو گراف تمام مٿانهون آهي.“

اعجاز ٻڌايو ته جڏهن هو واپار جي خيال کان مختلف ڳالهين ۾ ڀڙ ٿيو ته پوءِ هن پئٽرول پمپ خريد ڪيو.

”گهر نه ورتئي؟“ مون چيو مانس.

”نه چاچا. منهنجو اصول آهي ته پهرين بزنيس ڄمائي پوءِ گهر وٺجي. جي پهرين گهر وٺبو ته پوءِ پري ڪا بزنيس Opporturity ڏسڻ بدران، ڳولا گهر جي ارد گرد ئي محدود ٿي وڃي ٿي.“ اعجاز وراڻيو.

اعجاز جي اها ڳالهه Point شروع ۾ به واضح ڪري چڪو آهيان. اعجاز جي ڪجهه ٻين ڳالهين جو تت جيڪو هتي (آمريڪا ۾) ايندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿي سگهي ٿو هن ريت آهي.

هتي آئون آيس ته سڀ ڪجهه وساري آيس ته آئون ڪو زميندار  آهيان. وڏو ماڻهو آهيان. ڪالهه تائين پنهنجي ملڪ ۾ منهنجي ڪم ڪار لاءِ نوڪر چاڪر هئا پر هتي اچڻ سان نوڪر ٿي ڪم ڪيم. سکڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. ٽي سال کن ٻين وٽ پورهيو ڪرڻ ۽ هر هڪ شي ۽ سسٽم کي چڱيءَ طرح سمجهڻ بعد پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيم.

هتي اهو ماڻهو ڪامياب ويندو جيڪو محنتي آهي ۽ پورهيو ڪرڻ کي عيب نٿو سمجهي.

بزنيس ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. بزنيس کان اڻ واقف ڪيترا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته بزنيس لاءِ فقط پئسو Capital هجڻ ضروري آهي. ان چڪر ۾  پنهنجي ملڪ ۾ به اسان جي ڪيترن سنڌي مسلمانن نوڪريون ڇڏي ڌنڌو شروع ڪيو پر ڪري نه سگهيا.

ڪارن جي مقابلي ۾ هتي جا گورا وڌيڪ ايماندار، وعدي جا پڪا ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ سٺا آهن. اهڙي طرح هتي جي عرب واپارين کان انڊيا پاڪستان جا گجراتي ۽ ميمڻ بهتر آهن.

 

حيدرآباد جو اعجاز شيخ ۽ شهدادپور جو ڊاڪٽر نذير

اعجاز شيخ جي فيملي لاءِ ٻه چار سٽون لکڻ بي محل نه ٿيندو ۽ سندس مائٽن مٽن جا نالا ياد ٿي ويندا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن مون کان به وسريو وڃن. منهنجي خيال ۾ حيدرآباد جو شايد ئي ڪو رهاڪو هجي، جيڪو اعجاز شيخ جي والد صاحب ۽ چاچن کي نه سڃاڻندو هجي. اعجاز جا وڏا سعيد آباد جا آهن، ان ڪري حيدرآباد ۾ هنن کي ”سعيدآبادي شيخ“ به سڏيو وڃي ٿو ۽ سندن زمينون ۽ باغ اڃان تائين سعيد آباد ۾ آهن.

اعجاز جو ڏاڏو محمد صديق شيخ صاحب اڄ کان اڌ صدي کان اڳ سعيد آباد مان لڏي هيرآباد حيدرآباد ۾ اچي رهيو. کين ٽي پٽ: محمد رفيق (اعجاز جو والد)، حاجي فيض محمد، حاجي سليمان ۽ هڪ ڏيءَ ستابي هئي. جن جو اولاد هن ريت آهي:

1. حاجي رفيق شيخ جي پهرين گهر واري محترمه رقيه مان فقط هڪ ٻار بشير شيخ نالي آهي. ٻي زال مان کين چار پٽ (اعجاز، خالد، جمال جنهن جي شادي مٽياري جي غلام رسول جي ڌيءَ سندس شيخ سان ٿي آهي ۽ عمران) ۽ چار نياڻيون (شاهينا جنهن جي شادي سندس پڦاٽ عبدالرحمان سان ٿي، رضوانا جنهن جو گهوٽ منير صاحب پي ٽي سي ايل ۾ آهي، فرحانا جيڪا ڊپٽي ڪمشنر انڪم ٽئڪس شفقت ڪيهر جي زال آهي ۽ سڀ ۾ ننڍي انيلا جيڪا هتي آمريڪا ۾ رهي ٿي ۽ هن وقت پنهنجي مڙس ڊاڪٽر نذير ميمڻ سان گڏ نيويارڪ کان هتي پينسلوانيا رياست جي گرين ڪئسل  شهر ۾ پنهنجي ڀاءُ اعجاز وٽ گهمڻ لاءِ آئي آهي.)

2. حاجي فيض محمد جي گهر واري ۽ حاجي رفيق شيخ جي ٻي گهر واري ڀيڻون به ٿين ان ڪري هنن ڀائرن جو اولاد سئوٽ به ٿئي ته ماسات به. حاجي فيض محمد کي هڪ پٽ (ڊاڪٽر فياض جنهن جي شادي رخسانا سان ٿي آهي) ۽ چار ڌيئرون آهن (وڏي ڌيءَ رضيه واپڊا جي چيف انجنيئر عبدالقادر شيخ جي زال آهي، ٻيو نمبر ڌيءَ فوزيا آهي. ان بعد شازيا آهي، جيڪا پڻ هتي آمريڪا جي رياست مشيگان ۾ رهي ٿي، سندس مڙس ڊاڪٽر خالد ڏيپلائي ميمڻ ڊينٽل سرجن آهي ۽ ننڍي ڌيءَ نازيا جي شادي سندس مامي جي پٽ نديم سان ٿي آهي.)

3. حاجي سليمان سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ آهي، جنهن کي ٽي ٻار آهن. وڏو اشفاق آهي، جنهن جي شادي اسان جي سکر جي دوست حاجي يار محمد گهمرو جي گهران ٿي آهي. ان بعد شبانا آهي، جيڪا منهنجي ننڍي ڀاءُ آفتاب جي زال آهي، جيڪي پنهنجن ٽن ٻارن، ياسر، عامر ۽ عمار سان گڏ ٽورنٽو ڪئناڊا ۾ رهن ٿا. ان بعد ننڍو پٽ امتياز آهي. اعجاز شيخ کي هڪ ئي پڦي ستابي (شفي محمد صاحب جي گهر واري) آهي، جنهن جو وڏو پٽ عبدالغفور آهي. ان بعد شاهينا جو مڙس عبدالرحمان ۽ پوءِ عبدالجبار آهي، جنهن بعد شميم آهي، جنهن جي شادي سعيد آباد جي شمس الدين شيخ سان ٿي آهي ۽ ان بعد نسيم آهي.

اعجاز شيخ جي ڀيڻوئي ڊاڪٽر نذير ميمڻ سان منهنجي ملاقات هتي اعجاز جي گهر (پينسلوانيا رياست جي هڪ ننڍڙي ٽائون گرين ڪئسل) ۾ پهريون دفعو ٿي ۽ جيتوڻيڪ هيءَ ملاقات ايترو مختصر رهي جو عام حالتن ۾ شايد هتي ان جو ذڪر نه اچي سگهي ها پر منهنجي نظرن ۾ ڊاڪٽر نذير ميمڻ صاحب هڪ بيحد نيڪ انسان، ذهين شاگرد ۽ محنتي ڊاڪٽر، غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ وارو ۽ وڏي عهدي تي هجڻ جي باوجود تمام گهڻو humble ۽ بااخلاق ماڻهو آهي. هن بابت ۽ هن جي دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالهين جو هتي احوال نه لکڻ ناانصافي ٿيندي.

ڊاڪٽر نذير ميمڻ نه فقط ڊاڪٽري پڙهيل آهي پر هتي Practice به ڪري ٿو. منهنجو مطلب آهي ته هن جو هتي ڪم به اهوآهي، يعني مريض ڏسڻ ۽ انهن جو علاج ڪرڻ. اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان ته اسان جي پاسي جي ملڪن جا هتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽر ته ڪيترائي آهن پر گهڻائي (خاص ڪري اسان جي ملڪن جي) ڊاڪٽرن جي اهڙي آهي جن کان کڻي پڇ ته ڪهڙي اسپتال ۾ ڪم ڪريو ٿا ته وراڻيندا اسان فلاڻي سب وي اسٽيشن تي سئنڊ وچ وڪڻون ٿا، يا  فلاڻي اسٽور تي سيلز مئن آهيون يا ٽئڪسي ٿا هلايون.......... وغيره وغيره. بهرحال هتي آمريڪا ۾ ڪنهن به قسم جو پورهيو ڪري حق حلال جي روزي ڪمائڻ ڪو عيب نٿو سمجهيو وڃي ۽ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي به اڪٽر انجنيئر هتي بزنيس ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيا آهن. هو ڪنهن اسٽور يا ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪري، پئسو بچائي اها ريسٽورنٽ، اسٽور يا پئٽرول پمپ خريد ڪري، ان کي پهرين کان بهتر نموني سان هلائي رهيا آهن. سو اها ڪا خراب ڳالهه ناهي ته ڊاڪٽر ٿي ڪري ڊاڪٽري بدران ڪو ٻيو پورهيو ڪجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کان پڇڻ تي اڳلي کي embarrassment ٿيو پوي. هينئر به ايندي وقت عرفان کي سخت زڪام هو ۽ هتي پهچڻ سان جڏهن اعجاز پنهنجي ڀيڻوئي نذير سان ملائڻ وقت ڊاڪٽر نذير چئي تعارف ڪرايو ته مون کي هڪ وارو دل ۾ آيو ته هن سان عرفان جي زڪام جي ڳالهه ڪري دوا لاءِ چوان پر اڄاتو خوف محسوس ڪري چپ ٿي ويس ته ڪاٿي اهو جواب نه ملي ته آئون ڊاڪٽر MBBS ضرور آهيان پر گذريل ڇهن سالن کان فلاڻي ڪمپنيءَ ۾ اسٽور ڪيپر آهيان. بهرحال مانيءَ کانپوءِ چانهه لاءِ جيئن ئي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺاسين ته اعجاز ڊاڪٽر نذير کان دوا لاءِ پڇيو ۽ آئون سمجهي ويس ته اعجاز جي ننڍي ڀيڻ انيلا جو گهوٽ نه فقط ڊاڪٽري امتحان پاس ڪيو آهي پر هتي آمريڪا ۾ پنهنجي پروفيشن جي پرئڪٽس به ڪري ٿو ۽ پوءِ اهو به معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر نذير LMC مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد هتان آمريڪا مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي ۽ MD ڊگري حاصل ڪئي، جيڪا هتي وڏي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.

ڊاڪٽر نذير ميمڻ ميڊيڪل جي ٻن برانچن جو Specialist (ماهر) آهي: هڪ انٽرنل ميڊيسن ۽ ٻي جيريا ٽرڪس (Geriatrics).

جيرياٽرڪس ميڊيڪل سائنس جي اها برانچ آهي، جيڪا پيريءَ (ٻڍاپي) جي بيمارين جي بچاءَ ۽ علاج بابت آهي. اسان جي ملڪ ۾ هن برانچ جا ڄاڻو ڊاڪٽر ورلي ڪي هجن جو هڪ ته اسان جي ملڪ ۾ وڏي عمر جا ماڻهو گهٽ آهن ۽ جيڪي آهن ته انهن کي اهو شعور ۽ سهوليت ناهي جو هو پيريءَ جي بيماريءَ جي ماهر ڊاڪٽر (جيراٽريشن) وٽ پهچن. ايتري قدر جو ڪنهن کي ذيابطيس (ڊائبٽيز) يا ساهه جي تڪليف ٿي ٿئي ته به هو هڪ عام ڊاڪٽر MBBS وٽ پهچي ٿو يا وڌ ۾ وڌ شهرن ۾ ڪو پئسي وارو آهي ته هو وڌيڪ پڙهيل فزيشن FRCP يا FCPS ٽائيپ وٽ پهچي ٿو.

جيرا ٽريشن اهو ڊاڪٽرآهي، جيڪو 65 سالن کان مٿي واري عمر جي ماڻهن جي بيمارين جي جانچ ۽ علاج ڪري، جيئن پيڊيا ٽريشن Pediatrician يعني ٻارن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر ٻارن کي ڏسي ٿو. جيرياٽريشن يوناني لفظ  geron معنيٰ پوڙهو ماڻهو ۽ iatros معنيٰ ڇٽائيندڙ، تبيب healer.

جيراٽريشن ڪنهن کي به موت کان نٿو بچائي سگهي پر هو گهٽ ۾ گهٽ بيمار پوڙهي کي جيڪو نه فقط جسماني طرح ڪمزور آهي پر سماجي طرح بيوس ۽ اڪيلو آهي، ان کي سندس هڪ يا وڌيڪ بيمارين جي پيڙا کان بچائي سگهي ٿو يا دوائن ۽ دلاسن ذريعي ان درد کي ڪجهه گهٽائي سگهي ٿو.

بقول هڪ سئيڊن جي هڪ جيراٽريشن جي:

Our goal is to maximize the patient’s ability to be as independent as possible”

سئيڊن جهڙا ملڪ جتي صحت جو وڏو خيال رکيو وڃي ٿو، جتي آب هوا ۽ کاڌو پيتو هائيجن جي بهترين اصولن تي ملي ٿو، اتي ماڻهن جون عمرون تمام وڏيون ٿين ٿيون. آئون جڏهن اتي جي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس ته بسين توڙي پارڪن ۽ گهرن جي ڌڪين تي ڪيترائي سئو کان مٿي عمر وارا نظر ايندا هئا. اسان جي ملڪن ۾ جتي ماڻهوءَ جي سراسري Average عمر پنجاهه سال کن مس آهي، اتي وڏي عمر جون دعائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ سئيڊن جي پوڙهن سان ڪڏهن خبر چار ڪندو هوس ته هو ان وڏي عمر کي نعمت نه پر مصيبت ئي سمجهندا هئا. مون واري بلڊنگ ۾ رهندڙ هڪ اهڙي پوڙهي پنهنجي ڀيٽ اسان جي ملڪ جي ماڻهن سان ڪندي چيو:”ڏس! توهان جي ملڪ ۾ عام طرح ماڻهو  سٺ، ستر يا وڌ ۾ وڌ  اسي سالن جي ڄمار ماڻي ٿو ۽ ان عمر تائين هن کي وڌ ۾  وڌ شگر، بلڊ پريشر، Prostate gland يا موتيو پاڻي جهڙيون بيماريون ٿين ٿيون.

ان ۾ڪو شڪ ناهي ته سئيڊن ۾ وڏي عمر وارا پوڙها هڪ طرف ڪمزوريءَ ڪري پنهنجو ڪم پاڻ نه ڪري سگهندا هئا ته ٻئي طرف هڪ ئي وقت هنن کي ڪيتريون ئي بيماريون هونديون هيون. ان مٿان وڏو عذاب اهو هوندو هو جو هنن جو اولاد پنهنجن ئي جهنجهٽن ۽ نوڪرين چاڪرين ۾ اهڙو ته مشغول رهيو ٿي جو کين مهيني ۾ هڪ دفعو به مشڪل سان وقت مليو ٿي جو کڻي پنهنجي پوڙهي پيءُ يا ڏاڏي سان اچي همدردي ڪري. پوءِ جيراٽريشن جهڙا ڊاڪٽر ئي هنن جو ابو امان آهن، جيڪي سندن جسماني بيمارين ۽ ذهني مونجهارن جون ڳالهيون ٻڌي سندن علاج ڪن ٿا ۽ کين شديد ڊپريشن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. بقول هڪ جيراٽريشن جي:

“Geriatric practice is about helping patients make the transitions to later life as easy and meaningful as possible.”

هڪ جيرياٽريشن (پوڙهن جي بيمارين جو معالج/ماهر) ٿيڻ لاءِ هن کي پهرين انٽرنل ميڊيسن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻي پوي ٿي.

”آمريڪا ۾ اهي فزيشن جيريا ٽريشن ٿي سگهن ٿا،“ ڊاڪٽر نذير ٻڌايو، ”جيڪي آمريڪا مان MD يا DO ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ٽي سال انٽرنل ميڊيسن ۾ مڪمل طرح هائوس جاب Residency Training حاصل ڪن ٿا. ان بعد ٻه سال وڌيڪ ڪنهن Subspeciality ۾ فيلو شپ ٽريننگ حاصل ڪرڻي پوي ٿي.“

وڏي عمر جون مختلف بيماريون آهن جن مان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پوڙهن ماڻهن کي ٿي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر نذير ميمڻ انهن بيمارين مان وري ڊائبٽيز ۽ ٿولهه (Obesity) ۾ وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو. هو انهن بيمارين جي جاچ ۽ علاج جو وڏو ماهر مڃيو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر نذير ميمڻ کان علاوه ڪجهه ٻين به ڊاڪٽرن سان ملاقات ٿي جيڪي انٽرنل ميڊيسن ۾ ماهر آهن، جيئن ته جهانگارا باجارا جي مرحوم وڏيري عبداليقين ترڪ جا پوٽا ۽ دلشاد ترڪ صاحب جا ننڍا فرزند ڊاڪٽر اعجاز ۽ ڊاڪٽر اشفاق جيڪي آمريڪا جي اتراهين رياست مشيگان رياست ۾ رهن ٿا، انهن مان ڊاڪٽر اعجاز Gastroantology جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ڊاڪٽر اشفاق دل جي بيماري Cardiology جو اسپيشلسٽ آهي ۽ مشيگان رياست جي ڀر واري رياست انڊيانا ۾ رهي ٿو. ان کان علاوه ڊاڪٽر مٺل وقاصي ۽ ٻيا آهن.

ڊاڪٽر نذير ميمڻ صاحب ايم ايس، MD ۽ FACP آهي ۽ اڄڪلهه الباني ميڊيڪل ڪاليج، الباني شهر (نيويارڪ) ۾ ميڊيسن جو پروفيسر آهي. پاڻ آمريڪن ڪاليج آف فزيشن جو ڊسٽرڪٽ پريزيڊنٽ هجڻ کان علاوه هيٺيون ذميواريون پڻ سنڀالي ٿو.

Prevention Coordinator/Medical Consultant, VISN.2

President, Medical staff, VAMC Albany: New York.

مشغول زندگيءَ جي باوجود ڊاڪٽر نذير ميمڻ هر هفتي، آچر ڏينهن ٻه ڪلاڪ کن پاڪستان کان مريضن جي لکيل اي ميل (خطن) جا جواب لکي ٿو ۽ انهن جي مسئلن مطابق هدايتون ۽ دوائون واپرائڻ جون صلاحون ڏئي ٿو. ”اهو مون تي فرض ٿو ٿئي ته جنهن ملڪ سان منهنجو واسطو آهي،“ ڊاڪٽر نذير ٻڌايو، ”ان جي عوام لاءِ ڪجهه وقت ڪڍي انهن جون پريشانيون دور ڪرڻ ۾ مدد ڪريان.“

ڊاڪٽر نذير سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ هيٺين اي ميل ايڊريس ۽ فون نمبر آهن:

فون نمبر:8506-383-518-001

فئڪس نمبر: 8511-383-518-001

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: