حميرا ۽ منور سان شهر جا چڪر
منور ٻڌايو ته اسين ٻن ڪلاڪن اندر
Luray
غارن وٽ پهچي وينداسين. اسان سان گڏ غارون ڏسڻ
لاءِ هلندڙ حميرا شايد اعتراض ۾ ڪجهه چوڻ واري هئي
پر ان کان اڳ منور پنهنجي جملي ۾ واڌارو ڪيو:
”يعني منهنجي ڪار ۾ هونءَ ته ڪلاڪ سوا ۾ به پهچي
سگهجي ٿو.“
”اها ڳالهه ڪر.“ حميرا چيو، ”آئون ته هميشھ واشنگٽن کان نڪرندي
آهيان ته سوا ڪلاڪ ۾ پهچي ويندي آهيان.“
”پوءِ ته توهان اجايو منهنجي ڪري پيا هلو.“ مون چيومان.
”نه اها ڳالهه ناهي“، منور ۽ حميرا ٻنهي خاطري ڏني، ”غارون ڏسڻ
ته هڪ بهانو آهي. بس هڪ آئوٽنگ ۽ ڪچهري به ٿي
ويندي.“
”ها اها ڳالهه آهي“، مون وراڻيومان، ”گهر ۽ آفيس ۾ ته هر هڪ
ايڏو بزي ٿيو وڃي جو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ جي فرصت
نٿي ملي. منهنجي خوش نصيبي آهي جو اڄ واشنگٽن ۽
ورجينيا جي رستن تي توهان جهڙن
intellectuals
سان سفر ڪري رهيو آهيان.
حميرا رحمان پروفيشن جي لحاظ کان آرڪيٽيڪٽ آهي هوءَ ڪجهه سالن
کان ڪئناڊا ۾ رهي ٿي ۽ آمريڪا ۾ منور لغاري جي
قائم ڪيل ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي ڪئناڊا جي برانچ
جي سرپرست آهي. حميرا جو سنڌ جي بيحد پڙهيل ڳڙهيل
فئملي سان تعلق آهي. حميرا لاءِ پنهنجي آمريڪا جي
پهرين سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته هوءَ حسن علي
عبدالرحمان جي ڌيءَ ۽ نجما رحمان ۽ غزالا رحمان جي
ڀيڻ آهي. پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر شيري رحمان
پڻ سندن ڀيڻ آهي، پر ٻي ماءُ صبيحا مان آهي. صبيحا
جو اصل ڳوٺ ڪانپور هو جتان هوءَ هندستان جي ورهاڱي
وقت
1947ع
۾ ڪراچي لڏي آئي هئي. صبيحا جو ڀاءُ حميرا جي پيءُ
حسن علي عبدالرحمان وٽ ليگل اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيو.
صبيحا ايس ايم لا ڪاليج ۾ شام وارن ڪلاسن ۾ داخلا
ورتي هئي. جتي حسن علي عبدالرحمان صاحب پرنسپال هو
۽ ساڳي وقت آئيني قانون جو پروفيسر پڻ هو. حميرا
جي ماءُ يعني حسن علي عبدالرحمان جي ٻي زال جو
نالو صغرا شيخ هو. صغرا ڀاونداس آڏواڻيءَ جي ڌيءَ
هئي جيڪو مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو غلام محممد شيخ
رکيائين. حميرا جي ناني ذواليخا مسلمان پيدا ٿي،
پر هن جا وڏا جيڪي مسلمان ٿيا هئا اهي ڪرپلاڻي
هئا. حميرا جي ناني، ڀاونداس آڏواڻي (غلام محمد
شيخ) جي والده ۽ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جي زال غلام
فاطمه ڀيڻون ٿين جنهن جو ذڪر غلام فاطمه پنهنجي
يادگيرين جي ڪتاب ”شيخياڻيءَ جي ڊائري“ ۾ پڻ ڪيو
آهي. ڊاڪٽر شمس الدين جو والد پڻ آڏواڻي هو ۽ سندس
نالو گرمکداس هو.
ڊاڪٽر شمس الدين شيخ کي غلام فاطمه مان ٻه پٽ ۽ پنج ڌيئون ٿيون.
پٽن ۾ وڏو ڊاڪٽر ضياءُ الدين شيخ هو جنهن جو هڪ پٽ
سراج شيخ اسان جو پيٽارو ۾ ڪلاس ميٽ هو ۽ هاڻ سئي
گئس کاتي مان رٽائرڊ ٿيو آهي. ٻيو پٽ نجم شيخ
فارين سيڪريٽري آهي ۽ هتي واشنگٽن ۾ پاڪستان جو
سفير به رهي چڪوآهي. سندس ٻيا ٻار ڊاڪٽر عذرا،
ڊاڪٽر نظام، ڊاڪٽر اعجاز وغيره آهن.
ڊاڪٽر شمس جو ٻيو پٽ سعيد شيخ هو. ڌيئن ۾ هڪ مريم هئي، جنهن جي
شادي عبدالله آخوند سان ٿي، جنهن جو اولاد اقبال
آخوند، ڊاڪٽر فيروز آخوند، رشيده، حميده ۽ خورشيد
جن آهن. ٻي ڌيءَ عائشه شيخ، ٽين ڌيءَ بيگم خديجه
دائود پوٽو، چوٿين آمنا ۽ پنجين خورشيد آهي.
حميرا رحمان يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا (برڪلي) جي گرئجوئٽ پڻ آهي
۽ اڄ ڪلهه ٽورنٽو جي يارڪ يونيورسٽي مان پوسٽ
گريجوئشن پئي ڪري. ساڳي وقت پاڻ آرڪيٽيڪٽ انجنيئر
پڻ آهي.
ڪيترن پڙهندڙن، ويندي منهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي اها خبر نه هجي ته
حميرا رحمان (يا پيپلز پارٽي جي شيري رحمان) جي
ڏاڏي پڙڏاڏي جو تعلق هالا سان آهي. حميرا جا وڏا
جڏهن عراق ڇڏي سعودي عرب مان ٿيندا هيٺ سنڌ ملتان
طرف آيا ته حميرا جي پڙڏاڏي شفي محمد هالا جي هڪ
ڇوڪريءَ سان شادي ڪري اتي ئي رهائش اختيار ڪئي.
کيس ٻه پٽ عبدالجبار ۽ عبدالرحمان ٿيا. عبدالرحمان
بئريسٽر ۽ ڪراچيءَ جو ميئر به ٿيو.
عبدالرحمان کي به ٻه پٽ ٿيا. هڪ طفيل علي جنهن جي شادي ڊاڪٽر
ساران (افروز) سان ٿي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
هوءَ سنڌ جي پهرين گائناڪالاجسٽ هئي. کين ڪو اولاد
نه ٿيو پر هن ٻه ڇوڪريون نپايون. هڪ پنهنجي زال
ڊاڪٽر ساران جي ڀيڻ زينت جيڪا اسان جي دوست ۽ سنڌ
حڪومت جي سيڪريٽري اقبال زبيديءَ جي زال آهي ۽ ٻي
ڊاڪٽر ساران جي ڀاڻيجي نيلوفر نپائي جنهن جي شادي
اقبال زبيديءَ جي سوٽ (جميل زبيدي جي ڀاءَ) عابد
زبيدي سان ٿي.
پنهنجي ساڄي پاسي جي دريءَ مان ٻاهر ڏسان ٿو. منور جي ڪار ڍڳو
پير پيران ڪندي هڪ سگنل وٽان چُري وري ٻي سگنل وٽ
اچي گوڏا کوڙيا آهن. حميرا چيس، ”Luray
غارن ۽
Shenandoah پارڪ تائين تون ئي پنهنجي ڪار ڊرائيو ڪري هل باقي واپسي
تي آئون هلائينديس جو توکي شارٽ ڪٽن جي خبر نٿي
پوي.“
”ڏهن سالن کان واشنگٽن ۾ رهان ٿو.“ منور وراڻيس، ”رستن جي خبر
ڇونه هوندم پر الطاف کي گهمائڻ بهاني واشنگٽن جا
ڦيرا پيو ڪريان. بس هينئر ئي ٻاهر ٿا نڪرون.“
دريءَ مان نظر ايندڙ عمارتن ۽ رستن جا نالا وري لکان ٿو ته جيئن
ڪڏهن اهي نالا ٻڌان ته چئي سگهان ته انهن گهٽين
مان لنگهي چڪو آهيان.
_ هوٽل واشنگٽن پلازه
_ اولڊ ايبٽ گرل
_ ووڊ ورڊ بلڊنگ
_ واٽر گيٽ هوٽل
حميرا ٻڌايو ته ان هوٽل جو تعلق صدر نڪسن جي مشهور اسڪينڊل سان
آهي. واشنگٽن پلازه هوٽل وٽ ٿامس سرڪل نالي چوراهو
اچي ٿو، جتي واشنگٽن جي چوڏهين گهٽي، مساچوسيٽ
ايوينيو،
M
اسٽريٽ ۽
Vermont
ايوينيو اچيو ٿا ملن. هن رائونڊ ابائوٽ وٽان ڦرندي
ٻيون به ڪيتريون ئي هوٽلون نظر آيون. هاليڊي ان
هوٽل، بيسٽ ويسٽرن، موريسن ڪلارڪ هوٽل، مئڊيسن
هوٽل وغيره وغيره. واشنگٽن آمريڪا جي گاديءَ وارو
شهر هجڻ ڪري نه فقط ڌارين ملڪن کان هتي ماڻهو اچن
ٿا پر آمريڪا جي ٻين رياستن کان به اچن ٿا. ان ڪري
اسلام آباد، دهلي يا کڻي چئجي ته ٽوڪيو ۽
ڪوالالمپور وانگر هتي ڪيتريون ئي هوٽلون آهن. ڪي
ڪي ساڳي نالي واريون هڪ کان به وڌيڪ هوٽلون آهن
جيئن هاليڊي ان هوٽل نه فقط هتي ٿامس سرڪل ۾ آهي
پر جارج ٽائون ۽ روڊي آئلنڊ ايوينيو تي به آهي ان
ڪري واشنگٽن، نيويارڪ، لاس اينجلس ويندي ٽوڪيو،
لنڊن ۽ پئرس جهڙن وڏن شهرن ۾ ڪنهن جي ائڊريس خاطر
فقط ڪنهن هوٽل جو نالو ياد رکڻ ضروري ناهي پر روڊ
۽ ڀرواري گهٽيءَ جو نالو ياد رکجي ۽ واشنگٽن جهڙي
شهر ۾ تي گهٽيءَ جي نالي سان گڏ طرف به ته
SW
ڏکڻ اولهه ۾ آهي يا ڏکڻ اوڀر ۾. اتر اولهه ۾ آهي
يا اتر اوڀر ۾. مثال طور ستين گهٽي
SW
آهي ته
NW
به. اهڙي طرح
L, K
يا
M
نالي گهٽي
SW
به آهي ته
SE
به آهي ۽ اهي اکرن واريون گهٽيون ته
NW آهن ته
NE
به آهن. يعني هڪ ئي نالي واريون چار گهٽيون ٿيون.
اولڊ ايبٽ گرل واشنگٽن جي پنڌرهين گهٽيءَ ۾ ڊپارٽمينٽ آف ٽريزي
جي ڀر ۾ آهي جيڪا
1856ع
۾ ٺهي هئي. وائيٽ هائوس جي ويجهو هجڻ ڪري سندس وڏي
اهميت آهي. جتي ڪيترائي سياستدان، وڪيل، سيڪريٽري
۽ ڪارخانيدار اچن ٿا. چون ٿا ته آمريڪا جي صدرن:
گرانٽ، ڪليولئنڊ، هارڊنگ ۽ ٿيوڊور روزويلٽ جي هيءَ
دلپسند هوٽل هئي.
هن ريسٽورنٽ ڀرسان
H
اسٽريٽ
NW
تي ووڊ ورڊ بلڊنگ نظر آئي هئي جيڪا مون مٿي لکي
آهي. هيءَ يارهن ماڙ بلڊنگ
1911ع ۾ واشنگٽن جي هڪ واپاري سئموئل ووڊ ورڊ ٺهرائي هئي ۽ کيس تاريخي حيثيت
حاصل آهي. هن بلڊنگ ۾ ڪيترن ئي ادارن ۽ ڪمپنين جون
آفيسون آهن. جهڙوڪ نئشنل آرگنائيزيشن فار وومين
(NOW)،
The Hill اخبار جي آفيس جنهن ۾ آمريڪا جي ڪانگريس جون خبرون اچن ٿيون.
US –Ukraine
فائونڊيشن آفيس، واشنگٽن منٿلي مئگزين آفيس وغيره
وغيره.
سن ٽرسٽ بئنڪس هتي جي پراڻين بئنڪن مان آهي جن
1891ع کان ڪم شروع ڪيو. سڄي آمريڪا ۾
Sun Trust
بئنڪن جون ٻه هزار کن برانچون آهن.
واٽرگيٽ هوٽل ورجينيا ايوينيو تي نظر آئي هئي. هوٽل سان گڏ فلئٽ
۽ آفيسون به آهن جيڪي واٽر گيٽ ڪامپليڪس سڏجن ٿا
1967ع
۾ ٺهيا. هتي ئي واٽرگيٽ اسڪينڊل جنم ورتو جنهن جي
آخر آمريڪا جي صدر رچرڊنڪسن جي استعيفا سان ٿي. هن
ڪامپليڪس جي اوڀر کان نيو هئمپشائر ايوينيو آهي ۽
ڏکڻ کان
F
اسٽريٽ وهي ٿي. هن بلڊنگ جي ڀر ۾ ئي ڪينيڊي سينٽر
۽ سعودي عرب جو سفارتخانو آهي. سندس ويجهو واري
ميٽرو اسٽيشن
Foggy Bottom Gum
آهي. واٽرگيٽ هوٽل جا مالڪاڻا حقوق اڄڪلهه جارج
واشنگٽن يونيورسٽي وارن وٽ آهن.
هونءَ آمريڪا جي گاديءَ وارو هي شهر واشنگٽن به نيويارڪ، لنڊن ۽
ٽوڪيو وانگر گهمڻ وٽان آهي. يعني هنن شهرن ۾
ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ وٽان آهن ۽ اهي هڪ ٻئي جي
ايڏو ته ويجهو آهن جو هڪ کان ٻي هنڌ تائين ڪنهن
ٽئڪسي يا ڪار واري جي ڪاڻ ڪڍڻ بنا ماڻهو پنڌ وڃي
سگهي ٿو. وڌ ۾ وڌ هڪ ڊالر يا هڪ سو يين ڏيئي بس ۾
پهچي سگهي ٿو. واشنگٽن جون ڪجهه گهمڻ وٽان جايون
لکي رهيو آهيان جيڪي توهان ڪنهن خانگي ٽوئر يا
سرڪاري وزٽ تي ٻن يا ٽن ڏينهن لاءِ به آيا آهيو ته
ڏسي سگهو ٿا. انهن ۾ وائيٽ هائوس آهي. هتي جي
اسيمبلي بلڊنگ
The
Capitol
آهي. ان جي ويجهو لنڪن ميموريل آهي جيڪو آمريڪا جي
سورهين صدر ابراهام لنڪن جي ياد ۾ آهي. اها سفيد
رنگ جي پٿر جي ڪلاسڪ ڊيزائن جي بلڊنگ آهي. جيڪا
يونان جي
Parthenon
سان ڪافي ملي ٿي. اها
1922ع
۾ ٺهي راس ٿي هئي.
ٿورو ئي اڳيان واشنگٽن مانومينٽ آهي جنهن جو منارو
555
فوٽ اتاهون آهي ۽ لنڪن ميموريل ۽ دي ڪئپيٽال جي وچ
۾ آهي. اهو
1884ع
۾ ٺهي راس ٿيو هو. هتي جي سپريم ڪورٽ واري بلڊنگ
به ڏسڻ وٽان آهي ۽ ٽوئرسٽ وڏي شوق سان هن اڳيان
تصويرون ڪڍائيندي نظر اچن ٿا.
آمريڪا جيڪا اڻپوري لڙائي ويٽنام ۾ وڙهي ۽ پنهنجا ڪيترائي ماڻهو
مارائڻ بعد باقي ماڻهو وٺي واپس ڀڳا ان جي ياد ۾
Veitnam Velenan’s Memorial
آهي جنهن جي ڀت تي انهن سپاهين جا نالا اڪريل آهن
جيڪي هن جنگ ۾ مارجي ويا. جيفرسن ميموريل ۽
هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم جي ته پاڻ ڳالهه ڪري چڪا
آهيون. انهن کان علاوه واشنگٽن ۾ هيٺيون عمارتون
پڻ ڏسڻ وٽان آهن.
_ واشنگٽن نئشنل ڪئٿيڊرل
_ سمٿسونين ڪئسل
_ يونين اسٽيٽس
_ لائبرري آف ڪانگريس، جيڪا
1897ع
۾ ٺهي راس ٿي ۽ منجهس دنيا جي مختلف زبانن جا لکين
ڪتاب موجود آهن ۽ مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته
منهنجا ستر واري ڏهي جا سنڌيءَ ۾ لکيل سمورا
سفرنامه نه فقط هن لئبريري ۾ موجود آهن پر انهن جا
ڪئٽلاگ نمبر ۽ رجسٽريشن پڻ ٿيل آهي.
_ لائبريري آف ڪانگريس کان علاوه
G
اسٽريٽ
NW
تي مارٽن لٿرڪنگ لائبرري ۽
E
ڪئپيٽال اسٽريٽ
SE
تي شيڪسپيئر لائبرري پڻ آهي جتي توهان دنيا جون
اخبارون ۽ رسالا پڙهي سگهو ٿا.
_ جيڪڏهن توهان جو تعليم سان واسطو آهي ته توهان گهمڻ خاطر جارج
ٽائون يونيورسٽي، جارج واشنگٽن يونيورسٽي، هارورڊ
يونيورسٽي،
Gallandet
ڪاليج ۽ يونائيٽيڊ نيشن نيول آبزروئٽري به وڃي
سگهو ٿا.
خوف خيال خطرا، ٽنهي ترڪ ڏيج
واشنگٽن ۾ رهندڙ منور جيڪو مون کي ۽ ڪئناڊا کان آيل حميرا رحمان
کي ورجينيا رياست جون مشهرو غارون
Luray Caverns
۽ شينن دوح نئشنل پارڪ ڏيکارڻ لاءِ پاڻ سان وٺيو
پئي هليو، تنهن جي ڪار نيٺ ڪنهن پل تان پوٽومئڪ
درياه ٽپيو ۽ اسان جي واشنگٽن ڊي سي جي ٽرئفڪ ۽
سگنلن سان ڀريل گهٽين ۽ شاهراهن مان جان ڇٽي.
حميرا چيو ته هاڻ پاڻ ورجينيا رياست ۾ آهيون.
اسڪاٽ هوٽل کانپوءِ منور پنهنجي آثار قديمه واري
ڪار کي
Glebb Road
تي موڙيو.
”اسين پاڪستاني هن روڊ کي جليبي روڊ سڏيندا آهيون.“ منور ٻڌايو.
اتي ئي جليبي روڊ تي ڪنهن سرڪاري کاتي طرفان اشتهاري بورڊ لڳل
هو.
“We Salute to our brave soldiers”
اهو پڙهي حميرا ٽهڪ ڏنو. ”اها آهي ٽرڙپائي جي به حد. صاف
Complex
ٿو ظاهر ٿئي. معنيٰ اسان جا سولجر بهادر نه آهن.“
”ڪيئن ڀلا!؟“ مون پڇيو.
”جيئن اسان وٽ لکها روپيا خرچ ڪري سرڪار وزيراعظم يا گورنر ۽
وزيراعليٰ جون اخبارن ۾ تصويرون ڏيندي آهي ۽ انهن
جي هيٺان هوندو آهي ته هنن جي دور ۾ هي هي ترقياتي
ڪم ٿيڻا آهن.“ ۽ عوام سمجهي ويندو آهي ته ڪم آڱوٺو
ٿيندا رڳو خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي تعريف ڪرائڻ سان مقصد
آهي.
منور کان پڇيم ته سندس ڳوٺ ڪهڙو آهي ”ڪٿي دادو يا لاڙڪاڻي پاسي
جو ته نه آهين؟“
”نه.“
”ڇا ٽنڊو آدم، اڏيرو لعل يا شهدادپور جو؟“ مون پڇيو.
”حيدرآباد پاسي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، نالو اٿس ڳوٺ بخشو لغاري.“
”واه جو نالو ٻڌائي“، مون کلندي منور کي چيو، ”گذريل هفتي آئون
بالٽيمور اعجاز ابڙو، ڊاڪٽر منور عباسي ۽ غلام
مصطفيٰ پلهه جن وٽ هوس. مون هنن کي چيو هو ته آئون
پنهنجي آمريڪا جي سفرنامي جي هڪ ڪتاب جي نالي ۾
سندن ياد تازي ڪرڻ لاءِ بالٽيمور ضرور ڏيندس. هاڻ
تنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌي ڌيان ۾ آيو آهي ته ان ڪتاب
جو نالو ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ رکجي جيئن
KTN
تان هڪ پروگرام ايندو آهي جنهن جو نالو ”واهي
پانڌي کان واشنگٽن“ آهي.
”لڳي ٿو ڳوٺ بخشو لغاري جو نالو توهان اڄ پهريون دفعو ٻڌو آهي.“
حميرا پڇيو.
”نه نه، هر گز نه“، وراڻي ڏنيمانس، ”بخشو لغاري نه فقط منور جو
ڳوٺ آهي پر اسان جي پيٽارو جي هڪ ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر
خالد لغاري جو به ڳوٺ آهي ۽ اسان اٺين ڪلاس ۾ (1958ع)
۾ هن ڳوٺ جو نالو خالد لغاريءَ واتان ٻڌو. ان بعد
اسان جي هڪ ڪزن انجنيئر عرض محمد شيخ جي
1967ع
ڌاري شادي ٿي ته هن جي زال ڊاڪٽر مهرالنساءَ لغاري
پڻ هن ڳوٺ جو ذڪر ڪندي هئي جنهن جي وڏن جو هن ڳوٺ
سان واسطو هو.“
انجنيئر منور لغاري25
آڪٽوبر
1964ع
تي ڳوٺ بخشو لغاري ۾ محمد علي لغاري صاحب جي گهر ۾
جنم ورتو. منور جي والد صاحب جي اها وڏي ڳالهه آهي
ته هو هڪ پورهيت ۽ هاري ٿي ڪري، شاهه جو سڄو رسالو
برزبان ياد اٿس ۽ هن پنهنجي هن ننڍي پٽ منور کي پڻ
ننڍي عمر ۾ ئي ياد ڪرائي ڇڏيو. منور پرائمري تعليم
پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي ان بعد هو حيدرآباد ۾
حسين بخش لغاري جي گهر ۾ اچي رهيو ۽
1981ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ مسلم ڪاليج مان
1983ع
۾ انٽر ڪئي. ان بعد هن مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج
ڄامشورو ۾ داخلا ورتي جتي هو
1984ع
کان
1989ع تائين رهي. BE جي ڊگري حاصل ڪئي. آمريڪا ۾ سندس اچڻ
1993ع ۾ ٿيو جتي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين.
منور ٻڌايو ته ٽنڊي قيصر جو شوڪت نظاماڻي، سن جو زين شاهه، نواب
شاهه جو جمال مصطفيٰ شاهه، سانگهڙ جو ڪليم وساڻ ۽
ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اسماعيل
ميمڻ سندس سٺن دوستن مان آهن جن کي هو اڪثر ياد
ڪندو رهي ٿو.
”۽ ٽيچرن مان ڪن خاص جا نالا؟“ مون منور کان پڇيو.
”نور محمد هاءِ اسڪول جو هڪ ٽيچر مرحوم غلام حسين بالادي ڏاڍو
ياد ايندو اٿم“، منور ٻڌايو، ”اهڙي طرح مسلم ڪاليج
۾ مئٿس پڙهائڻ وارو مسٽر قيصر رضا، مهراڻ
انجنيئرنگ ڪاليج جو مولوي علي اڪبر ميمڻ (چيف
انجنيئر محمد هاشم ميمڻ جو ڀاڻيجو) ۽ وائيس چانسلر
عبدالرحمان ميمڻ صاحب منهنجي نظرن ۾ تمام گهڻو
dedicated
استاد هئا.“
منور ٻڌايو ته آمريڪا مان
IT
۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد کيس آمريڪا ۾ تمام سٺي پگهار
واري نوڪري به ملي سگهي ٿي ۽ هو پئسو ڪمائي موجود
حالتن کان بهتر حالتن ۾ رهي سگهيو ٿي. ”پر منهنجن
دوستن ۽ منهنجو پڻ، اهو فيصلو رهيو ته آئون پنهنجن
ماڻهن جي ڏک دردن لاءِ ڪجهه ڪريان. جيڪو دوستن
طرفان اڀرو سڀرو مليم ان ۾ راضي رهي خوش گذاريان ۽
ڪو
Creative
ڪم ڪندو رهان. آئون ان راءِ جو آهيان ته
Creativity
۾ غربت نه هجي. پئسي ڏوڪڙ ۾ غربت هجي ته ڀلي هجي.“
حميرا کي مخاطب ٿي چيم ”ڪالهه واشنگٽن جي نيشنل ميوزيم ۾ ويندي
ڏسان ته ان جي ٻاهران پارڪ ۾ هڪ وڻ هيٺان هڪ
همراهه ڪڪڙين جا وڏا پوسٽر ٽنگي ايندڙ ويندڙ کي
ڪجهه بروشر ڏئي رهيو هو جن ۾ ڪڪڙين کي نه کائڻ
لاءِ عوام کي التجا ڪيل هئي ته هنن غريب پکين تي
ڪجهه ڪَهل ڪيو. انهن کي ڇو ٿا کائو. انهن بدران
ڀاڄيون کائو. ان سان گڏ پاڻ مائيڪ ذريعي تقرير به
ڪري رهيو هو ته ڪڪڙين کان جيئڻ جو حق نه کسيو
وغيره. . . اتي هڪ اسان جي شڪل جو ايشين اچي
لنگهيو. تنهن کان پڇيم ته هيءَ فلم ڪير آهي؟
”ههڙا Lone Soldier
توکي آمريڪا ۾ ڪيترائي ملندا جيڪي اڪيلي سر ڪنهن
ساهه واري جي جان بچائڻ جي حق ۾ جدوجهد ڪندا رهن
ٿا.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ هنن جي ڪو ڳالهه ٻڌي به ٿو يا نه؟“ مون پڇيو مانس.
”بس اهو تون پاڻ ڏسين پيو ته هرڪو ڪن لاٽار ڪري گذريو وڃي. اڄ
گرمي آهي سو کانئس اهي ٿلهي پني وارا بروشر پڙهڻ
لاءِ نه پر پاڻ کي وڃڻو هڻڻ لاءِ وٺيو پيا وڃن.“
هن ٻڌايو.
حميرا کي چيم ته هي منور درويش به مون کي هڪ اهڙو ”اڪيلو سپاهي“
لڳي ٿو جيڪو پنهنجي منهن اڪيلو ئي اڪيلو وائيٽ
هائوس اڳيان دنيا ۾ ظلم بند ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪندو
رهي ٿو.“
”سائين ڳالهه هيءَ آهي.“ منور وراڻيو، ”ڪو منهنجي يا منهنجي ڪاز
جي مدد ڪري ٿو ته ٺيڪ آهي نه ته بقول ٽئگور جي ڦۆیۑ
غڵڌ
ڷێ
غڵڌ
إڦڵإ
غڵڌ.
. . ضروري ناهي ته هر هڪ منهنجي هر قدم کي ساراهي
يا مون کي مدد ڪري. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اڳلو
به ان
Process
مان نڪتو هجي جنهن مان منهنجو وجود گذريو آهي. هن
به اها تڙپ، سڪ، ڏک، بي وطني، ڪوڙن الزامن جي چپيٽ
محسوس ڪئي هجي جنهن مان مون کي بنا ڏوهه جي ڀوڳڻو
پيو يا اڃا ڀوڳي رهيو آهيان. پري کان بيهي ماڻهو
هر قسم جو رايو رکي سگهي ٿو پر صحيح جي خبر تڏهن
پوي ٿي جڏهن ڪنهن جو ڪنهن سان ويجهو واسطو پوي ٿو.
شاهه لطيف جو شعر آهي:
جي هيان هوت پنهون سين مون جيان ملاقات
ته هوند ٻانهن وجهي وات ريهون ڪيو رڃ ۾.“
ان ڏينهن سفر دوران منور سان ڪيل ڳالهيون يا منور جي ڏنل ڪجهه
جوابن جو تت هن ريت آهي:
_ اهو سڏائڻ اهم نه آهي ته اسين سنڌي آهيون. اهو اهم آهي ته
اسين بهترين انسان آهيون. اسين دنيا کي بهترين
انسان ٿي ڏيکاريون.
_ انساني حقن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪرڻ جا ڪيترائي طاقتور ادارا
۽ حڪومتون آهن. انهن کي اسان پنهنجن ظلمن کان
آگاهه ڪريون.
_ اسين اهو نٿا چاهيون ته مهاجر، پنجابي ۽ ٻين جا حق غضب ڪري
اسان کي سهولتون ۽ سک ڏيو. بلڪ انهن جي حقن کي به
بچايو. انهن ۾ به مظلوم ۽ ڏکويل آهن ۽ هنن جا ۽
اسان جا ڏک ڪي جدا نوعيت ۽ رنگ جا نه آهن. ظلم بس
ظلم آهي جنهن مان هنن کي به نجات ڏياري وڃي پر
ساڳي وقت اسان سنڌين کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي جيڪي
هر دور ۾ ظلم جي گهاڻي ۾ نپوڙبا رهيا آهن. ظالمن
سان مقابلو نٿا ڪري سگهو ته انهن جي خلاف گهٽ ۾
گهٽ آواز ته اٿاريو پوءِ اهي ظالم جيڪي اسان جو رت
ست چوسين ٿا کڻي اسان جا پنهنجا هجن يا پراوا.
توهان ٻين مظلوم قومن کي حقن ڏيارڻ لاءِ وڙهو ٿا
پر ساڳي وقت اسان جو به خيال ڪريو. جن کي نه
نوڪريون آهن ۽ نه پاڻي آهي. جن جي ٻچن کي نه تعليم
لاءِ سنوان سبتا اسڪول آهن ۽ نه بيمارين جي علاج
لاءِ دوائن ۽ ڊاڪٽرن سان ڀرپور اسپتالون.
_ هڪ نيڪ انسان کي پنهنجي پراون ڏنڊا هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. هن
جي بچڻ جي ڪا اميد نه رهي. اڳتي وڌي هن جي مدد ڪرڻ
بدران سڀ تماشو ڏسندا رهيا. ان وقت هڪ جهرڪي چهنب
۾ پاڻيءَ جو ڦڙو کڻي اچي هن جي وات تي رکيو. زخمن
کان چُور انسان جهرڪيءَ جي ان ادا تي هن کي نماڻين
نگاهن سان ڏسي چيو: ”تنهنجي ان ڦڙي ڦڙي پاڻي مان
آئون بچي ته نه سگهندس.“
جهرڪيءَ وراڻيو: ”آئون سمجهان ٿي پر گهٽ ۾ گهٽ آئون اهو ته
احساس ڏياري سگهان ٿي ته توسان ظلم ٿيو آهي ۽ ان
ظلم ۾ هنن ظالمن سان گڏ نه آهيان.“
_ اسان ملڪ کان ٻاهر جيڪي سنڌي رهون ٿا، هندو توڙي مسلمان، شيعا
توڙي سني، غريب توڙي امير اسان لاءِ ڪلچرل
Unity
پڻ ضروري آهي. سياسي طرح هڪ ٿيڻ ضروري ناهي پر
Our Cultural Unity is important
_ آئون چاهيان ٿو ته
UNO
جهڙي اداري ۾ اسان جي نمائندگي
هجي ۽ اسان سان ٿيندڙ ظلمن کان دنيا واقف ٿئي.
”How Can you do that“
مون پڇيومانس.
ڪئناڊا جي وزيراعظم کان سندس ملڪ ۾ فرينچن ۽ انگريزن جي مسئلن
حل ڪرڻ جي حام ڀرڻ تي جڏهن پڇيو ويو ته
How will you solve this problem
ته هن وراڻيو هو ته
Just watch me سو آئون به هن وقت توهان کي ساڳيو جواب ڏيڻ چاهيندس ته جسٽ واچ
مي.
_ خيرپور جي ڊاڪٽر تنوير عباسي جو پٽ سرمد ۽ هن جي ڪنوار انڊين
بنگال جي هندو ڇوڪري رنڪودت (جيڪا انگريزي ۽
بنگالي جي شاعره پڻ آهي ۽ هاڻ سنڌي به
Fluently
ڳالهائي ٿي.) جڏهن هتي آمريڪا ۾ پي ايڇ ڊي ڪري
رهيا هئا ته هڪ ڏينهن هنن سان گڏ نيويارڪ جي گهٽين
۾ ڦرندي،
UNO
جي عمارت وٽ بيهي مون کين چيو هو ته هڪ ڏينهن آئون
هن بلڊنگ ۾ هوندس ۽ پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪندس.
”How Come?“ سرمد پڇيو هو.
جواب ۾ مون هن کي اهو ئي چيو هو ته
Just wait & watch
_ ”مون کي لڳي ٿو ته تون سياستدان ٿيڻ چاهين ٿو؟“ مون چيو.
”نه هرگز نه.
I don’t want to be a politician
سياستدان جي اک اقتدار تي هوندي آهي. جيڪڏهن ڪجهه
ٿيڻ به چاهيان ٿو ته
Statesman
ٿيڻ چاهيان ٿو، اسڪالر ٿيڻ چاهيان ٿو. . . “
_ ”ڪيترن سماجي، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ تحريڪن موجب ڇا توهان
به مسئلن جو حل هنگاما، هڙتالون ۽ بائيڪاٽ چاهيو
ٿا؟“ مون پڇيو.
”هرگز نه“، منور وراڻيو، ”آئون ان جي خلاف آهيان ته اسان جو
نوجوان نسل پڙهائيون ڇڏي، بائڪاٽون ڪري ۽
سياستدانن جي ور چڙهي هنن جو هٿيو
(tool)
بڻجي، مون هڪ مضمون لکيو هو ’بائڪاٽ جي بائڪاٽ
ڪريو.‘ يعني هنگاما ۽ اسٽرائيڪون ڪري پنهنجو ۽
پنهنجي ملڪ جو نقصان نه ڪريو. مون نوجوان جي سوچ ۾
تبديلي آڻڻ چاهي ٿي ته تعليم حاصل ڪريو. تعليم کان
منهن هرگز نه موڙيو. مائوزي تنگ جو هڪ قول آهي ته
دشمن اسان تي ان وقت حاوي ٿئي ٿو جڏهن هن کي اسان
کان وڌيڪ ڄاڻ آهي.
_ ”ٽي ڳالهيون ضروري آهن“، منور چيو، ”هڪ ڪردار، ٻيو عمل ۽ ٽيون
نظريو.“
انهن مان ڪنهن به هڪ ڳالهه جي کوٽ آهي ته قصو اڳتي هلي نه
سگهندو
Equation
پوري ٿي نه سگهندي. ڪير کڻي پاڻ کي ڪيترو به لڪائي
هن جي اوڻائي ظاهر ٿيو پوي. آئون جيڪي ڪجهه ڪريان
پيو اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. آئون هر شيءِ سوچي
سمجهي ايمانداري ۽ محنت سان ڪري رهيو آهيان. هو ڇا
چوندا آهن ته ”هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت“.
منهنجو پورهيو سڀني جي نگاهن اڳيان آهي. اسان جي
ڪنهن سان دشمني يا نفرت ناهي. پرويز مشرف به ڪو
چڱو ڪم ڪري ٿو ته اسان يڪدم هن کي ساراهيون ٿا.
اسان ڪنهن ماڻهو يا ملڪ کي نقصان نٿا رسائڻ
چاهيون. اسان لاءِ مهاجر توڙي پنجابي به انسان
آهن. هنن مان ڪو اسان جي ماڻهن سان سٺو هلن ٿا ته
ته اسين هن جي واکاڻ ڪريون ٿا.
_ اسين پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي مضبوط، خوشحال ۽ مانَ وارو ڏسڻ
چاهيون ٿا. اسان وٽ ڪو مال ۽ ملڪيت ناهي. اسين
پنهنجي سوچ ذريعي پنهنجي ملڪ جي فريم ورڪ ۾ رهي
ڏتڙيل ماڻهن جي حقن جي گهر ڪرڻ چاهيون ٿا. شاهه
لطيف جو بيت آهي ته:
”بک وڌائون بگري، جوڳي ڪندا جڃ
طلب نه رکن طعام جي اوتيو پين اڃ
سامي جهاڳي سڃ وڃي وسنديءَ کي ويجهو ٿيا. . . “
انسانن جي حقن کان علاوه توهان جو ڪو ٻيو به
Object
آهي؟
_ اسان ماحوليات جا حق پڻ گهرون ٿا. اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ
صوبي ۾
Environment
جي وڃي ٻيڙي ٻڏندي. ڪنهن کي ڪو احساس ئي ناهي.
پاڻي ۽ هوا جي گدلائپ کان علاوه ماڻهو وتن رستن
جا وڻ به ڪپيندا. ڪنهن کي ڪو احساس ناهي.
”ان سلسلي ۾ ماڻهن ۾ شعور ڪيئن پئدا ڪجي؟“ مون پڇيو.
”منهنجي نظر ۾ ماڻهن ۾ ان جو احساس ۽ شعور پيدا ڪرڻ جا ڪجهه
اپاءَ هن ريت وٺي سگهجن ٿا.“ منور ٻڌايو، ”اهي
آهن. . .
Advocracy
Education
Activism
ان کي ٿري اي فارمولا سڏين ٿا. ائڊووڪرئسي ۾ سيمينار، ورڪشاپ،
ڪانفرنسون وغيره اچي وڃن ٿيون جن ذريعي اسان عوام
کي سجاڳ ڪري سگهون ٿا. ٻيو طريقو تعليم آهي ۽ ٽيون
۽ آخري
Activism
آهي جنهن ۾ مظاهرا،
Vigiliance, Rallies, Protest وغيره اچي وڃن ٿا.
_ ”ڀلا توهان جي ڪم کي، جيڪو توهان کڻي نيڪ نيتيءَ سان ڪري رهيا
آهيو، پنهنجا ۽ پراوا شڪ جي نگاهه سان به ڏسندا
هوندا؟“
”اها ڪهڙي تنظيم آهي جنهن کي شڪ جي نگاهه سان نٿو ڏٺو وڃي، خاص
ڪري اوائلي دور ۾ جڏهن اڃان نتيجا ظاهر نه ٿيا آهن
يا ٿي به رهيا هجن پر ان رفتار سان نه جنهن جي
اميد عوام رکي ويٺو هجي. ڪيترائي پنهنجا پڻ منهنجي
نيت تي شڪ ڪندا هوندا يا هنن کي منهنجين صلاحيتن
تي ڀروسو نه هجي.
ڪنهن کي ائين چوان
ته مون کي ماريو سڄڻين
بهرحال اُکرين ۾ جن مٿا وڌا اهي مهرين کان ڇا ڊڄندا، اهڙين
ڳالهين ۾ ته چوڌاري تڪليفون، ڊپ، خوف، وهم ۽ وسوسا
ته رهن ئي رهن ٿا. جن جي پرواهه نه ڪندي اڳتي وڌڻو
پوي ٿو.
خوف خيال خطرا ٽنهي ترڪ ڏيج
ماڻهو کڻي ڇا به چون پر آئون هڪ نيڪيءَ جو ڪم ڪري رهيو آهيان ۽
My objects are very clear
ورجينيا رياست ۽ وڏيري شاهنواز جوڻيجي جي ياد
آمريڪا جي ورجينيا رياست جون مشهورن غارون
Luray
ڏسڻ لاءِ اسين هاڻ ورجينيا رياست ۾ پهچي ويا
هئاسين ۽ هڪ پٺيان ٻيو ڳوٺڙو لتاڙيندا وياسين.
ظاهر آهي هن ماڊرن دنيا جا ڳوٺ به اسلام آباد جي
سهڻن حصن کان بهتر آهن. البت ملائشيا ۽ انڊيا جي
نون اڏيل شهرن جهڙا چئي سگهجن ٿا. منور ۽ حميرا
جيڪي مون سان گڏ هن ڪار ۾ موجود هئا انهن سان
خبرون چارون ڪرڻ دوران رکي رکي آئون گذرندڙ شهرن،
رستن ۽ عمارتن جا نالا پڻ لکندو ويس جيئن سڀاڻي
ڪٿي هن رياست جو نقشو ڏسان ته ان مٿان آڱر ڦيري
چئي سگهان ته آئون هتان هتان هن ڌرتيءَ مٿان پڻ
لنگهيو هوس رڳو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ يا عربي سمنڊ مٿان
نه هليو آهيان.
N. Quincy Street
Sacomaore Street
فالس چرچ
مانا ساس
Gainsvile
Dumfries
Leesburg
The Plains
فالس چرچ
(Falls Church)
ورجينيا رياست جو ڪافي وڏو شهر آهي جيتوڻيڪ
آدمشماري ڪا ويهه هزار به نه اٿس. آمريڪا جي گادي
واري شهر واشنگٽن جي ويجهو هجڻ ڪري ڪيترائي سرڪاري
ڪامورا، پرائيويٽ ڪمپنين جا آفيسر ۽ بزنيس مين جن
جو واشنگٽن ۾ ڪاروبار آهي اهي ورجينيا جي هن شهر ۾
رهن ٿا. واشنگٽن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا ڪيترائي
پاڪستاني پڻ هتي رهن ٿا. واشنگٽن ويندڙن لاءِ هتي
هڪ ڳالهه لکڻ بي محل نه ٿيندي ته واشنگٽن جي ميٽرو
سب وي (ريل گاڏي) جون ٻه ريلوي اسٽيشنون آهن جن جو
نالو ”فالس چرچ“ آهي پر ان مان هڪ جو به واسطو هن
فالس چرچ سان نه آهي. انهن مان هڪ آرلنگٽن ڪائونٽي
۾ ٻي
Fairfax
ڪائونٽي ۾ آهي.
اهڙي طرح ورجينيا رياست جي هڪ ٻئي شهر
Manassas
مان به لنگهياسين. شهر وٽان لنگهڻ وقت هڪ خوبصورت
پارڪ به نظر آيو جنهن لاءِ منور ٻڌايو ته ان جو
نالو ماناساس پارڪ آهي. تاريخ جي شاگردن کي خبر
هوندي ته آمريڪن سول جنگ جي پهرين لڙائي
1861ع
۾ ۽ ٻي
1862ع ۾ لڳي جيڪي لڙائيون
Battle of Bull Run
سڏجن ٿيون ۽ هتي لڳيون. ورجينيا جو هي شهر انٽرنيٽ
جي حوالي سان به دنيا ۾ مشهور آهي جو هتي پهريون
وائيڊ اسڪيل
(BPL) Broadband over power lines
لڳايو ويو آهي.
هن رياست جي هڪ ٻئي ڳوٺ
Gainsville
مان پڻ لنگهه ٿيو جنهن جي چون ٿا ته آدمشماري ڪا
ڇهه هزار کن مس آهي يعني اسان جي ٿاڻي بولا خان يا
ڇاڇري جي به ان کان گهڻي آدمشماري آهي. اوڻهين صدي
جي پهرين اڌ ۾ جڏهن
Fauquier
۽ اليگزينڊرا ٽرن پائيڪ (هائي وي) تي ريل گاڏيون
گهوڙا ڇڪيندا هئا ته هي ڳوٺ گهوڙن جي ساهي پٽڻ
لاءِ هوندو هو ۽ ريل گاڏين کي ڇڪڻ لاءِ هڪڙا گهوڙا
ڪڍي ٻيا جوٽيا ويندا هئا.
انهن ڳوٺن ۽ شهرن کان علاوه ليزبگ مان پڻ لنگهه ٿيو. ورجينيا
رياست جو هي تاريخي شهر واشنگٽن ڊي سي کان پورا
چاليهه ميل آهي. هي شهر آمريڪا جي آرمي جي هڪ
مشهور جنرل رابرٽ ايڊورڊ لي نالي ٻڌل آهي. رابرٽ
لي جو پيءُ هينري لي به فوج ۾ جنرل هو ۽ هن رياست
ورجينيا جو گورنر پڻ رهيو. هنن جو اصل نسل
اسڪاٽلينڊ جو آهي.
آخر ۾ هڪ تمام ننڍڙي ڳوٺ
The Plains
مان به لنگهياسين. هي ٽائون ورجينيا جي
Fauqiuier
ڪائونٽي ۾ آهي.
واشنگٽن ڇڏڻ ۽ پوٽومئڪ ندي ٽپڻ بعد اسان ماٺ مٺوڙي ۾ سفر ڪندا
آياسين. رستي تان منور مڪسڊ
Nuts
جون چار پنج پڙيون ورتيون هيون سي کائيندا
هلياسين. يعني آءٌ ۽ حميرا. منور جا ٻئي هٿ
ڊرائيونگ ويل تي هئا. رکي رکي ڪنهن جو فون ٿي آيو
ته منور ان سان ڳالهايو ٿي. آمريڪا ۾ ڊرائيونگ وقت
فون هٿ ۾ کڻي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي سو ڊرائيونگ
وارو ڪن ۾ پلگ وجهي گاڏي هلائي جيئن ڪنهن جو فون
اچي ته هٿن جي چرپر بنا فون ٻڌي ۽ ڳالهائي سگهي.
منهنجي خيال ۾ فالس چرچ شهر ڇڏي ماناساس يا گينس وائيل پهچڻ
وارا هئاسين ته منور جي فون جي گهنٽي وڳي. منور
”هيلو“ ڪري مون کي چيو ”تنهنجو ڀاڻيجو مشتاق آهي.“
ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ ڪنهن سيمينار جي سلسلي ۾ پنهنجي نوڪري واري
شهر ڪيوٽو (جپان) کان هفتو کن اڳ ملائشيا آيو هو
جنهن بعد موٽڻ وارو هو ته سندس والد ڊاڪٽر محمد
عابد ميمڻ کيس هالا کان فون ڪيو ته سندس هڪ دوست
جيڪو اسان لاءِ پڻ هڪ اهم شخصيت آهي، وڏيرو
شاهنواز جوڻيجو علاج لاءِ سنگاپور پهتل آهي تون
جپان موٽڻ بدران ٻه ٽي ڏينهن سنگاپور ترسي هن جو
حال احوال ٻڌاءِ.
ڊاڪٽر مشتاق مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ منور لغاريءَ جو
ڪلاس ميٽ هو ۽ ٻنهي گڏ
BE ڊگري حاصل ڪئي ۽ منور سان منهنجي واقفيت به منهنجي هن ڀاڻيجي
مشتاق ذريعي ٿي هئي، مشتاق ٻن ڏينهن کان شاهنواز
جوڻيجو بابت مون کي يا منور کي ٻڌائيندو رهيو ته
هو اڃا
ICU
۾ آهي. اميد ته ڏينهن ٻن ۾ بهتر ٿي ويندو پر اڄ
وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي وفات جو ٻڌي اسان سڀني کي
ڏاڍو افسوس ٿيو. مون منور کان فون وٺي يڪدم حسن
مجتبيٰ ۽ ڊاڪٽر مٺل وقاصيءَ کي ان ڏک واري خبر کان
آگاهه ڪيو. منور ڪا دير ماٺ ئي ماٺ ۾ ڊرائيو ڪندي
آخر ٿڌو ساهه کنيو جنهن سندس اندر جي اڌمن ۽ پيڙا
جي عڪاسي ڪئي ۽ پوءِ چپ چوريا: ”وڏيرو شاهه نواز
جوڻيجو ڇا ته ڪلاسڪ وڏيرو هو! هو هڪ سچو ۽ کرو
ماڻهو ۽ سنڌ جي ثقافتي روايتن جو امين هو. هن
پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ڪنهن جي به ڪاڻ نه ڪڍي. هن
ڪڏهن به پنهنجن اصولن ۽ اعليٰ آدرشن تان هٿ نه
کنيو.“
حميرا مون ڏي نهاريو.
”صحيح ٿو منور چوي“، مون حميرا جي ان عجيب
Look
جي موٽ ۾ وراڻيو، ”اڄ ڪلهه وڏيرو ماٽيلي ماءُ
وانگر ظلم، ڪروڌ ۽ ناانصافي جي علامت سمجهيو وڃي
ٿو پر هي سنڌ جو فرزند وڏيرو شاهه نواز جوڻيجو
پيار ۽ محبت جو مجسمو غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد،
انصاف پسند ۽ وڏو دلير انسان هو.“
آئون سنڌ جي ڪيترن ئي وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ سردارن سان پنهنجي
وطن ۾ يا مختلف ولايتن ۾ مليو آهيان منهن تي هر هڪ
جي تعريف پئي ٿيندي آهي پر وڏيرو شاهنواز اهو
وڏيرو آهي. جنهن جي اديب شاعرن کان سياستدان،
اخباري رپورٽرن کان سرڪاري عملدار، غريب ڳوٺاڻن
کان پئسي وارا سيٺيون تعريف ڪن ٿا. کيس ٻين وڏيرن
جي لسٽ کان ڌار ان ڪري نٿو ڪيو وڃي جو هو تمام وڏي
جاگير جومالڪ هو (جيتوڻيڪ زمين ته هن وٽ تمام گهٽ
هئي) پر هو بيحد انصاف پسند وڏيرو هو. هن جا فيصلا
حق ۽ انصاف تي ٻڌل هوندا هئا. اسان وارو سنڌي اديب
عبدالقادر جوڻيجو هن وڏيري لاءِ چوندو آهي ته
”شاهنواز سنڌ جو فري اسٽائل ۽ دلير وڏيرو آهي،
جنهن جا فيصلا سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن.“ هي اهو ماڻهو
هو جنهن سان ڪنهن جا ڪيترائي اختلاف سهي، پر هر
ماڻهو سندس احترام ڪندو هو ۽ سندس فيصلي کي مڃڻ
لاءِ پابند هوندو هو. سنڌ جي ثقافتي تاڃي پيٽي ۾
وڏيرا فيصلا ته ڪندا ئي آهن پر جوڻيجي صاحب جا
فيصلا، سنڌ جي تاريخ ۾ انصاف ۽ حق جو نهايت اعليٰ
مثال آهن.
سال ڏيڍ کن اڳ سئيڊن يا شايد ناروي جي هڪ اتراهين ڳوٺ ۾ سنڌ جي
هڪ عورت پنهنجي ننڍڙي ٻارڙي سان ملي جيڪا پنهنجي
تر جي وڏيري جي ظلمن کان جان بچائي پنهنجي مڙس
سميت
Scandinavia
جي هن ٻيٽ نما برفاني ڳوٺ ۾ اچي پناهه ورتو هو.
”انساني حقن جو بچاءُ ڪندڙ هڪ بين الاقوامي اداري
منهنجي جان بچائي نه ته مون کي ۽ منهنجي مڙس کي
ڪارو ڪاري جي چڪر ۾ پنهنجا ئي ماري ڇڏين ها.“ هن
ٻڌايو. ڳوٺاڻي ٿي ڪري هوءَ چڱو پڙهيل ڳڙهيل لڳي
ٿي. منهنجي ڪنهن سوال تي هن واهه جو جواب ڏنو ته
”سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي نه پر انصاف جي بک آهي.“
منهنجي خيال ۾ هن جي ڳالهه ۾ صداقت آهي، وزن آهي.
اسان وٽ انصاف ناهي ان ڪري امن امان به نه آهي
(شايد)! اهڙي انصاف ڏياريندڙن جي سخت کوٽ ۾ وڏيري
شاهنواز جهڙو ماڻهو ڪيترن غريبن، بي واهن، بي پهچن
جي لاءِ وڏي اميد هو. هڪ دفعي پنهنجي ڳوٺائي سپريم
ڪورٽ جي وڪيل عبداللطيف انصاري کي ڳوٺ ويندو ڏسي
سبب پڇيم. ”مون سان ۽ منهنجي پٽ سان ٿيل ناانصافين
جي فيصلي لاءِ وڏيري شاهنواز وٽ پيو وڃان. هو هر
اربع تي فيصلن لاءِ هالا ايندو آهي.“ هن ٻڌايو.
”يار لطيف تون پاڻ وڪيل ٿي ڪري ۽ ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سڄي
عمر ملڪ جي ڪورٽن ۾ گذاريندي پنهنجي لاءِ حق گهرڻ
۽ جائز فيصلي لاءِ سنڌ جي هڪ وڏيري وٽ پيو وڃين.
ڇا توکي ملڪ جي ڪورٽن تي ڀروسو ناهي؟“ مون
پڇيومانس.
”آهي پر مونکي شاهنواز وٽان اڇت انصاف ملندو. منهنجي مخالف ڌر
کڻي ڪيڏي به طاقتور هجي پر هو بنا ڪنهن اثر رسوخ
جي، بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي فيصلو صحيح ماڻهوءَ جي حق
۾ ڪندو.“
وڏيري شاهنواز جوڻيجي سان جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي ملاقاتون هالا جي
مخدوم هائوس ۾ مخدوم طالب الموليٰ وٽ ٿيون پر
شاهنواز کي مون جهڙن سان صحيح معنيٰ ۾ متعارف طارق
اشرف (سهڻي جي ايڊيٽر) ڪرايو جنهن هن وڏيري سان گڏ
جيل ڪاٽيو ۽ پنهنجي جيل جي ڊائري ۾ وڏيري جو احوال
لکيو. جئه پرڪاش موراڻي عبرت اخبار جو مشهور ڪالم
نويس وڏيري شاهنواز لاءِ چوندو هو ته. . . شاهنواز
جوڻيجو جرڳن ۾ وهي ٿو ته سندس شخصيت جو ڍنگ ئي
نرالو ٿيو وڃي. سندس تز ۽ تيز سوال جوابدارن توڙي
فريادين جون متيون منجهائي کين سچ اوڳاڇڻ تي مجبور
ڪريو ڇڏين. هو ورهين کان اٽڪيل مامرا جيڪي سٽ جي
ڦوري وانگر منجهي پوندا آهن، چپٽي وڄائي حل ڪري
کير ۽ پاڻي ڌار ڪري ڏئي ٿو. سندس آڏو ويٺل جوابدار
سندس سوالن جي طوفان ۾ گهيرجي ڪنهن مشين وانگر
حقيقتون بيان ڪرڻ لڳن ٿا. . . . سندس فيصلا اهڙا
ٿين ٿا جو هر ڪو واهه واهه ڪري اٿي ٿو. هن ڪيئي
ويڙها آباد ڪيا آهن، ڪيترن ئي رٺلن کي ڀاڪرون
پارائي کير کنڊ ڪيو، هزارين چوريون ۽ ٺڳيون
موٽايون آهن. اتر جا ڍنگ سردار جڏهن سوين ماڻهو
ماريندڙ قبيلائي تڪرار جي جرڳن ۾ پاڻ کي فيصلي کان
قاصر سمجهن ٿا ته هو فيصلي لاءِ شاهنواز جوڻيجي کي
ئي سڏائين ٿا ۽ هو راڄن جا راڄ ورهائيندڙ جهيڙا
ختم ڪرائي موٽي ٿو.
وڏيرو شاهنواز جوڻيجو
1932ع
۾ سنجر خان جوڻيجي جي گهر ۾ ٽنڊو آدم ڀرسان سندس
نالي واري ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ ڄائو. شاهنواز
جوڻيجو کي تر جا ماڻهو تڏهن کان سڃاڻڻ لڳا جڏهن
برٽش دور ۾ حرن خلاف انگريز حڪومت جي وٺ پڪڙ هلي
رهي هئي ان ۾
1946ع
۾ سنجرخان جوڻيجو جي وڏي فرزند شاهنواز جوڻيجو کي
14
سالن جي ڄمار ۾ حرن کي پناهه ڏيڻ جي الزام هيٺ
گرفتار ڪري
8 مهينا جيل ڏنو ويو. ان وقت ۾ هي علائقو ضلعي نواب شاهه
۾ هوندو هو تڏهن هن پوري تر تي ڪنڊياري جي خان
بهادر وساڻ ۽ ٻيراڻي جي جان محمد خان مري ۽ علي
محمد خان مري وارن جي سياست جي ڌاڪ ويٺل هئي.
1947ع ۾ شاهنواز جي والد وفات ڪئي ان وقت سندس عمر
15
سال هئي.
شاهنواز جوڻيجو صاحب پنهنجي سياسي سفر جو آغاز
1962ع ۾ ڪيو جڏهن پاڻ بي ڊي اليڪشن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. ذوالفقار
علي ڀٽو صاحب جڏهن پيپلز پارٽي ٺاهي رهيو هو، ان
وقت هالا جي مخدوم امين فهيم سان دوستي جي ڪري هو
پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. هو ڀٽو دور ۾
1975ع
کان
1977ع تائين جيل ۾ رهيو. ضيا جي مارشل لا ۾ کيس ڀٽو مٿان شاهدي ڏيڻ لاءِ زور
ڀريو ويو. انڪار ڪرڻ تي کيس جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽
هن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ جيل ڀوڳيو.
1988ع
جي عام چونڊن ۾ پ پ پ ٽڪيٽ تي هن ملڪ جي اڳوڻي
وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏيئي پنهنجو
نالو پيدا ڪيو ۽ پاڻ بلديات جو مملڪتي وزير بڻيو.
هن شخص لاءِ چيو وڃي ٿو ته وزير هوندي به هن ڪڏهن
به پوليس جو پروٽوڪول نه ورتو. پاڻ ڪڏهن به شوبازي
۽ پبلسٽي جو قائل نه هو. جڏهن ڄام صادق علي وڏو
وزير ٿيو ته هن مٿس زور ڀريو ته هو پ پ ڇڏي سندس
ساٿ ڏئي. انڪار ڪرڻ تي کيس ڏيڍ سال جيل ۾ قيد رکيو
ويو.
ڪاوش اخبار ۾ لکندڙ صادق ابڙو هڪ دفعو ٻڌايو ته جنهن وقت ڄام
صادق علي بيمار هو ۽ آخري پساهن ۾ هو ان وقت کيس
جيل مان رهائي ملي ته هو محترما بينظير ڀٽو وٽ ويو
۽ کانئس ڄام صادق علي سان ملڻ جي اجازت گهري.
محترما کيس اجازت ضرور ڏني پر ان شرط تي ته موٽي
اچي اهو ٻڌائي ته ڄام صادق علي بچندو يا مري
ويندو. وڏيري شاهنواز ٻڌايو ته هو جڏهن ڄام صادق
علي جي ڊفينس واري گهر پهتو ته ڄام صادق علي جي
سيرانديءَ کان پير صاحب پاڳارو ويٺل هو. جڏهن ڄام
صادق علي جي شاهنواز جوڻيجو تي نظر پيئي ته ڄام
صادق جي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان
ڀاڪرن ۾ اچي ويا ته پير صاحب به اٿي بيٺو ۽
شاهنواز کي چيو ته وڏيرا مان توهان سان ملڻ لاءِ
ڪافي دير کان بيٺو آهيان پر توهان جو ڏوهه ناهي
ٻئي جوڻيجا آهيو.
وڏيري شاهنواز جوڻيجي ڀٽو صاحب جي دور کان وٺي مشرف دور تائين
جيل ڪاٽيا. هن پنهنجي سياسي زندگي جو تمام گهڻو
عرصو پيپلز پارٽي کي ڏنو پر پ پ قيادت
1993ع
واري دور ۾ کيس قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ نه ڏني. جڏهن
سينيٽ جي ٽڪيٽ جو مرحلو آيو ته عبدالله شاهه وزير
اعليٰ کيس سينيٽر بدران صلاحڪار بڻجڻ جو چيو ته
شاهه نواز جوڻيجي وراڻيو ته صلاحڪار ٿيڻ جي ڪا
ضرورت ناهي. جيڪڏهن توهان کي صلاح وٺڻي آهي ته
آئون ڳوٺ ويٺو آهيان فون تي صلاح وٺي ڇڏجو. پاڻ
مختلف جيلن ۾ نواب خير بخش مري، ولي خان، اجمل
خٽڪ، حاصل بزنجو، بزن بزنجو، شيرباز مزاري، فاروق
لغاري، غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، عبدالواحد
آريسر، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، شهيد فاضل راهو،
اسماعيل اڌيجو، ۽ شهيد محمد علي هنڱورو ۽ ٻين
ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان جيل ۾ گڏ گذاريو.
وڏيرو شاهنواز وفاقي پارٽين ۾ هوندي به سدائين سنڌ جي حقن جي
ڳالهه ڪئي. وفاقي وزير هوندي به هر سال سائين جي
ايم سيد جي سالگره تي ساڻس ملڻ ويندو رهيو. بقول
صادق ابڙو جي هو سنڌ جي ڪلچر ۽ سياست جو هڪ نرالو
ڪردار هو. هن سنڌ ۾ بلوچ سردارن سان دوستيون هجڻ
باوجود ڄاموٽ برادري جو خيال رکيو. هن پنهنجي
جواني ۾ ڪڪڙن، رڇن، ڪتن ۽ بازن جا شوق ڪيا ۽ آخر ۾
گهوڙن جو خفت ڪيو. سنڌ جو شايد ڪو ميلو شاهنواز جي
گهوڙن جي ٽاپن کان بچيل هجي. هو سنڌ جي هر ميلي ۾
ويندو هو.
وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي حال احوال ڪرڻ دوران جڏهن ڪيترن ڪالم
نويس ۽ اديبن جو حوالو ڏنو اٿم اتي مرحوم فقير
محمد لاشاري جي ان اداري جو هتي ذڪر ڪرڻ بي محل نه
ٿيندو جيڪو وڏيري شاهنواز سان گڏ سندس اولاد تي
ٿيندڙ سختين جي سلسلي ۾ آهي. وڏيري شاهنواز سان گڏ
هن جي پٽن به جيل ڀوڳيا. هڪ دفعي جڏهن اڳوڻي ايم
اين اي ۽ شاهنواز جي پٽ محمد خان جوڻيجي کي شراب
پيئڻ جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو هو ته ان تي جاڳو
جي ايڊيٽر فقير محمد لاشاري سخت ايڊيٽوريل لکي ڄام
صادق عليءَ کي اها ميار ڏني هئي ته ايڏي وڏي پياڪ
ڄام صادق عليءَ کي اهو نٿو سونهين ته هو پنهنجي
مخالفن کي شراب پيئڻ جي ڏوهه ۾ جيل ڏياري.
شيناندوه نيشنل پارڪ ۽ ڀَنگ پيتل هرڻ
آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۽ ڀرواري رياست ورجينيا
۾ ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون آهن. توهان جو جيڪڏهن
انهن هنڌن تي ٽن چئن ڏينهن کان وڌيڪ رهڻ ٿئي ته
ورجينيا جو نيشنل پارڪ
Shenandoah
۽
Luray
غارون ضرور ڏسجن. آئون به مهينو کن واشنگٽن ۾ رهڻ
دوران نه نه ڪندو رهيس پر چڱو جو منور لغاري ۽
حميرا رحمان سان هتي اچي نڪتس ۽ دل بهار بهار ٿي
ويئي. هونءَ ته آمريڪا خوبصورت پارڪن سان ڀريو پيو
آهي. ايتري قدر جو نيويارڪ جو سينٽرل پارڪ به دنيا
جي مشهور ۽ وڏن پارڪن مان هڪ آهي. پر هن پارڪ جي
بيوٽي اها آهي جو سطح سمنڊ کان اٽڪل چار هزار کن
فٽ مٿاهون آهي ۽ مختلف جبلن جي قطارن مان گذري ٿو.
مٿاهين
Alttitude
تي هجڻ ڪري اونهاري جي مهينن ۾ به هتي جو سفر فرحت
وارو ٿو رهي. جيئن ڪوالالمپور ۾ گنتنگ هائي لئنڊس
ڏي ويندي ٿڌڪار رهي ٿي. ساوڪ سان ڀريل جبلن ۽جنگل
جهڙي گهاٽي پارڪ مان گذر لاءِ
1939ع
کان بيحد سٺو هاءِ وي ٺهيل آهي. جيڪو
Skyline Drive سڏجي ٿي ۽ اٽڪل
105
ميل کن ڊگهو رستو آهي. اسان روٽ
55
ذريعي پارڪ جي داخل ٿيڻ واري هنڌ فرنٽ رايل وٽ
پهتاسين جتان پارڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻي پوي
ٿي. اتي ئي آمريڪن هاءِ وي روٽ
340
سائوٿ پڻ اچي ملي ٿي. ٿورو ئي اڳيان ٽي ميل کن هلڻ
بعد جبل جي چوٽيءَ وٽ هڪ اهڙِي هنڌ تي اچي بيٺاسين
جتان هيٺ سڄي ماٿريءَ جو نظارو ٿيو ٿي. اتي ئي
شيناندوه ندي به وهي ٿي. دراصل هن ساوڪ سان
جهنجهيل پارڪ ۽ ان جي پسگردائي ۾ گهاٽي ٻيلي جو
وڏو سبب سٺي
Soil
سان گڏ هر وقت مينهوڳي جي موسم ۽ پاڻيءَ سان ڀريل
نديون آهن. هنن جبلن جي وچان جيڪو هي
105
ميل کن ڊگهو رستو
(Skyline Drive)
ٿو لنگهي ان جي پاسن کان ڏٺم ته راڪ فش گئپ تائين
ڪيتريون ئي نديون نظر آيون جن مان ڪجهه وڏيون ۽
مشهور هن ريت آهن: رئپاهناڪ ندي، جارڊن ندي، رش
ندي،
Covington
ندي، ٿارنٽن ندي، هزل ندي،
Hughes
ندي، رابن سن ندي،
Rose ندي، سائوٿ ندي، مومئنس ندي،
Doyles
ندي. . . . نديون ۽ نديون! ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا
کڻجن. . . . ايتريون ته ملائيشيا ۾ به نه آهن ۽
اسان وٽ ڪراچي کان حيدرآباد تائين جي هڪ سو ميلن
جي پٽي ۾ زمين آباد ڪرڻ لاءِ نديون ته ڇا پاڻي
پيئڻ لاءِ مٽڪا به ڪنهن ڪنهن هوٽل تي نظر ٿا اچن.
ماشا الله جيڪا هڪ ندي اٿئون ان جو به اهو وڃي حال
ٿيو آهي جو سياري جي موسم ۾ سندس پيٽ تي ڪرن شورو
ڳوٺ جا ٻار ڪرڪيٽ پيا کيڏن.
اسان رکي رکي انهن هنڌن تي لهي ٿي پياسين جتي ڪا ريسٽورنٽ ٺهيل
هئي يا جتي بيهي هيٺ ماٿري جو نظارو ڪري سگهياسين
ٿي. اهڙن گهاٽن ۽ اتاهن جنگلن ۾ هوا ۾ عجيب سرهاڻ
۽ سڳنڌ ٿئي ٿي. سرد موسم ڪري سواءِ پوپٽن ۽ پکين
جي ڪوبه جيت جڻيو نه هو نه ته ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ
جي موسم ۾ مڇرن ۽ ٻين ڏنگيندڙ جيتن جي مصيبت اهڙو
ائڊوينچر ڪرڻ نه ڏيندي هئي. هڪ هاڪس بل جبل جي
چوٽي وٽ هڪ ريسٽورنٽ ۾ اچي پيزا ۽ آئيس ڪريم
کاڌيسين هي هنڌ
Byrd Visitor Centre
سڏجي ٿو ۽ سامونڊي سطح کان چار هزار فٽ مٿانهون
آهي. هن پارڪ ۽ هن اتاهين رستي تان هلندي جتي مزو
اچي رهيو هو اتي رکي رکي رستو وڃائڻ جو ڊپ پڻ ٿي
رهيو هو پر پوءِ ڪنهن سامهون ايندڙ گاڏي واري کان
پڇي ٿي ورتوسين يا ڪو اهڙو بورڊ نظر اچي ويو ٿي
جنهن تي ان علائقي ۽ رستن جو نقشو ۽ ڄاڻ هئي ۽
پوءِ لهي ان بورڊ اڳيان فوٽو به ڪڍاياسين ٿي جيئن
سند رهي ته اسان هن هنڌ آيا آهيون. هن سڄي علائقي
۾ ڪيترائي جانور ۽ پکي رهن ٿا ۽ جيئن سئيڊن جي
ٻيلن مان لنگهڻ وقت رين ڊيئر نظر اچن ٿا تيئن هتي
هرڻ جام آهن. هرڻن کان علاوه رڇ (ڪارا وارا) باب
ڪئٽ ۽ ٻيا جانور به آهن پر اسان کي رکي رکي ڪنهن
وڻ يا ٻوڙهي پويان ڪو هرڻ نظر اچي ويو ٿي. منهنجي
خيال ۾
Lewis
جبل واري ريسٽورنٽ ۾ ڪافي پي جيئن ئي ميل ڏيڍ
اڳيان هلياسين ته هڪ هرڻ گهاٽن وڻن مان نڪري اچي
وچ رستي تي بيٺو. ماڻهو هرڻ جي شڪار لاءِ بلوچستان
جي جبلن ۾ سڄو ڏينهن خوار پيا ٿيندا آهن ۽ هتي
اسان جي سامهون پڪي رستي تي هرڻ بيٺو هو. منور ڪار
کي بريڪ هڻي بيهاريو. ورجينيا ۾ رهندڙ خيرپور جي
عرفان جماڻيءَ ٻڌايو هو ته هڪ رات هو گهر پئي
موٽيو ته ورجينيا جي ڪنهن جنگل واري علائقي ۾ هڪ
هرڻ سندس ڪار سان اچي ٽڪرايو. کيس اهڙو ڌڪ لڳو جو
اٿي نه سگهيو. ”پوءِ توهان ڇا ڪيو؟“ مون پڇيو
هئومانس.
”اسان ٻه دوست هئاسين“، هن ٻڌايو، ”هرڻ کي ڇڪي ڪار جي ڊڪيءَ ۾
وڌوسين ۽ پوءِ گهر اچي سير وجهي سندس گوشت سان ڊيپ
فريزر ڀري ڇڏيوسين ۽ سڄو هفتو کائيندا رهياسين.“
پر هن وقت منور جي ڪار ۾ ٽئي سوار جانورن يا پکين جي شڪار جي ته
خلاف هئاسين پر انهن وڏيرن جي به خلاف هئاسين جيڪي
وزيرن، فوجين ۽ عربن کي دعوت ڏئي سنڌ ۾ ايندڙ
پرديسي پکين جو شڪار ڪرائين ٿا. نه ته روڊ تي بيٺل
ههڙي سڻائي شڪار لاءِ ڪنهن بندوق جي به ضرورت نه
هئي. بريڪ هڻڻ بدران کيس ڪار ٽڪرايون ها ته اتي ئي
ڍيري ٿي پوي ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته منور جي ڪار
الائي ايتري دٻ سهي سگهي ها يا نه. هرڻ کي ٿي سگهي
ٿو اثر نه ٿئي ماڳهين ڪار ڍيري ٿي پوي ها ۽ اسان
روه ۾ ته نه پر
Lewis
جبل جي ٽي هزار کن فٽن جي بلنديءَ تي سواريءَ لاءِ
واجهائيندا رهون ها.
هونءَ هن پارڪ ۾ ڪنهن به پکي يا جانور کي مارڻ جي اجازت ناهي.
بلڪ هي پارڪ شيناندوه ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو آهي ته
هن ۾ جيڪي به قدرتي شيون آهن گاهه ٻوٽن کان وڻ ٽڻ
پکي پکڻ کان جانور جيتامڙا حفاظت سان رهي سگهن.
انهيءَ ڪري هن پارڪ ۾ ايندڙن لاءِ جتي ڪٿي سختي
سان چتاءَ لکيل آهن ته هن پارڪ ۾ ڪوبه بندوق پستول
نه کڻي اچي. ڪنهن کي به پڪنڪ ملهائڻ دوران باهه
ٻارڻ جي اجازت ناهي. سگريٽ اڇلڻ کان اڳ ان کي چڱي
طرح وسايو. جنگل ۾ هلندڙ جانورن کي ڪوبه کاڌو نه
ڏيو. رستن تان هلندڙ ڪيترائي جانور جيتوڻيڪ پالتو
لڳن ٿا پر اهي جهنگلي آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن ۾
ڪي وچڙندڙ بيماريون هجن ۽ توهان کي لڳي وڃن. وڻ ٽڻ
۽ گل ٻوٽا فقط ديدار لاءِ آهن انهن کي نه پٽيو ۽
نه نقصان رسايو. پاڻ سان گڏ جيڪڏهن ڪتو آڻيو ٿا ته
ان کي رسي ذريعي سوگهو رکو يا ڪار ۾ اندر رهڻ ڏيو
جيئن هو هلندڙ چلندڙ سهن ۽ سانڍن جهڙن جانورن کي
نه ماري.
بهرحال اهي اهڙا قاعدا قانون آهن جيڪي دنيا ۾ جتي ڪٿي هلن ٿا
ويندي انڊيا ۾ به. تڏهن ته اتي جو تاج محل يا
الورا اجنتا جون غارون نه ڏسو ته دهلي جو لوڌي ۽
نهرو پارڪ نه ڏسو سالن بعد به ساڳي حالت ۾ آهي.
انهن جي حالت حيدرآباد جي قلعي يا مڪلي جي قبرستان
جهڙي نه ٿي آهي.
هونءَ پڙهندڙن کي اها ڳالهه ضرور نوٽ ڪرڻ کپي ته ههڙن مٿاهن
هنڌن تي چاهي اونهاري جي گرم موسم ۾ وڃڻ ٿئي ته به
پاڻ سان لوئي، سئيٽر يا ڪوٽ ضرور کڻي نڪرجي ڇو ته
جبلن جي آب هوا بدلجندي دير نٿي لڳي ۽ رات ته هر
صورت ۾ ٿڌي ٿئي ٿي.
اهو لکڻ رهجي ويو ته شيناندوه نيشنل پارڪ ۾ جنهن وقت اسان کي
سامهون وچ رستي تي هرڻ نظر آيو ته منور گاڏي
بيهاري خوشي وچان ٽارزن ٽائيپ رڙ ڪري مون کي ان
هرڻ جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. ”خالد هاشماڻي هميشھ
چوندو آهي ته آئون هرڻ نظر اچڻ جو ڪوڙ ٿو
ڳالهايان.“
”ڳالهه ٻڌ،“ مون وراڻيو مانس، ”ائين فقط هرڻ جو فوٽو ڪڍڻ تي
خالد هاشماڻي جنهن شخص جو نالو آهي ڪڏهن به اعتبار
نه ڪندو.“
”ڇو ڀلا؟“ حميرا چيو
”هيئن ٿو ڪريان، مون کين چيو، ”آئون ڪار مان لهي ڪار جي پٺيان
فوٽو ڪڍان ٿو. تون دريءَ مان منهن ڪڍ جيئن توسان
گڏ هرڻ جو فوٽو اچي.“
ڪئميرا کڻي ڪار مان لٿس. مون سمجهيو هرڻ ڀڄي ويندو پر هو متين
جو موڙهيل، ڀنگ پياڪ وانگر پريشان بيٺو رهيو ۽ مون
فوٽو ڪڍي ورتومانس.
لوري غارون ۽ ابراهيم منشي
ورجينيا رياست جو
Shenandoah
نيشنل پارڪ گهمڻ بعد اسان
Luray Caves (لوري جون غارون) ڏسڻ وياسين. هنن غارن تي هي نالو هتي جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺڙي
Luray
تان پيو جيڪو هاءِ وي
211
جي
Exit 264 تي آهي ۽ هن نيشنل پارڪ مان لنگهندڙ مشهور رستو اسڪاءِ
لائين ڊرائيو جي اولهه ۾
9
کن ميلن جي فاصلي تي آهي. هتي غارون ڪافي وڏيون ۽
صاف سٿريون آهن ۽ ٽوئرسٽ کي هڪ ڪلاڪ جي ٽوئر دوران
ٻه ميل کن گهمائين ٿا. اندر لائيٽ جو سٺو بندوست
آهي ۽ هوا پڻ فريش آهي ۽ ملائشيا جي باتو غارن
وانگر چمڙن جي بدبوءِ ۽ پوڄارين طرفان ڇڏيل ڪن
ڪچرو نه آهي. هي غارون گهمڻ لاءِ في ماڻهو جي
18 ڊالر ٽڪيٽ آهي ۽ روزانو صبح جو
9 بجي کان ڇهين اندر ڏسي سگهجن ٿيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته
هنن غارن ۾ هزارين سال پراڻا ٺهيل
Stalactites،
Stalagmites
۽ ڪالم آهن. اهي شيون ڇا آهن ۽ غارن ۾ ڪيئن ٺهن
ٿيون ان بابت احوال اڳتي هلي ٿا ڪريون.
هي غارون جيڪي هزارين سال پراڻيون آهن انهن جي ڄاڻ
1878ع ۾ ڀرواري ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ فوٽو گرافر ۽ هڪ لوهه ۽ ٽِن جي ڪم ڪندڙ کي پيئي.
هنن ڏٺو ته زمين ۾ ٺهيل هڪ سوراخ مان ڪافي پريشر
سان ٿڌي هوا نڪري رهي هئي. هنن گڏجي پنج ڪلاڪ کان
کوٽائي ڪئي جنهن ۾ ايترو ويڪرو سوراخ کوٽي سگهيا
جنهن مان ماڻهو اندر گهڙي سگهي. ان ۾ پهريون ماڻهو
جيڪو گهڙيو اهو ائنڊريو ڪئمپ بيل فوٽو گرافر هو ۽
هن کي جيڪو پهريون ٿمڀ
(Column)
نظرآيو. ان جو نالو آمريڪا جي پهرين صدر جارج
واشنگٽن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. اڄ هنن غارن
کي هر سال پنج لک کن ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ ڏسڻ
لاءِ اچن ٿا ۽ قدرت جي هن ڪرشمي جي واکاڻ ڪن ٿا ۽
بقول هڪ انگريز ٽوئرسٽ جي:
. . . . For more than 125 years, luray caverns
has been renowned as one of the world’s most
spectacular natural wonders. A world of magic
and majesty, still as morvelously beautiful as
described in the newspapers headlines over a
century ago.
هن غار جا خوبصورت اسٽالئڪٽائيٽ ۽ اسٽالئگمائيٽ ڏسڻ وٽان آهن.
جيڪي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي مان ٺهڻ ۾ هزارين سال وٺن
ٿا. غارون ڪيترن ئي قسمن جون ٿين ٿيون. ڪي جبلن تي
مٿاهين ليول تي ٿين ٿيون جيئن غار حرا آهي، جتي
اسان جو نبي ڪريم صلعم وحي نازل ٿيڻ کان اڳ پاڻ
غور و فڪر ڪندا هئا ۽ جتي قرآن شريف جي پهرين آيت
نازل ٿي. هي هڪ ننڍڙي غار آهي جتان سامهون ڪعبھ
الله تي بينظر پوي ٿي ۽ روشني به اچي ٿي جيتوڻيڪ
دنيا جي ڪيترين غارن ۾ سج جي روشني بلڪل نٿي پهچي.
ڪي غارون جيتوڻيڪ جبلن ۾ ٿين ٿيون پر انهن جا منهن
گرائونڊ ليول تي ٿين ٿا. اهڙي ئي هڪ غار جو احوال
قرآن مجيد جي ڪهف سورې
۾ آهي. ڪي غارون سمنڊ اندر به ٿين ٿيون جيڪي
Sea Caves سڏجن ۽ ڪي
Rock Shelters
۽
Grottos
به سڏجن. ڪي غارون ڌرتي هيٺ به ٿين جيئن هيءَ
ورجينيا رياست جي وڏي ۾ وڏي غار ”لوري“
(Luray)
آهي. بهرحال ڪي غارون سخت پٿر جون ٿين ٿيون ۽ اهي
شروع کان آخر تائين خال
(Void)
رهن. انهن ۾ چاهي هيٺ پاڻي بيٺل هجي يا مٿان پاڻي
ٽمندو رهي تڏهن به ڪجهه نٿو ٿئي. وڌ ۾ وڌ جتي پاڻي
ٽمندو رهي ٿو اتي سوين سالن بعد گرائونڊ تي پور
(erosion)
ٿي وڃي. جبل نور (جنهن تي غار حرا آهي) اهو به
ڪجهه اهڙن ئي سخت ۽ نهرن
(Solid)
پٿرن جو آهي. جن حاجين يا عمري لاءِ ويندڙن هن جبل
تي چڙهي چوٽيءَ تي ٺهيل هن مبارڪ غار جو اندريون
حصو ڏٺو هوندو انهن کي ڄاڻ هوندي ته اها اڄ به
اهڙي ئي حالت ۾ آهي. صدين جي هوائن، سج جي ڪرڻن يا
موسم جي تبديلين ۽ مينهن طوفانن هن کي ذرو به نه
ڳاريو آهي نه ڊاهيو آهي. اهو ان ڪري جو هن جبل
(نور) جو پٿر گرانائيٽ
(Granitic Rocks)
جو ٺهيل آهي. جنهن تي عربستان جهڙي سخت موسم به
اثر نٿي ڪري سگهي ۽ جيئن هيرن لاءِ چيو ويندو آهي
ته:
Diamonds are for ever.
تيئن هن قسم جي پٿرن لاءِ چيو وڃي ٿو
Granitic rocks are for ever.
اهڙي طرح مڪي پاسي جو جبل ثور آهي جنهن ۾ اها مشهور غار آهي
جنهن ۾ حضور اڪرم صلعم جن هجرت جي موقعي تي قيام
فرمايو هو. اهڙن ئي پٿرن واري هڪ ٻي غار جيڪا
لاهوت لامڪان (بلوچستان) ۾ آهي جنهن کي
1964ع
۾ جناب علي نواز وفائي، عبدالقادر پاٽولي، مخدوم
عباسي ۽ والد صاحب (گل محمد شيخ) سان گڏ مون کي
ڏسڻ جو موقعو مليو هو. هن غار جو منهن تمام سوڙهو
۽ اڻانگي هنڌ تي آهي، منجهس پاڻيءَ جي سم
(Seepage)
به ٿيو پئي پر ڪنهن به پٿر ۾ ڳار يا پورائي
(holes)
نظر نه آيا. يعني ان پٿر ۾ ڪوبه چن
(Lime)
جهڙو نرم ڪيميڪل مليل نه هو. چوڌاري گرانائيٽ جهڙو
سخت پٿر هو. انهن غارن جي ڇت تي يا فرش تي
اسٽالئڪٽا ئيٽ يا اسٽالئگمائيٽ جهڙي
Formation
نه هئي. باقي هي
Luray
جهڙيون غارون چن واري پٿر
Lime Stone جون آهن جن تي مينهن جي يا ڪنهن ٻي پاڻيءَ جو وڏو اثر ٿو ٿئي.
خاص ڪري ان پاڻيءَ جو جنهن ۾ تيزابيت موجود آهي.
هن قسم جون غارون جيڪي
Sedimentary Rocks به سڏجن ٿيون ان جي پٿر ۾ هڪ ڌاتو ڪئلسائيٽ به ٿئي ٿو جنهن کي
ڪيميسٽري جي زبان ۾ ڪئلشم ڪاربونيٽ سڏجي ٿو. مينهن
جو پاڻي هن ڪيميڪل سان مڪس ٿي غارن جي ڇتين تان
جڏهن ٽيپو ٽيپو ٿي سِمي ٿو ته ان ۾ موجود پاڻي هيٺ
ڪريو پوي پر ڪئلسائيٽ ۽ ان سان مليل ٻيا ڌاتو ڇت
تي ڇلي وانگر چنبڙيو وڃن ٿوري دير کان پوءِ وري
ٻيو ڦڙو ٽمي ٿو جنهن مان پڻ ساڳيو ڌاتو پهرين ڇلي
جي هيٺان ٻيو ڇلي ٺاهي ترسيو پوي. ائين هڪ ٻئي
پويان سنها ڇلا ٺهندا وڃن ۽ ڇت تان هڪ گول ڇلن جي
لٺ (شربت پيئڻ واري
Straw
وانگر) هيٺ ايندي رهي ٿي. بلڪ ڇت کان هيٺ لڙڪندڙ
اهڙيون لٺيون
(Stalactite)
جن جا سوراخ بند نٿا ٿين اهي سڏجن ئي ”سوڊا اسٽرا
اسٽالئڪٽائيٽ“. ڇت ته لڙڪندڙ هنن لڙهين مان ڪن جا
هيٺيان سوراخ بند ٿيو وڃن ۽ پوءِ اهي سوڊا اسٽرا
(Soda straw)
بدران
Cone
شڪل جون ٿين. بهرحال ڇت تان لڙڪندڙ هر قسم جي ڇلن
جون هي لڙهيون
Stalactite
سڏجن ٿيون.
Calcite
سان مليل هي ڦڙا ڇت ۾ لڙڪيل لڙهي ٺاهيندا جڏهن هيٺ
ڪرن ٿا ته هيٺ زمين تي به ڇت جهڙا ڇلا ڇلا ٺهندا
وڃن ۽ انهن زميني ڇلن جي لٺ کي
Stalagmite
سڏجي ٿو . ڇت وارين لڙهين ۽ زمين تي ٺهيل لٺين جا
مٿيان انگريزي نالا هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿا. مون
کي ياد ٿو اچي ته انٽر سائنس ۾ جاگرافي جو آپشنل
سبجيڪٽ پڙهائڻ وارو اسان جو پروفيسر مرحوم طارق
مصطفيٰ صاحب اسان کي چوندو هو ته اهي نالا ياد رکڻ
لاءِ انهن ۾ موجود
C
۽
G جا اکر ياد رکو. جنهن نالي ۾ سي آهي (يعني
Stalactite)
ان جو واسطو
C
يعني
Ceiling
(ڇت) سان آهي ۽ جنهن اکر ۾
G
آهي يعني
Stalagmite
ان جو واسطو
G
يعني گرائونڊ سان آهي.
ڪن ڪن غارن ۾ (جيئن ورجينيا رياست جي هن غار ۾) اهي ڪئلسائيٽ
جون لڙهيون ۽ لٺيون ايڏيون ته وڏيون ٿيو وڃن جو هڪ
ٻئي سان ملي هڪڙو يڪو ٿنڀ ٺاهين ٿيون. غارن ۾ ٺهيل
اهڙي ٿنڀ جو جاگرافيائي نالو ”ڪالم“ آهي. هنن
Luray
غارن ۾ اهڙو ئي هڪ ڪالم
Empress Column
تمام خوبصورت آهي ۽ قدرت جي تعريف ڪندي نٿو رهجي
سگهجي. اهڙي طرح ڪجهه اسٽالئڪٽائيٽ ۽ اسٽالئگمائيٽ
بيحد خوبصورت آهن جن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڏسڻ سان
عقل چرخ ٿيو وڃي. اهڙن مان ڪجهه جا هنن
Luray غارن جي انتظاميا وارن نالا به رکيا آهن، جهڙوڪ:
Titanias’Veil
جيڪا بلڪل سفيد رنگ جي شفاف ڇلن جي لڙهي آهي.
Frozen Fountain
هي بيحد ڳرو ۽ وڏو سفيد رنگ جي چادر يا پڙدي جهڙو
فلو اسٽون آهي جيڪو زمين تي ٺهي پيو آهي.
Stalacpipe Organ
چئن کن ايڪڙن تي ڪجهه ڇت واريون لڙهيون يعني
اسٽالئڪٽائيٽ هڪ ٻئي جي ڀرسان ائين ٺهي ويون آهن
جن مان هارمونيم وانگر سريلا آواز ٿا نڪرن.
Giant
هال ۾ هڪ سڀ کان ڊگهو ۽ خوبصورت ٻٽو ڪالم آهي جنهن
جي ڊيگهه
47
فوٽ آهي.
منهنجا اهي پڙهندڙ جن جو جاگرافي ۽ ڪيمسٽري جهڙن سبجيڪٽن سان
واسطو نه رهيو آهي انهن جي دلچسپي لاءِ هتي ڪجهه
ڳالهين جي سمجهاڻي لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
ڪئلسائيٽ يا ڪئلشم ڪاربونيٽ جنهن مان هي ڇت واريون ڇلن جون
لڙهيون
Stalactite
يا فرش تي لٺيون
Stalagmite
ٺهن ٿيون پنهنجي نج حالت ۾ سچي موتي
(Pearl)
وانگر سفيد ۽ شفاف ٿين ٿيون جيئن مٿي ذڪر ڪيل
فروزن فائونٽِن آهي جيڪو نج ڪئلسائيٽ جو
Stalagmite آهي.
ڪئلسائيٽ (ڪئلشم ڪاربونيٽ) مان ٺهيل هي سڀ شيون ٽاڪئون ٿين ٿيون
۽زور ڏيڻ سان ٽڙڪي پون ٿيون جيئن سچا موتي
Pearl
کي مترڪو هڻڻ سان ڇيتيون ڇيتيون ٿيو وڃي. هتي اهو
به لکندو هلان ته غارن ۾ ٺهيل هي شيون، سچا موتي،
سپون
(Shells)
۽ ڪوڏ، ويندي
Snail
جيت جو مٿيون تهه
(Shell)
۽ بيضن
(Eggs)
جا ٻاهريان ڇلڪا سڀ هڪ ئي شيءِ ڪئلشم ڪاربونيٽ
آهي. جپان واري ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته
ان ۾ ڪا ميڊيڪل حقيقت ناهي ته سچن موتين ۾ ڪا
شهواني يا جسماني طاقت آهي. توهان ڪلفٽن تي سمنڊ
جي ڪناري تي پيل ڍير سپن مان هڪ سپ
(Shell)
جو حمام دستي ۾ چورو ڪريو ۽ ٻيو سچي موتيءَ جو
چورو ڪريو. ڳالهه ساڳي آهي. ٻنهي ۾ ساڳيو ڪيميڪل
آهي. سچن موتين ۾ طاقت، شباب، جواني جو نعرو فقط
وهم آهي جيئن ملائيشيا، هانگ ڪانگ، ۽ چين پاسي جا
چيني گينڊي
(Rhinoceros)
جي سِڱَ جي پائوڊر لاءِ چون ٿا جيڪو سائنسي يا
ميڊيڪل ريسرچ مطابق وارن جو
Compress
ٿيل ڇڳو آهي.
هتي اهو به لکڻ چاهيان ٿو ته اهي ڇت واريون ڇلن جون لڙهيون
Stalactite
يا
Stalagmites
ڪي پنجاهه يا سو سال ۾ نٿيون ٺهن پر انهن جي ٺهڻ ۾
هزارين سال لڳيو وڃن. هنن غارن جون مون ڪيتريون ئي
تصويرون ڪڍيون آهن. پر خبر ناهي اخبار وارا يا
ڪتاب جا پبلشر انهن مان ڪا ڇپين يا نه. بهرحال جن
وٽ ڪمپيوٽر آهي اهي هن ويب سائيٽ تي انهن غار وارن
جي انتظاميا طرفان ڏنل ڪجهه تصويرون ڏسي سگهن ٿا.
www.luraycaverns.com
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي غارون ۽ انهن ۾ هزارين سالن جي عرصي مان
ٺهيل عجيب ۽ خوبصورت شيون ڏسي ماڻهو سراپجيو وڃي.
نيويارڪ ٽائيمس اخبار جو نمائندو اليگزينڊر برانڊ
پهريون سفرنامو لکندڙ آهي جنهن هنن غارن
Luray caves
جو سير ڪيو. اٽڪل سو سال کن اڳ جي سفرنامي ۾ هن
هنن غارن بابت لکيو آهي ته:
“It’s a magnificent cave. The most beautiful
I’verseen.
Trying to compare this cave to other would be like
Comparing
New York City to the Town of Luray.”
انسئڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ هنن غارن بابت ڏيڍ صفحو کن ڏنل آهي.
رسل گرني جيڪو ليکڪ ۽
Explorers ڪلب جو صدر به رهي چڪو آهي ان پنهنجي ڪتاب ”ڊسڪوري آف
لُوري ڪئورن، ورجينيا“ ۾ لکيو آهي ته:
“Luray Caverns remains a tribute to the courage
and vision of explorers who will persevere to
seek out secrets of our world. In an imperfect
human world it is reassuring that the discovery
of these men of vision has been preserved for
the enjoymet of this and succeeding
generations.”
لُوري غارن مان نڪرڻ وقت سج اچي لٿو هو. ان ڏينهن اسانجو شايد
آخري گروپ هو. نڪرڻ واري دروازي وٽ هڪ ننڍڙو
سووينيئر شاپ ۽ چانهه ڪافيءَ جي ريسٽورنٽ هئي.
اسان به اتي ئي چانهه پيئڻ چاهي ٿي پر هڪ ته رش
ڪري ۽ ٻيو ته ههڙن خاص هنڌن تي هر شيءِ مهانگي ٿئي
ٿي. سو اسان ميل ٻه اوڀر ۾
Luray
ڳوٺ ۾ اچي چانهه پيتي. حميرا ٻڌايو ته هي ڳوٺ
جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر هنن غارن ڪري مشهور آهي.
انکان علاوه آمريڪا جي وئلي بيس بال ليگ جي
Luray Wranglers
جو ڳوٺ آهي. يوگي بيئر ڪارٽونن جو خالق پڻ هن ڳوٺ
جو آهي جنهن جي ياد ۾ هتي
Yogi Bear’s Gellystone
پارڪ آهي. ڳوٺ مان نڪرڻ وقت لوري هاءِ اسڪول جي
عمارت ۽
Page news
اخبار جي آفيس پڻ نظر آئي.
ڪار منور پئي هلائي پر ٿڪل اسين ٻه حميرا رحمان ۽ آئون هوس جو
رکي رکي اٻاسيون به آيون پئي.
”ڪر خبر منور! ننڊ ته ڪانه ٿي اچي؟“ مون پڇيومانس.
”منهنجو فڪر ئي نه ڪريو توهان ڀلي سمهي رهو“ منور وراڻيو.
”نه منهنجا سائين ائين ته اسان به نه ڪنداسين“، مون چيومانس.
”جهوٽو لڳندي ڪا دير ٿي ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ اسان مان هڪ ڄڻو سمهي ته
ٻيو توسان ڳالهائيندو هلي.“
”ڪنهن جي به ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي آئون ٿو ڪئسٽ ٻڌان.“ منور
اعلان ڪيو. منور ٻه ٽي ڪئسٽ مٽائيندي آخر هڪ کي
هلڻ ڏنو.
مون رات گنجي ۾ گجندي ڪيڏا سنڌوءَ جا سرواڻ ڏٺا
ٿي ٻهڪيا منهن ۽ ٻانن ٻر، مون ٻلواڻن هٿ ٻاڻ ڏٺا
هت ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀڙڪا ها ۽ ڪانن جا ڪيئن ڪڙڪا ها
هت گونج متل هئي گولين جي، ۽ ٽڪر ٽولين ٽولين جي
ڏيئي منهان منهن مهاڏا ٿي، ڄڻ سانَ وڙهيا ڪي پاڏا ٿي
هن ڀر کان ڀاڳيان ڀونيان ها، ۽ اڳيان چور اڀونيا ها
مون جنگ اندر ڪئين جوڌا جاني، سورهيه پٽ سڄاڻ ڏٺا
. . . . هي ابراهيم منشي پاڻ هو، جيڪو ڪنهن محفل ۾ پنهنجي شاعري
ٻڌائي رهيو هو. ڇا ته سندس آواز ۽ ان ۾ جوش ۽
للڪار هئي. اسان جي ننڊ ته پهرين سٽ تي ئي هلي
ويئي. ”ابا منور متان ان ڪئسٽ کي بند ڪيو اٿئي.“
حميره رڙ ڪئي، ”اسان ننڊ تان هٿ کنيو.“
. . . . هي آزادي جو جهيڙو هو ۽ ڀائر ڀائر ڀيڙو هو،
هڪ غدارن جو ٽولو هو، جنهن ننگ نسل ۾ رولو هو،
سو ڌاڙيلن سان هو ڌر بنيو، ۽ سنڌ لاءِ سورن سر بنيو،
هئا لعنت سان منهن لال سندن، ڇا ويهي ڪريان مان ڳالهه سندن،
ان ڪڙم جي قاتل ٽولي جا مون پيلا منهن خود پاڻ ڏٺا. . . !!
مون ابراهيم منشي جي شاعري پهريون دفعو اڄ کان ويهارو سال اڳ
سئيڊن جي شهر مالمو ۾ وزير سومري وٽ ٻڌي هئي، جڏهن
آئون اتي جي يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“
۾ هوس. اڄ اسان جو هي پيارو شاعر هن دنيا ۾ نه
رهيو آهي. ابراهيم منشي هڪ مزاحمتي شاعر هو، جنهن
پنهنجي ڌرتيءَ تي تبديليءَ جي چاهنا رکي. هو
ڌرتيءَ وارن لاءِ حوصلي، همت، سرت، ساڃاهه، جرئت ۽
جدوجهد جو سبب بڻيو رهيو.
جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي توسان جنگ آ
پليت پير ڪر پري، هيءَ ڌرتي منهنجو ننگ آ
ابراهيم منشي جي جيڪڏهن شاعري پڙهندائو ته ان ۾ هن جي زندگيءَ
جو مقصد چٽي طرح نظر ايندو. هو ڏوٿي ماڻهن جو
همدرد، وڏيري، سرمائيدار جو چٽو دشمن نظر ايندو.
سندس شاعري سنڌي قوم لاءِ اتهاس جي اهميت رکي ٿي.
هو عام ماڻهن جو آواز هو. اڄ جڏهن ورجينيا رياست
جي رستن تي اسان جي گاڏي صحيح رستو وٺي وڃي رهي
آهي، ته اسين ابراهيم منشي کي پنهنجو گيت ترنم سان
پڙهندو ٻڌي گم ٿي ويا آهيون. سندس شاعريءَ ڪيڏو ته
بيقرار ڪري وڌو آهي.
ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسون
سرنهن پيلا جهليندي گل، تڏهن کيتن ۾ ملنداسون. . . !
اتر جا واءُ جڏهن ورندا، اڇا سر، ڪانهه سنگ ڪڍندا،
لهنديون ڪونجون جتي ڪڻڪي، انهن ڪيٽين ۾ ملنداسون.
ڇڏي درياءُ ويندو دهشت، بنائي ٻيٽ ٻيلاٽيون
چڙهي تڏهن ناءُ ننڍڙيءَ تي، انهن ٻيٽن ۾ ملنداسون.
”منور واهه جو ڪئسٽ هٿ ڪيو اٿئي. ڪٿان گهرايئي؟“ مون پڇيومانس.
”مون کي به ٽالپر ٻڌڻ لاءِ ڏنو آهي.“ منور وراڻيو.
”ڪهڙي ٽالپر؟ طلعت ٽالپر؟ شاهد ٽالپر؟“ مون پڇيو.
”شاهد ڏنو آهي پر آهي توهان جي ڳوٺائي سليم عرساڻيءَ جو.“
”چڱو هاڻ ڳالهه ٻڌ.“ مون چيو، ”ڪنهن جو به هجي مون کي اهو ٽيپ
ڪرائي ڏي.“
منشي محمد ابراهيم
15
جنوري
1934ع
تي ڳوٺ جنهاڻ سومرو، تعلقو ٽنڊو محمدخان ۾ جنم
ورتو هو.
ڪنهن جي ٿي هت ذات وڪامي، ڪنهن جي ٿي هت ڏات وڪامي
ڪنهن جي ٿي هت بات وڪامي، ڪنهن جي ٿي هت رات وڪامي
هيڏي وڪري ۾ جو نه وڪاڻو، تنهن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو
جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو، هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو
جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو، سوئي ماڻهو موتيءَ داڻو. |