سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :3

گرين ڪارڊ لاٽري

الاسڪا، ڊيلا ويئر، مسي سپي ۽ مونٽانا رياستن بابت

هر سال آمريڪا جي حڪومت دنيا جي اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهن کي لاٽري (پُکن) ذريعي گرين ڪارڊ ڏئي ٿي، جيئن هو آمريڪا ۾ اچي رهن ۽ نوڪري يا ڌنڌو ڪن. پاڪستان مان به هزارين نه پر لکين ماڻهو فارم ڀرين ٿا ته جيئن هنن جو نالو نڪري اچي پر ڪجهه سالن کان پاڪستان مان هاڻ لاٽري ذريعي چونڊ نه پئي ڪئي وڃي جو هيءَ لاٽريءَ جي سهولت انهن ملڪن لاءِ رکي ويئي آهي، جن جا گهٽ ماڻهو آمريڪا رهن ٿا. لاٽريءَ ۾ نالو نڪرڻ تي هو آمريڪا ۾ هميشھ لاءِ رهڻ لاءِ Permanent Residence لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي زال (۽ جي زال آهي ته مڙس لاءِ) ۽ انهن ٻارن جي PR لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو جن جي عمر 21 سالن کان گهٽ آهي. درخواست منظور ٿيڻ تي هنن جي پاسپورٽ تي Immigrant visa جو اسٽيڪرلڳايو وڃي ٿو ۽ هنن کي پوءِ ڇهن مهينن اندر آمريڪا پهچي پاسپورٽ تي آمريڪا ۾ Entry جو ٺپو لڳائڻو پوي ٿو. ان بعد سندن ڏنل ائڊريس تي پوسٽ ذريعي گرين ڪارڊ مليو وڃي. هتي اهو به لکندو هلان ته جتي لوڀي هوندا آهن، اتي ٺوڳي به پيدا ٿي پوندا آهن. هن گرين ڪارڊ جي لاٽريءَ جي چڪر ۾ ڪيترا شوقين ٺڳن هٿان ڦرجي به ويا. آمريڪا جي حڪومت جڏهن به لاٽريءَ جو اعلان ڪري ٿي ته هن ٺڳ ايجنٽ اخبارن، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تان اشتهارن ذريعي ماڻهن کي اهو باور ڪرائين ٿا ته توهان 50 يا سئو، ٻه سئو ڊالر في اسان ايجنٽن کي ڏيئي پنهنجو فارم ڀرايو جو ائين ڪرائڻ سان ان جي نڪرڻ جي وڌيڪ اميد آهي پر اصل اها ڳالهه صحيح ناهي. ويتر حقيقت اها آهي ته اهڙا ايجنٽ توهان جو فارم موڪلڻ ۾ دير ڪريو ڇڏين، ڪيترا ٺڳ ته پنهنجن اشتهارن ۾ اهو به ڏيندا آهن ته نه فقط هو فارم جلد موڪيلندا پر فارم نڪرڻ تي ڪامياب اميدوارن کي آمريڪا وڃڻ لاءِ هوائيجهاز جي ٽڪيٽ به مفت ۾ ڏيندا. آمريڪاجي حڪومت وقت بوقت عوام کي هنن ٺڳ ايجنٽن کان بچڻ لاءِ چتاءُ ڏيندي رهي ٿي جيئن هو پنهنجي چانس ۽ پئسو هنن ٺڳ ايجنٽن جي ڪوڙڪين ۾ اچي برباد نه ڪن.

گرين ڪارڊ ملڻ بعد ڪو به Immigrant (ڌارئين ملڪ جو آمريڪا ۾ آيل) همراهه آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهي سگهي ٿو پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي ڪري هو پنهنجو اهو Status وڃائي به سگهي ٿو. ڪو به ڏوهه جو ڪم ڪرڻ تي هن جو گرين ڪارڊ ڪئنسل ٿي سگهي ٿو ۽ هن کي پنهنجي ملڪ ڏي موٽڻو پوي ٿو.

گرين ڪارڊ هولڊر (Permanent Resident) جيڪڏهن آمريڪا ۾ رهڻ بدران ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪري ته 365 ڏينهن بعد هن جي آمريڪا جي PR ختم ٿي سگهي ٿي. يا انڪم ٽئڪس جي غير ادائگي ڪري به هو پنهنجو PRS (پرمننٽ ريزيڊنس اسٽئٽس) وڃائي سگهي ٿو.

نيويارڪ جي ساڄي پاسي Vermont نالي هڪ ننڍڙي رياست آهي. ورمانٽ جهڙيون ننڍڙيون رياستون USA ۾ ٻيون به ٻه چار آهن، جهڙوڪ رهوڊي آئلنڊ، مساچوسيٽ، ڪنيڪٽي ڪٽ وغيره، پر ورمانٽ رياست جو گادي وارو شهر مونٽ پيليئر (Montpelier) آمريڪا جي  باقي رياستن جي گادي وارن شهرن کان ننڍو آهي، جنهن جي آدمشماري اٺ هزار مس آهي. هونءَ هن رياست لاءِ اها ڳالهه دلچسپ آهي ته هتي هڪ به مئڪڊونالڊ جي ريسٽورنٽ ناهي جيڪا آمريڪا جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ نظر اچي ٿي.

”هوائي آمريڪا جي 50 هين رياست آهي. ”هوائي Hawaii ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيڪو پئسفڪ سمنڊجي وچ ۾ آهي ۽ آمريڪا جي مين لئنڊ کان 2300 ميل پري آهي. هوائي ٻيٽ 1898 ۾ آمريڪا سان شامل ٿيڻ کان اڳ سئنڊوچ ٻيٽ سڏيا ويا ٿي. هي ”ٻيٽ“ رياست (هوائي) جي صورت ۾ 1959 ۾ آمريڪا جي پنجاهين رياست بنيا. هوائي اٺ کن ٻيٽن جو مجموعو آهي، جن مان او آهو ((Oahu ٻيٽ جو شهر هونولولو سڀ ۾ وڏو آهي ۽ هوائي جي گاديءَ جو هنڌ آهي.

پاڻيءَ جي جهاز ذريعي آمريڪا وڃڻ لاءِ پنهنجو عربي سمنڊ ۽ بحر احمر (Red sea) ، جنهن ۾ جدي جهڙا بندرگاهه آهن، لتاڙي، سئيز ڪئنال اڪري، ڀؤنچ سمنڊ ۽ ان بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي نيو يارڪ کان اچيو نڪرجي ٿو. آمريڪا (U.S.A) جي اولهه واري پاسي جي بندرگاهه: لاس انجلس، سئن ڊياگو، سئن فرانسڪو يا وئنڪوئر بندرگاهن ۾ وڃڻ لاءِ به اسان اها ئي روٽ اختيار ڪريون ٿا. ان لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري پوءِ پاناما ڪئنال ذريعي اسان پئسفڪ سمنڊ ۾ پهچون ٿا جتي مٿيان بندر گاهه آهن. جيئن سئيز ڪئنال ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) کي ملائي ٿو، تيئن پاناما ڪئنال ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ڳنڍي، اسان کي وڏي ڦيري ڪرائڻ کان بچائي ٿو. باقي جڏهن اسان جو جهاز ڪوريا يا جپان ۾ هوندو آهي. ان وقت اتان ڪا آمريڪا لاءِ assignment ملي ويندي آهي ته پوءِ پٺيون ڦيرو ڪري واپس ڪراچي ۽ سئيز ڪئنال ۽ بحيره احمر، ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانڪ سمنڊ جهاڳڻ بدران اسان کي فقط پئسفڪ سمنڊ لتاڙڻو پوي ٿو. پئسفڪ سمنڊ دنيا جي سڀني سمنڊن کان وڏو آهي ۽ اڳ زماني ۾ جڏهن جهازن جي تيل جون ٽانڪيون وڏيون نه هيون ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻجي سهوليت نه هئي ته جپان کان آمريڪا   پئسفڪ سمنڊ لتاڙي پهچڻ وڏي منزل سمجهي ويئي ٿي جو رستي تي سواءِ هوائي ٻيٽن جي ٻيو ڪو اهڙو سڻائو تڙ نه هجڻ ڪري سفر خطري کان خالي نه هوندو هو. هينئر به ڪيترائي پاڻيءَ جا جهاز توڙي هوائي جهاز، جپان ۽ آمريڪا ڏي ايندي ويندي هونو لولو ۾ ڪجهه دير ترسن ٿا.  هونولولو جهازين لاءِ ائين فرحت جي جاءِ آهي،جيئن بيابان ۾ سفر ڪندڙن لاءِ خيابان! مزي جي ڳالهه اها ته هونولولو جي هوائي زبان ۾ معنيٰ به ”فرحت جي جاءِ آهي.

هنن هوائي ٻيٽن تي سن 1778ع ۾ ڪئپٽن جيمس ڪُڪ اچي نڪتو جنهن هنن ٻيٽن جي خبر ان وقت جي دنيا کي ٻڌائي ۽ هنن ٻيٽن جو نالو ”سئنڊوچ ٻيٽ“ رکيو. اهو نالو سئنڊوچ ان ڪري نه رکيو جو هي ٻيٽ ڪن ٻن شين جي وچ ۾ سئنڊوچ بڻيل آهن، پر هن اهو نالو جان مونتاگو کي عزت بخشڻ لاءِ رکيو، جنهن ڪئپٽن ڪڪ جي هن مسافري جو خرچ پکو ڀريو هو. سندس ذات ”سئنڊوچ“ هئي. (بلڪ سئنڊوچ قبيلي جو چوٿون Earl نواب هو).

ان بعد انگلينڊ جو ڪئپٽن وليم برائون پهريون ڌاريو ماڻهو هو جيڪو 1794ع ۾ ان هنڌ تائين جهاز کي وٺي آيو، جتي اڄ ڪلهه هونولولو بندرگاهه آهي.

پئسفڪ سمنڊ ۾ آمريڪا جي هن رياست هوائيءَ لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هيءَ مختلف  ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جنهن ۾ اٺ وڏا ۽ اهم ٻيٽ آهن، جن ۾ وري هوائي ٻيٽ سڀ ۾ وڏو آهي، جنهن جي مڪاني زبان ۾ معنيٰ به ”وڏو ٻيٽ“ آهي. هن ٻيٽ تي هونولولو آهي، جنهن جي آدم شماري چار لک آهي. سڀني ٻيٽن جي ٽوٽل آدم شماري نو لک آهي. هونولولو ٻيٽ جي  بندرگاهه جو ئي هڪ حصو پرل هاربر سڏجي ٿو، جتي ٻي وڏي جنگ جپان جي فدائي پائلٽن ”ڪامي ڪازي“ آمريڪا جي جنگي جهازن تي خودڪش حملو ڪري ڏهڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو. بهرحال هونولولو هوائي ٻيٽن جي گاديءَ جو شهر، وڏو شهر، اهم بندرگاهه ۽ هوائي اڏو آهي.

هوائي  رياست جون چار يونيورسٽيون تمام مشهور آهن.

1- هوائي يونيورسٽي مانوئا- هن ۾ 21 هزار شاگرد آهن.

2- Chaminade University ڏيڍ هزارکن شاگرد آهن ۽ سندس سالياني ٽيوشن في 14 هزار ڊالر آهي.

3- هوائي پئسفڪ يونيورسٽي جنهن ۾ نوَ هزار کن شاگرد آهن ۽ سالياني ٽيوشن في يارهن هزار ڊالر آهي.

4- برگهام ينگ يونيورسٽي جنهن ۾ ٽي هزار کن شاگرد آهن ۽  ٽيوشن في پنڌرهن هزار ڊالر آهي.

هنن يونيورسٽين ۾ ڪيترائي پاڪستاني شاگرد به تعليم وٺي رهيا آهن. ان کان علاوه ڪيترائي اسان جي ملڪ جا ماڻهو نوڪرين ۾ آهن، جن مان هڪ اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر خالد زمان  گاجڻي ميمڻ  پڻ آهي، جيڪو TV جو مشهور آرٽسٽ پڻ هو.

شروع ۾ اسان ڊيلاويئر رياست جي به ڳالهه ڪئي آهي ته ان کي آمريڪا جي پهرين رياست ٿيڻ جو درجو مليل آهي. آمريڪا (U.S.A) جون جيڪي پنج Mid Atlantic رياستون سڏجن ٿيون، ڊيلاويئر انهن مان هڪ آهي. هن رياست ”ڊيلاويئر“ توڙي هتان وهندڙ ساڳي نالي واري نديءَ جو نالو هڪ انگريز همراهه ”ڊي- لا- وار“ (De La Warr) تان پيو جيڪو 1577ع ۾ ڄائو هو ۽ 1618ع ۾ گذاري ويو.

ڊيلاويئر (Delaware) رياست آمريڪا (U.S.A) جي ٻئي نمبر تي ننڍي رياست آهي. سڀ کان ننڍي روڊي آئلنڊ (Rhode Island) آهي. ڊيلاويئر رياست جي اتر ۾ پينسلوانيا رياست آهي، اوڀر ۾ ڊيلاويئر ندي، نيو جرسي رياست ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ اولهه ۽ ڏکڻ پاسي کان مئريلئنڊ رياست آهي، جنهن جو بالٽيمور مشهور شهر ۽ بندرگاهه آهي.

شروع جي سالن ۾ هيءَ رياست (ڊيلاويئر) ايڏي مشهور نه هئي پر پوءِ مئريلئنڊ ۽ ورجينا جي آدمشماري وڌڻ تي ڪيترا اتي جا رهاڪو لڏي ڊيلاويئر رياست هليا آيا. هن پاسي ڪمائي جو وڏو ذريعو تماڪ جي پوک ۽ غلامن کان پورهيو وٺڻ مان هو. ڪالونيل دور ختم ٿيڻ تي غلامي به گهٽجڻ لڳي. 1860 واري سرڪاري آدمشماري جنهن ۾ هن رياست ۾ نوي هزار ماڻهو هئا تن ۾ 1800 آفريڪن غلام هئا ۽ ويهه هزار اهي آفريڪي شيدي هئا، جيڪي هاڻ غلام نه پر آمريڪن شهري هئا. ڊيلاويئر جو پراڻو گرجا گهر ”يونين چرچ آف آفريڪن“ جيڪو هاڻ A.U.M.P چرچ سڏجي ٿو 1813 جو ٺهيل آهي، جيڪو سابق غلام (Slave) پيٽر اسپينسر ٺهرايو.

مسي سپي آمريڪا (U.S.A) جي ڏاکڻي رياست آهي ۽ الاباما ۽ لوزيانا جي وچ ۾ آهي. هن رياست جو نالو مسي سپي نديءَ تان پيو آهي، جيڪا هن رياست جي اولهه واري بائونڊري ٺاهي لوزيانا مان لنگهي گلف آف ميڪسيڪو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. جهازن جي نوڪري دوران اسان کي ڪيترائي دفعا جهاز کي لوزيانا جي شهر نيواورلينس ۾ وٺي اچڻو  پيو، جيڪو مسي سپي نديءَ تي ائين آهي، جيئن روهڙي سکر سنڌو نديءَ تي. اسان جي جهاز کي اٽڪل هڪ سئو ميل کن مسي سپيءَ نديءَ ۾ اندر وٺي وڃڻو پيو ٿي.

مسي سپي رياست ۾ شروع کان هتي جي ڪارن جي گهڻائي رهي آهي ۽ هيءَ رياست آمريڪا جي غريب رياست چئي وڃي ٿي.

مسي سپي جو لفظ هتي جي ٻارن ۾ مشهور آهي جو ”لڪ ڇپ“ (چور پوليس) راند کيڏڻ مهل ڳولڻ وارو لڪڻ وارن کي ڪجهه وقت ڏيڻ لاءِ زور سان ”ون مسي سپي، ٽو مسي سپي......“ وغيره ڳڻيندو آهي، جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ”ڪوڪ هڪڙي ڪُوڪ ٻه، ڪُوڪ ٽي.....“ وغيره.

آمريڪا جي مون ٽانا (Montana) رياست  اتر ۾ ڪئناڊا سان مليل آهي. سندس هڪ پاسي نارٿ ڊڪوٽا رياست آهي ته ٻئي پاسي واشنگٽن ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ ويومنگ آهي. هن رياست ۾ ڪيتريون ئي جبلن جون قطارون آهن. ان ڪري هن رياست جو نالو مون ٽانا هسپانوي زبان مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ جبل (Mountain) آهي، جيتوڻيڪ هي رياست ايراضيءَ  ۾ چوٿون نمبر وڏي آهي. (الاسڪا، ٽيڪساز ۽ ڪئليفورنيا بعد) پرجابلو ۽ رڻ پٽ هجڻ ڪري سندس آدم شماري تمام گهٽ آهي. ”مون ٽانا“ رياست جي ڪمائي ائگريڪلچر، کاڻين جي کوٽائي، ۽ عمارتي ڪاٺ آهي. هتي ٽوئرسٽ به چڱا اچن ٿا، جيڪي  Glacier نئشنل پارڪ ۽ Yellow Stone نيشنل پارڪ کي ڏسڻ اچن ٿا.

مون ٽانا رياست جي هڪ ندي Roe River جونالو Guiness Book of Records ۾ ايندو آهي، جو اها ندي دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ندي (اٽڪل 200 فٽ ڊگهي) آهي. ائين ته آمريڪا جي هڪ ٻي رياست Oregon جي ”ڊي ندي“ پڻ ننڍڙي ۽ ذري گهٽ رو نديءَ جيڏي آهي. اوريگان رياست آمريڪا جي اولهه ۾ پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. سندس اتر ۾ واشنگٽن رياست آهي ۽ ڏکڻ ۾ ڪئليفورنيا رياست.

 

 

هڪ رنگي کي ڪلرڊ ٿا سڏيو؟

ڪالهه انٽرنيٽ کوليم ته Sana جي گروپ ميل ۾ هڪ خط علي بروهيءَ جو پڻ هو. خط جو عنوان يعني سبجيڪٽ هو: “Poem by an African Man” جنهن خط کولي پڙهڻ لاءِِ دلچسپي پيدا ڪئي. منجهس ڪنهن شاعر جو شعر ڏنل هو، جنهن هتي جي سماجي معاشري جي ڪوتاهين ۽ Complexes ڏي ڌيان ڇڪايو آهي. اسان وٽ سهڻي ٻار کي متان نظر لڳي، پيار مان ڪارو سڏيو وڃي ٿو. هينئرهنن ويهن ٽيهن سالن ۾ اهڙن نالن جو کڻي رواج نڪري ويو آهي پر جڏهن اسان وٽ ٽوه، چڀڙ، مور، ڪنڊو ۽ ٻٻر جهڙا نالا ٻهراڙين ۾ عام هئا، تڏهن ڪنهن کي ڪارو يا پوڙهو پڻ پيار مان سڏيو ۽ سمجهيو ويندو هو. پر هتي آمريڪا ۾ ڪنهن کي ”ڪارو“ چوڻ گار برابر آهي، ڇو جو ان نالي سان سڏڻ وارو پنهنجي پيار جو نه پر نفرت جو اظهار ڪري ٿو، جيئن اسان وٽ ڪنهن زماني ۾ ڪنهن کي بنگالي سڏڻ خراب سمجهيو ويو ٿي ڇو ته ان جي پويان نفرت ۽ ڌڪار جو احساس هو، جيتوڻيڪ ملايا ۽ انڊونيشيا پاسي ”بنگالي“ مان مطلب فارينر سمجهيو وڃي ٿو، جو گذريل صدين ۾ ملايا پاسي جيڪو به فارينر آيو ٿي اهو چاهي گجراتي هجي، عرب، ايراني يا پنجابي ته اهو coasting ڪندو (تن ڏينهن ۾ ڊئريڪٽ هلڻ وارا پاڻي جا جهاز، آگبوٽ، ٻيڙا نه هئا) بنگال جو ڪنارو ڏئي ملايا پهتو ٿي سو ملايا وارن لاءِ اهي سڀ بنگالي هئا، چاهي بنگال صوبي جو هجي يا ننڍي کنڊ جي ڪنهن به صوبي جو. ايتريقدر جو پنڌرهين صديءَ ۾ جڏهن پورچو گالي ملاڪا پهتا ته انهن کي به ملئي ماڻهو بنگالي سڏڻ لڳا پر سندن رنگ اڇو چٽو هجڻ ڪري کين Puteh (معنيٰ سفيد) بنگالي سڏڻ لڳا.

بهرحال هتي آمريڪا ۾ به جيڪي آفريڪا کان آيل ڪارا پورهيت ۽ غلام پهتا تن کي  يورپين ۽ آمريڪن ڪارو (Black) سڏڻ لڳا يا نيگرو (شيدي). اسان وٽ ڪنهن کي شيدي سڏڻ نفرتجي نشاني ناهي. بلڪه اسان وٽ شيدي ماڻهو چرچي ڀوڳ، ڳائڻ وڄائڻ ۽ ملڪ لاءِ وفاداريءَ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو پر هتي آمريڪا ۾ رهندڙ آفريڪا کان آيل باشندا توڙي ڪئريبن سمنڊ جي ٻيٽن جا رهاڪو اهڙن لفظن تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪن ٿا. نيگرو  يا ڪاري کان علاوه اڄ ڪلهه Coloured (رنگين) وڌيڪ استعمال ۾ ايندڙ لفظ آهي. ڏکڻ آفريڪا جتي هيستائين رنگ کي وڏي اهميت ڏني وئي ٿي، اتي بلئڪ معنيٰ مڪاني (يعني آفريڪا کنڊ) جا ڪارا (شيدي) ۽ ڪلرڊ معنيٰ اسان ننڍي کنڊ جا رهاڪو (جنهن ۾ ڪرمچند گانڌي به شامل هو)، چيني، ملئي ۽ عرب وغيره پر آمريڪا ۾ رهندڙ ڪارن (شيدين) توڙي ناسي ڀورن جئميڪن، ڪئريبين ۽ ٻين کي ڪلرڊ سڏيو وڃي ٿو.

ابراهام لنڪن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي نيڪ گورا انسان ان ڪوشش ۾ لڳل آهن ته انسان کي رنگ جي بنياد تي نه پر سندس ڪم ۽ سٺائيءَ جي لحاظ سان گروپن ۾ آندو وڃي، پر تڏهن به توهان کي محسوس ٿيندو ته عام  طرح آمريڪا جا گورا آفريڪا جي شيدين سان گڏ هر ”ڪاري“ ۽ رنگين کي غلام سمجهن ٿا، جاهل ۽ اڻ پڙهيل سمجهن ٿا. بداخلاق ۽ ڪاهل سمجهن ٿا ۽ پنهنجي نفرت جو اظهار کين ”ڪلرڊ“ جو  لقب ڏيڻ سان ڪن ٿا ۽ هتي جا غريب توڙي وڏي عهدي ۽ رتبي تي پهچي ويل شيدي  چڱي طرح سمجهن ٿا ته يورپي ۽ گورا کين ڪلرڊ سڏڻ سان پنهنجي نفرت جو اظهارڪن ٿا ۽ هو سندن اکين ۽ دل ۾ پنهنجي لاءِ لڪل نفرت محسوس ڪن ٿا. علي بروهيءَ جو Sana (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) جي ميمبرن ڏي موڪليل هي شعر هڪ اهڙي ئي آمريڪا ۾ رهندڙ آفريڪا جي شيديءَ جو آهي، جيڪو کين ڪلرڊ سڏڻ وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو  ته توهان اسان کي ڪلرڊ ڇو ٿا سڏيو- اهي ته دراصل توهان آهيو.

POEM BY AN AFRICAN MAN

DEAR WHITE FELLA,

COUPLA THINGS, YOU SHOULD KNOW.

WHEN I BORN, I BLACK

WHEN I GROW UP, I BLACK

WHEN I COLD, I BLACK

WHEN I SCARED, I BLACK

WHEN I SICK, I BLACK

AND WHEN I DIE, I STILL BLACK.

AND YOU WHITE FELLA,

WHEN YOU BORN, YOU PINK

WHEN YOU GROW UP, YOU WHITE

WHEN YOU GO IN DA SUN, YOU RED

WHEN YOU COLD, YOU BLUE

WHEN YOU SICK, YOU GREEN

AND WHEN YOU DIE, YOU GRAY

AND YOU CALLING ME COLORED???

منهنجا پيارا گورا ڀائرو،

ڪجهه ڳالهين جي ته توهان کي به ڄاڻ هجڻ کپي،

جڏهن آئون ڄائو هوس ته ڪارو هوس،

وڏو ٿيس ته به ڪارو رهيس،

اس ۾ نڪران ٿو ته به ڪارو آهيان،

ٿڌ ۾ پڻ ڪارو رهان ٿو،

خوف جي حالت ۾ پڻ منهنجو ساڳيو رنگ رهي ٿو،

بيمار ٿي جڏهن بستر تي ڪران ٿو ته به آهيان ڪارو مان،

مرڻ وقت به رنگ منهنجو ڪارو آهي!

۽ توهان گورا انگريز ۽ يورپيو!

ڄمڻ وقت توهان گلابي ڳٽن وارا آهيو،

مچي مڙس ٿيڻ تي سفيد ٿيو وڃو،

سج جي تپش ۾ يڪدم تپيو ڳاڙها ٿيو وڃو،

ٿڌ ۾ توهان وري نيرا رهو ٿا،

بيماريءَ جي حالت ۾ ساوا، توهان لڳو ٿا،

مرڻ وقت  ڀورا مٽيءَ جهڙا!

۽ توهان جيڪي رنگ مٽايو ٿا.

مون هڪ رنگي کي ”ڪلرڊ“ سڏيو ٿا!

آمريڪا توڙي ڪئناڊا ۾ اهي ماڻهو جيڪي گورا يورپي يا انگريز نه آهن، اهي سڀ ”ڪلرڊ“ آهن. يعني هيٺاهين درجي جا- انهن ۾ اسان ايشين به اچي وڃون ٿا، ويندي هتي جا اصلوڪي باشندا ريڊ انڊين به- آفريڪي ڪارا ته شروع کان ئي ڪلرڊ، سڏبا اچن.

هڪ ڪاري آمريڪن چيو ته فقط ”ڪارو“ يا ”نينگرو“ سڏجڻ کان وري به ڪلرڊ لفظ ڪجهه بهتر آهي، جو بلئڪ (ڪارو) لفظ مان مراد ته فقط اسين آفريڪا کان آيل غلام ۽ پورهيت شيدي ٿياسين. ڪلرڊ ۾ ته انڊين، چيني، عرب به اچي ويا، جن ۾ ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل، پئسي وارا ۽ سائنسدان پڻ آهن.

آفريڪا کنڊ جي هڪ ملڪ جي ڊپلومئٽ جو به اهو ئي خيال آهي ته Colored سڏڻ ۾ وري به گهٽ بيعزتي آهي ۽ اهو لفظ برداشت ڪري سگهجي ٿو پر هر ڪاري يا آفريڪن شيديءَ کي ڪارو يا نينگرو سڏڻ غم ۽ غصو ٿو ڏياري جو انهن لفظن سان اسان کي سڏڻ واري جي مراد اسان کي غلام، ٻانهو، جاهل ۽ جنگلي سمجهڻ آهي. جيتوڻيڪ جن کي توهان اهو سمجهي بندوق جي زورتي اڄ کان ٻه سئو سال کن اڳ آفريڪا کان وٺي آيائو انهن جو اولاد اڄ توهان گورن وانگر تعليم يافته ۽ وڏن عهدن تي آهي. ان کان علاوه آمريڪا ۾ جيڪي آفريڪا جا شيدي هلن پيا، اهي سڀ توهان گورن جي زرخريد ٻانهن جو اولاد نه آهن. اهي  آفريڪا ۽ ڪئريبين سامونڊي ملڪن ۽ ٻيٽن جا اعليٰ عملدار ۽ ڊپلومئٽ به ٿي سگهن ٿا.

مالڪوم (Malcolm-x) جهڙن آفريڪي نسل جي آمريڪن هتي جي گورن سان چڱيون چڪريون کاڌيون آهن ته توهان اسان آفريڪن کي ”بلئڪ“ يا ”نينگرو“ ڇو ٿا سڏيو؟ توهان جپان جي رهاڪو کي جپاني ٿا سڏيو، چين جي رهاڪوءَ کي چيني ٿا سڏيو. اهڙيءَ طرح آمريڪا ۾ رهندڙ آفريڪي شيدين کي ”آفريڪي آمريڪن“ ڇو نٿا سڏيو؟“ توهان اسان کي ”ڪارو“ يا ”نينگرو“ (Negro) ڪهڙي بنياد تي سڏيو ٿا؟ ڇا ڪو اهڙو به ملڪ آهي، جنهن جو نالو ڪارو آستان (Black Land) آهي، جيڪڏهن آهي ته پوءِ اتي جي ماڻهن کي توهان انهن نالن سان سڏيو.

هونءَ نيگرو “Negro” لفظ اسپيني ۽ پورچوگالي زبانن جو آهي، جنهن جي معنيٰ ڪارو آهي. آمريڪا جي ڪيترين رياستن ۾ توڙي ڪئناڊا ۾ ڪيترا آفريڪي نسل جا ماڻهو ”بلئڪ“ سڏجڻ تي سخت دل ۾ ڪن ٿا پر ”بلئڪ پرسن“ سڏجڻ تي اعتراض نٿا ڪن. يعني لفظ ”ڪارو“ اسم طور استعمال ڪرڻ کي تمام گهڻو خراب سمجهيو وڃي ٿو پر صفت طور ان کي گهٽ خراب سمجهيو وڃي ٿو. برطانيا ۾ به اڄ ڪلهه آفريڪا جي ڪارن ماڻهن جي جذبات جو خيال رکڻ خاطر کين “Black Briton” سڏڻ بدران Black British People سڏيو وڃي ٿو.

 

اڄ جو ۽ اڳ جو آمريڪا

ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ يعني گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو پهريون دفعو هن پاسي اچڻ ٿيو هو ته يورپي گورن ۽ آفريڪي شيدين کان علاوه، ويجهڙائيءَ ۾ آمريڪا ۾ اچي Settle ٿيڻ وارن ۾، گهڻائي پورٽوريڪن، ميڪسيڪن ۽ ٻين اوسي پاسي جي ٻيٽن (جيڪي ڪئريبين سمنڊ جا ٻيٽ سڏجن ٿا جن  ۾ هائتي، جئميڪا، ڪيوبا ۽ ويسٽ انڊيز وغيره اچي وڃن ٿا) ۽ وچ آمريڪا (ڪاسٽاريڪا، گئاٽيمالا، نڪراگئا) جي ملڪن جي رهاڪن جي هئي، جيڪي هسپانوي (Spanish) زبان ڳالهائين ٿا ۽ انهن کي U.S.A آمريڪا وارا لئٽينو (يعني لئٽن آمريڪا جا ماڻهو) سڏين ٿا. يعني لئٽينو  گروپ جي ماڻهن ۾ ڏکڻ آمريڪا جي ڏورانهن ملڪن چلي، پيرو ۽ برازيل جا به ماڻهو اچي ويا ته آمريڪا (U.S.A) جي بلڪل ويجهڙائي وارن ملڪن يعني ميڪسيڪو، ڪيوبا،  پورٽوريڪا جا به اچي ويا.

انهن ڏينهن ۾ اسان وارن ملڪن، يعني ننڍي کنڊ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ وچ اوڀر جا ماڻهو آمريڪا U.S.A ۾ تمام ٿورا هئا. عرب اڃان ايڏو ڏور نه نڪتا هئا، ڪي ايڪڙ  ٻيڪڙ لبناني ۽ شامي عرب آمريڪا ۾ ضرور هئا جن ۾ گهڻائي Coptic عربن جي هئي. يعني هنن عربي ضرور ڳالهائي ٿي پر سندن مذهب عيسائي هو. ملائيشيا ۽ اندونيشيا پاسي جا ماڻهو اڄ به نڪرڻ ۾ سست آهن. هو هڪ ئي موسم، مينهوڳي واريءَ تي هريل آهن ۽ ٿڌن ملڪن کان پاسو ڪن ٿا. ايراني ضرور نظر ايندا هئا پر انهن ۾ به اسي نوي سيڪڙو زورو سٽرن (باه جي پوڄارين جو- جن کي پاڻ وٽ پارسي سڏين ٿا) جو هو يا بهئائي مذهب سان واسطو رکندڙن جو هو. ايراني مسلمان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيا ٿي. يورپ توڙي آمريڪا ۾ مسلمان ايرانين ۽ عربن جو اچڻ خمينيءَ جي انقلاب بعد يا صدام جي ڏينهن ۾ ٿيو.

تن ڏينهن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن مان انڊيا جا U.S.A ۾ ڪافي هئا. ڪافي معنيٰ چڱا خاصا- يورپ ۽ برطانيا ۾ جيترا انڊين ان وقت هئا، اوترا هيڏانهن آمريڪا ۾ نه هئا. پاڪستاني، سري لنڪن بنگالي يا گورکا ۽  نيپالي ته بلڪل اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. ڏکڻ آمريڪا جي ماڻهن جو U.S.A (آمريڪا) ۾ اچڻ ۾ ته عقلمندي هئي پر اسان وارن ملڪن کان ايشيائي ماڻهو هيڏو مفاصلوڪري آمريڪا ڇو اچي، جڏهن هن کي برطانيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آرام سان نوڪري، ڌنڌو، بيروزگاريءَ جي حالت ۾ سوشل الائونس ۽ سال ٻن بعد شهريت ۽ پاسپورٽ به ملي ويو ٿي. سو هُنن جرمني، فرانس، اٽلي، انگلينڊ ڏي ئي لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي. سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ پاسي به گهڻن پوءِ رخ رکيو جڏهن ٻين ملڪن ۾ رهڻ تي پابنديون ۽ سختيون وڌڻ لڳيون. سو تن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اسان جي شڪل وارن ماڻهن ۾ گهڻائي انڊيا جي رهاڪن جي هئي. باقي پاڪستان، سلون، نيپال پاسي جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا ۽ اسان سڀني جو هڪ جهڙو رنگ روپ ۽ نمونو هجڻ ڪري اسين سڀ انڊين سڏبا هئاسين. هاڻ  پنجٽيهه کن سالن بعد آمريڪا اچي هڪ نئين ٽرم ”ديسيءَ“ جو اضافو ٻڌو اٿم. ديسي ماڻهو، ديسي کاڌا، ديسي ميوزڪ، ديسي چئنل، ديسي عادتون وغيره ۽ ديسي ۾ نه فقط اتر انڊيا جا ماڻهو (شروع ۾ آمريڪا ۾ انڊيا جي اتر وارن صوبن جي ماڻهن جي گهڻائي هئي، تامل ناڊو، ڪيرالا ۽ ڏکڻ هندستان جي ڏاکڻي  حصي جي ماڻهن جو رخ سري لنڪا، ملائيشيا، سنگاپور ۽ اڃان به اڳتي ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا طرف هو) پر ڏکڻ ۽ اوڀر انڊيا جا ماڻهو، پاڪستاني، سري لنڪن، بنگلاديشي، نيپالي وغيره اچي وڃن ٿا. انهن ملڪن جي ماڻهن جون، سواءِ مذهب جي، ٻيون ڪيتريون ڳالهيون، عادتون ۽ شوق ساڳيا آهن. ڏکڻ هندستان جا ماڻهو يا انڊيا جي گجرات ۽ بنگال صوبي جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي رهيا پيا آهن، انهن کي اڙدو يا هندي صفا ڪا نه اچي. مڪاني زبان ملئي ۽ انگريزي ڳالهائين يا پنهنجي مادري زبان تامل، گجراتي ۽ بنگالي. هنن کي هندي ڳالهائڻ جي  ضرورت به ڪهڙي جو ملائيشيا پاسي هنديءَکان وڌيڪ سندن صوبي جي زبان تامل ۾ گهڻيون فلمون هلن ٿيون. سنگاپور جي  چئن قومي زبانن مان تامل هڪ آهي  (۽ ٻيون ٽي  زبانون چيني، ملئي ۽ انگريزي آهن). پر هتي آمريڪا ۾ رهندڙ تامل هجن يا بنگالي، گجراتي هجن يا نيپالي، هو هندي ڄاڻن ٿا. اسان پاڪستانين جي ته هونءَ ئي اڙدو زبان آهي، جيڪا هنديءَ جهڙي آهي. ان ڪري هتي جا ديسي، انگريزي کان پوءِ ٻي ٻولي جنهن ۾ گهڻو Communicate ڪن ٿا، اها هندي آهي. هتي جيڪي ڪيبل ذريعي چار پنج انڊين ٽي وي جا چئنل هلن ٿا- زي ٽي وي، سهارا ٽي وي، اسٽار ٽي وي وغيره- اهي سڀ هنديءَ جا آهن، جيتوڻيڪ تامل، بنگالي ۽ خاص ڪري گجراتي ڳالهائيندڙن جو ته تمام وڏو تعداد آمريڪا ۾ رهي ٿو.

هونءَ آمريڪا ۾ ننڍي کنڊ جي کاڌي کي ”انڊين فوڊ“ سڏيو ويو ٿي جنهن جو مطلب اتر پرديش، پنجاب ڪشمير-يعني انڊيا جي اتراهن علائقن جا کاڌا هوندا هئا پر هاڻي ”ديسي فوڊ“ جو لفظ وڌيڪ  مشهور ٿيندو وڃي، جنهن ۾ ڀت، ٻوڙ، دال، اڊلي، ڊوسا، روٽي چپاتي ۽ ٻيا  گجراتي، بنگالي، مدراسي ۽ ٻيا ڏکڻ هندستاني کاڌا عام  ٿي ويا آهن. ناچ گانن ۾ به هونءِ آمريڪا ۾ انڊين فلمي يا وڌ ۾ وڌ پنجابي  ڀنگڙا مشهور هئا، جن انڊيا جي راڳ روپ جي نمائندگي ڪئي ٿي. پر هاڻ اهي ڊانسون انڊين بدران ”ديسي“ سڏجڻ لڳيون آهن، جن ۾ بنگالي ۽ نيپالي ڊانسون به شامل آهن ته راس، ڀنگڙا، ڀارت نتيام، ڪٿڪ ۽ ڪُچي پودي به اچي وڃن ٿيون.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جاويد ڀٽو (جيڪو اڄ ڪلهه هتي آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ سان وابسته آهي) جنهن جو تفصيلي احوال آمريڪا بابت هن کان اڳ واري سفر نامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ ڏئي چڪو آهيان، تنهن کان هڪ ڏينهن پڇيم ته ديسي ماڻهن جون ٻيون ته سڀ ڳالهيون ساڳيون يا کڻي چئجن ته هڪ جهڙيون آهن پر مذهب بابت هتي جا ماڻهو مسلمانن ۽ هندن ۾ ڪيئن Distinguish ڪن؟ ”مسلمانن لاءِ ڏاڙهيءَ جو اشارو ۽ هندن کي Dot سڏين“ جاويد ٻڌايو.

”ڇا مطلب!“ مون پڇيو مانس.

”ڊاٽ معنيٰ ڳاڙهو تلڪ، جيڪو هندو عورتون نرڙ  تي هڻن ٿيون.“

يعني اهو سوال هتي جا گورا انهن مردن کان ڪن جن کي ڏاڙهي ناهي. يعني اهي عورتون جن کي نرڙ تي تلڪ آهي، اهي هندو ٿيون. بنا تلڪ واريون مسلمان. ڏاڙهي وارا مرد مسلمان ۽ بنا ڏاڙهيءَوارا مرد مسلمان  به ٿي سگهن ٿا ته هندو به. پڪ ڪرڻ لاءِ هنن کان پڇيو ويندو آهي Are You a Dot? معنيٰ توهان جو هندو ڌرم سان واسطو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: