سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

صفحو :1

بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

الطاف شيخ

خدا جو خوف آهي يا صحت کاتي جو موچڙو!

پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ملڪن: انڊيا، بنگلاديش وغيره جو هڪ عام مسلمان نائن اليون واري حادثي يا دهشتگردي بعد اهو ئي سمجهي ٿو ته آمريڪا ۾ مسلمانن لاءِ زمين تنگ ٿي ويئي آهي. مسلمانن جي، مذهب جي حوالي سان، آزادي ختم ٿي ويئي آهي، پرهتي آمريڪا ۾ پهچي وڏن شهرن توڙي ننڍن ڳوٺن ۾ ديسي عورتن (يعني انڊيا پاڪستان جي عورتن) توڙي ايراني، عرب ۽ مڪاني مسلمان عورتن کي حجاب ۾ هلندو ڏسي، جتي ڪٿي مسجدن ۾ ۽ عام جاين تي ڏاڙهي ۽ آر جي ٽوپي ۾ مسلمانن کي آزاد نموني سان ايندو ويندو ڏسي، پهرين حيرت ضرور ٿئي ٿي. ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته نيو يارڪ جهڙي شهر ۾ جتي اڄ کان ٽيٽيهه سال اڳ آئون فقط ٽي مسجدون ڏسي ويو هوس، اتي اڄ هڪ سئو کان مٿي آهن ۽ نمازين سان ڀريل رهن ٿيون. ان رفتار سان ته حيدرآباد ۽ هالا جهڙن شهرن ۾ به مسجدون نه ٺهيون آهن. ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ جي مشهور مسجدن: متقين جي مسجد، سونارن جي مسجد، خليفن جي مسجد ۽ آخوندن جي مسجد وغيره ۾ فجر نماز تي ويندو هوس ته مسجد ۾ گهٽيءَ جا فقط چند پوڙها هوندا هئا، جن سان پهرين صف به نه ڀربي هئي ۽ اڄ پنجاهه سالن بعد جڏهن هالا جي آدم شماري 25 هزارن مان ٻه لک ٿي ويئي آهي ته به فجرنماز تي پهرين صف مس ٿي  ڀرجي. ۽ هيڏانهن آمريڪا جي مسجدن ۾ پوڙهن سان گڏ نوجوان ۽  ننڍن ٻارن کي نماز تي ڏسي تعجب ٿو لڳي. ان ڪري ته آئون ڪڏهن ڪڏهن ان ڳالهه جي وڪالت ڪندو آهيان ته آمريڪا حڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد ضرور ڪيو، پر هتي جي عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. ۽ هتي جي عوام جنهن کي پاڻ ”آمريڪن“ سڏيون ٿا، اها ڪنهن خاص نسل جو جانور نه آهي، پر دنيا جي ڀانت ڀانت ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو آهن، جن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا هندو ۽ مسلمان ڀائر به آهن ته غريب ۽ لاوارث فلسطيني مسلمان ۽ ڏتڙيل ۽ دربدر سومالي عيسائي به آهن. ڪرد ۽ پارسي به آهن ته بنگالي ۽ بلوچ به، جيڪي مجبور ٿي پنهنجو وطن ڇڏي هتي پهتا ۽ اڄ هو ”آمريڪن“ آهن. هو هن نئين ديس ۾ نه فقط خوش گذارين ٿا، پر پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو پنهنجن ملڪن ڏي، پنهنجن مائٽن کي به  موڪلين ٿا. آمريڪا جي اصلي باشندن جو جيڪو هڪ ننڍڙو انگ آهي، اهو ورلي ڪو نظر اچي ٿو ۽ اهي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ قابليت موجب خوش آهن، سڪون ۾ آهن. هنن مان ڪنهن سان به اهي ظلم ستم نٿا ٿين، جيڪي اسان جي ديس جي اصلي باشندن باگڙي ۽ ڀيلن سان ٿين ٿا. هنن جو ڪو به ”منو ڀيل“ ڪنهن شهر جي  پريس ڪلب اڳيان سالن کان انصاف لاءِ پريشان نظر نٿو اچي.

نيو جرسي رياست جي جنهن ننڍڙي ڳوٺڙي Avenal ۾ آئون رهان ٿو،  اتي جا مسلمان، شاپنگ ايريا جي هڪ هوٽل شيزان ۾ جماعت سان نماز پڙهن ٿا يا ٿورو پري هڪ عرب طرفان ٺهيل مسجد ۾ وڃن ٿا. پر هاڻ سال اندر هنن جي پنهنجي مسجد تيار ٿي ويندي ۽ کين شيزان هوٽل جي بئنڪٽ هال ۾ نماز پڙهڻي نه پوندي، جيڪو نمازين جي تعداد وڌڻ ڪري سوڙهو ٿو لڳي. ان نئين مسجد بابت لکي چڪو آهيان ته هتي جي مسلمانن چندا گڏ ڪري مسجد لاءِ زمينورتي آهي، جنهن تي دراصل عيسائين جو هڪ پراڻو گرجا گهر (Church) هو. هتي چرچ ماڻهن جي ذاتي ملڪيت ٿين جيڪي انهن جا مالڪ وڪڻي سگهن ٿا. ان  گرجا گهر کي هاڻ ڊاهي ان تي مسجد جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. او سي پاسي ۾ رهندڙعيسائين توڙي يهودين ڪو گار گند نه ڪيو، ڪو اعتراض نه ڪيو. هر هڪ کي خبر آهي ته هتي رهندڙ مسلمان هر ڪم قانون جي دائري اندر ڪري رهيا آهن ۽ انهن مسلمانن ۾ پاڪستان جا پنجابي به آهن ته انڊيا جا گجراتي ۽ تامل مسلمان به، پٺاڻ به آهن ته اسان جي ڪراچي جا اڙدو ڳالهائڻ وارا ۽ سنڌي به. سڀ پيار محبت ۾ هلن پيا ۽ ڪو آسمان نٿو ڪري. ڪٿي به اسلام کي خطرو نظر نٿو اچي، جنهن جو ڊپ اسان وٽ هر ڳالهه ۾ محسوس ڪيو وڃي ٿو، بلڪه ڪرايو وڃي ٿو. نماز کان اڳ يا نماز پڙهي ٻاهر نڪرڻ وقت، ياڪار پارڪنگ ۾ نديم جوڻيجو سان ته هر وقت ملاقات ٿيندي آهي جو جنهن ”حبيب آمريڪن“ بئنڪ جو هو مئنيجر آهي، اها ڀر ۾ ئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن نواب شاهه جو مقبول ڏاهري يا دادو جو خالد چنا ۽ مسعود چنا  به نظر ايندا آهن.

نيو جرسي ۾ جتي آئون رهان ٿو ان جي ويجهڙائيءَ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ انجنيئر رميش ٿارواڻي به رهي ٿو. هو نوڪريءَ کان علاوه ماڻهن جا ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو. سندس، سنڌي هندن کان وڌيڪ مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۾ وقت گذري ٿو. هفتي ۾ هڪ دفعو نيو جرسي جي واسواڻي سينٽر ۾ ويندو آهي ته مون کي به وٺي هلندو آهي يا مون لاءِ اتان ڪتاب ۽ رسالا کڻي ايندو آهي. مختلف مندرن ۽ آمريڪا جي هندو سوسائٽين طرفان ٿيندڙ فنڪشنن بابت مون کي به ٻڌائيندو آهي. اڳ ۾ اهڙين فنڪشنن، دعوتن ۽ گڏجاڻين لاءِ سڪبو هو ۽ پنهنجو وطن ياد ايندو هو. اڄ پنهنجي وطن کان وڌيڪ هتي پرديس ۾ خوشين جا  جشن ٿين ٿا ۽ بيحد سهڻي نموني سان  ٿين ٿا نه رڳو هندو، سکن ۽  يهودين جا پر مسلمانن جا پڻ، ڪنهن به فنڪشن ۾ بم نٿو ڦاٽي، ڪنهن به گڏجاڻيءَ ۾ پوليس جي لٺ بازي نٿي ٿئي، ڪنهن به جشن کي سياسي طرح سبوتاز نٿو ڪيو وڃي. اهو ڪو هفتو نٿو گذري، جنهن ۾ اسان ديسين جو ڪو جشن، ڪا گڏجاڻي، ڪو مذهبي، سماجي يا ثقافتي ڪاڄ نٿو ٿئي.

گذريل هفتي ورجينيا ۾ منهاج القرآن ڪميٽيءَ جي اهتمام هيٺ عيد ميلاد النبي جو جشن ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قرآن پاڪ ۽  نعت رسول پيش ڪيو. ”منهاج القران ڪئناڊا“ جو ڊائريڪٽر علاما صادق قريشي خاص مهمان هو. هتي جي دوستن ٻڌايوته هي جشن هتي هر سال ملهايو وڃي ٿو. هن دفعي روٽ ون تي “Best Western” هوٽل ۾ رچايو ويو، جنهن جي هالن کي بئنرن ۽ رنگا رنگ جهنڊين سان سجايو ويو هو. چيف گيسٽ جي تقريرن کان علاوه ڊاڪٽرعلامه ظفر اقبال نوري ۽ ميان عبدالرشيد به تقرير ڪئي. وچ ۾ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز اتيئي پڙهائي ويئي، جنهن بعد پاڪستاني ماني جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو منهاج القرآن ايڊيوڪيشنل ۽ ڪلچرل اڪيڊمي ورجينا جي جنرل سيڪريٽري ۽ مشهور نعت خوان محمد تنوير چشتي جي چوڻ موجب ان جي رڌ پچاءَ جو بندوبست ڪجهه هتي جي ديسي هوٽل تان ۽ ڪجهه گهرن ۾ ڪيو ويو.

مهمان خصوصي سان گڏ عثمان خان نوري، الحاج نور محمد جرال، ميان عبدالرشيد ۽ خرم يوسف زئي سان پڻ ملاقات ٿي، جيڪي هاڻ آمريڪا جا شهري آهن ۽ هو آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان جي نوجوان ٽهيءَ کي ديني تعليم ڏيڻ ۾ سرگردان آهن ۽ هن قسم جي ڪانفرنس ڪرائيندا رهن ٿا.

هنن ئي ڏينهن ۾ بروڪلن (نيو يارڪ) جي ڪوني ائيلينڊ ايونيو تي ”مدينا ريسٽورنٽ“ نالي هڪ نئين هوٽل جو افتتاح ٿيو. هن علائقي (ڪوني آئيلينڊ ايوينيو) کي ننڍڙو پاڪستان (Little Pakistan)  به سڏيو وڃي ٿو، جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ تي  انڊين دڪانن ۽ هوٽلن جي ميجارٽي هجڻ ڪري ان علائقي کي (Little India) سڏيو وڃي ٿو.

هن پاسي ڪنهن ديسيءَ جو هوٽل، دڪان يا اسٽور کلندو آهي ته هتان نڪرندڙ اڙدو اخبارن ۾ ان بابت خبر ۽ اشتهار پڻ ايندو آهي. اشتهار ۾ ان هوٽل يا دڪان جي تصوير هوندي آهي يا وري ان اهم شخصيت جي ربن ڪپيندي تصوير ايندي آهي، جيڪو افتتاح ڪندو آهي. تصويرجي مٿان يا تصوير تي ”ماشا الله“ هاذا فضل من ربي“ يا وري ”يه سب تمهارا ڪرم هي آقا“ ضرور لکيل هوندو آهي. هڪ ته ان خيال کان به ته آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن کي احساس ٿئي ته هيءَ هوٽل ڪنهن مسلمان کولي آهي ۽ هن ۾ هر شيءِ حلال ملي ٿي، جيئن ٿائيلينڊ جي ڏکڻ وارن شهرن پٽاني، سونگڪلا، حاديا وغيره ۾ گاڏن تي  کاڌو رکي وڪڻن وارا مسلمان پنهنجي گاڏي مٿان، بسم الله الرحمان الرحيم“ پينٽ ڪرائي ڇڏين  يا ان عبارت جو فوٽو فريم ڪرائي هڻي ڇڏين، جيئن پاڙيواري ملڪ ملائيشيا کان آيل مسلمان ٽوئرسٽ سمجهي وڃن ته هتي حلال شيءِ وڪامي ٿي. هونءَ آمريڪا توڙي يورپ ۾ اهي هوٽلون جتي نان، چپاتي، پوريون، برياني ۽ ٻوڙ ملن ٿا، انڊين هوٽلون سڏيون وڃن ٿيون، پوءِ اهي چاهي ڪنهن بنگلاديشيءَ جون هجن يا پاڪستاني مسلمان جون. ان معاملي ۾ هڪ پاڪستاني پنهنجي هوٽل جي ٻاهران پاڪستاني هوٽل لکرائيندي ڪيٻائيندو جو هن کي خبر آهي ته هتي جا کائڻ جا شوقين گورا ”انڊين“ کاڌي يا هوٽل جو پڇائين ٿا ۽ هتي اهو ”انڊين“  لفظ پاڪستاني، ڪشميري ۽ اتر انڊيا جي کاڌن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ڪيترا يورپي ۽ آمريڪي ٽوئرسٽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي انڊين هوٽلن جو کاڌو ڏسي مايوس ٿي ويندا آهن جو انهن ملڪن ۾ ڏکڻ هندستان جا تامل، مليالم، ملباري، تيلگو ۽ ڪانڊا ٻوليون ڳالهائيندڙ رهن ٿا ۽ انهن جي اڊلي ڊوسا ۽ مرچن وارن ٻوڙن  لاءِ انگريز ۽ يورپين جو ٽيسٽ اڃان Develop نه ٿيو آهي. هو اڦراٽا، نان، برياني ۽ پاڻ وارا بصر تي رڌل گهٽ مرچن وارا ٻوڙ  پسند ڪن ٿا.

نيو يارڪ جي هن مدينا ريسٽورنٽ جي خبر اشتهار جي شڪل ۾ اڙدو اخبارن ۾ هن ريت آئي آهي:

”ڪوني آئيلينڊ ايوينيو“ بروڪلن (نيويارڪ) جيڪو ”لٽل پاڪستان“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان تي ”مدينا ريسٽورنٽ ائينڊ سوئيٽس“ جي نالي سان هڪ نئين ريسٽورنٽ جو واڌارو ٿيو آهي. 563 ڪوني آئيلينڊ ايونيو بروڪلن تي موجود هن هوٽل جو عظيم افتتاح جمع جي ڏينهن ٿيو. ڪراچي جي سئنيمائن ۾ نئين چڙهندڙ فلم وانگر هتي جي هوٽل يا دڪان وغيره جو افتتاح به ڪنهن ”مبارڪ جمع“ تي ٿيندو آهي. اهو ان ڪري به جو جمع ڏينهن شام کان هتي موڪل شروع ٿئي ٿي. ۽ پورهيتن کي هفتي جو پگهار ملي ٿو. ٻي ڳالهه ته  مٿي ”عظيم افتتاح“ لفظ مون لکيو آهي نه ته هتي جي انگريزي توڙي اردو اخبار ۾ انگريزي جولفظ ”گرينڊ اوپننگ“ ئي لکيو وڃي ٿو ۽ ڳالهائڻ ۾ اهو لفظ ڪجهه پنجابي لهجي ۾ اچاريو وڃي ٿو.هتي جي ديسين واتان اڪثر ٻڌبو ته ”يار ڪالهه فلاڻي شيءِ جي گرينڊ اوپننگ ٿي هئي اوڏانهن دعوت کائڻ ويو هوس.“ خبر ۾ اڳتي لکيل آهي ته:

”پاڪستاني آمريڪين ڪميونٽي جي معروف سماجي و سياسي شخصيت ۽ ڪشمير USA جي ڊائريڪٽر ڪئپٽن خالد شاهين بٽ پمدينا ريسٽورنٽ جي گرينڊ اوپننگ ڪئي. هن تقريب ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مدينا ريسٽورنٽ خالص کاڌن جي ذائقي ۽ لذت جي حوالي سان پنهنجو مثال پاڻ آهي، جتي سئو سيڪڙو حلال گوشت کان علاوه صحت جي اصولن کي به ڌيان  ۾ رکيو وڃي ٿو.“

اهو  هڪڙو خاص format هتي  جي کلندڙ هوٽلن جي اشتهار جو آهي. باقي رهيو سوال صحت جي اصولن کي ڌيان ۾ رکڻ جو، سو خبر ناهي خدا جو خوف آهي يا هتي جي صحت کاتي جو موچڙو آهي. جتي به هن قسم جا سرڪاري کاتا سخت آهن، ڪنهن جي سفارش ۽ رشوت نٿي هلي. اتي ڪڏهن به پاروٿي ۽ Un hygienic  شيءِ گراهڪن کي کارائي بيمار نٿو ڪيو وڃي. پوءِ اهو ملڪ کڻي آمريڪا هجي، يورپ جو سئيڊن ۽ جرمني هجي يا ايشيا جو ملائيشيا ۽ سنگاپور. هتي تڏهن ته ملائيشيا ويندڙن کي آئون هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ماني کائي اجايو پئسو ضايع ڪرڻ کان ڪنهن گاڏي واري کان ئي ماني وٺي کائيندا ڪريو. ڳالهه ساڳي آهي جو ملائيشيا جو صحت کاتو ۽ پوليس کاتو ايڏو سخت آهي جو ٿائيلينڊ جي بارڊر کان وٺي سنگاپور تائين ملائيشيا جي هر شهر، هر ڳوٺ ۾ توهان کي ڪٿي به کاڌي ۾ ملاوٽ نظر نه ايندي.

 

اهڙي ئي ڪهاڻي اسان جي ماڻهن جي آهي...

ڊاڪٽر منور عباسيءَ جي گهر، بالٽيمور ۾، اخبار پڙهي رهيو هوس ته دادوءَ جو غلام مصطفيٰ پلهه پاڻ لاءِ ۽ مون لاءِ چانهه کڻي آيو. ”ڪهڙي خبر پيا پڙهو“ غلام مصطفيٰ چانهه جا ڪوپ ٽيبل تي رکي مون کان پڇيو. سکر جو عرفان جماڻي ۽ آئون واشنگٽن کان بالٽيمور (ميري لئنڊ) ڊاڪٽر منور سان ملڻ آيا هئاسين. ڊاڪٽر منور جي گهر واري ياسمين ۽ ٻار ڳوٺ ويل هئا سو اسان ۽ ڀر واري شهر اناپولس کان آيل پلهه صاحب ۽ PTV جو مشهور ڊراما آرٽسٽ نسيم رات منور وٽ ٽڪي پياسين. صبح جو سڀ کان اڳ آئون اٿي اخبار کڻي پڙهڻ لڳس ته اتي پلهه صاحب چانهه ٺاهي اچي منهنجي سامهون ويٺو.

”يار فلوريڊا رياست جي پام بيچ ضلعي (ڪائونٽي) ۾ ڦُر ٿي آهي، ان جي خبر پيو  پڙهان.“

”پڪ ڪنهن گئاٽامالا جي همراهه جي ڦُر ٿي هوندي،“ پلهه يڪدم وراڻيو.

”هائو. صحيح ٿو چوين پر تو ڪيئن سمجهيو ته اهو همراهه گئاٽا مالا (Guatamala) جوهوندو.؟“ مون حيرت مان پڇيو.

غلام مصطفيٰ پلهه ٻڌايو ته آمريڪا جي ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾، وچ آمريڪا جي  ڀروارن غريب ملڪن جا ڪيترائي غير قانوني Immigrant رهن ٿا خاص ڪري گئناٽامالا جا، جيڪي ڪيوبا، هئتي، هانڊرس جهڙن ملڪن جي غريب ۽ بيروزگار ماڻهن وانگر خليج ميڪسيڪو وارو سمنڊ ٻيڙين ذريعي ٽپي رات جي  اونداهيءَ ۾ ميامي بيچ تي پهچيو وڃن. جتان پوءِ هن ويجهي ڪائونٽي (ضلعي) پام بيچ ۾ رهائش اختيار ڪن ٿا. هو لڪ چوريءَ دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ گهٽ پگهار تي ڪم ڪندا رهن ٿا. هتي جا ڪارخانيدار ۽ سيٺيون به خوش آهن ته هنن کي گهٽ پگهار تي چئيوان ۽ پورهيت مزدور مليو وڃن، جو ظاهر آهي ته هتي جي مڪاني مزدورن جا ڏهه نخرا آهن. هو ميڊيڪل ۽ سوشل سهوليت کان علاوه ٻه هزار ڊالر گهٽ ۾ گهٽ ماهانو پگهار گهرن ٿا.  غير قانوني رهيل ماڻهو هر وقت ڊپ ۾ رهن ٿا ته شڪايت ڪرڻ تي ماڳهين کين پنهنجي ملڪ موٽايو ويندو يا جيل ۾ وڌو ويندو. ان ڪري هو بنا ڪنهن فالتو سهوليت جي اڌ پگهار تي ڪم ڪرڻ ۾ راضي رهن ٿا. ساڳي وقت ڪيوبا، هائتي ۽ خاص ڪري گئاٽا مالا جهڙي سخت بدحال ۽ غريب ملڪ جا لڪ ڇپ ۾ آمريڪا آيل پورهيت ان ۾ به خوش آهن ته هتي ڪجهه نه ڪجهه پگهار مليو وڃي، پنهنجي وطن ۾ بک مرڻ کان هتي جو پورهيو بهتر آهي.

”پر ڪافي سالن کان پام بيچ پاسي هنن غير قانوني آيل مزدورن (Immigrants) جون گهرن مان توڙي رستي هلندي ڦرون عام ٿي پيون آهن،“ غلام مصطفيٰ پلهه ٻڌايو،  ”هو ان ڦر يا چوريءَ جي  دانهن پوليس کي به نٿا ڏين جو هنن وٽ هن ملڪ ۾ رهائش جا قانوني ڪاغذ پٽ نه هجڻ ڪري ماڳهين پاڻ ٿا ڦاسن.“

اخبار ۾ لکيل هو ته آمريڪا ۾ گئاٽامالا جا رهندڙ غير قانوني ماڻهو، پنهنجا پئسا يا ان مان ورتل سونيون زنجيريون (Chains) پنهنجن بوٽن ۾ يا ڪَڇن (Under wears) ۾ لڪائي هلن ٿا. هنن جو بئنڪن تي ڀروسو ناهي، ڇو جو بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ لاءِ آمريڪا جو شناختي ڪارڊ، سوشل ڪارڊ يا پاسپورٽ جهڙي شيءِ ڏيکارڻي پوي ٿي، جيڪا هنن وٽ ناهي ۽ جيڪڏهن ڪا بئنڪ کين اڪائونٽ کولڻ جي موڪل به ڏئي ٿي ته هو ان ۾ پئسا رکڻ کان ان ڪري به ڪيٻائين ٿا جو خبر ناهي ڪنهن وقت ڪنهن هنڌ سندن چڪاس ٿي پوي ۽ هنن کي ان ئي مهل سندن ملڪ Deport ڪيو وڃي ۽ پئسا پٺيان بئنڪ ۾ رهجي وڃن.

هن واردات ۾ ويلاس نالي هڪ گئاٽامالا جو غير قانوني رهائش پذير همراهه پنهنجي دوست سان گڏ ڪنهن سيڌي جي دڪان مان نڪري رهيو هو ته ڪو غنڊو کيس منهن ۾ ٺونشو هڻي سندس 400 ڊالرن جو سونو ڪنگڻ کسي ويو. اخبار ۾  وڌيڪ لکيل هو ته هن قسم جون ڦرون اڪثر جمع ڏينهن شام جو ٿين ٿيون جو هتي مزدور يا پورهيت کي هفتي جي پورهئي يا نوڪري جو اجورو جمع ڏينهن ملي ٿو. ويلاس نالي 25 سالن جو مٿيون همراهه ڇهه سال اڳ آمريڪا آيو هو ۽ ڪنهن عمارت تي هلندڙ ڪم تي هيلپر ٿي ڪم ڪيائين ٿي. هُن هِن ڦُر جي پوليس ۾ رپورٽ ضرور ڪئي پر پوءِ پاڻ ئي لِڪي ويو ته متان ٿاڻي تي يا ڪورٽ سڳوريءَ ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا تي ماڳهين کيس غير قانوني رهائش جي ڏوهه ۾ سزا نه ملي وڃي.

غلام مصطفيٰ پلهه ٻڌايو ته چورين جو هي سلسلو گذريل ڏهن  ٻارهن سالن کان جاري آهي. پوليس ڪافي ڪوشش ۾ رهي ٿي ته فرياديءَ جو هن ۾ ڀروسو پيدا ٿئي، جيئن هو ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائي ۽ جوابدار کي سوگهو ڪرائڻ ۾ مدد ملي. ڇو جو ڏوهن جو خاتمو آڻڻ لاءِ هڪ  اهو ئي طريقو آهي. يا بقول هتي جي پوليس جي، فيڊرل حڪومت کي وڌيڪ سخت قدم کڻي غير قانوني ايندڙ ماڻهن کي آمريڪا ۾ گهڙڻ کان روڪيو وڃي. ڇو جو اهو ڪم مڪاني پوليس جو نه آهي. مڪاني پوليس ڪا اميگريشن ناهي جو هر شهريءَ جو پاسپورٽ چيڪ ڪندي وتي. اها ته فقط ان وقت وٺ پڪڙ ڪري سگهي ٿي جڏهن ڪا واردات درپيش اچي. ڪو ڏوهاري فرياد کڻي اچي. هن اخبار جي نمائندي موجب غير قانوني رهندڙ ماڻهن جي ڦر ۾ ڪڏهن ڪڏهن قانون نافذ ڪرڻ وارن جو پڻ هٿ رهي ٿو. سال ٻه اڳ هڪ ان قسم جي ڦر ۾ علائقي جو پوليس آفيسر ۽ ڪائونٽي شئرف جي آفيس جو هڪ سپاهي Involve هئو جنهن فارم هائوس تي ڪم ڪندڙ گئاٽا مالا جي ماڻهن جي چوري ڪئي هئي.

فلوريڊا رياست جي پام بيچ ڪائونٽي جي، سرڪاري انگ اکرن موجب، آدمشماري 12 لک آهي، جنهن ۾ 18 هزار کن گئاٽامالا جا باشندا، 8 هزار هونڊرس جا، 3 هزار نڪراگئا جا ۽ 3 هزار ايلسلوردور جا ماڻهو رهن ٿا پر اخبار جي خانگي سروي مطابق انهن ملڪن جي ماڻهن جو انگ ان کان ٽيڻو چؤڻو آهي پر جيئن ته اهي هِتي آمريڪا ۾ غير قانوني طور رهيل آهن ان ڪري ملڪ جي آدم شماريءَ ۾ پنهنجي ڳڻپ نٿا ڪرائين.

جاگرافي کان اڻ واقف پڙهندڙن لاءِ هتي ٻه ٽي سٽون وچ آمريڪا (Central America) جي ملڪن بابت لکڻ ضروري ٿو سمجهان. آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ وانگر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پاسي به ٻه وڏا کنڊ آهن. هڪ دنيا جي اتر اڌ گول ۾ جيڪو ”اتر آمريڪا“ ٿو سڏجي ۽ ٻيوڏکڻ اڌ گول ۾ ”ڏکڻ آمريڪا“ آهي. اتر آمريڪا ۾ ٻه وڏا ملڪ ڪئناڊا ۽ USA آهن ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ برازيل، ڪولمبيا، وينزويلا، ارجنٽائنا، پيرو ۽ چلي اچي وڃن ٿا. انهن ملڪن ۾ يورپ کان اسپين ۽ پورچوگال جا ماڻهو پهرين آيا ان ڪري سڄي ڏکڻ آمريڪا ۽ او سي پاسي جي ٻيٽن تي هيسپانوي ۽ پورچوگالي  زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. اهي  ٻئي زبانون هڪ ٻئي سان ايترو ملن ٿيون جيترو پنجابي ۽ سرائڪي. بلڪه انهن کان به وڌيڪ.

ڏکڻ آمريڪا ۽ اتر آمريڪا کنڊ الڳ  ٿلڳ نه آهن. انهن کي زمين جي هڪ سنهي پٽي ملائي ٿي، جنهن ۾ ميڪسيڪو، گئاٽا مالا، هونڊرس، ايلسلودور، نڪراگئا، ڪاسٽ ريڪا ۽ پاناما جهڙا ملڪ آهن. سڀ ۾ سنهو ملڪ پاناما آهي ۽ اهو سنهو ملڪ هڪ هنڌ تي ايترو ته سنهو آهي جو اتي زمين کوٽي پاناما ڪئنال کوٽيو ويو آهي، جنهن جي هڪ پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ته ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ. ڪڏهن ڪڏهن اسان کي نيو يارڪ کان لاس اينجلس جهاز کي وٺي وڃڻو هوندو آهي ته سڄي ڏکڻ آمريڪا جو ڦيرو ڪرڻ بدران پاناما ڪئنال مان لنگهي پئسفڪ سمنڊ ۾ پهچي ويندا آهيون. پاناما ڪئنال ڪري اسان جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ٻارهن ڏينهن هڪ طرف بچي ويندا آهن ته لکها روپين جو تيل، ٻئي طرف بچندو آهي، ڇو جو هڪ ويهه هزار ٽنن جو جهاز به چوويهه ڪلاڪن ۾ ٽيهارو کن ٽن تيل جا روز ساڙي ٿو.

سينٽرل آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جو حال پورو سارو آهي. بدامني، بيروزگاري ۽ بدحالي ڪري اتي جو هر هڪ ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏي آمريڪا ۽ ڪئناڊا اچڻ چاهي ٿو. لڪ چوريءَ ٻيڙين ذريعي اچڻ ۾ ڪيترن جو سمنڊ ۾ موت ٿيو وڃي. ٻيا آمريڪا جي ڪناري تي پهچڻ تي پوليس ۽ اميگريشن جي ور چڙهيو وڃن ۽ سالن جا سال جيلن ۾ سڙندا رهن ٿا. باقي چند خوش نصيب سامونڊي ڇولين ۽ پوليس سيڪيورٽي کان بچي وڃڻ بعد هر وقت خوف جي زندگي گذارين ٿا. هو لڪ چوريءَ گهٽ اجوري تي نوڪريون ۽ پورهيا ڪن ٿا. بکون ڪاٽي پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ٻچن ٻارن لاءِ چار ڏوڪڙ جيڪي بچائين ٿا، اهي به ڪڏهن ڪڏهن ڦورو ۽ چور کانئن کسيو وڃن، ڪيڏي ته ڏک ڀري ڪهاڻي آهي ۽ اهڙي ئي ڪهاڻي اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي آهي، جيڪي غير قانوني طرح يورپ ۽ انگلينڊ  توڙي عربستان مسقط، ابوڌابي، ڪويت ۽ دبئي ۾ رهيا پيا آهن.

 

Better to be safe than sorry

هتي (آمريڪا ۾) امن امان آهي، پوليس سخت آهي، چور جي وٺ پڪڙ لاءِ حڪومت وڏو خرچ ۽ بندوبست ٿي ڪري، جيئن ڏوهاريءَ کي سزا ملڻ يقيني ٿي وڃي. سفارش تي ڪو مجرم معافي نٿو حاصل ڪري سگهي، ملڪ جي C.I.D ۽ انٽيليجنس ڏوهه جي پاڙ تائين وڃيو پهچي ۽ ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائون ڏيئي پيغام عام ٿي ڪري جيئن هر هڪ غير قانوني ڪم کان گريز ڪري بلڪه ان بابت سوچي به نه. پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته آمريڪا ۾ ڪو ڏوهه ڪو نه ٿو ٿئي ۽ هر وقت سک ۽ شانتي جي فضا ڇانيل آهي. هيڏي سختي هوندي به آمريڪا ڏوهن جي دنيا کان مشهور اهي. بقول هڪ عالم ڊاڪٽر ذاڪرنائڪ جي، ان جو وڏو سبب شراب نوشي آهي. اڄ جو پڙهيل ڳڙهيل گورو انگريز، يورپي يا آمريڪن به مڃي ٿو ته شراب جسماني بيمارين سان گڏ اخلاقي بيمارين کي به جنم ڏئي ٿو. سوشل جي پئسي تي پلجندڙ هڪ بيروزگار، هتي جو ڪارو (شيدي) ٺري جي بوتل چاڙهي، جڏهن هو هوش وڃائي ويهي ٿو ته پوءِ هن کي ڪنهن جي به پرواهه نٿي ٿئي. يا نشي جي ٻاڙ کڻڻ تي هن وٽ جڏهن کيسي ۾ پئسو ناهي ته هو عورتن کان پرس به ڦرائي ٿو، گاڏيءَ جا شيشا ڀڃي ان جي ڊئش بورڊ جي به چڪاس وٺي ٿو ته ڪنهن بئنڪ يا پيٽرول پمپ جي به ڦُر ڪري ٿو. ڪيترا ته جنسي مريض يا خطرناڪ پاڳل، عادت کان مجبور ٿي، يا  پهلواني ڏيکارڻ لاءِ ڦر ڪن ٿا، عورتن کي اغوا ڪن ٿا، جنسي بي حرمتي ڪن ٿا ۽ پنهنجي شڪار کي ماريو به ڇڏين. ان ڪري هن ملڪ ۾ پوليس جي سختي ۽ امن امان جي حالت بهترهوندي به هڪ عام ماڻهو، خاص ڪري ڌارئين آيل کي، ممڪن وارداتن کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو. آئون پنهنجن شروع جي آمريڪي سفرنامن ۾ به لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جو جهاز آمريڪا جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ پهچڻ سان مڪاني آفيس وارا اسان کي خبردار ڪندا هئا ته ان بندرگاهه جي هنن هنن علائقن ۾ رات جي وقت اڪيلا نه وڃجو. ۽ ڪن شهرن ۾ ته ڏينهن جي وقت به اڪيلي گهمڻ کان جهليوويو ٿي. اهو 1968ع ۽ 1969ع جو زمانو هو. اڄ چاليهن سالن بعد به ماڻهن کي، خاص ڪري عورتن کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته هي هي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، جن کي ڌيان ۾ رکي هر وقت پنهنجي بچاءَ جو سوچيو. هونءَ به خبردار رهڻ ۾ ڪا خرابي ناهي. بقول هڪ Email جي:

“It never hurts to be careful in this crazy world we live in.”

هي اي ميل هڪ آمريڪن عورت جنهن تنهن کي ڪيو آهي. خاص ڪري عورتن کي، جيئن هو سڪون سان سندس لکيل هيٺين ڏهن نقطن تي غور ويچارڪن جيئن ايمرجنسي کي  هو بهتر طريقي سان منهن ڏيئي سگهن. ”۽ جيڪڏهن توهان مرد آهيو،“ هن پنهنجي خط ۾  لکيو آهي، ”ته هي توهان پنهنجين زالن، ڀينرن، مائرن کي پڙهايو ۽ پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ  وارن کي پڙهايو، جيئن هنن کي ڌيان ۾ رهي ته هيءَ دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا ان ۾ پاڳلن جي به کوٽ ناهي ۽ پوءِ افسوس جا هٿ ملڻا پون ان کان بهتر آهي ته محتاط رهجي ۽ پنهنجي بچاءَ جا اپاءَ وٺجن.“

1- انسان جي جسم جو طاقتور عضوو ٺونٺ آهي، پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪنهن کي ڌڪ هڻن چاهيو ٿا ۽ توهان ٺونٺ جو استعمال ڪري سگهو ٿا ته ضرور ڪريو.

2- نيو اورلينس جي هڪ ٽوئرسٽ گائيڊ کان هيءَ ڳالهه معلوم ٿي آهي ته جيڪڏهن ڪو ڦورو توهان کان توهان جو ٻٽون يا هٿ ۾ جهليل ٿيلهو يا بئگ گهري ته هن کي هٿو هٿ ڏيڻ بدران پري اڇلي ڏجيس. ٿي سگهي ٿو هن جي دلچسپي جو مرڪز توهان نه پر توهان جو ٻٽون يا پرس هجي ۽ هو جيئن ئي اهو کڻڻ لاءِ وڌي، توهان ٻئي پاسي جيترو تکو ڊوڙي سگهو، ڀڄي وڃو.

3- ڪو توهان کي ڪار جي ڊڪي (Trunk) ۾ وجهي کڻيو پيو وڃي ته پٺين بتين (Tail Lights) کي ٿڏا هڻي ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ ان مان پنهنجي ٻانهن ڪڍي لوڏيندا رهو. ڪار هلائڻ وارو ڌاڙيل توهان جي اها حرڪت ڏسي نه سگهندو پر توهان جي ڪار جي پٺيان ايندڙ هر هڪ توهان جي هٿ لوڏڻ کي ڏسي وٺندو. ان طريقي سان ڪيترن اغوا ٿيندڙن جي جان بچي ويئي آهي.

4- عورتن جي اها عادت آهي ته خريداريءَ بعد يا پنهنجي آفيس مان موٽڻ تي ڪار ۾ ويهي ڪجهه دير ڊئش بورڊ مان سامان ڪڍي پيون ٺاهينديون، چيڪ بڪ ڪڍي اهو پيون لکنديون يا خريداريءَ لاءِ لسٽ پيون ٺاهينديون.

ائين هرگز نه ڪريو. توهان کي يا توهان جي ڪار کي کڻڻ وارو توهان تي نظر رکيو ويٺو آهي ۽ هن لاءِ سڀ کان  بهترين موقعو ۽ گهڙي اها آهي. هو پئسينجر سيٽ واري پاسي کان توهان جي ڪار ۾ گهڙي، توهان جي مٿي تي پستول رکي توهان کي پنهنجي مرضي واري جاءِ تي وٺي هلڻ لاءِ چوندو. ان ڪري سياڻن جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ وهڻ بعد دروازا يڪدم لاڪ ڪجن ۽ ڪار اسٽارٽ ڪري روانو ٿي وڃجي.

5- جيڪڏهن ڪار ۾ ڪو موجود آهي ۽ توهان جي مٿي تي شاٽ گن رکي توهان کي هلڻ لاءِ چوي ٿو ته انجڻ بند ڪري بيهي نه رهو. ان جي بدران پنهنجي ڪار کي اڃا به تکي رفتار ڏيئي ڪنهن وڻ، ڀت يا ٿنڀي سان پنهنجي ڪار ٽڪرايو. ڪار ۾ موجود ايئر بئگن ڪري توهان جو  ته بچاءُ ٿي ويندو  پر  پٺين سيٽ تي ويٺل بندوق واري کي چڱا ڌڪ لڳي ويندا ۽ ماڻهو گڏ ٿي ويندا. (ياد رهي ته آمريڪا ۾ تقريباً سڀني ڪارن ۾ Air Bags ٿين ٿيون. ڪار جو ٽڪر (Impact) ٿيڻ تي اهي  هڪدم هوا سان ڀرجيو وڃن ۽ اڳين سيٽن تي ويٺلن جي اڳيان وهاڻي (Cushion) جو ڪم ڏيئي بچائين ٿيون. بهرحال ڪار جي Crash ٿيڻ تي ٻاهر نڪري ڀڄي وڃجي. ڪار کي نقصان ضرور رسندو، جيڪو انشورنس ڪمپني به ڀري سگهي ٿي. بهرحال اهو نقصان بهتر آهي، ان کان جو ٻن ڏينهن کان پوءِ توهان جو لاش ڪنهن ڏورانهين هنڌ تان ملي.

ياد رهي ته هتي آمريڪا ۾ اهڙا واقعا عام آهن، جن ۾ وحشي صفت انسان عورتن سان جنسي ڏاڍائيءَ بعد سندن لاش 

شهر کان ٻاهر ڪنهن گند جي ڍير تي يا گٽر ۾ اڇلايو ڇڏين.

6- ڪجهه نقطا ڪار پارڪنگ يا گئراج ۾  بيهاريل پنهنجي ڪار ۾ وهڻ بابت:

* ڪار ۾ وهڻ وقت خبردار رهو. ڪار جو دروازو کولي وهڻ کان اڳ چوڌاري نظر ڊوڙايو، ڪار ۾ اندر ڏسو، پئسينجر سيٽ ۽ پوئين سيٽ واري فرش کي جانچيو ته ڪو توهان جي انتظار ۾ لڪل ته نه آهي.

* جيڪڏهن توهان جي ڪار جي ڀر ۾ ڪنهن ٽرڪ يا ٽرالر اچي پارڪ ڪيو آهي ته توهان ان پاسي کان ڪار ۾ وهڻ بدران پئسينجر سيٽ واري پاسي کان سوار ٿيو. ڪيترا عورتن کي اغوا ڪندڙ  پنهنجي وڏي ٽرڪ هن جي ڪار جي ڀرسان اچي بيهارين ٿا. پوءِ جيئن ئي هوءَ شاپنگ ڪري هڪ هٿ ۾ سامان ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجي ڪار جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ٽرڪ وارو کيس ٻک ۾ وجهي مٿي پنهنجي ٽرڪ ۾ کڻي داخل ڪري ٿو ۽ ڪلورو فارم يا ڪنهن ٻي شيءِ ذريعي هن کي هڪدم، بيهوش ڪري وٺي ٿو.

* پارڪنگ ۾ موٽڻ وقت پنهنجي ڪار جي ٻنهي پاسن ڏي نظر ڪجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيٺل نظر اچي  ته واپس شاپنگ سينٽر ۾ موٽي وڃجي ۽ اتي جي گارڊ سان گڏ پنهنجي ڪار ڏي موٽجي.

* شاپنگ سينٽرن ۽ پلازائن ۾ هميشه لفٽ (Elevator) استعمال ڪجي ڏاڪڻ هرگز نه. ڇو جو ڏاڪڻ استعمال ڪرڻ وارن جي ڦر آسانيءَ سان ٿئي ٿي. خاص ڪري رات جي وقت.

* جيڪڏهن ڪو خوني توهان کي مارڻ چاهي ٿو ۽ هن جي هٿ ۾ پستول يابندوق آهي ۽ توهان هن جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهيو، يعني هن کان پري آهيو ۽ ڀڄي سگهو ٿا ته هميشه ڀڄڻ جي ڪريو. “Always Run”

ڊوڙندڙ ٽارگيٽ لاءِ هڪ سئو مان فقط چار چانسون آهن جو ان کي گولي لڳي وڃي ۽ جي گولي لڳي به ٿي ته گهڻو ڪري دل جهڙي ڪنهن اهم عضوي ۾ گولي لڳڻ جون Chances تمام گهٽ آهن. ان ڪري بهتر آهي ته ڀڄي جان ڇڏائجي ۽  سڌو ڊوڙڻ بدران انگڙ ونگڙ (Zig Zag) ڊوڙجي.

* عورت فطرتن نرم دل ۽ همدرد ٿئي ٿي. ڪنهن به اڻ ڄاڻ سان همدردي نه ڪريو، ڇو جو اها همدردي ئي ڦر، Rape ۽ موت جو سبب بڻجي ٿي. ”ٽينڊ بنڊي“ نالي آمريڪا جي Serial خونيءَ عورتن جي همدردي حاصل ڪري کين قتل ڪيو ٿي. هو شڪل ۾ سهڻو ۽ پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿي. اڪيلي عورت ڏسي هن منڊڪايو ٿي ۽ هن کان سندس ڪار ۾ لفٽ ورتي ٿي يا هن کي پنهنجي ڪار ۾ وهڻ لاءِ مدد جو هٿ ورتو ٿي ۽ وهڻ بعد هن ان عورت کي به زوريءَ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڇڪي ورتو  ٿي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ان عورت جي قتل جي خبر اخبارن ۾ پڙهي ويئي ٿي.

* هڪ ٻي اهم ڳالهه انهن عورتن لاءِ جيڪي گهرن ۾ اڪيليون  رهن ٿيون. هڪ عورت جيڪا هيوسٽن ۾ اڪيلي رهي ٿي، تنهن ٻڌايو ته هن کي هڪ رات ڪار پورچ ۾ ننڍري ٻار جي روئڻ جو آواز آيو، جنهن تي هن پهرين ته هڪدم دروازو کولي ڏسڻ ٿي چاهيو ته ڪير هن ٻار کي سندس گهر ۾ ڦٽو ڪري ويو آهي پرپوءِ هن در کولڻ کان اڳ پوليس کي فون ڪيو، تنهن کيس خبردار ڪندي چيو: ”مئڊم! جيڪي وڻنئي سو ڪجانءِ پر متان دروازو کوليو اٿئي.“

(Do not open the Door)

هن عورت ٻڌايوته پوءِ ائين لڳو ڄڻ اهو روئندڙ ٻار سندس ڪمري جي دريءَ وٽان ٿيندو ٻاهر پيو وڃي. ”مون کي ڊپ لڳو ته ڪٿي معصوم ٻار روڊ ڏي وڃڻ تي ڪنهن گاڏيءَ هيٺان  اچي چپجي نه وڃي. پر پوليس مون کي خبردار ڪندي رهي ته متان دروازو کوليو اٿئي. اسان جي موبائيل گاڏي پهچڻ واري آهي.“

پوليس گاڏي جي  پري کان رون رون جي آواز تي ٻار هڪدم چپ ٿي ويو. بعد ۾ پوليس کان خبر پيئي ته ڪيترا عادي قاتل اڪيلين رهندڙ عورتن کي ڌتاري ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻار جي روئڻ جو ٽيپ وڄائين ٿا، جيئن هو همدردي خاطر ٻاهر نڪري اچي ۽ هنن خونين جي حوس جو شڪار بڻجن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: