باب ويهون
بروس جي شيطاني
گذرئي مئي مهيني واري امتحان ۾ بروس جو ٻئي ڪلاس ۾ پاس ٿيو هو،
تنهنڪري هو البت ناراض هو. هن کي اميد هئي ته هو
پهرئين ڪلاس ۾ پاس ٿيندو، جيئن ٻيا گهڻا به پئي
ٿيا. هو اهڙو سست به نه هو، اگرچ گهڻو وقت اجايو
وڃائيندو هو. جي اهڙي نتيجي جي پڪ هجيس ها ته جيڪر
ايتري محنت نه ڪري ها، پوءِ اڃا به هيٺ پاس ٿئي
ها، ته ٻيا ائين ته ڪين چون ها ته هن محنت به ڪئي،
پر مٿي به ڪين پاس ٿيو. مٿي اچي ها ته ماڻهو چون
ها ته ”بروس ڏاڍو هشيار ڇوڪر آهي، ڪتاب ئي ڪونه
پٽيائين، ته به پهرئين ڪلاس ۾ آيو!“ پر هاڻ ماڻهو
چوندا هوندا ته ”بروس ۾ حال ئي ڪونهي: رڳو
هشياريءَ جو منجهس ڏيک هو، تنهنڪري رڳو ٻئي ڪلاس ۾
پاس ٿيو آهي!“ اهڙا هينئر هن جا خيال هوندا هئا،
تنهنڪري هن پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ اصل ڇڏي ڏنو، جو
ڄاتائين ٿي ته انهيءَ مان ڪهڙو فائدو حاصل ٿيندو:
بابي وٽ دولت گهڻي آهي، جڏهن ڪاليج مان نڪري لنڊن
ويندس، تڏهن اتي هشيار ڌنڌي وارو ليکجڻ ۾ ايندس، ۽
”ڪئمفرڊ“ رڳو مغز کپائڻ وارن ۽ مٿي هڻڻ وارن جي
جاءِ آهي.
انهيءَ وقت کان وٺي بروس پڪو سست ۽ نڪمو ٿيڻ لڳو. نڪمن ۽ سست
ڇوڪرن سان صحبت رکڻ ۽ اجايو وقت وڃائڻ لڳو، ۽
منجهس گهڻ – خرچائيءَ، مستيءَ ۽ بدچاليءَ، ۽
بدڪاريءَ جون عادتون پئجي وييون.
هڪڙي اتفاقي گفتگو ڪرڻ ڪري هن جي خرابي ۽ بدطبيعتي ظاهر ٿيڻ
لڳي. هڪڙي ڀيري رات جو صفي ۾ ماني کائڻ لاءِ آيو،
۽ اچي لليسٽن جي پاسي ۾ ويٺو. ميز تي وڏا ڀُڳل پکي
رکيل ۽ شراب جو دور هلندو ڏسي، هن کان پڇائين ته
”اڄ ڪو وڏو ڏينهن آهي ڇا؟“ هن چيو ته ”هائو، خبر
ڪانه اٿئي، اڄ سڀني پاڪن وارو سڳورو ڏينهن آهي!“
بروس چيو ته ”مون کي خبر ئي ڪانه هئي. تڏهن اڄ
نماز لاءِ ديول ۾ سوائين ڇهين بجي هلبو؛ ڊگهي نماز
ٿيندي، ۽ سڀ گڏجي، رڙيون ڪري دعا گهرندا!“ لليسٽن
چيو ته ڇو، توکي اها ڳالهه نٿي وڻي ڇا؟“ هن چيو ته
”مون کي نٿي وڻي. جڏهن ماڻهن کي زور سان ديول ۾
عبادت لاءِ وٺي ٿا وڃن، تڏهن نماز جيتري مختصر ۽
هلڪي هجي، اوترو چڱو.“ هن چيو ته ”جي تنهنجي راءِ
اها آهي، ته تڏهن البت توکي انهيءَ مان لذت ڪانه
ايندي.“ بروس ڦري لليسٽن ڏانهن منهن ڪري چيو ته
”تنهنجو مطلب اهو آهي ڇا ته تون اهڙيءَ نماز يا
عبادت کي تڪليف جهڙو نٿو سمجهين؟“ هن چيو ته ”جي
تون پڇين ٿو، ته آءٌ يقين سان چوان ٿو ته ائين ئي
آهي.“ بروس نفرت مان چيو ته ”هان، مار، وڏو بزرگ
آهين!“ لليسٽن چڙ مان چيو ته ”بزرگ آهيان يا نه
آهيان، مگر پاڻ سان شريف ماڻهن واري هلت ڪرڻ
ڏيندس.“ بروس چيو ته ”معاف ڪجئين، مون رواجي
اصطلاح ڪم ۾ آندو.“ هن چيو ته ”مهرباني تنهنجي.
ٻئي جي سچائي جي شڪ آڻڻ ڪري تنهنجو ايمان چڱو
معلوم نٿو ٿئي.“ بروس چيو ته ”اهو آءٌ چئي نٿو
سگهان، مگر ايتري پڪ آهي ته تنهنجا سڀ پاڪ کڻي گڏ
ٿين، ته به ٻيءَ خلق کان بهتر ڪين ٿيندا: پوءِ ڇو
انهن جي يادگيريءَ لاءِ سال بسال هڪڙو ڏينهن سڳورو
مقرر ڪري ملهائجي؟ سڀ انسان آدم جو اولاد آهن، ۽
هڪ جهڙا آهن.“ اوئن هنن جي اها گفتگو ٻڌي چيو ته
”اهو ته منافقن جو اعتقاد آهي“ بروس چيو ته ”حرڪت
ڪانهي، منافقن جو هجي يا ڪنهن جو به هجي. حقيقت
اها آهي، ۽ آزمودي مان اها ثابت آهي.“
لليسٽن ماني کائي، اوئن ۽ بروس کي بحث ڪندو ڇڏي، هليو ويو؛ پر
هنن جا رايا مختلف هئا، ۽ هنن جي مرضي نه هئي ته
وڌيڪ بحث هلائين. بروس وڃي ڊي ايڪرس سان گڏ شراب
پيئڻ ويٺو، ۽ اتي انهيءَ بحث واري ڳالهه چوريائين،
جن اها ٻڌي، تن ڪوڙ ڪري ساڻس موافقت ڏيکاري. حقيقت
ڪري هن پاڻ به اهڙي ڪوڙي راءِ ظاهر ٿي ڪئي،
تنهنڪري ٻين به اهو ڊول ورتو. پر بروس انهيءَ کي
فقط بيويساهي نه ٿي ڄاتو. بلڪ بي ايماني يا ايمان
جو گم ٿيڻ ٿي ڄاتو. هن اهي ڪتاب پئي پڙهيا، جي
مذهب جي برخلاف هئا، ۽ جن ۾ عيسائيت تي ٽوڪ ۽ نڪتي
چيني ڪيل هئي. اهڙن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ مان سچ جي
طالب کي ۽ مضبوط دل واري ماڻهوءَ کي فائدو ٿئي ها،
۽ هو انصاف سان خيال ڪرڻ جهڙو ٿئي ها، مگر جنهن کي
گهڻو علم نه هو ۽ حياتيءَ جي پوري رستي تي نه هو،
تنهن کي پاڻ بيزار ۽ گمراهه ٿيڻ جو خطرو هو. بروس
کي علم ۽ عقل جي حاصل ڪرڻ جي گهڻي ڳڻتي ڪانه هئي،
تنهن زياده ويچار يا جانچ کان رواجي اعتراضن کي
کڻي خوشيءَ سان ڳنڍ ٻَڌي، ۽ مذهب کان منڪر ۽ بيدين
ٿيڻ لڳو؛ تنهنڪري پيغمبرن ۽ اوليائن جي معجزن،
ڪرامتن ۽ ٻين اهڙن مذهبي بزرگن جي پاڪائيءَ ۽
سڳورائيءَ تي کيس اعتبار نه ايندو هو. سندس اخلاق
به انهيءَ ڪري بگڙڻ لڳا. بروس جي اها گمراهي،
سچيءَ غلط فهميءَ ۽ دل جي سچي شڪ ڪري نه هئي. هن
ڄاڻي ٻجهي پنهنجيءَ دل کي انڌو ڪري، سواءِ خيال ۽
ويچار جي، اهو انڪار ٿي ڪيو؛ ۽ انهيءَ عادت پوڻ
ڪري هو ڪم فهم، ڍونگي، بي انصاف، ڪوڙو ۽ بي ايمان
ٿي پيو.
ڊي ايڪرس سان گڏ جڏهن شراب پي بس ڪري اٿيا، تڏهن براگٽن چوڻ لڳو
ته ”ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل ۾ اچي ٿو ته جيڪي اوهين
انهن هاڻوڪن اوليائن ۽ بزرگن جي نسبت ۾ چئو ٿا، سو
آءٌ قبول ڪريان.“ بروس چيو ته ”جي اهو آزمودو ڪنهن
جيئري ماڻهوءَ تي ڪري ڏسجي ته ڪهڙو نه تماشو ٿئي!“
براگٽن چيو ته ”چڱو، کڻي هئزليٽ تي وٺو.“ هن چيو
ته ”مار، وڏو ڪو بزرگ هٿ ڪيو اٿوَ! جي مهيني جي
اندر هن کي نشي ۾ الوٽ وڃي هٿ نه ڪيم، ته جيڪا شرط
رکندؤ سا ڀري ڏيندس.“ براگٽن چيو ته ”آءٌ شرط ڪانه
ٿو رکان، ڇاڪاڻ جو پڪ اٿم ته تون کٽندين.“ فٽزرس
چيو ته ”چ چ... چرچي لاءِ، آءٌ ضرور رکندس.“ بروس
چيو ته ”قبول، شرط لڳي.“
انهيءَ طرح بروس، ڄاڻي ٻجهي، ٻئي کي گمراهه ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي
کنيو. اهو ٻيو هو هئزليٽ، جو اسان کي خبر آهي ته
اڳتي ئي نيچ ۽ خراب طبيعت جو، ريا وارو ۽ ڍونگي
هوندو هو. ظاهري ڪري خدا ترس ۽ ديندار هو، مگر
اندر ۾ ٻيءَ طرح جو هو. مگر آزاد دل وارو هو، ۽ جي
بروس پاڻ تي شيطان جو ڪم هموار نه ڪري ها ۽ هن کي
زور ڪري ٺڳاري گمراهه نه ڪري ها، ته شايد ساري عمر
ڪنهن وڏي گناهه کان بچيو اچي ها. پر هو بروس جهڙي
حرڪتي ماڻهوءَ جو آسان شڪار هو، ۽ هن جي رٿيل مڪرن
جي دام ۾ جلد ڦاسي ويو. هن اهو دام ڏاڍيءَ
خبرداريءَ ۽ هشياريءَ سان هن جي پرپٺ پکيڙيو. بروس
ڪنهن تمام وڏي گناهه يا بدڪاريءَ جو ارادو نه ڪيو.
هن جي سمجهه ۾ هو ته جيڪو ننڍي گناهه ۾ ڦاسندو،
سو وڏي ۾ به ڦاسي سگهندو. هن ڄاتو ٿي ته جي هئزليٽ
ٿڙڪي آٿڙجي گنهگار ٿيو ته اوتري ڳالهه، ۽ جي نه
ٿيو ۽ نيڪ ۽ صالح ٻانهو ٿي رهيو، ته به اوتري
ڳالهه – گهڻي حرڪت ڪانهي.
جڏهن صفي ۾ مانيءَ کائڻ جي مهل آئي، تڏهن هو سعيو ڪري پنهنجي
شڪار جي پاسي ۾ وڃي ويٺو، ۽ هن سان گهرائي رکڻ
لڳو. هن سان مزي جهڙي گفتگو ڪرڻ لڳو، ڏاڍي عزت
آبروءَ سان هلڻ لڳو. ۽ سندس صحبت ۽ خيالن جي تعريف
۽ خوشامد ڪرڻ لڳو. هئزليٽ جهٽ ۾، اويسلو ٿي، هن جي
خوشامد تي ريجي ويو، ۽ دل ۾ وسهڻ لڳو ته ”نيٺ ڪي
ماڻهو اهڙا به پيدا ٿيا آهن، جي مون کي چڱو ۽
سمجهو ٿا ڄاڻن، ۽ منهنجن اصولن ۽ راين سان شامل ٿا
ٿين!
ڪن ڏينهن تائين بروس ائين پئي ڪيو – تان جو هئزليٽ کي خاطري ٿي
ته آءٌ ڪو ڏاڍو چڱو ۽ هر دلعزيز ماڻهو آهيان. پوءِ
بروس هن کي پاڻ وٽ ڏينهن جي مانيءَ کائڻ جي دعوت
ڏني، ۽ براگٽن ۽ فٽزرس کي به سڏايائين. ڀانيائين
ته هو پاڻ ٻهراڙيءَ جو ماڻهو آهي، تنهنڪري هڪڙي
لارڊ سان گڏ مانيءَ کائڻ ڪري پاڻ زياده مٿو ڦرندس.
پنهنجن ٻن مهمانن کي اڳي سمجهائي ڇڏيائين ته ڪيئن
هن سان هلت ڪن. هئزليٽ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻي
دنياسازيءَ جي جيڪا گفتگو هلي، تنهن مان هن کي
ڏاڍي لذت آئي. جن ڳالهين مان سمجهين ٿي هو رنج ۽
بيزار ٿيندو سا زبان تي ئي نه آندائون، هئزليٽ ماٺ
ڪري ويهڻ وارو نه هو؛ جيڪر ذڪر ٿي نڪتو، تنهن ۾
شامل ٿيڻ ۽ راءِ ڏيڻ کان رهيو نٿي – پوءِ انهيءَ
جي خبر هيس يا نه هيس، انهيءَ ڏانهن ڪين ٿي
ڏٺائون. بروس ڏاڍيءَ تجويز سان ناٽڪن، ناچن ۽ راڳن
جي ڳالهه چوري. هئزليٽ عمر ۾ اهڙا تماشا نه ڏٺا
هئا، مگر اهڙي ڳالهه ظاهر ڪرڻ نٿي گهريائين، ته
متان سمجهن ته هي ڪو ڄٽ آهي، تنهنڪري حجاب کان
سواءِ انهيءَ گفتگو ۾ شامل ٿيو، ڄڻ ته اڳي ئي انهن
جو چڱو واقف آهي. انهن بابت ڪتابن ۽ اخبارن ۾ سو
پڙهيو هئائين، تنهنڪري اهو ذڪر هلائي سگهيو. سڀئي
سندس ٻولين تي خوش ٿيو پئي کليا؛ پر هن کي
حرڪتبازيءَ جو ڪوبه شڪ ڪونه ٿي پيو. پهرن برابر
اهو سوال ڪيو هئائين ته ”اوهين نٿا ڀانيو ته ناٽڪ
ڏسڻ اعتراض جوڳو ڪم آهي؟“ بروس کلي ورندي ڏني ته
”اعتراض جوڳو؟ سو ڪيئن؟ ناٽڪ جي جاءِ ته پاڻ دنيا
جي هڪڙي آرسي آهي، جنهن ۾ نيڪيءَ جو منهن ڏسي
سگهجي ٿو، ۽ نيڪيءَ جا مُک فائدا معلوم ٿي سگهن
ٿا.“ هئزليٽ چيو ته ”تون برابر ٿو چوين. هاڻ آءٌ
پاڻ مڃان ٿو ته ڏسڻ ۾ حرڪت ڪانهي. ڪنهن ڏينهن هلي
ڏسنداسون.“ فٽزرس، اڳ وٺي، حيران ٿي چيس ته ”مار،
تڏهن هيستائين تو ڪو ناٽڪ به ڪونه ڏٺو آهي!“ تڏهن
لاچار چوڻ لڳو ته ”چئي نٿو سگهان، شايد نه ڏٺو
اٿم؛ نه ته به گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن جو نه ڏٺو
اٿم.“ بروس چيو ته تڏهن ضرور ڪنهن رات ڀڄي لنڊن
هلون. ”ريجنٽ“ واري ناٽڪسالي ۾ هلنداسين.“ هن چيو
ته ”چڱو. پر لنڊن ۾ منهنجو ڪو واقف ڪونهي، رڳو
هڪڙو ٻه پادري آهن، پر شايد انهن کي اعتراض هجي.“
بروس چيو ته ”حرڪت ڪانهي، اوهين سڀ هلي مون سان گڏ
”وائوئن هائوس“ ۾ رهجو.“
هي ٻڌي هئزليٽ ڏاڍو خوش ٿيو، جو ههڙن سنگتين سان اهڙي هنڌ وڃي
مهمان ٿي رهي مزا ڏسندو. بروس چوڻ لڳو ته ”ڀلا
بيهه، اڄ سومر آهي: جي خميس جي ڏينهن کڻي تون مون
وٽ اچي شراب پين، اتي ويهي صلاح ڪريون ته ڇنڇر کان
ٻئي سومر تائين لنڊن هلون – ڪيئن؟“ هن چيو ته ”نه،
خميس جي ڏينهن آءٌ ڀانيان ٿو ته مون کي ٻئي هنڌ
وڃڻو آهي.“ بروس پڇيو ته ”ڪهڙي هنڌ؟“ هئزليٽ نٽائڻ
لڳو. تيئن بروس چرچي مان زور پئي ڪيس ته ٻڌاءِ.
آخر هن جي زور تي چيائين ته ”هڪڙي دوست جي گهر ۾
وعظ ٿيڻو آهي، ۽ دعا گهرڻي آهي.“ بروس کلي چيو ته
”بس، ڳالهه به ايتري؟ تڏي تي ويهي گوڏا گسائڻ ۽
پوءِ سکڻي چانهه پي اٿڻ – وڏي ڳالهه ٿي پئي!“
انهيءَ کل ۽ انهيءَ ٽوڪ وڏو اثر ڪيو: نتيجو اهو
ٿيو ته هئزليٽ انهيءَ رات وعظ ۽ دعا تي نه ويو، ۽
شراب ۽ پتن جي راند واريءَ محفل ۾ آيو. راند ۾
ڪئنيڊي به شامل هو. ڪئنيڊي اڪثر پتن جي راند ڪندو
هو، مگر هئزليٽ کي حاضر ڏسي هن کي انهيءَ کان نفرت
اچڻ لڳي. راند ڪندي، هئزليٽ چيو ته لنڊن ڏانهن هلڻ
جي مون کي موڪل ڪيئن ملندي؟“ بروس چيو ته ”اهو عذر
ڏج ته ڪنهن دوست مون کي دعوت ڏني آهي ته آچر جو
ڏينهن اچي اتي گذار ۽ وعظ ٻڌ.“
اُن موجب، هئزليٽ پنهنجي سيکاريندڙ مسٽر نارٽن کان موڪل گهري.
انهيءَ کي پڪ هئي ته هئزليٽ ڪنهن حرڪت يا خرابيءَ
ڪرڻ جهڙو نه آهي، پاڻ لنڊن جهڙي شهر ۾ وعظ ٻڌڻ مان
فائدو ٿيندس، تنهنڪري خوشيءَ سان هن کي موڪل
ڏنائين. ڇنڇر جي ڏينهن هڪڙيءَ عمديءَ گاڏيءَ ۾،
هئزليٽ پنهنجن سنگتين – بروس، براگٽن ۽ فٽزرس –
سان گڏ چڙهي روانو ٿيو. ڪپڙا به هميشه کان بهتر
هئس. اها صلاح به بروس جي هيس ته ناٽڪ جهڙي هنڌ
سندس رواجي طرز جا ڪپڙا ماڻهو کلائيندا؛ تنهنڪري
هن پنهنجي لاءِ درزيءَ کان هڪڙي ڏيک واري عمدي رنگ
جي، ٽِنڊ جهڙي پوشاڪ سبرائي هئي. اها هن کي پيل
ڏسي، سندس سنگتين پنهنجي منهن ٽهڪ ڏيو پئي کليو؛
پر خوشيءَ جي گهڻائيءَ کان يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري
اها کل هن جي ڪنن تي نٿي پيئي، ۽ هن کي منجهن شڪ
ئي نه پيو؛ پاڻ بروس هن کي زياده سينگار ڪرڻ ۾ مدد
ڏني.
”وايوئن هائوس“ ۾ عمدو بندوبست ڏسي، هئزليٽ حيران ٿي ويو. اتي
هن کي هڪڙي نئين دنيا ڏسڻ ۾ آئي. سر رولو بروس ۽
ليڊي بروس – يعني بروس جا پيءُ – ماءُ – گهر ڪين
هئا، ڪنهن ٻئي پاسي ٻهراڙيءَ ۾ ٿورن ڏينهن لاءِ
هوا بدلائڻ ويا هئا، تنهڪري سندن گهر خالي هو. هنن
چئن جوانن اهو وڃي والاريو. بروس جي حڪم تي، نوڪرن
شاهي مهمانيءَ جون تياريون ڪيون. سگهوئي هو عمدي
طعام تي ويهي ويا. بروس سعيو ڪري تيز شراب ڪڍائي
ميز تي آندو، ۽ هئزليٽ کي پياريو. هئزليٽ خوشيءَ
سان پئي سڀڪجهه کاڌو ۽ پيتو، بلڪه سگريٽ به ڇڪڻ
لڳو، جا عادت منجهس تازي پيئي هئي.
آخر رات جو ”ريجنٽ“ واري ناٽڪ جي تماشيگ بلڪه سگريٽ کي پياريو.
ائڻ ويا هئا، تنهڪري سندن وشاڪ سبارائي هئي. س،
تنهنڪري خوشيءَ سان هن کي اهه ۾ ويا. بروس اڳي ئي
انهيءَ هنڌ جو واقف هو، تنهن رسيس واري وقت ۾
پنهنجن سنگتين کي پردن جي پٺيان به وڃي گهمارايو،
هئزليٽ ماٺ ڪريو هنن جي پٺيان پئي هليو، ۽ شراب جي
خمار ۾ جيڪي پئي ڏٺائين، تنهن تي ڏاڍو خوش ٿي ٿيو.
مطلب ته، انهيءَ طرح، مهيني کن جي اندر، بروس جي
تجويز ۽ حرڪتبازيءَ سان، هيءُ ظاهري ديندار ۽
خداپرست جوان ناٽڪ جي هڪڙيءَ خوبصورت نچڻ واريءَ
نازنين سان واقف ٿيو، جنهن جي پوشاڪ سنهڙن، ڄاريءَ
جهڙن ڪپڙن جي هئي. سگهوئي تماشو پورو ٿيو، ۽
هئزليٽ، نشي جي حالت ۾، بروس جي گهر جي هڪڙي عمدي
ڪمري ۾، فرحت جهڙي بستري تي سمهي رهيو.
ٻيو ڏينهن آچر جو هو. هنن مان ڪوبه ٻارهين بجي کان اڳ نه اٿيو.
سست ۽ موڳا ٿي اچي ناشتي تي ڪريا. ماني کائي پوءِ
هو ويهي ناول يا قصن جا ڪتاب پڙهڻ لڳا. هئزليٽ
ايترو سو ڪيو، جو ٻين کي صلاح ڏنائين ته شام جو
ديول ۾ هلجي، بروس کلي چيو ته ”چڱو؛ پر ڇو نه
هينئر ويهي ڪا غريباڻي وندر ڪريون؟ ديول ۾ وڃڻ جي
پوريءَ مهل تي ماني به ميز تي آندي ويئي، جنهنڪري
هوڏانهن وڃي نه سگهيا. آخر ماني کائي، پتن جي راند
تي ويهي رهيا.
باب ايڪيهون
هڪڙو ڀورڙو
جڏهن بروس موٽي ”ڪئمفرڊ“ ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو ته ”مار، هئزليٽ ۾
حال ئي ڪونهي! هو اهڙيءَ آزمائش جي لائق ئي ڪين
هو. خدا پرستيءَ جو رڳو ڏيک اٿس. اشاري سان هن جي
پرهيزگاري اڏامي ويئي!“ فٽزرس چيو ته ”ت ت ...
تڏهن م م .... مون شرط کٽي! م م.... مون کي ڀري
ڏي!“ هن چيو ته ”هرگز نه. آءٌ پنهنجي آزمائش کي
مختصر ڪندس. هن کي هڪدم آڻي هتي ٿو ڏنگيان.
ان موجب، بروس پنهنجيءَ جاءِ ۾ هڪڙي رات مانيءَ جي مجلس ڪئي، ۽
بين سان گڏ هئزليٽ کي به دعوت ڏنائين. ڊي ايڪرس،
بوڊل، ٽَلڪ، براگٽن، فٽزرس، ۽ ٻيا ڪي ڪاليج جا
راند ڪندڙ شاگرد – سڀ اچي اُتي گڏ ٿيا. بروس انهن
سڀني کي اڳي ئي پنهنجيءَ پر ۾ سمجهائي ڇڏيو هو ته
”آءٌ هئزليٽ کي چرچو ڪرائيندس، سو اوهين هن کي نه
ٽوڪجو، ۽ مٿس نه کلجو.“ سگهوئي ماني پوري ٿي ۽
شراب جو دور هليو. پوءِ پتن جي راند شروع ٿي، جنهن
۾ به شراب پئي سُرڪيائون، تماڪ جا به دونها پئي
نڪتا. بروس تجويز ڪري، لڪائي هن جي گلاس ۾ شراب
پئي وڌو، ته ڀلي هو ائين چئي سگهي ته مون سڀني کان
گهٽ شراب پيتو آهي. پوءِ اٿي سڀني کي هئزليٽ جي
صحت جي جام پيئڻ لاءِ چيائين، جو هنن خوشيءَ سان
پيتو ۽ سڀني گڏجي هن جي تعريف ۾ هڪڙو راڳ ڳايو.
پوءِ ”هِپ هِپ هُري!“ جا نعرا به هنيائون.
هئزليٽ انهيءَ مهل ڏاڍين خُنڪين ۾ هو، ڄڻ تي ستين آسمان جو سير
پئي ڪيائين. هنن جي خوشامد جي تقرير جي جواب ڏيڻ
يا شڪر گذاريءَ ڪرڻ جيتري به سامت نه هيس. لاچار
اُٿي، انهيءَ کي وعظ جي مجلس سمجهي، چوڻ لڳو ته
”منهنجا ديندار ڪرسچن دوستو، اوهان کي خبر هجي، ته
– “ ايتري چوڻ تي سڀني کي اچي کل ورايو، تنهنڪري
هو وڌيڪ ڳالهائڻ کان سواءِ وري ويهي رهيو.
آخر جڏهن اٿڻ جو وقت ويجهو ٿيو، تڏهن بروس توڙي ٻين سڀني اها
ڳالهه قبول ڪئي ته بروس شرط کٽي. فٽزرس چوڻ لڳو ته
”شرط ڀ ڀ ... ڀري ڏيڻ ۾ مون کي حرڪت ڪانهي، ت ت
.... تماشو ته لک رپئي جو ڏٺو اٿئون!“
واهه جو تماشو هو! ويچارو ڪمبخت هئزليٽ، نشي ۾ اونڌو ٿيو پيو
هو. اکيون بند هيس، ٻانهون ٽنگون مئلن وانگي پئي
لڙڪيس، ۽ مٿو پئي هيڏانهن هوڏانهن ٿيس. هوش اصل
ڪونه هوس، نشي ۾ انڌو ۽ اونڌو هو. بروس رٿ پيش ڪئي
ته ”هاڻ ڪو مزي جهڙو تماشو ڪريون: بتيءَ جي ڪارنهن
۽ چاڪ ۽ گيڙوءَ سان هن جو منهن، وار ۽ مڇون کڻي
رنڱيون! سڀني صلاح ڪري ائين ڪيو. هئزليٽ جي شڪل کل
جهڙي ٿي پئي. چوڌاري ٽهڪو پئجي ويو. هنن جي آواز
تي ٻيا شاگرد به گهڙي آيا. لليسٽن جنهن بروس جي
پاسي واريءِ جاءِ ۾ ويٺي پڙهيو، تنهن اهو هل ٻڌو،
۽ ذري ذري هئزليٽ جو نالو به پئي ٻڌائين. سجهيائين
ته هن کي شراب پياري نشئي ڪيو اٿن، ۽ پوءِ رنگ
لائي بڇڙو ڪيو اٿنس. ايترو به ڄاتائين ته ٻيا به
سڀ اڌ نشئي هوندا. هن کي توڙي ٻين پڙهڻ وارن کي
هئزليٽ جي عجيب پوشاڪ ڏسي به حيرت لڳي، جو اُها
هميشه کان بلڪل ٻيءَ طرح جي هئي. ٿورن ڏينهن کان
هنن هئزليٽ جي هلت چلت بدليل ڏٺي هئي. لليسٽن هن
کي مناسب لفظن ۾ نصيحت به ڪئي هئي. پر هن اُها
گستاخي سمجهي انهيءَ تي خيال ڪونه ڏنو. انهيءَ
هوندي به، لليسٽن کي سچي پچي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ جن
هن کي خراب ڪيو هو، تن تي ڏاڍي چڙ آيس. انهيءَ ڪري
هن مناسب سمجهيو ته ههڙي موقعي تي وڃي دست اندازي
ڪري، ۽ هن کي سمجهائي ۽ خبردار ڪري.
هو ماٺ ڪري اٿي بروس جي جاءِ ڏانهن ويو، در جي کڙڪي تي هنن کي
اندران سس ڦس ۽ ڦڙڦوٽ ٻڌڻ ۾ آئي. جيئن اندر ويٺل
ماڻهو ڪا شي لڪائيندا هجن. جڏهن لليسٽن در پٽيو،
تڏهن سڀ کلڻ لڳا. بروس چيو ته ”شل ڀلو ٿيئي، اسان
کي ته ڊيڄاري ڇڏيو هئئي! اسان سمجهيو ته ٻيو نه،
ته به ڪو ڪاليج جو عملدار ضرور هوندو.“ لليسٽن چيو
ته ”بروس، آءٌ ڏسان ٿو ته تون هئزليٽ کي خراب ٿو
ڪرين. هو اهڙين جٺين سهڻ جي حال ۾ ناهي. مون کي
مدد ڪر ته هن کي سندس جاءِ ۾ وٺي هلون.“ هن ٽهڪ
ڏيئي کلي چيو ته ”واهه جا چرچا ٿو ڪرين! آءٌ رڳو
هتان ڪڍي گهٽيءَ ۾ کڻي ڇڏيندوسانس! هن کي ڪهڙو حق
آهي جو منهنجيءَ جاءِ ۾ ههڙيءَ جانورن جهڙيءَ حالت
۾ اچي؟“ لليسٽن چيو ته ”توکي ڪهڙو حق آهي جو شيطان
جو ڪم پاڻ تي کڻين، ۽ ٻين کي گمراهه ڪري انهن کان
گناهه ڪرائين: انهيءَ جي لاءِ توکي حساب ڏيڻو
ٿيندو، پوءِ ڀل انهيءَ مان ڪو خراب نتيجو به
نڪري!“ فٽزرس چيو ته ”ٻ ٻ ... ٻٽاڪ!“ لليسٽن چيو
ته ”هائو، ٻٽاڪ، فٽزرس! اوهان جي خيال وارا ماڻهو
بدڪاريءَ جي شڪايت ۾ سچيءَ چڙ کي ٻٽاڪ چوندا آهن؛
پر اها ٻٽاڪ هجي يا ڪي به هجي، اوهان کي شرم اچڻ
گهرجي؛ ۽ آءٌ اوهان کي تاڪيد سان چوان ٿو ته مون
کي مدد ڪريو ته هئزليٽ کي سندس جاءِ ۾ پهچايون.“
ڊي ايڪرس، جو انهن سڀني ۾ ڌيرج وارو هو، تنهن چيو
ته ”بروس، اها ڳالهه چڱي آهي. بهتر آهي ته هن کي
پنهنجيءَ جاءِ تي نجي. هن جو حال ته ڏسو!“
بروس، هئزليٽ ڏانهن نهاري، هن جو بڇڙو حال ۽ لڙيل ڪنڌ ۽ ڦڪو
منهن ڏٺو. ماٺ ڪري، هن جي ٻانهن ورتائين؛ ۽ لليسٽن
اٿي هن جي ٻانهن ورتي؛ ڊي ايڪرس وري هن جون ٽنگون
جهليون. انهيءَ طرح، هن کي کڻي، ڪاليج جو در لنگهي
اندر ٿيا. درن بند ٿيڻ کان پوءِ گهڻي دير ٿي ويئي
هئي، تنهنڪري دربان انهن چئني جا نالا لکي ڇڏيا ته
ٻئي ڏينهن انهن تي رپورٽ ڪري. ڊي ايڪرس هن کي وڏي
رشوت به آڇي، پر انهيءَ جي وٺڻ کان هن انڪار ڪيو.
خير، انهيءَ مهل ته هو هئزليٽ کي پنهنجي هنڌ تي
سمهاري هليا ويا. لليسٽن رنج مان هنن کان موڪلايو،
۽ ڊي ايڪرس به موڪلائڻ مهل چيو ته ”بروس، پاڻ
بدمعاشيءَ جهڙو ڪم پئي ڪيو آهي.“ بروس چيو ته
”پنهنجي ڳڻتي ڪر!“ ڊي ايڪرس چيو ته ”چڱو، ٺهيو.
اميد آهي ته وري تنهنجيءَ جاءِ ۾ ڪڏهن به نه
ايندس.“
ٻئي ڏينهن صبح جو لليسٽن پنهنجيءَ پر ۾ ڪاليج جي دربان کي چيو
ته ”گهڻن سببن ڪري بهتر آهي ته جيڪي رات ٿي گذريو،
تنهن جي تون رپورٽ نه ڪر. جي ڪرين، ته به رڳو
ايترو چئه ته فلاڻا رات جو دير سان ڪاليج ۾ آيا.“
دربان لليسٽن جو واقف هو، ۽ هن کي گهڻو مان ڏيندو
هو، خبر هيس ته هو نيڪ ۽ چڱيءَ چال وارو ماڻهو
آهي، تنهنڪري هن جي ڳالهه مڃيائين – اگرچ گهڻي چوڻ
کان پوءِ هئزليٽ جي حالت ظاهر نه ڪرڻ جو انجام
ڪيائين. انهيءَ هوندي به، هنن چئني دستوري دروازي
جو ڏنڊ ڀري ڏنو. تنهن کان سواءِ ڊي ايڪرس ۽ بروس
کي ڪاليج جي وڏي عملدار وٽان سخت فهمائش به ملي،
پر لليسٽن ۽ هئزليٽ کي سڏ به ڪونه ٿيو. اُهو
عملدار لليسٽن جو چڱو واقف هو، ۽ خبر هيس ته هو
ڪنهن نامناسب حرڪت يا خرابيءَ يا بدچاليءَ ڪرڻ
جهڙو ماڻهو ناهي. هئزليٽ ٿورن ڏينهن کان پوري وقت
تي ڪاليج ۾ نه ايندو هو، مگر پوري چال وارو ماڻهو
سمجهيل هو، تنهنڪري هن دفعي قانونن ڀڃڻ ڪري هن مٿس
سختي نه ڪئي، ۽ ان کي درگذر ڪيائين.
هئزليٽ جي هلت ۽ حال جو ٻڌي، ڪاليج جا شاگرد کلڻ لڳا. هنن جي
ٽوڪن کان جند ڇڏائڻ هن کي مشڪل ٿيو. اڳي ئي بروس ۽
ان جي دوستن سان سنگت رکڻ ڪري هن جا چڱا دوست
کانئس ڇِڄي ڌار ٿيڻ لڳا هئا، پر انهيءَ جو هن خيال
نه ڪيو، بيپرواهه ٿي گذارڻ لڳو. بروس ۽ سندس
سنگتين هن کان معافي گهرڻ جي ضرورت نه ڄاتي.
هئزليٽ کي پنهنجي منهن تان رنگن جا داغ لاهڻ مشڪل
ٿيا هئا، ۽ هڪ – ٻه ڏينهن بيمارن وانگي پيو هو،
تنهنڪري کيس هنن جي بيپرواهي ڏسي البت دل ۾ ارمان
ٿيو ۽ ڪاوڙ لڳي. پر جڏهن هاڻ ڏٺائين ته اڳوڻا
سنگتي به پاسو ٿا ڪن، ۽ ٻيا سڀ کلن ٿا ۽ ٺٺوليون
ٿا ڪن، تڏهن لاچار پنهنجن نون سنگتين کان سواءِ نه
سريس، ۽ زور ڪري ساڻن وري ڳالهائڻ لڳو.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ جولئن ڪئنيڊيءَ کي چيو ته ”ڪئنيڊي، هئزليٽ
سان اها جيڪا جُٺ ڪئي ويئي، سا بيشرميءَ جهڙي ڪين
هئي؟ مون ٻڌو هو ته تون به انهيءَ رات جي مجلس ۾
مانيءَ تي حاضر هئين. مون کي ته اعتبار نٿو اچي.“
ڪئنيڊيءَ شرمندو ٿي چيو ته ”ڪلاڪ کن تائين آءٌ
برابر هوس، پر اهو جيڪي ٿيو، سو منهنجي وڃڻ کان
پوءِ ٿيو.“ هن چيو ته ”ڪئنيڊي، دل ۾ متان ڪرين،
آءٌ دوست ۽ ڀاءُ ٿي توکي ٿو چوان ته اهڙي صحبت
تنهنجي لاءِ چڱي ناهي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”جولئن،
آءٌ سچ ٿو چوان ته مون انهيءَ مان ڪابه خوشي حاصل
نه ٿيندي آهي.“ هن چيو ته ”تڏهن ڇو ٿو هنن وٽ ذري
ذري وڃين؟“ ڪئنيڊي ٿوري تائين، ٿڌو ساهه کڻي،
غمگين ٿي ويهي رهيو.
ٿورن ڏينهن کان جولئن ڏٺو هو ته ڪئنيڊيءَ جي دل تي ڪو بار آهي،
جنهنڪري هو ساڻس اوتريقدر گائل مائل نٿو ٿئي. ائين
نه هو ته هڪٻئي سان هنن جي جا محبت هئي سا گهٽجي
ويئي هئي، پاڻ اُها زياده هئي؛ مگر هو هڪٻئي جا
حال ڀائي ۽ همراهه نه هئا، سا دوستي ڪهڙي ڪم جي؟
تنهن کان سواءِ، ڪئنيڊيءَ ۾ ڪي نيون خراب عادتون
آهستي آهستي پوڻ لڳيون هيون، جي زور وٺنديون
ويئون.
هئزليٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ وقت ايترو پاڪدل نه هو، جيترو ساده دل
۽ اٻوجهه هو. هن جون نفساني خواهشون ”الڊئون“ جهڙي
ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ ستيون پيئون هيون، ۽ انهن جي
خرابيءَ کان هو اتي بچيو پيو هو؛ ليڪن انهن کي
روڪڻ جي تعليم ڪانه ملي هيس، ۽ نه انهيءَ جي
استعمالي ڪئي هئائين. لليسٽن جي خيال ۽ راءِ جي
برخلاف، هو ماڻهن جي ظاهري زباني ڳالهين کي دل جون
سچيون ڳالهيون سمجهندو هو. اها خبر نه هيس ته سندس
نيڪيءَ ۽ دينداريءَ جو بنياد ڪچو ۽ ضعيف آهي. جيڪي
قصور کانئس هاڻ ٿيا، اُهي جيڪر ٻن چئن مهينن کان
اڳي هن کي تمام خراب لڳن ها، ۽ انهن کان گهڻي نفرت
اچيس ها. پر هينئر انهن جي ڪري هن کي شرم نٿي آيو،
بلڪ انهن جي لاءِ بچاءَ ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين.
تعليم کان سواءِ ماڻهو گناهه ۽ بيعقليءَ کان پاڻ
کي بچائي نه سگهندو، خاص جڏهن اهي اوچتو سهڻي ڏيک
سان سندس اڳيان ايندا. انهيءَ ڪري، يڪدفعي حد ڀڃڻ
۽ گناهه ڪرڻ ڪري، هئزليٽ اهڙو ٿي پيو جو ٻن – ٽن
مهينن جي اندر ڪاليج جي تمام خراب ۽ کريل شاگردن
مان هڪڙو ٿي پيو، ۽ انهيءَ حد کي وڃي رسيو جو
پنهنجن خراب ڪمن جي شرم کان سواءِ، ٻٽاڪ هڻڻ ۽
انهن جو فخر ڪرڻ لڳو: مطلب ته جهڙو اڳي هو چڱن
اخلاقن وارو هو، اهڙو هاڻي بداخلاق ٿي پيو. جولئن
هن کي نه ملندو هو، تنهنڪري هن کي نصيحت ڪرڻ جو
کيس وجهه نه ملندو هو؛ پر هڪڙو اتفاق ٿيو، جنهنڪري
هن کي وڌيڪ ماٺ ڪرڻ ۽ نه چوڻ نامناسب ڏسڻ ۾ آيو.
“راسلن“ اسڪول وارو مانٽيگو هڪڙي آچر جي ڏينهن ”ڪئمفرڊ“ ۾ آيو،
۽ اوئن وٽ اچي هڪ ڏينهن لاءِ مهمان ٿيو. اوئن،
جولئن ۽ لليسٽن کي به هن سان گڏجڻ لاءِ سڏيو. هنن
هڪٻئي کي گهڻو پسند ڪيو، ۽ جولئن مانٽيگو کي
پنهنجو سچو پچو دوست سمجهڻ لڳو. زياده صحبت ڪرڻ ۽
واقف ٿيڻ لاءِ، هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڇنڇر جي
ڏينهن صبح جو هڪڙي چئن ڳنن واري بتيلي ۾ چڙهي،
ڳَنَ ڏيئي، ”ايلنهام“ ڏانهن وڃن. ائين ڪيائون، ۽
”ايلنهام“ ۾ وڃي ماني کائي، گشت ڪري موٽي آيا، ۽
رات جو يارهين بجي ڌاري مس گهر پهتا. ڪاليج ڏانهن
ويندي، شهر جي ڪنهن خراب ڀاڱي مان هنن کي لنگهڻو
پيو. اوئن ۽ مانٽيگو اڳي پئي ويا. جنهن گهٽيءَ مان
پئي ويا، سا سوڙهي هئي ۽ بتيون پري پري پنڌ تي
هيون. لنگهندي، هنن ڪن چئن ڄڻن کي پاڇولي ۾ بيٺل
ڏٺو: انهن مان هڪڙي کي ته جولئن هڪدم سڃاتو ته
ڪاليج جي تمام بدچال شاگردن مان هڪڙو هو؛ ٻيو هو
هئزليٽ. پڪ ٿيس ته هو خراب صحبت ۾ ڦاٿو آهي. پر
انهيءَ وچ ۾ هئزليٽ کسڪي ويو، ۽ جولئن کي اهو گمان
گذريو ته شايد هو ڀلو آهي. لليسٽن پڇيس ته ”اهو ڪي
سڃاتئه ته ڪير هو؟“ جولئن چيو ته ”هائو، هڪڙو
ڀورڙو ماڻهو هو.“ هن چيو ته ”جولئن هن کي سمجهائڻ
گهرجي!“ جولئن چيو ته ”هائو، آءٌ سمجهائيندوسانس.“
ان موجب، جولئن هئزليٽ جي جاءِ ۾ ويو، پر هو ٻاهر ويو هو،
تنهنڪري جولئن ڪاغذ جي ٽڪر تي هيئن لکي ڇڏي آيو ته
”پيارا ”هه“، ڀلائي ڪري اڄ اٺين بجي چانهه اچي مون
وٽ پئجئين. تنهنجو دوست. – ج. هوم.“
جڏهن اَٺ لڳا، تڏهن هئزليٽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ جولئن جي جاءِ ۾
اچي باهه وٽ ويهي رهيو. جولئن جي ڳالهه ٻولهه هن
کي ڏاڍي وڻي، ۽ هن کي دل ۾ ارمان ٿيڻ لڳو ته ناحق
هن جي صحبت کان هيترا ڏينهن پري ٿي رهيس. ماني
کائي، واندو ٿي، جڏهن وري اچي باهه تي ويٺا، تڏهن
جولئن چيس ته ”هئزليٽ، رات مون توکي خراب سنگت ۾
ڏٺو هو: مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو.“ هئزليٽ ڪوڙو ڍونگ
ڪري چيو ته ”ڇا، مون کي؟“ هن چيو ته ”هائو، توکي.“
جڏهن هئزليٽ ڏٺو ته هاڻ نٽائڻ اجايو آهي، تڏهن
شرمندو ٿي چوڻ لڳو ته ”خدا جي واسطي اما کي يا
الڊائون جي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي اها ڳالهه متان
ٻڌائين!“ هن چيو ته ”تون ڀانئين ٿو ڇا ته آءٌ
ٻڌائيندس؟ مگر هئزليٽ، ائين ڪرڻ ڪري، اهڙن حالن
سان توکي ڪو گهڻو نقصان نه رسندو: اهڙيءَ ڳالهه
ظاهر ٿيڻ کان توکي ايترو ڊڄڻ نه گهرجي، جيترو
گناهه ڪرڻ کان ڊڄڻ گهرجي.“ هئزليٽ رواجي عذر ۽
بهانو ڪرڻ لڳو، جو خراب ماڻهن جي صحبت ۾ سکيو هو.
پر جولئن جهٽ ۾ اهو عذر ڪوڙو ڪري ڏيکاريس، ۽
چيائينس ته ”هئزليٽ، اهي گناهه تمام خراب،
بدناميءَ جهڙا ۽ ناس ڪندڙ آهن، انهن کان ضرور بچڻ
گهرجي.“ هن چيو ته ”سچ، پر اهي عام ۽ رواجي آهن،
ڪيترائي ماڻهو آهن، جي - .“ جولئن وچ ۾ پئي چيو ته
”ماٺ ڪر، ماٺ! رواجي آهن، تڏهن به خراب ۽ نقصان
وارا ته آهن. مذهبي اعتراض کڻي ڇڏجي، ته به جيڪو
خدائي نور ۽ قدرتي جوهر اسان ۾ رکيل آهي، اهو ڇو
اُٻهرائيءَ ۽ چريائيءَ ۾ اجايو وڃائجي؟ نهايت پاڪ
شي کي ڦيرائي نهايت پليت ڪجي، ۽ انسان روح کي
بنائي حيواني ڪجي! ڇو ماڻهو پاڻ کي سنگدل، بيدين ۽
بداخلاق ڪري؟“
هئزليٽ، شرمندگي ۽ مونجهاري ۾، پنهنجي اڳين حالت ياد ڪري اچي
تتو، ۽ شوخيءَ مان جولئن کي چوڻ لڳو ته ”تنهنجو ڇا
ٿو وڃي جو هيئن وچ ۾ اچي ٿو پوين؟ مون کي جيئن
وڻندو، تيئن ڪندس!“ جولئن به شوخيءَ مان ورندي
ڏنيس ته .بيشڪ، جيئن توکي وڻي، تيئن ڪر؛ مگر تون
پکيءَ وانگي ماريءَ جي دام ڏانهن پيو وڃي، ۽ خبر
تڏهن پوندءِ، جڏهن ڌڪ لڳندءِ ۽ ڪِري پوندين! توکي
ياد رکڻ گهرجي ته هن گناهه ۾ رڳو تون پاڻ ڪين
مرندين، پر ٻين کي به پاڻ گهلي کڏ ۾ وجهندين. شرم
جي ڳالهه آهي ته تون انسان ٿي ۽ خدا جي صورت ۾ اچي
ههڙا شيطاني ڪم ڪرين! اُنهن ويچارن جي حال جي ڳڻتي
ڪانه ٿئيئي، جن کي تون خوار خراب ٿو ڪرين، ۽ جي
مرڻ تائين، بلڪ هميشه تائين، عذاب ۾ رهندا:
شرابخوري، زناڪاري، ديوانگي، بيماري ۽ پڇاڙيءَ ۾
اوچتو موت – اها آهي انهن جي حالت! انهن جو
جوابدار تون ئي آهين: اهي خون ڄڻ ته تو ڪيا! خدا
جي اڳيان ڪهڙو جواب ڪندين؟ اُهي ويچارا دوزخ جي
تري مان به توتي پيا دانهون ڏيندا ۽ توکي پٽيندا!“
هئزليٽ چيو ته ”تون الائي ڇا ٿو چوين؟ ڪيئن آءٌ
انهن جو خوني ٿيس؟“ هن چيو ته ”هن طرح، ته تون پاڻ
کي ته ناس ڪرين ٿو، پر ساڳئي وقت ۾ جن ٻين سان
واسطو ٿو رکين ۽ جن کي انهيءَ گناهه ۾ شامل ڪرين
ٿو، تن کي به ناس ڪرين ٿو. جي ائين نه ڪرين، ته
جيڪر هو بچي وڃن ۽ دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ انهن جو
بهتر حال هجي. هئزليٽ، تون اڳي مذهبي جماعتن ۽
وعظن ۾ دينداريءَ جي ڳالهين جو ذڪر ڪندو هئين،
اهڙن ڪمن جي مدد لاءِ چندا ڏيندو هئين ۽ خيراتون
ڪندو هئين، هاڻي ڏس ته ڪيئن نه ٻين جا خانا خراب
ٿو ڪرين!“
پر هئزليٽ جهڙي ماڻهو کي سمجهائڻ ڏاڍو مشڪل هو. نيٺ، ٻڌي ٻڌي،
هو چوڻ لڳو ته ”مون کي نيٺ پادري ٿيڻو آهي، سو
بهتر آهي ته اڳي ئي دنيا جي جدا جدا حالتن مان
واقف ٿيان ۽ آزمودو حاصل ڪريان.“ جولئن چيو ته ”کڏ
۾ پوي اهڙو آزمودو! تون ڀانئين ٿو ڇا ته خراب هلت
سان جيڪي نقصان خلق کي ٿيندا، تن جي هزارن پتيءَ
جي تلافي تنهنجن پادرين جي وعظن سان ٿي سگهندي؟
اهڙو عذر شيطاني آهي، ۽ اهڙي عذر ڪندڙ کي دوزخ ۾
جاءِ ملندي.خير، مون کي جيڪي چوڻو هو سو مون چيو.
مگر، هئزليٽ، ياد رکج ته اهو تنهنجو عذر گناهه کان
به خراب آهي!“
ائين چئي، پنهنجي ڪرسي باهه تان هٽائي، منهن ڦيرائي اٿي هليو، ۽
هئزليٽ ڀڻڪندو ۽ چوندو رهيو ته ”هن جو منهنجن ڪمن
۾ ڪهڙو واسطو آهي؟“ جولئن ته در زور سان بند ڪري
هليو ويو.
وات جي لفظن ۾ ڇا آهي؟ فقط هوائي آواز آهن: اهي هئزليٽ جي هڪڙي
ڪن کان آيا ۽ ٻئي ڪن کان نڪري ويا، جيئن برف جا
ذرا سمنڊ تي پئي، انهيءَ دم پگهرجي ويندا آهن.
جيئن ڏينهن ۽ هفتا لنگهندا ويا، تيئن هن جي دل
سمجهه ۽ سياڻپ ڇڏيندي ويئي، ۽ هيٺ ويو، ڪِرندو ۽
ڪِرندو - ۽ نيٺ پورو بيشرم، بدچال ۽ بدڪار ٿي پيو.
اهو خرابيءَ جو ٻج هن ۾ وايوئن بروس جو ڇٽيل هو. |