باب ٽيهون
پشيماني
ڪئنيڊيءَ جي اصل رهڻ جي جاءِ ”آرٽن“ هو، جو هڪڙو سهڻو مزي جهڙو
ٻيٽ سمنڊ تي آهي، جتي چوڌاري سونهري واري ۽ ساوا
ميدان ۽ صنوبر جي وڻن جون قطارون لڳيون پئيون آهن،
جن ۾ پکي سدائين مٺيون ٻوليون پيا ڳائين. اهو اهڙو
خوبصورت هنڌ آهي، جو جنهن هڪ دفعي ان کي ڏٺو
هوندو، سو انهيءَ کي ڪڏهن نه وساريندو.
انهيءَ هنڌ هينئر ڪئنيڊي موٽي آيو، انهيءَ لاءِ ته جيڪو هڪڙو
سال هو ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيو ويو هو، سو اُتي گذاري.
سومر جي ڏينهن شام جو هو سڀ پنهنجي اصلوڪي گهر ۾
آيا. انهيءَ وقت کان وٺي ڪئنيڊي بهتر ٿيندو ويو، ۽
زور وٺندو ويو. سگهو ئي هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ جهڙو
ٿيو – اگرچ سندس هٿ البت ڇٽڻ ۾ دير ڪئي، ۽ ڪن
مهينن کان پوءِ هو اهو سور کان سواءِ چري سگهڻ
جهڙو ٿيو. هو اڪثر سمنڊ جي ڪناري تي گذاريندو ۽
هوا کائيندو هو. اُتي وڻن جي گهاٽيءَ ڇانو ۾ وير
جو چڙهڻ ۽ لهڻ ڏسندو هو. مسٽر ڪئنيڊيءَ هڪڙو يتيم
ٻار پالي وڏو ڪيو هو، جو سندس سؤٽ هو – اهو هنن کي
بتيلي تي چاڙهي سمنڊ تي گهمائيندو هو. هو مڇيءَ
مارڻ ۽ سمنڊ جي پکين جي آکيرن ڳولڻ ۾ مشغول رهندو
هو، تيتري ۾ ڪئنيڊي بتيلي ۾ ويٺو ڪو ڪتاب پڙهندو
هو، سمنڊ جون لهريون لهنديون ۽ چڙهنديون ڏسندو هو،
۽ سج جو قدرتي وڏو گولو پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻندو ڏسندو
هو. اهڙن وقتن تي هن کي خدا جي قدرت حيران ڪري
ڇڏيندي هئي ۽ سندس فضل ۽ رحم چٽيءَ طرح معلوم
ٿيندو هوس ۽ ڄاڻندو هو ته جي هو مهرباني ڪري مون
جهڙي گنهگار کي جيئرو رکندو ۽ ههڙن مزي جهڙن نمائن
۾ رهائيندو نه اچي ها، ته جيڪر هيستائين آءٌ خاڪ
ٿي وڃان ها. انهيءَ مان ظاهر آهي ته هن ڪنهن حڪمت
۽ قدرتي مطلب جي لاءِ مون کي جياريو آهي: ضرور اها
حياتي محبت ۽ محنت جي ڪمن ۾ صرف ڪرڻ گهرجي. هن کي
نبين ۽ شهيدن ۽ ٻين بزرگن جي مثالن تي هلڻ جو ڏاڍو
شوق پيدا ٿيو، ۽ ڪنهن جو خوفناڪ ڪم ۽ سختي جهڙن
عذابن سهڻ جي ڏاڍي خواهش دل ۾ پيدا ٿي. رواجي
عبادت ۽ سخاوت مان هن جي دل راضي نه پئي ٿي. اهو
خيال پئي آيس ته ڪنهن نئينءَ دنيا جي ڀاڱي ۾ وڃي،
جهنگل صفا ڪرڻ ۽ آباديءَ ڪرڻ ۾ مشغول رهي، ۽ اتي
مذهبي ۽ اخلاقي سڌارو اتي جي جهنگلي ماڻهن ۾ پيدا
ڪري، يا وري پادري ٿي، جهنگلي آدمخور ماڻهن ۾ وڃي
انهن کي سڌاري. وطن ۾ جيڪي نااميديون حاصل ٿيون
هيس، تن ڪري پاڻ هن کي اتان نڪرڻ ۽ ڪنهن پرانهين
هنڌ وڃڻ جو شوق زياده ٿيو – خاص ان ڪري جو پڪ هيس
ته وايوليٽ ڄاڻي ٻجهي، سندس خراب هلت ڏسي، کيس ڇڏي
ڏنو آهي.
پر اهڙن ارادن پورن ڪرڻ کان اڳي، هن دل ۾ ٺهراءُ ڪيو ته هڪڙو
ڀيرو وايوليٽ کي ملي، ۽ هن کان موڪلائي. هن ڏانهن
خط لکڻ به مناسب نه سمجهيائين ته متان هوءَ جواب
ڏيئي ڇڏيس ۽ نه گڏجيس، ۽ نه ڪنهن ٻئي گهر جي
ڀاتيءَ تي ايترو ويساهه هوس جو کيس انهيءَ ڪم ۾
مدد ڪري: تنهنڪري ڀانيائين ته ڪنهن ڏينهن اوچتو
وٽس لنگهي وڃي، ۽ پڇاڙيءَ جي خوشي هن جي ديدار ۽
صحبت مان حاصل ڪري. اهو ارادو ڪري، هن پيءُ کي چيو
ته ”بابا، هاڻ اءٌ بلڪل چڱو ڀلو آهيان، مون کي
موڪل ڏيندؤ ته آءٌ ٿوري پنڌ تي سفر ڪري وڃان؟“ پڻس
پڇو ته ”ڪهڙي سفر تي ويندين؟ جي هوا بدلائڻ يا
نئون ملڪ ڏسڻ ٿو گهرين ته اسين سڀئي تو سان گڏيا
هلنداسين.“ هن ڪنڌ لوڏي چيو ته ”اوهين خيال ڪري
سگهندا هوندؤ؟ ته پڇاڙيءَ جو دفعو آءٌ ڪهڙي پاسي
وڃڻ گهرندو هوندس؟“ ڀيڻس پڇيو ته ”ايڊي، انهيءَ
ڦٽيل هٿ سان تون اڪيلو ڪنهن پاسي وڃي سگهندين ڇا؟“
هن چيو ته ”ٻانهن پٽين جي وچ ۾ آهي، حرڪت ڪا به
ڪانهي؛ آءٌ فقط ٻه ڏينهن ٻاهر ويندس.“
جيتوڻيڪ ٻين ڄاتو ٿي ته وايوليٽ جي نه ڏسڻ ڪري هن کي نئين سر
درد پيدا ٿيندو، تڏهن هنن هن جي مرضي رکي سندس
ڳالهه قبول ڪئي. خزان جي موسم هئي. هو ”اِلڊائون“
۾ ويو، ۽ ننڍڙي مسافرخاني ۾ وڃي لٿو. اتي جي
مالڪياڻيءَ سڃاتس، انهيءَ کي سمجهايائين ته منهنجي
اچڻ جي خبر ڪنهن کي نه ٻڌائج. انهيءَ کي اها به
خبر ڏنائين ته ”آءٌ مس هوم کان موڪلائڻ آيو آهيان،
شايد وري نه ڏسانس، مگر هن وٽ وڃي رهڻ مون کي پسند
نٿو اچي؛ هنن جي ڪا خبر چار هجيئي ته اها ٻڌاءِ.“
هن چيو ته ”مون کي خبر چار آهي، ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ
۾ ڪو اعتراض ڪو نه ٿو ڏسجي. ماسٽر سئرل ٿي چيو ته
سڀاڻي هو سڀ شاهي ٻيلي جي ويجهو جهنگ ۾ گذارڻ ٿا
وڃن.“ ڪئنيڊيءَ پڇيو ته ”خبر اٿئي ته هو ڪڏهن
اوڏانهن روانا ٿيندا؟“ هن چيو ته ”صبح جو ڏهين
بجي. هنن مون کان سامان کڻڻ لاءِ گاڏي گهري آهي،
اها به ڏينديسان.“
اها ڳالهه ٻڌي ڪئنيڊي خوش ٿيو، ۽ ٻئي ڏينهن جي ملاقات جي خوشيءَ
۾ هو انهيءَ مهل آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو، ۽ ننڊ
اچي ويس. ڀڻڪي تي سجاڳ ٿيو. ٻڌائين ته هڪ ڄٽ پڇيو
ته ”صفي ۾ ڪير آهي.“ نوڪرياڻيءَ چيو ته ”هڪڙو جوان
سکر ماڻهو آهي، جو مس وايوليٽ جو مڱيندو آهي: اسان
جي ڌياڻيءَ کي ايترو چوندو مون ٻڌو هو، ٻي ته خبر
ڪانهي.“ هن پڇيو ته ”ڇو، هو هنن جي گهر وڃي نه
رهيو؟“ هن زال ورندي ڏني ته ”هن جو رشتو ٽٽي ويو
آهي، جو معلوم ٿو ٿئي هن پاڻ کي بندوق هڻي مارڻ جي
ڪوشش ڪئي هئي، پر ڌڪ گسي ويس. ڏسجي ته ڏاڍو ٺاهوڪو
جوان ٿو.“ پوءِ شمع کڻي، ڪئنيڊي وڌيڪ گفتگو ٻڌڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه به نه ٻڌائين. هن جي سمهڻ
واريءَ جاءِ جي دريءَ مان مسز هوم جو گهر ۽ باغ
پئي ڏٺو: انهيءَ ۾ جيڪا جاءِ وايوليٽ جي رهڻ واري
سجهيس ٿي، انهيءَ ۾ جڏهن بتي اجهامندي ڏٺائين،
تڏهن پاڻ به وڃي سمهي پيو. ٻئي ڏينهن صبح جو سويل
اٿيو، ۽ ڪجهه مشڪلات سان سنبري، تيار ٿي، هو ناشتو
کائڻ ويو. مسافر خاني جي مالڪياڻيءَ گهڻائي طعام
ٺاهي رکيا هئا، پر هن انهن کي هٿ ڪو نه لاتو. تڪڙ
مان ٿورو گهڻو کائي، اٿي انهيءَ ٻيلي ڏانهن روانو
ٿيو. اڃا ”اِلڊائون“ جا ماڻهو برابر ٻاهر نه نڪتا
هئا ته هي وڃي شاهي ٻيلي جي ويجهو، جهنگ ۾ هڪڙي
هنڌ لِڪي ويهي رهيو. پاڻ هيٺانهينءَ زمين ۾ ويٺل
هو ۽ اڳيانئس وڏا وڏا درخت هئا. ڏاڍو فرحت جهڙو
نماءَ سندس آسپاس هو، مگر هن کي دل ۾ ڏاڍو انتظار
هو. ويٺي ڳڻتيون کاڌائين، ۽ خيال پچايائين. اوچتو
ڏٺائين ته هوم جي ڪٽنب جا ڀاتي پري کان شاهي ٻيلي
ڏانهن ٿا اچن. ڇوڪرن سامان لاهي هڪڙي گاهه واري
ميدان تي رکيو ۽ مسز هوم ۽ وايوليٽ هڪڙي بُنڊ تي
ويهي رهيون. جولئَن ڪتاب ڪتاب ڪڍي هنن کي ويهي
پڙهي ٻڌائڻ لڳو، ۽ سئرل ۽ فرئنڪ جهنگ ۾ گهمڻ ۽
ڊوڙڻ ڊڪڻ لڳا.
جڏهن هو انهيءَ هنڌ جي ويجهو آيا، جتي ڪئنيڊي لڪو ويٺو هو، تڏهن
اوچتو انهن ڇوڪرن نوريئڙي جو هڪڙو آکيرو ڏٺو، ۽
فرئنڪ انهيءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هو هڪڙي
وڏي صنوبر جي وڻ تي چڙهي ويو، ۽ سئرل انهيءَ جي
پاڙ وٽ بيهي رهيو. سئرل هينئر وڌي وڏو ڊگهو ٿيو
هو، ۽ سترهن ورهين جو جوان هو. ڪئنيڊيءَ کي سمجهيو
ٿي ته هن جي ساڻس گهڻي محبت آهي، تنهنڪري انهيءَ
تي پورو ڀروسو رکي، هن کي نالو وٺي سڏ ڪيائين. اهو
ٻڌي سئرل ڪن ڦرڙائڻ لڳو. هيڏانهن هوڏانهن نهاري
پڇڻ لڳو ته ”ڪير آهي؟“ هن ورندي ڏني ته ”ايڊورڊ
ڪئنيڊي. سئرل، هيڏڀرو ته آءُ. آءُ ته تو کي هڪڙي
ڳالهه ٻڌايان. فرئنڪ اسان کي ڏسي ڪين ٿو.“ سئرل
حيران ٿي چيو ته ”هان، ايڊورڊ! تون هتي ڪيئن آئين؟
ڇو نٿو هلي امان کي ڏسين؟“ وايوليٽ جو به نالو وٺڻ
تي هو، پر پاڻ کي روڪي ڇڏيائين. ڪئنيڊيءَ چيو ته
”آءٌ مسز هوم کي ڏسڻ نٿو گهران، پر وايوليٽ کي.
سئرل، تو کي خبر هوندي ته اسان جو شاديءَ جو انجام
ٽٽي ويو آهي. آءٌ رڳو ايتري لاءِ آيس ته پڇاڙيءَ
جو کانئس موڪلايان، جو انگلنڊ مان نڪري وڃڻ وارو
آهيان ۽ شايد وري نه موٽان. ڀلائي ڪري وايوليٽ کي
سڏ، ته مون وٽان اڪيلي ٿي وڃي.“
سئرل ڪئنيڊيءَ بابت عجيب غريب ڳالهيون ٻڌيون هيون، ۽ پاڻ کي
مارڻ جي ڪوشش جو به ٻڌو هئائين؛ تنهنڪري البت ڊنو
۽ هن جي چوڻ موجب ڪرڻ کان گسائڻ لڳو. پر ڪئنيڊيءَ
وري به ڏاڍي ڏک مان چيس ته ”سئرل، تون ڊڄ نه. ڪنهن
به خرابيءَ جو ڊپ نه ڪر. جيسين آءٌ وايوليٽ سان
ڳالهايان، تيسين تون ۽ فرئنڪ ٻئي ويجها اچي بيهو.“
تنهن تي سئرل فرئنڪ کي سڏي ٻڌايو ته ڪئنيڊي آيو
آهي. تون هتي اچي ترس، ته آءٌ وايوليٽ کي وٺي
اچان. ايڊورڊ هن کان موڪلائڻ آيو آهي. ٻاهر ٿو
وڃي.“ پوءِ ڊوڙي وڃي ڀيڻ کي چيائين ته ”وائي،
هيڏانهن اچ ته اسين تو کي هڪڙي ڳالهه ٻڌايون.“
وايوليٽ پڇيو ته ”ڇا آهي؟ ڪا خاص شيءَ ڏٺي اٿؤ ڇا؟
جي اٿنديس ته جولئَن جو پڙهڻ نه ٻڌي سگهنديس.“
سئرل چيو ته ”هائو، هڪڙي خاص ڳالهه آهي.“ هن پڇيو
ته ”پوءِ ٻڌائين ڇو نه ٿو؟“ هن چيو ته ”فرئنڪ
نوريئڙي جو هڪڙو آکيرو لڌو آهي. اچ اچ، ضرور اچ!“
وايوليٽ مرڪي چيو ته ”اوهين ڇوڪرا ڪهڙا نه حڪم ٿا
هلايو! هاڻوڪي زماني جا ڇوڪرا پنهنجن ڀيڻن کي ڪهڙو
نه ستائين ٿا!“ ائين چئي، هوءَ هنن ڏانهن هلي.
ٿورا قدم کنيائين ته سئرل چيس ته ”وائي، ايڊورڊ
ڪئنيڊي هوڏانهن وڻن جي پٺيان هڪڙي هيٺانهينءَ جاءِ
تي ويٺو آهي. چوي ٿو ته تو کان موڪلائڻ جي لاءِ
آيو آهي.“
اها اوچتي ڳالهه ٻڌي، وايوليٽ ڊڄي ويئي. سئرل جي ڪلهي تي ٽيڪ
ڏيئي اڳتي هلي، ۽ سندس هانوَ، زور سان ڌڪ ڌڪ پئي
ڪيو. پوءِ سئرل چيس ته ”وايوليٽ، پاڻ هتي ٿا
بيهون. اوجهو، هو هتي ويٺو آهي!“ پري کان هن
ڪئنيڊي ڏيکاريس، جو هڪڙي وڻ تي ٽيڪ ڏيو، ڪنڌ هيٺ
ڪريو بيٺو هو. هنن جي پيرن جو کڙڪو ٻڌي، ڪنڌ مٿي
ڪري هن کي ڏٺائين ۽ جهٽ ۾ ڊوڙي هن وٽ وڃي بيٺو.
ڳالهائڻ کان سواءِ هن جو هٿ وٺي، هن کي جهلي هڪڙي
وڏي شاهه بلوط جي پاڙن تي ويهاريائين. سندس ٻانهن
ٻڌي پيئي هئي، ۽ سندس هانو به پئي ڌڪ ڌڪ ڪئي. پاڻ
هن جي پيرن وٽ ويهي رهيو. پر جڏهن هوءَ کانئس نه
هٻڪي ۽ نه هٽي، تڏهن دل ۾ ويچار ٿيڻ لڳس ته شايد
هن جي اڃا مون سان محبت آهي – انهيءَ جي آزمائش
وٺڻ جو ارادو ڪيائين. پيار مان چيائنيس ته
”وايوليٽ، آءٌ تو کان هميشه جي لاءِ موڪلائڻ آيو
آهيان. جڏهن تو مون کي رد ڪري ڇڏيو، تڏهن هتي اهڙي
نااميديءَ ۾ رهڻ لاءِ منهنجي دل نٿي چوي. سگهو ئي
آءٌ انگلنڊ ڇڏڻ وارو آهيان“. انهيءَ تي وايوليٽ جي
اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. چوڻ لڳي ته ”او ايڊورڊ،
ڇو ٿو مون کان موڪلائين؟ تو کي اڃا خاطري ڪانهي
ڇا، ته منهنجي تو سان محبت آهي؟“ هن چيو ته
”وايوليٽ اڃا به تنهنجي مون سان محبت آهي، جڏهن
آءٌ هيترو خوار خراب ٿيو آهيان، آئندي جي اُميد گم
ٿي وئي، اٿم، ۽ - “ وايوليٽ وڌيڪ خراب لفظ ٻڌڻ نه
گهريا، ۽ هن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي آڱر کڻي چپن تي
رکيائين. ۽ چيائينس ته ”ايڊورڊ، ماٺ ڪر، اهڙا لفظ
نه ڳالهاءِ. امڪان آهي ته تو ڪي گناهه ڪيا هجن پر
توبهه ته ضرور ڪئي هونديئه ۽ پشيمان ته ضرور ٿيو
هوندين. بيماريءَ ۽ ڏک تو کي سبق نه سيکاريو هوندو
ڇا؟ خراب چال واري ماڻهوءَ سان آءٌ ڪڏهن شادي ڪرڻ
واري ناهيان، پر تو کي ڏسان ٿي ته هاڻ وري اڳي
جهڙو ٿو ڏسجين.“ ڪئنيڊيءَ حيران ٿي چيو ته ”تڏهن
اڃا تنهنجي مون سان محبت آهي!“ هن ورندي ڏني ته
”ايڊورڊ، آءٌ هميشه تو کي پيار ڪندي اچان. آءٌ ڀلا
ڪا تو سان چرچن ڪرڻ ۽ تو کي ڀلائڻ واري آهيان ڇا؟
هرگز نه! جي تون مري وڃين ها، يا اڃا به بد چال
رهندو اچين ها، تڏهن به آءٌ تو کي پيار ڪرڻ کان نه
رهان ها – جيتوڻيڪ شايد موت تائين پاڻ کي ڌار رهڻو
پوي ها. پر هينئر آءٌ تنهنجي منهن مان ٻيون
ڳالهيون معلوم ٿي ڪريان. آءٌ ضرور تنهنجي ٿينديس:
جهڙي تنهنجي مڱيندي اڳي هيس، اهڙي ئي هاڻي به
آهيان. اسان مان هڪڙو به اهڙو ڪونهي، جو تنهنجو
آڌر ڀاءُ نه ڪندو“. ڪئنيڊي اٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”نه
نه، ٿورو ذرو ترس، ته جيڪي تو ڳالهايو آهي، تنهن
مان پوري خوشي حاصل ڪريان. ڇڏ ته ٿوري تائين
تنهنجو منهن ڏسان، ۽ تنهنجو هٿ هٿ ۾ رکان، ته من
منهنجي قوت زياده ٿئي.“
پوءِ ٿوري تائين هو ماٺ ڪري اتي ويهي رهيا. انهيءَ وقت هنن کي
پنهنجو اڳوڻو وقت ياد پيو، جڏهن آلپس جبل تي
هڪڙيءَ ڇپ تي ويٺا هئا، ۽ پاڻ ۾ محبت جون ڳالهيون
پئي ڪيائون ۽ عجيب نماءَ ويٺي ڏٺائون. هينئر به هن
جي ساڳي اهڙي محبت ٿي ڏٺي – بلڪ زياده پڪي ۽ سمجهه
ڀري، نه ٻاراڻي، جهڙي اڳي هئي. انهيءَ ڪري هنن کي
خاطري پئي ٿي ته هاڻي ڪي به ٿئي ته هو هڪٻئي کان
ڪڏهن ڌار ڪين ٿيندا.
جڏهن ڪئنيڊيءَ جي طبيعت البت آرام ۾ آئي، تڏهن وايوليٽ سئَرل کي
سڏيو، ۽ چيائينس ته آهستي، تجويز سان، وڃي ماڻس ۽
ڀاڻس جولئَن کي ايڊورڊ جي اچڻ جو ٻڌائي. هو ٽپندو
ويو، ۽ لحظي کان پوءِ ڪئنيڊي هنن سان وڃي گڏجي
ويٺو، ڄڻ ته سندن گهر جو ڀاتي هو. هو سچيءَ دل سان
ساڻس گڏيا. فرئنڪ ۽ سئرل ته خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ
لڳا، ۽ جڏهن سڀ نرم گاهه تي ويهي رهيا ۽ ماني کائڻ
لڳا، تڏهن سڀني اڳوڻيون ڏک جهڙيون ڳالهيون بلڪل
وساري ڇڏيون. پوءِ ڪئنيڊي ساڻن گڏجي سندن گهر ويو
۽ وايوليٽ سان گڏ ويهي ڳالهيون ٻوليون ڪرڻ لڳو.
هو اوستائين الڊائون ۾ هو، جيسين جولئن ”سينٽ ورنر“ ڏانهن
موٽيو. آئيندي جي لاءِ جيڪو ارادو ڪيو هئائين،
تنهن تي ويچار ڪري، نيٺ هن وايوليٽ سان پنهنجو حال
ڪيو، ۽ چيائينس ته ”منهنجي مرضي آهي ته اڳتي ڪشالي
۽ محنت سان باقي عمر گذاريائين، جيئن ڪه ”آرٽن“ جي
ٻيٽ تي پنهنجيءَ دل ۾ رٿ رٿي هئيم.“ وايوليٽ چيس
ته ”ايڊورڊ، تڪڙ نه ڪر؛ خدا کي جيئن پسند هوندو،
تيئن ٿيندو. پوءِ جي تو کي پادري يا آبادگار ٿي
ڪنهن پرانهين نئين ملڪ ڏانهن هلڻو ٿيو، ته آءٌ به
تو سان گڏي هلنديس.“ ڪئنيڊيءَ پڇيس ته ”وايوليٽ،
تون هتي رسمن راهن ۽ ٻين ڳالهين کان بيزار نه ٿي
آهين، ۽ اجايو سک ڇڏي ڪمائتي محنت ڪرڻ لاءِ تنهنجي
دل نٿي چوي؟“ هن چيو ته ”نه؛ آءٌ پنهنجي حال تي
راضي آهيان. ماڻهوءَ جي دل چاهي ته ڪٿي به محنت
ڪري خلق کي فيض پهچائي سگهي ٿو، ۽ پاڻ به آسودو
گذاري سگهي ٿو. تو کي گهرجي ته سال پوري ٿيڻ تي
وري وڃي ڪاليج ۾ داخل ٿيءُ.“ ڪئنيڊيءَ گهڻي خيال
کان پوءِ چيو ته ”وايوليٽ، تو کي خيال ۾ نٿو اچي
سگهي ته انهيءَ هنڌ کان مون کي ڪيتريقدر نه نفرت
ٿي اچي. ڪاليج مان نيڪالي کائي وري به اتي وڃڻ،
جتي اتي جا شاگرد مون تي حقارت جي نظر سان ڏسندا
يا ٺٺوليون ڪندا، مون کي ڏاڍو دشوار ٿو لڳي.“
وايوليٽ چيو ته ”ايڊورڊ، انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟
هنن جي ڪهڙي به خيال ڪرڻ مان تو کي ڪهڙو نقصان رسي
ٿو سگهي؟ جي تنهنجي دل خوش ۽ راضي هوندي، ته پوءِ
ٻين کي جيڪي وڻي سو ڀلي پيا چون، تو کي ڇا ڪري
سگهندا؟“ هن چيو ته ”وايوليٽ، تون سچ ٿي چوين. جي
ضرور ٿيو ته آءٌ موٽي ڪاليج ۾ ويندس، ۽ جيڪي
ناموافق ٿي گذريو، اهو صبر ڪري سهندس. هڪڙو درد ته
دور ٿيو، جهن مون کي ههڙي خراب حال ۾ آندو هو.“
ائين چئي، پوءِ هن کي ڀاڪر وجهي، ريڙهي، پاڻ کي
ويجهو ڪيائينس. چوڻ لڳو ته ”چڱو، ائين ئي ڪندس،
جيئن تون چوين ٿي. آءٌ سڀاڻي گهر هليو ويندس، ۽
پهرئين ئي ڏينهن کان وٺي پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ لڳندس.
جولئَن هوڏانهن ويندو، ته آءٌ هيڏانهن ويندس.
هيستائين مون کي ”ڪئمفرڊ“ جا خراب نتيجا پئي حاصل
ٿيا آهن، ڏسان ته من هاڻ ڪي چڱا ۽ آبروءَ جهڙا
نتيجا به حاصل ٿين.“
باب ايڪٽيهون
بروس تڪليف ۾
جڏهن بروس کي ”سينٽ ورنر“ کان ڪڍي ڇڏيائون، تڏهن هن کي پنهنجي
بي آبروئيءَ جو ڪو به خيال ڪو نه ٿيو، پاڻ زياده
خوش ٿيو. هن کي ”ڪئمفرڊ“ نه وڻندو هو. اصل کان هن
جي پڙهڻ سان نه پوندي هئي، علم جو ڪو به قدر ڪو نه
هوندو هوس؛ ۽ نه انهيءَ مان ڪا لذت ايندي هيس. دير
سان ناشتا کائي ۽ بتيلا هلائي، شراب پي، هل بکيڙا
۽ پتي راند ڪري، ڪڪ ٿي پيو هو. ڪو به اتي سندس
تعريف ڪو نه ڪندو هو. معلوم ٿي ويو هوس ته ماڻهن
کي سندس ٽپڙن جي خبر پئجي ويئي آهي، ۽ هو ڄاڻن ٿا
ته هن ۾ رڳو ٻاهريون ڏيک آهي، مگر هشيار بلڪل ڪين
آهي. هن جي خيال جي چالاڪي ۽ آزادي به اهڙي هنڌ
گهڻو اثر پيدا ڪري نه سگهي. ڄاتائين ٿي ته لنڊن جي
شهر ۾ ملڪي ڪمن ۾ واهپي رکڻ ڪري، سندس ڪجهه قدر ٿي
سگهندو. اهو به ڄاتائين ٿي ته پڻس، سر رالو بروس،
کي سندس ڪاليج مان نيڪالي ملڻ جي ڳالهه دل ۾ نه
هوندي، جو هو دنيائي ماڻهو آهي، سو عالمن جي وهمن
تي هن جو گهڻو ڀروسو ڪونهي ۽ انهن جي لاءِ ڪو گهڻو
مان ڪو نه اٿس. هن هڪڙو خط گهر لکيو هو، جنهن ۾
لکيائين ته مون کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيو اٿن جو شراب
جي مجلس ۾ ڪجهه ٿي پيو، ۽ افواهه ۽ حسد ڪري،
انهيءَ کي بڻائي وڏو ڏوهه ڪري وڌو هئائون. سو،
پوءِ جڏهن هو گهر پهتو، تڏهن آرام ۽ ماٺ ۾ گذارڻ
لڳو. اچڻ سان پڇڻ لڳو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته امان ۽
بابو ٻاهر ويا آهن؟“ نوڪر چيو ته ”هو ڪتبخانن ۾
ويٺا آهن.“ بروس لنگهي اندر ويو. هو باهه تي ويٺا
هئا، ۽ هڪڙي بتي پئي ٻري. ماٺ ڪيو ويٺا هئا. ليڊي
بروس شايد پئي رنو، پر هنن رڳو ڪنڌ ورائي ڏٺس، ۽
چيائونس ڪي ڪينڪي. تڏهن پاڻ هنن ڏانهن هلي چوڻ لڳو
ته ”ڪيئن آهيو؟“ پڻس رنج مان چوڻ لڳو ته ”ڪيئن
آهيو؟“ بروس چيو ”مار، مون ڀانيو هو ته خوشيءَ جي
ڪا محفل هلندي هوندي، پر هتي ته اوهين غمگين ٿيو
ويٺا آهيو! ٻيو ته خير آهي“ سر رالو ڪاوڙ مان چيو
ته ”خير ڪهڙو آهي؟“ پوءِ ٽپ ڏيئي اٿي جاءِ ۾ پسار
ڪرڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته ”وايوئن، تون ڏاڍو بيحيا ٿو
ڏسجين!“ هن چيو ته ”آءٌ ته حيران ٿي ويو آهيان.
مون ڇا ڪيو آهي؟“ پڻس چيو ته ”ڇا ڪيو آهي؟ ڪاليج
مان هڪاليو ويو آهين؛ تعليم جا سڀ وجهه وڃائي ڇڏيا
اٿئي؛ تو تي جيڪي ملڪ جا پئسا خرچ ڪيم، سي سڀ ضايع
ڪيئي؛ هينئر خوار خراب ٿي آيو آهين، الائي ٻي ڪهڙي
بدنامي سر تي کڻي آيو آهين ۽ اهڙيءَ بي پرواهيءَ
سان گهر آيو آهين، جو ڄڻ ته فتح کٽي آيو آهين!“
ائين چئي، سر رالو جاءِ مان نڪري هليو ويو. بروس ڏاڍو حيران
ٿيو. خيال ڪرڻ لڳو ته ڪيئن ماءُ سان ڳالهائي. آخر
چوڻ لڳس ته ”اما، ڪهڙو سبب آهي جو موٽي گهر اچڻ تي
مون کي ڪنهن به قسم جو آڌر ڀاءُ ڪو نه مليو آهي،
اٽلندو ههڙيون جٺيون ٿيون آهن؟“ ماڻس ورندي ڏني ته
”وايوئن، مون کان نه پڇ. تنهنجو پيءُ تو کي ڪاليج
مان نيڪاليءَ ملڻ ڪري ڏاڍو ڪاوڙيو آهي. تو اسان
ٻنهي کي ڏاڍو رنج ڪيو آهي. پر، پيارا وايوئن، اهڙي
بيحيائي ظاهر نه ڪر- سر رالو کي ڏاڍي ڪاور ٿي لڳي.
بابا تون ادب ڪر ۽ نماڻو ٿيءُ. هو سگهو ئي پنهنجي
هميشه واريءَ آراميل طبيعت تي ايندو.“ هن چيو ته
”مون بابي کي ته اڳي ڪڏهن به ههڙو ڪاوڙيل نه ڏٺو
هو.“ ماڻس چيو ته ”نه، ٿورا ڏينهن ٿيندا جو هو
ڪڏهن ڪڏهن خفي ٿو ٿئي. انهيءَ جو ضرور ڪو سبب
هوندو، جنهن جي مون کي خبر ڪانهي.“
تڏهن بروس، منهن گهنجائي ماٺ ڪري ويهي رهيو. هوڏانهن ڪاليج مان
بي آبرو ٿي نڪتو هو، هيڏانهن گهر ۾ به آبرو ڪانه
مليس، تنهنڪري سچي پچي غمگين ٿيو. پنهنجيءَ جاءِ ۾
وڃي رات جي ماني کاڌائين، ۽ پوءِ وڃي سمهي رهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو لاچار ٿي پيءُ ماءُ سان گڏيو ۽
پنهنجيءَ حالت تي ٿورو افسوس ظاهر ڪيائين. سر رالو
رڳو ماٺ ڪري ٻڌس. ماٺ ۾ ماني کائي، اٿي پنهنجيءَ
آفيس ڏانهن هليو ويو. شام جو تمام دير سان موٽيو.
انهيءَ طرح ڪي ڏينهن ڪندو رهيو، زال يا پٽ کي گهڻو
ڏسندو به ڪين هو، بلڪ خوشيءَ جون مجلسون به بند
ڪري ڇڏيائين.
هڪڙي ڏينهن صبح جو، آفيس ڏانهن وڃڻ کان اڳي، هن وايوئن کي
پنهنجي پڙهڻ واري جاءِ ۾ سڏيو. بروس پنهنجو قصي
وارو ڪتاب رکي، اوٻاسيون ڏيندو، پيءُ ڏانهن ويو.
سر رالو چوڻ لڳس ته ”پنهنجو سارو وقت قصن جا ڪتاب
پيو پڙهندين ڇا؟“ هن چيو ته ”ٻيو ڪو به ڪم ڪو نه
اٿم، تڏهن ٿي پڙهيم.“ پڻس چيو ته ”چڱو، جي تون
ڀانئين ٿو ته پنهنجا ڏينهن سستيءَ ۾ گذارين، ته
اهو تنهنجو خيال غلط آهي. آءٌ تو کي هڪڙو هفتو
ڏيان ٿو: ويچار ڪري پنهنجي هڪڙو اهڙو ڌنڌو چونڊي
کڻ، جنهن ۾ مون کي وڌيڪ خرچ ڪرڻو نه پوي.“ بروس
پنهنجو خوشبوءَ لڳل رومال کيسي مان ڪڍي، نڪ سڻڪي
صفا ڪيو. رومال ڪڍندي، سندس کيسي مان هڪڙو بند ٿيل
لفافو زمين تي ڪري پيو. اهو نِوڙي کڻي ڦاڙي باهه ۾
اڇلائي ڇڏيائين. سر رالو هڪدم اهي ڦاٽل ٽڪر چمٽي
سان ڪڍي کوليا. ڏسي چوڻ لڳو ته هي ڪو پئسن جو بل
ٿو ڏسجي. ڏسان ته ڇا اُڌارو ورتو اٿئي؟“ بروس
بيحيائيءَ سان چيو ته ”ڀلي ڏسو، اهو هڪڙي ڪاليج جي
پڙهائيندڙ جو آهي.“ پر اهو هڪڙي درزيءَ جو بل هو،
جو ڏيڍ سئو پائونڊن جو هو. تڏهن پڻس چيس ”تون
ڀانئين ٿو ته آءٌ هيءُ ڀري ڏيندس؟“ هن ورندي ڏيئي
چيو ته ”نيٺ اوهين نه ڀريندؤ ته ٻيو ڪير ڀريندو؟“
سر رالو کي هڪدم ڪاوڙ جوش ٿي آيو. اکيون چمڪڻ
لڳيس، ۽ چَپَ پئي ڏڪيس؛ پر پاڻ کي روڪي ورتائين.
گهور ڏيئي پٽ جي منهن ڏانهن نهاري، جاءِ ڇڏي هليو
ويو. انهيءَ ڏينهن شام جو سندس خط ليڊي بروس وٽ
آيو، جهن ۾ اطلاع ڏنو هئائينس ته ڪم جي ڪري ڪن
ڏينهن تائين گهر اچي نه سگهندو. هفتي کان پوءِ
بروس وٽ ٻاهرئين ملڪ مان هڪڙو خط پهتو، جو هن طرح
لکيل هو: پيارا: وايوئين، جڏهن هيءُ خط تو کي
پهچندو، تڏهن آءٌ يورپ کنڊ ۾ هوندس، ۽ قاعدي جي
پهچ کان ٻاهر هوندس. جنهن ڪمپنيءَ جو آءٌ ڪم
هلائيندڙ هوس، تنهن جا پئسا ڪپت ڪري، هي پونيان
ڏهه ورهيه انهيءَ تي پئي گذران ڪيو اٿم: اها ڪپت ۽
ٺڳي هاڻي هڪدم ظاهر ٿيندي. مون کي معلوم ٿي سگهي
ٿو ته تنهنجيءَ ماءُ کي ڪهڙيءَ نه مشڪلات جي حالت
۾ ڇڏي ٿو وڃان. مون ته تو کي تمام چڱا وجهه ڏنا:
جي بيوقوف نه ٿين ها ته پاڻ کي بچائين ها، ۽ بهتر
حالت ۾ اچين ها؛ پر تو ڪنهن جي به نه بڌي، ۽ جيئن
پئي تنهنجيءَ دل چيو، تيئن پئي ڪيئي: تنهنڪري مون
کي تو تي ڪو به قياس ڪو نه ٿو پئي. تو بلڪل محنت
ڪا نه ڪئي، جيتوڻيڪ ڄاتئه ٿي ته منهنجي مرضي آهي
ته محنت ڪرين. پر تنهنجي مغروري ۽ سستي تنهنجي سزا
ٿيندي: تو پنهنجو بسترو پنهنجي لاءِ بڻايو آهي،
هينئر انهيءَ تي تو کي سمهڻو پوندو. رالو بروس.“
سگهو ئي ڳالهه ملڪ ۾ پکڙجي ويئي. وايوئين جي جائداد تي ڪيتريون
ئي تعميلون ٿي ويون، جيڪا به ملڪيت هئي، سا سر
رالو جا قرضخواهه هٿ ڪري ويا. ليڊي بروس جي جيڪا
جند جي ملڪيت هئي، سا گهڻا ڏينهن اڳي خرچجي ويئي
هئي؛ تنهنڪري هينئر جهڙي هوءَ پاڻ، تهڙو سندس پٽ،
ٻئي سُڃا وڃي رهيا ۽ پائي به وٽن ڪا نه بچي. جيڪي
دوست سک جي ڏينهن ۾ وٽن آمد رفت ڪندا هئا، تن
هينئر اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو – اٽلندو سر رالو جي بڇڙيءَ
هلت ڪري ماڻهو مٿس ايتريقدر ڪاوڙيا، جو ڪو به هنن
جي مدد ڪرڻ لاءِ ظاهر نه ٿيو. سندن اڳوڻن نوڪرن
مان هڪڙي، بروس ۽ سندس ماءُ تي قياس ڪري، سندن رهڻ
جي لاءِ ڪا جاءِ هٿ ڪئي، تنهن ۾ هينئر هو ڏک ۽ بک
۾ رهڻ لڳا، جو ٻيو ڪو گذران جي لاءِ ظاهري اُپاءُ
ڪو نه هون. تڏهن مَس بروس کي پنهنجي بيوقوفي، مستي
۽ سستي ياد پوڻ لڳي. ليڊي بروس ته سخت بيمار ٿي
پيئي، جو هيتريقدر ڏک ۽ عذاب هن کي سهڻو پيو هو.
هينئر ضرور ٿيو ته بروس پنهنجي مغز سان يا پنهنجن
هٿن سان ڪمائي ڪري، تڏهن روزمره جو قوت موجود ڪري
سگهي.
هن کي آسانيءَ سان ڪنهن وڪيل جي آفيس ۾ جاءِ ملي، جتي هن کي
ڏاڍي محنت ڪرڻي پيئي. صبح جي نائين بجي کان وٺي
شام جو ڇهين بجي تائين ميز تي ٻڌو ويٺو هوندو هو؛
۽ ڏهاڙي ساڳيو ڪم ڪل وانگي ڪري ڪري ٿڪجي پيو هو،
رڳو ٻنپهرن جو اڌ ڪلاڪ ساهيءَ کڻڻ لاءِ ملندو هوس،
جڏهن هو ڪنهن دڪان تي وڃي ماني کائي ايندو هو. ڀلا
هو سک ۾ پليو هو، ۽ عمدا عمدا طعام کائڻ تي هريل
هو، تنهنڪري ههڙي سختيءَ جي حال ۾ گذارڻ هن کي
نهايت مشڪل ٿيو. غريباڻن نانواين جي دڪان تي ماني
کائي هن کي ايتري نفرت ايندي هئي، جو ڏاڍو بيزار
ٿي پيو هو؛ ۽ شڪل ئي ڦري ويئي هيس، ۽ ڏٻرو ۽ بدحال
پئي ڏسڻ ۾ آيو. معلوم ٿيس ته ٺڳ ۽ ڪپتئي ماڻهوءَ
جي پٽ جو ڪو به خير خواهه يا دوست ڪونهي، ۽ منجهس
ساڳيو اهڙي قسم جو شڪ پوندو آهي. ويچارو بروس ڏاڍو
غمگين ۽ نااميد ٿيو. هن ڪنهن بئنڪ ۾ جاءِ ملڻ جي
لاءِ درخواست ڪئي، پر جواب مليس ته جيسين پنهنجي
ڪاليج مان چڱيءَ چال جو سرٽيفڪيٽ نه آڻيندو، تيسين
ڪا به جاءِ ڪا نه ملنديس – پر اهڙي سرٽيفڪيٽ ملڻ
جو ته امڪان ئي ڪو نه هو. اخبارن ۽ ڇاپخانن جي
لاءِ لکڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ايترو علم حاصل نه
ڪيو هئائين، تنهنڪري انهيءَ رستي گهڻو ڪمائي نه
سگهيو. جيڪي ٿورو گهڻو ملندو هوس، سو به محنت ۽
تڪليف جي لاءِ پورو نه هو، ۽ سو به روڪي ڇڏيندا
هئا ۽ بروقت نه ملندو هوس. جڏهن اخبارن ۾ ڪي اطلاع
ڏسندو هو، تڏهن درخواستون ڪندو هو، پر جواب نهڪر
جو ملندو هوس، جي ڏسي هو ڏاڍو غمگين ٿيندو هو. نڪا
اهڙي خبر پئجي ٿي سگهيس ته پڻس ڪٿي وڃي لِڪو آهي.
سر رالو جي ڏوهه ظاهر ٿيڻ کي سال به نه گذريو ته
ليڊي بروس، پنهنجي پٽ جي رهڻ واري هنڌ، ڏک ۽ عذاب
۾ مري ويئي.
هن وڏيءَ مصيبت ڪري نيٺ هن جوان ماڻهوءَ جو نصيب جاڳيو، ۽ ماڻهن
جي ساڻس همدردي ٿيڻ لڳي. جيڪي باقي سندس ٿورا
سنگتي بچيا هئا، تن گڏجي هن جي لاءِ چندو گڏ ڪيو
ته انهيءَ سان هو ٻيو نه، من مُلڪ مان نڪري ڪنهن
ٻئي پاسي وڃي پنهنجي قسمت آزمائي ڪري. يعني
نيوزيلنڊ ۾. پر انهيءَ لاءِ وڏي رقم درڪار هئي،
جنهن جي گڏ ٿيڻ لاءِ بروس کي ڪيترائي هفتا انتظار
ڪڍڻو ٿيو. جڏهن هن پنهنجي گذريل حياتيءَ تي نظر ٿي
ڪئي، تڏهن ڪا به ڳالهه مدد يا آسري جهڙي نٿي
ڏٺائين، اٽلندو افسوس ۽ پشيماني حاصل ٿي ٿيس – ڇا
سندس شوخ ۽ هوڏ واري طبيعت، ڇا سندس مغرور ۽ چيڙاڪ
ٻاراڻي وهي، ۽ ڇا سندس گهمندڙ ۽ شرارت جهڙي جواني!
جيئن جيئن بروس گذريل ڳالهيون ٿي ياد ڪيون، تيئن
تيئن پنهنجا گذريل ڏوهه ۽ قصور ياد پيس، ۽ ارمان
زياده ٿي ٿيس. اهڙي مصيبت جي وقت بروس پنهنجن
اسڪول وارن سنگتين کي وساري نه ڇڏيو، انهن ۾ اڃا
ڪا اميد رکيو آيو. ماءُ جي مرڻ کان پوءِ سگهو ئي
هن ارادو ڪيو ته پنهنجن اڳوڻن ماسترن کي ڏسي، ۽
انهن کان ۽ اسڪول جي ڇوڪرن کان ڪا پئسي جي مدد
وٺي. اگرچ ائين ڪرڻ ۾ هن کي شرم ٿي آيو، مگر لاچار
هو. هن کي مڙئي انگلنڊ مان نڪرڻ جي ڳڻتي هئي. هو
ٿرڊ ڪلاس جو ٽڪيٽ وٺي، ”هارٽن“ ۾ آيو. پر پهچڻ
کانپوءِ سگهو ئي، شرم کان وري پٺتي موٽڻ تي هو؛ پر
موٽندڙ ريل گاڏيءَ ۾ اڃا ڪي ڪلاڪ پيا هئا، تنهنڪري
هو ائين ڪري نه سگهيو. اهڙي بڇڙي حال ۾ هن جي دل
نٿي چيو ته ڪنهن به سنگتيءَ کي ڏسي، جن وٽ ٽي
ورهيه اڳي هو راندين ۾ ”هارٽن“ جو ڪپتان هو. غريبي
۽ بد پرهيزيءَ گناهه، ڏک ۽ نااميديءَ هن جي شڪل
توڙي طبيعت ڦيرائي ڇڏي هئي.
نيٺ هو همت جهلي، ٽڪريءَ تي چڙهي، اسڪول جي اندر آيو. انهيءَ
هنڌ جيڪي به ڳالهيون ياد پيس تن هن کي غمگين ٿي
ڪيو – نه انهيءَ ڪري ته اڳي پئسي وارو ۽ خوبصورت،
مشهور شاگرد هو ۽ هاڻي بڇڙي حال ۾ هو؛ نه انهيءَ
ڪري ته اڳي سندس پيءُ ۽ ماءُ ٻئي جيئرا هئا، ۽
هاڻي انهن مان هڪڙو مري ويو ۽ ٻيو بدنام ٿيل هو؛
نه انهيءَ ڪري ته اڳي گهڻا دوست ۽ خير خواهه هوندا
هئس ۽ هاڻي هڪڙو به ڪو نه هوس: نه، انهن مان ڪنهن
به سبب ڪري هو غمگين نٿي ٿيو، پر هن خيال ڪري، ته
اتي ”ڪئمفرڊ“ وانگي سندس ڀاءُ جي رت زمين مان مٿس
دانهون پئي ڪيون: انهيءَ خيال اچڻ ڪري هو ڄڻ ته
مريو ٿي ويو.
هڪ بجي جي مهل هئي ته هو وڃي اسڪول جي حد ۾ داخل ٿيو. سڀني
ڪلاسن مان ڇوڪرا ڇلنگيون ڪريو؛ ٽپا ڏيندا، نڪتا ٿي
آيا. گهڻو ڪري سڀ منهن هن کي نوان ٿي لڳا؛ پر نيٺ
هڪڙي ڇوڪري منجهس چتائي پئي نهاريو، ۽ اهو اچي
ڏاڍي شوق مان ساڻس گڏيو. پڇڻ لڳس ته ”بروس، ڪيئن
آهين؟ تون شايد مونکي نٿو سڃاڻين پر سچ، تڏهن آءٌ
تازو آيل هوس، جڏهن تون اسڪول ڇڏي ڪاليج ڏانهن
وئين؛ پر پنهنجن سنگتين کي ڪو وسارڻ گهرجي ڇا؟“
پندرهن ۽ ارڙهن ورهين جي عمر جي شڪلين ۾ گهڻو فرق ٿو ٿئي،
تنهنڪري بروس گهڻيءَ مشڪلات کان پوءِ انهيءَ ڊگهي
مضبوط ڇوڪر کي سڃاتو ته والٽر ٿارنلي هو، جو اڳي
ننڍڙو هوندو هو، پر هاڻ راند جو ڪپتان هوندو هو، ۽
اسڪول ۾ سڀ کان وڏو شاگرد هو، جو بروس جي ڏاڍي
تعريف ڪندو هو – جيئن اسان مٿي پهرئين باب ۾ چيو
آهي. ٿارنلي پڇڻ لڳس ته ”بروس، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
هن چيو ته ”اسڪول جي وڏي ماستر وٽ.“ هن چيس ته
”چڱو جڏهن موٽين، تڏهن مون کي ضرور ڏسجئين.“
پوءِ بروس لنگهي پنهنجي قديم استاد ۽ ڊاڪٽر وٽ ويو. ٻنهي کي هن
پنهنجو ڏک ڀريو احوال ڪري ٻڌايو. ٻنهي تمام چڱي
مدد ڪيس، ۽ ٻين جي مدد وٺي ڏيڻ جو به ساڻس انجام
ڪيائون. جڏهن دل جو بار ٿورو هلڪو ٿيس، تڏهن
ٿارنليءَ وٽ ويو، جو سندس اڳوڻيءَ جاءِ ۾ رهندو
هو. جڏهن بروس انهيءَ ساڳئي هنڌ ويو، تڏهن اڳوڻيءَ
۽ هاڻوڪيءَ حالت کي ياد ڪري اکين مان پاڻي نڪري
آيس. اتي ٿورو ترسي، پوءِ موٽي لنڊن ۾ پنهنجي
غريباڻي گهر ۾ آيو، جتي اچي ٽڪيو هو.
والٽر ٿارنلي هن جو سارو احوال ماستر کان ٻڌو، ۽ دوستن مان چندو
ڪري چڱي رقم گڏ ته ڪيائين، پر جولئن کان به لکي
پڇيائين ته ”ڪئمفرڊ“ ۾ ڪي هن جي لاءِ گڏ ڪري
سگهندو يا نه. اهو خط جولئن کي آڪٽوبر واري ٽرم جي
وچ ڌاري مليو، جڏهن هن جو اتي ٽيون سال هو. اهو خط
هن طرح لکيل هو:
”پيارا هوم، افواهه مان تو ٻڌو هوندو ته آءٌ اسڪول جو وڏو شاگرد
آهيان، مگر انهيءَ کانسواءِ تو کي بلڪل ياد نه
هوندس، ڇا لاءِ جو جڏهن تون اسڪول جو مکيه شاگرد
هئين، تڏهن آءٌ بلڪل هيٺئن ڪلاس ۾ هوس. پر جيڪڏهن
تو کڻي مون کي وساريو هوندو، ته به جيڪي ڀلايون تو
انهيءَ وقت ۾ مون سان ۽ لليسٽن سان ڪيون، تن جي
ڪري مون توکي وساري نه ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري،
هينئر آءٌ جرات ڪري لکان ٿو ته هينئر جڏهن ويچارو
بروس انگلنڊ ۾ گذاري نٿو سگهي، تڏهن نيوزيلنڊ ۾
وڃي رهڻ لاءِ هن کي مدد ڪرڻ واسطي، تون پاڻ يا ڪو
به ٻيو جهونو ”هارٽن“ جو شاگرد، ڪي ڪري سگهندؤ يا
نه؟ مون کي پڪ آهي ته تون پاڻ ته ضرور هڪڙي جهوني
اسڪول جي سنگتيءَ کي مصيبت ۽ مشڪلات جي وقت ۾ مدد
ڪرڻ جي وجهه ملڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيندين، ڇا لاءِ جو
افواهه مان مون کي معلوم ٿو ٿئي ته جولئَن هوم اڃا
به اهڙو مروت وارو ۽ ڪشاده دل آهي، جهڙو ”هارٽن“ ۾
”نيوري“ جي اسڪالرشپ کٽڻ وقت هوندو هو. تنهنجو
پيارو دوست، - والٽر ٿارنلي“.
جولئَن برابر ٿارنلي کي وساري ڇڏيو، جو انهيءَ خط مس ياد ڏياريس
ته اهڙو ڪو شاگرد هوندو هو. پر جولئَن هميشه ڏاڍو
خوش ٿيندو هو، جڏهن جهونن دوستن مان ڪو انهيءَ طرح
ڏانهس خط لکندو هو، ۽ جيڪي ڀلايون هن اڳي رواجي
طرح هنن سان ڪيون هيون، تن جي لاءِ شڪر گذاري ڪندو
هو. هن بنا دير بروس جي مدد لاءِ بندوبست ڪيو، ۽
جيڪو چندو انهيءَ ڪم لاءِ کوليائين، تنهن ۾ سڀني
”هارٽن“ ۽ ”سينٽ ورنر“ وارن شاگردن مان، ڊي وين
کان سواءِ ٻين سڀني کان وڏي رقم پاڻ ڏنائين. اهو
به خيال آيس ته متان بروس شرمندو ٿئي، تنهنڪري هن
سڀ گڏ ٿيل پئسا ڊاڪٽر کي ڏنا ته بروس ڏانهن موڪلي
ڏئي. اها ايتري رقم هئي، جنهن مان هو پوريءَ طرح
تيار ٿي سگهي. انهيءَ کان پوءِ هن جي انگلنڊ مان
رواني ٿيڻ جي لاءِ ٻي ڪا به مشڪلات ڪا نه هئي؛
تنهنڪري هو ڀاڙو ڏيئي، هڪڙي وڏي جهاز ۾ انگلنڊ مان
نڪتو. رواني ٿيڻ واري ڏينهن جي ٻئي ڏينهن تي،
جولئَن کي هن جو هيٺيون خط رسيو.
”پيارا جولئَن، جيتوڻيڪ تون انهن ماڻهن مان آهين، جي لڪچوريءَ
خير جو ڪم ڪندا آهن، ۽ ان جي ظاهر ٿيڻ ڪري لڄي
ٿيندا آهن، تڏهن به مصيبت جي وقت مدد ڏيڻ ۾ جيڪو
احسان تو مون تي ڪيو آهي، سو آءٌ چڱيءَ طرح ٿو
ڄاڻان. اميد آهي ته آءٌ ٻئي ملڪ ۾ وڃي پنهنجي
حياتي نئين سر شروع ڪندس. ”هارٽن“ کان وٺي پاڻ ٻئي
گڏ شرط ۾ پئي ڀڳا آهيون. تون چڱي نصيب وارو هئين،
تنهنڪري تنهنجو وقت تمام چڱو ۽ خوشيءَ جهڙو پئي
گذريو آهي؛ مگر مون سو گذريل سال جي عرصي ۾ گهڻيون
ئي مصيبتون ڏٺيون آهن. اڳوڻيءَ هلت کان پشيماني، ۽
ماءُ جي مرڻ ۽ مال ملڪيت جي گم ٿيڻ جا اهڙا عذاب
ڏٺا اٿم جي ٻئي ڪنهن انسان گهٽ ڏٺا هوندا. البت
اهڙو خراب نتيجو منهنجيءَ اهڙيءَ خراب هلت جي ڪري
ٿيو، مگر وري به خدا جو شڪرانو آهي ته وري به
منهنجي قسمت جي ٻيڙي، جا منهنجي بيوقوفيءَ ڪري وچ
سير تي ڀڄي پيئي هئي، سا نيٺ ٻڏي ڪين، پر ٽٻيون
ڏيندي، سمنڊ جي هزارن ڪوهن جي پنڌ کان پوءِ نيٺ
اميد آهي ته ڪناري تي وڃي پهچندي، ۽ وري مرمت ٿي
ڪم جهڙي ٿيندي.
”آءٌ هاڻي اهو بروس ناهيان، جنهن کي تون سڃاڻندو هئين؛ پر، ڏکن
جي ڪري، انهيءَ کان زياده عقل وارو ۽ بهتر ماڻهو
آهيان. اڃا مون اميد ڪا نه لاٿي آهي. منهنجي
حياتيءَ جو جهونو ڪتاب تمام خراب ٿي ويو هو، جنهن
ڪري انهيءَ جو ڪو به نئون ورق اٿلائڻ جهڙو نه هو.
مون اصل ٻيو نئون ڪتاب شروع ڪيو آهي، ۽ خدا ۾ اميد
ٿو رکان ته جڏهن اهو پورو ٿيندو، تڏهن انهيءَ ۾ ڪي
ٿورا اهڙا صفحا هوندا، جن کي وري پڙهڻ ۽ دور ڪرڻ
جو ضرور ٿيندو.
”ڊي وين جو نالو اڃان مون کان وسري نه ويو آهي. انهيءَ نالي
وٺندي مون کي خوف پيو ٿئي – جهڙو ڊي وين جو نالو،
تهڙو هئزليٽ جو. انهيءَ هوندي به، مون کي معلوم
ٿيو آهي ته انهن به منهنجي مدد لاءِ چندو ڏنو آهي.
اها ڳالهه معلوم ڪري آءٌ ڏاڍو خوش ٿو ٿيان ته اڃا
دنيا ۾ اهڙا انسان آهن، جن جي دل ۾ ايتري محبت
آهي، جو هو خوشيءَ سان قصور معاف ڪن ٿا.
”آءٌ ڄڻ ته ٻئي جهان ڏانهن ٿو وڃان. نه پئسو ساڻ اٿم، نه دوست،
نه ڪا ٻي شي – سواءِ مغز ۽ دل جي، سي به اڳوڻي جي
نسبت تمام ضعيف. اهڙي حال ۾، بعضي وقت منهنجي دل ۾
اچي ٿو ته هن دنيا ۾ اصل نه هجان ها ته چڱو هو؛
تنهنڪري آءٌ جو تو کي اهڙو نالو ياد ڏياري اڳوڻا
خراب خيال ۽ ڏک ياد ڏياريان ٿو، تنهن کي ڀلائي ڪري
معاف ڪجئين، ۽ دعا ڪجئين ته شل منهنجو پورهيو ساب
پوي – جو هن ڀيري سچو آهي - ۽ آءٌ پنهنجي حياتي،
پنهنجي سمجهه ۽ پنهنجيءَ حالت سڌارڻ ۾ فتحياب
ٿيان.
”اسين ڪلاڪ کن اندر روانا ٿيڻ وارا آهيون، ڇا لاءِ جو لنگر پيو
کڄي. هاڻي خدا حافظ. جيڪي تو مهربانيون ڪيون آهن،
تن لاءِ منهنجي شڪر گذاري قبول ڪج. آءٌ دعا ٿو
ڪريان ته تون شل سدائين خوش هجين! ٻي تو کي ڪهڙي
دعا ڪريان! تنهنجو پيارو ۽ احسانمند دوست –
وايوئين بروس.
”قلم تازو: آءٌ بلڪل اڪيلو آهيان. اهڙو هتي ڪو به انسان ڪونهي،
جو مون کان کڻي موڪلائي!“
اهو خط جڏهن جولئَن کي پهتو، تڏهن هن اهو گهڻا ئي ڀيرا وري وري
پڙهيو، ۽ انهيءَ جي پڙهڻ مان ڏاڍو ڏک ٿيس. ڪتاب
بند ڪري، باهه ۾ اکيون وجهي، اڳوڻن دوستن جون
شڪليون ويهي ياد ڪرڻ لڳو. هڪڙي خيال مان هن کي
نهايت گهڻي خوشي حاصل ٿي. اهو هيءُ ته جيتوڻيڪ
سندس واقفن ۽ دوستن مان گهڻائي ڏوهاري ٿي پيا هئا
۽ گمراهه ٿي ويا هئا، تڏهن به خدا تعالى انهن کي
موٽائي سنئينءَ واٽ تي ٿي آندو، ۽ اگرچ اهي گڙٻڙ
وارا، پر تڏهن به سنوان ۽ پڪا هئا. هئزليٽ، بروس،
براگٽن ۽ سڀني کان وڌيڪ سندس دوست ۽ ڀيڻيويو
ڪئنيڊي، وري به انهيءَ ٽوليءَ ۾ داخل ٿي ٿيا، جنهن
مان نڪري ويا هئا؛ هيءَ ڳالهه انهن کي معلوم ٿي ٿي
ته جنهن هتي ڪو گناهه ڪيو آهي ۽ سزا کاڌي آهي،
تنهن جي لاءِ توبهه ۽ پشيماني حياتيءَ جو هڪڙو وڏو
ڪم آهي. جيئن اهي خيال جولئَن جي مغز مان ٿي
لنگهيا، تيئن هن کي اها اڳوڻي زماني جي دعا ياد ٿي
پيئي ته ”يا خدا، شل تون پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان
استقامت ڪرڻ وارن کي مضبوط ڪرين، ضعيف دل وارن کي
تسلي ۽ مدد ڏين، ڪرندڙن کي اٿاري کڙو ڪرين، ۽
شيطان کي ماري اسان جي پيرن هيٺ ڪرين!“ |