سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جولئن هوم

صفحو :4

باب نائون

ٻيڙين جي شرط

ڏينهن جي ٻن ۽ چئن بجن جي وچ ۾ ننڍي نديءَ جا ڪنارا ماڻهن سان ڀرجي ويا، جي ٻيڙين جي شرط ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. هزار مان قريب اٺ سؤ شاگرد ڪاليجن مان ٻه – ٻه ٽي – ٽي ٿي اچي نديءَ جي ٻنهي پاسن تماشي ڏسڻ لاءِ بيهي رهيا. ٻه بندوقون نشانيءَ لاءِ ڇٽيون هيون، ۽ شرط جي ٻيڙين هلائڻ وارا هڪٻئي کان ڏهه يارڊ پري تيار ٿي بيٺا، ۽ بندوق جي ڇٽڻ لاءِ منتظر هئا ته نِڪرن ۽ ڳَنَ هڻڻ شروع ڪن. انهن ۾ هڪڙو خوبصورت ۽ مضبوط جوان، اگهاڙيون ٻانهون ڪريو، تيار بيٺو هو. انهيءَ کي سڀني ماڻهن پسند ٿي ڪيو، ۽ مٿس وڏين وڏين رقمن جون شرطون ٿي رکيائون. بروس، براگٽن ۽ لارڊ فِٽرزس به ويهن – ويهن پائونڊن جي شرط رکي، ۽ پاءُ ڪلاڪ جي اندر هو يا کٽندا يا هارائيندا. نديءَ جي ور وٽ، جتي شرط چٽيءَ طرح ڏسڻ لاءِ بيشمار ماڻهو گڏ ٿيا بيٺا هئا، انهيءَ جي آمهون سامهون اهي ٽيئي ڄڻا گڏ بيٺا هئا. بندوق لڳڻ سان ٻيڙيون نڪرنديون، ۽ انهن سان گڏ خلق به درياهه جي ليٽ وانگي ڊوڙندي هلندي، ۽ هنن ٽن کي به ڊوڙڻو پوندو؛ انهيءَ لاءِ ته جنهن ماڻهوءَ تي هنن شرط رکي هئي، تنهن سان گڏ لڳو هلڻ هنن لاءِ ضروري هو. اوچتو هڪڙي تمام وڏي ٻيڙي، ٻن وڏن گهوڙن سان، نديءَ جي تانگهي پاڻيءَ مان لنگهي وڃڻ لاءِ لهواري اچي نڪتي، ۽ انهيءَ تي هڪڙو جوان ميربحر هو. انهيءَ جي اڳيان اچڻ ڪري شرط وارين ٻيڙين کي اٽڪ ٿئي ها. خصوصاً اُها ٻيڙي، جا سڀني کان اڳي ٿي آئي، ۽ جنهن تي هنن ٽن ڄڻن شرط رکي هئي، تنهن ڪري بروس هڪل ڪري انهيءَ ميربحر کي چيو ته ”اڙي، اڙي بيهه، پنهنجي ٻيڙي جهل!“ فٽرزس به پنهنجيءَ عادت موافق هٻڪي هٻڪي چيو – ”ب ب.... بيهه بيهه، ب ب.... بيوقوف! جهه جهه.... جهل ٻيڙي، پ پ.... پاسي ڪر!“ ميربحر جوان هنن جي هڪل نه ٻڌي، يا هنن جو حڪم مڃڻ فرض نه ڄاتائين، تنهنڪري ماٺ ڪري هليو آيو؛ تنهن کانسواءِ نديءَ جي ور ڪري شرط وارين ٻيڙين کي نه ڏسي سگهيو، تنهنڪري به ٻيڙي جهلڻ جو ضرور نه ڄاتائين. پر بروس کي انهيءَ تي ڪاوڙ لڳي، ۽ چيائين ته ”بدمعاش ٻڌي ئي نٿو، ٻيڙي نٿو جهلي!“ هن کي ڊپ هو ته متان پهرين شرط واريءَ ٻيڙيءَ کي روڪ ٿئي، ۽ کٽيل شرط هارائي. براگٽن کي سڏي چيائين ته ”براگٽن، آءُ ته هلي هن کي روڪيون.“ براگٽن به ڪاوڙ مان ڏند ڀيڙي چيو ته ”هلي انهيءَ بدمعاش جا رسا وڍي ڇڏيون!“ ائين چئي، هو ٽيئي ڄڻا اُٿي انهيءَ ٻيڙيءَ ڏانهن ڊوڙيا. انهيءَ وقت پڇاڙيءَ واري بندوق به نشان لاءِ ڇٽي.

جولئَن ۽ لليسٽن دير سان شرط ڏسڻ لاءِ نڪتا، ۽ جڏهن هنن ٽن ڄڻن انهيءَ وڏيءَ ٻيڙي واريءَ کي بيهڻ ۽ پاسي ٿيڻ لاءِ هڪل ڏني ۽ هن ائين نه ڪيو، تڏهن هي ٻه ڄڻا به اتي اچي پهتا هئا. لليسٽن به انهيءَ ميربحر کي چيو ته ”جوان، پنهنجي ٻيڙي جلد هٽائي پاسي ڪر، جو شرط جي ٻيڙي پريان ڪاهيندي اچي، متان انهيءَ کي روڪ ٿئي.“ هن هڪدم ٻيڙي روڪي، ۽ چوڻ لڳو ته ”هان، شرط آهي؟ هو ڀولڙا، اجائي بڪ ڪرڻ جي بدران جي مون کي کڻي چڱيءَ طرح سمجهائين ها ته آءٌ جيڪر ٻيڙي اڳي ئي پاسي ڪريان ها.“ پر هن جي ڳالهائيندي، بروس پنهنجن ٻن سنگتين سميت اچي اتي پهتو. پنجن – ڇهن جاين تي رسا وڍي ڇڏيائون، ۽ گهوڙا ٽاهه کائي اٿي ڀڳا. براگٽن، جنهن پهرين چاڪوءَ سان رسا وڍڻ شروع ڪيا، رڙ ڪري چيو ته ”بدمعاش، جڏهن اسان پهرين تو کي چيو، تڏهن ڇو نه هٽي پاسي ٿئين؟ اوهان جهڙن ڪمينن جو ڪهڙو ڪم آهي جو هيئن اچي اسان جي شرط کي روڪيو ۽ تماسو ڦٽايو؟“ فٽرزس ڌڪ هڻي هن جي ٽوپي لاهي ڇڏي. ميربحر ٽيويهن ورهين جو جوان ماڻهو هو، ۽ ڏاڍو زور ڀريو ماڻهو هو. پهرين ڪين ٿي چڙيو، پر جڏهن چڙيو، تڏهن ڏاڍو خوفناڪ ٿي بيٺو. هو ٻيو ڪڇيو ڪين، رڳو بروس، جو کيس ٻين کان ويجهو هو، تنهن کي ڳچيءَ کان وٺي اهڙو ڌونڌاڙيائينس، جهڙو ڪنهن ننڍڙي ٻار کي ڌونڌاڙجي، ۽ مٿان کڻي پاڻيءَ ۾ اڇليائينس. انهيءَ کي ڇڏي، هو وري لارڊ فٽرزس تي ڪاهي آيو، ۽ انهيءَ کي پنهنجيءَ ٺونٺ سان اهڙي اڇل ڏنائين جو هو ٻئي پاسي وڃي هڪڙي کڏ ۾ ڪريو. هن جي چڙ اڃا لٿي نه هئي، ته انهيءَ وچ ۾ براگٽن هن کي هڪڙيءَ اک ۾ اهڙِ زور سان مُڪ هنئي جو لحظي تائين ته هن جو مٿو ئي ڦري ويو، ۽ هن جي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي. پر ستت ئي پوءِ هن براگٽن کي به اهڙو ڌڪ هنيو، جو هو زمين تي وڇانئجي ويو. تنهن تي براگٽن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. انهيءَ وقت خلق نديءَ جي ور کان ڦرڻ لڳي هئي. سوين ماڻهو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن سان ڊوڙندا آيا ۽ انهن هن کي ڪرندو ڏٺو. هو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ جو چاڪو هٿ ۾ هوس، جنهن سان رسا وڍيا هئائين، سو کڻي انهيءَ ميربحر جي ٻانهن ۾ زور سان ٿي هنيائين، ته هن اُها ٻانهن کڻي پنهنجي منهن بچائڻ لاءِ اڳيان جهلي. انهيءَ وچ ۾ لليسٽن جهٽ ڏيئي براگٽن جي ٻانهن مان کڻي ورتو، ۽ اُهو چاڪو کسي پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. براگٽن کي اڃا به سماءُ ڪو نه هو ته ڇا ٿو ڪري، سو ڪاهي جولئَن تي آيو، جو ويجهو بيٺو هوس، جنهن جي نسبت ۾ هن سمجهيو ٿي ته کانئس چاڪو ڦريو اٿس. ڪاوڙ ۾، اڳوڻي دشمني به ياد پئيس. اچڻ سان، جولئَن جي منهن ۾ مُڪ هڻي ڪڍيائين. جولئَن منهن هٽايو، جنهن ڪري مڪ زور سان نه لڳس. ڊپ ٿيس ته متان هو وري ڪاهي اچي ڌڪ هڻي، تنهنڪري ڦڙتي هڻي ڪيرائي ڇڏيائينس. پر انهيءَ وچ ۾ گهڻا ئي ڊوڙي اتي آيا. ٻيڙي ته نديءَ ۾ لهواري هلي ويئي، ۽ ماڻهن اچي مٿين تڪرار ڪندڙن تي غصو ڪيو. پڇڻ لڳا ته ”شرط ۾ ڪنهن اٽڪاءُ ڪيو؟“ بروس، جو پاڻيءَ ۽ گپ ۾ ڀڄي پيو هو، تنهن هڪڙي پاسي پئي بڪ ڪئي، ۽ فٽرزس، جو پڻ بڇڙي حال ۾ هو ۽ ضرب به رسي هيس، تنهن ٻئي پاسي پئي هٻڪي هٻڪي گاريون ڏنيون. هوڏانهن وري ڏهن – ٻارهن ماڻهن اچي براگٽن کي اٿاري بيهاريو، جنهن انهن کان پاڻ ڇڏائڻ جي پئي ڪئي ته جولئَن ۽ ٻيڙيءَ واري ميربحر سان وڃي وڙهي ۽ انهن کان وير وٺي. گوڙ گڙٻڙ ٿي پيئي. جولئَن ۽ لليسٽن ڳالهه جي حقيقت ماڻهن کي پئي سمجهائي، پر گهڻا، جي اتي بيٺل هئا، تن ائين پئي سمجهيو ته انهيءَ ٻيڙيءَ واري، شرط جي تماشي ۾ رولو وڌو ۽ هنن ٻن – ٽن ڪاليج جي شاگردن تي هلان ڪئي. سڀني هڪل ڪري چيو ته انهيءَ کي وٺي کڻي پاڻيءَ ۾ ٽُٻايو. ويهارو ماڻهو هن کي پڪڙي ويا، ۽ گهلي کڻي پاڻيءَ ۾ وڌائونس. پر هيءُ ناحقي ظلم ڏسي، ٻيڙيءَ وارو ڏاڍيءَ همت ۽ بهادريءَ سان هنن جي هٿان پاڻ کي ڇڏائڻ لڳو، ۽ هنن کي ثابت ڪري ڏيکاريائين ته سواءِ تحقيقات جي ڪنهن غريب کي ناحق ستائڻ ظلم آهي. لليسٽن به رڙيون ڪري ماڻهن کي پئي سمجهايو ته سچي ڳالهه ڪيئن آهي، انهيءَ لا گوڙ گڙٻڙ بند ٿئي. هڪڙو ضعيف ڏيک وارو پادري، جو ڪناري تي بيٺل هو، سو اچي هيڏانهن هوڏانهن پڇا ڪرڻ لڳو – ڄڻ ته ڪو وڏو اختيار وارو ماڻهو آهي. انهيءَ جو قد بت ۽ بڙ بڙ ڏسي ماڻهو کلڻ لڳا، جنهن ڪري هو ڪاوڙجڻ لڳو. اوچتو هڪڙو ڊگهو، دماغ وارو ڪاليج جو پروفيسر گوڙ ۾ اندر لنگهي آيو ۽ سڀني کي حڪم سان چوڻ لڳو ته ”صاحبو، مهرباني ڪري لحظو ماٺ ڪريو.“ ماڻهن هن کي سڃاڻي کيس تعظيم ڏني، ۽ کانئس هٽي پاسي ٿي، سندس چوڌاري ماٺ ڪري بيهي رهيا. تڏهن هن ٻيڙيءَ واري ڏانهن منهن ڪري هن کي چيو ته ”ميان، هاڻي اسان کي ٻڌاءِ ته ڳالهه ڪيئن آهي؟“ هن بيان ڪري ٿي ٻڌايو ته ڪيئن بيواجبي طرح هن جي ٻيڙيءَ جا رسا وڍيا ويا، ۽ هو پاڻ بي آبرو ڪيو ويو، ته بروس اٻهرائي سان وچ ۾ پئي چوڻ لڳو ته ”بدمعاش، تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين: اسان کي تو کي پاسي ٿيڻ لاءِ چيو، پر تون پاسي نه ٿئين. ڏس ته آءٌ ڪيئن نه تو کي قيد ۾ ٿو وجهايان!“ هن ورنديءَ ۾ چيو ته ”سفيد باندر، جي مون به تو کان پنهنجي نقصان جا پئسا نه ڀرايا ته منهنجو نالو مَٽائي ٻيو رکج!“ پروفيسر پڇيو ته ”ڪنهن ٻئي کي به ڪا خبر آهي ته حقيقت ڪيئن آهي؟“ لليسٽن هڪدم چيو ته ”هائو، مون کي آهي. هن ويچاري جو ڪو به قصور ڪونهي، هو سنئينءَ طرح گهوڙآ هٽائڻ لڳو، جو کيس خبر ڪا نه هئي. مون ٻڌايس ته شرط آهي، پر هنن صاحبن مٿس ڪاهه ڪئي، گاريون ڏنائونس، ڌڪ هنيائونس، ۽ رسا وڍي ڇڏيائونس.“ ٻيڙيءَ واري رڙيون ڪري چيو ته ”واهه سائين، واهه اوهان چڱا سکر ماڻهو ٿيا آهيو جو غريبن جو گذران بند ٿا ڪريو! هاڻي آءٌ رسا ڪٿان آڻيندس؟ ڪير مون کي اهو نقصان ڀري ڏيندو؟ مون ته خير کڻي مفت مار کاڌي، پر آءٌ پنهنجن ٻارن ٻچن کي ڇا کارائيندس؟ مون کي اوهان جي ڪا به پرواهه ڪانهي، سڀئي وڃي کڏ ۾ پئو؛ آءٌ ڪنهن کان به دڄڻ وارو ناهيان!“ ائين چئي، هو آستينون چاڙهي، ٻانهون اگهاڙيون ڪري، مست هاٿيءَ وانگي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيو. بروس چڙ مان ڏند ڀيڙي چيو ته ”جهنگلي جانور، مون تنهنجا رسا ڪين وڍيا – اسان جي سانهن ستيءَ جي چوڻ سان به تون پاسي نه ٿئين؟“ هن چيو ته ”تڏهن هيءُ رسو ڪنهن وڍيو، جو اڃا تنهنجي هٿ ۾ آهي؟“ اتي لليسٽن چيو ته ”بروس، چڙ ۾ تو کي شايد حقيقت جي ڳالهه وسري ويئي آهي.“ بروس ڪپڙن تان مٽي لاهي چيو ته ”حقيقي قا نه حقيقت جي پاڻيهي خبر پوندي. آءٌ تو تي هن حملي ڪرڻ جو فرياد ڪندس!“ گاڏيءَ وارو هن جو نقل ڪري چوڻ لڳو ته ”مون تي حملي ڪرڻ جي فرياد ڪندو!“ پوءِ ڊوڙي پنهنجا گهوڙا ورائڻ ويو، جي پاسي واريءَ نئن ۾ وڃي پيا هئا، ۽ پئي چَريا. براگٽن چوڻ لڳو ته ”صاحبو، اوهين هن بدمعاش جي ڳالهه تي متان اعتبار ڪريو، اسين جيڪي چئون ٿا سو سچ ڄاڻجو.“ پروفيسر نارٽن چيو ته ”جنهن کي اوهين بدمعاش ٿا سڏيو، تنهن جي تصديق هڪڙو سکر ماڻهو ڪري ٿو.“ بروس چيو ته ”برابر، هن تي ٽي سکر ماڻهو تهمت ٿا آڻين.“ اتي لليسٽن چوڻ لڳو ته ”بروس، تون انهيءَ ڳالهه کان انڪاري آهين ڇا ته تو پهرين هن ماڻهوءَ کي گار ڏني؛ ۽ هن ٻيڙي پاڻيهي ٿي بيهاري ته تو تڪڙ ڪري هن جا رسا وڍي ڇڏيا؟ بروس چيو ته ”جڏهن اسان چيس، تڏهن ڇو نه هو هڪدم پاسي ٿيو؟“ لليسٽن چيو ته ”هوم، ڀلائي ڪري تون چئه ته جڏهن هن ماڻهوءَ کي شرط جي خبر پئي، تڏهن هن هڪدم گهوڙا جهليا ۽ پاسي ٿيڻ جي ڪئي يا نه؟“ جولئَن، جو براگٽن جي ڌڪ لڳڻ ڪري پرڀرو وڃي بيهي رهيو هو، تنهن چيو ته ”هائو، بيشڪ. انهيءَ ويچاري جو ڪو به ڏوهه ڪونهي.“ مسٽر نارٽن چيو ته ”آءٌ به ائين ٿو سمجهان“. ائين چئي هو پادريءَ جي ٻانهن وٺي هليو ويو، هنن جي پٺيان شاگرد به ٻه ٻه ٽي ٽي ٿي هليا ويا. لليسٽن چيو ته ”بروس، هن ويچاري کي رسن جا پئسا تون ڏيندين؟ نه ته آءٌ ڏيانس.“ براگٽن گوڙ ڪري چوڻ لڳو ته ”پئسا ڏيندو؟ آءٌ تو کي به ۽ تنهنجي انهيءَ خيراتي شاگرد کي به انهيءَ لاءِ پئسا ڏيندس؛ ٻيو خيال متان ڪريو!“ لليسٽن آرام سان چيو ته ”انهيءَ جو اسان کي ڪو به ڊپ ڪونهي.“ ڪنڌ جهڪائي، سلام ڪري، ٻئي گڏجي هن ٻيڙيءَ واري ڏانهن هليا ويا، جنهن نااميديءَ ۽ ڪاوڙ ۾ رسن کي پئي ڳنڍيون ڏنيون. لليسٽن هڪڙي گني هن کي ڏيئي چيو ته ”بابا، فڪر نه ڪر. جيڪي ٿي گذريو، تنهن جو اسان کي گهڻو ارمان آهي.“ هُن نياز سان چيو ته ”سائين، اوهان جي گهڻي مهرباني. مون جهڙي غريب سان اها هلت ظلم جهڙي آهي، پر وري به اوهين سچا پچا سکر ۽ شريف ماڻهو آهيو.“ لليسٽن چيس ته ”تڏهن هڪڙي ڀلائي ڪج. جڏهن هو ٽي ڄڻا تو وٽان لنگهن، تڏهن هنن کي ڪي به ڪين چئج، هنن ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏج.“

هن شخص اهو انجام ڪيو. پر براگٽن ۽ سندس سنگتي اهڙي خراب حال ۾ هئا جو گاڏيءَ واري وٽان ماٺ ڪري لنگهي ويا، ۽ ڪي به ڪين ڪڇيائون؛ رڳو هن ڏانهن گهنڊ وجهي نهاريائون، ۽ هن به ڏانهُن ساڳيءَ اهڙيءَ نفرت سان نگاهه ڪئي. انهيءَ شرم کان هو انهيءَ ڏينهن عام صفي ۾ ماني کائڻ نه ويا، پر لارڊ فٽرزس جي جاءِ ۾ وڃي ماني کاڌائون. جنهن انهيءَ خواريءَ جي وسارڻ لاءِ ڏاڍا ٺاهه ٺوهه ڪيا هئا، ۽ عمدي مهماني ڪئي. جڏهن ماني کائي اٿيا ۽ موڪلايائون، تڏهن براگٽن چوڻ لڳو ته ”آءٌ ڪو انهيءَ هوم کي ڇڏيندس. ڪين؟“ لارڊ فٽرزس سندس طرف وٺي، هٻڪي چيو ته هو ايتري جو ل ل... لائق ناهي! هو ش ش.... شيطان آهي، ب ب... بروس!“

 

باب ڏهون

ڀــيـــٽ

جيتوڻيڪ جولئَن کي براگٽن جي چڙ ۽ دشمنيءَ جو ڪو به ڊپ ڪو نه ٿي ٿيو، ته به جڏهن ٻئي هڪڙي ڏاڪڻ تي اچي گڏبا هئا، تڏهن هن کي ڏاڍي بڇان لڳندي هئي. هن کي ياد پيو ته رڳو ٻيو هڪڙو ماڻهو ويجهو آهي، ۽ سو به دشمن. پهرين ته براگٽن وير وٺڻ جي ارادي سان چرچا ۽ مسخريون ڪرڻ لڳو: مثلاً، جولئَن جي در وٽ جو هڪڙو کير جو ننڍو ڪوزو رکيو رهندو هو، سو کڻي پاڻيءَ جي دلي ۾ وجهندو هو، جو پڻ ڏهاڙي انهيءَ ساڳي هنڌ رکيو رهندو هو؛ يا ڪڏهن هن جي غير حاضريءَ ۾ يا لڪچوريءَ هن جي جاءِ ۾ اچي، ڪرسيون يا ميزون اونڌيون ڪري ويندو هو، يا تصويرون ڦيرائي انهن جو ڀِت ڏانهن منهن ڪري هليو ويندو هو؛ انهيءَ طرح اڪثر حرڪت يا نقصان پيو ڪندو هو. هڪڙي ڀيري جولئَن وڃي هنڌ تي سمهڻ وارو هو، ته ڏسي ته چادرن جي وچ ۾ مٽيءَ جا گل ۽ رستا باغيچي وانگر ٺهيا پيا آهن. انهيءَ طرح جون تڪليفون هو ماٺ ڪري، بيخياليءَ سان پيو سهندو هو – اگرچ خفو به لڳندو هوس. جڏهن ڪڏهن براگٽن ڪٿي منهن چڙهندو هوس، تڏهن رڳو هن جي منهن ۾ چتائي ڏسندو هو، ۽ اهڙو وجهه نه ڏيندو هوس ته هو ڄاڻي ته سندس حرڪتن ڪري کيس ڪو خفو يا رنج ٿيو آهي. جڏهن شوخ ڪئنيڊي وير وٺڻ جي ڪا صلاح ڏيندو هوس، تڏهن هو فقط مُرڪندو هو؛ ۽ لليسٽن کي به هن سان تڪرار ڪرڻ يا هن کي فهمائش ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ نه ڏيندو هو. سگهو ئي جڏهن براگٽن ڏٺو ته جيڪي آءٌ ٿو ڪريان، تنهنجو هن تي ڪو به اثر ڪونهي ۽ نفرت جي ڪري هن کي انهن ڳالهين جي پرواهه ئي ڪانهي، تڏهن ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ زياده تڪليف رسائڻ جون رٿون ڪرڻ تي هو، مگر هڪڙي ڏينهن لليسٽن هن کي ٻڌايو ته ڪاليج وارن کي تنهنجين حرڪتن جي خبر پيئي آهي، سو جي اڳتي به ائين ڪندو رهندين ته سڀ تو کي ردي ڪري ڇڏيندا. انهيءَ ڊپ کان هو البت جهڪو ٿيو، ڇا لاءِ جو جهڙيون حرڪتون براگٽن ڪندو هو، اهڙيون هاڻي ”ڪئمفرڊ“ ڪاليج ۾ نامعلوم آهن، ۽ هر ڪنهن شاگرد جي جاءِ، سندس غير حاضريءَ ۾، پاڪ سمجهيل آهي، ۽ ڪو به انهيءَ ۾ دخل نه ڪندو آهي. پر جيتوڻيڪ براگٽن اهڙين حرڪتن کان بس ڪئي، ته به سندس اڳوڻا اسڪول وارا سنگتي کانئس گوشو ڪرڻ لڳا. هو هينئر اهڙو بدمعاش ۽ حرڪتي مشهور ٿي ويو جو جيڪڏهن ڪرڪيٽ جي راند ۾ يا بتيلي هلائڻ ۾ چالاڪ نه هجي ها، ته بروس ۽ لارڊ فٽرزس جي سنگت ۽ مدد به هن کي ساري ڪاليج جي نفرت ۽ ڌڪار کان بچائي نه سگهي ها؛ رڳو ڪي خسيس ماڻهو وڃي سندس طرف وارا ٿين ها.

انهيءَ هوندي به براگٽن کي ”هارٽن“ اسڪول ۾ ايتري تعليم ملي هئي جو هن کي معلوم ٿيڻ لڳو ته سندس عزت آبرو ٻين جي نظر ۾ گهٽ ٿيندي وڃي، بلڪه پاڻ به پاڻ کي ڌڪارڻ ۽ عتاب ڏيڻ لڳو. سستيءَ ڪري پڙهڻ تي ڪا به محنت نه ڪندو هو، پنهنجو صبح ۽ شام جو وقت تماڪ ڇڪڻ، شراب پيئڻ، ٻين جي جاين ۾ وڃڻ ۽ گهمڻ ۾ وڃائيندو هو، جي سڀ هن مان اهڙا ڪڪ هئا، جهڙو هو پڻ پاڻ کان هو. پهرين ششماهيءَ ۾ هن جي صورت ۾ جيڪا ڦير گهيري ٿي، سا ڏسي ارمان پيو ٿيندو هو. ڇوڪراڻيءَ کان چڙهي مڙس ماڻهو ٿيڻ ڪري، جولئَن جي شڪل مرداني، عقل ۽ همت واري ڏسڻ ۾ ايندي هئي، پر براگٽن جي شڪل ۾ انهيءَ سبب ڪري پاڻ زياده بيحيائي، بيخيالي ۽ شوخي زور وٺندي ويئي. صبح شام جي شرابخوريءَ، جوئا جي راند، نيچ سنگت ۽ بدچاليءَ ڪري هن جو حال روز بروز بڇڙو ٿيندو ويو؛ فقط ايترو هو ته راند ۾ ۽ ٻيءَ جسمانيءَ ورزش ۾ البت هشيار هو، جنهن ڪري ٿوري عرصي تائين ٻيا ٿورو گهڻو هن کي مان ڏيندا هئا.

لليسٽن، براگٽن کان بلڪل ٻيءَ طرح جو هو. اڳي هو ٻئي هشياريءَ ۾ يا زور ۾ يا عزت آبروءَ ۾ هڪجهڙا هوندا هئا. اسڪول جي ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا؛ ۽ جولئَن جي اچڻ کان اڳي، امتحانن ۾ هڪٻئي کي ويجهو ايندا هئا. ٻئي مضبوط ۽ چالاڪ هوندا هئا، ۽ ذهن وارا به هئا، اگرچ بلڪل هشيار نه هئا. ٻئي ڪرڪيٽ جي يارهن راند ڪرڻ وارن مان هوندا هئا، ۽ ٻيڙيءَ هلائڻ وارن مان به ٻئي ڄڻا ٻئي نمبر واريءَ ٻيڙيءَ ۾ هوندا هئا. ايترين ڳالهين ۾ اگرچ هو هڪجهڙا هئا، ته به هاڻ لليسٽن کي ماڻهو تمام چڱن شاگردن مان شمار ڪرڻ لڳا هئا، ۽ هن کي گهڻو پسند ڪندا هئا. هو به امتحان ۾ پهرئين ڪلاس ۾ پاس ٿيڻ لاءِ پيو پڙهندو ۽ ڪوشش ڪندو هو. پر براگٽن کي موڳو، سست ۽ نيچ شمار ڪرڻ لڳا هئا، ۽ سندس سنگت کان گوشو ڪندا هئا.

ڀيٽ ۾ جولئَن ۽ بروس جو به ساڳيو اهڙو حال هو. جولئَن ۽ لليسٽن کي هڪٻئي جي صحبت جو اثر هيو هو، ٻئي هڪٻئي جي دوستيءَ ۽ محبت ۾ وڌندا ويا، سچائيءَ، پاڪائيءَ ۽ چڱائيءَ جو منجهن شوق زياده ٿيندو ويو. هوڏانهن هُنن ٻن ڄڻن جي سنگت مان منجهن مغروري، بيهودگي ۽ بدڪاري زياده ٿيندي ويئي. بروس جي نسبت ۾ هينئر سڀ ڪنهن جي اها راءِ هئي ته اڳي جي هشياريءَ جو کَٽيو پيو کائي، نه ته هاڻي منجهس ڪا به ذهني فضيلت ۽ قابليت ڪا نه هئي، ۽ رڳو اجائي ڏيک ۽ ٽنڊ ۽ بڪ ڪرڻ وارو هو، جيڪي سچ پچ هئا ۽ جن جي صحبت کان هو پري پيو رهندو هو، سي ڌڪاريندا هئس. راند ۽ ورزش ڪرڻ وارا به ڌڪاريندا هئس، جو هينئر منجهنس جسماني زور ۽ دلي همت تمام گهٽ هئي. سکر ۽ وڏا ماڻهو جن جي جاين ۾ زور ڪري گهڻو ويندو هو، تن کي به هاڻي هن ڏانهن نفرت اچڻ لڳي هئي، جو معلوم هون ته هو چڱي اصل نسل وارو ناهي، ۽ پئسي جي پئدائش جو به ڪو ظاهري اُپاءُ ڪو نه هوس. شروعات ۾ سو ماڻهو هن جي هشياريءَ ۽ چالاڪيءَ جو ٻڏي حيران ٿيندا هئا، ۽ هن جي جاءِ جو عمدو ٺاهه ٺوهه ۽ عمدي کاڌي پيتي جو بندوبست ڏسي هن جي تعريف ڪندا هئا، ۽ کاڌي پيتي جي لالچ تي ۽ خوشامد لاءِ وٽس آمد رفت ڪندا هئا، پر هاڻ اهي به کانئس بس ڪرڻ لڳا هئا. هوڏانهن جولئَن جي واقفيت ڪن تمام ٿورن ماڻهن سان هئي، مگر جيڪي ٿورا ڳڻ ڳڻيا دوست هئس، اهي اهڙا چڱا ۽ ايماندار دوست هئس، جو ڏک سُک ۾ ساڻس شامل ٿيڻ وارا ۽ کيس مدد ڏيڻ ۽ پيار ڪرڻ وارا هئا – نه سندس اصل نسل يا دولت يا نصيب جي ڪري، پر سندس اشرافت، لياقت ۽ اخلاق ڪري. انهن نون دوستن سان هڪڙو اوئن هو، ۽ ٻيو ڪئنيڊي؛ ۽ جهونن دوستن مان هڪڙو لليسٽن هو، ۽ ٻيو ڊي وين. انهن کان سواءِ، ڪاليج جي وڏن ۽ مشهور شاگردن ۽ ماڻهن مان گهڻا سندس صحبت جا طالبو هئا. مسٽر ائڊمر، جنهن جي واقفيت هينئر هن سان وڌي ويئي هئي، تنهن هن کي ڪن تمام قابل ماڻهن ۽ عالمن سان واقف ڪرايو. خود مسٽر گريسن به هن سان ڏاڍي شوق ۽ پيار مان ڳالهائيندو هو. هن جي ناموس ايتريقدر وڌي ويئي هئي جو ڪاليج جي جنهن به معتبر يا قابل ماڻهوءَ سان هو معرفت پيدا ڪرڻ گهرندو هو، تنهن سان آسانيءَ سان واقف ٿي ويندو هو.

انهيءَ ڀيٽ ۽ تفاوت جي براگٽن ۽ ڪن ٻين کي خبر پوڻ لڳي هئي، تنهنڪري انهن جو حسد ۽ ساڙو زياده ٿيڻ لڳو هو. انهيءَ سببان جي هن کي ڪڏهن ڪو چڱو خيال يا ارادو دل ۾ ايندو هو ته اهوپورو ڪري نه سگهندو هو. عجب جي ڳالهه اها هئي ته ڪن ٿورن ئي هفتن ۾ هنن جي وچ ۾ ايتر فرق پئجي ويو هو. نتيجو اهو ٿيو ته جڏهن موڪل ملي، تڏهن بروس موٽي گهر ويو، ۽ وڃي پنهنجي ماءُ جي تماشن ۾ شامل ٿيو، ۽ سُجهيس ٿي ته ڪاليج ۾ اجايو وقت پئي وڃايو اٿس، اگرچ انهيءَ ڪري هن کي ڪو گهڻو ارمان نٿي ٿيو. براگٽن پاڻ کي ۽ پنهنجن سنگتين کي پٽيندو ويو، ۽ معلوم هوس ته زياده بدڪار ۽ نڪمو ٿيو آهي، اگرچ اڃا ننڍيءَ عمر جو هو. ڪئنيڊي دل ۾ ڏاڍو خوش ۽ سرهوهو، جو ڄاتائين ٿي ته جولئَن جهڙي سچي ۽ چڱي ماڻهوءَ سان هن جي دوستي ٿي آهي. لليسٽن کي موٽي گهر وڃڻ مهل اها خوشي هئي ته هن پنهنجا سڀ فرض پوريءَ طرح ادا ڪيا آهن، ۽ پنهنجو حياتيءَ جو قيمتي وقت سجايو ڪم آندو آهي. جولئَن، لارڊ ڊي وين سان گڏ ساڳي گاڏيءَ ۾ ڳوٺ ويو، ۽ انهيءَ کي دل ۾ اها خوشي هئي ته هن ڪاليج ۾ رهڻ ڪري علم جو چڱو مايو حاصل ڪيو آهي، ۽ تمام چڱا دوست ڪيا اٿس، ۽: آئيندي جي بهتريءَ ۽ واڌاريءَ جي گهڻي اميد اٿس. ايترا سڀ نتيجا ٿورن هفتن جي اندر ظاهر ٿيا هئا.

جولئَن هوم جي گهر وارن ناتال جا ڏينهن ڏاڍا مزي سان گذاريا. هنن جا مائٽ ڪي گهڻا نه هئا. ليڊي ونسيئر ته کانئن پنهنجو واسطو ڇني ڇڏيو هو، پر هنن پاڻ ۾ خوش پئي گذاريو. وايوليٽ جي به ڪئنيڊيءَ جي ڀيڻ ”ايوا“ سان واقفيت پيدا ٿي، جا پنهنجي ماسيءَ سان گڏ وٽن اچڻ وڃڻ لڳي هئي، جو پاسي ۾ رهندا هئا. فرئنڪ ۽ سئرل به موڪل تي آيا هئا، ۽ سارو ڏينهن اِلڊائون جي باغ ۾ گذاريندا هئا. هو راندين ۾ مشغول رهندا هئا، ۽ ناتال جي ڏينهن جي رسمي خوشين ڪرڻ ۾ پنهنجو وقت گذاريندا هئا. سمنڊ جي تازيءَ هوا، جهنگ جي گل گلزاريءَ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن جي پڙهڻ ۾، موڪل جا ڏينهن جهٽ ۾ گذري ويا. جولئَن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀائن ۽ ڀيڻ سان گڏ رهڻ ڪري ٻيءَ ڪنهن سنگت ۽ صحبت جي گهڻي گهرج ڪانه هئي؛ مگر هو ڪئنيڊيءَ ۽ ٻين ڪاليج جي دوستن سان خط پٽ جو رستو رکيو آيو. لارڊ ڊي وين سان گهڻو گڏجڻ جو اتفاق ٿيس، ۽ انهيءَ سان زياده واقف ٿيو. اُهو اڪثر آچر جي ڏينهن گهوڙي تي چڙهي اِلڊائون ۾ ايندو هو، ۽ ڪڏهن وري هوم جي ڪٽنب وارن کي پنهنجي گهر دعوت ڏيئي آڻيندو هو.

جڏهن ڪڏهن هو دعوت تي ايندا هئا، تڏهن اهو جوان ۽ ملول طبع وارو لارڊ ٻئي قسم جو ماڻهو ڏسبو هو. هو ڏاڍي شوق ۽ خوشيءَ مان ڇوڪرن سان راند ۾ شامل ٿيندو هو، ۽ وايوليٽ سان گفتگو ڪرڻ ۾ اهڙو مشغول ٿي ويندو هو جو ڪو به چئي نه سگهندو هو ته هو ڪڏهن ملول ۽ غمگين رهندو آهي. هن جي عمر اڪيلائيءَ ۽ گوشي ۾ گذري هئي، ۽ جهڙي محبت ۽ خوشي جولئَن ۽ وايوليٽ جي صحبت ۾ هن جي دل ۾ پيدا ٿيندي هئي، اهڙي اڳي ڪڏهن نه ٿي هئي، جو اهڙا ماڻهو هن اڳي ڏٺائي ڪين هئا. هن جي ماءُ اها ڳالهه معلوم ڪئي، ۽ اڪثر اهو خيال ايندو هوس ته شڪ ناهي ته وايوليٽ ڪنهن وقت ۾ ”ليڊي ڊي وين“ ٿي پئي: انهيءَ ڪري هو ڏاڍي خوش ٿي ٿِي ۽ دعا ٿي گهريائين، جو ڄاتائين ٿي ته سندس پٽ جي حالت بهتر ٿيندي ۽ هن جو وقت خوش گذرندو. هن کي اهڙو خيال ڪين ٿي آيو ته هڪڙي غريب ۽ گمنام يتيم پادريءَ جي ڪٽنب سان مائٽي ڪرڻ کان، انگلينڊ جي ڪنهن دولتمند خاندان سان ڪرڻ بهتر آهي. هن کي فقط اها ڳڻتي هئي ته پٽ جي لاءِ چڱائي ۽ فائدو موجود ڪري، نه وڏائي ۽ دولتمندي. اڪيلائيءَ ۽ ڏک جي گهڻائيءَ جي سک لاءِ گهڻي ڪم جي شي ناهي؛ نڪي وايوليٽ سان پٽ جي شادي انهيءَ ڪري پسند ٿي ڪيائين ته هوءَ تمام خوبصورت آهي، هن جون اکيون ۽ وار سهڻا آهن، ۽ هن جو آواز ۽ کلڻ ڳالهائڻ اهڙو مٺو آهي، جو ڪنهن شاعر جي خواب ۾ به نه آيو هوندو. پر وايوليٽ اڃا ننڍيءَ عمر جي هئي، ۽ ڪڏهن اهڙو خيال دل ۾ نه هوس ته ڪڏهن ڪا ليڊي ڊيوين ٿينديس.

جولئَن انهيءَ وقت ڪن مهينن کان انهيءَ خيال ۽ ڪوشش ۾ هو ته ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ هٿ ڪري. اها يونيورسٽي اسڪالرشپ سالياني سٺ پائونڊن جي هئي، ۽ هڪ سال جي اندر وارا ڪاليج جا شاگرد انهيءَ جي لاءِ اميدوار هئا. ”ڪئمفرڊ“ ۾ اها اسڪالرشپ هشياريءَ جي نشاني سمجهيل هئي، ۽ انهيءَ لاءِ سڀني کي خواهش رهندي هئي. اڳي به اها هشيار هشيار ناميارن شاگردن کي ملي هئي. جولئَن کي ته انهيءَ جي هٿ ڪرڻ لاءِ ضرورت هئي، ۽ انهيءَ جي اميدواريءَ ۽ خواهش لاءِ خاص سبب هو. ”هارٽن“ جي اهڙيءَ اسڪالرشپ ملڻ ڪري نه رڳو هو ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج ۾ خيراتي شاگرد جي بدران حقدار شاگرد ٿي ٿي سگهيو، پر ان جي ملڻ ڪري هن کي پنهنجي ڪٽنب يا سنڀاليندڙن جي مدد جي ضرورت نٿي ٿي. خاص سبب اهو هو، جنهن ڪري هن کي انهيءَ اسڪالرشپ جي حاصل ڪرڻ جو شوق هو – اگرچ اها به خواهش هيس ته هيترن اميدوارن هوندي ان جي ملڻ ڪري سندس هشياري ظاهر ٿيندي، ۽ کيس زياده عزت ملندي. مطلب ته انهيءَ وقت انهيءَ اسڪالرشپ جي لاءِ هن کي ڏاڍي ڳڻتي ۽ خواهش رهندي هئي، ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ڪا نه هيس. جن شاگردن اڳي اها اسڪالرشپ کٽي هئي، تن تي هينئر هن کي ريس ايندي هئي. انهن سڀني جا نالا هن کي برزبان هئا، ۽ جڏهن موڪل پوري ڪري وري ڪاليج ۾ آيو، تڏهن اها جانچ پيو ڪندو هو ته انهيءَ اسڪالرشپ لاءِ ٻيا ڪهڙا اميدوار آهن. هن ڪري به هن کي انهيءَ جي زياده ڳڻتي رهندي هئي، جو هن پاڻ کي پوريءَ طرح تيار ۽ هشيار نٿي سمجهيو – اگرچ ٻيا سڀ شاگرد سندس فائدي ۾ هئا، ۽ انهن کي هن جي فحتياب ٿيڻ جي ايتري ته پڪ هئي جو راند جي ميدان ۾ هن تي پاڻ ۾ شرطون پي رکيائون؛ رڳو براگٽن سو هن جي برخلاف پئي ڳالهايو. اهڙيءَ خواهش ۽ تياريءَ جو ذڪر هن پنهنجن گهروارن سان به ڪيو هو – اگرچ هميشه ڪاليج جون ڳالهيون گهر نه ڪندو هو ته متان نااميدي ٿئي؛ ۽ گهر وارن کي به سندس نسبت ۾ پڪ هئي ته هو انهيءَ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ فتحياب ٿيندو. انهيءَ ڪري خاص طرح هن فتحياب ٿيڻ لاءِ ڏاڍي محنت ۽ ڪوشش ٿي ڪئي ته گهر وارن کي نااميد نه ڪري، جو اُهي مٿس تعلق رهندڙ هئا؛ ۽ اهي خوش ٿي مٿس فخر ڪن ۽ اخبارن ۾ پڙهن ته فلاڻي کي ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ ملي آهي.

هڪڙي ڏينهن جڏهن گهر هو ۽ پڙهڻ ۾ مشغول هو، ۽ سئرل اچي چيس ته ”جولئَن، هل ته هلي بتيلي هلائڻ جي ورزش ڪريون، جو مون کي ۽ فرئنڪ کي اڄ ڪو ڪم ڪرڻو ڪونهي.“ تڏهن جولئَن هن کي چيو ته ”نه، سئرل، اڄ نه: مون کي پڙهڻو آهي، ڪالهه ڊي وين مون کي پاڻ سان چاڙهي وٺي ويو هو، ۽ هنن ڏينهن – ٻن ۾ مون ڪو به ڪم ڪو نه ڪيو آهي.“ هن چيو ته ”جولئَن، مون کي به تو جيترو پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ جو شوق هجي ته ڪهڙو نه چڱو!“ هن چيو ته ”مون کي نه رڳو پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ وڻندو آهي، پر تو کي خبر آهي ته گهڻو ئي ڪي انهيءَ تي تعلق رهي ٿو.“ سئرل چيو ته ”هائو، مون کي خبر آهي. تنهنجو مطلب آهي ”ڪلار ڪلنڊ“ اسڪالرشپ لاءِ ڪوشش ڪرڻ؛ پر انهيءَ جي گهڻي ڳڻتي ڪانهي، لارڊ ڊي وين چيو ٿي ته اها ضرور تو کي ملندي.“ جولئَن پڇيو ته ”برابر ائين چيائين ٿي ڇا؟ هن ته پنهنجي مهرباني ٿي ڪئي، پر تون انهيءَ تي نه لڳجئين. هن کي برابر خبر ڪانهي.“ سئرل چيو ته ”تون هميشه ائين چوندو آهين. ”هارٽن“ واريءَ اسڪالرشپ بابت به تو ائين ئي ٿي چيو، پر نيٺ اها تو کي ملي. آءُ ته هلون.“ جولئَن کلي چيو ته ”چڱو، آءُ هلان ٿو. پر، سئرل، ڀلائي ڪري اهڙي ڳالهه امان سان يا اديءَ سان متان ڪرين؛ ڇا لاءِ جو جي اها مون کي نه ملي ته پوءِ هنن کي ارمان ٿيندو.“ سئرل ته خوش ٿيندو، کلندو، ڊوڙندو هليو ويو ته وڃي فرئنڪ کي ٻڌائي. هن جي وڃڻ کان پوءِ جولئَن زمين تي لت هڻي چيو ته ”مون کي ضرور اها ”ڪلار ڪلنڊ“ اسڪالرشپ وٺڻ گهرجي: آءٌ ضرور اها وٺندس، ڪيئن به ڪري وٺندس!“ پوءِ اکيون ۽ هٿ مٿي کڻي، خدا کان سوال ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته ”خدا منهنجي لاءِ ائين ڪندو، جيئن منهنجي لاءِ چڱو هوندو.“ دعا گهرندي، دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته اها اسڪالرشپ حاصل ڪريان جو ظاهر ڪري انهيءَ مان دنيا ۾ عزت آبرو ۽ سک حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي.

باب يارهون

ڦاسجي وڃڻ

پڙهندڙؤ، جي گذريل بابت جي پڇاڙيءَ واري ڀاڱي پڙهڻ مان اوهان کي لذت نه آئي آهي ته انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اوهان کي خبر ناهي ته جوان ماڻهو جي دل ۾ اهڙي قسم جو حرص ڪهڙو نه زور وارو ٿيندو آهي، جو هن کي اها طمع رهندي آهي ته وڏي نالي ۽ ناموس وارو ٿيان. انهيءَ طمع ۽ شوق جي پٺيان هو اهڙو حيران ۽ پريشان ٿو ٿئي جو آرام ۽ سُک ڦٽيو وڃيس ۽ ان جي پوري ٿيڻ سان هن کي نقصان ٿو رسي، تنهن ڪري خدا تعالى جي قدرت هن جي فائدي لاءِ سندس اهو مطلب پورو نٿي ڪري. جيترا ڏينهن جولئَن گهر هوندو هو، اوترا ڏينهن ڪيتريون ئي ڳالهيون هن جا خيال ٻئي پاسي نينديون هيون، ۽ هن کي پنهنجو ارادي ڪيل مطلب وسري ويندو هو، پر جڏهن هو موٽي ”ڪئمفرڊ“ ۾ موٽي آيو، ۽ جتي ڪٿي ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ جو ذڪر ٻڌڻ لڳو ۽ ٻين کي به پاڻ وانگي ايندڙ امتحان جي ڳڻتيءَ ۾ ڏٺائين، تڏهن وري به انهيءَ فڪر ۽ غلطان ٿيڻ لڳو ۽ ٻيا سڀ خيال وساري ڇڏيائين.

هيستائين هن کي ٻين سان پاڻ کي مقابلي ڪرڻ جو وجهه فقط ڪلاس ۾ ملندو هو، جتي سڀ شاگرد گڏ ٿيندا هئا ۽ پروفيسر پڙهائيندا هئا. اهڙي وقت اٽڪل سان چوڻ يا ڌڪو هڻڻ اجايو هو، پر ”ڪئمفرڊ“ ۾ ڪنهن نه ڪنهن رستي شروع کان ئي پوري خبر پئجي وڃي ٿي ته فلاڻو يا فلاڻو ماڻهو نيٺ ڪهڙي درجي تي وڃي بيهندو. ”ڪئمفرڊ“ يونيورسٽيءَ ۾ ”سينٽ ورنر“ تمام وڏو ڪاليج هو، ۽ منجهانئس تمام گهڻا اميدوار هئا. انهن مان جولئَن، اوئن ۽ ڪئنيڊيءَ جي نالي چوڻ ۾ ايندو هو ته انهن ٽن مان ضرور ڪو پهريون ايندو. پر ”سينٽ مارگريٽ“ جي ڪاليج جا به ڪي هشيار شاگرد هئا، ۽ ٻين ننڍن ڪاليجن ۾ به هڪڙو نه ٻيو تمام هشيار شاگرد اميدوار هو، ۽ انهن جي مٿي اچڻ جو ذڪر هلندو هو.

جولئَن کي اوئن جو سچو پچو ڊپ رهندو هو. هو ”راسلن“ جهڙي ننڍي اسڪول ۾ پڙهيل هو، تنهنڪري هن کي اهڙي نهايت عمدي تعليم نه ملي هئي، جهڙي وڏن اسڪولن ۾ ملندي آهي؛ پر جيڪو ٿورو وقت هو ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج ۾ رهيو هو، تنهن ۾ هن چڱي ترقي ڪئي هئي: نه فقط گهڻ مايو پرايو هئائين، پر هن جو ذهن ۽ ذُڪاءُ تمام صاف ۽ چڱو هوندو هو، ۽ هو پڪي ارادي وارو ماڻهو هو، جا ڳالهه تيز فهميءَ ۽ سڌريل تعليم کان زياده قيمتي آهي. مضمون لکڻ، عبارت آرائي ۽ ڪين ٻين هلڪن ڪمن ۾ جولئَن بيشڪ هن کان هشيار هو، پر اوئن جي هن کان زياده هشيار نه هو، ته به هن جو مَٽ هو – خاص مشڪل نُڪتن سمجهڻ ۽ حجت دليل معلوم ڪرڻ ۾. تنهن کان سواءِ، اوئن حسابي ڪمن ۾ زياده چالاڪ هو، ۽ اگرچ قديم ٻولين وارن ڪتابن مان گهڻا سوال پڇڻ ۾ ايندا هئا، ته به ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ جي امتحان ۾ حسابي ڪمن جو هڪڙو پيپر ضرور ڏيڻ ۾ ايندو هو. ڪئنيڊي به جي پنهنجو وقت چڱيءَ طرح ڪم آڻي ها ته هنن ٻنهي جو جيس هو، پر هو سست رهندو هو، ۽ امتحان ويجهو هوندو هو، ته به هفتن جا هفتا خوشين ۽ مزن ۾ پيو گذاريندو هو ۽ وقت وڃائيندو هو، تنهنڪري هن جي مٿي اچڻ جو گهڻو امڪان نظر ٿي آيو. اها ڳالهه هو پاڻ به مڃيندو هو، ۽ ڪڏهن کلندو هو ته ڪڏهن ٿڌو ساهه کڻندو هو. رڳو هنن کي قديم ٻولين ۾ مٿي اچڻ جو دڙڪو ڏيندو هو، مگر پاڻ اميد اصل لاهي ڇڏي هئائين؛ ۽ جولئَن جي فحتيابيءَ جي لاءِ خواهش پيو ڪندو هو، ۽ انهيءَ کي همٿائيندو هو. جيتوڻيڪ اوئن کي سڀئي پسند ڪندا هئا ۽ مان ڏيندا هئا، ته به انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ساري يونيورسٽيءَ ۾ جولئَن هشيار ۽ ناميارو سمجهيل هو. ”هارٽن“ وارا جن اڳي به ورهين جا ورهيه اها اسڪالرشپ پئي کٽي هئي، تن کي پڪ هئي ته انهيءَ سال به جولئَن کٽندو ۽ سندن اسڪول جو نالو ڪڍندو.

جيئن امتحان جو وقت ويجهو ايندو ويو، تيئن سندس شوق ۽ انتظار زياده ٿيندو ويو ۽ هو محنت ڪندو ويو، جنهن ڪري سندس دوستن کي ڊپ ٿيڻ لڳو ته متان فحتياب نه ٿئي. ڪئنيڊي کي سڀني کان وڌيڪ اهو ڊپ هو، پر پاڻ به انهيءَ ساڳئي امتحان لاءِ وڃڻو هو، تنهنڪري مناسب نه سمجهيائين ته هن کي گهٽ محنت ڪرڻ لاءِ چوي، متان هو سمجهي ته هي پنهنجي فائدي لاءِ ٿو اهڙي صلاح ڏئي. لليسٽن ۽ ڊي وين کي اهڙو خطرو ڪو نه هو، تن هن کي گهڻيءَ محنت ڪرڻ کان حتي الامڪان روڪيو، ۽ هن جي ڌيان ڇڪڻ ۽ دل وندرائڻ لاءِ گهڻيون ئي تجويزون ڪيون. انهيءَ هوندي به، جولئَن جو سمورو خيال ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ ڏانهن هو.

نيٺ پويون هفتو آيو. آچر جي ڏينهن صبح جو ديول مان موٽڻ کان پوءِ، ڊي وين زور ڪري اچي جولئَن وٽ ناشتي جو مهامن ٿيو، ۽ ڏينهن جو گهڻو ڀاڱو هن جي صحبت ۾ گذاريائين، بلڪه هن سان گڏجي وعظ تي به ويو. هن جولئَن کي منع ڪئي ته امتحان جو وڌيڪ فڪر اصل نه ڪري، ۽ شام جي لاءِ پاڻ وٽ اچڻ لاءِ سڏيائينس. انهيءَ وقت ”هارٽن“ جا ٻياشاگرد به آيا. ڪئنيڊي به اتي آيو، ۽ سڀني گڏجي مزي سان وقت گذاريو.

امتحان ساروهفتو هلڻو هو. سومر جي ڏينهن صبح جو جولئَن تازو ٿي اٿيو. امتحان ۾ آيل سوال هن کي تمام چڱا لڳا، ۽ جيئن جيئن انهن جا جواب تمام چڱا ٿي ڏنائين، تيئن تيئن هن جي اميد زياده ٿي ٿِي. پوئين ٽرم ۾ غريب هئڻ ڪري، ڪو خلاصو سيکارڻ وارو ڪو نه رکيو هئائين، جنهن سان هينئر ڏنل جوابن بابت بحث ڪري، پر ڪي ضروري سوال – جواب ”هارٽن“ ۾ مسٽر ڪارڊن ڏانهن ڏياري موڪليائين، جنهن پنهنجي راءِ سندس فائدي ۾ ڏني، ۽ همتايائينس ۽ پڪ ڏيکاريائين ته هو فتحياب ٿيندو. هن جي راءِ ٻڌڻ کان پوءِ جولئَن کي به خاطري ٿي، ڇا لاءِ جو مسٽر ڪارڊن هن سان لکپڙهه ڪندو رهندو هو، انهيءَ لاءِ ته هن کي همتائي - ۽ انهيءَ خيال سان هن جون مشڪلاتون حل ڪندو رهندو هو.

امتحان، صبح جي وقت اڪثر نائين بجي کان وٺي ٻارهين بجي تائين هلندو هو، ۽ ٻپهرن کان پوءِ ٻي بجين کان وٺي چئين بجي تائين هلندو هو. جمعي جي ڏينهن باقي ٽي پرچا وڃي بچيا هئا. انهيءَ ڏينهن اٺين بجي مهل مسٽر ڪارڊن جو خط به جولئَن کي پهتو. اهو پڙهي هو ڏاڍو خوش ٿيو، جو پنهنجي جهوني استاد جي راءِ تي هن کي گهڻو ڀروسو هو؛ انهيءَ جي وري وري پڙهڻ ڪري هن جي دل کي گهڻي تقويت آئي، ۽ سندس اميد زياده ٿيڻ لڳي. ناشتي کائڻ کان پوءِ هو خيال پچائڻ لڳو، ۽ اڳي ئي ڊاڪٽر ڏانهن ۽ مسٽر ڪارڊن ڏانهن فحتيابيءَ جي خوشبخريءَ لکڻ جي خوشي ڪرڻ لڳو. اڳي ڪڏهن اهڙي وڏي اميد ۽ اهڙي وڏي خوشي ڪا نه ٿي هيس. اڳي ئي، جيڪو خط لکڻو هوس، تنهن جي عبارت ۽ مضمون دل ۾ رٿڻ لڳو. دريءَ تي ٽيڪ ڏيئي، فرحت جهڙي هير پئي کاڌائين، ۽ جڏهن پنهنجيءَ واچ تي نظر ڪيائين، تڏهن وڃڻ جو وقت ويجهو ڄاڻي، ٽوپي ۽ جو کڻي، امتحان واريءَ جاءِ ڏانهن هلڻ لڳو.

نوڪر جو دستور هوندو هو ته صبح جو ناشتو ميز تي رکي ۽ ڪيٽلي باهه تي چاڙهي، ٻاهريون در ورائي ويندو هو، ته ٻيو ڪو ماڻهو اندر نه اچي. انهيءَ ڏينهن جڏهن جولئَن ٻاهر نڪرڻ لڳو، تڏهن در پوريل ڏٺائين. پر جڏهن انهيءَ کي پٽڻ جي ڪيائين ۽ اهو نه کليو، تڏهن البت حيرت لڳيس. زور ڏنائينس، لتون هنيائينس، ته به نه پٽيو ڪلهو لڳائي زور ڏنائينس، ته به نه کليو. تڏهن جولئَن کي شڪ گذريو ته ڪنهن ڄاڻي ٻجهي بند ڪري، ڦاسائي ڇڏيو اٿس – بلڪه ڪنهن جي کل جو آواز به ڪن تي پيس، جو خيالي ڄاتائين. ڏاڍي چڙ لڳيس، جو وقت تنگ ٿيندو ويو. هن ڏاڍي زور سان دروازي کي لتون هنيون، ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾ هن کي انهيءَ مهل فقط اهائي خواهش هئي ته ڪنهن به طرح در پٽي براگٽن کي سزا ڏئي، جنهن ۾ شڪ هوس ته ساڻس انهيءَ جُٺ ڪرڻ وارو آهي. پر دروازو گهڻن هنڌ تي اسڪرن هڻڻ سان بند ڪري ڇڏيو ويو هو، تنهن ڪري بلڪل نه پٽيو. نوڪر شايد ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويل هو. ڏاڪڻ گوشائتي هئي، تنهن ڪري ڪو به ماڻهو لنگهندو ڪو نه ٻڌائين. پاسي واريءَ جاءِ ۾ رهندڙ شاگرد اڳي ئي لهي هليو ويو هو. سڏ ۽ رڙيون گهڻيون ئي ڪيائين، پر براگٽن کانسواءِ ٻيو ڪو به ٻڌڻ وارو ڪو نه ٿي سجهيس، جنهن کي سندس رڙين مان ڏاڍي لذت ايندي هوندي. هاڻي جولئَن ڇا ڪري؟ جاءِ ۾ پئي آيو ۽ ويو، ۽ مُٺيون ڀيڙي، ڪاوڙ ۾ چپ پئي چٻاڙيائين ۽ هوا ۾ ڪاوڙ ڇنڊيائين. اوچتو خيال آِس ته دريءَ مان ڀڄي نڪري. انهيءَ ارادي سان دري ٽپي ٻيءَ ڇت تي آيو؛ پر هيٺ نظر ڪيائين ته زمين ٽيهه فوٽ هئي ۽ اتي پهڻيون پيل هيون، گاهه يا ڇٻر هجي ها ته به ٻي ڳالهه هئي، آخر نااميد ٿي ويهي رهيو، ۽ منهن کي هٿ ڏئي ڏک ڪرڻ لڳو. دل ۾ آيس ته امتحان واري صفي ۾ انهيءَ مهل ساٺيڪو کن شاگرد سوال جو پرچو اڳيان رکيو جواب ويٺا لکندا هوندا، ۽ پاڻ هتي بند ٿيو پيو هو: جنهن مراد لاءِ هيترا ڏينهن مٿا پئي هنيائين ۽ ڳڻتيون پئي ڪيائين، تنهن کان نراس ٿيو. چڙ کان، چمٽو کڻي در جي تختي زور سان هڻڻ لڳو، جنهن ڪري تختن تي کَپ به ٿي پيا. نيٺ هڪڙي ڪرسي کڻي ڏاڍي زور سان در تي ٺڪا ڪرايائين. ٻن ٽن ڌڪن ۾ ڪرسي ڀڄي پرزا ٿي پئي. آخر جولئَن نهايت ڪاوڙ ۽ نااميديءَ ۾ وڃي هنڌ تي سنئون ٿي سمهي پيو.

انهيءَ اجائيءَ ڪوشش ڪندي، هن کي پورا ويهه منٽ گذري ويا. ڏاڍي فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾، حيران ٿيو پيو هو. انهيءَ وچ ۾ ٻين اميدوارن ڏٺو ته جولئَن ڪين آيو آهي. اوئن ۽ ڪئنيڊيءَ جون به اکيون در ۾ هيون، ۽ هنن سمجهيو ته جولئَن بيمار ٿي پيو آهي. نيٺ اڌ ڪلاڪ گذري ويو، تڏهن ڪئنيڊي بيصبر ٿي ممتحن وٽ ويو، ۽ چوڻ لڳس ته ”سائين، هڪڙو اميدوار غير حاضر آهي، مهرباني ڪري موڪل ڏيو ته آءٌ وڃي سماءُ ڪري اچان ته ڇو ڪين آيو آهي.“ ممتحن پڇيو ته ”اُهو ڪير آهي؟“ هن چيو ته ”سائين، هوم.“ ممتحن چيو ته ”هان! پر افسوس آهي ته آءٌ موڪل ڏيئي نٿو سگهان. انهيءَ بابت قانون سخت آهن.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته تڏهن، سائين، جيڪي مون هيستائين لکيو آهي، سو ئي پيش ڪندس. مون کي پڪ آهي ته ڪنهن غير معمولي سبب کان هو غير حاضر رهيو آهي.“ ممتحن چيو ته ”نه، مسٽر ڪئنيڊي، ائين نه ڪر. آءٌ پٽيوالو ٿو موڪليان ته اهو وڃي مسٽر هوم جو سماءُ لهي اچي. اها هن سان خاص مهرباني ڪرڻي آهي؛ مگر حرڪت ڪانهي، ڀلي ته اُها ڪئي وڃي.“

هيئن ٿيو جو اڃا پٽيوالو ايوان لنگهي جولئن جي جاءِ ڏانهن هليو ته لليسٽن ۽ ڊي وين هن کي پري کان ڏٺو، ۽ انهيءَ کان وڃي پڇيائون ته ڪهڙي ڪم ٿو وڃين. جڏهن هن حقيقت ٻڌاين؛ تڏهن لليسٽن حيران ٿي چيو ته ”ڇا، هوم امتحان تي ڪين ويو آهي! انهيءَ جو ڀلا ڪهڙو سبب هوندو؟“ هڪدم ڊوڙي جولئَن جي جاءِ ڏانهن ويو، ۽ در تي بيهي سندس نالو وٺي سڏ ڪرڻ لڳو. جولئَن اندران ڪاوڙ ۽ ڏک مان چيو ته ”ڇا ٿو چوين؟“ هن چيو ته ”ٻيو ته خير آهي، ڇو امتحان تي ڪين ويو آهين؟“ جولئَن چيو ته ”تڏهن ڏسين نٿو؟“ لليسٽن دانهن ڪري چيو ته ”هان، اِسڪرن سان بند ٿيو ڦاٿو پيو آهين. بيهه، جولئَن، فقط ٽي منٽ ترس ته آءٌ تو کي ٻاهر ٿو ڪڍان.“ پوءِ، ٽپ ڏيئي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو. چار - چار ڏاڪا گڏ ٽپندو ويو ۽ دربان وٽان اِسڪرو ڦيرائڻ جو اوزار وٺي آيو. هڪدم موٽي اچي در مان هڪٻئي پٺيان اِسڪرو ڪڍڻ لڳو. نيٺ در پٽيو، ۽ جولئَن جي شڪل ڏسي لليسٽن حيران ٿي ويو. جولئَن هڪڙو اکر به نه ڪڇيو؛ هڪدم لليسٽن جي پاسي کان لنگهي سڌو براگٽن جي ڪوٺيءَ ڏانهن ويو. براگٽن ڪوٺيءَ ۾ ڪو نه هو؛ ڄاڻي ٻجهي نڪري هليو ويو هو. لليسٽن جولئَن جي پٺيان لڳو آيو. جولئَن کي چوڻ لڳو ته ”جولئَن، اها بيعقلي آهي. هينئر هڪڙو منٽ به وڌيڪ نه وڃاءِ. هڪڙو ڪلاڪ دير ٿي آهي. ”ڪلارڪ ڪلنڊ“ اسڪالرشپ وقت تي منحصر آهي.“

هو ماٺ ڪري هن جي پٺيان هليو هليو، ڄڻ ته زهر جو ڍڪ ڀريو پيو هلي. هن جي شڪل اهڙي ٿي ويئي هئي جو لليسٽن اڳي ڪڏهن نه ڏٺي هئي، ۽ سندس ٽنگو وچڙنديون هليون. رستي ۾ ڊي وين به اچي ساڻن گڏيو، ۽ جولئَن جي شڪل ڏسي اُهو به ڊڄي ويو. هن ساڻس گهڻو نه ڳالهايو، رڳو چيائينس ته هلي منهنجيءَ جاءِ ۾ شراب چڪو پيءُ ته سامت ۾ اچين، پوءِ وڃي امتحان ڏي. هن هڪدم ڊوڙي شراب آڻي هن کي ڏنو. هو اهو پي ساڄو ٿيو، ۽ وڌيڪ ڳالهائڻ کان سواءِ امتحان واريءَ جاءِ ۾ ويو. اندر وڃڻ سان سڀني جون اکيون منجهس کُتيون، جو هو پيلو ۽ بيمار ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ممتحن نرمائيءَ سان دير جو سبب پڇيو، پر جڏهن جولئَن اهو سبب نه ڏنو، تڏهن هن دلجاءِ ڏنيس ته شام جو کيس وڌيڪ وقت مجرا ڏنو ويندو. جولئَن، ڪنڌ جهڪائي سلام ڪري، وڃي پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺو. سوالن جو پرچو سندس اڳيان رکيو هو، پر هن جي دل ڪاوڙ ۽ ڏک جي خيالن سان ڀري پيئي هئي، جو سندس سڀ اميدون برباد ويئون، ۽ هڪڙي دشمن ساڻس ههڙي جٺ ڪئي هئي. مٿي ۾ سخت سور هوس ۽ مغز پئي ڦريس. اڳي ئي امتحان جي لاءِ بيوقوفي ڪري پاڻ کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هئائين. اسڪالرشپ ڄڻ ته سندس هٿن مان ڪنهن ڦري ورتي هئي. ٻيو وري جو سڀني جون اکيون منجهس هيون، تنهن هيڪاري منجهائي وائڙو ڪري ڇڏيس. انهيءَ ڪري هو حواس جمع ڪري نه سگهيو، ۽ کانئس ڪي به ڪين ٿي ٿي سگهيو. ديول جي گهڙيال ڌڪن پٺيان ڌڪ پئي وڄايا، ۽ جڏهن ٻارهن لڳا، تڏهن جولئَن ڏٺو ته پاڻ ڪي به ڪين لکيو هئائين جو کڻي ڏيکاري. هيڏانهن هوڏانهن ڪي جملا لکيا هئائين، پر اهي ڏيکارڻ شرم لڳس. قلم ميز ۾ هڻي، اُهو ڀڃي ڇڏيائين، ۽ ڪاغذ ڦاڙي، اڇلائي، اُٿي هليو ٿي ويو ته اوچتو ممتحن سڏي بيهاريس، ۽ پڇيائينس ته ”مسٽر هوم، تو ڪاغذن ڪين ڏنا آهن؟“ هن غمگينيءَ سان چيو ته ”نه، سائين، مون ڪين لکيا آهن.“ هن چيو ته ”ڇو، تون هميشه چڱو لکندو آهي. چڱو ڀلو ناهين ڇا؟“ جولئَن چيو ته ”نه، سائين.“ هن چيو ته ”اِها ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي، پر“ هن وڌيڪ ڪي ڪين چيو جو جولئَن ڳالهائڻ جهڙي حال ۾ نه هو، ۽ نڪري هليو ويو. ساڳئي وقت ڪئنيڊي به نڪتو. انهيءَ پڇيس ته ”ٻيو ته خير هو؟“ پر هن رڳو ڪنڌ لوڏي جواب ڏنس، ۽ ظاهر هو ته هن اڪيلو ٿيڻ پسند ٿي ڪيو. ڪئنيڊي هن کي ڇڏي لليسٽن کان پڇڻ ويو ته ڳالهه ڪيئن آهي، ۽ جولئَن سڌو پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن ويو، ۽ چمٽو کڻي، ٻاهرئين در جو هڪڙو انجيس ڀڃي اڇلائي ڇڏيائين، ته متان ڪو وري اچي کيس بند ۾ وجهي. پوءِ پاڻ کي هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي اُڇلائي، پنهنجا هٿ ٻرندڙ پيشانيءَ کي ڏيئي ويهي رهيو؛ ۽ پنهنجي نااميديءَ تي ڏاڍو ارمان ڪرڻ لڳو، ۽ اڌو گابرو ارادو ڪيائين ته وري ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪري. پر سگهو ئي امتحان جو گهنڊ وڄڻ لڳو، ۽ بيخياليءَ ۾، ٽوپي ۽ جُبو کڻي، سواءِ ڪي کائي پِي تازي ٿيڻ جي، اوڏانهن هليو. صبح واريءَ ڳالهه جي چڙ ۽ ڏک وسارڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اُها لاهي نه سگهيو. لاچار ٿي ويهي لکيائين، پر سهي ڪيائين ته اڳيون شوق ۽ ڇوهه منجهس ڪونهي. نيٺ وقت پوري ٿيڻ تي ڪاغذ ويڙهي ڏيئي هليو ويو. سڌو ڊي وين جي جاءِ ڏانهن ويو، ۽ هن کي چيائين ته ”ڊي وين، ڀلائي ڪري پنهنجو گهوڙي وارو چهبڪ ته ڏي.“ ڊي وين چيو ته ”بيشڪ، ڪنهن پاسي گهوڙي تي چڙهي گهمڻ ٿو وڃين ڇا؟ منهنجي گهوڙِ تي چڙهيو وڃ. چئين ته ٻيو ڪو گهوڙو وٺي انهيءَ تي آءٌ به تو سان گڏيو هلان.“ هن چيو ته ”نه، آءٌ گهوڙي تي ڪين ٿو وچڙهان“. ڊي وين چيو ته ”تڏهن چهبڪ ڪهڙي ڪم لاءِ گهرجئي؟“ هن چيو ته ”خير، ڪنهن ڪم لاءِ گهرجي. تون مانيءَ تي ويندو هوندين، وقت اچي ٿيو آهي.“ ڊي وين چيو ته ”اڄ آءٌ ٻين سان گڏ ماني نه کائيندس.“ اُتي سڀ وڏيءَ عمر جا ماڻهو ۽ مٿين ڪلاسن جا اچيو ٿا گڏ ٿين، ۽ دوست ٻيو اتي آهي ئي ڪو نه. پر، جولئَن، ڇو نه تون اڄ مون وٽ ماني کائين! مون کي خبر آهي ته تون به ٻين سان گڏ ماني کائڻ پسند نه ڪندو آهين. تو کان سواءِ آءٌ اڪيلو پيو لڳندس. اڄ ضرور مون وٽ ماني کاءُ.“

نيٺ هن زور ڪري جولئَن کي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو، ۽ هن جي نوڪر به هڪدم ماني آڻي ميز تي رکي. ڊي وين کي اڳي ئي شڪ پيو هو ته هن کي ڪهڙي ڪم لاءِ چهبڪ ٿو گهرجي، سو ڏاڍو خوش ٿيو ته هن کي روڪي ڇڏيائين. سجهيس ٿي ته هو براگٽن کي مانيءَ کان پوءِ ملي سگهي ها. لهواريون اوڀاريون ڳالهيون ڪري، ۽ ٻين مضمونن تي هن جو ڌيان ڇڪائي، ڊي وين هن کي شام تائين ترسائي ڇڏيو، ۽ پوءِ رات جي چانهه لاءِ به ترسڻ ڪاڻ چيائينس. خبر هيس ته جولئَن کي ”باجو وڻي ٿو، ۽ پاڻ چڱو وڄائي ڄاڻندو هو، تنهنڪري ڊي وين ويهي پيانو وڄايو. اهڙا عمدا راڳ ڳايائين ۽ وڄايائين، جو جولئَن پنهنجا سڀ فڪر ۽ ڏک وساري ڇڏيا، ۽ سندس طبيعت ٺري پئي. پوءِ چيائينس ته ”جولئَن هاڻ ته تو کي چهبڪ ڪو نه گهرجي“ جولئَن چيو ته ”هائو، مون کي ضرور گهرجي.“ ائين چئي، هو چهبڪ کڻي موڪلائي اُٿي هليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org