باب ڇهون
اتفاقي جهيڙا
اسڪول جو شاگرد جڏهن ڪاليج ۾ ويندو آهي،
تڏهن اڪيلو ڪين هوندو آهي؛ ڪيترائي پنهنجا جهونا
سنگتي ساڻس گڏ اُتي ايندا آهن، ۽ گهڻا ته کانئس
اڳي جا آيل به هوندا آهن: انهيءَ طرح جا ڪيترائي
دوست نڪري پوندا آهن. جيڪڏهن جولئَن پنهنجن
”هارٽن“ جي اسڪول وارن واقفن تي ڪفايت ڪري ها، ته
”ڪئمفرڊ“ جي ڪاليج وارا گهڻائي سنگتي سندس سنگت ۽
صحبت لاءِ ڪافي هئا. پر جيتوڻيڪ جولئَن پنهنجن
سڀني ”هارٽن“ وارن سنگتين سان چڱو سلوڪ رکندو آيو،
ته به ٻين ڪيترن کي به هو گهڻو ملندوهو، ۽ انهن جي
صحبت مان هن کي گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي، جو هنن
جا خيال ۽ ڪم کانئس بلڪل علحدا هئا، حياتيءَ جي
پوين ڏينهن ۾ ڪاليج جي انهن ڏينهن کي، ۽ جن ماڻهن
سان گڏ ٿي گذاريائين تن کي، ياد ڪري، هن کي ڏاڍي
خوشي ٿيندي هئي. جهڙي خوشي ڪاليج جي هڪجهڙن ۽
هڪجيڏن دوستن جي گهرائيءَ مان پيدا ٿيندي آهي،
اهڙي ٻي ڪا مشڪل هوندي. ڪاليج جي تعليم جي هڪڙي
مدعا اها به آهي ته گهڻين طبيعتن جي واقفيت، ميلاپ
۽ همدرديءَ مان ماڻهوءَ کي تمام عمدو آزمودو حاصل
ٿئي، جو دنيا ۾ گهڻو ڪمائتو ٿو ٿئي.
ڪاليج جي پهرين ٿورن هفتن ۾ ته نون ۽ جهونن
دوستن سان ملاقاتون ڪرڻيون پيئون. نون دوستن مان
هڪڙو هو، جنهن جي صحبت جولئَن توڙي لليسٽن کي گهڻو
وڻندي هئي ۽ جو وٽن گهڻو اچڻ لڳو انهيءَ جو نالو
”ڪئنيڊي“ هو، جو جولئن پهريندي انهيءَ سان ڪلاس ۾
واقف ٿيو، جو هو گڏ اچي ويٺا. هو چالاڪ ۽ چرچائي
هو، ۽ ماڻهن جي هلت چلت خيال سان جانچيندو هو، ۽
ڪتابن تي ڌيان ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پينسل سان کل
جهڙيون تصويرون ڪڍندو هو، انهيءَ طرح هو جهونن ۽
نون شاگردن ۾ مشهور ٿي ويو. اهو پنهنجن اسڪولن
وارن سنگتين جي تعريف ڪندو هو، ۽ اُهي به پاڻ ۾
سندس تعريف ڪرڻ کان نه ٿڪبا هئا.
هڪڙي ڀيري جولئَن ڪتاب ۾ هڪڙو مشڪل راڳ ڏسي،
انهيءَ جي گڏجي ڳائڻ جي طرز جوڙي. اُها اهڙي چڱي
هئي جو مسٽر گريسن جهڙي سرد طبيعت واري ماڻهوءَ کي
به پسند آئي. انهيءَ تي ڪئنيڊيءَ جولئن کي چيو ته
”هوم، ڪهڙي نه چڱي طرز جوڙي اٿئي! انصاف ڪيو اٿئي!
تون ڪو ڏاڍو ماٺيڻو ۽ لڄارو ٿو ڏسجين. اٺن – ڏينهن
کان منهنجي دل ۾ اهو شوق پئي رهيو آهي ته تو سان
زياده واقفيت رکان، مگر هيستائين رڳو هڪٻئي سان
ڪنڌ لوڏي اشاري سان پئي ڳالهايو اٿئون. اڄ رات،
ڀلائي ڪري اٺين بجي منهنجي ڪوٺيءَ ۾ اچي مون وٽ
چانهه پئجئين. اُتي تو کي پنهنجي هڪڙي ٻئي دوست
سان واقف ڪرائيندس، جنهن جو نالو ”اوئن“ آهي، ۽ جو
”راسلن اسڪول جو آهي.“ جولئَن چيو ته ”خوشيءَ سان.
اوئن اُهو ڪارن وارن وارو ڇوڪر آهي نه؟ مون ٻڌو
آهي ته اُهو ڪي وڏا ڪم ڪرڻ ٿو گهري.“ هن چيو ته
”هائو. هو فيلو ٿيڻو آهي، ۽ ٻن امتحانن ۾ پهريون
آيو آهي. تو کي اُنهيءَ سان واقفيت رکڻ گهرجي.“
اتي مسٽر گريسن، ڪئنيڊيءَ ڏانهن منهن ڪري چيو ته
”هاڻي ماٺ ڪريو، ڌيان ڏيو.“ ڪئنيڊيءَ کڻي ماٺ ڪئي؛
پر چپ اڃا به پئي مُرڪيس، جو هن مسٽر گريسن جو
ڊگهو نڪ ۽ منهنجو ڊول ڏسي سندس تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش
پئي ڪئي.
انهيءَ ڏينهن شام جو جڏهن اوئن ڪنيڊيءَ جي
ڪوٺيءَ ۾ آيو، تڏهن هن کي چوڻ لڳو ته ”ڪئنيڊي، مون
پاڻ سان مسٽر لليسٽن کي آندو آهي، جو ڪلاس ۾ مون
سان گڏ ويهندو آهي، ۽ جنهن جي خواهش هئي ته تو سان
واقف ٿئي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”آءٌ گهڻو خوش ٿيو
آهيان. مسٽر لليسٽن، اچ ته تو کي مسٽر هوم سان
واقف ڪريان.“ جولئَن کلي چيو ته ”ڪيئن هيو! اسان
کي هن وقت واقفيت جو ضرور ڪونهي؛ پاڻ اڳي ئي واقف
آهيون.“ پوءِ ته چارئي ڄڻا گهڻو ئي پاڻ ۾ گائل
مائل ٿي ويا، ڄڻ ته گهڻن ڏينهن جا سنگتي هئا. سندن
وچ ۾ هر طرح جي گفتگو شروع ٿي. ”ڪئمفرڊ“ ڪاليج جي
شاگردن جي ڪوٺين ۾، جتي ههڙا چار سنگتي موجود
هوندا آهن، اتي اهڙي مزي جهڙي گفتگو هلندي آهي، جو
ٻئي ڪنهن هنڌ يا ڪنهن وقت نه هلندي هوندي.
ٻئي ڏينهن جڏهن ڪئنيڊي جولئَڻ جي ڪوٺيءَ ۾
ويٺو هو ۽ گڏجي اسڪيلس شاعر جو ڪتاب پئي پڙهيائون
ته اوچتو هئزليٽ لنگهي آيو، جنهن جي بابت اسان اڳي
ئي چيو آهي ته هڪڙيءَ رن زال جو پٽ هو، ۽ الڊائون
۾ رهندو هو. اهو سڌو ڳوٺان ڪاليج ۾ آيو هو. اڳي
ڪنهن سرڪاري اسڪول ۾ نه پڙهيو هو پر گهر ۾ تعليم
ملي هيس، تنهنڪري سڀڪا شي هن کي نئين ۽ حيرت جهڙي
ٿي لڳي. رڳو جولئَن سان واقف هو. هو خود خيال ۽
هوڏي، بحثي ۽ وڏائيءَ وارو هو، تنهنڪري هن سان
گهڻن شاگردن سنگت رکڻ نٿي گهري. جڏهن گهر ۾ ماءُ
سان گڏ رهندو هو، تڏهن مذهبي خيال جا ماڻهو اڪثر
وٽن چانهه پيئڻ ايندا هئا؛ انهن جي اڳيان ماءُ هن
کي ”بائبل“ پڙهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ چوندي هئي. ڪي خاص
مذهبي جملا ۽ اصطلاح اڪثر هن جي زبان تي رهندا
هئا، ۽ گهڻن قابل ۽ هشيار ماڻهن جي نسبت هو ڪفر جو
الزام آڻيندو هو – اگرچ هو سچ کي پسند ڪندڙ ۽
ايماندار هئا، ۽ ظاهر پرست، ۽ عام جاهلن وارن
خيالن ۽ دستورن تي هلڻ وارا نه هوندا هئا. جيڪي
ماڻهو سندس خيال وارا هوندا هئا، انهن سان هئزليٽ
گهڻي مهرباني ڪندو هو، پر نه ٻين سان. جهڙي سندس
دل هوندي هئي، تهڙو سندس منهن هو. هن جو مٿو بدشڪل
هو، جنهن تي ڪارا وار چنبڙيا پيا هوندا هئا. اکيون
بي آب هيس، تن تي وري جو عينڪ وجهندو هو، تنهنڪري
پاڻ خراب لڳندو هو. منهن ۽ کاڏي مٿي ڪري
ڳالهائيندو هو، تنهنڪري زياده خراب هو، ۽ سندس
مهانڊن مان ائين پيو معلوم ٿيندو هو ته پاڻ کي ٻين
کان زياده خدا پرست ۽ پاڪ سمجهندو هو.
آءٌ ڪهڙي به مذهب يا خيال وارن ماڻهن تي
ٺٺولي ڪرڻ نٿو گهران، ۽ نه هئزليٽ جي خيال وارن
ماڻهن تي ٺٺولي ٿو ڪريان. آءٌ فقط هئزلٽ جي شخصيت
بابت ذڪر ڪرڻ ٿو گهران. اهو ماڻهو ڪم نصيب سمجهڻ
گهرجي، جنهن کي دنيا ۾ گهڻا دوست ناهن – جن مان ڪي
اهڙا به دوست هوندا، جن جا خيال ۽ رايا سندس خيالن
۽ راين جي مخالف آهن. هئزليٽ کان جو ٻيا ڀڄندا
هئا، سو رڳو سندس غلط تعليم ملڻ ڪري، جنهن جو اثر
اهو هو جو سندس دل تي ڪي خاص خيال ڄمي ويا هئا، جي
ٻاراڻي وهيءَ ۾ چڱا يا فائدي وارا نه هئا. هن کي
پنهنجا عيب ٻين جي هلت چلت مان پاڻيهي معلوم ڪرڻا
هئا؛ ۽ اهو به سکڻو هوس ته ظاهري مذهبي ڳالهيون
اندر جي سچائيءَ جون ثابتيون ناهن؛ ۽ ٻين جي مذهب
يا ٻين خيالن جي نفرت ۽ ناپسنديءَ مغروريءَ ۽ جِهل
۽ غلط تعليم جو نتيجو آهن، گهڻن ضروري ڳالهين ۾ هو
سچ تي هو، ليڪن ڪوڙن رستن يا اُپائن سان.
انهيءَ مان ئي معلوم ٿي سگهندو ته هئزليٽ
جولئن هوم جو دلپسند سنگتي نه هو. پر جولئن جي
عادت هوندي هئي ته ڪنهن به ماڻهوءِ جي عيبن ڏانهن
نه ڏسندو هو، هن ۾ جيڪي چڱيون چڱيون ڳالهيون
هونديون هيون، تن ڏانهن ڏسندو هو، ۽ انهن جي ڪري
هن کي مانُ ڏيندو هو. هن کي گهڻي ڳڻتي عام انسانيت
جي هوندي هئي. جن ماڻهن جي صحبت نه وڻندي هيس، تن
ڏانهن به هو پنهنجي نفرت ظاهر نه ڪندو هو – نه
ڳالهائڻ سان، نه نهارڻ سان. هميشه انهن سان چڱيءَ
طرح هلت ڪندو هو. هئزلٽ غلط فهميءَ ڪري سمجهندو هو
ته هو سندس راين ۾ شامل آهي، ۽ انهيءَ ڪري هو اڪثر
جولئن جي روبرو مخالفت وارن راين جي نسبت ۾ اجائي
بڪ ڪندو هو.
تنهنڪري جڏهن ڪئنيڊيءَ انهيءَ ڏينهن هئزلٽ
کي پري کان ايندو ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳو ته ”هان، هوم،
هي ڪير آهي؟ ڀانئجي ٿو ته هي ڪنهن ديول ۾ يا ڪنهن
مذهبي جماعت ۾ وعظ ڪري موٽيو آهي. هيڏانهن ته ڪڏهن
ڪين ايندو هو.“ جولئن چيو ته ”نه نه، هيڏانهن ٿو
اچي. اهو منهنجو واقف آهي. انهيءَ جو نالو هئزليٽ
آهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته هو ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي،
اگرچ شايد خود خيال ۽ هوڏي طبيعت جو آهي.“ اتي
هئزليٽ اچي هوم کي بزرگن وانگي سلام ڪري ويهي
رهيو. جولئن ڪئنيڊيءَ سان گڏ ”اسڪيلس“ شاعر جو
ڪتاب خيال سان ويٺي ڏٺو، تنهن کي ڏسي هئزليٽ هڪدم
چوڻ لڳو ته ”مار، اوهين انهيءَ ڪافر شاعر جي ڪتابن
۾ مشغول آهيو! هوم، اڪثر مون کي اهو خيال ايندو
آهي ته اسين سڀ هتي ڪاليجن ۾ اهڙن ماڻهن جا ڪتاب
ٿا پڙهون، جن کي سينٽ پال جهڙي بزرگ بُت پرست سڏيو
آهي. آءٌ تازو انهيءَ جماعت مان ٿيو ٿو اچان، جتي
–“ ڪئنيڊيءَ بي صبر ٿي چيو ته ”هوم، آءٌ وڃان ٿو.
بس، هينئر ”اگا ميمنن“ ڪتاب ته پڙهي ڪين
سگهنداسين.“ جولئن چيو ته ”آءٌ چئي نٿو سگهان.
شايد هئزليٽ انهيءَ جي معنى سمجهائڻ ۾ اسان کي مدد
ڪري“ هئزليٽ ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”نه، آءٌ ڀانيان
ٿو ته آءٌ ڪين ڪري سگهندس. مون اهو ڪتاب ڏٺو آهي.
انهيءَ ۾ ڪفر ۽ بت پرستيءَ جهڙا خيال آهن، جي مون
پئي چيو ته شل مون کي پڙهڻا نه ٿين! پر جيڪي مون
ٿي چيو، تنهن بابت ته تو ڪا به راءِ ظاهر نه ڪئي؟“
ڪئنيڊيءَ چڙ مان چيو ته ”توبهه، توبهه! تڏهن
تنهنجو مطلب آهي ته عيسوي مذهب خدائي اندر جي
روشنائي اُجهائڻ لاءِ آهي، ۽ ”اسڪيلس“ کي جو ذاتي
عقل ۽ هوش ۽ فهم مليل هو، سو خدا وٽان ملي نه
سگهيو هو، پر شيطان کان مليل هو، يا پاڻيهي منجهس
پيدا ٿيو! اهڙي اونڌي اصول تي زياده بحث ڪرڻ جو
ضرور ڪونهي. تو کي هينئر هتي ٻئي قسم جي تعليم
ملڻي آهي، انهيءَ تي عمل ڪرڻ تنهنجو ترت فرض آهي.“
هئزليٽ ورندي ڏني ته ”انهيءَ کان وڌيڪ ٻيا ضروري
فرض آهن: مثلاً نماز پڙهڻ، دعا گهرڻ، دوستن سان
ڳالهائڻ –“ ڪئنيڊي، نفرت مان سينڍ وڄائي، منهن
ڦيرائي، پنهنجي ڪتاب جا ورق اٿلائڻ لڳو. جولئن به
وڌيڪ اهو بحث هلائڻ نٿي گهريو، تنهنڪري ٿوري تائين
کڻي ماٺ ڪيائين. هئزليٽ ڀانيو ته مون فتح کٽي، سو
وري پڇڻ لڳو ته ؟چڱو ڀلا، هوم، پنهنجي روح جي فنا
نه ٿيڻ بابت تون ڇا ٿو چوين؟“ جولئن بيخياليءَ سان
چيو ته ”منهنجو روح؟ انهيءَ جو چڱو حال ٿيندو.“
ڪئنيڊي وري به وچ ۾ پئي، کلي چيو ته ”تنهنجي سوال
جي ڊول مان ائين پيو معلوم ٿئي ته روحن کي پيٽ ۾
سور به پئجي سگهي ٿو!“ هئزليٽ کي اها ڳالهه نه
وڻي، مگر ٻيو وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين، ۽ اُٿي جولئن
جون تصويرون ڏسڻ لڳو. پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو
ته ”افسوس جي ڳالهه آهي ته مسٽر ويئر جهڙي خوفناڪ
۽ غلط فهم ماڻهوءَ جي تصوير تو پاڻ وٽ رکي آهي!“
جولئن چيو ته ”هئزليٽ، انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي،
انهيءَ تي اسان جا رايا ساڳيا ٿي ڪين سگهندا.“
ڪئنيڊيءَ پڇيو ته ”مسٽر ويئر جي لکيل ڪتابن مان تو
ڪو هڪڙو اکر پڙهيو آهي؟“ هئزليٽ چيو ته ”هائو، ڇو
نه. پر پوريءَ طرح نه. تڏهن ماڻهوءَ جو عقل شاهدي
ڏيئي سگهي ٿو. هن جي ڪتابن جا انتخاب مون گهڻا ڏٺا
آهن.“ ڪئنيڊيءَ نفرت مان چيو ته ”انتخاب؟ انتخابن
۾ ته هن تي انهن ڳالهين جا الزام ٿا اچن، جن جو هو
مخالف آهي. پر تو جهڙن خيالن واري ماڻهوءَ سان بحث
ڪرڻ اجايو آهي، جو جن مصنفن جا ڪتاب سمجهي نه ٿو
سگهي، تن کي فقط انتخابن جي زور تي خراب ٿو ڄاڻي.“
هئزليٽ، ڪاوڙجي، ڪئنيڊيءَ کي گهٽ – وڌ ڳالهائڻ تي
هو ته جولئن وچ ۾ پئي، جهيڙي ٽارڻ لاءِ چيو ته
”يار، هاڻ ٺهيو، پاڻ ۾ تڪرار نه ڪريو. هئزليٽ، هاڻ
انهيءَ مضمون کي ڇڏي ڪو ٻيو ذڪر ڪر.“ هن چيو ته
”چڱو، هوم؛ پر آءٌ حق جي ڳالهه چوڻ کان رهندس ڪين!
جولئن، سچي ڳالهه هيءَ آهي ته تصويرن جي نظر تي
تون ديندار ناهين. هاڻ هيءُ جوان ڏس: هيءَ تصوير
رکڻ جي لائق ناهي، بيحيائيءَ جهڙي آهي.“ هن سينٽ
ميريءَ جي تصوير ڏيکاري، جا مصر جي پاسي اولياءَ
ٿي گذري هئي، ۽ جنهن کي سفيد پوشاڪ پئي هئي ۽ ڪارن
ڊگهن وارن جو ڄڻ ته منهن تي برقعو پيو هوس. ڪئنيڊي
بي صبر ٿي اٿيو، ۽ ڪرسيءَ کي چڙ مان کڻي اڇلايائين
– ڄڻ ته ڪنهن بيعقليءَ جهڙيءَ ڳالهه تي چڙ آئي
اٿس. جولئن آرام سان چيو ته ”جيڪي پاڪ دل وارا
ماڻهو آهن، تن جي نظر ۾ سڀڪا شي پاڪ آهي.“ وڌيڪ
ڳالهائڻ کان هن پاڻ کي روڪيو؛ پر ڪئنيڊي نر هيو،
تنهن چيو ته ”مسٽر هئزليٽ، مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته
جي هن تصوير کي تون بيحيائيءَ جهڙو ٿو ڄاڻين، ته
ٻيون اوهان جون تصويرون بيحيائيءَ جهڙيون ناهن ڇا؟
جيئن ته - .“ پر جولئَن وچ ۾ پئي چيو ته ”پيارا
ڪئنيڊي، لهي وڃ انهيءَ ڳالهه تان. بحث ڪرڻ جو ضرور
ڪونهي.“
ڪئنيڊيءَ کڻي بس ڪئي، ۽ دريءَ وٽ پردي جي
پٺيان لڪِي بيهي رهيو. پر هئزليٽ رهيو ڪين، وري
ملائڪن واريءَ تصوير تي اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته ”هي
ڇا آهي؟ هيءَ ته بت پرستي آهي! بيبي مريم جي
تصوير؟ ڪئٿولڪن وارو ڪم ڪيو اٿئي! جولئَن، چڱو
ڪرين ته هيءَ تصوير ڪڍي ڇڏ، متان تنهنجي هنڌ جوڙڻ
واريءَ تي بڇڙو اثر پيدا ڪري.“
هن دفعي جولئَن به بي صبر ٿيڻ لڳو، ۽
ڪئنيڊيءَ وانگ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. تنهن تي هئزليٽ
گهنڊ وجهي چيو ته ”گناهه تي بيعقل کلندا آهن. خدا
ڪري ته اوهان ٻنهي جا خيال سُڌري بهتر ٿين! اوهان
جي هدايت لاءِ آءٌ خاص طرح، پنهنجن ٻين ديندار
سنگتين سان گڏ، نماز مهل دعا گهرندس في الحال خدا
حافظ.“
ڪئنيڊي ته کلندو وڃي آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو.
جڏهن کلي بس ڪيائين، تڏهن چوڻ لڳو ته ”پيارا هوم،
هيءُ خفي ڏيارڻ جهڙو ڍونگي تو ڪٿان هٿ ڪيو؟ هن جا
مذهبي اصول اسان کي پسند نٿا اچن. پر هو ته سچ پچ
انهن کان چڱا ٿو سمجهي.“ جولئَن چيو ته خيال ته
ڪر، مون کان ٿو پڇي ته تنهنجو روح ڪيئن آهي! هڪڙي
ڀيري، مون کي ياد آهي، آگگاڏيءَ ۾ منهنجي هڪڙي
دوست کان ڪنهن غير مذهبي فرقي واري پادريءَ اوچتو
پڇيو ته ”تو کي اندر ۾ سور ته ڪونهي؟ جونس ڊڄي
ويو، جو هو خيالن ۽ اشارن مان ڪين ڄاڻندو هو.
پادريءَ کان پڇيائين ته ”اندر ۾ سُور؟ ڪٿي؟“ هن
چيو ته ”اندر ۾! اندر ۾!“ جونس ويچاري ڀانيو ته
متان ڪا سندس پاسري ڀڄي نڪري پيئي آهي، يا ڪا ٻي
ظاهري حرڪت پهتي اٿس. پر جڏهن ڏٺائين ته ٻيو سڀ
خير آهي، تڏهن ڄاتائين ته اهو پادري چريو آهي؛
تنهنڪري، اتان اُٿي، رڙهي پرڀرو ٿي ويٺو.“
جولئَن کي اهڙن ماڻهن جي زياده واقفيت هئي،
۽ ڄاتائين ٿي ته هو چريا ناهن، مگر غلط تعليم ۽
اونڌن خيالن ڪري هنن جو اعتقاد اهڙو ٿي ويو آهي.
ڪئنيڊيءَ چيو ته ”ٻيو نه، ته به اها بيشرميءَ جي
ڳالهه آهي ته ماڻهو سواءِ حقيقت ڄاڻن جي اهڙن پاڪ
مضمونن تي زور ڪري بحث هلائين – نه پنهنجي ويجهي
مائٽ يا گهاٽي دوست سان، پر ٻين غير واقف ماڻهن
سان. انهيءَ مان سچي مذهب ۽ دينداريءَ کي شڪست ٿي
رسي، ۽ ظاهر پرستي ۽ ريا ۽ ڏيک ۽ ڍونگ زور ٿو
وٺي.“
سچي پچي ڪئنيڊيءَ کي چڙ لڳي هئي، ۽ ڪاوڙ مان
اٿي، هميشه وانگي هيڏانهن هوڏانهن هلڻ لڳو. هو
اندر ۾ ديندار ماڻهو، سچي مذهب وارو، خدا ترس ۽
خدا پرست هوندو هو، تنهن ڪري هئزليٽ جي ظاهر
پرستيءَ ۽ اجائيءَ گفتگو ڪري هن کي چڙ لڳي هئي.
چوڻ لڳو ته ”جي هڪڙو ڪلاڪ وڌيڪ آءٌ هن شخص جي
صحبت ۾ رهندس ته ڪافر ٿي پوندس. چڱي ٿو منهنجي حق
۾ دعا گهري! هن کي ڪهڙي خبر ته سچو مذهب ڇا کي
چئجي؟ پاڻ کان بهتر ماڻهن جي نسبت ۾ هن کي راءِ
ڏيڻ جو ڪهڙو حق آهي؟“ جولئَن چيس ته ”ڪئنيڊي، هي
ڇا؟ ايتري چڙ ڪا ٺهي؟ ڄڻ ته تون ڪو وڏو ملائڪ
آهين، ۽ هو هڪڙو ڪارو ٽنڊڻ آهي، جنهن تي ٿو ايتري
ڪاوڙ ڇنڊين. جي هئزليٽ کي پاڻ جهڙو انسان ۽ ڀاءُ
نه سمجهين، ته من پٺيءَ جي ڪنڊي وارو جانور
سمجهين، جهڙا اسين پاڻ آهيون!“
پرڪئنيڊيءَ جي چڙ اهڙي جلد لهڻ جي نه هئي.
تڏهن جولئَن وري به چيس ته ”لليسٽن جي تو کي وڌيڪ
خبر هجي ته چڱو. پهريندي آءٌ به تو وانگي هئزليٽ
جي ڳالهين تي چڙندو هوس، پر لليسٽن سڀ ڪنهن سان
مسخريون ۽ چرچا ڪندو آهي، ۽ ڏاڍو خوش طبع ۽ مروت
وارو ماڻهو آهي، سو جيڪي ڳالهيون پاڻ نه سمجهندو
آهي، يا جي سندس خيالن جي برخلاف هونديون آهن، تن
تي به خفو نه ڏيکاريندو آهي: اهو منهنجي ڪاوڙ
لهرائي ڇڏيندو هو، ۽ خوش رکيو ايندو هو. انهيءَ
مان هئزليٽ کي هوش ۾ آڻڻ ۽ ٻئي فائدي پهچائڻ جو
امڪان آهي؛ پر تنهنجيءَ هلت مان پاڻ هو زياده ضدي
۽ مخالف ٿيندو. اوجهو، لليسٽن به ٿو اچي.“ انهيءَ
کي ايندو ڏسي، ڪئنيڊي چيو ته ”هن جو منهن ڪهڙو نه
سچو ۽ ايماندار آهي!“ جولئَن چيو ته ”هن جي دل به
هن جي منهن جهڙي صاف ۽ سچي آهي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته
”هئزليٽ ۽ هن جي وچ ۾ ڪيترو نه فرق آهي! جولئَن
اُٿي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻ جي تياري ڪئي، ۽ چوڻ
لڳو ته ”ڪئنيڊي، هئزليٽ جي ڳالهه وساري ڇڏ. سچي ۽
گهڻي عبادت اهو ٿو ڪري، جو انسان ذات سان زياده
محبت ٿو رکي: اِهو بزرگن ۽ شاعرن جو قول ڪهڙو نه
چڱو آهي!“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”برابر، اڳتي تڏهن آءٌ
کڻي هئزليٽ سان ايتري محبت رکندس، جهڙي ڪن خسيس
شين سان رکي آهي.“ پوءِ ٽيئي سنگتي گڏجي هليا ويا.
انهيءَ کان پوءِ به هئزليٽ جيڪي ڪلاس ۾
پڙهندو هو ۽ مطلب سمجهائيندو هو، تنهن مان ئي
معلوم ٿيندو هو ته هن جا خيال ڦرڻ جا ناهن. هو
هميشه وڏن وڏن بزرگن، فيلسوفن ۽ حڪيمن جي شڪايت
ڪندو رهندو هو ۽ اهي سندس ڪاوڙ کي نه ڇٽندا هئا –
جيئن گڏهه اِٽون هڻي ٻڌل شينهن کي ماري.
باب ستون
ڌڪار جي ڌڪار
جولئَن جو رستو پنهنجن جهونن سنگتين سان
ٻيءَ طرح جو هو. انهن ۾ ڪي اهڙا به هئا جو اڃا
هيٺين ڪلاس ۾ هئا ته ”هارٽن“ ڇڏيو هئائون، ۽ ڪي
اهڙا به هئا، جن جي هلت چلت هن جي هلت چلت کان
بلڪل علحدي هئي. انهن سان هو فقط نالي جي واقفيت
رکندو آيو. پر بروس سان هن جي واقفيت زياده ٿي
هئي. جولئَن جنهن عرصي ۾ اڃا هڪڙو مانيٽر هو ته هو
اسڪول ۾ سڀ کان مٿي اول نمبر ڇوڪر هو، هو ٻئي روز
ملندا هئا، ۽ هڪڙي هنڌ رهڻ ڪري ڪيترائي دفعا هنن
جو هڪٻئي سان واسطو ٿيندو هو. پر پهريان ٻه هفتا
ته لنگهي ويا ته بروس ڪاليج ۾ جولئَن وٽ نه آيو؛ ۽
هو ٻئي ٻن علحدن طرفن جا هئا، تنهنڪري نڪي ڪلاس ۾،
نڪي ڪنهن ٻئي هنڌ ملندا هئا. جولئَن کي اهو خيال
ڪين هو ته خيراتي اسڪالر هئڻ ڪري بروس وٽ سندس
مانُ، گهٽ هوندو، تنهنڪري هن ڄاتو ته ڀلي پهرين هو
مون وٽ اچي ته پوءِ آءٌ وٽس وڃان ۽ زياده آمدرفت
رکان. پر بروس کي هن تي ريس رهندي هئي، ۽ هڪڙي
خيراتي اسڪالر سان گستاخي رکڻ کيس پسند نٿي آئي،
تنهن پنهنجي منهن ساڳيو خيال پئي ڪيو ته پهرين
جولئَن مون وٽ اچي ته پوءِ آءٌ وٽس وڃان. اهو ئي
سبب هو جو هو ٻئي پهريان ٻه هفتا پاڻ ۾ نه گڏيا.
انهيءَ وچ ۾ بروس به پنهنجا گهڻائي دوست ڪري
وڌا. هن جي هشياريءَ ۽ دولت جي سڀني کي خبرهئي. هو
خوبصورت هو، ۽ چڱي پوشاڪ ڍڪيندو هو، ڳالهائڻ
ٻولائڻ مزي جهڙو هوس؛ همت ۽ جرات وارو هو؛ تنهنڪري
سگهو ئي ڪاليج جا خوراڪي ۽ دولتمند شاگرد هن جا
دوست ٿي ويا. هو پاڻ به زور ڪري سکر ماڻهن وانگي
وڏائيءَ سان هلت چلت ڪندوهو. هر روز هڪڙي نه ٻئي
هنڌ کائڻ يا شراب پيئڻ جي دعوت ملندي هيس، ۽ هڪڙي
نه ٻئي هنڌ ڪن سکرن وٽ ماني کائيندو هو. هو پڙهڻ
جو ڪم ٿورو ڪندو هو، ۽ فخر ڪري چوندو هو ته آءٌ ڪو
ڪم ڪو نه ٿو ڪريان؛ ليڪن ٻين وقتن تي ڳجهيءَ طرح
ڪلاس جا ڪتاب هيڏانهن هوڏانهن پڙهي ڇڏيندو هو، ته
معلوم ٿئي ته سواءِ پڙهڻ جي ئي هو اڳي ئي هشيار
آهي. پر انهيءَ ڪري هو فتحياب نه ٿيندو هو؛ هشياري
اهڙن ڍونگن سان قائم نه رهندي آهي. مسٽر سارجنٽ،
جو سندس پروفيسر يا ليڪچر ڏيڻ وارو هو، تنهن جي هن
سان نه پوندي هئي، جو خبر هيس ته هو ڍونگ ڪري پاڻ
کي هشيار ٿو سڏائي. هو چوندو هوس ته محنت ڪري،
پوءِ پاڻ کي هشيار چواءِ؛ محنت کان سواءِ هشياريءَ
جي دعوا ڪرڻ اجائي آهي. هن جي ظاهري هشياري، ۽
اندر جي ڪچائي ۽ ڪم فهمي ڏسي، پروفيسر کيس ٽوڪيندو
هو ۽ ڏانهس نفرت ڏيکاريندو هو. انهيءَ ڪري بروس به
مسٽر سارجنٽ کي پر پٺ گهٽ – وڌ چوندو هو، ۽ ساڻس
ڪين پوندي هئي. پر اها نفرت هو ٻين سنگتين جي
خوشامد ۽ تعريفن ڪري وساري ڇڏيندو هو. انهن
خوشامدڙين کي اڪثر هو پنهنجيءَ جاءِ ۾ شراب چُڪو
پيو پيئاريندو هو، ۽ هو اڪثر وٽس پيا هوندا هئا.
انهن جي لاءِ بروس جي هشياريءَ جي ثابتي انهن
ڳالهين مان ظاهر هوندي هئي ته هو سينڌ سنئين ۽ چڱي
ڪڍندو هو، ۽ سندس ڪپڙا پوشِدا هئا ۽ سندس بوٽ
چمڪندا هئا.
وايويئن بروس جو پيءُ، سر رالو بروس، اصل
ڪنهن خاص بُڻائتي خاندان جو نه هو، پر ڪنهن سرڪاري
ڪم ۾ شامل ٿيڻ ڪري هن کي ”نائيٽ“ ڪيو ويو هو، ۽
”سر“ جو خطاب مليو هو؛ انهيءَ ڪري لنڊن جي سکرن
سان آمد رفت ڪرڻ لڳو. هن جي ظاهري هلت، ۽ بندوبست
۽ مهمانن جي آمدرفت ڪري، ماڻهو سمجهندا هئا ته هن
جي آمدني چڱي آهي ۽ هو ڏاڍو دولتمند آهي، تنهن ڪري
امير ماڻهو ۽ شاهي خاندان وارا به هن سان آمدرفت
جو رستو رکڻ لڳا. ظاهري پيدائش جو اپاءُ ڪو ڏسڻ ۾
نٿي آيو، رڳو هڪڙيءَ بئنڪ جو چيئرمين هو، تنهن جو
پگهار ملندو هوس؛ پر جيڪو وٽس ايندو هو، سو زور
ڪري سندس گذران جي رستن يا اپائن جي پڇا ڪرڻ يا
خبر رکڻ جو ضرور نه ڄاڻندو هو، ۽ نه انهيءَ جي
حقيقت معلوم ڪرڻ گهرندو هو ته هو ڪيئن دولتمند ٿيو
آهي. بروس به هلت چلت ۾ پنهنجي پيءُ جي پيروي ڪرڻ
لڳو ۽ ڪاليج ۾ جيڪي سکر سکر شاگرد هئا تن سان
معرفت ۽ دوستي رکڻ لڳو. سگهو ئي هو سڀني جو واقف
ٿي ويو، ۽ سڀئي وٽس سندس جاءِ ۾ پيا ايندا هئا –
سواءِ هڪڙي جوان امير، لارڊ ”ڊي وين“ جي (جنهن جي
بابت هيٺ ذڪر ايندو، جو حجاب وارو ماڻهو هو ۽ دور
گذاريندو هو، ۽ بروس جي خوشامد جهڙي گستاخي پسند
نه ڪندو هو.
”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج ۾ جيڪي خيراتي اسڪالر
هوندا آهن، سي ٻين شاگردن سان گڏ ساڳئي وقت ماني
نه کائيندا آهن، پر انهيءَ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ
کائيندا آهن. طعامن جون رڪابيون، جن مان پهرين
”فيلو“ ڪڍي کائي اٿندا آهن، سي ئي هنن جي ميز تي
کائڻ لاءِ رکندا آهن. اهڙي ناموافق بندوبست کان
اميد آهي ته ڪاليج جا باني جلد پشيمان ٿيند،ا جو
قديم دستور جي غير واجبي پيرويءَ ڪري هلي اچي.
انهيءَ ساڳئي ڪاليج ۾ ڪيترائي مشهور ۽ ناميارا
عالم انهيءَ خيراتي ميز تي کائي اٿيا آهن، انهن کي
اها مٿين صلاح بيشڪ پسند ايندي. خيراتي شاگرد اڪثر
سکرن ۽ شريف ماڻهن جا پٽ آهن – گهڻو ڪري پادرين
جا، جن جي گذران جو اپاءُ اهڙو آهي جو هو ڪاليجن
جي ڳري خرچ جو بار کڻي نٿا سگهن. انهن خيراتي
شاگردن مان گهڻا ته ٿوري عرصي کان پوءِ امتحانن ۾
مٿي اچي اسڪالر ٿا ٿين، ۽ نيٺ ”فيلو“ هئڻ جي عزت
حاصل ڪن ٿا. پوءِ ڇا لاءِ اهڙن فضيلت وارن شاگردن
تي بدنامي آڻجي، ۽ سندن نسبت ۾ گهٽ – وڌ ڳالهائجي
يا ٺٺولي ڪجي؟ سچ آهي ته ڪاليج جا ڪارپرداز مروت
وارا ۽ شريف ماڻهو آهن، ۽ اُهي اهڙو تفاوت نٿا رکن
۽ خيراتي شاگرد ٿيڻ کي عيب يا بي آبرو ئيءَ جهڙي
ڳالهه نٿا ڄاڻن. هنن کي لاچار قديمي رحم ۽ جهوني
دستور تي هلڻو ٿو ٿئي، ۽ انهيءَ کي ٽوڙي نٿا سگهن.
ڪنهن زماني ۾ ته اهڙن شاگردن کي اڃا به سادي ماني
ملندي هئي، ۽ ٽي – ٽي چار – چار ڄڻا هڪڙيءَ کي
ڪوٺيءَ ۾ فيلوئن جي پيرانديءَ کان سمهي رهندا هئا.
”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج وارنکي وري به شاباس آهي، جن
هنن کي اهڙيءَ خواريءَ کان ڇڏايو ۽ بهتر بندوبست
ڪيو، ۽ پري پري ملڪن ۾ قابل هشيار عالم ۽ فاضل،
شاعر ۽ مدرس، فصيح ۽ بليغ ماڻهو پيدا ڪيا، جي
ڪائونسلن جا مشير ۽ مير مجلس ٿا ٿين، ۽ انهيءَ ڪري
اهو ڪاليج ٻين سڀني ڪاليجن جو شاهه ٿو سڏجي. پر جي
ڪاليج وارا نصيحت ۽ صلاح جهڙيون ڳالهيون نه ٻڌندا،
ته انهيءَ ۾ ڪا سندن فضيلت يا نمڪ حلالي معلوم نه
ٿيندي. پنهنجي عيبن کي پسند ڪرڻ ۽ ناشائستين رسمن
کي قائم رکڻ مان هنن جي سچائي محبت ظاهر نٿي ٿئي.
جڏهن سندن ٻيا سڀ ڪم چڱا ۽ تعريف جوڳا آهن، تڏهن
ڪي ڀرمن ۽ وسوسن جهڙيون رسمون ۽ دستور جي اڃا هليا
پيا اچن، تن جي ڪري سندن ڏاهپ يا عقلمندي ثابت نٿي
ٿئي. هاڻي جييڪي اهڙن خيالن وارا ماڻهو آهن، سي
ڪاليج وارن شاگردن جي هيٺين گفتگو ٻُڌن. انهيءَ
سان هو راءِ ۾ شامل ٿين يا نه، تنهن جي خبر ناهي،
مگر انهيءَ جو مون تي تمام گهڻو اثر ٿيو.
بروس، لارڊ فٽزرس ۽ سر جان ڊي ايڪرس سان گڏ
بيٺو هو، جن کي ڪنهن ذاتي فضيلت جي ڪري اهي لقب نه
مليا هئا، مگر انهن لقبن جي زور تي هو وڏن وڏن
پروفيسرن ۽ عالمن سان گڏ وڏيءَ ميز تي کائڻ ويهندا
هئا، ۽ ٻيا شاگرد سڀ پري گڏ ويهندا هئا. انهن ٽن
سان گڏ مسٽر بوُڊل ۽ مسٽر ٽَلڪ به هئا، جن کي
گهڻيءَ دولت ڪري مسٽر سڏيندا هئا، ۽ اڪثر مٿين
سکرن سان گڏ اُٿندا ويهندا هئا. ٻئي پاسي، پردن
وٽ، چار يا پنج خيراتي اسڪالرشپ وارا شاگردبيٺا
هئا. ٻيا ڪي شاگرد هيڏانهن هوڏانهن لنگهه جي جاءِ
تي پکڙيا پيا هئا، ۽ انهن جي لاءِ نوڪرن سندن ميز
تي رڪابيون پئي رکيون. جولئَن لليسٽن سان پئي
ڳالهيو جو اتان اچي لنگهيو هو، ۽ بيهي هُن سان
ڳالهائڻ لڳو.
صفي جي در مان پري کان نهاري، سر جان ڊي
ايڪرس پڇيو ته ”اها ميز ڪنهن جي لاءِ وڇائي اٿن؟“
بُوڊول چيو ته ”اها خيراتي شاگردن لاءِ آهي.“ لارڊ
فٽزرس، جنهن کي ڳالهائڻ ۾ هٻڪڻ جي عادت هئي، تنهن
چيو ته ”خ، خ... خيراتي شاگرد! تنهن جي معنى ڇا
آهي؟“ بروس ان جي ورنديءَ ۾ جيڪا معنى سمجهائي، سا
اهڙي ناشائستي ۽ بيحيائيءَ جهڙي هئي جو هتي لکڻ
مناسب ناهي. تڏهن ڊي ايڪرس، جو فضيلت وارو ماڻهو
هو، تنهن هن کي چيو ته ”چُپ، چُپ، متان انهن
شاگردن مان ڪو ٻُڌي وٺي!“ بروس چيو ته ”پوءِ ڇا
ٿيو؟ انهيءَ ڪري ته پاڻ هنن کي فخر ٿيندو!“ ڊي
ايڪرس ته بروس جي ٻانهن ڇڏي هليو ويو؛ ۽ جولئَن
جنهن اها ساري گفتگو پئي ٻڌي، تنهن هڪدم اڳڀرو ٿي
بروس کي چيو ته ”هائو، سچ ٿو چوين، جيڪي بيحيا
ٽِنڊي، ماڪوڙا بيعقليءَ ۽ بي آبروئيءَ جهڙا لفظ
ڳالهائيندا، سي ٻڌي هو فخر ڪندا!“ تنهن تي لارڊ
فٽزرس چيو ته ”ت، ت... تونڙي ڪير آهين جو اهڙيون
ٻ، ٻ.... ٻوليون ٿو ڪرين؟“ اتي لليسٽن به وڌي اُتي
آيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڪير آهي؟ سائين، اصل نسل ۾
اوهان جو مَٽ آهي، عقل ۾ فهم توڙيءَ ٻيءَ فضيلت ۽
اخلاقن ۾ اوهان کان بهتر ۽ مٿي آهي. صاحبو، آءٌ
اوهان کي خبردار ٿو ڪريان ته ڀلائي ڪري اهڙا
ناشائستا اکر وري پنهنجي واتان متان ڪڍو.“ بروس
شرمندگيءَ جي ڪري ڪاوڙجي چيو ته ”اسان کي خبردار
ٿو ڪرين! ڇو، جي وري چونداسين ته پوءِ تون ڇا
ڪندي؟“ هُن ورندي ڏني ته ”بروس، ڇا ڪندين؟
خوشامدڙين ۽ خوشامد پسند بيعقلن ۽ ٽِنڊ ڪرڻ وارن
کي منهن تي جٺيوُن ڪندس، ۽ مناسب ٻوليون
ٻڌائيندس!“ ٻيو هڪڙو شاگرد اتي بيٺو هو، جنهن اهو
سڀ قصو ويٺي ٻڌو، تنهن چيو ته اوهان کي ٻانهن کان
وٺي هتان ڪڍي ڇڏينداسين! آهي اهو سو ڇوڪراڻو ڪم،
باقي ڪن قسمن جي ماڻهن لاءِ بلڪل جڳائيندو آهي.“
جڏهن بروس ۽ ان جي دوستن ڏٺو ته هاڻ خرابي
ٿي ٿئي، تڏهن ماٺ ڪري هليا ويا ۽ آئندي اهڙين
ٺٺولين ڪرڻ جي پچر ڇڏيائون. لارڊ ڊي وين به ماٺ
ڪري اهو رنگ ويٺي ڏٺو. انهيءَ جي زمينداري
”لانسٽيڊائبي“ جي ويجهو هئي، ۽ اهو ننڍي هوندي کان
جولئَن کي سڃاڻندو هو. هن جي ساري تعليم گهر ۾
خانگي ماسترن هيٺ هليل هئي. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ
ماڻس گوشي نشين ٿي گذاريندي هئي، جنهن ڪري هن کي
ماڻهن جي صحبت ۾ گذارڻ جو چڱو وجهه نه مليو هو،
انهيءَ سبب هو البت لڄارو ۽ ڊڄڻو رهندو هو، ليڪن
هن جا خيال تمام چڱا ۽ سڌريل هوندا هئا. هو جولئَن
کي پسند ڪندو هو، ۽ هن کي هشيار ڄاڻندو هو، بلڪه
”هارٽن“ ۾ هن سان گڏ پڙهڻ جي خواهش ڏيکاريندو هو،
مگر ماڻس نه ڇڏيندي هئي؛ سو ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج
۾ اچي داخل ٿيو هو. سگهو ئي پوءِ جولئَن وٽ آيو ۽
وري اچي جولئَن سان پنهنجي دوستي ڳنڍيائين. جولئَن
به کيس مان ڏيندو هو، ۽ گهڻو ڀائيندو هو، مگر هن
سان گهڻي گستاخي نه رکندو هو ته متان هن تي يا مٿس
ٽوڪ ٿئي. اها ڳالهه ڊي وين کي نه وڻندي هئي، مگر
انهيءَ جو سبب هن مٿين گفتگوءَ ۽ تڪرار کان پوءِ
هن کي ٿورو گهڻو معلوم ٿيڻ لڳو. سو هاڻ جولئن کي
چوڻ لڳو ته ”هوم، ماني کائڻ کان پوءِ ڀلائي ڪري
منهنجيءَ جاءِ ۾ ته اچجئين، تو کي ڪي چوڻو اٿم.“
پر جڏهن ڏٺائين ته جولئن نٽائي ٿو، تڏهن وري
چيائينس ته ضرور اچجئين! آءٌ هتي پاڻ کي اڪيلو پيو
ڄاڻان.“
تڏهن، ماني کائڻ کان پوءِ، جولئن گهمندي وڃي
ڊي وين جي جاءِ کان نڪتو. ڊي وين چيس ته ”هوم، تو
کي ڏسي آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. آءٌ سچ پچ پاڻ کي
هتي اڪيلو ٿو ڄاڻان. آءٌ اڳي گهر کان ڪڏهن به ٻاهر
نه نڪتو آهيان، ۽ اڃا هتي ڪنهن سان واقفيت پيدا نه
ڪئي اٿم.“ جولئَن سهي ڪيو ته هن کي دنيا جو گهڻو
آزمودو ڪونهي، تنهنڪري هن سان گهڻي همدردي ٿيس.
هيڏانهن هوڏانهن نظر گهمائڻ سان معلوم ٿيس ته جاءِ
۾ سامان تمام عمدو پيل آهي، مگر گهر جون نشانيون
منجهس گهڻيون هيون، جنهن ڪري ڪا وڻندڙ ترتيب رکيل
ڪان هئي: مثلاً سندس ماءُ جي تصوير، رناپڻ جي
پوشاڪ واري، بخاري جي مٿان رکيل هئي، ۽ سندس فوت
ننڍڙي ڀاءُ جي تصوير انهيءَ جي سامهون ٻئي پاسي
رکيل هئي؛ سهڻن جلدن وارا ڪتاب پنهنجي گهر واري
ڪتبخاني مان آڻي اتي جارن ۾ رکيا هئائين، لارڊ ڊي
وين جي حالت ۽ عزت هزارن ماڻهن کان بهتر ۽ مٿي
هئي، مگر هن جي هلت چلت ۽ ڊول ۾ ماءُ واري غمگيني
هئي. ٻيو وري اتي مائٽ مٽ به گهڻا نه هئس، ۽ اڃا
ڪاليج ۾ به ڪو دوست ڪو نه ڪيو هئائين ۽ نه ڪنهن تي
اڃا ڪو ڀروسو هوس، تنهن ڪري پاڻ کي اڪيلو سمجهندو
هو ۽ سندس دل خوش نه رهندي هئي. سو هاڻ چوڻ لڳو ته
”جولئن ڪاليج جي صفي مان نڪرڻ کان پوءِ هنن ماڻهن
جي جيڪا مون جهنگلي گفتگو ٻڌي، تنهن جي ڪري آءٌ
ڏاڍو شرمندو ٿيس – آءٌ ڀانيان ٿو ته تو کي ڏاڍو ڏک
۽ ارمان ٿيو هوندو.“ هن چيو ته ”خير، لحظي تائين
ٿيو، پر مون کي ڏک آهي ته ايترو خيال به مون کي ڇو
ٿيو. ٻين جي بيحيا ۽ بي فضيلت ٿيڻ ڪري ماڻهوءَ کي
ڇو چڙڻ گهرجي؟ اها ڪمبختي هنن جي آهي، نه اسان جي
انهيءَ نسبت ۾ هنن کي فقط خدا جو حڪم ياد ڏيارڻ
گهرجي، جو پاڪ ڪتاب ۾ آهي.“ هن چيو ته ”چڱو، پر
جولئَن ٻڌاءِ ته سهي ته ڇو تون خيراتي شاگرد ٿي
پڙهڻ آئين؟ ”لانسٽيڊائي“ جهڙي جائداد ته تو کي
ورثي ۾ مليل هئي، ۽ - “ جولئَن کلي چيو ته ”نه؛
منهنجو وقت ۽ منهنجي آزادگي منهنجي جائداد آهي، ٻي
ڪا زمين آءٌ ڪا نه ٿو رکان.“ هن چيو ته ”ائين آهي
ڇا؟ مون کي اميد هئي ته سگهو ئي تون منهنجو
پاڙيسري ٿيندين، ۽ اڳتي منهنجو مددگار رهندين.“ ڊي
وين حجاب کان وڌيڪ ٻي پڇا ڪا نه ڪئي، پر جولئَڻ کي
ٿورو غمگين ڏسي چوڻ لڳو ته ”هوم، تو کي خبر آهي ته
مون وٽ دولت گهڻي آهي – منهنجي گهرج کان زياده
آهي. مون کي خيال ۾ نٿو اچي ته ايتري دولت آءٌ ڇا
ڪندس. پاڻ انهيءَ مان مون کي تڪليف ٿي ٿئي. منهنجي
مرضي آهي ته – “ جولئَن تڪڙو ٿي چيو ته ”نه نه،
مهرباني تنهنجي. ”هارٽن“ ۾ مون کي نيوريءَ واري
اسڪالرشپ ملي هئي. مون کي بلڪل ڪنهن به قسم جي مدد
جي گهرج ڪانهي.“ ڊي وين شرمندو ٿي چيو ته ”منهنجي
ايتري چوڻ تان تو کي چڙ ته ڪا نه لڳي آهي. مون
نالائقي ڪئي.“ هن چيو ته ”بلڪل نه. مون کي تنهنجي
نيڪدليءَ ۽ چڱيءَ نيت جي خاطري آهي.“ ڊي وين چيو
ته ”تڏهن پاڻ زياده واقف ٿيون ته چڱو. ڪڏهن ڪڏهن
آءُ ته گڏجي ڪنهن پاسي هلي هوا کائون، يا جڏهن رات
جو تو کي ڪم نه هجي ۽ چانهه ويٺو پين، تڏهن آءٌ تو
وٽ ڳالهين ٻولين ڪرڻ لاءِ اچان. جولئَڻ چيو ته
”بيشڪ اچ.“ پوءِ هنن ٻنهي ٺهراءُ ڪيو ته ايندڙ آچر
جي ڏينهن شام جو ڊي وين هن وٽ ايندو.
”ڪئمفرڊ“ ۾ آچر جو ڏينهن جولئَن جي لاءِ
خوشيءَ جو ڏينهن هوندو هو. اهو بلڪل فراغت ۽ آرام
جو ڏينهن هوندو هو. جيڪو وقت ديول ۾ يا ٻين جي
صحبت ۾ نه گذرندو هو، تنهن ۾ هو اڪثر ٻين ڏينهن
کان وڌيڪ هوا کائڻ لاءِ پنڌ ڪندو هو، يا ماٺ ڪري
عمدن ۽ اعلى خيالن پچائڻ جي لذت حاصل ڪندو هو؛ خوب
ڪتاب مطالعو ڪندو هو ۽ شاعرن توڙي قابل مصنفن جي
ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. جيڪي انهيءَ هڪڙي
ڏينهن حاصل ڪندو هو، تنهنجن مزن ۾ سارو هفتو خوش
رهندو هو.ڪنهن وقت خدا تعالى جي يادگيريءَ ۾ به
خيال منجهه محو رهندو هو، جنهن ۾ هن جو گهڻو ڀروسو
رهندو هو، ۽ هو ڄاڻندو هو ته سندس مشڪل حل ڪندو ۽
نفس جي خواهشن جي خرابيءَ کان کيس بچائيندو. جيڪو
وقت هو اڪيلو گذاريندو هو، سو ٻين وقتن کان هن کي
وڌيڪ وڻندو هو. ڄاڻندو هو ته پنهنجي ڌڻيءَ جي
اڳيان ويٺو آهي، ۽ انهيءَ کان خير جي ڪمن ۾ مدد جو
سوال پيو ڪري.
انهيءَ ڏينهن به ماني کائڻ کان پوءِ هن ڪتاب
ويٺي پڙهيو ته ديول جو گهنڊ وڳو. ماٺ ڪري، ٽوپي
ڍڪي، ديول ڏانهن هليو. اڃا وقت پيو هو، تنهن ڪري
ٻاهر ورانڊي ۾ بيهي پسار ڪرڻ لڳو، ته ڊي وين به
آيو ۽ اچي ساڻس گڏيو. اوچتو سندس جهونو دشمن،
براگٽن، منهن پئجي ويس. انهيءَ پنهنجي سنگتيءَ کي
آهستي چيو ته ”مار، خيراتي شاگرد به هاڻي زور
وٺندا وڃن: هڪڙو خيراتي شاگرد ۽ هڪڙو امير، ٻئي هٿ
۾ هٿ ڏيو پيا پسار ڪن.“ اهو جيڪي هن چيو سو ڪجهه
ڪجهه جولئَن جي ڪن تي پيو، ۽ هن معلوم ڪيو ته بي
آبروئيءَ جهڙا اکر ڳالهايا اٿس؛ ڊي وين جو منهن به
ڳاڙهو ٿيڻ لڳو، جنهن مان معلوم ٿيو ته هن به اها
ڳالهه ٻڌي آهي. جولئَن کي چوڻ لڳو ته ”انهيءَ
جهنگليءَ جي ڳالهه دل ۾ نه ڪر، آءٌ تنهنجي سنگت
پنهنجي لاءِ عزت ٿو سمجهان. جولئَن، اهڙن وقتن تي
تون ڪهڙو نه صبر ۽ تحمل وارو آهين، شاباس هجئي!“
جولئَن، چيو ته ”آءٌ صبر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيا،
جنهن کي آءٌ ڌڪاريان ٿو، تنهن کي جيڪي وڻي سو پيو
چوي. مون کي هن جي پرواهه ئي ڪانهي. هلو ته اندر
هلون.“
هو گڏجي ديول ۾ گهڙيا. ڊي وين وڃي اميرن
وارين جاين تي ويٺو؛ ۽ جولئَن، لنگهي، پري، هيٺ
هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو، جتي غريب ۽ خيراتي شاگرد
ويهندا هئا - پر اڃا ڪاوڙ لهي نه ويئي هيس. ”سينٽ
ورنر“ واري ديول آچر جي ڏينهن پنجن سؤن ماڻهن سان
ڀرجي ويندي آهي، جن سڀني کي خاص ڪاليج واريون
ٽوپيون پيون هونديون آهن. سڀ جوان، خوبصورت، همت
ڀريا، قابل، همقوم،هڪٻئي جي ڀرسان گوڏا کوڙي
بيهندا آهن، ۽ گڏجي دعا جو راڳ ڳائيندا آهن، جو
وڏي باجي جي آواز سان مٿي چڙهندو ويندو آهي.
انهيءَ مٺي آواز ۽ دل چڀندڙ مضمون جولئَن جي دل کي
تسلي ۽ آرام ڏنو. دل ۾ چيائين ته ”اسين سڀ ڀائر
ناهيون ڇا؟ هڪڙي پيءُ جو اولاد ناهيون ڇا؟ هڪڙي
خالق جي مخلوق ناهيون ڇا؟ اڳوڻو، دشمن جي ڌڪار
وارو خيال سندس دل مان انهيءَ مهل نڪري ويو. جڏهن
گڏ ڳايل مناجات ۽ دعا پوري ٿي، تڏهن پادري اُٿي
وعظ ڪرڻ لڳو. پوءِ ته رهيو کُهيو غير به سندس دل
تان لهي ويو، ۽ سندس دل بلڪل صفا ٿي ويئي. دل ۾
چوڻ لڳو ته ”ته، اڳتي مون توبهه ڪئي! اڳتي ڪنهن کي
به آءٌ نه ڌڪاريندس. وڏي ماڻهوءَ جي نفرت ۽ غريب
جي ٺٺوليءَ تي ڪا به نظر نه ڪندس.“
مٿي جيڪي به اتفاقي ڳالهيون اسان ٻڌايون، تن
جي ڪري جولئَن کي پڪ ٿي ته اڳتي خيراتي شاگرد ٿي
رهڻ ڪري هميشه کيس تڪليف پيئي رسندي؛ پر پوءِ هن
کي خوشيءَ سان معلوم ٿيڻ لڳو ته اهو سندس خيال غلط
هو. انهيءَ وقت کان پوءِ هن وري ڪڏهن به پنهنجي
خيراتي شاگرد هئڻ جي نسبت ۾ خندي جهڙو اشارو ڪو نه
ٻُڌو. ڪاليج جي ظاهري قانونن جي تعميل کان سواءِ،
انهيءَ جي ٻي ڪا به نشاني ڪانه ڏٺائين – جيئن ته
ڌار ماني کائڻ، وغيره – جي البت ڪنهن مهل رنج
ڪنديون هيس. هن کي انهيءَ ڳالهه تي خفو لڳندو هو
ته جڏهن پهرين ٻيا سوين شاگرد کائي اٿن، تڏهن
خيراتي شاگرد ويهي کائين، ڄڻ ته نوڪرن سان گڏ ٿا
کائين! انهيءَ هوندي به جولئَن نفس ماري گذاريندو
هو، ۽ جڏهن ياد پوندو هوس ته ڪاليج جا پروفيسر ۽
ٻيا اختياريءَ وارا مٿس تمام مهربان آهن، تڏهن اها
ڳالهه وساري ڇڏيائين. ڏٺائين ٿي ته ٻين ڳالهين ۾
خيراتي شاگرد هئڻ ڪري ڪنهن به قسم جو تفاوت نظر
نٿو اچي، ڇا لاءِ جو سکر سکر ماڻهو خوشيءَ سان
ساڻس صحبت ڪندا هئا ۽ پنهنجا پسنديءَ جهڙا خيال
گفتگو ڪندي ظاهر ڪندا هئا، جنهن مان جولئَن جي دل
کي گهڻي همت ۽ تسلي حاصل ٿيندي هئي.
باب اٺون
پڙهڻ ۾ محنت ۽ سستي
جوان ماڻهن کي محنت ڪرڻ جي لاءِ ايتريون
ڳالهيون ترغيب ڏيندڙ آهن، جيتريون سست رهڻ جي لاءِ
آهن: پر انهن ۾ ڪو اهڙو به آهي. جو فقط پنهنجو فرض
ڄاڻي محنت پيو ڪري، انهيءَ لاءِ ته مائٽن کي به
خوش ڪري ۽ انهيءَ هنڌ جا گهربل ڪم به پورا ڪري؛ ڪو
انهيءَ لاءِ محنت ٿو ڪري جو هو ڪچيءَ کان محنت ڪرڻ
تي هريل آهي، ۽ اها سندس عادت ٿي ويئي آهي، ۽ هن
جو ارادو آهي ته پنهنجي دل ۽ دماغ کي تعليم ڏئي،
ڪو وري انهيءَ لاءِ ٿو محنت ڪري ته ڪاليج جو فيصلو
ٿئي يا ڪا اسڪالرشپ حاصل ڪري؛ ۽ ڪو انهيءَ لاءِ جو
هو وڏي طمع ٿو رکي ته وڏا وڏا امتحان پاس ڪري عزت
جهڙو درجو، علمي يا ملڪي، حاصل ڪري. اهڙا ڪي ٿورا
هوندا، جي علم کي ڄاڻي انهيءَ جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ
محنت ٿا ڪن ته تمام وڏا ۽ مشڪل مسئلا، جن تي اڳي
ئي هو خيال ڪرڻ لڳا آهن، سي پنهنجي لاءِ حل ڪرڻ
جهڙا ٿين: جولئَن هوم انهن ٿورن مان هڪڙو هو. هو
اهڙي شوق ۽ خوشيءَ مان پڙهندو هو، جو هر قسم جون
مشڪلاتون سندس اڳيان دور ٿينديون ويئون، جنهن ڪري
هو سچي پچي ڏاڍي جلد ترقي ڪندو ويو. علم جي ڪم ۾
جولئَن پنهنجي حياتيءَ ۾ پهريون ئي دفعو پاڻ کي
اڪيلو ڏٺو، ۽ ڪنهن به رهبر کان سواءِ پنهنجي منهن
مٿا هڻڻ لڳو. هو ڏاڍي خوشيءَ سان اهو ڪم ڪندو هو.
انهيءَ ڪم ڪندي، هو ڪڏهن مشڪلاتن مان لنگهندو هو،
ڪڏهن تڪليفون سهندو هو، ڪڏهن علمي اسرار ۽ خوبيون
ڏسي خوش ٿيندو هو، ۽ انهن جي سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ
لاءِ زياده شوق ۽ ڪوشش ڪندو هو. هن جو ارادو محض
علم حاصل ڪرڻ جو هو. ڇا لاءِ جو جيڪي ڪتاب پڙهندو
هو تن جا نازڪ ۽ مزي جهڙا مضمون هن کي پسند ايندا
هئا. گهڻن عمدن ڪتابن جا ڪي ڀاڱا ته هن اڳي ئي
اسڪول ۾ پڙهيا هئا، پر هاڻي هن کي اهي سڄا سارا
پڙهڻا هئا. هينئر هن کي شعر يا تاريخ يا فلسفي
وغيره جي بيانداز خوبي ايتري معلوم ٿيڻ لڳي، جيتري
اڳي ڪڏهن نه ٿي هئي. پهريون ڀيرو هن کي حقيقت ۽ سچ
جي صورت معلوم ٿيڻ ۽ انهيءَ مان لذت حاصل ٿيڻ لڳي.
قديم قابل مصنفن جي ڪتابن پڙهڻ ۽ انهن جي خيالن
معلوم ڪرڻ مان جا لذت ٿي اچي، سا ڪن ٿورن جي لاءِ
آهي: عام کي انهيءَ جي خبر ناهي، تنهنڪري هو
انهيءَ قديم علم کي ويجها نٿا وڃن، جيڪو هن وقت
جولئَن اهڙن ڪتابن پڙهڻ لڳائيندو هو، سو هو
سمجهندو هو ته آءٌ ڏاڍي خوشيءَ ۾ ٿو گذاريان. رات
جو انهن جو خيال هن جي دل تان نه ويندو هو، ۽
عالمن ۽ فاضلن جي صحبت ۾ ته هو مست ۽ محو ٿي ويندو
هو. هو ڏاڍي خيال سان پڙهندو هو، ۽ پوريءَ طرح
سمجهي پڙهندو هو. ڪي ماڻهو عمدا عمدا ڪتاب سرسري
طرح پڙهي ويندا هئا، ۽ پنهنجو مغز کپائڻ ۽ خيال
ڪرڻ نه گهرندا آهن؛ ۽ ڪي وري جيڪي پڙهندا آهن،
تنهن جو ظاهر مطلب ۽ معنى معلوم ڪري قناعت ڪندا
آهن، ۽ انهيءَ جي حقيقي معنى معلوم ڪرڻ ۽ شرحن
پڙهڻ جي تڪليف نه وٺندا آهن. جولئَن هيئن ڪندو هو
ته پهرين ڪتاب مان ڪو ٽڪر پڙهي ويندو هو ۽ انهيءَ
جو سرسري مضمون سمجهي ويندو هو؛ پوءِ وري اُهو
ساڳيو ٽڪر خيال ۽ ويچار سان پڙهندو هو ته مصنف جو
باطني ۽ حقيقي مطلب معلوم ڪري، ۽ جڏهن انهيءَ طرح
سڄو ڪتاب پورو ڪندو هو، تڏهن ٽيون ڀيرو وري اُهو
پڙهندو، انهيءَ جي سچي پچي معنى سمجهندو، لسو هليو
ويندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ڪئنيڊي يا اوئن يا لارڊ ڊي وين
ساڻس گڏجي ويهي پڙهند اهئا. انهيءَ وقت اڪثر هلڪي
۽ آسان قسم جا ڪتاب پڙهندا هئا، جي فقط مزي جهڙي
شعر يا قصي جي لاءِ پڙهندا هئا، جنهن جي ٻڌڻ سان
سڀني کي لذت ايندي هئي. باقي جيڪي ڏکيا ڪتاب هوندا
هئا، سي سڀ هو اڪيلو پڙهندو هو؛ مگر اهو جيڪو رات
جو وقت هو صحبت ۾ يا ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريندو هو،
تنهن ۾ هن کي خوشي به حاصل ٿيندي هئي، ۽ فائدو به.
لليسٽن به اڪثر هنن سان اچي گڏبو هو، اگرچ هن ۾
انهن قديم شاعرن ۽ مصنفن جي سمجهڻ جيترو مايو نه
هوندو هو؛ اوئن ۽ جولئَن کي البت هوندو هو. لليسٽن
۽ ڊي وين اڪثر معنى ڪرڻ يا ڪنهن تاريخي مثال ڏيڻ ۾
مدد ڪندا هئا، ۽ ڪئنيڊي وري سڀني کي چرچن گهٻن سان
خوش ڪندو هو. پر ڪئنيڊي انهن سڀني مان گهٽ پڙهڻ جو
خيال رکندو هو، ۽ اڪثر ٻيون ڳالهيون آڻي وجهندو
هو، جنهن ڪري هنن کي پڙهڻ وارو ڪتاب ڇڏڻو ٿيندو
هو. هو البت سست هوندو هو، ڇا لاءِ جو هن کي هر
قسم جي صحبت پسند ايندي هئي. هو اهڙو خوش طبع هو ۽
هن جو منهن اهڙو مزي جهڙو هو، جو سڀني کي هن جي
سنگت جي سِڪ رهندي هئي. سڀ ڪنهن وقت جي مانيءَ مهل
هن کي ڪنهن نه ڪنهن وٽ حاضر رهڻو ٿيندو هو، ۽
انهيءَ ڪري هن جي پڙهڻ جي وقت ۾ ناغو پوندو هو.
اسڪول ۾ اڪثر امتحان ٿيندا هئا، تنهنڪري سو هن کي
محنت ڪرڻي ٿيندي هئي ۽ وڃايل وقت جي پورائي ڪرڻي
ٿيندي هئي، پر ڪاليج ۾ ايترا امتحان نه ٿيندا هئا،
جنهن ڪري وڃايل وقت جي پورائي ڪري سگهي. هو
ڀائيندو هو ته 3 ورهيه پيا آهن، محنت ڪري امتحان
پاس ڪري وجهندس. هن جي لاءِ ، توڙي جولئَن جي لاءِ
وقت چڱي ڪم ۾ لڳائڻ ضروري هو. جو انهيءَ ڪري هنن
کي پئسي جي ڪفايت به هئي ۽ فائدو به هو. هو
جيتوڻيڪ پنهنجي پيءُ جو هڪڙو پٽ هو، ته به پڻس ڪو
وڏو دولتمند نه هو، جنهن جي مرڻ کان پوءِ هن کي ڪو
وڏو ورثو ملڻو هو.
هڪڙي ڏينهن هن جولئَن کي چيو ته ”هي دعوتن
جا ڪاغذ ته ڏس. ايترن هنڌن تي وڃڻ ڪري ماڻهوءَ کي
پڙهڻ لاءِ ڪو به وقت نٿو بچي. ڪيتري نه مشڪلات ٿي
ٿئي! تون الائي ڪيئن ٿو بندوبست ڪرين؟“ جولئَن
ورندي ڏني ته ”پهرين ته منهنجي ايترن ماڻهن سان
واقفيت ڪانهي؛ اهو به وڏو فرق ٿو ڪري. پر انهيءَ
کان سواءِ، آءٌ ماني کائي جلد اُٿندو آهيان، ۽ ٻين
سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ ويهي نه رهندو آهيان.“ هن چيو
ته ”آءٌ به جيڪر ائين ڪريان ته چڱو، پر ڪري نٿو
سگهان. سنگتين جي ڳالهه ٻولهه مان اهڙو مزو ٿو
لڳي جو انهيءَ کي ڇڏي اٿڻ تي دل نٿي چوي.“ جولئَن
چيو ته ”ڪڏهن ڪڏهن ڇو نه ڇڏي ڏيڻ گهرجي؟“ هن چيو
ته ”ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. ٻيا مون کي جهنگلي سمجهندا.
هاڻي هنن ٽن – چئن خطن مان ڪنهن جي دعوت رد
ڪريان؟“ ائين چئي هن اهي خط جولئَن کي اڇلائي ڏنا،
جنهن انهن مان هڪڙو کڻي کولي پڙهيو. هيئن لکيل هو:
”پيارا ڪئنيڊي، اڄ رات ڏهين بجي مون وٽ ماني اچي
کائجيئن. پتي راند به ڪنداسين. بروس به ايندو، جو
هن جي مرضي آهي ته تو سان واقفيت پيدا ڪري. تنهنجو
دوست، - براگٽن.“ جولئَن چيو ته ”هن کي جواب ڏيئي
ڇڏ. چئه ته نٿو اچي سگهان، معاف ڪجئين.“ هن چيو ته
”ائين ئي ڪندس. مون کي اهو براگٽن وڻئي نٿو هميشه
زور ڪري مون سان اچي ڳالهائيندو آهي.“ پوءِ هو
پنهنجو مٿو ٻانهن تي رکي انهيءَ خيال ۾ پئجي ويو
ته ڪاليج جا ٽي ورهيه لنگهي ويندا، ۽ وڃايل وقت جو
مون کي ڪو به سماءُ ڪو نه هوندو. جولئَن پڇيس ته
”تون پتن جي راند گهڻي ته ڪين ڪندو آهين؟“ هن چيو
ته ”ماني کائيندي، هئزليٽ پتن جي راند جي ڳالهه
چوري ته ڪيترن ئي شوق ڏيکاريو.“ جولئَن چيو ته
”آئون ائين ڪين ٿو چوان ته پتي راند ڪرڻ گناهه
آهي. آءٌ جيڪر پاڻ به ڪريان، پر وقت اجايو ٿو وڃي.
ڪڏهن اتفاق سان ڪجي ته حرڪت ڪانهي. مگر پئسن سان
ڪرڻ ته جوا بازي آهي. انهيءَ مان ته ماڻهوءَ کي ڪو
به فائدو ڪونهي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”مون پئسن سان
ته ڪڏهن ڪا نه ڪئي آهي. تون بروس کي سڃاڻين ٿو؟ هو
ڏاڍو مزي جهڙو ماڻهو آهي.“ جولئَن چيو ته ”هائو،
آءٌ سڃاڻانس ٿو.“ ٻيو وڌيڪ ڪي ڪين چيائين. هن جي
عادت هوندي هئي ته جنهن جي برخلاف ڪا راءِ هوندي
هيس، انهيءَ جي نسبت ۾ ڪي به زور ڪري نه چوندو هو.
ڪئنيڊي وري پاڻيهي چيو ته ”سچي، مون کي وسري ويو:
هو به ”هارٽن“ مان آيو آهي! پر تون نٿو ڀانئين ته
هو ڏاڍي مزي جهڙو ماڻهو آهي؟“ جولئَن چيو ته
”هائو، هو مزي جهڙو آهي، چڱيءَ صحبت ۾ گذاريو
اٿس.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”آءٌ فقط اڄوڪي رات ويندس.
گهڻن قسمن جي ماڻهن ڏسڻ مان مون کي خوشي ٿيندي
آهي. انهيءَ مان ماڻهو ڪي مڙئي پرائي ٿو.“
نيٺ ڪئنيڊي ويو. ماني براگٽن جي جاءِ ۾ هئي.
پوءِ هو اتان اٿي بروس جي جاءِ ۾ ويا، ۽ اتي پتن
جي راند ڪيائون. ٿورو ڪري پتن جي جوا شروع ڪيائون.
ٻيا سڀئي هشيار هئا، ڪنيڊي نئون هو. ڏسندي شوق
وڌندو ويس. ساڻن شامل ٿيو، ۽ وڏيڪ لذت ايندي ويس.
شراب جو دور ذري ذري پئي آيو، سو پئي پيتائون.
ڪئنيڊي پئسا کٽندو ويو، ۽ خوش ٿيندو ويو. گهڻي
شراب پيئڻ ڪري منهن ڳاڙهو ٿيندو ۽ اکيون چمڪنديون
وئيس. ڪيئن هو وري پنهنجيءَ جاءِ تي آيو، تنهن جي
ڪا به خبر ڪا نه رهيس. پر ٻئي ڏينهن جڏهن صبح جو
اٿيو، تڏهن مٿي ۾ سور هوس ۽ ٿورو تپ به هوس. اٿي
پيرن ڀر ٿيو، ته ميز تي هڪڙو ڪاغذ رکيو هو، جنهن
تي لکيل هو ته ”ڪئنيڊيءَ کي سخت فهمائش ٿي ڪجي جو
هو رات ٻاهرين بجي کانپوءِ ٻاهر هو.“ ڪاليج جي وڏي
ڊين جي صحيح پيل هئي. ڪئنيڊي ڏاڍو خفي ٿيو. هو
بستري ۾ پيو هو. انهيءَ ڏينهن ڪلاس ۾ به نه وڃي
سگهيو. دير سان ناشتو کاڌائين؛ پر انهيءَ مان به
لذت ڪا نه آيس. وري مٿان بروس لنگهي آيو، ۽ مبارڪ
ڏنائينس ته رات تو گهڻا پئسا راند ۾ کٽيا. ائين
ڪندي لليسٽن به ڪلاس مان موٽي اتي آيو، انهيءَ
لاءِ ته ڪئنيڊيءَ کان پڇي ته ڪلاس ۾ ڇو ڪين آيو.
پر جڏهن هن جو منهن ڦڪو ۽ ملول ڏسڻ ۾ آيو، ۽ بروس
کي به ڏٺائين ته بخاري جي ڀرسان آرام ڪرسيءَ تي
ويٺو آهي، تڏهن حيران ٿيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن جي
ڳالهه ڪري اٿي کڙو ٿيو. موٽندي، جولئَن به مليس،
جنهن کي ٻڌايائين ته ڪئنيڊي چڱي چال ۾ نٿي ڏڏنو.
جولئَن چيو ته ”انهيءَ ۾ ڪو به عجب ڪونهي. هن رات
جي ماني براگٽن سان گڏ کاڌي هئي، ۽ بروس ۽ ان جي
سنگتين سان پتي راند ڪئي هئائين. انهيءَ جي خرابي
ته سڀڪو پيو ٻڌي.“ لليسٽن چيو ته ”جولئَن، ڇو نه
پاڻ ڪنهن تجويز سان هن کي انهيءَ صحبت کان بچايون،
نه ته هن جو پڙهڻ پورو ٿيو.“ جولئَن ورندي ڏني ته
”هيُو، ڇو نه؟ پر پاڻ جيڏن کي وعظ ڪرڻ مان ڇا حاصل
ٿيندو؟“ هن چيو ته ”مَن اشاري سان چئجيس.“ جولئَن
چيو ته ”چڱو، اڄ رات آءٌ ائين ڪندس. من اڄ رات
پڙهڻ اچي.“
هو انهيءَ رات پڙهڻ آيو، ۽ جڏهن ٿورو وقت
گڏجي پڙهيائون ۽ ٻيا اٿڻ لڳا، تڏهن جولئَن هن کي
چيو ته اچ ته هلي ايوان ۾ پسار ڪريون. چانڊوڪي
ڏاڍي مزي جهڙي هئي، گاهه واري ميدان تي، عمارتن جي
پاڇولن کان سواءِ، اَڇ لڳي پئي هئي. ٿوري تائين
هنن ماٺ ڪري پسار ڪيو. ڪئنيڊيءَ جي دماغ ۾ ڪيترائي
خيال پئي آيا، پر اهڙا خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جهڙا نه
هئا، جهڙا جوانن کي ايندا آهن. جولئَن جو مغز به
خيالن سان ڀريو پيو هو. جيئن هو ٻئي ٻانهن ٻانهن ۾
ڏيو پئي آيا، ۽ ويا تيئن قسمين قسمين جا اميد ۽
خوشيءَ جا نماءَ سندن خيالي نظر اڳيان پئي لنگهيا.
جولئَن کي پنهنجي توڙي ڪئنيڊيءَ جي آئندي جي حالت
جو خيال هو، ڇا لاءِ جو ڪئنيڊي کي هو هاڻي ڀاءُ
وانگي پيار ڪرڻ لڳو هو، ۽ ان جي اخلاقي ضعيفائيءَ
جو هن کي ڪڏهن ڪڏهن ڊپ رهندو هو. اوچتو ڪئنيڊي چوڻ
لڳو ته ”جولئَن، ڪڏهن تو کي آئندي جي خوف ۽
خرابيءَ جو خيال اهڙو زور ڀريو دل تي آيو آهي،
جنهن کي ڪنهن به طرح روڪي نه سگهي – اهڙو، جنهن جو
دل ۾ يقين ٿئي ته ضرور ائين ٿيندو؟“ هن چيو ته
”هائو، بعضي ائين ٿيندو آهي؛ مگر بلڪل اهڙي قسم
جو، جهڙو تون بيان ٿو ڪرين، سو مون کي ڪڏهن ورلي
آيو هوندو.“ ڪئنيڊي چيو ته ”جولئَن مون کي سو اهڙا
خيال اچن ٿا، جن مان مون کي انهن ڏوهن جي خرابيءَ
جو ڊپ رهي ٿو، جي مون ڪڏهن نه ڪيا آهن. ائين ته
ڪين آهي ته ڪنهن اڳئينءَ حياتيءَ ۾ مون ڪي اهڙا
گناهه ڪيا هئا، جي هيستائين وسري ويل هئا، ۽ هاڻ
انهن جا نتيجا ٿا ظاهر ٿين، ۽ انهن جي سزا ملڻ
واري آهي؟“ جولئَن کلي چيو ته ”شايد اِهو اڄوڪي
صبح واري مٿي جي سور ۽ هاڻوڪيءَ رات جي ٿڌيءَ هوا
جو اثر آهي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”ماٺ ڪر، جولئَن،
اهي هاڻوڪن جسماني فلسفي وارن جا اجايا خيال آهن.
آءٌ پيش بيني ڪري، پڪ ٿو چوان ته مون تي ڪا مصيبت
اچڻي آهي. ڪهڙو شڪ ته آئندي اڳوڻن کان به زياده
خراب گناهه ڪريان! خدا جي مهربانيءَ سان آءٌ هليو
ته ڏاڍيءَ سنڀال سان آهيان، ۽ گناهن کان ڪوشش ڪري
پاسو پئي ڪيو اٿم، انهيءَ هوندي به سمجهان ائين
پيو ته مون جهڙو ٻيو گنهگار ڪو به ڪونهي.“ جولئَن
چيو ته ”ڪئنيڊي، ماڻهوءَ کي اهڙن خيالن جو شڪار
ٿيڻ نه گهرجي. مون کي به ڪڏهن اهڙا پيش بينيءَ
جهڙا خراب ۽ ڊيڄارڻ جهڙا خيال آيا آهن، پر اُهي سڀ
پڇاڙيءَ ۾ ڪوڙا ثابت ٿيا آهن. شايد اهڙا خيال
آسپاس جي حالتن ڪري دل ۾ پيدا ٿا ٿين، پر حقيقت
ڪري سڀ بادي آهن.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”خدا ڪري ته
اهي ڪوڙا هجن، پر آءٌ سو انهن جي ڪري ڏاڍو بي آرام
ٿو رهان.“ جولئَن چيو ته ”ڪئنيڊي، جي تون اهڙو
ارادو ڪندين ته اها پيش بيني ڪوڙي ٿيندي. حقيقت
ڪري اسين پنهنجا دشمن پاڻ آهيون، جنهن مصيبت جو
يقين ناهي، تنهن جي ڪري اڳي ئي ڇو بي آرام ٿيڻ
گهرجي؟ بهادر ٿي، ايماندار ۽ سچو ٿي، ۽ پاڪ ۽ صاف
ٿي، پوءِ خدا تعالى تو سان هوندو. جي مون تو کي
اڳي به اهڙِ صلاح ڏني هجي ته انهيءَ تي حيران نه
ٿجئين. منهنجي پيءُ مرڻ مهل منهنجي وڏي ڀاءُ کي
اها وصيت ۽ نصيحت ڪئي هئي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته
”بهادر ۽ ايماندار ۽ پاڪ رهڻ! جولئَن، تنهنجي
ڳالهه ضرور برابر هوندي. ڏس، مٿي آسمان تارن ۽
چانڊوڪيءَ سان ڪهڙو نه چڱو ٿو لڳي!“ جولئَن مٿي
نظر ڪئي ته انهيءَ مهل هڪڙو تازو کِڙڻ لڳو، جو
هڪڙي هنڌان نڪري، ڏاڍي، روشنائي ڪري، وري
اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو. انهيءَ مان هن دنيا ۾ گهڻن
جوان ماڻهن جي قسمت جو مثال ۽ نمونو خيال ۾ اچي ٿي
سگهيو. ڪئنيڊي ته ڪين ڪڇيو، پر ڪاليج جي دستور جي
برخلاف، انهيءَ رات ڪئنيڊيءَ جولئَن کي ڏاڍي شوق ۽
گرميءَ مان هٿ ڏيئي موڪلايو، ۽ پوءِ هو پنهنجيءَ
پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هليا ويا. |