سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: جولئن هوم

صفحو :1

جولئن هوم

شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ

ديباچو

هيءُ ڪتاب به فرار صاحب پادريءَ جو لکيل آهي، ۽ مشهور آهي – جيئن ڪ سندس ٻيا ٻه ڪتاب ”ٽي گهر“ ۽ ”ايرڪ“ آهن. جيئن انهن ڪتابن ۾، ترتيبوار، گهرن ۾ ۽ اسڪولن ۾ هلت ڪرڻ جو ذڪر آهي تيئن وري هن ڪتاب ۾ ڪاليجن ۾ هلت ڪرڻ جو ذڪر آهي. اميد ته شاگردن کي انهيءَ جي پڙهڻ مان گهڻو فائدو پهچندو. – قليچ بيگ

جون ، 1919ع

 

 

باب پهريون

هارٽن اسڪول ۾ تقريرن جو ڏينهن

        ”هارٽن“ اسڪول ۾ تقرير جو ڏينهن هو. صبح کان وٺي ٺاهوڪيون گهوڙي گاڏيون سڙڪ تان تڪڙيون پئي آيون ۽ منجهن ويٺل ماڻهن کي ماسترن جي گهرن ۾ پئي لاٿائون. جيڪي سکر سکر ماڻهو اچڻا هئا، تن جي ڏسڻ لاءِ گاڏين جو گڙڪو ٻڌيو، ماڻهن ذري ذري ڌيان سان نظر پئي ڪئي، ”ڪئينس هيڊ“ هڪڙي وڏي گاڏين جي قطار بيٺي هئي، ۽ گهٽيون ماڻهن جي انبوهن سان ڀريون پيئون هيون. چوڌاري ڏاڍو گوڙ ۽ چهچٽو لڳو پيو هو.

        ملاقاتي ماڻهو اڪثر ”هارٽن“ جي ڇوڪرن جا ماءُ – پيءُ ۽ ٻيا مائٽ هئا، جن صبح کان وٺي اسڪول ۽ ڳوٺ گهمي پئي ڏٺو. شاگردن جون مائون ۽ ڀيڻون هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري ڏاڍيون خوش ٿي ٿيون ۽ سندن ڇوڪرن کين ڏاڍي فخر ۽ خوشيءَ سان جدا جدا ڏسڻ جهڙيون شيون ۽ جايون پئي ڏيکاريون.انهيءَ مان ڪي ڪرڪيٽ جي ميدان تي پئي گهميون، ۽ ڪي وهنجڻ جي جاءِ واري مزي جهڙي پيچري سان پئي ويئون. گهڻيون خوبصورت ننڍيءَ ديول ۾ بيٺيون هيون، جنهن جون چٽيل دريون اس ۾ پئي چمڪيون ۽ رنگا رنگ عڪس ٻنهي پاسي وارن پيلپاون تي پئي وڌائون. سڀ کان وڌيڪ فخر ۽ شوق سان ڇوڪرن پنهنجن مائٽن کي اها قديم اسڪول جي جاءِ پئي ڏيکاري، جنهن جي سادن درين جي شيشن تي مشهور شاعرن ۽ فصيح ڳالهائيندڙن ۽ ملڪي مدبرن، ننڍي هوندي، پنهنجا نالا پنهنجي هٿ سان کرڙي اڪري ڇڏيا هئا، جن مان ڪي پنهنجي جهونيءَ محبت ۽ خوشي ظاهر ڪرڻ لاءِ اتي اچي حاضر ٿيا هئا.

        سگهوئي صبح جو وقت گذري ويو ۽ تقريرن ڏيڻ جو وقت اچي پهتو، جاءِ ۾ وڏا وڏا ناميارا ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ انهن جي ڏٺي راحت پئي آئي. وچ ۾ هڪڙي ميز رکي هئي، جا انعامي ڪتابن سان ڀري پئي هئي. ميز جي چوڌاري وڏن وڏن درجن وارن صاحبن جون جايون، سندن لاءِ مقرر ٿيل خالي پيئون هيون. مير مجلس، شاهي گهراڻي جو هڪڙو جوان شهزادو هو. ٻئي پاسي، ٿورو مٿانهي ٿلهي تي، مانيٽرن ۽ هوشيار شاگردن جي جاءِ هئي، جي ڪار گذاريءِ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اچي حاضر ٿيا هئا ۽ انهن جي پٺيان، مٿي ڇڄهريءَ تي قديم ”هارٽن“ جا شاگرد اچي گڏ ٿيا هئا، جن ۾ گهڻائي سکر ماڻهو ۽ ڇوڪرا هئا، جن کي ٻئي هنڌ ڪا جاءِ ملي نه سگهي هئي.

        مانيٽرن جي سامهون ويٺل هڪڙي جوان ليڊيءَ پيءُ کي چيو ته ”بابا، مون والٽر کان پئي پڇيو آهي ته انهن ڇوڪرن مان سڀ کان هوشيار ڪير آهي.“ وڏي ڀيڻس کنگهي چيو ته ”ڇوڪرا نه چئه، جوان ماڻهو چئه“ والٽر وري به زور سان چيو ته ”نه نه، انهن کي ڇوڪر سڏ، انهن کان پوءِ هو جوان سکر ماڻهو ٿيندا، ۽ اها رڳي اجائي بڙ بڙ آهي.“

        تڏهن انهيءَ جوان ليڊيءَ چيو ته ”چڱو، ٿلهي تي ويٺل ڇوڪرن مان ڪهڙو تمام هوشيار آهي، يا جنهن کي والٽر تمام وڏو ٻٽاڪي ۽ بڙبڙيو ٿو سڏي؟ هاڻي، بابا، اوهين قافيدان ٿي، منهن ڏسڻ سان، اٽڪل ڪري ٻڌايو.“ پڻس والٽر ڏانهن منهن ڪري چيو ته ”والٽر، تڏهن آءٌ نهاري ٻڌايان ته آئندي وقت جو بائرن شاعر ۽ پيل فصيح تقرير ڪندڙ ڪهڙو آهي؟“ هن چيو ته ”هائو“ تڏهن ٻڍي، عينڪ وجهي چتائي، مانيٽرن جي قطار ڏانهن نهاريو، جي منتظر ويٺا هئا ته هيڊ ماستر جي اشاري ڏيڻ تي هڪدم پنهنجيون تقريرون شروع ڪن.

        جوان ليڊيءَ وري به پيءُ کي چيو ته ”بابا، اڃا سهي ڪين ڪيو اٿوَ؟ ڪيترو نه گهڻو وقت ورتو اٿوَ. والٽر ٿو چوي ته اوهين ڏسڻ سان ٻڌايو ها.“ هن ورندي ڏني ته ” بابا ، صبر ڪريو، صبر، آءٌ انهيءَ دم ٿو اوهان کي ٻڌايان.“ ٿورو صبر ڪري پوءِ چوڻ لڳو ته ”هو ڇوڪر جو اسان جي ويجهو بينچ تي پوئين نمبر کان هڪ نمبر مٿي ويٺو آهي، تنهن ۾ ٻين سڀني کان ذاتي عقل زياده آهي.“ هن آڱر کڻي مانيٽرن مان هڪڙو ننڍڙو ڇوڪر ڏيکاريو، جنهن جي شڪل به چڱي هئي، مگر البت سندس منهن ملول ۽ غمگين ٿي ڏٺو، نه اهڙو خوش، جهڙو ڇوڪرن جو هئڻ گهرجي.

        والٽر ۽ سندس ڀيڻ ٽهڪ ڏئي کلي چيو ته ”غلط، غلط، غلط َ بابا، وري ڪوشش ڪريو ۽ جانچي ٻڌايو.“ ٻڍي چيو ته ” حرڪتي ڇوڪرا، آءٌ اڪثر غلط ڳالهه نه ڪندو آهيان؛ پر تڏهن به آءٌ وري جانچيان ٿو، نه انهيءَ ۾ ذري جو به شڪ ڪونهي ! انهن ڇوڪرن مان گهڻن جا منهن سمجهه ۽ ذهن جي تيزي ڏيکارين ٿا، پر رڳو انهيءَ هڪڙي ڇوڪر ۾ ذاتي طبيعي، جبلي عقل ڏسڻ ۾ ٿو اچي. انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟  والٽر چيو ته ” انهيءَ جو نالو ”هوم“ آهي. هو برابر هڪڙيءَ ڪري هوشيار آهي، پر سڀني ۾ هوشيار مانيٽر ٻيو آهي، جو ساري اسڪول جي شاگردن جو سرڪردو آهي: اهو آهي ”بروس“ پڻس چيو ته ” اهو ڪهڙو آهي؟ مون کي ته ڏيکار.“ هن چيو ته ”اجهو اسان جي سامهون، هنن جي وچ ۾ ويٺو آهي، اوجهو اهو ئي تقرير ڏيڻ ٿو اُٿي.“

        هن هڪڙو ڊگهو خوبصورت ڇوڪر ڏيکاريو، جنهن کي پنهنجي هوشياريءَ جي پڪ ٿي ڏٺي. اهو اُٿيو ۽ سڀني کي ڪنڌ جهڪائي سلام ڪري، ”برڪ“ جي مشهور تقريرن مان هڪڙو ڀاڱو اُٿي ياد پڙهڻ لڳو. اهڙي چڱي تقرير هن ڪئي، ۽ اهڙا هٿ جا اشارا پورا ٿي ڏنائين، جو جيڪو برڪ پاڻ حيران ٿي وڃي ها، تقرير پوري ڪرڻ تي چوڌاري تحسين جون تاڙيون وڄي ويئون ۽ بروس وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. معلوم ٿي ٿيو ته هو ڏاڍو خوش ۽ فخر واو هو.

        تڏهن والٽر پيءُ کي چيو ته ”بابا ڏٺو؟ هاڻي ڇا ٿا چئو؟ مون برابر ڪين چيو ڇا؟“ اهو والٽر به انهيءَ هارٽن اسڪول جو شاگرد هو، ۽ تنهنڪري اسڪول جي ساري خبر هيس، هن جو سمورو نالو والٽر ٿارنلي هو. ٻڍي رڳو مرڪيو، ۽ ٻين سان گڏ تاڙي به ڪا نه وڄائي هئائين. پڇڻ لڳو ته ”انهيءَ هوم کي به ڪا تقرير ڪرڻي آهي؟“ هن چيو ته هائو، ”شيڪسپيئر“ جي ڪتاب مان ڪي چوڻو اٿس. پر هو بروس جي اڌ جيترو به چڱو نه پڙهندو.“ ٻڍي چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته هن کي گهڻا انعام مليا آهن.“ پٽس چيو ته ”برابر. هو ڏاڍي محنت ٿو ڪري، تنهنڪري ضرور انعام ملنس ٿا. پر هاڻي بروس اصل ڪتاب ڪين پٽيندو آهي، تڏهن به ڍڳ ڪتابن جا انعام ۾ ٿو کڻي، جيئن پاڻيهي هينئر ڏسندئو“ پڻس چيو ته ”والٽر“ جي ڇوڪرا ڪتاب ڪين پٽيندا آهن، تن تي منهنجو ڪو به ڀروسو ڪونهي ۽ جيڪو ڏاڍي محنت ٿو ڪري، سو ٻنهي مان زياده هوشيار هوندو.“

        والٽر جو ڀاءُ، جو هارٽن جي اسڪول جو جهونو شاگرد هو ۽ جو اتي ويٺو هو، تنهن چيو ته ”هائو، والٽر، جڏهن ڪو ڇوڪر توکي چوي ته مون ڪتاب پٽڻ کان سواءِ انعام کٽيو آهي، اُهو ٻٽاڪي آهي، هوشيار نه هوندو، انهيءَ تي اعتبار متان ڪرين.“

        اتي مانيٽرن مان چار ڄڻا نڪري ٻاهر بيٺا ۽ ”وينس جي سوداگر“ واري ناٽڪ مان هڪڙو پردو ياد پرهڻ لڳا – هوم انهن منجهان هڪڙو هو. جيتوڻيڪ هن جي حصي ۾ گهڻو چوڻو نه هو، ته به اهو هن اهڙيءَ طرح ڳالهايو جو هڪدم معلوم ٿي سگهيو ٿي ته مصنف جي معنيٰ هن پوري سمجهي آهي. انهيءَ هوندي به هن هوشياريءَ يا خوشيءَ جو ڏيک ڪو نه ڪيو؛ ماٺ ڪري، نماڻو ٿي ويهي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ هن کي وري ” ٽيني سن“ جو هڪڙو شعر ياد پڙهڻو ٿيو؛ اهو هن اڳي کان به بهتر پڙهيو. آواز صاف هوس، هر هڪ مصرع هن چٽي ٿي چئي؛ سڀني جو ڌيان هن ڏانهن ڇڪجي ويو، جڏهن پڇاڙيءَ کي ويجهو آيو، تڏهن مضمون جي نظر تي، لفظ اهڙا دل جي جوش ۽ سوز مان ڪڍيائين ۽ انهن ۾ اهڙو محو ٿي ويو هو، جو بس ڪرڻ کانپوءِ به ڄڻ ته محويت جي حالت ۾ بيٺو هو. جڏهن تاڙيون وڄيون ، تڏهن هن جو خيال موٽيو ۽ ماٺ ڪري، رواجي طرح وڃي پنهنجي جاءِ وٺي ويٺو هو، جيئن پهرين اٿي آيو هو؛ منجهس ڪنهن به طرح ڪو ڏيک يا فخر ڪو نه هو.

        والٽر چيو ته ”شاباس، هوم، شاباس؛ واهه جو پڙهيئه!“ ۽ ٻڍي، مسٽر ٿارنليءَ، ٻه – ٽي ڀيرا ڪنڌ لوڏي هن جي تعريف ڪئي، ۽ پوئين مصرع جا هن پڙهي هئي، سا پاڻ به وري پڙهيائين.

        جڏهن هوم ويهي رهيو، تڏهن هڪڙيءَ خوبصورت جوان ليڊيءَ پنهنجي ماءُ کي چيو ته ”آءُ ڀانيان ٿي ته  ”جولئن“ تمام عمدو پڙهيو آهي، هائو يا نه ؟“ والٽر آهستي ڀيڻ کي چيو ته ”توبهه، آءُ ڀانيان ٿو ته اسان جي پاسي ۾ هي هوم جا مائٽ ويٺل ٿا ڏسجن!“ ڀيڻس چيو ته ”شڪ ناهي. هن جوان ليڊيءَ جا مهانڊا بلڪل مسٽر هوم جهڙا آهن، رڳو زياده نازڪ ۽ زنانا آهن. والٽر جون اجايون ٻوليون هن پئي ٻڌيون هونديون.“

        هنن جي ڳالهه سچي هئي، ڇا لاءِ جو جڏهن سڀ تقريرون ٿي رهيون، تڏهن هوم ٻنهي ليڊين کي پنهنجيون ٻانهون ڏيئي ٻاهر ايوان ۾ نڪري ويو، جتي سڀ ماڻهو منتظر ٿيو بيٺا هئا، انهيءَ لاءِ ته انعام کٽندڙن کي مبارڪون ڏين. سڀ کان پهرين بروس نڪو، جنهن کي چوڌاري تاڙيون وڄائي شاباس ۽ مبارڪون پئي ڏنائون. هن کي سڀ ڪنهن پئي سڃاتو، ۽ هن به سڀ ڪنهن کي پئي سڄاتو. ڪنڌ جهڪائيندو، مرڪندو، سڀني کي سلام ڪندو، هليو پئي ويو. سندس پٺيان سندس مائٽ نڪتا، ۽ بروس پنهنجيءَ ماءُ کي ٻانهن جي ٽيڪ ڏيئي، وڏن ڏاڪن تان لاٿو. انهيءَ مهل هڪڙي مانيٽر هڪل ڪري چيو ته ” ٽي دس اسڪول جي مهندار جي لاءِ !“ ڇوڪرن خوشيءَ سان ٽي دس تاڙين جا هنيا، ۽ بروس ٽوپي لاهي بيهي رهيو. سندس خوبصورت منهن مان هڪڙي قسم جي خاص خوشي پئي معلوم ٿي، جا اهڙن وقتن تي ٿيندي هيس.

        هڪڙو مسخرو ڇوڪرو جو اتي بيٺو هو، تنهن ٺٺولي ڪري چيو ته ”واهه واهه، بروس بادشاهه خوشامد جو واس ڌوپ ٿو سنگهي!“ ڪنهن ٻئي هن کي چيو ته ”ماٺ ڪر، بدمعاش“ ائين تڏهن ٿو چوين، جڏهن هو توکان لئٽن شعر ۾ گهڻو مٿي آيو هو“ مس هوم جا انهيءَ گوڙ کان پاسي ٿي بيٺي هئي، تنهن پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته ”جولئن، هيءُ ڏاڍو هر دلعزيز آهي، ۽ آهي به انهيءَ جي لائق، ڏٺئه ڪين ته اڄ ڪهڙو نه چڱو پڙهيائين !“ ۽ ٿڌو ساهه کڻي هن ڏانهن نهاريائين. پوءِ ماءُ کي چيائين ته ”اما، هاڻي هلندئو ته هلي ماني کائون. منهنجي استاد اوهان کي دعوت ڏني آهي، خبر اٿوَ نه ؟“

        هو اوڏانهن ويا ۽ جلدي ٿوري گهڻي ماني کائي ورتائون، ۽ ٻين سان گڏ وقت خوش گذاريائون. آگ گاڏيءَ جي وڃڻ ۾ اڃا ڪلاڪ کن پيو هو، تنهنڪري جولئن هنن کي جهونيءَ ديول ۾ وٺي ويو، ۽ اتان پرتي وڏا درخت ۽ ساوڪ واريون ٻنيون ڏيکاريائين، جي سمنڊ تائين پونديون ويون. نهايت عجيب ۽ پسنديءَ جهڙو نماءُ هو. مسز هوم چيو ته انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب جو هڪڙو شاعر انهيءَ هنڌ کي پسند ڪندو هو. جولئن ڪهڙيءَ قبر تي هو سمهي پوندو هو؟“ هن چيو ته ”هوڏانهن، اسان جي پٺيان، جنهن جون ڪنڊون بيوقوف تماشه بينن ڀڃي وڌيون آهن.“ ڀيڻس چيو ته ”بائرن شاعر سچي پچي ننڍي هوندي هنن وڻن هيٺان ويهندو هو، ۽ هن مزي جهڙي منظر تي نظر ڪندو هو ڪيئن؟“ ڀاڻس چيو ته ”هائو، وايوليٽ، وڏي هوندي وري ڇوڪر ٿيڻ لاءِ هن ڪيتري نه خوشي ڏيکاري هوندي ۽ انهيءَ قبر جي پهڻ وٽ ويهي، آرڙهه جي موسم ۾ ڪلاڪ کن گذاري، پوءِ ڪيئن نه وري جوانيءَ واري هوشياري ۽ چالاڪي ڏيکاري هوندائين ائين چئي وري هن ٿڌو ساهه کنيو. تڏهن وايوليٽ چيو ته ”پيارا جولئن“ تون ڪهڙو نه عجب جهڙو ڇوڪر آهين. ههڙي هنڌ ۽ ههڙي وقت ٿڌي ساهه کڻڻ مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟ ائين ڪرڻ لاءِ توکي ڪهڙو حق آهي؟ هڪ ڪلاڪ جي اندر مون ٻه ڀيرا توکي ٿڌو ساهه کڻندي ڏٺو آهي! انعام جي ڏينهن ”هارٽن“ جو هڪڙو شاگرد ۽ مانيٽر ٻه ڀيرا ٿڌو ساهه کڻندو، ته سندس ڪهڙو حال ٿيندو؟ تڏهن تون ساهه کنيو ڪيئن؟ مون کي ائين ڪرڻ مناسب نه هو. منهنجو اهڙو مطلب بلڪل ڪين هو.“ پوءِ ڪوشش ڪري، جيڪو دل تي غبار هوس سو في الحال لاهي، کلڻ ۽ چرچا ڪرڻ لڳو. جڏهن آگ گاڏيءَ جي وڃڻ جو وقت ٿيو، تڏهن ماءُ ۽ ڀيڻ کي وٺي اسٽيشن تي آيو ۽ انهن کي پيار مان موڪلائي ۽ روانو ڪري، گهمندو، شام جو موٽي جاءِ تي آيو.

Text Box: 9
10
8
4
2 
12

 

        وايو ليٽ ريل گاڏيءَ ۾ پنهنجيءَ ماءُ کي چيو ته  ويچارو جولئن ! آءُ ڀانيان ٿي ته هو پنهنجي مٿان جوابداريءَ جو گهڻو بار ٿو کڻي.“ پر ، جولئن پنهنجيءَ دل ۾ اهو خيال پئي ڪيو ته اسٽيشن تي وري ٻئي ڀيري تڏهن ايندو، جڏهن ٽرم پورو ٿيندو ۽ سندس اسڪول جي ڇوڪر ٿي رهڻ جو مدو پورو ٿيندو، هن در تي ٽيڪ ڏئي ڳچ وقت تائين ساوڪ واريءَ ٽڪريءَ ڏانهن پئي نهاريو، جنهن تي وڏا وڻ ۽ هڪڙو ڊگهو منارو بيٺو هو، ۽ خيال ۾ محو ٿي ويو. پٺن ٺپرڻ تي هو سجاڳ ٿيو، ۽ پنهنجو سنگتي ”لليسٽن“ ڏٺائين، جو پڻ هڪڙو مانيٽر هو. هن پڇيس ته ”ڪيئن، جولئن، هميشه وانگي پيو پهه پچائين ۽ خيالي ماڙيون اڏين!“ جو لئن چيو ته ”نه، مون اهو خيال پئي ڪيو ته سگهو ئي هن پنهنجي جهوني ”هارٽن“ کي ڇڏڻو ٿيندوسين. هتان پنهنجي ننڍڙي ديول ڪهڙي نه سهڻي ٿي لڳي، ۽ وڏي ديول جو منارو انهيءَ جي مٿان ڪيڏو نه وڏو آهي!“ هن چيو ته ”ننڍڙي ديول وڏيءَ جي پاڙ ۾ اهڙي ٿي لڳي، جهڙي ڪا خوبصورت ڇوڪري پنهنجيءَ ماءَ جي پيرن وٽ ويٺي هجي – جيئن ڪ تنهنجي شاعر استاد انهيءَ ڏينهن ٿي چيو. پر، جولئن، آءُ انهيءَ ۾ خوش آهيان ته پاڻ ٻئي گڏ هتان نڪرنداسين، آءُ، هلي چانهه پيءُ.“

 

        جولئن پنهنجي دوست جي جاءِ ۾ ويو. هو انهيءَ رات چانهه پي خوش ٿيا. لهواريون اوڀاريون ڳالهيون ڪيائون، ۽ انهيءَ ڏينهن جيڪي تقريرون هليون هيون ۽ ٻيو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن بابت ذڪر ڪيائون. جڏهن در بند ٿيا، تڏهن جولئن ويهي خط لکيا، پوءِ آئيندي جا خيال سندس دل ۾ اچڻ لڳا. تڏهن انهن کان جند ڇڏائن لاءِ شعرن جو هڪڙو ڪتاب کڻي ويٺو، جيسين ڪ ننڊ اچيس. پر سندس جاءِ جي مٿان بروس جي ڪوٺي هئي، انهيءَ ۾ اڌ رات تائين کلڪو ۽ هل پئي ٿيو، جنهن ڪري هن جي ننڊ ۾ خلل پئجي ويو. بروس به مهيني کن جي اندر ”هارٽن“ مان نڪرڻو هو، ۽ هي سڀ ”ڪئمفرڊ“ جي ”سينٽ ورنرس ڪاليج“ ۾ گڏ وڃڻا هئا، پر تفاوت هيءُ هو ته بروس پيسي وارو ۽ ناموس وارو ٿي وڃڻو هو ۽ جي فتحياب ٿي نه رهيو ته يونيورسٽي ۾ گهڻي تائين رهي نه ٿي سگهيو، تنهن کانسواءِ هن جا دوست تمام ٿورا هئا. اگرچ اُهي سچا هئا، ڇا لاءِ جو هو حجاب وارو ماڻهو هو. اهي ئي ڳالهيون هيون، جي هن کي غمگين رکنديون هيون ۽ جنهنڪري هو ٿڌا ساهه پيو کڻندو هو.

 

 

باب ٻيو

جوُلئن هوم

هيٺ پاڻيهي معلوم ٿيندو ته ٿورن ڏينهن کان ڪي ڳالهيون اهڙيون پيدا ٿيون هيون، جن ڪري لاچار ٿيو هو ته هوم ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج ۾ مددي يا خيراتي شاگرد ٿي پڙهڻ وڃي. جڏهن کان اها لاچاريءَ جي حالت پيدا ٿي، تڏهن کان هو خوش نه گذاريندو هو. هو ننڍي هوندي ڏاڍو نازڪ مزاج هوندو هو، انهيءِ ڪري خوشي يا ڏک جو اثر هن تي ٻيڻو ٿيندو هو، ۽ خيالي طبعيت هئڻ ڪري، ننڍي هوندي ئي هو ضعيف پيو ڏسڻ ۾ هوندو هو. اگرچ سچ پچ اهڙو ضعيف به ڪين هو. جيسين ”هارٽن“ ۾ هوندو هو، تيسين انهيءِ خالي طبعيت ڪري سندس نسبت ۾ ٻيا ماڻهو جيڪي رايا ڏيندا هئا، تن جو حد کان وڌيڪ خيال رهندو هوس. نماڻي طبعيت هئڻ ڪري سندس نسبت ۾ ٻيا ماڻهو جيڪي رايا ڏيندا هئا، تن جو حد کان وڌيڪ خيال رهندو هوس.نماڻيءَ طبعيت هئڻ ڪري، پنهنجي قابليت ۽ هشياريءَ ۽ ٻي لياقت گهٽ سمجهندو هو. هن جي دل ۾ ٻين ڏانهن تمام گهڻي محبت هوندي هئي، ۽ ٻين سان ڀلائي ڪرڻ جو شوق رهندو هوس؛ ٻين جا گڻ ڏسي. انهن جي تعريف ڪندو هو، ۽ ٻين جا ڏک سي انهن سان همدردي ڪندو هو. اهڙيءِ طبعيت هئڻ ڪري، جي ماڻهو هن کان گهٽ لياقت ۽ قابليت وارا هوندا هئا، تن جي جٺ ڦٽ يا ڌڪار هو خوشيءِ سان پاڻ تي صبرڪري پيو کڻندو هو. اگرچ انهيءَ ڪري اندر ۾ گهڻو درد ٿيندو هوس.

عجب جي ڳالهه اها هئي ته اهڙيءِ طبعيت واري ڇوڪر جا به ڪي دشمن هجن. هن کي خبر هئي ته ڪي ماڻهو به ساڻس دشمني رکن ٿا جي امڪان هجي ها ته ڪنهن طرح هو انهن سان رس رکيو اچي ها؛ پر جڏهن انهن جي دشمنيءَ جو سبب هو جولئن جي ڪن خراب ڪمن کان نفرت ۽ حقارت، تڏهن انهن سان رس رکڻ هن جي نظر ۾ ناممڪن هو، ۽ سندس وس کان ٻاهر هو. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته تمام چڱا ڇوڪرا تمام هر دلعزيز به نه ٿيندا آهن.

انهيءَ جولئن جا بدخواهه هن کي بروس جي مقابلي ۾ گهٽ ڄاڻندا هئا، بروس موچارو هشيار هو ۽ راند به چڱي ڪندو هو؛ شڪل جو به چڱو هوندو هو، ۽ سڀ ڪنهن سان رس رکندڙ هو ۽ ڪنهن کي رنجائيندو نه هو، تنهنڪري سڀئي هن کي پسند ڪندا هئا. مٿي چڙهڻ جو شوق هوندو هوس، تنهنڪري محنت به موچاري ڪندو هو، مگر راند وارن سان تمام گهڻي سنگت هوندي هيس، ۽ گهڻي محنت جو خيال نه رکندو هو. پر جولئن ٻئي ڊول جو هو. راند موچاري ڪندو هو؛ سگهو ئي انهيءَ سان ٿڪجي بيزار ٿي پوندو هو؛ ۽ هوڏانهن ٻيا ڇوڪر ٽي مهينا سانده راند جي چئو پچُوءِ پيا ڪندا هئا. هن جو شوق پڙهڻ لکڻ ۽ عقل سمجهه جي ڳالهين ڏانهن هوندو هو؛ ۽ ڪن ٿورن ٻين ڇوڪرن جي شوق انهيءِ پاسي هوندو هو.

هڪڙي ڏينهن، ماني کائڻ مهل، بروس چيو ته ”هوم، گذريو اڌ ڪلاڪ مون پئي جانچيو آهي ته تو پنهنجا چپ ئي ڪو نه چوريا آهن.“ هن چيو ته ”مون کي ڪي چوڻو به ڪين هو.“ هن پڇيو ته ”ڇو ڪين هو؟“ هوم چيو ته ”هتي اچي ويٺا آهيون ته رڳو ڪرڪيٽ، ڪرڪيٽ، ڪرڪيٽ جو ذڪر پئي هليو آهي. ٻن مهينن کان رڳو اهو ذڪر پيو هلي. اڄ آءُ ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ به شامل ڪين هوس، تنهنڪري نٿي ڳالهايم.“ براگٽن تڪڙو ٿي چيو ته ”ڪو تو کي ڳالهائڻ لاءِ منٿ به ڪو نه ٿو ڪري!“ اهو براگٽن راند وارن يارنهن ڄڻن مان هڪڙو هو، ۽ هوم جو خاص دشمن هو. پوءِ بروس ڏانهن منهن ڪري هن چيو ته ”بروس تو ڪين ڏٺو ته – “ جولئن بلڪل آرام سان چوڻ لڳو ته ”مون رڳو ايترو ٿي چيو ته جا راند مون ڏٺي ڪين هئي، ۽ جنهن تي آءُ حاضر ئي  ڪو نه هوس، تنهن جي بابت آءُ ڇا ڳالهائي سگهان ها.“ براگٽن وري به شوخيءَ مان چيو ته ”توکان ڪنهن ڪين ٿي پڇيو. جي ڪو ٻيو علمي بحث هجي ها ته پڪ آهي ته انهيءَ تي گهڻي ئي اجائي بڪ ڪرين ها.“

لليسٽن پنهنجي دوست جو طرف وٺي چيو ته ”براگٽن اوهانجين بيهودين ڳالهين کان اهڙو بحث چڱو آهي.“ هن چيو ته ”هوندو مگر مون کي مردانا ڪم پسند ٿا اچن.“ لليسٽن چيو ته ”تڏهن تنهنجيءَ نظر ۾ بيهودگي ۽ مردانگي هڪڙي ساڳي شيءِ آهي؟“ براگٽن جواب ۾ ڪجهه ڀڻڪيو، پر ”بيجيا“ ۽ ”نامرد“ کانسواءِ ٻيو ڪو لفظ سمجهڻ ۾ نه آيو. جولئن ته انهيءَ جي پرواهه به ڪا نه ڪئي، ۽ ڪو به وڌيڪ جواب ڪو نه ڏنائين. جڏهن ماني کائي اٿيا، تڏهن براگٽن وڏي سڏ چيو ته ”اهڙي قسم جي شخصن سان منهنجي پوي ئي ڪا نه، جي پاڻ کي ٻين کان هشيار سمجهن ۽ نڪ مٿي هوا ۾ ڪري هلن.“ لليسٽن چيس ته ”براگٽن اجائي ڇو پيو اڃا بڪ ڪرين؟ ٻڌيئي ته ڪو نه ٿو.“ پر اهڙا طعنا جولئن جي دل ۾ ڏاڍا اونها گهاو ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به، ڪو هوش وارو ڇوڪر جولئن جي لياقت ۽ ناموس، بروس کان گهٽ نه ڄاڻندو هو. سڀ سمجهه وارا ڇوڪر جولئن کي پسند ڪندا هئا، ۽ هن کي عزت ڏيندا هئا؛ ۽ جيڪي هن جا دوست هوندا هئا، سي سچ پچ شريف ۽ نيڪ ماڻهو هوندا هئا. بروس مغرور ۽ هلڪيءُ دل وارو هو، تنهنڪري سندس دوست به اهڙي ئي قسم جا هوندا هئا، ۽ جي سندس ڪو تعريف ڪندو هو، ته به لحظي جي لاءِ.

پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ڇوڪرن کي معلوم ٿيو هو ته جيولين ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج ۾ مددي شاگرد ٿي وڃڻو آهي، ۽ جن سببن ڪري هن ائين وڃڻ ٿي گهريو، تن جي هنن کي خبر نه هئي، تنهڪري هنن کي حيرت ٿي لڳي، پر انهيءَ ڳالهه ڪري پاڻ هن جي ٿورن دشمنن کي هن جي ستائڻ ۽ چيڙائڻ جو وجهه مليو، ۽ اهي بيحيا ٿي سندس نسبت ۾ ڪرهت جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. براگٽن هڪڙي ڀيري سندس ٻڌندي چيو ته ”مون کي اڳي ئي خبر هئي ته هو ڪنهن درزيءَ يا ٻئي اهڙي ڪنهن ڪاسيءُ جو پٽ آهي“ ٻئي هڪڙي وري چيو ته ”بروس، سينٽ ورنر جا ڪاليج ۾ ڪو وري اسين سندس جند ڇڏينداسين ڪيئن؟“

اهڙا طعنا ٻڌي، جولئن سڙي ويندو هو. اهڙو تنگ ٿيو جو ارادو ڪيائين ته پنهنجي سيکاريندڙ کي اها ڳالهه ٻڌائي، جو پڻ ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج مان هو. اهو خانگي ماستر رات جو اسڪول بند ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳي، يا جڏهن اڌ ڏينهن موڪل ملندي هيس، تڏهن پنهنجن شاگردن وٽ ايندو هو ۽ انهن کي تعليم يا ٻي صلاح مصلحت ڏيندو هو. پر آرڙهه جي ڏينهن ۾ سڀ ڇوڪرا سوير ئي راند تي ويندا هئا، تنهڪري اهو ماستر جاءِ ۾ اڪيلو ويٺو هو، ۽ ويٺي پڙهيائين؛ اتي جولئن وٽس لنگهي ويو. هو انکي ڏسي ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته
 ”ڪيئن جولئن خير مان آيو آهي؟ ڪيئن راند ڇڏي هيڏانهن آيو آهي“ ههڙين پڙهڻ جي ڪوٺين ۾ ويهڻ جي ڪا شاگردن لاءِ هيءَ مهل آهي !“ جولئن ورندي ڏني ته ”ٻيو خير آهي، آءُ فقط ڪا صلاح پڇڻ آيو آهيان. پر اوهان کي فرصت نه هجي ته تڪليف نه ڏيان، وڃي راند جي ميدان تي اجايو وقت وڃايان.“ هن چيو ته ”مون کي تڪليف ڪا نه ٿيندي، مون کي فرصت آهي. پر ڇو نه گڏجي هوا کائڻ هلو. هتي اندر ويهڻ کان ٻاهر هلندي، بهتر ڳالهيون ٻوليون ڪري سگهنداسين.

جولئن اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ مسٽر ڪارڊن هن جي ٻانهن وٺي اٿي راند جي ميدان ڏانهن هليو. ڇوڪرن ڪرڪيٽ پئي کيڏي، تن کي ٿورو ترسي ڏٺائون، ۽ طرفين جون هڪلون ۽ ٻوليون ٻڌائون. مسٽر ڪارڊن چوڻ لڳو ته ”شام جي وقت جڏهن آءٌ پڙهي پڙهي ٿڪبو آهيان، تڏهن اڪثر هتي اچي بيهندو آهيان، ۽ ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان – ڄڻ ته منهنجي حياتي وري تازي ٿي پوندي آهي.“

جڏهن راند بس ٿي، تڏهن جولئن پنهنجي استاد مسٽر ڪارڊن کي چيو ته ”سائين جيسين در بند ٿين، تيسين ٻنين مان هلي گهمي اچون ؟“ هن چيو ته ”هائو، پر تو مون کان ڪي پڇڻ ٿي گهريو نه؟“ جولئن چيو ته ”هائو، سائين آءُ ڀانيان ٿو ته مون اڳي ڪڏهن اوهان سان ذڪر ڪو نه ڪيو آهي؛ پر آءُ سينٽ ورنر جي ڪاليج ۾ خيراتي شاگرد ٿي وڃڻ وارو آهيان.“ اها ڳالهه ٻڌي مسٽر ڪارڊن حيران ٿيو. پڇڻ لڳو ته ”ڪا اهڙي ضرورت پئي هئي ڪيئن؟“ جولئن چيو ته ”هائو، سائين يا ته ائين وڃي ٿي سگهيس، يا ته اصل وڃي نه ٿي سگهيس، تنهنڪري لاچار ائين وڃڻ پسند ڪيم. پر مون اوهان جي صلاح پڇڻ ٿي گهري ته انهيءَ طرح وڃڻ ڪري ٻيا مون کي نفرت يا حقارت جي نظر سان ته نه ڏسندا، ۽ مون کي چيڙائيندا ته ڪين؟ جي ائين هجي ته _“ مسٽر ڪارڊن هڪدم چيو ته ”نفرت اڃا حقارت انهيءَ ۾ ڪهڙي آهي. نفرت يا حقارت اهي ڪندا، جي ڪمينا ماڻهو هوندا. عقل وارو ڪو به ڪو نه ڪندو.“ جولئن پڇيو ته ”هارٽن وارا ڇوڪرا مون کي طعنا ميهڻا ته ڪين ڏيندا؟“ هن چيو ته ”نه نه، اهي ڇو ڏيندا؟ پر جي کڻي ڪو اهڙي هلت ڪندو ته پنهنجي نالائقي ظاهر ڪندو. اهڙن ڇوڪرن سان تون سنگت نه رکجئين.“ پر جولئن کي ايتري دلاسي مان ڪا تسلي ڪا نه ٿي؛ چوڻ لڳو ته ”جي ڪو کڻي طعنا نه به هڻي، ته به ايترو ته ڄاڻندا ته سندن سگت منهنجي لاءِ فخر جو سبب نه آهي“ ماستر چيو ته ”جولئن، ڳالهه ٻڌ، خيراتي اسڪالر شپ وارو شاگرد غريب شمار ۾ ٿو اچي، ۽ انهيءَ لاءِ ڪاليج گذران جو اپاءُ موجود ڪري ٿو. اهڙن شاگردن مان ڪي تمام مشهور ماڻهو نڪتا آهن؛ اڪثر جيڪي ”فيلو“ پئي ٿيا آهن. سي انهيءَ قسم جا شاگرد ٿي رهيا آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو کڻي اهڙو بيوقوف ٿيندو جو گهٽ پئسي واري هئڻ ڪري توسان نه ڳالهائيندو ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ جي توکي ڪهڙي پرواهه رکڻ کپي.“ جولئن چيو ته ”سائين انهيءَ هوندي به هن زماني ۾ دنيا جي عزت آبرو اهڙين ئي اتفاقي ڳالهين تي منحصر ٿي رهي.“ ماستر چيو ته ” سچ آهي، پر تڏهن تعليم مان ڪهڙو فائدو، جي اسان سڀ ڪنهن انسان کي انسان ڪري نه ڄاتو ۽ دولتمنديءَ کان مٿي ٻي ڪا به فضيلت يا لياقت جي نشاني شمار ڪرڻ ۾ نه آئي؟ انهيءَ منهنجي سوال جو جواب ڏي.“ جولئن چيو ته ”سائين، برابر جيڪو مون سان اهڙي هلت ڪندو، تنهن جي نسبت ۾ منهنجي راءِ چڱي نه هوندي، مگر انهيءَ هوندي انهيءَ جي اهڙي هلت کان مون کي گهڻو خفو لڳندو.“ مسٽر ڪارڊن چيو ته ”جولئن، منهنجي نظر ۾ آهي ته جنهن لاچاريءَ سبب تون خيراتي شاگرد ٿي ڪاليج ۾ ٿو وڃين، سا گهڻين ڳالهين ڪري تنهنجي لاءِ فائدي واري آهي. چڱي ۽ مرداني ماڻهوءَ لاءِ غريبي ۽ خود انڪساري تمام عمدي قسم جي تعليم آهي. نبي ۽ وڏا بزرگ شاهي محلاتن ۽ شاهي پوشاڪن ۾ نه ٿيندا آهن. شيطاني جاين ۽ دنيائي ڌنڌن سان انهن جو واسطو نه رهندو آهي. اڪثر اهي غريب مسڪين ٿيندا آهن.“ انهيءَ طرح، انهيءَ مضمون تي هنن ڳچ تائين پاڻ ۾ گفتگو ڪئي، ۽ مسٽر ڪارڊن هن کي پوريءَ طرح سمجهايو ته ” خاص ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ انهن دولتمند ۽ شريف ماڻهن کي مانُ ملندو آهي، جي قابليت ۽ فضيلت ۽ اخلاق وارا هوندا آهن، ۽ جن ۾ ذاتي طبيعتي لياقت موجود هوندي آهي. پڪ ڄاڻج ته هڪڙي ٽرم کانپوءِ توکي اها نازڪ طبعي ڇڏي ويندي، ۽ اهڙين ڳالهين تي تون پيو کلندي. انهيءَ وچ ۾ تون محنت ڪري پڙهندي ته توکي سڀ مانُ ڏيندا. شرافت نيڪيءَ ۾ آهي: اهو ئي تنهنجي ڪاليج جو قائم دستورالعمل ۽ نشان آهي.“ جولئن چيو ته ”چڱو، ڪنهن به طرح آءٌ محنت ڪري پڙهندس.“ ماستر پڇيس ته ” ڪهڙي لاچاريءَ ڪري تون  خيراتي شاگرد ٿي ڪاليج ۾ ٿو وڃين” انهيءَ جي ٻڌائڻ ۾ حرڪت ڪا نه هجي ته ٻڌاءِ.“ هن چيو ته ”حرڪت ڪانهي، اوهين مون تي هميشه مهربان پئي رهيا آهيو. پنهنجي خانگي حالت ٻڌائڻ ۾ مون کي ڪهڙو عار آهي؟ “

پوءِ ته ساين ٻنين مان هلندي، جولئن پنهنجو سارو خانگي احوال پنهنجي ماستر کي ٻڌايو، جو نه رڳو سندس ماستر هو، پر سچو خير خواهه ۽ محبت وارو دوست هو. اهو احوال ٻئي باب ۾ ڏينداسين.

 

باب ٽيون

گذرئي احوال تي سرسري نظر

جولئن جو پيءُ، ”الڊائون“ ڳوٺ جو پادري هوندو هو. اهو ڳوٺ ”ڊيوان شائر“ واري سمنڊ جي ڪناري تي هو. مسٽر هوم پيءُ جو هڪڙو ننڍو پٽ هو، تنهنڪري گهٽ پئسي وارو ماڻهو هو. تنهن کان سواءِ، سندس خاندان اکيون پوري وڏي واپار ۾ هٿ وڌو هو، تنهنڪري نقصان سهڻا پين، ۽ موروثي ملڪيت جو وڏو حصو انهيءَ ۾ گم ٿي وين. انهيءَ ڪري مسٽر هوم کي گهڻو ارمان نه ٿيو. هو قناعت وارو ۽ ساديءَ هلت وارو ماڻهو هو، تنهنڪري هو دولت جي نه هئڻ جو ڌيان نه ڪندو هو، ۽ هميشه خوش ۽ راضي رهندو هو. ڪاليج مان نڪرڻ کان پوءِ هو وڃي پادري ٿيو، ۽ پنهنجو سارو خيال انهيءَ پاڪ ڪم ۾ لڳايائين.

جنهن هنڌ پهرين هو پادري مقرر ٿيو، اتي هن  تمام چڱو گذاريو. سندس بالادست وڏو پادري، ايلفرڊ جو بشپ، ڏاڍو انصاف پسند ماڻهو هوندو هو. جڏهن ڪا اضافي جهڙي جاءِ سندس کاتي ۾ خالي ٿيندي هئي، تڏهن پنهنجي زير دست پادرين جي ياداشت تي نظر گهمائي، ويچار ڪري، جيڪو سڀ کان زياده لائق ۽ هشيار ڄاڻندو هو، انهيءَ کي مقرر ڪندو هو. هن کي ظاهري ڏيک ۽ بڙ بڙ وارا ماڻهو نه وڻندا هئا، ۽ نه اُهي، جي وڏن نالن ۽ لقبن ۽ خطابن ۽ عهدن تي فخر ڪندا هئا. هن جو دولت ۽ ٻين دنيائي ڳالهين تي ڪو به خيال ڪو نه هوندو هو. هن کي غريب ۽ نماڻا، سچيءَ دل ۽ پاڪ خيالن وارا ماڻهو پسند ايندا هئا. ۽ انهن کي ئي پنهنجي کاتي ۾ رکندو هو. انهيءَ ڪري سڀ پادري خوش رهندا هئا، ۽ سڀني کي پڪ هوندي هئي ته ڪنهن جي فضيلت ۽ لياقت، قابليت ۽ خوش اخلاقي، بشپ ” مارس“ جهڙي وڏي پادريءَ کان ڳجهي ڪا نه رهندي، ۽ انهيءَ جو انعام هو ضرور ڏيندو.

پنجن ورهين جي سخت محنت کانپوءِ، بشپ، مسٽر هوم کي اضافو ڏيئي هڪڙي هنڌ رکيو، جتي سگهو ئي سڀ ماڻهو هن کي پسند ڪرڻ لڳا – خصوصن انهيءَ هنڌ جو رئيس، آرل آف رنز، جنهن جي سفارش ۽ مدد سان هو الڊائون جو پادري ٿيو. انهيءَ وقت هن جي عمر ٽيهه ورهيه هئي. هن ارادو ڪيو ته اتي گهر ڪري رهي پوي. ٿورن ڏينهن کانپوءِ هن هڪڙي پاڙي واري ٻئي پادريءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. پر اها نه فقط ظاهري خوبصورتي رکندي هئي، پر اندر جي به، اگرچ ٻيو ڪي به ڏاج ۾ ڪين مليو هوس، جو غريب ڪٽنب جي هئي، انهيءَ هوندي به هنن جي گهر ۾ فرحت ۽ آرام هو. انهيءَ جي نظر هيٺ هڪڙو مزي جهڙو باغ بنجي ويو ۽ چوڌاري ساوڪون لڳي ويون؛ آسپاس مزي جهڙيون ٽڪريون ۽ ڍنڍون هيون، جنهنڪري الڊائون مزي جهڙو ڳوٺ مشهور ٿيڻ لڳو. وري جڏهن هن کي ٻار ٻچا ڄاوا ۽ اتي ڊوڙڻ ڊڪڻ ۽ رانديون ڪرڻ ۽ کلڻ لڳا، تڏهن ته اهو گهر بهشت جو نمونو ٿي پيو، انهن ٻارن مان جولئن سڀني کان وڏو هو. پيءُ – ماءُ جو هن سان گهڻو پيار ٿيو، جو هنن ٻنهي جا چڱا گڻ هن ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا. ٻيو ٻار ڌيءُ هئن، جنهن جو نالو ”وايوليٽ“ هو. ٻن ورهين کانپوءِ وري هن کي ”سئرل“ ۽ ” فرئنڪ“ ڄاوا. اهي چارئي گهر ۾ پڙهيا، ٻيو ڪو به ٻاهريون پڙهائڻ يا سنڀالڻ وارو ڪو نه هو. جڏهن جولئن تيرنهن ورهين جو ٿيو، تڏهن هنن ارادو ڪيو ته هن کي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪلجي. هيستائين، ٻاهرين ماڻهن جي عزت آبروءَ ڌاران ئي، مائٽن  ۽ ٻارن جي محبت توڙي ڀائن ۽ ڀيڻ جي محبت ايتري هوندي هئي، جو خوشيءَ کانسواءِ هنن کي ڏک جي خبر ئي ڪا نه هوندي. جولئن جي نڪرڻ ڪري پهرين پهرين هنن کي جدائيءَ جي ڏک جو سواد چکڻو پيو. مسٽر هوم کي خبر هئي ته جولئن جي اسڪول ۾ وڃي پڙهڻ ڪري هن کي گهڻائي خوف خطرا ۽ دنيائي آزمائشون پيش اينديون. ساڻس به اسڪول جي خرابين جون گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون هيون، تنهن کي به جولئن جو خوف ٿيڻ لڳو، پر مسٽر هوم چيو ته انهيءَ هوندي به هن کي اسڪول ۾ موڪلينداسين، ڇا لاءِ جو خوف کانسواءِ ڪنهن ۾ همت پيدا نه ٿيندي ۽ آزمائش کانسواءِ نيڪي زور نه وٺندي.

مسز هوم چوڻ لڳي ته ”ويچاري جولئن کي ڇوڪر چيڙائيندا ۽ ستائيندا ته ڪين؟“ مسٽر هوم چيو ته ”نه، پياري، اهڙيون ڳالهيون جي تو ڪتابن ۾ پڙهيون هونديون، تن جا ڏينهن گذري ويا آهن؛ هينئر ٻيو زمانو آهي. هينئر ڪنهن به آبروءَ واري اسڪول ۾ اهڙيون سخت مشڪلاتون ۽ تڪليفون پيش نه ٿيون اچن، جي ڇوڪرا آسانيءَ سان ٽاري يا سهي نه سگهن.“ تڏهن ماءُ چيو ته ”متان خراب صحبت ۾ خراب عادتون پونس ۽ بدچال ٿي پوي.“ مسٽر هوم چيو ته ”اهي ڊپ برابر آهن، پر ڇو نه ٻين هزارن وانگي، هو به اهڙين ڳالهين جي وسيلي همت، مردانگي ۽ پاڻ کي روڪڻ جو گڻ سکي. انهن کان نٽائڻ سان ڪو هو بچي سگهندو؟ ضرور انهن سان مقابل ٿيڻ ڪري ئي هو پاڻ کي بهتر ڪري سگهندو. انهيءَ ڪري عام اسڪولن جي تعليم، پوءِ جي دنيائي حياتيءَ جي لاءِ، گهر جي تعليم کان ٻارن کي زياده تيار ٿي ڪري ۽ وڌيڪ ڪم ٿي اچي. مسٽر هئزلٽ، اسان جي پاڙيسرڻ، به پنهنجي پٽ کي اهڙي بندش هيٺ رکيو اچي، ۽ هوءَ منهنجي انهيءَ صلاح تي هلڻ نه ٿي گهري؛ تنهنڪري سندس پٽ کي دنيا جي ڪا به خبر ڪانهي، ۽ ڪنهن به قسم جو تجربو ڪو نه اٿس. منهنجي مرضي ناهي ته اسان جي جولئن جو اهو حال ٿئي.“

انهيءَ ڪري، نيٺ جولئن کي ” هارٽن“ ڏانهن ڏياري موڪليائون. اُتي هُن چڱا ڏينهن گذاريا، ۽ جيڪي خوف جهڙيون آزمائشون هن کي پيش آيون، تن مان هن کي ڪوبه نقصان نه رسيو. جڏهن هو پهرين موڪل تي موٽي گهر آيو، تڏهن ساڻس هن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، جو هو جهڙو چڱو ۽ صالح ڇوڪر ٿي ويو هو، اهڙو ئي صحيح سالم موٽي آيو.

جڏهن پهرين جولئن اسڪول ڏانهن ويو، تڏهن ان جي اهڙي حالت هئي، جنهن ڪري گهڻو خوف هوس، ڇا لاءِ جو هن جي صورت يا سيرت اهڙي هئي جو سڀ ڪنهن ڏسندڙ تي ان جي ڪشش رهي ٿي سگهي. هن جو مهانڊو، هن جو ذهن ۽ هن جو خلق اهڙو هوندو هو، جو گهڻن جي وچ ۾ سڀڪو هن کي خيال سان ڏسي ها، وري خوش طبع ۽ سمجهو هو، تنهنڪري سڀڪو جيڪر هن جي خوشامد ڪري ۽ هن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪري، پر شايد سڀ کان وڌيڪ هي ڳالهه هئي ته خدا جو فضل هن سان شامل هو، جنهن ڪري ڪا به بدي يا خرابي هن کي ويجهي اچي نه ٿي سگهي. جيڪو به هن وقت اسڪول ۾ گذاريائين، تنهن ۾ هن اهڙو ڪو به گناهه نه ڪيو، جو ٻين ڪيترن ئي ڇوڪرن ٿي ڪيو، جيڪو بيان ٻيا ڇوڪرا پنهنجي اسڪو جي ڏينهن جو ڏين ها، سو هن جي بيان کان بلڪل ٻيءَ طرح جو هجي ها. ڪچيءَ کان عقل ۽ مذهب جا خيال هن جي دل ۾ اچڻ لڳا هئا، تنهنڪري هن جي حياتي پاڪ ٿيڻ لڳي. اهڙيءَ طبعيت جا ماڻهو تمام خوش گذاريندا آهن، اگرچ تمام ٿورا ٿيندا آهن.

هيو لليسٽن به جولئن کي خوش رکڻ ۾ ٿوري مدد نه ڏني، جولئن اچي داخل ٿيو، تنهن وقت کان وٺي هو ٻئي هڪڙي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. انهيءَ وقت کان وٺي؛ هنن ٻنهي جي دوست ڳنڍي آئي. جڏهن لليسٽن پهرين جولئن کي ڏٺو، تڏهن سندس دل گهڻو تانگهيو ته هن سان وڃي ڳالهائي؛ پر پاڻ کي روڪيائين ته متان چوڻ ۾ اچي ته نيچاڻي ڪري، زور سان هن جو واقف ٿيڻ ٿو گهري. پهرين هڪ ٻن ڏينهن ۾ هنن ٻه ٽي لفظ پاڻ ۾ ڳالهايا، ڇا لاءِ جو جولئن کي به هن ڏانهن ميل ٿيڻ لڳو: پر ٻنهي تڪڙ نه ڪئي. ٻنهي ارادو ڪيو ته ڀلي سندن واقفيت ۽ دوستي درجي بدرجي پيدا ٿئي، ائين نه ٿئي جو هڪدم ٻئي ڊگهيون ڳالهيون ڪري دوستن کي ڳنڍين، ۽ هفتي ٻن کانپوءِ ڇني ڇڏين.

لليسٽن شروع ۾ ئي سهي ڪيو هو ته به خراب ڇوڪر نئين آيل جولئن کي ڏسي هن کي ناپسند ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي منهن تي پنهنجن خيالن ٻڌائڻ جو ارادو ڪيائون. هڪڙي ڏينهن جڏهن هو ٻئي گڏجي اسڪول مان نڪتا، تڏهن لليسٽن پڇيس ته ”تون برنيٽ ۽ جيفريءَ کي سڃاڻين ٿو؟“ جولئن چيو ته ”هائو، ٿورو ٿورو.“ هن پڇيو ته ”هتي اچڻ کان اڳي سڃاڻيندو هئين ڪيئن؟“ جولئن چيو ته ”نه؛ جڏهن آءُ نڪرندو آهيان، تڏهن چوٿين ڪلاس جي در تي منهنجي لاءِ بيهي رهندا آهن. سچ چوان ته مون کي هنن جي شڪل ڪين وڻندي آهي؛ مگر هنن کي ڪي چوڻ مون کي مناسب نظر نه ٿو اچي. ڪيئن هنن کان جند ڇڏايان؟“ هن چيو ته ”جي آءُ تنهنجيءَ جاءِ تي هجان ته جيڪر هن کي گهڻو ڏسان به ڪين.“ جولئن پڇيو ته ”سو ڇو؟“ هن چيو ته ”خير، تنهن کي ڇا ڪبو، مون رڳو توکي خبردار ٿي ڪيو.“ ايترو چئي، پوءِ لليسٽن هليو ويو. اهو ڊپ ۽ شرم هوس، ته متان اڳيان هو انهيءَ مان ڪا ٻي معنيٰ ڪڍي. جولئن کي ته اڳي ئي برنيٽ ۽ جيفريءَ جي خوشامد پسند نه ايندي هئي، تنهن پنهنجي نئين دوست جي صلاح تي هلڻ جو ارادو ڪيو. انهيءَ وقت کان وٺي هو ۽ لليسٽن زياده گهاٽا ٿيڻ لڳا. اڪثر گڏ گذاريندا هئا، ۽ جيڪي هڪٻئي جي سنگت کان بيزار نه ٿيندا هئا. نيٺ جڏهن سندن ماستر هنن جي دوستي ڏٺي، ۽ اها هن کي پسند آئي، تڏهن هن انهن ٻنهي کي هڪڙي ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني.، انهيءَ کانپوءِ اسڪول جا ڇوڪرا هنن کي عاشق – معشوق ڪري سڏيندا هئا، ۽ چرچي مان ”ليليٰ مجنون “ ۽ ” شيرين – فرهاد“ جهڙا مشهور مشهور نالا هنن کي ٿي ڏنائون.

هنن ٻنهي پنهنجي دوستيءَ ۽ محبت جي ڪري هڪٻئي تي صحبت جي ڪري هڪٻئي تي صحبت جو اثر پيدا ڪيو، ۽ هڪٻئي کي جدا جدا گڻ ۽ اخلاق سيکاريائون؛ لليسٽن جولئَن کي جدا جدا قسمن جي راندين ۽ وندر جهڙن شغلن مان واقف ڪيو، ۽ انهيءَ جي عيوض ۾ جولئن هن کي لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مدد ڏيندو هو، ۽ عقلي ۽ علمي شوق هن ۾ زياده ڪرڻ لڳو – جنهن ڪري وڏي هوندي هو سندس شڪر گذار رهندو هو. لليسٽن جي ڪوشش هئي ته جولئن سان گڏ مٿئين ڪلاس ۾ چڙهي انهيءَ ارادي سان هو ڏاڍي محنت ڪندو هو، ۽ هفتيوار يا ماهوار امتحانن ۾ مٿي ايندو هو. جولئن پهرين ٿورن ڇوڪرن مان هو، ته لليسٽن به انهن کان ٿورو هيٺ ڀرو ويهندو هو، پر پوين کان گهڻو مٿي هوندو هو.

انهيءَ طرح لليسٽن ۽ جولئن، ڪلاس بڪلاس، گڏ مٿي چڙهندا آيا. هنن ثابت ڪري ڏيکاريو ته چڱا ڇوڪر پنهنجي سچي محبت ڪري خوش ٿا رهن، ۽ هڪٻئي کي مدد ۽ فائدو ٿا رسائين. انهيءَ ڳالهه تي زور هن ڪري ٿو ڏجي ته ڪيترائي ڇوڪرا ڏسجن ٿا. جن جي دوستيءَ سان خراب نتيجا نڪتا آهن، ۽ جن دوستيءَ جو نالو بدنام ڪيو آهي.

ٽي ورهيه لنگهي ويا هئا، ۽ هاڻي هو ننڍڙا ڇوڪر نه هئا، پنجين ڪلاس ۾ گڏ هئا. جولئن سورنهن ورهين عمر جو هو. مارچ جي مهيني ۾، هڪڙي ڏينهن صبح جو، اسڪول کلڻ کانپوءِ سگهوئي، ڇوڪرن هڪڙو خط آڻي ماستر کي ڏنو، ۽ چيائون ته ”سائين، هي تار جو لفافو مسٽر هوم جي لاءِ آيو آهي.“ ماستر جولئن جو نالو وٺي سڏي، هن کي چيو ته ”هوم، هيءَ تار ڪلاس کان ٻاهر وڃي پڙهه، متان انهيءَ ۾ ڪا ضروري خبر هجي.“

انهيءَ مهربانيءَ جو شڪر گذار ٿي، جولئن اهو لفافو وٺي نڪري ٻاهر ويو، ۽ اهو کولي ڏٺائين اها تار سندس ماءُ جي هئي، جنهن ۾ لکيل هو ته ”هڪدم گهر اچ، تنهنجو پيءُ مرڻ تي آهي. وڌيڪ لکي نه ٿي سگهان.“ ڇوڪرن اتي ويٺي جولئن جي روئڻ جو آواز ٻڌو، ۽ ماستر لليسٽن کي اشارو ڏنو، جو ٽپ ڏيئي اٿي ٻاهر ويو، ڏسي ته جولئن بيهوش ٿيڻ تي آهي، ڇا لاءِ جو هن جي پنهنجي مائٽن سان تمام گهڻي محبت هئي. هن جولئن جي تار پڙهي، هن کي سهارو ڏيئي، ڏاڪڻ کان هيٺ لاٿو، ۽ ٿڌو پاڻي منهن تي هڻي، هن کي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويو. سگهو ئي پوءِ هو پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي ٻڌڻ لڳو جي ڄاتائين ته کيس گهربل ٿيندا. لليسٽن پنهنجي دوست کي تيسين نه ڇڏيو، جيسين سڀ بندوبست پورو ڪري هن کي ريل گاڏيءَ تي چاڙهي نه آيو، جڏهن گاڏي رواني ٿي، تڏهن هن کان موڪلائي موٽي آيو.

پهرين جولئن جو ڏک روئڻ ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو. هن کي گهڻي انتظار کان، منٽ – منٽ ڏينهن جي مثال هو. ڀانيائين ته هڪدم گهر پهچان ته چڱو. ياد ٿي پيس ته اڃا مهينو کن مس ٿيو هو ته پيءُ کان موڪلائي آيو هو، ۽ انهيءَ وقت پيءٌ جي شڪل هميشه کان ٻيءَ طرح ڏٺي هئائين. جنهن مان ائين پئي سمجهيائين ته شايد وري هن کي نه ڏسندو. نيٺ سج لٿي کانپوءِ هو الڊائون ۾ پهتو. اسٽيشن شهر کان مئل کن پري هئي. هوا گهڻي هئي، ۽ مينهن جي ڦڙ ڦڙ پئي پيئي، گهوڙي گاڏي موجود ڪا نه هئي. هڪڙي مزور کي سامان آڻڻ لاءِ چئي. پاڻ تڪڙو تڪڙو اٿي هليو ۽ نيٺ گهر جي در تي اچي پهتو. ڪپڙا ڀڄي پيس، بکايل ۽ ٿڪل به هو، جو صبح کان وٺي ٽڪر به پيٽ ۾ نه پيو هوس، ۽ تڪڙي هلڻ ڪري ڪپڙا به گپ ۾ ڀرجي پيا هئا. رات اونداهيءَ جي ڪري، خبر نه پئي پيئي ته سندس ڪهڙو حال ٿيو هو. ڊپ ۽ انتظار جي ڪري اڌ چرين وانگي ٿي ڏٺو. در به کڙڪائڻ نه ٿي گهريائين ته متان پيءُ جو سک ڦٽائي، يا انهيءَ کي بي آرام ڪري.

آخر در کليو،  ۽ هن جي تڪڙي پڇڻ تي نوڪرياڻيءَ فقط ڪنڌ لوڏيو ۽ منهن ٻئي پاسي ڪري اکيون  اگهيائين. ڇوڪر ڪاهي اندر انهيءَ جاءِ ۾ ويو، جتي سجهندو هوس ته سڀئي ويٺا هوندا جهٽ ۾ وڃي ماءُ کي ڀاڪر پاتائين. ۽ سگهو ئي سئرل ۽ وايوليٽ ۽ ننڍڙو فرئنڪ به اچي انهيءَ جي ڀر ۾ ماٺ ڪري بيهي روئڻ لڳا. پر اڃا به جولئن کي حقيقت جي خبر نه هئي. نيٺ دل جهلي پڇڻ لڳو ته ”ڪيئن امان، بهتريءَ جي اميد ڪانهي ڇا؟“ ماڻس چيو ته ”تڏهن ابا، توکي خبر ڪانهي“ تنهنجو پيءُ ته – “ جولئن تڪڙو ٿي چيو ته ”مري ته ڪين ويو آهي؟ او اما ! اما، اما!“ هو دانهون ڪري روئڻ لڳو. هڪڙو ٿڪل ٽٽل هو، ٻيو بي آرام ۽ بيحال هو، تنهنڪري هوش حواس جاءِ نه هوس. مسز هوم کي دڙد دلاسو ڪيو، ۽ ٽڪر کارائي آرام ڪرايائينس. ننڍا ٻه ٻار ته روئي روئي نيٺ سمهي رهيا، پوءِ وايوليٽ کي وڃي سمهاريائين، ۽ پوءِ ويهي جولئن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي، جو مس مس ساهه پٽي ڳالهائڻ جهڙو ٿيو، ماءُ جو هٿ وٺي چوڻ لڳو ته ”اما، آءُ بابي جو منهن ڏسان؟“ هن چيس ته ”ابا، هينئر نه، سڀاڻي، جولئن پڇيو ته ”اما، بابي کي ڇا ٿيو هو؟“ ماڻس چيو ته ”ابا، دل جي بيماري ٿيس.“ پوءِ ته اچي وري هوءَ ويچاري روئڻ ۾ پيئي، ۽ پٽس کي دڙ دلاسي ڏيڻ جو وارو آيو. چيائينس ته ”اما، جيڪا خدا جي مرضي، اسان کي صبر سان راضي رهڻ گهرجي.“

ٻئي ڏينهن صبح جو مسز هوم، جولئن ۽ وايوليٽ سان گڏجي، انهيءَ جاءِ ۾ ويئي، جتي مسٽر هوم دم ڏنو هو. هو سنگ مرمر جهڙو اڇو ۽ سرد ٿي پيو هو، پر اڃا به ڄڻ سندس چپن پئي مرڪيو. اُتي جولئن کي ماڻس هڪڙو ڪاغذ جو ٽڪرو ڏنو، جو پڻس مرڻ مهل سندس لاءِ لکيو هو. ٿورو اتي ترسي، پوءِ هو سڀ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيا. جولئن اهو ڪاغذ پڙهيو، جو پڻس ڏڪندي هٿ سان لکيو هو. هيئن لکيو هو: ”منهنجا پيارا پٽ، پاڻ وري هن جهان ۾ نه ملنداسين، پر، جولئن، آءُ ڏاڍو خوش ٿو مران، ڇا لاءِ جو منهنجو خدا تي ڀروسو آهي، جو بيوه زالن ۽ يتيمن جو وارث ۽ سنڀاليندڙ آهي. جولئن تون منهنجي بجاءِ وايوليٽ ۽ سئرل ۽ فرئنڪ وٽ رهجئين. اهڙي صالح پٽ کي ماءُ جي بابت ٻيو ڇا چوان؟ بابا، خدا توکي شل خوش رکي! همت وارو ۽ سچو ۽ پاڪ رهجئين، ته خدا هميشه توساڻ رهندو. – تنهنجو مرندڙ پيءُ – هينري هوم.“

هيءُ پڙهي، ڏک کان اونڌو ٿي پيءُ جي لاش تي ڪري پيو ۽ ائين پئي ڏسڻ ۾ آيس ته ڄڻ هن جي چپن مان مرڪڻ زياده پيو ٿئي.

اهو خط جولئن پاڻ وٽ قابو ڪري تعويذ وانگي رکي ڇڏيو، ۽ اهو ساري عمر وٽس هو. اُهي مرڻ گهڙي وارا پيءُ جا لفظ هن ڪڏهن نه وساريا. جڏهن ڪڏهن ڪا مصيبت ۽ مشڪلات ايندي هيس، تڏهن ڪن ۾ اهي لفظ پيا ٻرندا هئس – ”همت وارو ۽ سچو ۽ پاڪ رهجئين ته خدا هميشه توساڻ رهندو.“

مسٽر هوم جي ٻارن ٻچن کي پادري جي جاءِ مان سو نڪرڻو پيو، مگر الڊائون ۾ اڃا به رهندا آيا، جو اتي ماڻهو سندن واقف ٿي ويا هئا، ۽ اهو هنڌ هنن کي گهڻو وڻيو ٿي. مسٽر هوم پنهنجي حياتيءِ جو ويمو اتاريو هو – اتان به موچاري رقم هنن کي ملي، ۽ جولئن جي تعليم لاءِ هن ڪي پيسا بچائي به رکيا هئا. اهي سڀ پيسا تمام گهڻا نه هئا، مگر ايترا هئا جو هنن کي پنڻ کان بچائي ڇڏيائون. پاڻ ۾ پهي، اهو ٺهراءُ ڪيائون ته جولئن موٽي ”هارٽن“ ۾ وڃي ۽ ڪوشش ڪري ڪا اسڪالرشپ حاصل ڪري. جي اها ملي ويئي ته پوءِ هن جو ڪاليج ۾ وڌيڪ رهڻ مشڪل نه ٿيندو؛ ڇا لاءِ جو هن جي هڪڙي پڦي پئسي واري هئي، اها هن کي اتي مدد ڪندي رهندي. ٻيءَ صورت ۾، هنن ارادو ڪيو ته لاچار گهر جو خرچ ڪوئي هن کي خرچ پهچائيندا، مگر انهيءَ حالت ۾ هن کي محنت ڪري پڙهڻو ٿيندو. سئرل کي ”مارلبرو“ ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪلي ڏنائون ۽ فرئنڪ، جو ڏهن ورهين جو هو، سو الڊائون جي ننڍي اسڪول ۾ ڇڏيو ويو.

پيءَ جي دفن ٿيڻ ۽ ماتم جي عرصي گذرڻ کانپوءِ جولئن وري ”هارٽن“ ۾ آيو. اگرچ هينئر زياده غمگين هو، مگر زياده ڏاهو هو. سست ته اڳي به ڪين هو، مگر هينئر زياده محنت ڪرڻ جو ضرور سمجهيائين. تنهنڪري اڳوڻا شعر ۽ قصن جا خيال مغز مان ڪڍي ڇڏيائين ۽ ڪتابن تي محنت ڪرڻ لڳو - ۽ روز بروز معلوم ٿيس ته زياده هشيار ٿيندو ويو، ۽ چڱي قوت واريءَ خوراڪ ۽ ورزش جي مدد سان زياده تندرست ٿي رهيو. انهيءَ ساهيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو درجو چڙهيو، ۽ مسٽر ڪارڊن پنهنجي پياري شاگرد جي ترقي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.

هڪڙي ڀيري جولئن ڪي شعر ٺاهي اصطلاح ۽ درستيءَ جي لاءِ پنهنجي انهيءَ ماستر کي ڏنا. تنهن اهي ڏسي هن کي چيو ته ”جولئن، جي تون اهڙي محنت ڪندين ته ڪنهن ڏينهن اسان سڀني کان تون گوءِ کڻي ويندي. توکي شوق ته اڳي ئي گهڻو هوندو هو، مگر هي شعر لکيا اٿئي، سي اهڙا آهن جو منجهن ڪا  به چوڪ ڪانهي، اها عجب جي ڳالهه آهي، ۽ انهيءَ ڪري توکي شاباس هجي.“ جولئن چيو ته ”سائين، اڃا مون کي يوناني عروض جي پوري خبر نٿي پوي.“ ماستر چيو ته ”حرڪت ڪانهي، جيئن لئٽن ۾ تون چڱو واقف آهين، تيئن يوناني ۾ به ٿي ويندي. پيو محنت ڪر، اميد آهي ته جلد توکي ”نيوري“ واري اسڪالر شپ ملندي.“

اها ڳالهه ٻڌي، جولئن نهايت خوش ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org