سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جولئن هوم

صفحو :6

 باب چوڏهون

مسٽر ڪارڊن

ڪنهن کي اها خبر ناهي ته جي ماڻهو نفس جي چئي تي لڳي هڪڙو گناهه ڪري ويهي ٿو ته اڪثر انهيءَ جي پٺيان ٻيا گهڻا گناهه لنگهي اچن ٿا – جيئن ڪوٽ جي در ڀڄڻ ڪري هزارين دشمن اندر لنگهي اچن ٿا. جولئَن هوم جو به اهڙو ئي حال هو. جهڙا هن جا اخلاق چڱا هئا، اهڙو ئي، ٻئي ڏينهن جڏهن جاڳيو ۽ جيڪي نامناسب ڪم ٿوري وقت کان پئي ڪيائين، سي ياد پيس، تڏهن ڏک ٿيڻ لڳس. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته انهن نامناسب ڪمن ڪري سندس سچا دوست ۽ خير خواهه منجهانئس رنج هوندا. اڪثر ماڻهن کي حياتيءَ ۾ اهرو ڪو وقت ايندو آهي، جڏهن معلوم ٿيندو اٿن ته اسان بيعقليءَ جهڙا ڪم پئي ڪيا آهن. اهڙي وقت تي جي ماڻهو سجاڳ ٿيندو ۽ خبرداري ڪندو، ته اڳتي نهٺو ۽ نماڻو ۽ ڏاهو رهندو. جولئَن هوم جي لاءِ به هينئر اهڙو وقت آيو هو.

انهيءَ ڏينهن صبح جو هو اٿيو، مگر ضعيفائيءَ مان زور وارو ٿي اٿيو. هن هڪدم سهي ڪيو گهر ۾ ويٺي افسوس ۽ ارمان ڪرڻ مان ڪي به حاصل ناهي. بهتر آهي ته ظاهر ظهور پشيماني ڏيکارجي، جو بيعقلي ۽ بيحيائي به ظاهر ظهور ڪئي ويئي هئي. جڏهن انهيءَ طرح پنهنجي ڪمزوري ۽ ڪوتاهي معلوم ٿيس، تڏهن همت آيس. شوق مان خدا کان دعا گهريائين، ۽ پڪو ارادو ڪيائين. ناشتي کائڻ کان پوءِ هڪدم هو اوئن وٽ ويو، ۽ سچيءَ دل سان هن کي اسڪالرشپ ملڻ جي مبارڪ ڏنائين. اوئن قبول ڪيو ته مون کي جو اسڪالرشپ ملي، سو فقط انهيءَ ڪري جو ڪم نصيبيءَ جي ڪري تون رهجي وئين.“ هئزليٽ وٽ وڃڻ جولئَن کي زياده مشڪل نظر آيو، پر هن ڄاتو ته اهو به مون تي فرض آهي، اگرچ خوش نه به لڳي. هئزليٽ خوشيءَ سان گڏيس؛ اگرچ پهرين رنج ڏسڻ ۾ آيو، مگر هن جي صاف طرح معافي گهرڻ تي ساڻس پرچي ويو. براگٽن جي نسبت ۾ هن في الحال ٺهراءُ ڪيو ته وٽس نه وڃي، ته متان سندس پشيمانيءَ ظاهر ڪرڻ تي هن کي دشمنيءَ جا نتيجا ياد پون. باقي رهيو، لليسٽن، تنهن کي ڏسڻ لاءِ ته هو تمام خوش هو. انهيءَ جي جاءِ ۾ گهڙڻ شرط هن کي چيائين ته ”هيو“ مون کي معاف ڪجئين. اڄ کان وٺي اڳتي آءٌ نئين سر تنهنجو احسانمند رهندس: تو مون کي گهڻيءَ خواريءَ ۽ بدناميءَ کان بچايو آهي!“ لليسٽن به هن کي وري اڳي جهڙو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. جيڪو ٿورو گهڻو رنج ۽ ڏک هوس، سو به لهي ويس. چوڻ لڳس ته ”جولئَن، احسانمنديءَ جو فڪر نه ڪر: دوستن جي وچ ۾ احسانمندي ڪانه ٿيندي آهي، اها دوستيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿي.“ جولئَن چيو ته ”هيو، آءٌ پنهنجي بيعقليءَ تي حيران آهيان. آءٌ ڏاڍو شرمندو ٿيو آهيان. اميد آهي ته تون وري مون کي اهڙو ڪاوڙيل ڪڏهن نه ڏسندين.“ لليسٽن ڳالهه بدلائي چوڻ لڳو ته ”چڱو. پر، جولئَن، انهيءَ اسڪالرشپ جو اڳتي وري ڪو به دل ۾ خيال نه ڪر. حقيقت ڪري ڄڻ تو کي ملي چڪي. سڀڪو چوي ٿو ته حقيقت ڪري تو کٽي، ۽ تو کي ملي.“ جولئَن چيو ته ”حقيقت ڪيئن به هجي، ته به آءٌ بي همت نه ٿيندس.“ ۽ سچ پچ هو بي همت ٿيو به ڪين، ۽ نه اڳتي محنت ڪرڻ ۾ ڪي گهٽايائين. هميشه وانگي، وري آرام سان پڙهڻ لڳو. سگهو ئي معلوم ٿيس ته اسڪالرشپ ملڻ کان سواءِ ئي سُکيو پئي گذاريائين. پاڻ حيران پئي ٿيو ته ڇو انهيءَ جي لاءِ اڳي ايترو بيحد شوق ٿي ڏيکاريم، ۽ پوءِ ايترو ارمان ٿي ڪيم. اوئن تي ڪا به ريس نٿي ٿيس؛ پاڻ هن سان زياده دوستي رکڻ لڳو. انهيءَ ئي چيس ته ”ممتحن کان مون ٻڌو آهي ته گذرئي امتحان جي نتيجي تي هنن گهڻي تائين ويچار پئي ڪيو، انهيءَ لاءِ ته اسڪالرشپ تو کي ڏيارين يا مون کي. اهڙي به رٿ ڪئي ويئي هئي ته اڌ اسڪالرشپ جون مون کي ڏين ۽ اڌ تو کي. پر هڪڙي ممتحن جي راءِ ائين نه هئي. سڀني قبول ڪيو ته جمعي جي ڏينهن واري پرچي وقت جي اهو خراب اتفاق نه ٿئي ها، ته اسڪالرشپ ضرور تو کي ملي ها.“

ڪن ٿورن ڏينهن کان پوءِ مسٽر ڪارڊن جولئَن ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ دعوت ڏنائينس ته ڪو آچر جو ڏينهن اچي ”هارٽن“ ۾ مون وٽ گذار. انهيءَ خط ملڻ تي هو ڏاڍو خوش ٿيو، جو هوا بدلائڻ جو وجهه مليس. سو، موڪل وٺي، ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو اوڏانهن روانو ٿيو. ڇهه مهينا اتان آئي ٿيا هئس، تن ۾ انهيءَ هنڌ ڪيترائي ڦير گهير ٿي ويا هئا. ڪي سندس جهونا واقف انهيءَ وچ ۾ مري ويا هئا، تنهنڪري پاڻ کي اتي اڌ ڌاريون سمجهيائين پر جيڪي هئا، ننڍا توڙي وڏا، تن هن جي گهڻي آڌر ڀاءُ ڪئي. جيڪا ڳالهه هن کي خراب لڳي، سا اها ته مسٽر ڪارڊن هاڻ اڪثر بيمار رهندو هو، جيتوڻيڪ پاڻ اهڙو اشارو نه ڏيندو هو، ته به ڪڏهن ڪڏهن سور جي دانهن ڪندو هو، ۽ سندس منهن ملول ڏسڻ ۾ ايندو هو.

سومر جي ڏينهن صبح جو جڏهن جولئَن کي ”ڪئمفرڊ“ ڏانهن موٽڻو ٿيو، تڏهن مسٽر ڪارڊن هن کي ناشتي کان پوءِ پنهنجي پڙهڻ واريءَ جاءِ ۾ سڏي پڇيو ته ”منهنجن ڪتابن مان جيڪو تو کي پسند اچي، سو ٻڌاءِ ته اهو تو کي موڪلاڻيءَ جو تحفو ڏيان.“ جولئَن کلي چيو ته ”مسٽر ڪارڊن، ڇو موڪلاڻيءَ جو تحفو ٿا چئو؟ مون کي وري ”هارٽن“ ۾ سڏڻ جي مرضي نه اٿوَ ڇا؟“ مسٽر ڪارڊن غمگينيءَ مان مُرڪي چيو ته ”نه، وري ڪڏهن به ڪين سڏيندس. هن ششماهيءَ جي پوري ٿيڻ تي آءٌ ماستريءَ کان استعيفا ڏيندس. منهنجي طبيعت برابر نٿي رهي، ۽ بيماريءَ جي ڪري آءٌ پنهنجا فرض پوريءَ طرح ادا ڪري نٿو سگهان. آءٌ ڀانيان ٿو ته ”هارٽن“ ۾ هيءُ منهنجو پويون مهينو آهي. تنهنڪري، جولئَن، تو کي جيڪو ڪتاب چونڊڻو هجي سو چونڊ ته آءٌ اهو تو کي پڇاڙيءَ جو تحفو ڪري ڏيان.“

جولئَن انهيءَ ڳالهه تي گهڻو افسوس ظاهر ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته ”اوهان جي وڃڻ ڪري منهنجو مُک واسطو ”هارٽن“ سان ٽُٽي ويندو.“ پوءِ ڪتابن مان چونڊي هڪڙو وعظن جو ڪتاب کنيائين، جو مسٽر ڪارڊن اڳين ڏينهن ۾ ڇاپايو هو: انهيءَ تي، هن کي چيائين ته پنهنجو نالو لکي. ماستر چيو ته ”هائو، اهو ڪتاب ڀلي تون کڻ، پر منهنجي مرضي آهي ته ڪو ٻيو زياده ڪمائتو ڪتاب به کڻين. جولئَن، هيءُ ڪتاب چڱو اٿئي. آءٌ هميشه اهو خيال ڪندو هوس ته ڪنهن ڏينهن اهو تو کي ڏيندس.“ پوءِ ”ڪالرج“ جي شعرن جو ڪتاب، جو ڏهن جلدن ۾ هو ۽ جن جا جلد تمام خوبصورت ۽ قيمتي هئا، سو ڪڍيائين. جولئَن کي خبر هئي ته اُهو سندس ماستر کي گهڻو پيارو ۽ پسند هوندو هو، ۽ هرهڪ صفحي جي حاشيءَ تي ڪمائتي شرح لکيل هئي، تنهنڪري جولئَن کي شرم آيو ته اهڙي شي هن کان وٺي. چوڻ لڳو ته ”اوهان اڳي مون کي چيو هو ته ”ڪالرج“ جي شرح ڇاپائيندس، سو متان اها اوهان جي هٿ جي لکيل شڙح اوهان کي ڪم اچي.“ مسٽر ڪارڊن چيو ته ”او، جولئَن، اهو به هڪڙو ارادو هو جو منهنجيءَ دل ۾ اڻپورو رهجي ويو! آءٌ گهڻا ڪم شايد پنهنجي حياتيءَ ۾ اڻپورا ڇڏيندس. پر گهڻائي ٻيا ماڻهو آهن، جي منهنجا رٿيل ڪم هزار دفعا بهتر ڪري سگهندا.“ پوءِ اکين ۾ پاڻي آڻي چيائين ته ”نه، جولئَن، اهو ڪتبا ڀلي وٺ انهيءَ مان جيڪو مون کي فائدو رسيو آهي، سو جي تو کي به رسيو ته پوءِ چئبو ته اهو سجايو ٿيو. جڏهن انهيءَ فيلسوف شاعر جا ڪي خيال تو کي پسند اچن، تڏهن انهيءَ سان گڏ منهنجي به يادگيري ڪجئين. منهنجو روح انهيءَ ڳالهه ڪري خوش ٿيندو ته ڪو هڪڙو پٺيان آهي، جو پيار سان مون کي ياد ڪري ٿو.“

ائين چئي، جولئَن کان هٿ ڏيئي موڪلائيو. جولئَن آگ گاڏيءَ ۾ چڙهي ”ڪئمفرڊ“ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ رستي ۾ ارمان ڪندو ويو ته ههڙو چڱو مڙس ۽ نيڪدل ماڻهو اهڙو اڪيلو ۽ ملول گذاري.

جيئن مسٽر ڪارڊن چيو هو، تيئن هن ”هارٽن“ جي ماستريءَ جي استعيفا ٽرم جي پڇاڙيءَ ۾ ڏني، ۽ پوءِ هوا بدلائڻ جي لاءِ ”مڊيرا“ ڏانهن هليو ويو. جولئَن کي لکيائين ته اتي کيس ”هارٽن“ ۽ ”ڪئمفرڊ“ وارن دوستن جو حال احوال لکندو رهي. ايسٽر واريءَ موڪل ۾ جڏهن جولئَن ”اِلڊائون“ ۾ هو، تڏهن هن کي مسٽر ڪارڊن جو هيءُ خط پهتو: ”پيارا جولئَن، جڏهن گذريئي دفعي پاڻ ”هارٽن“ ۾ گڏيا هئاسين، تڏهن مون چيو هو ته پاڻ وري نه گڏباسين: آخر ائين ئي ٿيو – هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان. تمام ضعيف ٿي ويو آهيان، ۽ کنگهه مون کي هي خط لکڻ ئي نٿي ڏئي. شايد هن خط پهچڻ کان اڳي آءٌ مري ويندس. جيتوڻيڪ مون گهڻائي ڪم اڻپورا ڇڏيا آهن، ته به خدا ۾ منهنجو پورو ڀروسو آهي. هن دنيا ۾ منهنجا دوست تمام ٿورا هئا، ۽ مون کي به گهڻو سک نصيب ۾ نه هو؛ انهيءَ هوندي به مون گهڻو ڪري خوش پئي گذاريو آهي. جيتوڻيڪ منهنجو موت تمام نزديڪ آهي، ته به منهنجو ويساهه آهي ته منهنجي سچي حياتي پوري نه ٿيندي – بلڪ موت کان پوءِ نئين سر شروع ٿيندي. پيارا جولئَن، هي خط آءٌ موڪلاڻيءَ لاءِ ٿو لکان. منهنجو ارادو آهي ته جيڪا ٿوري گهڻي ملڪيت مون وٽ آهي، سا آءٌ ورثي ۾ تو کي ڏيان. انهيءَ جو حساب ڪيو اٿم ته ڪل ڏهه هزار پائونڊ ٿيندا. اميد آهي ته اهي تو کي ڪمائتا ٿيندا. جيڪڏهن تون پنهنجي ماسيءَ جي ملڪيت جو وارث ٿين ها يا تو کي ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ ملي ها، ته جيڪر آءٌ هيءَ رقم ڪنهن ٻيءَ طرح نيڪال ڪريان ها؛ پر جڏهن اهي ڳالهيون ٻيءَ طرح ٿي چڪيون آهن، ۽ مون کي ٻيو ڪو مائٽ يا وارث ڪونهي ۽ نه ڪو تو کان وڌيڪ ڪو پيارو ۽ خير خواهه دوست آهي، تڏهن آءٌ گهڻيءَ خوشيءَ سان پنهنجي اها ننڍڙي رقم تو کي ڏيئي ٿو ڇڏيان. هاڻ، پيارا جولئَن، خدا کي پرتين! جيسين هي خط تو کي پهچندو، تيسين آءٌ اتي وڃي رسندس، جتي تنهنجو ڪو به خط يا پيغام مون کي رسي نه سگهندو؛ پر مون کي خبر آهي ته تون ڪڏهن ڪڏهن محبت ۽ مهربانيءَ جي رستي مون کي ياد ڪندو رهندين. تنهنجو محبتي دوست، - هنري ڪارڊن.“

ٻئي ڀيري جا ٽپال آئي، تنهن ۾ مسٽر ڪارڊن جي مرڻ جي خبر آئي. اها ٻڌي، ”هارٽن“ ۽ ”ڪئمفرڊ“ ۾ گهڻائي ماڻهو افسوس ڪرڻ لڳا. هو ڏاڍي شوق ۽ جوش وارو ماڻهو هو، تنهنڪري حياتيءَ ۾ هن کان ڪي اهڙيون وڏيون سهوون ٿيون هيون، جنهن جي ڪري هن کي گهڻو فائدو نه رسيو هو، ۽ نه گهڻي تعريف ٿي هيس – جيتوڻيڪ ڏاڍو هشيار ۽ سمجهو ماڻهو هو. پر جيڪي سندس برخلاف هئا، تن به ايترو قبول ٿي ڪيو ته هو سچي نيت وارو ۽ محبتي هو، ۽ جي جيئرو هجي ها ته هُن کي صلاح مصلحت سان مدد ڏيئي بهتر حال ۾ ۽ بهتر درجي تي آڻين ها. انهيءَ ڪري، هن جي مرڻ ڪري تمام گهڻن ماڻهن کي افسوس ٿيو. جيڪي هن جا گهڻي قدر واقف هئا ۽ هن کي تعظيم ڏيندا هئا، تن مان ڪي اهڙا به هئا، جن جي هن سان نهايت گهڻي محبت هوندي هئي، ۽ هن جا احسانمند رهندا هئا: انهن مان هڪڙو جولئَن هوم هو.

جڏهن هاڻي جولئَن کي سال ۾ ٽي سؤ پائونڊ موجود ٿي سگهيا، تڏهن ”سينٽ ورنر“ ۾ موٽي خيراتي شاگرد ٿي اچڻ جو هن کي ضرور نه هو، تنهنڪري هڪدم پنهنجي استاد ڏانهن لکيائين ته سندس نالو ياداشت مان ڪڍائي ڇڏي. انهيءَ ڳالهه ڪري سو هو ڏاڍو خوش ٿيو. خيراتي شاگرد ٻين کان هڪ ڪلاڪ پوءِ ماني کائيندا هئا، ۽ ڌار ميز تي کائيندا هئا، تنهنڪري ماني کائڻ وقت پنهنجن ڪيترن دوستن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان روڪيو پيو هوندو هو، ۽ هينئر جو انهن سان گڏ ويهي صحبت ڪري ٿي سگهيو، تنهنڪري هو ڏاڍو خوش ٿيو.

هڪڙي ڏينهن جڏهن هو ٻين سان گڏ ماني کائي نڪتو، تڏهن ڪئنيڊيءَ چيس ته ”جولئَن، ايندڙ وڏيءَ موڪل جي لاءِ مون کي هڪڙي چڱي رٿ دل ۾ آئي آهي. بابو ٽن مهينن لاءِ سئٽزرلينڊ ڏانهن ٿو وڃي. مون کي ۽ منهنجيءَ ڀيڻ ايوا کي به ساڻ وٺيو ٿو وڃي. منهنجي ماسي، مسز ڊڊلي جنهن کي تون هڪڙي ڀيري ”الڊائون“ ۾ گڏيو هئين، سا ايوا جي سنڀال ڪندي. تون به ڇو نه اسان سان گڏيو هلين.“

جولئَن گهڻو ٻاهر نه نڪتو هو، تنهنڪري اها رٿ هن کي پسند آئي. انهيءَ بابت هن گهر لکيو، ۽ پڇيائين ته ڪو ٻيو گهر جي ڀاتين مان هلڻ گهري ته هلي. جواب ۾ ماڻس لکيو ته ”جي مسز ڊڊلي، وايوليٽ جي سنڀال جي به ذمه بردار ٿئي ته وايوليٽ هلي، جو هن کي هوا بدلائڻ جو گهڻو ضرور هو؛ ۽ سئرل به اسڪول ۾ چڱي محنت ڪئي آهي ۽ امتحان ۾ پاس ٿيو آهي، تنهن کي به وڃڻ ڏجي؛ باقي آءٌ ۽ فرئنڪي هتي رهنداسين ته تنهنجي غير حاضريءَ ۾ الڊائون جي سنڀال ڪنداسين. فرئنڪ اڃا ننڍو آهي، ايڏي سفر ڪرڻ جهڙو ناهي. اسين گهر رهڻ ۾ خوش ٿينداسين، بشرطيڪ تون سڀ احوال گهڻو ۽ جلد جلد لکندو رهندين.“

آخر، انهيءَ رٿ موجب، سڀئي وڃڻ وارا تياريون ڪرڻ لڳا. ڪئنيڊيءَ ۽ جولئَن کي انهيءَ گشت جو ڏاڍو شوق ۽ انتظار ٿيو. وايوليٽ به مسز ڊڊلي ۽ ايوا جي صحبت جي شوقين ٿيڻ لڳي. سئرل ته خوشيءَ کان ڪپڙن ئي ۾ نٿي ماپيو. پر اڃا موڪل ۾ ڇهه هفتا پيا هئا.

 

 باب پندرهون

ڪئنيڊيءَ جي بيعزتي

هڪڙي ڏينهن شام جو ڪاليج جي باغ ۾ گهمندي، ڪئنيڊيءَ ٿڌو ساهه کڻي جولئَن کي چيو ته ”جولئَن، مون کي شڪ آهي ته آءٌ سئٽزرلنڊ ڏانهن هلي نه سگهندس.“ مئي جو مهينو هو. بهار جي موسم هئي. گل ڦل پئي ٽڙيا، ۽ ساوڪ لڳي پيئي هئي. شام جي شفق جو نهايت عمدو نماءُ هو، جنهن جو عڪس جاءِ جي درين تي ۽ نديءَ ۾ ترندڙن هنس پکين جي پَرن تي پئي پيو. ڪئنيڊي هيستائين ڏاڍو خوش ڏسڻ ۾ آيو، ۽ هاڻ جو غمگين ڏسڻ ۾ آيو، تنهنڪري جولئَن کي عجب لڳو. پڇڻ لڳس ته ”ڇو شڪ آهي؟“ هن چيو ته ”بابي لکيو آهي ته جي مئي مهيني واري امتحان ۾ پهريون نمبر آئين ته پوءِ وڃجئين، نه ته نه!“ جولئَن چيو ته ”پوءِ انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي؟ ضرور تون پهريون نمبر ايندين.“ هن چيو ته ”مون کي پڪ ناهي.“ جولئَن چيو ته ”ڇو، پهرئين ورهيه ۾ اڪثر پهرين ڪلاس ۾ ٽيهه ڄڻا هوندا آهن، سو تون هيترن مان به ڪين ٿي سگهندين ڇا؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”اهو برابر آهي، جيڪو محنت ڪندو سو مٿي ايندو؛ مگر مون هڪڙو ڪتاب اڃا پڙهيو ئي ناهي.“ جولئَن چيو ته ”سچي پچي ڪين پڙهيو اٿئي؟ تڏهن خدا جي واسطي وڌيڪ وقت نه وڃاءِ!“ هن چيو ته ”امتحان ۾ باقي ٻه هفتا مس آهن.“. جولئَن چيو ته ”ڪئنيڊي هيترو وقت تو ڪيئن سستي ۾ پئي وڃايو آهي؟“ هن چيو ته ”ڪيئن به گذري ويو. افسوس، ڪاليج ۾ مون پهريون ورهيه گذاريو آهي ۽ ڪيو ڪي به ڪين اٿم. وقت ڪيئن نه جلد لنگهي ويو.“ جولئَن چيو ته ”برابر. وقت کي ڪلهن تي کنڀ آهن ۽ کنڀن واري شئي کي اسين ڀلا ڪيئن پڪڙي سگهنداسين؟“

ڪئنيڊي پڪو ارادو ڪيو ته نه رڳو امتحان ۾ پاس ٿئي، پر مٿي اچي، تنهنڪري باقي رهيل ٻه هفتا هن تمام گهڻي محنت ڪئي – اهڙي جو اڳي نه ڪئي هئائين. پر جيئن وڌيڪ ٿي پڙهيائين، تيئن زياده پنهنجيون ڪوتاهيون معلوم ٿي ٿيس، ۽ زياده ويل وقت جو ارمان ٿي ڪيائين. هن کي معلوم ٿيڻ لڳو ته گهربل مايو ٿورن ڏينهن جي سخت محنت سان هٿ اچڻ جو ناهي؛ گهڻي تائين لسيءَ ۽ هڪجهڙي محنت ڪرڻ سان حاصل ٿي سگهڻ جو آهي؛ تنهنڪري سمجهائين ته رڳو اجايو مٿو ٿو کپائي. جيئن امتحان جو وقت ويجهو ايندو ويو، تيئن هن کي زياده خوف ٿيندو ويو. هن کي سئٽزرلنڊ ڏانهن وڃڻ جو ڏاڍو شوق هو، ۽ هاڻ شڪ پوڻ لڳس ته شايد پڻس جو مقرر ڪيل شرط پورو ڪري نه سگهي، جنهن ڪري هو زور ڪري يا گهر رهائيس يا ”ڪئمفرڊ“ ۾.

ٽن مکيه مضمونن مان ٻه هن چڱيءَ طرح محنت ڪري پڙهيا ۽ انهن ۾ پاس ٿيڻ جي پڪ هيس، مگر ٽئين مضمون، يعني گريڪ يا يوناني ڪتاب کي هن اڃا هٿ ئي نه لاتو هو. انهيءَ جي سمجهڻ ۾ البت مشڪلات هئي، ۽ نهايت گهڻي هشياري گهربل هئي. جهڙيءَ تهڙيءَ محنت ۽ واقفيت تي هو راضي ٿيڻ وارو نه هو، تنهنڪري هن انهيءَ کي اصل ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو. پڪ ٿيس ته پهرئين ڪلاس ۾ ته بلڪل ڪين ايندس، انهيءَ ڪري ڪاليج جي عرصي جي ٽئي حصي اجائي وڃڻ ڪري هن کي ڏاڍو ارمان ٿيو.

جيڪي ٻه ڪم هن کي پڪيءَ طرح ڪرڻا هئا، تن جي مدد لاءِ هن کي ڪاليج جي ڪتبخاني مان ڪن ڪتابن ڏسڻ جو ضرور هو، انهيءَ لاءِ هو مسٽر گريسن وٽ اجازت ملڻ لاءِ ويو. مسٽر گريسن ڪنهن ڪم ۾ مشغول هو، تنهنڪري هن کي پاسي واري جاءِ ۾ ترسڻو پيو، جتي هو پڙهندو لکندو هو. انهيءَ جاءِ مان وري ٻيءَ ڪوٺيءَ جو در هو. ٿوري تائين ترسي، ڪئنيڊي بيزار ٿيڻ لڳو جو کيس اڃا سڏ ڪو نه ٿيو. ميز تي پيل ڪتاب ويهي ڏٺائين، پر انهن مان لذت ڪا نه آيس. ڀتين تي ٽنگيل تصويرون ڏٺائين، پر اهي به اڳي جون ڏٺل هيس. دريءَ مان ٻاهر نظر ڪيائين ته اوڏانهن به ميدان صفا هو، ۽ ڪي به نظر نه آيس. ترسي ترسي ڪڪ ٿيو، تنهنڪري هڪڙي آرام ڪرسيءَ تي ليٽي اوٻاسيون ڏيڻ لڳو. ڪمبختيءَ ڪري انهيءَ مهل هن جهي نظر هڪڙي ڪتاب تي وڃي پئي، جو لکڻ واريءَ ميز تي پيو هو. اهو ”اِسڪيلس“ جو ڪتاب هو، جنهن جي هن پچر ڇڏي ڏني هئي، ۽ جنهن ۾ هن امتحان ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻ کان بس ڪئي هئي. انهيءَ ۾ هڪڙو لکيل ڪاغذ پيو هو، جنهن جي ڏسڻ سان هن کي معلوم ٿيو ته ايندڙ امتحان ۾ ڏيڻ وارا سوال ڪڍيل آهن. ڪئنيڊيءَ جي دل سُرڪڻ لڳي. اها خبر نه پئيس ته انهيءَ لحظي جي بيخياليءَ ۽ بي ايمانيءَ جي ڪري سندس ورهين جي ڪمائي ڪُٽ ٿيڻي هئي. هيستائين هن کي هميشه پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ تي ڀروسو هوندو هو؛ پر هينئر هڪڙي لحظي ۾ حرص ۽ لالچ هن جي همت ٽوڙِ ڇڏي. اهڙي وقت تي هن جو يا ڪنهن به ٻئي ايماندار ماڻهوءَ جو فرض هو ته هڪدم وري ڪتاب بند ڪري ڇڏي، ۽ مسٽر گريسن کي ٻڌائي ته هيئن اتفاق سان منهنجي نظر سوالن جي ڪاغذ تي پيئي آهي، تنهنڪري هو سوال بدلائي ٻيا ڪري. اهڙو خيال ڪئنيڊيءَ کي به آيو، پر ساڳئي وقت ۾ اهو به شيطاني خيال آيس ته ڇو نه سوال پڙهي ڏسان ته پوءِ پورا جواب ڏيئي پاس ٿيان ۽ هشيار ليکجان - ۽ موڪل ۾ وڃي گشت ڪري خوش ٿيان. دل ۾ گهڻي ريڙهه پيڙهه ڪيائين، پر آخر حرص ۽ طمع غالب پيس، ۽ ڪاغذ پڙهڻ لڳو. هڪڙِ منٽ جو ڪم هو، جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو، ۽ روزو ڀڃي وڌائين. وري ٻيو ڀيرو خيال سان پڙهيائين ته پوريءَ طرح ياد رهي. پر ائين ڪندي اندر جا چڪ پئي لڳس، دل پئي ڌڪ - ڌڪ ڪيس، هٿ پئي ڏڪيس، گوڏا پئي ٿڙڪيس: ڪوٺيءَ واري در مان جنهن پئي ڏٺس، تنهن جو سماءُ ڪو نه پيس؛ پاسي کان غاليچي تان وِکن جو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيس، پٺيان ڪلهي کان جنهن ماڻهوءَ پئي ساهه کنيو ۽ نهاريو، تنهن جو سماءُ ڪو نه رهيس؛ - اهڙو هو محو هو! انهيءَ وچ ۾ اهو ماڻهو آهستي موٽي وري ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو، ته به خبر نه پيس. سگهو ئي ڪئنيڊي ڪاغذ پڙهي، ياد ڪري، وري ڪتاب بند ڪري، ميز تي رکي، اچي ساڳيءَ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو. پر آرام ڪو نه هوس. هن پاڻ کي انهيءَ ڪم ڪرڻ ڪري پئي ڌڪاريو، پاڻ کي ٺڳ ۽ دغاباز ۽ بي ايمان پئي سڏيو. پڪ هيس ته ڪو به ٻيو خراب ماڻهو، ڪو به سندس دشمن، هئزليٽ يا فٽزرس يا براگٽن به جيڪر اهڙو ڪم نه ڪري – پاڻ انهيءَ کان به خراب هو! جولئَن يا ڪو ڏسي وٺيس ها ته سندس منهن ۾ ڇا رهي ها؟ ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿيڻ لڳس. ڏاڍو پشيمان ٿيڻ لڳو. پهريون ئي ڀيرو هن اهڙي خطا ڪئي. اها هن جي پهرين بيعزتي هئي، جا هن جي اڇي دامن تي ڪارو داغ ٿي. هڪ هڪ منٽ هن کي ڪلاڪ ٿي لڳو. انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ هو ته نوڪر اچي چيس ته ”مسٽر گريسن تو کي ڏسڻ ٿو گهري.“ هيءُ اٿيو، ۽ ڪوشش ڪري چڱي حال ۾ ٿي، هن ڏانهن هليو، ته پٺيانس براگٽن به اوچتو لنگهي آيو ۽ هڪدم چوڻ لڳو ته ”مسٽر ڪئنيڊي، مون کي معاف ڪجئين، آءٌ تو کان به اڳي ترسيو ويٺو هوس، پهرين منهنجو وارو آهي.“

هي ٻڌي ڪئنيڊيءَ جي هانوَ ۾ ڌڪاءُ پيو. ڊپ کان بيهي نٿي سگهيو. موڳو ٿي ويهي رهيو. پڪ ٿيس ته شايد پاسي واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ويٺل هو، تنهن ڏسي ورتو اٿس. شرم کان ڪنڌ ئي مٿي نه ڪيائين. ڊپ ٿيس ته متان مسٽر گريسن کي ٻڌائي، يا ڪاليج جي ٻين شاگردن کي ٻڌائي. انهيءَ جي ساڻس دشمني هئي. انهيءَ کي خراب سمجهندو هو.

جيسين براگٽن ملاقات ڪري نڪري، تيسين هن کي ترسڻو پيو. ڳڻتيون پئي کاڌائين ته الائي ڇو هيترو وقت لڳايو اٿس، متان مٿس چغلي پيو هڻي! آخر پٽيوالي وري اچي هن کي چيو ته ”مسٽر گريسن هاڻ واندو آهي، هل.“ ڊڄندو ڊڄندو، ڪئنيڊي جاءِ ۾ ويو. اڳيان هُن چيس ته ”مسٽر ڪئنيڊي، ڀلي آئين.“ ڪئنيڊيءَ سلام ڪري چيو ته ”خير هجي. سائين.“ ڀانيائين ته مسٽر گريسن ساڻس پهريندي سوالن جي ڪاغذ جو ذڪر ڪندو: انهيءَ فڪر ۾، جنهن ڪم لاءِ هو اُتي آيو هو سو به وسري ويس. جڏهن ٿورو ماٺ ڪري بيٺو، تڏهن ماستر پڇيس ته ”ڪيئن، مسٽر ڪئنيڊي، ڪهڙي ڪم آيو آهين؟“ هن مونجهاري ۾ هٻڪي هٻڪي چيو ته ”سائين، آيو ڪنهن ڪم هوس، پر اُهو مون کان وسري ويو آهي، معاف ڪجو.“ ذري گهٽ چوڻ تي هو ته ”سوالن جي ڪاغذ ڏسڻ لاءِ“؛ پر پاڻ کي روڪي ورتائين. مسٽر گريسن چيس ته ”مسٽر ڪئنيڊي، اڄ تون ڪنهن ڳڻتيءَ ۾ ٿو ڏسجين.“ هن چيو ته ”هائو سائين، هاڻي مون کي ياد پيو. لئبريريءَ مان ڪن ڪتابن ڏسڻ جي مون کي اجازت وٺڻي هئي.“ مسٽر گريسن اجازت لکي ڏنيس، جا هو وٺي، موڪلائي نڪري ويو، ۽ البت دل کي تسلي آيس ته براگٽن اڃا ڪو اهڙو ذڪر نه ڪيو آهي. پر اڃا به اها ڳڻتي هيس ته متان ڏٺو هجيس، ۽ ٻين ماڻهن کي ٻڌائي.

ڪئنيڊي لئبريري ڏانهن نه ويو؛ نڪي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ڏسڻ جهڙيءَ حالت ۾ هو، سڌو پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڃي پئجي رهيو. هميشه وانگي انهيءَ ڏينهن هو کلمک نه هو. ڪنڌ هيٺ ڪري ڏينهن گذاريائين. ڄاتائين ته جي براگٽن ڏٺو آهي ۽ ڪي ڪرڻو هوندس ته صفي ۾ مانيءَ کائڻ مهل ڪندو؛ هو ضرور وير وٺندو، گسندو ڪين. مانيءَ کائڻ مهل هو ٻين کان دير ڀرو ويو، ۽ پنهنجيءَ هميشه واريءَ جولئَن جي ڀر واريءَ جاءِ تي ويهڻ جي بدران ٻئي هنڌ وڃي ويٺو. هڪدم هن معلوم ڪيو ته سڀئي هميشه وانگي ساڻس کلن ڳالهائين ٿا، ۽ ٻيو ڪو فرق سمجهي نه سگهيو. براگٽن ڏانهن نهاريائين، پر انهيءَ جي منهن ۾ به ڪو شڪ ڪو نه پيس، پاڻ هو زياده ٿي مرڪيو. اتي ڪئنيڊيءَ جي دل کي اهو ڏڍ اچڻ لڳو ته شايد براگٽن هن کي سوالن جي ڪاغذ ڏسندي نه ڏٺو آهي؛ البت دل تان بار هلڪو ٿيڻ لڳس. حقيقت ڪري هو چڱيءَ دل وارو ماڻهو هو، ۽ سچ پچ پشيمان ٿيو هو. ڳالهه ظاهر ٿيڻ جي شرمندگيءَ کان ايترو نٿي ڊنو، جيترو خود گناهه کان ٿي ڊنو. خواهش پئي ڪيائين ته انهيءَ گناهه جي ڪا سزا ملي ته بهتر آهي، ۽ ڪفارت ٿئي. اڃا به دل پئي هنيائين ته مسٽر گريسن کي يا پنهنجن سنگتين کي پنهنجو قصور ٻڌائي، ۽ قبولدار ٿئي؛ جو انهيءَ ڪري سندس قصور جي ڪا تلافي ٿئي، پر ائين همت جهلي ڪري نه سگهيو. سجهيس ٿي ته جيڪي سوال ڏٺا هئائين، سي اهڙا هئا، جن جو جواب جيڪر سواءِ خاص طرح محنت ۽ تياريءَ ڪرڻ جي به ڏيئي سگهي ها؛ ۽ دل ۾ آيس ته جيڪر ٻين ڪمن سان پهرئين ڪلاس ۾ به پاس ٿي سگهي ها. تڏهن ناحق پاڻ کي خراب ڪيائين، ۽ گناهه ڪيائين، جنهن مان نه هڙ نه حاصل ٿيس، بلڪه نقصان پهچڻ جو امڪان هو! تنهن کان ائين نه ڪري ها، ته بهتر هو. ڪهڙو شڪ ته انهيءَ بي ايمانيءَ ۽ گناهه جي سزا اِها هجي جو جيڪو فائدو ۽ جيڪا خوشي ٿئيس ها، سا به نه ٿئيس.

امتحان جي اڳئينءَ رات هن ”اِسڪيلس“ کي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو – انهيءَ ارادي سان ته پنهنجي اڳوڻي پڙهڻ جي آڌار تي سوالن جا جواب ڏئي، نه سوالن ڏسڻ ۽ انهن لاءِ سنبرڻ کان پوءِ. ائين ڪندي معلوم ٿيس ته جيڪي سوال ڏٺا هئائين؛ ۽ جي دل تي هئس، انهن کانسواءِ ٻين ڀاڱن تي ڌيان ئي نٿي ڏنائين. سجهيس ٿي ته جڏهن ٻئي ڏينهن امتحان لاءِ وڃي ويهندس ۽ سوالن جو ڪاغذ ملندم، تڏهن ڍونگ ڪري ٻين وانگي سوال پڙهي ويندس، ڄڻ ته اڳي ڏٺا ئي نه هئم، انهيءَ ڪري دل ۾ ڏاڍو شرمندو ۽ پشيمان ٿيڻ لڳو.

جولئَن معلوم ڪري نه سگهيو هو ته ٿورن ڏينهن کان ڪئنيڊي ملول ٿي رهيو؛ رڳو ڪڏهن ڪڏهن اڳي وانگي ٽهڪ ڏيئي کلندو هو. سمجهندو هو ته امتحان جي نتيجي جي انتظار کان اهڙي حال ۾ ٿو رهي، ۽ اهو ڊپ اٿس ته متان پڻس سئٽزرلنڊ ڏانهن هوا بدلائڻ لاءِ وڃڻ نه ڏئي. ڪئنيڊيءَ ته پنهنجي اندر جو حال ڪنهن کي نه ڏنو هو. پر هلڻ کان اڳئين ڏينهن رات جي وقت، اوئن جي جاءِ ۾ چانهه پيئڻ وقت، وڏن ماڻهن جي قصورن ۽ عيبن جو ذڪر اچي نڪتو. اوئن کي چوڻ لڳو ته ”اوئن، تون به هڪڙو فيلسوف آهي، مون کي ته ٻڌاءِ ته وڏن ماڻهن ۽ بزرگن جا قصور ۽ عيب اسان جي نظر ۾ ڪهڙو فرق ٿا ڪن؟“ اوئن ورندي ڏني ته ”اسان جي نظر ۾ حقيقت ڪري اها چوڻي لاڳو ٿي ٿئي ته چڱا ماڻهو ضرور چڱا ۽ بي عيب آهن، ۽ بادشاهه ڪو به ظلم ڪري نٿو سگهي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”برابر، مگر جڏهن ڪو اسان جو ڌيان هنن جي عيبن ڏانهن ظاهر طرح ڇڪي ٿو، ۽ اُهي تو کي چٽيءَ طرح ڏيکاري ٿو، تڏهن ڪيئن؟“ هن چيو ته ”تڏهن سمجهڻ گهرجي ته ڏهن حالتن مان نوَن ۾ مبالغو يا غلط فهمي هوند،ي ۽ اُهي عيب نه هوندا – مثالن ۽ دليلن سان آءٌ اها ڳالهه ثابت ڪري سگهندس. باقي هونئن ته هو به انسان آهن، ۽ انسان خطا کان خالي ڪو نه هوندو.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”منهنجي سوال جو جواب تو ڪو نه ڏنو. ڪن تمام وڏن بزرگن جي نسبت ۾ تو کي سبب ڏيڻو ٿيندو.“ هن پڇيو ته ”اُهي ڪهڙا؟ مثال ڏي”“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”مثلاً، حضرت دائود.“ لليسٽن جو اُتي حاضر هو، ۽ جنهن جا خيال هنن جي خيال کان ٻيءَ طرح  جا هئا،تنهن چيو ته ”يار نبين جا نالا نه وٺو“. هن چيو ته ”ڇو نه وٺون؟ اسين انهن جا پوريءَ طرح واقف آهيون، تنهنڪري مثال ڏيڻ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي، جي لاڳو ٿي سگهن ته.“ لليسٽن چيو ته ”برابر، پر نبين جي حالت ٻي آهي.“ هن چيو ته ”تون ٻي ٿو سمجهين، پر ائين ڪرڻ برابر ناهي. حضرت موسى جي بيان موجب پڻ حضرت دائود کي به خونيءَ ۽ زانيءَ جي سزا ڏيڻ گهرجي. خون ۽ زنا اڳي به اهڙا ڳرا ڏوهه هئا، جهڙا هاڻ آهن. انهيءَ هوندي به حضرت دائود پيغمبر هو ۽ انسانن ۾ ڀلو هو ۽ خدا جو دوست هو. اهو مسئلو مون کي حل ڪري ڏي.“ لليسٽن چيو ته ”راءِ ٺهرائڻ جي لاءِ سڄي ڏانهن ڏسڻو آهي، نه ٿورن عيبن ڏانهن. سج ۾ ڪيڏا ۽ ڪيترا به وڏا ڪارا داغ هوندا، ته به انهن تي خيال ڏيڻو ناهي، ساري سج جي روشنيءَ ڏانهن ڏسڻو آهي.

انهيءَ تي هنن سڀني بحث هلايو، ۽ قديم شاعرن ۽ فيلسوفن جا قول شاهديءَ ۾ آندا. مسٽر ائڊمر جو پڻ اُتي حاضر هو، سو به انهن سان انهيءَ بحث ۾ شامل ٿيو. آخر ڪئنيڊي چوڻ لڳن ته ”اوهان منهنجو اصلوڪو سوال بادي ڪري ڇڏيو. کڻي قبول ڪريو ته اوهين حضرت دائود جا پوريءَ طرح واقف آهيو ته پوءِ اوهين جيڪر هن کي خراب ماڻهو سمجهو ها، ۽ جيڪي اهي ڏوهه ڪيائين، تنهن جي لاءِ هن کي ننديو ها ۽ سزا جوڳو ٺهرايو ها ڇا؟“ اوئن چيو ته ”نه، آءٌ جيڪر ائين نه ڪريان.“ ڪئنيڊي چيو ته ”ٻئي ڪنهن رواجي دوست جي حالت ۾ جيڪر تون ائين ڪرين؟“ هن چيو ته ”ضروور ناهي. پر ياد رکڻ گهرجي ته حضرت دائود سان به تمام چڱيون حالتون ٿي گذريون، جي ڪنهن به ڏوهاري جي حالت ۾ مفيد آهن.“ ڪئنيڊيءَ پڇيو ته ”اُهي ڪهڙيون؟“ لليسٽن چيو ته ”ستت ڏوهن جو ظاهر ٿيڻ“، ۽ جولئَن چيو ته ”ترت سزا جو ملڻ به“. جي اهي ٻئي چڱا اتفاق نه ٿين ها، ته انهيءَ بزرگ جو الائي ڪهڙو حال ٿئي ها. اهي ڳالهيون هن جي ڏوهن جي ڪفارت هيون.

جيتوڻيڪ اهو بحث پوريءَ طرح ثابت ٿي نه چڪو، ته به اهي ڳالهيون ڪئنيڊيءَ جي ڪنن ۾ پي ٻريون ۽ هن جي دل ۾ کُپي وئيون هيون، جڏهن هو پنهنجن دل گهرين سنگتين سان گڏ سئٽزرلنڊ جي گشت ۾ ويو، تڏهن پهرين ڏينهن ۾ انهيءَ بحث واريون مک ڳالهيون – يعني ستت ڏوهه جو ظاهر ٿيڻ ۽ ترت سزا جو ملڻ – هن سان لڳيون وتيون، ۽ سندس دل مان اصل نٿي وسريون. وايوليٽ جي مٺي صحبت ۽ سئرل جي سنگت مان هن کي نهايت گهڻي خوشي حاصل ٿي ٿي. مگر اهڙي خوشيءَ جي وچ ۾ به ڪيل ڏوهه جو خيال هن جي دل ۽ منهن تي غمگينيءَ جو اثر وجهندو آيو، ۽ جيڪي تماشا ۽ عجيب غريب نماءُ ٿي ڏٺائين، ۽ جن جن مزن ۽ خوشين ۾ شامل ٿي ٿيو، تن ۾ لڳو آيو – ڄڻ ته ماکيءَ ۾ زهر جي ڪڙاڻ هئي، يا کير ۾ سباڻ جي کٽاڻ هئي. انهيءَ جو سبب نه رڳو اهو هو ته هن ڄاتو ٿي ته خراب ڪم ڪيو اٿم ۽ انهيءَ جا نتيجا خراب ٿيندا، پر اهو ارمان هوس ته آءٌ اخلاقي اصول تي قائم رهي نه سگهيو آهيان، ۽ امڪان آهي ته اِها ضعيفائي آئندي مون کي خراب ڪري ڇڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org