باب ٻارهون
اندر جي جُوجڪي
براگٽن جي بيحيائيءَ جهڙي چرچي جي ڳالهه
هڪدم ساري ڪاليج ۾ پکڙجي ويئي؛ جڏهن فخر سان
مانيءَ وقت اها ڪرڻ لڳو، تڏهن خبر پيس ته سڀ ڪنهن
کانئس نفرت پئي ڪئي. آسپاس جيڪي ٻين پئي انهيءَ
بابت پاڻ ۾ ڳالهايو، تنهن مان معلوم ٿيس ته سڀني
کي اها سندس حرڪت ناپسند هئي، ۽ سڀني کي سندس چال
خراب ڏسڻ ۾ آئي؛ تڏهن هو البت پشيمان ٿيڻ لڳو.
هڪڙي چيو ”عجب ڪونهي ته هوم کي ”ڪلارڪلنڊ“ جي
اسڪالرشپ هاڻ نه ملي.“ ٻئي چيو ته ”اها شرم ۽
بيحيائيءَ جهڙي ڳالهه آهي. اهڙي بدمعاشيءَ جهڙي
حرڪت مون اڳي ڪڏهن نه ڏٺي. انهيءَ براگٽن هن دفعي
اها اسڪالرشپ ”هارٽن“ وارن کان وڃائي. شڪر ته
”سينٽ ورنر“ وارن کان نه وڃائي اٿس. ڏسجي ته ڪنهن
کي ٿي ملي.“ ٽئي چيو ته ”ڪئنڊي، جي آءٌ تنهنجي
جاءِ تي هجان ها، يا لليسٽن جي جاءِ تي، يا هوم جي
ڪن ٻين دوستن مان هجان ها، ته آءٌ براگٽن کي مار
ڏيان ها.“ لليسٽن چيو ته ”حرڪت ڪانهي. تيسين ڏسون
ٿا، جيسين خبر پوي ته هوم کي اسڪالرشپ ملي ٿي يا
نه. جي نٿي مليس، ته پوءِ براگٽن سان ڪا به جٺ ڪرڻ
روا آهي. پر مون کي اڃا به اميد آهي.“ ڪئنيڊي چيو
ته ”آءٌ هوم جو چڱو واقف آهيان. هو اهڙي حرڪت
وساري ڇڏڻ وارو ناهي؛ جي اهڙو کڻي ٿئي، ته به جيڪر
آءٌ هن جي عيوض ۾ ائين ڪريان.“ اتي براگٽن ميز جي
هڪڙي ڪنڊ کان رڙ ڪري چيو ته ”ڏسان ته سهي ته ڪيئن
ٿو ڪرين؟“ ڪئنيڊيءَ گهنڊ وجهي چيو ته ”هينئر ائين
ڪرڻ مناسب نٿو ڄاڻان. پر، مسٽر براگٽن، مون کي پڪ
آهي ته هوم جي برخلاف جيڪي شرطون رکيون اٿئي، تن
جي کٽڻ جي اميد نه رکجئين، پوءِ ڀلي ته هن کي
اسڪالرشپ نه ملي.“ براگٽن چيو ته ”هان، ڏس هيءَ
منهنجي شرط جي ڪتابڙي. ڪيتريون نه شرطون کٽندس!“
ائين چئي، ڪتابڙي جا اڇلايائين، سا وڃي ڪئنيڊيءَ
جي منهن ۾ لڳي. ڪئنيڊيءَ انهيءَ بيحيائيءَ جو ڪو
به خيال ڪو نه ڪيو؛ ۽ ڪتابڙي وٺي، صفي واري وڏي
بخاري ۾ ٻرندڙ ٽانڊن ۾ کڻي اڇلايائين. براگٽن ٽپ
ڏيئي اٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”متان، متان ائين ڪيو
اٿئي! رڳو ”ڪلارڪلنڊ“ بابت انهيءَ ۾ شرطون لکيل
ناهن، ٻيون به گهڻيئي آهن!“ پوءِ ڊوڙي اُهو ٻرندڙ
نوٽبڪ ڪڍڻ ويو، پر پنهنجيون آڱريون مفت ساڙيائين.
ڪئنيڊي چيس ته تڏهن اڳتي متان اهڙيون شيون اڇلائي
ڪنهن کي هنيون اٿئي!“ براگٽن جو حال ڏسي، سندس
هڪڙِ سنگتيءَ ٽوڪ ڪري چيو ته ”ٻيون شرطون به شايد
اهڙيءَ دغا بازيءَ سان ٿي کٽيئه، جهڙيءَ سان
؛”ڪلارڪلنڊ“ واري ٿي کٽيئه!“ هيءَ ٽوڪ ٻڌي، براگٽن
کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ ماٺ ڪري اُٿي، ٽوپي کڻي، گهور
مان ڪئنيڊيءَ ڏي نهاريندو، پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو
ويو.
حقيقت ڪري براگٽن جي اها مرضي نه هئي ته
جولئَن کي سندس جاءِ ۾ بند ڪرڻ ڪري هن کي اسڪالرشپ
ملڻ کان نراس ڪري. سچ آهي ته حسد ۽ ساڙ ڪري هن کي
ڌڪاريندو هو، اگرچ هن جي هشياريءَ تي کيس حيراني
به لڳندي هئي. پر جيتوڻيڪ سجهيس ٿي ته اهڙي وقت تي
اهڙي چرچي ڪرڻ ڪري خرابي پيدا ٿيندي، ۽ جيتوڻيڪ
انهيءَ سان جهوني دشمني هيس، ته به هن جي اها مراد
بلڪل نه هئي ته جولئَن اهڙو نااميد ٿئي جو سندس
آئندي جي حالت خراب ٿئي، ۽ سندس بهتري روڪجي وڃي.
هن ۾ اڃا ايتري شرافت جي نشاني موجود هئي، جنهنڪري
هن قسم جي حرڪت هن کي پاڻ به خراب لڳي. اهڙا خراب
نتيجا هن کي اڳواٽ خيال ۾ اچي نه سگهيا هئا، ۽
جڏهن خبر پئيس ته انهيءَ ڪري جولئَن کي ڏاڍو درد
ٿيو آهي ۽ چڙ لڳي اٿس، تڏهن هو سچ پچ پشيمان ٿيو،
۽ اڌو گابرو ارادو به ڪيو هئائين ته جولئَن ماني
کائڻ تي اچي ته اڳي ئي ڏاڪڻ تي وڃي مليس ۽ کانئس
معافي گهري. پر جڏهن مٿس کِلون ۽ ٺٺوليون ٿيڻ
لڳيون، سندس بڇڙيءَ نيت ۽ بيحيائيءَ جا اشارا ظاهر
ظهور ملڻ لڳا، ۽ اهڙو گمان ٻين کي پيو ته هن
پنهنجي فائدي جي لاءِ اهڙي بي ايماني ڪئي آهي،
تڏهن رهي کُهي جيڪا شرافت ۽ مروت منجهس هئي، سا به
اڏامي وئيس ۽ سندس دل بلڪل سخت ٿي پئي، جنهن ڪري
انهيءَ کي نرم ڪرڻ لاءِ اڪيلو ٿيڻ گهريائين. آخر
ايترو ٿيو جو جولئَن ڏانهن هن جي نفرت ڍري ٿي؛ مگر
ڪئنيڊي ڏي سندس کل ٺٺوليءَ سبب اها ڏهوڻي زياده
ٿي. وري به هوم ۽ هو پاڻ ساڳيءَ اسڪول جا هئا، ۽
هوم هن کي ڪو به اهنج ايذاءَ نه رسايو هو. اٽلندو
هو انهيءَ کي پسند ڪندو هو. ياد هوس ته پهريندي جو
هن سان ناسازي ٿيس، سو هن ڪري جو پاڻ هن سان دوستي
رکڻ ۽ گهرو ٿيڻ ٿي گهريائين، پر هن پئي نٽايو؛
پوءِ به رڳو هن گوشي ٿي پئي گذاريو، ۽ کيس ڪي به
ڪين ٿي چيائين، نڪي ٿي ستايائين. براگٽن ”هارٽن“ ۾
هوم جي اچڻ وقت اڳي ئي مشهور هو ۽ جهونو هو، تنهن
کي جو هيءُ نئون آيل ڇوڪر پسند آيو، ۽ هن ساڻس
دوستي رکڻ گهري ۽ هُن نٿي رکي، تنهنڪري هن کي چڙ
لڳي. پوءِ اهڙا اتفاق ٿيا جو اها اڻبڻت ويئي
وڌندي، مگر حقيقت ڪري هن اڃا به هوم کي گهڻو ٿي
گهريو، ۽ خوشيءَ سان جيڪر ساڻس دوستي ڳنڍي ها. هن
دل ۾ چيو ته ”مون هوم کي ڪيترو نه ستايو آهي ۽
نقصان رسايو آهي، ته به هن ڪڏهن وير يا بدلي وٺڻ
جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ۽ نه مون کي ڪڏهن نقصان رسايو
اٿس. ٻيڙين واري ڪم ۾ به جيڪي مناسب هو سو هن ڪيو،
۽ هاڻ به سڀئي چون ٿا ته جي هن کي ”ڪلارڪلنڊ“
اسڪالرشپ نه ملي ته اهو نقصان ڄڻ مون هن کي رسايو.
مون کي خبر آهي ته انهيءَ جو هن کي ڪيترو نه شوق ۽
سعيو رهندو هو. هن جون آئندي جون اميدون انهيءَ تي
منحصر هيون. مون کي يقين ٿو ٿئي ته اهو ڪم مون
ڏاڍو خراب ڪيو آهي. انهيءَ کان ٻڏي مران ها ته چڱو
هو! هاڻ بهتر ائين آهي ته آءٌ پاڻ ئي هلي هوم وٽ
وڃان، ۽ وڃي کانئس معافي گهران. سچ پچ، مون کي هن
جي معافيءَ جي گهرج آهي. بيشڪ هو مون کان بهتر
انسان آهي. هو مون کي دوست سمجهي ته تمام چڱو.
انهيءَ ڪري منهنجي لاءِ فائدو آهي، ۽ آءٌ بهتر
ماڻهو ٿيندس.“
پر وري اهو خيال آيس ته کڻي پاڻ کي اهڙو نيچ
به ڪريان، ته به هيترن ماڻهن کي جا مون ڏانهن نفرت
پيدا ٿي آهي سا گهٽ ٿيڻ جي ناهي؛ انهيءَ ڪري هو
وري دل هڻڻ لڳو. چوڻ لڳو ته ”هنن کي ڪهڙو حق هو جو
ڄاڻن ته مون بڇڙيءَ نيت سان يا پنهنجي فائدي لاءِ
اها دغابازي ڪئي آهي؟ آءٌ ڪهڙو به خراب ماڻهو
هجان، ته به قسم آهي ته آءٌ بدنيت ناهيان. هن
لعنتي شخص ڪئنيڊيءَ کي آءٌ ڪڏهن ڪين ڇڏيندس،
انهيءَ کان ضرور وير وٺندس. پاڻيهي ويٺو ڏسندو!“
پوءِ ڪاوڙ ۾ زمين تي لت هڻي، اُٿي شراب جو ڍڪ پي،
جاءِ ۾ پسار ڪرڻ لڳو.
مطلب ته رات پوڻ تائين هن اهي خيال پئي
پچايا. آخر هن جي دل جولئَن ڏانهن نرم ٿي. پڪ
ڄاتائين ته آءٌ وير ۽ دشمنيءَ جي خيالن تي غالب ٿو
ٿيان – پر حقيقت ڪري هن انهيءَ جي بدران ٻيا زياده
خراب خيال دل ۾ ٿي آندا. نيٺ پُور پيس، ۽ جاءِ مان
نڪتو. ارادو ڪيائين ته سڌو جولئَن جي جاءِ ۾ وڃي
ظاهر ظهور هن کان معافي گهري ۽ پنهنجو ڏوهه قبول
ڪري؛ ۽ انهيءَ رستي هن جي دوستي هٿ ڪري. حقيقت ڪري
هو پنهنجي نفس تي غالب پيو هو، ۽ اها هن جي لاءِ
هڪڙي فتح هئي؛ ڇا لاءِ جو پنج ورهيه برابر هن
انهيءَ سان دشمني رکي، ۽ هاڻ پاڻ کي ماري وڃي هن
جي اڳيان پيش پوي ۽ انهيءَ کي فخر جي ڳالهه سمجهي،
سا ڳالهه ڪا ٿوري نه هئي. انهيءَ ڪري هن جي دل ۾
بهتر اميدون پيدا ٿيون، ۽ ڄاتائين ته جيڪي مون ۾
ٻيا عيب ۽ ٻيون برايون آهن، تن تي به آءٌ غالب ۽
قابض پوندس.
نيٺ، دل هڻندو هڻندو، هو جولئَن جي جاءِ
تائين ويو. ڏٺائين ته در ڀڳو پيو آهي، تڏهن وري دل
هڻڻ لڳو. اندر ماٺ لڳي پيئي هئي، پر ڄاتائين ته
جولئَڻ اندر هوندو، ۽ وجهه چڱو آهي، متان وري اهو
خيال دل تان لهي وڃي. دل ۾ گهڻئي پهه پچايا هئائين
ته هنن ڪِي هنن لفظن ۾ هن کان معافي وٺندس، پر
اُهي سڀ اُڏامي ويا. لاچار در کڙڪائڻ لڳو.
هوڏانهن جولئَن به جيڪي انهيءَ ڏينهن ٿي
گذريو هو، تنهن تي پئي ويچار ڪيو، ۽ صبح واريءَ
ڪاوڙ جي چڻنگ کي دُکائي بَڀڙ ٻارڻ جو خيال پئي
ڪيو. هن جي نظر ۾ به براگٽن جي نيت تمام خراب ڏسڻ
۾ ٿي آئي. انهيءَ جي هٿان هن کي گهڻائي نقصان ناحق
پهتا هئا. هن کي اها خبر ڪا نه هئي ته هن جو اندر
صاف ۽ چڱو آهي، ۽ اها بداخلاقي ۽ خرابي فقط ظاهري
آهي. هن کي پڪ هئي ته براگٽن ڄاڻي ٻجهي دغا بازي ۽
دشمني ڪري سندس هٿن مان خوشيءَ ۽ فتحيابيءَ جو
ڀريل جام ڦري اُڇلائي ڇڏيو آهي، نه ته جيڪر هو
غريبيءَ کان ڇٽي پوي ها، ۽ بهتر حال ۾ ٿئي ها – نه
رڳو پاڻ، پر ٻيا به، جي مٿس تعلق رهڻ وارا هئا.
انهيءَ ڪري هن پڪو ارادو ڪيو هو ته ڪيئن به ڪري
گهوڙي جي چهجبڪ سان هن کي وڃي سزا ڏئي – جيتوڻيڪ
ڄاتائين به ٿي ته هو زور وارو آهي، ۽ کانئس ڪَرارو
آهي. ڊي وين جي تجويز هن جو ارادو بادي ڪري ڇڏيو
هو. پر هينئر به هن ڄاتو ٿي ته جي ماٺ ڪري ههڙي جٺ
سهي ويندس ته انهيءَ جي پٺيان شايد وري ٻيون
سهڻيون ٿينديم، ۽ پوءِ ڪاليج ۾ گذارڻ مون کي محال
ٿيندو. هو انهن خيالن ۾ هو ته در جو کڙڪو ٻڌائين،
۽ انهيءَ لحظي سندس دشمن لنگهي اچي اڳيان بيٺس. پر
هن جي شڪل مان معلوم هو ته نماڻو ۽ پشيمان آهي،
جنهنڪري جولئَن جي دل ۾ آيو ته دشمنيءَ جي بدران
هن جو مدامي دوست ٿئي. پر هڪڙو ڀيرو اڳي ئي نفس
مٿس غالب پيو هو، ۽ ڪاوڙ جي ڪري هن کان وير وٺڻ جو
ارادو ڪيو هئائين، تنهن ڪري هينئر وري به نفس مٿس
غالب پوڻ لڳوـ ۽ ڀانيائين ته هينئر به هي وري گهر
ويٺي مون تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ ستائڻ آيو آهي: سو،
براگٽن جي ظاهري پشيماني ۽ نماڻائي هڪڙو ڍونگ
ڄاڻي، ڊي وين وارو چهبڪ کڻي هن کي پٺن ۾ هڻي
ڪڍيائين.
پهرين ٿورن ڌڪن لڳڻ ڪري براگٽن حيران ٿي
ويو. اڳي ٻيا گهڻا ئي خيال ڪيا هئائين، پر هيءُ
خيال سندس دل ۾ اصل ڪو نه آيو هو. هن ڄاتو ٿي ته
جولئَن ماٺيڻو ۽ کنڊو دماغ وارو آهي، سو گهڻو گهڻو
ته به ڪاوڙ مان ڪي گهٽ – وڌ ڳالهائيندو يا سخت
ڏوراپا ڏيندو يا طعنا هڻندو؛ اهو به خيال اڳي ئي
ڪري ڇڏيو هئائين ته معافي گهرڻ کان پوءِ به جي
جولئَن نه مڙيو ۽ ماٺ ڪري بيپرواهه ٿي بيهي رهيو،
ته هيئن يا هيئن ڪندس: مگر اهڙو خيال اصل دل ۾ نه
آيو هوس ته جيڪو کانئس ڪمزور ۽ ضعيف آهي، سو کيس
چهبڪن جا ڌڪ هڻندو! جولئَن ته پنج – ڇهه ڌڪ هڻي
پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊي ڇڏي، پر براگٽن هن جي بس ڪرڻ کان
پوءِ حيرانيءَ مان سجاڳ ٿيو. پوءِ ته اچي شيطان
کنيس – جهٽ ڏيئي کڻي جولئَن کي ڳچيءَ کان ورتائين،
۽ چهبڪ هن جي هٿ مان کسي، ڳَنَ وارو پاسو مٿي ڪري،
مٿس الاريائين. جي لڳيس ها، ته ههڙي زور واري
ماڻهوءَ جي هٿان ڪيترو نه ايذاءُ پهچيس ها؛ ۽
انهيءَ کان پوءِ به ڪاوڙ جي ڪري براگٽن الائي وڌيڪ
ڇا ڪري ها، پر انهيءَ وقت ڏاڪڻ تي ڪنهن ماڻهوءَ جي
اچڻ جو دٻڪو ٿيو، ۽ لليسٽن انهيءَ دم اندر لنگهي
آيو. براگٽن جي ڪاوڙيل شڪل ڏسي، لليسٽن چوڻ لڳو ته
”هوم کي هيتري نقصان پهچائڻ جي ڪوشش تي به راضي نه
رهين، ۽ هاڻ وري پاڻئون ننڍن ۽ ضعيفن تي ظلم
زبردستي ڪرڻ آيو آهين! ڇڏ اهو چهبڪ، نه ته چڱائي
نه ٿيندءِ.“ تڏهن جولئَن هڪدم چيو ته ”هيُو، بيهه.
مون پهرين هن کي چهبڪ جا ڌڪ هنيا آهن.“ لليسٽن
حيران ٿي چيو ته ”هان، تو؟“ براگٽن آهستي، پر ڪاوڙ
مان چيو ته ”هائو، هن مون کي چهبڪ هنيا، تنهن تي
مون چهبڪ سندس هٿان ڦري ورتو آهي. لليسٽن، اها
ڳالهه تون ياد رکج: ائين متان ڄاڻين ته آءٌ تو کان
ڊنو آهيان. باقي، هوم، تون منهنجي ڳالهه ٻڌ: آءٌ
هتي انهيءَ ارادي سان آيس ته تو کي چوان ته
جيتوڻيڪ مون اِسڪرن سان در کي قابو ڪري تو کي
پنهنجيءَ جاءِ ۾ بند ڪيو، ته منهنجو ارادو اهو نه
هو ته اهڙو نتيجو ان مان نڪري، جهڙو نڪتو. منهنجو
فقط مطلب هو ته ڏهه منٽ کن تو کي کپايان؛ ۽ جيڪي
ڪيو هوم، تنهن کان آءٌ پشيمان ٿيو هوس، ۽ ڏاڍو ڏک
ٿيو هوم. هتي هينئر انهيءَ ارادي سان آيو هوس ته
سچيءَ دل سان تو کان معافي گهران. پر، ڏس، انهيءَ
جي عيوض ۾ تو مون سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو آهي! ٺهيو، اڄ
کان پوءِ پاڻ وري نه ڳالهائينداسون. تو مون کي
چهبڪ هنيا آهن - ۽ آءٌ اهڙو شخص نه آهيان جو اڳي
ڪڏهن به بدلي وٺڻ کان سواءِ ڪنهن جو ڌڪ نه سٺو
اٿم، سو تنهنجا چهبڪ صبر ڪري سٺا اٿم. هان، وٺ
هيءُ پنهنجو چهبڪ. اڄ کان پوءِ وري ائين متان چوين
ته تو مون کان وير نه ورتو، ۽ اڃا ڪو حساب باقي
رهيل آهي!“
لليسٽن هٽي جاءِ ڏنس ته لنگهي وڃي. براگٽن
هنن کان پٺي ورائي، ڦلهو منهن ڪري هليو ويو، ۽ هو
ماٺ ڪري بيهي رهيا، جيسين هو ڏاڪڻ تان لهي هليو
ويو. لليسٽن ويهي رهيو، ۽ جولئَن جون اکيون زمين
تي هيون. جڏهن لليسٽن ڏٺو ته ڳالهائڻ جو موقعو
ناهي، تڏهن ٽپ ڏيئي اُٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”جولئَن
الهه وائي. آءٌ آيس ته تو کي صلاح ڏيان ته سوير ئي
وڃي سمهي رهه ته آرام اچئي، ۽ سڀاڻي چڱي حال ۾
هجين. اڄ تون پنهنجي هميشه واري حال ۾ نه رهيو
آهين – خدا حافظ.“
پر انهيءَ ڏينهن جولئَن سان سندس حرص ۽ اميد
جي روڪجڻ کان به وڌيڪ جُٺ ٿي هئي. هن هڪڙي نهايت
چڱي دينداريءَ جهڙي ڪم ڪرڻ جو وجهه هٿان وڃايو هو،
جنهنڪري سندس گناهن جي گهڻي ڪفارت ٿئي ها – يعني
ٻئي کي معافي ڏيڻ جو وجهه –سو به ٻئي ڪنهن کي نه،
پر پنهنجي هڪڙي دشمن کي. ماڻهوءَ کي ڪِريل کي هٿ
وٺي اُٿارڻ جو وجهه حياتيءَ ۾ ڪڏهن ورلي ٿو ملي.
براگٽن جا پڇاڙيءَ وارا لفظ ياد ڪري، جولئَڻ کي
نهايت گهڻو ڏک ٿيو. دل ۾ چيائين ته ”انهيءَ معافي
ڏيڻ جي ڪري هو جيڪر ڏاڍو خوش ٿئي ها، ۽ منهنجا
خيال هن جي نسبت ۾ به اڳتي چڱا ٿين ها؛ پر افسوس
جو اُهو وجهه هليو ويو!“ تنهنڪري، جڏهن سمهڻ لاءِ
وڃي هنڌ تي ليٽيو، تڏهن سندس دل نهايت غمگين هئي.
هوڏانهن براگٽن جو ڪهڙو حال هو؟ موڳو ۽ ملول
ٿيو باهه تي ويٺو هو، جيسين ڪ سڀ ٽانڊآ خاڪ ٿي
ويا، بتي به اُجهامڻ لڳي ۽ پاڻ به سيءَ سان ڏڪڻ
لڳو. دل ۾ چيائين ته، ”پاڻ تي فتح ڪرڻ مان ڇا
حاصل؟ جي حاصلات هيءَ آهي ته ڀلائيءَ ڪرڻ ۽ بهتر
ٿيڻ مان ڪهڙو فائدو؟ چهبڪ کائجن، سي به هن جي
هٿان!“ پر جولئَڻ کي سندس هٿان جو ايذاءُ پهتو
هوس، تنهن جي هن کي گهڻي ڳڻتي ڪا نه هئي؛ اُهو ڏک
چهبڪن لڳڻ سان لهي ويو. هينئر هوم جي لاءِ هن کي
دل ۾ زياده مانُ هو، اڳوڻو وير وسري ويو هو. هاڻ
وري ڪاوڙ ڪئنيڊيءَ تي هيس، ۽ انهيءَ کان وير وٺڻ
جي ڳڻتيءَ ۾ پيو. اُهو انهيءَ وقت کان پوءِ زور
وٺندو ويو، ۽ هن جي دل جي حالت گهڻو خراب ٿي ويئي.
هميشه وير وٺڻ جا وجهه پيو ڳوليندو هو. انهيءَ
هڪڙيءَ برائي ڪري سوين ٻيون برايون هن ۾ پيدا ٿيڻ
لڳيون. انهيءَ رات به انهيءَ خيال ۾ محو هو؛ ۽
خيالن پچائيندي، ڪاوڙ ويس وڌندي. جڏهن وڃي هنڌ تي
سمهڻ لڳو، تڏهن چوڻ لڳو ته ”انهيءَ ڪمبخت ڪئنيڊيءَ
سان ڏسو ته ڪهڙو نه ڪم ٿو ڪريان؛ مرڻ گهڙيءَ تائين
ياد ڪندو.“
باب تيرهون
’ڪلار ڪلنڊ‘ اسڪالرشپ
انهيءَ رات جو جولئَن آرام سان سمهي ننڊ
ڪئي. جڏهن نوڪر صبح جو جاڳايس، تڏهن دل ۾ چيائين
ته ”ڪالهوڪو ڏينهن ته غلط فهميءَ ۽ غلط ڪاريءَ ۾
گذاريم، من اڄوڪو ڏينهن سجايو گذاريان!“ هو هڪدم
اٿيو، ۽ ناشتي کائيندي ڳوٺان آيل خط پڙهيائين.
انهيءَ ڏينهن وايوليٽ وٽان خط آيو هو، جنهن ۾
امتحان جي نتيجي بابت انتظار ڏيکاريل هو – گهر
وارن کي يقين هو ته هو اسڪالرشپ کٽندو. اڳئين
ڏينهن جون ناموافق ڳالهيون ياد پيس، پر انهيءَ جو
لکڻ مناسب نه ڄاتائين، ڀانيائين ته ڀلي فيصلو ٿي
رهي ته پوءِ امتحان جي خبر لکان.
انهيءَ ڏينهن پويون پرچو هو، ۽ جولئَن پڪو
ارادو ڪيو ته انهيءَ جا جواب تمام چڱا ۽ پورا
لکان. سگهو ئي هن سڀ فڪر ۽ ڳڻتيون وساري ڇڏيون،
جڏهن ٻارهن لڳا، تڏهن خاطري ٿيس ته مون چڱا جواب
ڏنا آهن. هن جي مُرڪندڙ منهن مان ممتحن کي معلوم
ٿيو ته هو اڳئين ڏينهن کان بهتر حال ۾ آهي. اوئن
سان جوابن ڀيٽڻ کانپوءِ ڏٺائين ته هن کان گهٽ نه
آهن؛ انهيءَ ڪري هن جي دل خوش ٿيڻ لڳي. امتحان جو
فڪر وساري، ڊي وين، ڪئنيڊيءَ ۽ لليسٽن سان ٺهراءُ
ڪيائين ته هلي نديءَ ۾ وهنجون، ۽ پوءِ هيڏانهن
هوڏانهن ڊڪي گهُمتاري ڏيئي اچون. هو هڪدم روانا
ٿيا. رستي ۾ امتحان کان سواءِ ٻين سڀني مضمونن تي
ڳالهائيندا ۽ کلندا هليا. گهمندي، نديءَ جي هڪڙي
وَرَ وٽ آيا، جتي وهنجڻ جي لاءِ هڪڙي لانڍي ٺهي
پيئي هئي. اتي ويهي، وهنجي سهنجي، پوءِ پاسي
واريءَ ديهه جي ٻنين ڏانهن گهمڻ هليا. انهن جي
گهمي ڏسڻ لاءِ ڊي وين کي گهڻن ڏينهن کان خواهش
هوندي هئي، جو انهيءَ پاسي جي ديولن جون عجيب قسم
جون قديم عمارتون هونديون هيون، ۽ اُهي هن ڏسڻ
گهريون ٿي. رستي ۾ ڪي مزي جهڙا وڻ ٻوٽا ٻيلي ۾
ڏٺائون. هڪڙو ته انهن مان اهڙو بوٽو هو، جنهن جا
پَن جولئَڻ پٽي پنهنجيءَ ڀيڻ لاءِ کنيا، جو هوءَ
عجيب غريب پَن ۽ گل گڏ ڪندي هئي. ڊي وين به انهيءَ
ٻوٽي مان ڪي ڪي پَن پٽي کنيا هئا، جنهن کي لليسٽن
چيو ته ”تو ڇو اهي پَن کنيا آهن؟“ هن چيو ته ڪنهن
ليڊيءَ جي لاءِ، پر خير هاڻي نه گهرجن.“ ۽ جولئَن
جي هٿ ۾ ڏسي هن اهي وري اڇلائي ڇڏيا. تنهن تي
ڪئنيڊيءَ مسخري ڪري چيس ته ”ڪنهن ليڊيءَ لاءِ
کنيئي، وري اڇلائي ڇڏيئي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“
انهيءَ سوال تي ڊي وين جو منهن شرم کان ڳاڙهو ٿي
ويو، ۽ جولئَن هڪدم سهي ڪيو ته هن به سندس ڀيڻ
وايوليٽ جي لاءِ ٿي کنيا، جو هن جي انهيءَ شوق جي
خبر هيس، انهيءَ ڪري هن ڄاتو ته ڊي وين کي انهيءَ
سوکڙيءَ کڻڻ جي وجهه نه ملڻ ڪري نااميدي ۽ خفو ٿيو
هوندو. ڊي وين قديم ديولن جي نمونن جا ڪي نقشا
ڪڍيا. پوءِ چڱو پنڌ ڪري شام جو گهر آيا. لليسٽن
اڳي ئي بندوبست ڪيو هو ته سڀئي رات جي ماني اتي
سندس جاءِ ۾ کائين. انهيءَ بدنوبست جي ٻين کي خبر
ڪا نه هئي، تنهن ڪري هنن کي عجب به لڳو ۽ خوش به
ٿيا.
رستي ۾ ڊي وين ڪي مزي جهڙا پَن جولئَن کي
ڏيئي چيو ته ”مهرباني ڪري هي پَنَ وايو – پنهنجي
ڀيڻ، مس هوم – ڏانهن موڪلي ڏيندين؟ جولئَن چيو ته
”بيشڪ موڪليندس.“ ڊي وين چيو ته ”مس هوم گذرئي
دفعي مون سان ذڪر ڪيو هو ته اهي ”پئرس“ نالي
واريون ٻوٽيون ”ڪئمفرڊ“ جي ويجهو جهنگ ۾ ٿين ٿيون،
۽ مون کي چيو هئائين ته جي ڪٿي هٿ لڳن ته منهنجي
لاءِ هٿ ڪجئين.“ جولئَن چيو ته ”آءٌ ضرور
موڪليندس. خاص جي تو اهڙو انجام ڪيو آهي.“ ڊي وين
چيو ته ”مهرباني تنهنجي. اميد آهي ته جي آءٌ اهي
پن پنهنجي خط ۾ وجهي مس هوم ڏانهن موڪليندس ته کيس
ڪو اعتراض ڪين ايندو.“ جولئَن کلي چيو ته ”ڪهڙو
اعتراض ايندو؟ پاڻ هوءَ خوش ٿيندي.“ پوءِ ڊي وين
هن کان موڪلائي هليو ويو.
جولئَن کي دل ۾ اهو ويچار ٿيو ته ”شڪ ناهي
ته ڊي وين منهنجي پياريءَ ڀيڻ وايوليٽ جي محبت ۾
ڦاسي ويو آهي. نه ته ڪين جهڙن پنن بابت هيترو چوڻ
چائڻ، ۽ ڪئنيڊيءَ جي چرچي تي شرم کان هن جي منهن
ڳاڙهي ٿيڻ جي ٻي ڪهڙي معنى هوندي؟“ انهيءَ مهل
ٻيون به اهڙيون نشانيون ياد پيس، جنهن مان اهو شڪ
يقين جهڙو نظر آيس. انهيءَ ڪري هو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽
انهيءَ مان اهو به فائدو ٿيس ته سندس ڌيان ٻين خفي
ڏيارڻ جهڙين ڳالهين کان بدلجي ويو. ڄاتائين ٿي ته
وايوليٽ هر طرح ڊي وين جي صحبت جي لائق آهي، ۽ ڊي
وين به چڱو ماڻهو، سمجهه ڀريو ۽ هشيار جوان آهي.
انهيءَ ڪري اها اُميد دل ۾ پيدا ٿيس ته ڪنهن ڏينهن
هنن جي شادي ٿيندي.
هوڏانهن لارڊ ڊي وين ڏاڍي خوشيءَ سان پن
کڻي، لفافي جي ماپ جيڏا چِپي، پوءِ ويهي خط لکڻ
لڳو. هن طرح لکيائين: ”پياري وايوليٽ –“ پر وري
ڳڻتي آيس، ۽ چوڻ لڳو ته ”نه، اڃا اهڙيءَ گستاخيءَ
سان رُکي نالي لکڻ جهڙو نه ٿيو آهيان؛ اميد آهي ته
اهڙو وقت جلد ايندو.“ ساڳئي وقت هن سان گذريءَ
ملاقات وارو وقت ياد پيس، ۽ هن جي خوبصورت شڪل ۽
ڳالهائڻ جو ڊول ۽ مٺو آواز ياد پيس – پوءِ ته وڃي
جهاجهه ۾ پيو. اوچتو وري پاڻ سنڀالي، اهو ڪاغذ
ڦاڙي ڇڏيائين، ۽ ٻيو کڻي انهيءَ تي ٻيءَ عبارت سان
هي خط لکيائين: ”پياري، مس هوم، آءٌ توڏانهن هن
لفافي ۾ هڪڙي مزي جهڙيءَ ٻوٽيءَ جا پن موڪليان ٿو.
جنهن جو نالو ”پئرس“ آهي تو کي ياد هوندو ته تو
انهيءَ جو ذڪر مون سان ڪيو هو، ۽ مون انجام ڪيو هو
ته ”ڪئمفرڊ“ جي ويجهو جهنگ مان هٿ ڪري تو ڏانهن
موڪليندس. اتفاق سان پهرين جولئَن اُهي لڌيون، ۽
مون کي موڪلي ڏني اٿس ته پنهنجي انجام موجب تو
ڏانهن موڪليان. هو خوش چڱو ڀلو آهي. اميد آهي ته
ڏينهن – ٻن ۾ اوهان کي خبر پوندي ته هن کي
”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ ملي آهي. مهرباني ڪري مسز هوم
۽ پنهنجن ڀائن کي منهنجا سلام ڏجئين. تنهنجو
نيازمند، - ڊي وين.“
وايوليٽ کي خواب ۾ ڪين هو ته انهيءَ رواجي
خط لکڻ ۾ انهيءَ لکندڙ کي ڪيتري نه خوشي ۽ لذت آئي
هوندي، ۽ موڪلڻ کان اڳي سندس خاطر سئو ڀيرا چميون
ڏنيون هوندائين، جو سندس هٿ ۾ اچڻ وارو هو.
ڊي وين ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ بابت اشارو نه
ڏئي ها، مگر اهڙو افواهه عام اُٿيل هو. پهرين
سوالن جي جوابن جي تعريف، مانيءَ کائڻ مهل،
پروفيسرن ۽ ٻين جي واتان اشاري طرح ٻڌي هئائين،
تنهنڪري يقين ٿيڻ لڳو هوس ته ضرور جولئَن کي
ملندي. شاگردن ۾ به اهڙو عام افواهه هو، ۽ انهن به
سمجهيو ٿي ته اهو افواهه پڪي بنياد تي ٻڌل آهي.
اربع جي رات آئي، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو امتحان
جي نتيجي جي خبر پوڻي هئي، جيئن وقت ويجهو پوندو
ويو، تيئن جولئَن جو انتظار زياده ٿيندو ويو. خبر
هيس ته نائين بجي کٽندڙ اميدوار جو نالو امتحان
واريءَ جاءِ جي در تي هنيو ويندو. انهيءَ مهل هن
کي همت نه ٿي جو پاڻ اُتي وڃي ڏسي. ڄاتائين ٿي ته
سندس نالو هوندو ته گهڻائي ڊوڙي اچي کيس ٻڌائيندا
۽ مبارڪ ڏيندا؛ ۽ جي فتحياب نه ٿيو، ته به هڪ ٻه –
گهاٽا دوست سجهيس ٿي، جي کيس بروقت انهيءَ جي
خبرڏيندا.
نيٺ نوَ لڳي ويا. جاءِ جي ڏاڪڻ تي دٻڪن ٻڌڻ
لاءِ منتظر هو. ايستائين گهڻن کي امتحان جي نتيجي
جي خبر ضرور پئجي ويئي هوند.ي جولئَن کي افواهه
اڳي ئي ڪن تي پيل هئا، تنهنڪري فتحياب ٿيڻ جي گهڻي
اميد هيس. دل ۾ دعا پئي گهريائين ته جيئن خدا کي
وڻي ۽ جيئن منهنجي لاءِ چڱو هجي، تيئن شل ٿئي.
اسڪالرشپ ملڻ ڪري ڪهڙو فائدو ۽ سک حاصل ٿيڻو هو،
سو به ياد پيس؛ تنهنڪري گهڻي خوشي به ٿيڻ لڳيس، ۽
اها به ڳالهه انهيءَ مهل دل تي آيس ته اهڙي
خوشخبري ٻڏي سندس گهر جا ڀاتي ڪهڙا نه خوش ٿيندا.
انتظار ۾ منٽ منٽ، ڪلاڪ ٿيو پئي گذريو، سوا
نَو به ٿي ويا. انتظار ۾ دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي بيهي
رهيو. مسٽر گرين کي گاهه تي گهمندو ويندو ڏٺائين
پٺيان هڪڙو ٻيو پروفيسر به پئي آيو. انهيءَ هن کان
سڏي پڇيو ته ”گريسن، ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ جي خبر
پيئي آهي، اُها ٻڌي اٿئي“ گريسن چيو ته ”پيئي آهي؟
مون کي خبر ڪانهي.“ هن چيو ته ”هائو، پيئي آهي.
ڀلا، ڪنهن کٽي هوندي؟“ گريسن چيو ته ”اميد آهي ته
”سينٽ ورنر“ جي ڪنهن شاگرد کٽي هوندي.“ هُن چيو ته
”هائو، برابر ائين آهي.“ گريسن پڇيو ته ”ڪنهن کٽي
آهي؟“ هن نالو ورتو، جو جولئَڻ برابر نه ٻڌو –
”اوئن“ به ٿي سگهيو ٿي، ۽ ”هوم“ به. گريسن چيو ته
”تڏهن..... جو مون کي گهڻو ارمان آهي.“ وري به
جولئَن پرڀري هئڻ ڪري اهو نالو چٽو نه ٻڌو. انتظار
جي ڪري وڌيڪ صبر ڪري نه سگهيو. ٽوپي ۽ جبو کڻي
پاتائين ته پاڻ وڃي سماءُ ڪري، ته ڏاڪڻ تي دٻڪو
ٻڌائين. پر اهو براگٽن جي پيرن جو آواز هو، جو
لنگهي پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن ويو. لحظي کان پوءِ وري
ٻن ماڻهن جي چڙهڻ جو دٻڪو ٿيو. سهي ڪيائين ته
لليسٽن ۽ ڊي وين جي پيرن جو آواز آهي. در وٽ منتظر
ٿي بيهي رهيو. پر هو ڏاڍا آهستي پئي آيا، يا
انتظار کان هن جي نظر ۾ ائين آيو، جڏهن هو مس مس
اچي ڏاڪڻ جي چوٽيءَ تائين پهتا، تڏهن جولئَن هڪدم
پڇين ته ”ڪلارڪلنڊ“ جي خبر پيئي يا نه؟“ هنن ٻنهي
چيو ته ”هائو، پر اوئن کي ملي. جولئَن تنهنجو اسان
کي گهڻو ارمان آهي!“ هيءُ ٻڌي جولئَن جي منهن جو
رنگ ئي هارجي ويو؛ ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو. آٿڙيو
ته لارڊ ڊي وين کڻي ورتس، ۽ چوڻ لڳس ته ”جولئن
تنهنجي نالي لکيل آهي ته پهرئين نمبر جهڙو آهي، ۽
هڪڙي پرچي ۾ بيمار هو.“ جولئَن چيو ته ”حرڪت
ڪانهي. مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو.“ هنن جي مرضي نه هئي
ته اڪيلو ڇڏينس، پر جولئَن زور ڪين، تنهن ڪري هو
کيس اڪيلو ڇڏي هليا ويا.
پهرين ته جولئَن بلڪل دلشڪستو ٿي ويو.
پهريون دفعو امتحان ۾ فتحياب نه ٿيو، سو به هڪڙي
دشمن جي حرڪت کان، انهيءَ ڪري هن جون آئندي جون
اميدون برباد ويئون. چوڻ لڳو، ته ”منهنجو اجهو
هيءُ حال آهي. خيراتي شاگرد، يتيم، غريب، مائٽ مٽ
ڪو نه ٺهي، ٻيا گهر جا ڀاتي مون تي تعلق رهندڙ،
دنيا ۾ پنهنجي منهن ڪوشش ڪندڙ، ۽ هاڻ جنهن شي جي
لاءِ مٿا ٿي هنيم ۽ جنهن جي ڪري خوش گذاريان ها،
سا به هٿان ويئي!“ انهيءَ طرح، پنهنجي نالي ناموس،
عزت، مدد ۽ اميدن جي گم ٿيڻ تي خيال ڪندي، روئندي
اکيون ڳاڙهيون ٿي وئيس، ۽ مٿي ۾ سور پئجي ويس. هو
ضعيف ته اڳي ئي هو، ۽ محنت ڪري پاڻ کي زياده ضعيف
ڪري ڇڏيو هئائين، ويتر هن خراب خبر هن کي ڏاڍو
لوڏو ڏيئي ڇڏيو. گهر ماءُ ۽ ڀيڻ ڏانهن خبر لکڻ جي
ڳالهه به ڳري لڳيس، جو هنن کي سندس فتحيابيءَ جي
پڪ هئي، ۽ سندس ڀاءُ به ڏاڍا غمگين ٿيندا، جو سندس
هيتري محنت اجائي ويئي، ۽ هو ڄاڻندا ته هيءُ اهڙو
هشيار ناهي جهڙو پاڻ سمجهيائون ٿي. اهي سڀ ڳالهيون
انهيءَ مهل هن جي دل ۾ آيون. سندس دوستن کي ته
پاڻيهي خبر پوندي، پر پنهنجن عزيزن کي هو پنهنجي
هٿ سان ڇا لکي؟ وري انهيءَ جي پٺيان دلاسي ۽
تسليءَ جا خط ايندا، سي سڀ کان خراب!
انهن خيالن ڪري هو اهڙو منجهي پيو، جو ڪي به
ڪري نه سگهيو – نه پڙهي ٿي سگهيو نه لکي، رڳو
امتحان ۾ فتحياب نه ٿيڻ جو خيال دل ۾ هوس، ٻيو ڪو
به خيال ڪو نه هوس. دريءَ تي ٽيڪ ڏيو، سامهون ديول
جي ٻاهرئين در ۾ اکيون وجهيو ويٺو هو. سامهون ساوڪ
۽ باغ جا ٻارا ۽ گل هئس، ۽ نديءَ مان ٻيڙيون پئي
لنگهيون، سي پئي ڏٺائين. پوءِ وري منهن مٿي ڪري سج
ڏانهن نظر ڪيائين، وري هيٺ باغ ۾ هڪڙو پروفيسر
گهمندو ڏٺائين، تنهنڪري هٽي وڃي پنهنجيءَ جاءِ ۾
پاڻ کي لِڪايائين. سجهيس ته سندس سنگتي ”سينٽ
ورنر“ وارا سگهو ئي وٽس اچي ساڻس عذرخواهي ڪندا.
ڏاڍو بي آرام ٿيڻ لڳو. اٿي در بند ڪيائين، پر وري
اڳوڻي بند ٿيڻ جي جٺ ياد پيس، تنهنڪري وري اهو
کولي ڇڏيائين. کٽ تي سنئون ٿي ليٽي پيو، ۽ موڳو ۽
ساڻو ٿي سمهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ کڙڪي تي
اک پٽيائين ته ڊي وين کي پنهنجي پاسي ۾ بيٺو
ڏٺائين. اهو ئي ماڻهو هو، جنهن کي سندس مروت ۽
مهربانيءَ، نرم دليءَ ۽ همدرديءَ جي ڪري اهڙي وقت
هو ڏسي ٿي سگهيو. انهيءَ کي چيائين ته ”ڊي وين آءٌ
ڀانيان ٿو ته تون مون کي ڏاڍو نادان ڄاڻندو
هوندين، پر منهنجي لاءِ ته منهنجيون سڀ اميدون هن
اسڪالرشپ کٽڻ تي منحصر هيون. تو کي خيال ۾ اچي نه
سگهندو ته ڪيتري قدر آءٌ نااميد ٿيو آهيان!“ هن
چيو ته ”بيشڪ هوندين. پر آءٌ تو کان پڇڻ آيو هوس
ته جي تون اجازت ڏين ته هن امتحان جي خبر تنهنجي
بدران آءٌ تنهنجي گهر ڏانهن لکان. جيڪي تون
لکندين، تنهن کان ضرور آءٌ ڪي وڌيڪ لکي سگهندس.
جيڪا هشياري تو ڏيکاري آهي، سان مون ٻڌي آهي ۽
انهيءَ بابت ڪنهن ٻئي وقت تو سان ذڪر ڪندس.“
جولئَن چيو ته ”ڊي وين، مهرباني تنهنجي. جي لکندين
ته سڀاڻي تائين هنن کي خبر پئجي ويند.ي مون کي لکڻ
۾ البت تڪليف ٿيندي.“ ڊي وين چيو ته ”چڱو، آءٌ
لکندس. پر جي دل چويئي ته هلي هوا کائي اچون.“
جولئَن چيو ته ”مون کان هينئر ٻاهر نڪتو نه
ٿيندو. ماڻهن کي ڪهڙو منهن ڏيکاريان؟“ هن چيو ته
”تڏهن الهه واهي. ذري کان پوءِ آءٌ وري ايندس.“
جولئَن چيو ته ”ڀلائي تنهنجي. وري اچجئين ته پوءِ
ڳالهيون ڪريون.“ ڊي وين هليو ويو، ۽ دل ۾ خيال
ڪندو ويو ته ”جي جولئَن جي محبت هٿ آيم ته وايوليٽ
جي محبت هٿ آڻڻ ۾ به آساني ٿيندي.“
جولئَن جي اها مرضي نه هئي ته ٻيا ماڻهو
ڄاڻن ته اسڪالرشپ نه ملڻ ڪري هن کي ڪو گهڻو ڏک ۽
ارمان ٿيو آهي؛ تنهنڪري جڏهن مسٽر ائڊمر هن کي ڏسڻ
آيو، تڏهن انهيءَ کي پنهنجي دل جي ارمان معلوم ڪرڻ
جو وجهه نه ڏنائين. ٿوري وقت تائين ته هنن ٻيون
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪيون، پوءِ مسٽر
ائڊمر چيو ته ”هوم، افسوس آهي ته اسڪالرشپ تو کي
نه ملي، انهيءَ جي گهڻي حرڪت ڪانهي. جي مليئي ها
ته انهيءَ ڪري ڪو سمجهو ماڻهو تو کي زياده هشيار
ڪين سمجهي ها. هينئر به تنهنجو نالو اڳي جهڙو ئي
آهي. آءٌ ڏسان ٿو ته تو کي اُنهيءَ ڪري ڏک ٿيو
آهي؛ پر جڏهن تون منهنجي عمر کي رسندين، تڏهن
اهڙين ڳالهين جو گهڻو خيال نه ٿيندءِ. دنيا ۾ هنن
امتحانن جي فتحيابين کان ٻيون زياده ضروري
فتحيابيون آهن.“ جولئَن چيو ته ”سچ آهي، مگر اهي
به منهنجي لاءِ ننڍيون نه آهن.“ مسٽر ائڊمر چيو ته
”هتي جي ماڻهن لاءِ ناهن. پر جي کڻي اها اسڪالرشپ
مليئي ها، ته به ”جونس“ ۽ ”برائون“ ۽ ”رابنسن“
وانگي تنهنجو مٿو ڦري وڃي ها، ۽ زياده مغرور ٿين
ها: هنن وانگي ڄاڻين ها ته آءٌ به انگلنڊ جي عالمن
۽ فاضلن مان آهيان، ۽ ماڻهن جي وچ ۾ وڏي فخر سان
ڪنڌ مٿي کڻي بيهين ها. پر، هوم، جهڙو هينئر آهين،
تهڙو دنيا ۾ ڪي ڪجهه سجايو ڪري ٿو سگهين.“
جولئَن فقط مُرڪيو. مسٽر ائڊمر سان حجت دليل
ڪري پنهنجي دل ٺاري ها، پر هئزليٽ اچي نڪتو، جنهن
کي ڏسي مسٽر ائڊمر هڪدم هليو ويو. جولئَن کي به هن
کي ايندو ۽ مسٽر ائڊمر کي ويندو ڏسي هانءَ ۾ ڌڪاءُ
پيو، جو ڄاتائين ٿي ته اڪيلو ٿي، هن جي بڪ سهي ڪين
سگهندس. هئزليٽ هميشہ وانگي بزرگن جهڙيءَ صورت ۽
پوشاڪ ۾ هو. ويهندي ٿڌو ساهه کنيائين، ۽ چيائين ته
”پيارا جولئَن، مون کي ڏاڍو افسوس آهي ته – “
جولئَن وچ ۾ ٽپي چيو ته ”ڀلائي ڪري مون کي ”هوم“
سڏ، نه ”جولئَن“. اهڙي گستاخيءَ جو آءٌ لائق
ناهيان.“ هن چيو ته ”چڱو، پيارا هوم –“ جولئَن چيو
ته ”پيارا به نه چؤ، رڳو هوم چؤ.“ هئزليٽ چيو ته
”مار، تون چڙيو ويٺو آهين! مون کي اڳي ئي شڪ هو ته
تنهنجي طبيعت بگڙيل هوندي، جو هو جوان پادري تو وٽ
ويٺو هو. هڪڙيءَ ڪري ته اها شڪست تنهنجي لاءِ چڱي
هئي، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. آءٌ ڀانيان ٿو ته
اڃا تنهنجي راءِ نه بدلي آهي. اڃا پورو ديندار نه
ٿيو آهين. اڃا ڪو گناهه تنهنجي بلي رهيل آهي، جنهن
جي ڪفارت ضرور هئي. اڃا –“ جولئَن بيصبر ٿي
پنهنجيءَ جاءِ تان ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ هن کي چوڻ لڳو
ته ”پنهنجي اها بيحيائيءَ جهڙي زبان بند ڪر!“ اهو
دڙڪو ٻڌي هئزليٽ ڊڄي ويو، ۽ ڊپ هوس ته متان شيشي
جي پاڻيءَ جي صراحي، جنهن ۾ جولئَن انهيءَ مهل وڃي
هٿ وڌا، سان کڻي سندس مٿي ۾ نه هڻي. پر جولئَن پاڻ
کي روڪي، هن کي چوڻ لڳو ته ”هئزليٽ، منهنجي
اُٻهرائي معاف ڪجئين، آءٌ هينئر بلڪل بيزار ۽ خفي
آهيان. آءٌ هينئر تو سان ڳالهائڻ ٻولائڻ جهڙي حال
۾ ناهيان. جيڪي هينئر تون ڳالهائيندي، تنهن مان
مون کي ڪا به مدد ملي نه سگهندي. تنهنڪري، معاف
ڪر. پر هئزليٽ ته سنبري آيو هو ته هن کي وعظ ڪري،
تنهن اُتان چُرڻ جي نه ڪئي. ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو
ته ” آءٌ ڀانيان ٿو ته مذهبي دلاسي ۽ تسليءَ ملڻ
لاءِ تون تيار ناهين.“ جولئَن خفي مان چيو ته
”برابر، تنهنجي مذهب واري دلاسي ۽ تسليءَ جي لاءِ
تيار ناهيان.“ هن چيو ته ”جنهن ماڻهوءَ کي مذهب جي
ڪا به خبر ڪانهي، سو-“ پوءِ وري بس ڪيائين، جو
جولئَن کي صراحي کڻندي ڏٺائين، ۽ چيائين ته ”خير،
ڀانئجي ٿو ته اڃا تو کي گهڻا ڏينهن خيراتي شاگردن
جي ميز تي ويهڻو ٿيندو، ۽ وڏن شاگردن جي اوبر
کائڻي ٿيندي. شايد تنهنجي لاءِ اها نيچائي چڱي ۽
فائدي واري آهي!“
هن جي اها بَڪ ٻڌي، جولئَن پئي خيال ڪيو ته
”هيءُ ڄاڻي ٿو ته پاڻ ۽ سندس انهيءَ نموني جا
سنگتي پنهنجي ويساهه موجب تمام نيڪ آهن، ۽ کين
پنهنجي آئندي جي ڇوٽڪاري جي پڪ آهي؛ ٻيو جهان سارو
گنهگار آهي، ۽ دوزخ ۾ پوڻو آهي.“ انهيءَ ڪري،
جولئَن جو سندس صحبت کان پئي پاسو ڪيو، جهڙو اڳي
اِلڊائون ۾ ڪندو هو، تنهن سبب ته پاڻ هو زياده
چڙيو. حقيقت ڪري هو آيو ئي انهيءَ لاءِ هو ته
جولئَن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي؛ هن کي پنهنجي بيديني
ياد ڏياري، ۽ جتائيس ته جيڪي ٿيو سو سندس مغروريءَ
جو نتيجو هو، ۽ سندس لاءِ جوڳي سزا هئي.
ههڙي ڏک جي وقت هن کي ٺٺوليون ڪندو ڏسي،
جولئَن ڏاڍو ڪاوڙيو. چڙ مان پڇڻ لڳو ته ”پڇاڙيءَ
واري ڪهڙي ڳالهه ڪيئه؟“ هئزلٽ چيو ته ”هوم، غريبي
ڪو عيب ناهي. انهيءَ جو تون فڪر نه ڪر. خيراتي
شاگردن مان به ڪيترا ديندار آهن، ۽ وڏن شاگردن جي
اوبر به –“ جولئَن چڙ مان چيو ته ”آءٌ قسم سان
چوان ٿو ته وڌيڪ مون کي صبر اچي نٿو سگهي!“ هن عمر
۾ اهو پهريون ڀيرو قسم کنيو هو. چوڻ لڳس ته ”تون
ڪمينو ۽ نيچ ماڻهو آهين، منهنجين گارين جو ئي لائق
ناهين. آءٌ بيشڪ خيراتي شاگرد آهيان. هان، وٺ...
هاڻ نڪري وڃ!“ ائين چوندي، هن صراحي کڻي سندس منهن
تي هاري. ڪاوڙ کان جو هٿ ڏڪيس، سو صراحي سندس هٿان
نڪري وڃي هن جي مٿي ۾ لڳي، ۽ هيٺ پٽ تي ڪري پرزا
پرزا ٿي پيئي.
هئزليٽ دانهن ڪري پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن ڀڳو
پهرين جانچ ڪري ڏٺائين ته ڌڪ لڳڻ ڪري ڪو زخم ڪو نه
ٿيو هوس، فقط سندس لسن وارن تي ڪي ڳاڙها نشان ٿيا
هئا، جن تي پٽي رکيائين؛ ۽ پوءِ صفي ۾ وڃي، جولئَن
جي هلت چلت ۽ طبيعت جي نسبت ۾ اجائي بڪ شڪ ۽ شڪايت
ڪرڻ لڳو. پر جڏهن ڪئنيڊي لنگهي آيو ۽ پنهنجو گلاس
کڻڻ لڳو، تڏهن ڊپ کان پنهنجي بڪ ته بند ڪيائين، پر
ڀڄي پرڀرو ٿيو، جنهن تي سڀني کي اچي کل لڳي.
لليسٽن، جو هميشه جولئَن جو پڪو ۽ سچو دوست
هو، تنهن کي هن جي حال ۽ طبيعت جو ٻڌي ڏاڍو ڏک
ٿيو. جيتوڻيڪ هئزليٽ جي سڀني ڪوڙن تي هن ويساهه
نٿي ڪيو، ته به ايتري پڪ ٿيس ته هن زور زبردستي ڪم
آندي آهي، ۽ قسم کڻي چڙ ۾ ڪي ڪجهه چيو به اٿس.
جاءِ ۾ بند ٿيڻ کان پوءِ، ڪاوڙ هن تي ايتريقدر
غالب پئجي ويئي هئي جو هن جي طبيعت بگڙي ويئي هئي،
۽ هو وري پنهنجي اڳوڻي حالت ۾ ڪين آيو هو. بي
آراميءَ ۽ چڙ جي ڪري امتحان جي سوالن جا جواب
برابر نه لکيا هئائين، ۽ اهو سارو ڏينهن ماٺ ۽
ملولائيءَ ۾ گذريو هئائين، وري ٻيو ڀيرو ڪاوڙ جو
جوش آيس، جنهن ۾ براگٽن کي چهبڪ هنيائين؛ اسڪالرشپ
نه ملڻ ڪري وري چڙ آيس، ۽ هئزليٽ سان هيءَ هلت
ڪيائين. انهن سڀني ڳالهين ڪري، لليسٽن کي پنهنجي
دوست جي نسبت ۾ ڏاڍو ارمان ٿيڻ لڳو. هن ارادو ڪيو
ته ديول ۾ وڃڻ کان اڳي هن کي وڃي ڏسي، ۽ جي ٿي
سگهي ته ٺڳاري هن کي رات جو پاڻ وٽ آڻي ۽ اتي کيس
ڳالهيون ٻولهيون ڪري ٺاري. پر انهيءَ مهل هو وڃي
نه سگهيو، جو سجهيس ٿي ته جولئَن ضرور اڪيلو
پنهنجيءَ جاءِ ۾ ماني کائيندو هوندو، ۽ صفي ۾ ٻين
سان گڏ ماني کائڻ لاءِ نه آيو هوندو. سندس مرضي نه
هئي ته اڪيلي ماني کائيندي هن جو سُک ڦٽائي.
جولئَن کي چِڙ، ٿَڪ ۽ ڏک ڪري مٿي ۾ سور هو.
هن کي امتحان ۾ فتحياب ٿيڻ جو اوترو فڪر نه هو،
جيترو سندس ڀيڻ ۽ ڀائن جي نااميديءَجو هو. ماءُ جي
خبر هيس ته هوءَ انهيءَ ڳالهه تي گهڻو خيال نه
ڏيندي، جو هن جو خدا تي توڪل ۽ ڀروسو هوندو هو.
جولئَن کي به اهڙو ڀروسو گهڻو رهندو هو، ۽ هو، پر
في الحال چڙ ۽ ڏک جي ڪري سندس نفس مٿس غالب پئجي
ويو هو، ۽ سندس طبيعت بگڙي پيئي هئي. انهيءَ ڪري
هو صفي ۾ ٻين سان گڏ ماني کائڻ نه ويو، ته متان
ٻين کي کيس ڏسي خيراتي شاگرديءَ جي عيب کان آزاد
نه ٿيڻ جي ڳالهه ياد پوي؛ تنهنڪري ڀانيائين ته
اڪيلو پنهنجيءَ جاءِ ۾ شراب چڪو پي وقت گذاريان ۽
دلکي تقويت ڏيان. ٿورو گهڻو شراب، دوا وانگي ڪم
آڻڻ لاءِ پاڻ وٽ رکندو هو. تنهنڪري هڪڙو شيشو ڪڍي،
آرام ڪرسيءَ تي ويهي، ٻه - چار ننڍڙا گلاس پي ويو.
سگهو ئي خمار ٿيڻ لڳس. ڏينهن جو ڪجهه کاڌو نه
هئائين، تنهنڪري نشو مغز ۾ چڙهڻ لڳس، ۽ دماغ ۾ خلل
پوڻ لڳس. مغروريءَ ۽ ڪاوڙ جا خيال زور وٺڻ لڳس. دل
۾ چيائين ته ”ڇا ٿيو جي اها اسڪالرشپ نه ملي؟
انهيءَ کان دنيا ۾ ٻيو ڪيتريون زياده ضروري ۽
ڪمائتيون شيون آهن!“ اهڙيءَ ڳالهه تي افسوس ڪرڻ
ڪري پاڻ کي نندڻ لڳو. پوءِ ته خوشيءَ مان
بيپرواهيءَ سان مزي جهڙا راڳ ڳائڻ لڳو.
اتفاق سان اُهو هڪڙو وڏو ڏينهن هو، ۽ ديول ۾
نماز ڇهين بجي کان ٿورو اڳڀرو ٿيڻي هئي. شاگردن کي
رواجي جُبن جي بدران ٻي خاص پوشاڪ ڍڪڻي هئي. زياده
ماڻهو گڏ ٿيڻا هئا، ۽ سڀني کي گڏجي ڪي مذهبي راڳ
ڳائڻا هئا. جولئَن کي راڳ وڻندو هو، ۽ اهڙن وڏن
ڏينهن جي نماز هن کي زياده پسند هوندي هئي. سو،
انهيءَ نشي جي خمار ۾، هن ديول ۾ وڃڻ جو ارادو
ڪيو. دل ۾ اهو خيال آيس ته ديول مان آڪڙ سان لنگهي
وڃي پنهنجي خيراتي شاگردن واريءَ جاءِ تي ويهندس،
۽ اهڙو بيخيال رهندس جو ماڻهو ڄاڻندا ته مون کي
امتحان جي نتيجي جي پرواهه ئي ڪانهي. سو، سنبري
تيار ٿي، ديول جي گهنڊ وڄڻ جو منتظر ٿي، ويهي وڌيڪ
شراب پيئڻ لڳو.
ڇهه لڳا ته لليسٽن اچي جولئَن جي جاءِ جو
درُ کڙڪايو. جولئَن، هميشه کان ٻيءَ طرح،
بيخياليءَ سان هن کي چيو ته ”چڱيءَ مهل تي آيو
آهين! اچي شراب جو پَٽ پي ته پوءِ ديول ۾ هلون.“
لليسٽن پنهنجي دوست جي عجيب هلت ڏسي رنج مان چيو
ته ”مهرباني تنهنجي؛ مون کي معاف ڪر.“ جولئَن چيو
ته ”ماٺ ڪر. تون ڀانئين ٿو ته مون کي انهيءَ ڪين
جهڙيءَ ”ڪلارڪلنڊ“ اسڪالرشپ جي ڪا پرواهه آهي! آ
آ، اچي شراب پيءُ... نه؟ چڱو، آءٌ ته پيئندس، پوءِ
ديول ۾ هلندس.
هن جي شڪل توڙي آواز مان لليسٽن کي معلوم
ٿيو ته هي نشي ۾ آهي، تنهنڪري هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
ويتر جڏهن ڏٺائين ته جولئَن ڏڪندن هٿن سان گلاس ۾
شراب وجهندي ميز تي هاري ڇڏيو، تڏهن هن سمجهيو ته
هو ديول ۾ وڃڻ جو لائق ناهي، نه ته پاڻ تي ماڻهو
کلائيندو. آرام سان چوڻ لڳس ته ”جولئَن، تون ديول
۾ هلڻ جهڙو ناهين، اهو خيال لاهي ڇڏ.“ جولئَن دماغ
مان چيو ته ”هيءُ ڇا ٿو چوين؟“ هن چيو ته ”آءٌ
چوان ٿو ته شراب جو نشو تنهنجي دماغ ۾ آهي.“
جولئَن رڳو ٽهڪ ڏيئي کليو، ۽ اُٿي ٽوپي ڍڪي، هلڻ
لاءِ تيار ٿيو. لليسٽن چيس ته جولئَن، ڏاهو ٿيءُ،
پاڻ تي ماڻهو نه کلاءِ، هتي رهجي پئه“ هن چيو ته
”ماٺ ڪر، آءٌ ٻار ناهيان، جو تو کي اهڙو ڊپ ٿو
ٿئي! مون کي جيئن وڻندو تيئن ڪندس، تون مون کي
روڪي نه سگهندي.“ لليسٽن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ دل هڻڻ
لڳو ته ڇا ڪريان. آخر هن جي شڪل ڏسڻ سان ٺهراءُ
ڪيائين ته پنجن ورهين جي گهاٽيءَ دوستيءَ جو حق
اهو آهي ته نشي جي اثر ڪري هن کي انهيءَ حال ۾ ڇڏي
نه ڏيان، بلڪه جيئن مناسب آهي، تيئن ڪريان.
تنهنڪري در کي پُٺا ڏيئي، رستو روڪي بيهي رهيو. ۽
چوڻ لڳو ته ”پيارا جولئَن، آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان
ته نه هل!“ جولئَن ٿورو ڍرو ٿيو، پر ديول جو گهنڊ
وڄندو ٻُڌي وري جوش آيس، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڇڏ ڇڏ،
پاسي ٿي ته وڃان.“ هن چيو ته ”جولئَن، آءٌ تو کي
ڪڏهن به وڃڻ نه ڏيندس.“ جولئَن ڪاوڙ مان رڙ ڪري
چيو ته ”آءٌ ضرور ويندس! تو کي ڪهڙو اختيار آهي جو
منهنجو رستو روڪين؟ پاسي ٿي بيهه!“ تڏهن به لليسٽن
پاسي نه ٿيو. جولئَن زياده جوش ۾ اچي هن سان هٿين
پوڻ لڳو. لليسٽن کي هن سان مقابلي ڪرڻ ۾ ڏاڍو زور
لڳائڻو پيو. جڏهن جولئَن بس ڪئي، تڏهن گهنڊ به بس
ڪئي. جولئَن وري به ڇوهه مان چيو ته ”آءٌ ضرور
ويندس.“ گهڻيئي مٿا هنيائين، پر لليسٽن کي هٽائي
نه سگهيو، فقط هن جا ڪپڙا ڳچيءَ مان وٺي هيٺ تائين
ڦاڙي ڇڏيائين. پوءِ به فتحياب نه ٿي، ماٺ ڪري،
ڪاوڙ مان هن جي منهن ۾ نهارڻ لڳو. لليسٽن آرام سان
چيس ته ”بس، هاڻ گهنڊ وڄي بس ڪيو آهي، ۽ در بند ٿي
ويندا: هينئر وڃي ڇا ڪندين؟“ جولئَن ڪاوڙ مان زمين
تي لتون هڻڻ لڳو، ۽ وري به لليسٽن سان وڙهڻ لاءِ
سنبرڻ لڳو. تڏهن لليسٽن رڙهي درَ تان پاسي ٿيو، ۽
ٻاهر هليو ويو. ويندي، منهن ورائي چيائين ته
”جولئَن، تون انهيءَ کي بهادري يا همت ٿو سڏين ڇا؟
هڪڙي نااميديءَ تو کي ايتريقدر نامرد ڪري ڇڏيو
آهي! مرد ٿي، همت جهل، ايماندار ۽ پاڪ ٿي ته خدا
تنهنجو مددگار ٿئي. انهن لفظن ٻڌڻ سان جولئَن جي
دل ۾ ڇرڪ پيو، ۽ سندس ذهن تيز ٿيو: پنهنجي فوتيءَ
پيءُ جي شڪل ياد پئيس، ۽ انهيءَ جو آواز به ڄڻ ٻڌڻ
۾ آيس. |