باب ارڙهون
آلپن گلوهين
وايوليٽ کي انهيءَ صدمي رسڻ ڪري هنن سفر ڪندڙن کي
وڌيڪ ڏينهن اتي ”مرينا“ ۾ رهڻا پيا، ۽ پاڻ ۾
ٺهراءُ ڪيائون ته باقي مقرر ڪيل گشت جو وقت ”گرنڊل
والڊ“ ۾ هلي گذارين. ”جنگفرا“ جي هوٽل واري هنن جي
تمام چڱي خدمت چاڪري ڪئي، ۽ ڪئنيڊيءَ جي همت ۽
بهادريءَ جي ڏاڍي تعريف ڪرڻ لڳو. انهن ٻن بدمعاشن
جي گهڻي ڳولا ڪيائين. پر اهي ڪيڏانهن ڀڄي ويا هئا،
۽ هٿ نه آيا. تڏهن ڪئنيڊي هڪڙي بندوق انهيءَ کي
ڏيئي ڇڏي، ۽ ٻي پنهنجي لاءِ رکيائين ته نشاني ڪري
”ڪئمفرڊ“ ۾ پنهنجي جاءِ ۾ رکي.
هي ٻه ڪٽنب، جي دوستيءَ ۽ محبت جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍجي
پيا هئا ۽ گڏ رهندا هئا، تن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي
ٿِي، ڄڻ ته انهن جا ڀاتي سڀ پاڻ ۾ ڀائر ۽ ڀينر
هئا. گهڻا سال پوءِ انهن ٻنهي ڪٽنبن – هوم ۽
ڪئنيڊي – اهي ڏينهن جي ”گرنڊل والڊ“ ۾ گڏ گذاريا
هئا، سي ياد پيا ڪندا هئا، جو اهي ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾
گذاريا هئائون ۽ خواب وانگر نظر پئي آين. ڏهاڙي
صبح جو ٽَڪرن جي پاسن کان يا برف تي گهمڻ ويندا
هئا، ۽ سئرل ڪُنڍي کڻي جبلن جي نهرن ۾ مڇي وڃي
ڦاسائيندو. شام جو هو پنهنجي جاءِ جي ورانڊي ۾
ويهندا هئا، ۽ ايوا ۽ وايوليٽ مٺي آواز سان ويهي
انگريزي راڳ ڳائينديون هيون، جي ٻڌي واٽهڙو ۽
سونها ۽ مزور هوٽل جي آسپاس اچي گڏ ٿيندا هئا، يا
جيڪي انگريز مسافر گشت ڪرڻ ايندا هئا، سي باغ ۾
گهمندي اهي راڳ ٻڌندا هئا. جولئن ۽ ڪئنيڊي هميشه
ڏينهن جو ڪي ڪلاڪ پنهنجي ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريندا
هئا، ۽ سئرل به ڪجهه وقت بچائي اڳواٽ پنهنجا ڪتاب
پڙهندو رهيو. بتين ٻرڻ کان پوءِ ڇوڪريون ويهي ڪي
نقش ڪڍنديون هيون يا سئيءَ جو ڪم ڪنديون هيون، ۽
جولئن ۽ ڪئنيڊي وري وڏي سڏ ويهي ڪتاب پڙهي يا
ترجمو ڪري انهن کي ٻڌائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪو
شعر جو ڪتاب کڻي چونڊيل شعر ويهي پڙهندا هئا، جنهن
مان هنن کي توڙي ٻڌندڙن کي گهڻي لذت ايندي هئي.
ڪڏهن وري هو توڙي سئرل ۽ ڇوڪريون، ڪي شعر ياد
پڙهندا هئا، ۽ انهن جي مضمون تي بحث هلائيندا هئا.
ڪڏهن وري جولئن قديم يوناني ڪتابن مان قصا پڙهي،
ترجمو ڪري ٻڌائيندو هون، جي سڀني کي وڻندا هئا.
انهيءَ طرح، آرڙهه جا ڏينهن هو اتي ڏاڍا خوش
گذاريندا هئا. پر آخر اهي اچي پورا ٿيا. خوشيءَ جا
ڏينهن تمام جلد گذرندا آهن. پڇاڙيءَ وارو آچر جو
ڏينهن سڀني پنهنجي منهن پنهنجين ڪوٺين ۾ عبادت
ڪندي گذاريو، ۽ شام جو گڏجي نماز پڙهيائون. ايتري
خوشيءَ ۾ اهو به ڏک پئي رهين ته سگهوئي ٻئي ڪٽنب
ڌار ٿيندا: هوم جي ڪٽنب وارن کي ٻئي ڏينهن انگلينڊ
ڏانهن روانو ٿيڻو هو، ۽ ڪئنيڊيءَ جي ڪٽنب کي اڃا
ٻه هفتا آسپاس گشت ۾ گذارڻا هئا.
آچر جي ڏينهن شام جو هو سڀ پڇاڙيءَ جو ڀيرو برفن
وارا ٽڪر ۽ غار ڏسڻ ويا، ۽ هڪڙي هنڌ تي ويهي پاڻ ۾
ڳالهائڻ ۽ انهن عجيب نمائن جي تعريف ڪرڻ لڳا. جڏهن
موٽڻ جي مهل ٿي، تڏهن ٻيا سڀ ڳالهائيندا اڳتي
هليا، پر وايوليٽ ۽ ڪئنيڊي پاسي کان هڪڙيءَ ڇپ تي
سج لهڻ جي نماءَ ڏسڻ جي بهاني تي ويٺل رهجي ويا.
سئرل سو هلندي چين ته ”سنڀالجو، متان وري رستو
ڀلجي وڃو!“ وايوليٽ چيو ته ”نه، اجهي ٿا اوهان جي
پٺيان اچون –“ مگر سجهيس ٿي ته کين گهڻو وقت
لڳندو.
اهو چوڻ اجايو آهي ته انهيءَ خوف واريءَ رات کان
پوءِ ڪئنيڊيءَ ۽ وايوليٽ جي محبت پاڻ ۾ ويئي زور
وٺندي ۽ وڌندي. هو جوان ۽ همت ڀريو ۽ خوش طبع هو،
۽ شڪل به چڱي هيس؛ ۽ هوءَ به جوان ۽ خوبصورت،
نرمدل ۽ محبت واري ڇوڪري هئي، تنهنڪري ٻنهي جي دل
ٻجهي ويئي ۽ ٻيا سڀ خيال واري، هڪٻئي جي محبت جا
خيال پچائڻ لڳا. هنن کي هڪٻئي جا ڪم ۽ ٻول پيارا
لڳندا هئا، تنهنڪري انهن مان هنن کي ڏاڍي خوشي
حاصل ٿيندي هئي. هاڻي انهن جي لاءِ اهو وقت آيو ته
هو ته هڪٻئي کي پنهنجي محبت ظاهر ڪري ٻڌائين ۽
هڪٻئي سان شاديءَ جو انجام ڪن، انهيءَ ڪري هنن کي
حد کان زياده خوشي ٿيڻ لڳي.
انهيءَ ڏينهن هو ڇپ تي ويٺا رهيا، جيسين ڪ سج ٽٻي
هنئي. نما شام جي شفق اڃا آسمان تي هئي، ۽ انهيءَ
جو عڪس جبل جي برف وارين چوٽين تي پئي پيو.
ڪئنيڊيءَ چيو ته ”وايوليٽ، هوڏانهن قدرت جو ته رنگ
ڏس: ڄڻ ته اڄ اُها پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪرڻ ٿي ڪري،
۽ پنهنجو محبت جو خيال ظاهر ڪرڻ ٿي گهري! ائين آهي
ڪي نه؟“ وايوليٽ ڀڻڪي چيو ته ”هائو.“ تڏهن وري هو
چوڻ لڳو ته ”او، وايوليٽ، توکي خبر آهي ته آءٌ
توکي پيار ڪريان ٿو! هائو يا نه؟“ هن اڃا به آهستي
ڀڻڪي ۾ چيو ته ”هائو.“ تڏهن هن چيو: ”وايوليٽ،
پياري وايوليٽ، سڀاڻي پاڻ جدا ٿينداسين. اهو
”هائو“ جو ڪرين ٿي، سو اهڙو وڏي سڏ ته چؤ جو آءٌ
چٽو ٻڌان.“ تڏهن وايوليٽ چيو ته ”ايڊورڊ، توکي خبر
آهي ته آءٌ به توکي پيار ٿي ڪريان. ڇو؟ تو منهنجي
جان ڪين بچائي هئي!“ هن وري به چيو ته ”مون کي خبر
آهي ته تون مون کي پيار ڪرين ٿي، پر، او وايوليٽ،
آءُ تنهنجو لائق ناهيان، جهڙو تون مون کي سمجهين
ٿي، اهڙو آءٌ ڪين آهيان.“
هن جي پيشانيءَ تي غم ۽ فڪر جي نشاني ظاهر ٿيڻ
لڳي، جا وايوليٽ، هڪ ٻه ڀيرا اڳي به ڏٺي هئي. چوڻ
لڳيس ته. ايڊورڊ، تون چڱو ۽ نيڪ ماڻهو آهين. جي
اهڙي چڱائي ۽ شرافت وارو نه هجين ها، ته آءٌ جيڪر
توکي پيار ئي نه ڪريان ها.“ هن چيو ته ”وايوليٽ،
افسوس آهي ته آءٌ اهڙو چڱو ۽ شريف ناهيان: تو
جهڙيءَ پاڪ هشيار ۽ خوبصورت جو آءٌ ڪنهن به طرح
لائق ناهيان.“ ايتري چوڻ تي هنن جي اکين مان ڳوڙها
نڪري آيا، وايوليٽ جي هٿ تي اچي ڪريا. هيترو به
وڌيڪ چيائين ته ”انهيءَ هوندي به، وايوليٽ، آءٌ
ڪوشش ڪندس ته اڳتي تنهنجي خاطر اهڙو چڱو ٿيان.
جهڙو هينئر آهيان، تهڙو تون مون کي قبول ڪندينءَ؟
وايوليٽ، تون مون کي به اهڙو چڱو ۽ شريف ڪندينءَ،
جهڙو جولئن آهي؟ تون پنهنجي حياتيءَ جي روشنائي
منهنجي ڇانوَ واريءَ حياتيءَ تي پوڻ ڏينديئن؟“
ائين چئي، هن پنهنجو آلين اکين وارو منهن هن ڏانهن
ڪيو، ۽ وري به کڻي ڪنڌ جهڪايائين - ۽ هن پيار مان
پنهنجو هٿ کڻي هن جي مٿي تي رکيو.
ڪئنيڊيءَ وري به منهن مٿي ڪري چيو ته ”وايوليٽ،
مون کي پڪ آهي ته جي تون مون کي پيار ڪنديئن،. ته
آءٌ تمام چڱو ٿي سگهندس.“ انهيءَ دم هن جي منهن
تان غم ۽ فڪر جو ڪڪر لهي ويو، ۽ هو هميشه وانگي
سرهو ڏسڻ ۾ آيو. هڪڙو لحظو هنن ٻنهي جون اکيون پاڻ
۾ اٽڪيون، ۽ اُهو چمڪاٽ ڪيائون، جنهن جي رڳو عشق
وارن کي خبر آهي. انهيءَ لحظي ۾ هنن ٻنهي جا روح
پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا. ڪئنيڊيءَ ماٺ ڪري هن جي هٿ
مان نيلم جي ٻڙي واري مُنڊي لاهي پنهنجيءَ آڱر ۾
کڻي وڌي، ۽ انهي جي جاءِ تي پنهنجي لعل جي ٻُڙي
واري مُنڊي کڻي وڌائين، جا ماڻس جي ڏنل هئي، جا
هو هميشه وجهندو هو. پوءِ اٿي هوٽل ڏانهن هلڻ لڳا.
چنڊ به اڀريو هو، تنهن جي سوجهري ۾ اچي هوٽل جي
باغ ۾ گهڙيا. ٻين ته هنن کي ڏسي ڪين ڪڇيو، ليڪن
حرڪتي سئرل هڪدم رڙ ڪري چيو ته ”جولئن هوڏانهن ڏس،
وايوليٽ کي ڪئنيڊيءَ جي منڊي پئي آهي، ضرور هن جي
به وٽس هوندي!“ ڪئنيڊيءَ تڪڙو ٿي چيو ته ”هلو هلو
ته مٿي ماڙيءَ تي هلون.“ جڏهن سڀئي مٿي ويا، تڏهن
هن وايوليٽ کي ڇڪي پنهنجي پاسي ۾ بيهاري چيو ته
”جولئن، آءٌ ۽ وايوليٽ پاڻ ۾ مڱيا آهيون.“ جولئن
مرڪي چيو ته مون کي اڳي ئي ٿي سجهيو.“ پوءِ خوشيءَ
مان ڪئنيڊيءَ جو هٿ جهلي لوڏيائين. مسٽر ڪئنيڊيءَ
به چيو ته ”جولئن، مون کي به اهڙي ئي اميد رهندي
هئي.“ انهيءَ مهل لئن، مون کي به اهڙي ئي اميد
هونديهنجي پاس ۾ بيهاري چيو ته ”جولئن، آءٌ ۽
وايوليٽ پاڻ ۾ مڱيا آهيون.آهي، ضرور هن جي به سڀني
جي اڳيان، اهو جوان، خوبصورت، اميدن ڀريو جوڙو،
خوش ۽ سرهو، ماٺ ڪريو بيٺو هو. سئرل اچي ڪئنيڊيءَ
کي هٿ ڏنو. ايوا ۽ وايوليٽ پيار مان هڪٻئي کي
چميون ڏيڻ لڳيون. جولئن خوش هو، مگر کيس هڪڙي ڳڻتي
هئي: اها هيءَ ته هن سمجهيو ٿي ته هن ڪم ڪري ڊي
وين غمگين ۽ نااميد ٿيندو.
باب اوڻيهون
رڳو حجاب
انهيءَ مزي جهڙي برف ۽ عجيب نمائن واري ملڪ مان هو موٽي پنهنجي
وطن ۾ آيا. ڪئنيڊي ٻنپهرن ڌاري ”ڪئمفرڊ“ ۾ اچي
پهتو. اڃا ڪاليج جا فقط ڪي ٿورا شاگرد آيا هئا،
تنهنڪري هن وڃي پنهنجي استاد کي ڏٺو. مسٽر گريسن
خوشيءَ سان هن کي گڏيو. اگرچ جنهن جاءِ ۾ هن خطا
جهڙو ڪم ڪيو هو، تنهن جي در وٽان لنگهندي هن کي
اها ڳالهه ياد پيئي، ۽ ڏڪي ويو. مسٽر گريسن چيس ته
”مسٽر ڪئنيڊي، تو امتحان ۾ چڱو ڪيو هو، تمام چڱو.
زياده محنت ڪرين ها ته شايد پهريون اچين ها، پر
هاڻ به پهرين ڏهن ۾ آيو آهين.“ ڪئنيڊيءَ پڇيس ته
”سائين، اوئن پهريون آيو يا نه؟“ هن چيو ته ”نه،
هوم پهريون آيو. هن تمام چڱو لکيو هو، ۽ علميت ۽
قابليت ڏيکاري هئائين. هڪڙي کان سواءِ، ٻين پرچن ۾
هو هڪڙو پهريون پئي آيو.“ ڪئنيڊيءَ پڇيو ته ”اهو
ڪهڙو پرچو هو؟“ هن چيو ته ”اِسڪيلس“ وارو پرچو،
جنهن ۾، مسٽر ڪئنيڊي تون پهريون آئين. تو اهو بلڪل
چڱو لکيو هو. جي اهي سوال تنهنجا ڏٺل هجن ها، ته
به جيڪر اهڙو ئي لکين ها، انهيءَ کان بهتر نه لکين
ها.“ ڪئنيڊي ڳالهه مٽائي چيو ته ”هوندو، پر،
سائين، مهرباني ڪري مون کي لئبرريءَ مان ڪتاب ڪڍڻ
جي لکيل اجازت ڏيندؤ.“ مسٽر گريسن کي اها ڳالهه نه
وڻي، ته هن اوچتو ڳالهه بدلائي، ماٺ ڪري، اجازت
لکي هن کي ڏيئي، رکو سلام ڪري روانو ڪيائينس.
ڪئنيڊيءَ کي جيڪا ڳڻتي هئي، سا اها ته شل هو سندس
پهرئين اچڻ جي ڳالهه ٻين سان نه ڪري. پر سگهوئي
پنهنجا يار دوست ڏسي اهو انتظار لهي ويس. موڪل ۾
جي ڏينهن خوشيءَ سان گذاريا هئائين، ۽ وايوليٽ جي
قسمت جو سونو ڌاڳو جو سندس قسمت جي ڌاڳي سان گڏ
وٽجي ويو هو، تنهن جي اثر کان هو ڏاڍو خوش ۽ سرهو
ڏسڻ ۾ پئي آيو، ۽ پراڻن دوستن جي گڏجڻ جي وري ٻي
تازي خوشي هئي. سگهوئي معلوم ٿيڻ لڳس ته سڀني کيس
تحسين ۽ تحريف جي نظر سان ٿي ڏٺو. جيڪي انگريز
ماڻهو سئٽزرلنڊ جي شَلٿارن جبل جي سير لاءِ ويل
هئا، تن ۾ ڪئنيڊيءَ ۽ ٻن چورن واريءَ بهادريءَ جو
افواهه پکڙجي ويو، ۽ ڪن انگريزي اخبارن تائين به
وڃي اها خبر رسي هئي. نالا ڄاڻي ٻجهي اخبارن ۾ نه
ڏنا هئائون، مگر ڪاليج وارن هڪدم سهي ڪيو هو ته
”مسٽر ڪ . ي.“ ڪير هو. تنهنڪري، جڏهن سڀئي مانيءَ
کائڻ واري صفي ۾ اچي گڏ ٿيا، تڏهن سندس اچڻ تي
سڀني پاسن کان پچائون ٿيڻ لڳيون. هڪڙي چيو ته
مسٽرڪ. ي.“ تو ڏاڍا ڪي پهلوانيءَ جا ڪم ڪيا آهن!“
ٻئي کلي پڇيس ته ”هائو، چورن جو شڪار ڪيئن ڪيئي؟“
ڪئنيڊيءَ چيو ته ”مون ڪنهن کي شڪار ته ڪونه ڪيو، ۽
نه ڪا بندوق هنيم.“ هن چيو ته ”نه، پر ڏاڍيءَ
تجويز سان هڪڙي جي هٿان ٻئي کي بندوق هڻايئه!“ ٽئي
وري چيس ته ”ڪئنيڊي، بندوقون ته تو وٽ هونديون،
ماني کائي اٿون ته پوءِ هڪڙي ضرور مون کي ڏجئين!“
اهڙيءَ گفتگو هلندي، براگٽن، جو ميز تي ڪئنيڊيءَ جي سامهون ماٺ
ڪري ويٺو هو، تنهن ويٺي ڏانهنس نهاريو، ۽ گفتگو ۾
شامل نٿي ٿيو. پر جڏهن سڀني ماٺ ڪئي، تڏهن هن
گذريئي امتحان جو آڻي ذڪر وڌو. چوڻ لڳو ته
”ڪئنيڊي، تو نه رڳو انهن بهادريءَ جي ڪمن ۾ نالو
ڪڍيو آهي، پر امتحان ۾ به ڪڍيو آهي.“ لليسٽن چيو
ته ”هائو، برابر. مسٽر گريسن ٿي چيو ته تون پهرين
ڏهن ۾ آيو آهين.“ لليسٽن پڇيو ته ”پهريون ڪير هو؟“
هن چيو ته ”اهو ته ضرور هوم هو، مگر هڪڙي پرچي ۾
ڪئنيڊي پهريون هو. براگٽن چيو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو
ته اهو ”اسڪيلس“ وارو پرچو هوندو! ڪئنيڊي، تون
انهيءَ ۾ پهريون هئين نه؟“
سڀني کي خبر هئي ته براگٽن هن سان وڙهيل آهي، تنهن کي جو هن
اهڙيءَ گهرائيءَ مان ڳالهائيندو ڏٺائون، سو هنن کي
عجب لڳي ويو – خاص جڏهن خبر هين ته براگٽن امتحانن
جي نتيجن جي پرواهه به ڪا نه رکندو آهي، ۽ نه چاهه
سان اهڙو ذڪر ڪندو آهي. اها به حيراني هين جو
نتيجي ظاهر ٿيڻ واري ڏينهن هن جو نالو، هئزليٽ ۽
لارڊ فئٽزرس جي نالن سان گڏ، هيٺ رواجي پاس ٿيلن ۾
آيل هو، انهيءَ هوندي به هن مٿين پاس ٿيلن جي نالن
جي ياداشت جي پڇا پي ڪئي!
ڪئنيڊيءَ بيخياليءَ سان جواب ڏيئي چيو ته ”سچي پچي. آءٌ پهرين
آيو هوس ڇا؟“ هن چيو ”هائو سچ. ڇو، توکي خبر ئي
ڪانه هئي؟ تو اهڙو ته چڱو لکيو هو جو مسٽر گريسن
ٿي چيو ته جي اهي سوال تون اڳي ڏسين ها، ته به
جيڪر انهن کان بهتر نه لکين ها.“ ٻئي وري چيو ته
”ٻڌين ٿو، ڪئنيڊي، تون ڏاڍو هشيار هوندين. گريسن
مون کي به ائين چيو.“ براگٽن چيو ته ”حيرت جي
ڳالهه آهي! پر ڪئنيڊي، تو اڳي سوالن جو پرچو ڏٺو
ته ڪونه هو؟ ٻڌاءِ ته سهي!“
انهن پوين جملن ٻڌڻ ڪري ڪئنيڊيءَ کي اندر ۾ چڪ پوڻ لڳا. سندس
منهن ڦڪو، ۽ پاڻ بي آرام ٿيڻ لڳو. براگٽن جون
اکيون منجهس کُتل هيون، ۽ هن جو منهن ڇهرو هو،
تنهن مان هن سهي ڪيو ته هن کي سندس ڳجهه ۽ قصور جي
خبر آهي؛ انهيءَ ڪري هو پنهنجو ڊپ، ڍونگ ڪري لڪائي
نه سگهيو، ۽ شرمندو ٿيڻ لڳو. هڪدم سندس منهن ڳاڙهو
ٿي ويو، ۽ پيشانيءَ تي پگهر اچڻ لڳس. ڪنڌ مٿي کڻي
نٿي سگهيو – هيٺ پنهنجي رڪابيءَ ۾ وجهيو ويٺو هو،
يا ته وري مٿي ڀتين تي ٽنگيل تصويرن ڏانهن ٿي
نهاريائين. براگٽن جون اکيون اڃا به منجهس هيون،
هو هن جي اندر جي مونجهاري ۽ ڳڻتيءَ تي ڏاڍو خوش
ٿي ڏٺو. تنهنڪري ڪئنيڊي، وٺ پڄ ڪري، وڏا وڏا گراهه
هڻي ماني پوري ڪري، جاءِ مان نڪري هليو ويو.
هن جي وڃڻ کان پوءِ لليسٽن چيو ته ”براگٽن، تون ڪهڙو نه خراب
آهين، ڪئنيڊيءَ کي ڪهڙو نه ڪڪ ڪيئه!“ براگٽن چيو
ته ”سو ڪيئن؟ مون ڇا ڪيو؟“ هن چيو ته ”تنهنجن
مسخرين ۽ ٽوڪن کان هو ڏاڍو شرمندو ٿي ٿيو.“ براگٽن
چيو ته ”ڇو، رڳو آءٌ اهڙيون ٽُڪون ٿو ڪريان؟“ هن
چيو ته ”هائو، تون ئي اهڙو بيحيا ٿو ٿين،“ براگٽن
چيو ته ”تڏهن اڳو پوءِ جيڪي ٻيو وڌيڪ چوڻو اٿن، سو
به چئي پوءِ بس ڪريان.“ هن چيو ته ”سنڀال ڪجئين،
ڪئنيڊيءَ جي نسبت ۾ جيڪي چوندين، تنهن تان هو گذر
نه ڪندو! هو جوش وارو شخص آهي.“ براگٽن چيو ته
”مهرباني تنهنجي، چڱو جو ٻڌايئه.“
پوءِ ته ماٺ ٿي ويئي، ۽ لليسٽن وڌيڪ ذڪر نه هلايو. مگر براگٽن
جي صورت ۽ طرز ڏسي، هن کي دل ۾ البت مونجهارو ۽
انتظار ٿيو. انهيءَ رات ڪئنيڊي پنهنجيءَجاءِ ۾
اڪيلو ويٺو هو، ۽ غمگين حالت ۾ هو. گهڻن ئي سڏيو
هوس، پر انهن کي جواب ڏيئي ڇڏيو هئائين، پاڻ به
ڪنهن کي پاڻ وٽ چانهه پيئڻ لاءِ ڪين سڏايائين.
اڪيلو چانهه ويٺي پيتائين، ته اوچتو براگٽن لنگهي
آيو. ڪوڙيءَ کل سان چوڻ لڳو ته “”ويهي چانهه
پيئان؟“ ڪئنيڊيءَ چيس ته ”ڀلي ويهه.“ هو ويهي
چانهه پيئڻ لڳو، ۽ اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ
لڳو، پر جيڪا ڳالهه ٻنهي جي دل ۾ مقدم هئي تنهن جو
اشارو ئي ڪو نه ڏنائين. پهرين ”هارٽن“ جي اسڪول
واريون جهونيون ڳالهيون ڪيائين، پوءِ هوم جو ذڪر
ڪڍيائين، ۽ هن کي ٻڌائي خوش ڪيائين ته جولئن ڏاڍو
مزي جو ماڻهو آهي، لليسٽن سان ڏاڍو گهرو آهي، ۽ هن
جون عادتون چڱيون آهن، ۽ برائيءَ ۽ بدچاليءَ کان
پري آهي، وغيره ڪئنيڊي عجب ۾ پئجي پڇيس ته ”تڏهن
تون هن سان پرتو آهين؟“ هن چيو ته ”هائو، آءٌ دل ۾
اڳي به هن کي مان ڏيندو هوس هو ڪنهن مان به عيب
ڪڍڻ جهڙو ماڻهو ناهي.“ پوءِ هُن ۾ حرڪتبازيءَ جي
رستي اکيون وجهي، چوڻ لڳو ته هو اهڙو ماڻهو ئي نه
آهي جو جيڪر مانيءَ کائڻ واري صفي ۾ ڪنهن تي ٽوڪون
ڪري هن کي ڀڄائي ڪڍي. هن جون اکيون اڃا به ڪئنيڊي
۾ کُتل هيون، پر ڪئنيڊي ماٺ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺو
هو، ۽ مٿي نهارڻ نٿي گهريائين، صاف ڦِڪو ۽ شرمندو
۽ بي آرام ڏسڻ ۾ ٿي آيو. اهڙي هن جي صورت ڏسي،
براگٽن حيران به ٿيو ۽ خوش به ٿيو، جو ڄاتائين ته
ههڙو خوبصورت هشيار جوان پنهنجي قصور ڪري سندس وس
۾ اچي ويو آهي، ۽ ٿوري وقت لاءِ هن کي خوش يا
غمگين رکڻ سندس اختيار ۾ آهي، ۽ لحظي ۾ لڪل ڳالهه
ٻين جي اڳيان ظاهر ڪري هن کي شرمندو ۽ خوار خراب
ڪري ٿي سگهيو. ائين ڪرڻ جو هن کي ارادو ڪونه هو –
بشرطيڪ هو اهڙي هلت نه ڪندو، جنهن مان کيس چڙ اچي.
انهيءَ ڳجهه رکڻ مان پاڻ هن کي فائدو هو ته ڪڏهن
به هن کي ستائي يا ڊيڄاري ٿي سگهيو. انهيءَ ڪري
براگٽن کي ته پاڻ هڪڙو چڱو هٿيار هٿ آيو هو، ۽
انهيءَ ڪري هو ڏاڍو خوش هو. ويهي ويهي چوڻ لڳو ته
”ٺهيو، ٺهيو، ڪئنيڊي، چرچو ڦٽو ڪريون ٿا، پاڻ کي
هڪٻئي جي حال جي چڱي خبر آهي: مون توکي ڏاڍيءَ
فرحت سان انهيءَ ڏينهن سوالن جو ڪاغذ پڙهندي ڏٺو:
ائين ڪرڻ بلڪل مناسب نه هو.“ ايترو چئي اڃا بس
ڪيائين، ته هن جي اک مان ڳوڙهو ڳل تي ڪرندو ۽ هن
کي اهو چڙ مان اگهندو ڏسي، هن تي ٿورو قياس آيس.
پوءِ وري چوڻ لڳو ته ”يار، فڪر ناهي، دل نه لوڏ،.
آءٌ ڪنهن کي وڃي ٻڌايان ڪين ٿو. گريسن کي يا ڪنهن
به ٻئي ماڻهوءَ کي انهيءَ جي خبر نه پوندي.
هيستائين انهيءَ جي فقط توکي ۽ مون کي خبر آهي،
ٻئي ڪنهن کي انهيءَ جو شڪ ئي ڪونهي. ٺهيو، اها
ڳالهه وساري ڇڏ. گذرئي ٽرم ته تو مون سان ٻين جي
اڳيان تکو ڳالهايو هو، تنهنڪري اڄ مون توکي ٽوڪيو
ٿي. وڌيڪ مون کي ڪي ڪرڻو نه هو. اڳتي اميد آهي ته
پاڻ دشمن ٿي نه گذارينداسين. هاڻ خدا حافظ.“
براگٽن ته سيٽيون وڄائيندو هليو ويو، پر ڪئنيڊي اُتي ئي ماٺ ڪري
موڙهو ويٺو رهيو، ۽ ”وايوليٽ هوم“ جو خيال اچي دل
۾ پيس. محبت ڪهڙي نه عجيب ۽ نيڪ ڪندڙ شيءِ آَهي.
هن يقين ٿي ڄاتو ته جي آءٌ اڳڀرو وايوليٽ جو واقف
ٿيان ها ته جيڪر اهڙو ڪم ئي نه ڪريان ها، جنهنڪري
براگٽن جي چنبي ۾ ڦاسان ها. هن ڄاتو ٿي ته اها
ڳالهه نڪري ظاهر ته ٿي آهي، جو گهڻا کيس چتائي ٿا
ڏسن. ايترو به ڊپ هوس ته جي جولئن يا ڊي وين يا
لليسٽن کي اها خبر پوندي ته هو نهايت غمگين ۽
نااميد ٿيندا.
پر اهڙو ڪو خراب اتفاق ڪو نه ٿيو. براگٽن اها ڳالهه ڪنهن به
ماڻهوءَ سان نه ڪئي، سواءِ بروس جي - ۽ تنهن سان
به انهيءَ شرط تي ڪيائين ته هو اهو ڳجهه ڪنهن به
طرح ظاهر نه ڪندو. مگر ايترو سو ٿيو ته انهيءَ
ڳجهه معلوم ڪرڻ ڪري هو اڳتي ڪئنيڊيءَ سان زياده
گهرو ۽ گستاخ ٿيڻ لڳو، ۽ اڪثر هو ٻئي ۽ بروس ۽
فٽزرس گڏ گهمندا ۽ رانديون ڪندا هئا، ۽ هڪٻئي وٽ
ايندا ويندا ۽ کائيندا پيئندا هئا. |