باب چوٿون
جُولئَن دولت ڪيئن وڃائي
جولئن جي اسڪول جي ڏينهن جو مون کي بيان
ڪرڻو ناهي، اگرچ دل گهڻو ئي ٿي چوي ته لکان. پر ”
هارٽن“ ۾ رهندي ٻيو هڪڙو واقعو ٿيو، جنهن جو اثر
هن جي آئندي جي حالت تي گهڻو ٿيو. انهيءَ جو هاڻي
آءُ بيان ڪندس.
جولئن جي پيءُ جي هڪڙي وڏي ڀيڻ هوندي هئي،
جا گهڻا ورهيه اڳ هڪڙي وڏي زميندار ۽ امير سر ٽامس
ونسيئر، سان پرڻي هئي. اهو لانسٽيڊائبي ۾ رهندو
هو. هو زال کان ويهه ورهيه عمر ۾ وڏو هو، ۽ انهن
ٻنهي جي طبعيت به مختلف هئي. شايد اها شادي زال جي
طرفان خوشيءَ ۽ دلي محبت جي نه هئي؛ هوءَ وڏيءَ
عمر جي ٿي ويئي ۽ ڪو جوان گهوٽ سندس ٻانهن لاءِ نه
ٿي آيو، تنهنڪري لاچار ٿي هن نيڪ مرد زميندار سان
شادي ڪئي ۽ باقي عمر لانسٽيڊائبي جي مالڪياڻي ٿي
رهي.
جيسين مڙس جيئرو هو، تيسين سڀ ڪم ڪار چڱو
پئي هليو، ڪوشش ڪري هن سان ٺهيو، رس رکيو پئي آئي،
۽ هو منجهانئس خوش ۽ راضي هو، پر شاديءَ کانپوءِ
هو گهڻا ورهيه نه جيو، ۽ هيءَ بيوه ۽ اڪيلي ٿي،
اولاد به ڪو نه هئن، تنهن ڪري اڪيلي پنهنجي مڙس جي
گهر ۽ ٻيءَ ملڪيت جي مالڪياڻي ٿي. سندس ڀاءُ هينري
هوم، الڊائون جو پادري هو؛ هن کي گهڻو وڻندو هو.
اهو وٽس گهڻو ايندو ويندو هو، ۽ انهيءَ جي صحبت
سندس اڪيلائيءَ جي وندر هوندي هئي. پر جڏهن انهيءَ
سندس مرضيءَ کانسواءِ پنهنجي منهن وڃي شادي ڪئي،
تڏهن هوءَ انهيءَ کان منهن مٽڻ لڳي. مسز هوم سان
هن جي نه پوندي هئي. انهيءَ ڪري هنن جي وچ ۾
آمدرفت بند ٿي ويئي، پر مسٽر هوم جي مرڻ کان ٿورو
اڳڀرو، هڪڙي ڏينهن، انهيءَ ليڊيءَ پنهنجي اچڻ جو
پنهنجي ڀاءُ کي اوچتو اطلاع ڏنو ۽ ٺهرايل وقت تي
سندس گاڏي اچي هن جي گهر جي در تي بيهي رهي. اتفاق
سان اسڪول جي موڪل جا ڏينهن هئا، ۽ جولئن به گهر
هو. پنهنجو نيڪ، خوبصورت ۽ هشيار ڀا.ٽيو ڏسي هوءَ
ڏاڍي خوش ٿي. اڪيلائيءَ ۽ زنا پڻ ۾ رهڻ ڪري اڳي ئي
بيزار ٿي هئي، سا هاڻي پنهنجي ڀاءُ ۽ انهيءَ جي
اولاد کي ڏسي، خاص جولئن کي ڏسي، ڏاڍي خوش ٿي ۽
منجهس گم ٿيل محبت وري تازي ٿي. ظاهر ظهور چوڻ لڳي
ته ”جولئن مون کي اهڙو ٿو وڻي جو آءُ انهيءَ جي
ڪري ئي اوهان سان وري آمدرفت جو رستو رکڻ ٿي
گهران.“ انهيءَ ڪري مسٽر هوم ڏاڍو خوش ٿيو، جو
انهيءَ رستي، سندس خوشامد يا ٻيءَ خواريءَ جهڙيءَ
هلت ڪرڻ کانسواءِ هن کي پنهنجي دولتمند ڀيڻ کان
پئسي جي مدد ملڻ جو امڪان نظر آيو. اها ڳالهه هو
خوشيءَ سان پنهنجي پٽ جولئن کان لڪل رکي ها، پر
ليڊي ونسيئر ظاهر ظهور اها ڳالهه ڪري ويٺي، ڇا
لاءِ جو مس اسپرانگ کي جنهن تي سندس گهڻو راز هو،
۽ جا جولئن جي بر خلاف هن کي چوريندي هئي، سندس بد
نيتي جي ڪري، ڪاوڙجي، پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو هئائين.
انهيءَ ڪري هن پنهنجو وير جولئن سان نه وساريو،
جيسين ڪ انهيءَ کي نقصان پهچائڻ جو ڪو وجهه مليس.
اڪثر اسڪول ۾ پڙهندي جولئن کي دل ۾ ايندو هو
ته ڇا لاءِ آءُ هيتري محنت ڪريان ۽ پاڻ ماريان، جو
پڦيءَ جو مون تي گهڻو پيار آهي، ۽ هڪڙي ڏينهن آءُ
هن جو وارث ٿيندس، ۽ لانسٽيڊائبي جو مالڪ ٿيندس.
اهڙن خيالن ڪري هنکي سستي اچي وٺندي هئي، جا ڏسي
مسٽر ڪارڊن يا ڪو ٻيو ماستر هن کي خبردار ڪندو هو،
۽ وري محنت ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪندو هو. سندس دوست
لليسٽن به هڪڙي ڏينهن چيس ته ”جولئن، تنهنجي ته
مون کي خبر پئجي نه ٿي سگهي: ڪڏهن ته سڄو سارو
مهينو سخت محنت پيو ڪرين ۽ ڪڏهن ته وري ڏاڍو سست
پيو گذارين ۽ ڪو به ڪم نه ٿو ڪري!“ هن پنهنجي دوست
کي پڦيءَ جي ملڪيت ۽ انهيءَ جي وارث ٿيڻ جو احوال
ٻڌايو، تنهن تي لليسٽن کلي چيو ته ”واهه! تڏهن آءُ
به ڇو ايتري محنت ڪريان؟ ڪنهن ڏينهن آءُ به
جاگيردارٿي پوندس! جولئن، هاڻ آءُ ته اڳتي فرحتون
وٺون، ڇو ويٺا محنتون ڪريون ۽ عذاب کائون!“
اهڙن ٺٺولين ۽ مسخرين سان گڏ، پاڻ ۾ بحث
ڪري، آخر اها ڳالهه ثابت ڪيائون ته سخت محنت ڪرڻ
انسان تي فرض آهي، پوءِ ڪهڙي به حالت هجي. سست ۽
غافل ماڻهو به نقصان سهي سزائون سهي، سبق سکن ٿا ۽
چست ٿين ٿا. جيڪي ايتري ڪئي به سست رهن ٿا، سي
پنهنجو وقت اجايو وڃائين ٿا، ۽ اهي دنيا ۾ ڪنهن ڪم
جا ڪين آهن، بلڪه انسان جي نالي جا لائق ناهن.
اهڙين حجتن ۽ دليلن کانپوءِ، جولئن اک پٽي ۽
محنت ڪرڻ جو انجام ڪيائين. قصن جا ڪتاب اڇلائي
ڇڏيائين، ۽ جيڪي اسڪول ۾ پڙهڻ جا ڪتاب هئا، سي
کنيائين ۽ انهن تي بحث ڪرڻ لڳو.
”هارٽن“ ۾ جولئن جو پويون سال هو ته ليڊي
ونسيئر کي جوجڪي اچي ويئي، تنهن جولئن کي پنهنجن
ٻنهي ڀائن سميت ”لانسٽيڊ“ ۾ اچڻ لاءِ چيو. مسز
هوم ۽ وايوليٽ سان پوءِ به هن جي نه پوندي هئي،
تنهنڪري انهن کي سڏيائين به ڪين. جيڪو ڏينهن اچڻ
لاءِ مقرر ڪري هن کي ڏنو هئائي، سو ” هارٽن“ جي
موڪل شروع ٿيڻ کان ڏهه ڏينهن اڳي هو، فرئنڪ ۽ سئرل
ته مارلبرو سان اڳڀرو اچي سگهيا؛ جولئن کي موڪل
ملي نه سگهي، تنهنڪري لاچار ٻئي ڀاڻس اڳي ويا، ۽
جولئن انجام ڪيو ته موڪل ملڻ شرط اچي اوهان سان
گڏبس. هن ليڊي کي ته جولئن جي بر خلاف چورڻ واري
مس اسپرانگ اڳي ئي موجود هئي، تنهن کي اهو وجهه ۽
بهانو دشمنيءَ ظاهر ڪرڻ جو چڱو ملي ويو. انهيءَ جي
چورت تي ليڊيءَ لکي موڪليو ته ”جي منهنجي نالي تون
چوين ها، ته به پڪ آهي ته توکي موڪل ملي ها؛ باقي
امتحانن جو ۽ اسڪول جي بند ٿيڻ جو جيڪو تون عذر ٿو
ڏين سو توکي هاڻي سنڀال ڪرڻ گهرجي ته انهن امتحانن
کان وڌيڪ ٻين سچن امتحانن ۽ آزمائش جون توکي ڳڻيون
رکڻيون ٿينديون.“
اهڙي خط رسڻ تي جولئن ڏاڍو کليو، ڀانيائين
ته پڦيس جا خيال به کل جهڙا آهن. انهيءَ هوندي به،
وري ادب سان جواب لکيائين، جنهن ۾ حقيقت ڏيکاري
معافي گهريائين. ۽ انجام ڪيائين ته اسڪول بند ٿيڻ
تي هڪدم اچي حاضر ٿيندس.
هوڏانهن سئرل ۽ فرئنڪ لاچار هڪ ٻه ڏينهن اتي
گذاريو – اگرچ سندن پڦيءَ جو منهن به چڙهيل
ڏٺائون، ۽ مس اسپرانگ جو منهن به چڙهيل ڏٺائون ۽
مس اسپرانگ جون به سهمون سٺائون، جنهن ڪري سئرل کي
البت خفو لڳو. نيٺ هوبيصبر ٿيڻ لڳا، جو ڪا به وندر
اتي ڪا نه هين، ۽ ههڙي وڏيءَ ۽ سڃيءَ جاءِ ۾ اڪيلو
گذارڻ هنن کي مشڪل نظر آيو. رڳو پئي مذهبي بزرگن
جي تصويرن جا ڪتاب ڏٺائون، ۽ انهن جو احوال هنن
جي واتان ٻڌائون، جو ٻڌي ٻڌي هو ڪڪ ٿي پوندا هئا.
هڪڙي ڀيري هنن اهڙو هڪڙو ڪتاب پئي پڙهيو ۽ ڇوڪرن
پئي ٻڌو. رات جي وقت هئڻ ڪري، سئرل ننڊ اچڻ ڪري
وڏي اوٻاسي ڏني، جنهن تي فرئنڪ جي واتان ٽهڪ نڪري
ويو. انهيءَ ڳالهه تي، مس اسپرانگ جي نفرت ظاهر
ڪرڻ تي ليڊي ونسيئر به ڪاوڙي. مس اسپرانگ جي صلاح
تي ليڊيءَ پنهنجن ڀائيٽن کي ڪن شعرن ياد ڪرڻ جي
سزا ڏني. اهي هنن کي ڪتاب ۾ ڏيکاريا ويا، پر هنن
کي اهو ڪم ڏاڍو خراب لڳو. گهڻو ئي نٽايائون، پر
سندن پڦي نه ڇڏين. لاچار ڪتاب کڻي ويٺا، پر پڙهڻ ۽
ياد ڪرڻ جي بدران، ٻئي ڀائر پاڻ ۾ کلڻ ۽ چرچا ڪرڻ
لڳا. ڪڏهن وري پينسل سان مس اسپرانگ جي تصوير ٿي
ڪڍيائون. ڪڏهن ٻيون حرڪتون ٿي ڪيائون. جڏهن مس
اسپرانگ هنن کان پڇيو ته شعر پڙهي ٻڌايو، تڏهن هنن
هڪ ٻه سٽ پڙهي ٿي ۽ هڪ – ٻه وري پنهنجي ٺاهي پئي
پڙهيائون. جنهن تي کلڪو ٿي متو. ليڊي ونسيئر کي
پنڪي اچي ويئي هئي. سا بي آرام ٿي ۽ ڇوڪرن تي
ڪاوڙي. آخر هنن ڇوڪرن کان اهڙو بيزار ٿي، جو ٻئي
ڏينهن هنن کي واپس روانو ڪري ڇڏيائين.
هو ته پاڻ اتان جند ڇڏائڻ جي ڪري خوش ٿيا،
پر جڏهن گهر اچي ماءُ ۽ ڀيڻ سان اها ڳالهه ڪيائون،
تڏهن هنن کي البته خفو لڳو. مسز هوم کي خبر هئي ته
مس اسپرانگ جولئن جي برخلاف هئي ۽ انهيءَ ڪري ڊپ
ٿيس ته نيٺ هوءَ ليڊيءَ کي چوري جولئن کي سندس
ملڪيت ۽ ورثي کان نراس ڪندي. نيٺ ٿيو به ائين.
اسڪول جي موڪل کان اڳئين هفتي ۾ جولئن جو امتحان
پئي هليو، ته هن کي مس اسپرانگ جو خط مليو، جو
سندس پڦيءَ جي چوڻ تي لکيو هئائين. انهيءَ خط جو
ڀاڱو جولئن پنهنجي دوست لليسٽن کي پڙهي ٻڌايو. جو
هيئن لکيو هو؛ ليڊي ونسيئر چوي ٿي ته کيس سندس ٻن
ننڍن ڀائيٽن جي جهنگلي هلت بيزار ڪري ڇڏيو آهي. هو
ڏاڍا بد خصلت، بيدين ۽ بي ادب آهن. ڀائنجي ٿو ته
هو خراب صحبت ۾ پئي رهيا آهن، ۽ گهر ۾ ڪا به فضيلت
ڪو نه سکيا آهن.“
اتي جولئن کي چڙ جو جوش اچي ويو. چيائين ته
”هن جي معنيٰ آهي ته منهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ ۾ فضيلت
ڪانهي، ۽ اهي جهنگلي ۽ بد خصلت آهن! آءُ اهڙا لفظ
سهي نه ٿو سگهان.“ وڌيڪ پڙهڻ کان سواءِ، هن اهو
خط اڇلائي ڇڏيو، جو باهه ۾ سڙي ويو. وري چوڻ لڳو
ته ”هاڻ آءُ ڏس ته ڪهڙو نه جواب ٿو لکانس. مون کي
پڪ آهي ته پڦيءَ ائين لکڻ لاءِ نه چيو هوندو. اها
انهيءَ بد نيت مس اسپرانگ جي حرڪت آهي ۽ مون کي
امتحان هلندي ستائي ٿي ته ڀلي منهنجو آرام ڦٽي ۽
مون کي نقصان پهچي.
لليسٽن چيس ته ”جولئن، اهڙو نه ڪاوڙج، ۽ نه
ڪاوڙ مان جواب لک – توکي گهرجي ته اهڙو جواب لکيس،
جنهن ڪري تنهنجي ٻڍي پڦي جي ڪاوڙ جهڪي ٿئي. تنهنجن
ننڍن ڀائن حرڪتون ڪري هن کي هلاڪ ڪيو هوندو. هوءَ
نازڪ طبعيت هوندي. آءُ تنهنجن ڀائن جو واقف
ناهيان، نه ته جيڪو زياده ادب وارو ٿيڻ
سيکاريان.“ پر جولئن ته اڳي ئي ڇوهه ۾ ڪاغذ کڻي خط
جو جواب لکڻ لڳو، جنهن جو مضمون هيءُ هو؛ ”منهنجي
پياري پڦي، اڄ جيڪو اوهان جو خط مون کي رسيو آهي،
سو مون کي اعتبار ۾ نه ٿو اچي ته توهان جو لکايل
آهي ڇا لاءِ جو انهيءَ جي عبارت نا مناسب هئي.
جيڪي ناشائستا ۽ بي عقليءَ جهڙا لفظ اوهان جيءَ
پيشڪارڻ ۽ منشياڻيءَ لکيا آهن. تن تي زياده ڌيان
ڏيڻ جو مون کي نڪو وقت آهي. نڪا مرضي آهي. امڪان
آهي ته منهنجن ننڍن ڀائن ڪا ٻاراڻي حرڪت ڪئي
هوندي، انهيءَ تي ايتري قدر خفي ٿيڻ جو ڪو واجبي
سبب نه ٿو ڏسجي، ۽ نه آءُ وسهان ٿو ته اوهان کي
خفو لڳو هوندو، بلڪه جي سچ پچ اهي نامناسب لفظ
منهنجن ڀائن جي عذر تي منهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ جي
نسبت ۾ اشارو ٿا ڪن، ته تڏهن مون کي خفي ٿيڻ جي
لاءِ واجبي سبب آهي. پر جڏهن آءُ وسهان ٿو ته اهي
لفظ اوهان جا لکيل ناهن. تڏهن انهن جي بابت آءُ ڪو
به خيال نه ٿو ڪريان. هيءُ خط تڪڙ ۾ لکيو اٿم،
تنهنڪري معاف ڪجو. اوهان جو نياز مند ڀائٽيو، -
جولئن هوم.“
جڏهن ليڊي ونسيئر کي هي خط مليو، تڏهن خط جو
مضمون ته هن کي وڻيو، بلڪه سندس سنگتياڻيءَ تي جا
ٽوڪ لکيل هئي، تنهن تي به گهڻو افسوس ڪو نه ٿيس.
پر ڀائٽي جي گستاخي گهڻي پسند نه آيس. خاطر جڏهن
ڄاتائين ته ورثي جي لالچ تي هن کي ٻئي جهان وانگي،
سنديس گهڻي خوشامد ڪرڻ کپندي هئي؛ تنهنڪري ارادو
ڪيائين ته هن کي دڙڪو ڏئي ادب سيکاري، ۽ پنهنجو
مطع ۽ تابع ڪري. اهو مطلب ته هوس ته هو رنج ٿئي،
پر اهو هوس ته هو پشيمان ٿي وٽس اچي، کائنس معافي
گهري، ۽ اڳتي زياده سندس ادب ڪري. اهو ارادو ڪري،
هن انهيءَ خط جو سخت جواب لکيو، جنهن ۾ سئرل ۽
فرئنڪ جي نسبت ۾ سخت ۽ خراب لفظ لکيائين ۽ ڪٽنب جي
مفلسيءَ جو ۽ سندس مرڻ کانپوءِ ان جي فائدي حاصل
ڪرڻ جي اميد جو به اشارو ڏنائين. ٻيو به وڌيڪ جيڪي
مس اسپرانگ کان پڄي سگهيو، سو انهيءَ ۾ لکيائين.
خوش نصيبيءَ سان اهو خط جولئن کي امتحان پوري ٿيڻ
کانپوءِ پهتو. هڪڙو اڳي ئي محنت ڪري ٿڪل ۽ بيزار
هو، ٻيو وري ههڙي قسم جا خط مليس، تنهنڪري شوخيءَ
سان هڪدم هيءُ مختصر جواب لکيائين: ”منهنجي پياري
پڦي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ اوهان کي اها ڳالهه ذهن
نشين ڪئي آهي ته دنيا لالچ تي يا آئندي جي فائدي
جي اميد تي آهي ته آءُ نامناسب خوشامد ڪندس يا
پنهنجيءُ ماءُ ڀيڻ يا ڀائن جي نسبت ۾ نامناسب لفظ
ٻڌندس ۽ سهندس، ته انهيءَ ماڻهوءَ اوهان کي ڀلايو
آهي، ۽ منهنجي طبعيت ۽ چال غلط بتائي آهي. اوهان
کي خاطري رکڻ گهرجي ته ويجهيءَ مائٽيءَ ڪري جيڪا
عزت ۽ تعظيم مناسب ۽ ضروري آهي، سا اوهان کي ڏيڻ
لاءِ آءُ هميشه تيار آهيان ۽ جيڪا مهرباني اوهين
ڪندئو، تنهن جي شڪر گذاريءَ ڪرڻ لاءِ آءُ هميشه
خوش رهندس. مگر اوهان جي مهرباني حاصل ڪرڻ لاءِ
آءُ ڪا به اجائي خوشامد نه ڪندس، ۽ نيچائي ۽ بي
عزتيءَ جي هلت کان آءُ نفرت ڪرڻ وارو آهيان. اوهان
جو نياز مند ڀائٽيو – جولئن هوم.“
انهيءَ خط جي ڳالهه جو فيصلو ڪيو. اهڙي خط
ملڻ ڪري هن ٻڍي ليڊي کي ڏاڍو درد ٿيو. انهيءَ رات
آرام ڪو نه آيس. پنهنجي فوتي ڀاءُ ۽ انهيءَ جي هن
وڏيءَ دل ۽ همت واري پٽ کي ياد ڪري پئي رنائين.
نيٺ محبت جي جوش ۾ اتي، ڪاغذ ۽ مس، قلم کڻي ڏڪندڙ
هٿن سان هي جواب لکيائين: ”گهڻا پيارا جولئن،
بابا، مون ٻڍي زال جي ڳالهه دل ۾ نه ڪر، منهنجي
ٻڍاپي تي نظر ڪر، تون ڀلي مون وٽ اچ، ۽ منهنجيءَ
ملول دل کي دلاسو ڏج، بابا جولئن، جيڪي مون وٽ
آهي، سو سڀ تنهنجو آهي. آءُ توکي گهڻو پيار ڪريان
ٿي، اگرچ توڏي خفي مان لکيو هوم، تنهنجي پيار ڪندڙ
پڦي، - ڪئرو لائن ونسيئر.“
پر جڏهن صبح ٿيو، تڏهن مس اسپرانگ وري زور
پئجي ويئي، ۽ ليڊيءَ کي چوري، چوچڙيون دُکائي،
ڪاوڙائي، انهيءَ خط جي بدران ٻيو خط لکارايائين،
جنهن ۾ هن جولئن کي خبر ڏني ته اڳتي کيس سندس
ملڪيت ۾ ڪا به اميد رکڻ نه گهرجي. انهيءَ جواب تي
جولئن کي پهرين البت ارمان ٿيو، پر لليسٽن دلاسا
ڏنس ۽ همتايائينس. آخر هن پڪو ٺهراءُ ڪيو ته اڳتي
خدا تي ۽ پاڻ تي ڀروسو رکي، محنت ڪري پڙهي. پر في
الحال جيڪا مشڪلات نظر آيس، سا هيءُ هئي ته هن
”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو - ۽ اتي
هو يا ته خيراتي اسڪالر شپ جي مدد سان وڃي ٿي
سگهيو، يا ته اصل وڃي نه ٿي سگهيو. انهيءَ هوندي
به، جڏهن امتحان کانپوءِ موڪل ملي، تڏهن هو ڪنهن
به فڪر کانسواءِ گهر ويو. امتحان ۾ پاس ٿيو، ۽
پهريون نمبر آيو. انهيءَ عزت تي هن کي ايترو ٿي
فخر ڪيو جو گهڻي ورثي جي ملڪيت تي به نه ٿي ٿيس.
انهيءَ مٿئين خراب اتفاق ۽ بد نصيبيءَ سان سئرل
کي به فائدو پهتو، جيئن پاڻيهي هيٺ معلوم ٿيندو.
جڏهن جولئن گهر پهتو، ۽ رات جي مانيءَ کائڻ
کانپوءِ بخاري جي پاسي ۾ سئرل کي پنهنجي گوڏن تي
چاڙهي ويهاريائين، تڏهن کلي چوڻ لڳو ته ”هن ننڍڙي
بدمعاش جي حرڪت ڪري مون سالياني ٽن هزارن پائونڊن
جي رقم وڃائي آهي!“ ڀاڻس انهيءَ تي کليو، ۽ وقت جي
خوشيءَ ۾ اهو ڏک ۽ فڪر وسري ويو ۽ وري انهيءَ
ڏانهن به اشارو ڪو نه ڏنائون. پر انهيءَ رات جڏهن
سڀ وڃي ستا، تڏهن جولئن ڏٺو ته ”سئرل هنڌ ۾ پيو
روئي، سندس وهاڻو ئي پسيو پيو هو. پڇڻ لڳس ته
”سئرل، ڇو ٿو روئين؟ بيمار ته ناهي؟“ سئرل اٿي
ويٺو، ۽ ڀاڪر وجهي، روئي، ڀاءُ کي چيائين ته ”ادا،
مون توکي ڏاڍو نقصان پهچايو آهي.“ جولئن چيو ته
”پيارا ڀاءُ، اها ڪهڙي اجائي ڳالهه ٿو ڪرين. ائين
ناهي. پڦي ونسيئر تنهنجي حرڪتن ڪري مون تي ڪين
ڪاوڙي هئي. پر جيڪي خط مون ڏانهس لکيا هئا، انهن
جي ڪري ڪاوڙي هئي. سئرل، روءُ نه، مون کي انهيءَ
جي ڪا به پرواهه ڪانهي. جي تون انهيءَ طرح ارمان
ڪندين ته البت مونکي به ڏک ٿيندو. پر سئرل، توکي
ٻڌايان ته ڇو تو کي انهيءَ جي خبر هئڻ گهرجي؟“ هن
چيو ته ”هائو ٻڌاءِ، ڇو؟“ جولئن چيو ته ”هن ڪري ته
انهيءَ جو اثر توتي به ٿئي ٿو. توکي خبر آهي ته
پاڻ غريب مسڪين آهيون. اڄ کانپوءِ نه رڳو پاڻ کي
پاڻڻو پوندوسين، پر اما ۽ اديءَ کي به، جي هاڻي
اسان تي تعلق رهن ٿيون، تنهنڪري سئرل، توکي مڙس ٿي
محنت ڪرڻ گهرجي. ”مارلبرو“ ۾ سست ٿي نه گذارج. مون
کي شڪ آهي ته تون گهڻي محنت نه ٿو ڪرين.“
سئرل محنت ڪرڻ جو انجام ڪيو، ۽ اهو انجام
نيٺ برابر پاريائين. پر انهيءَ رات جولئن هن کي
ڇڏيو ڪين، پئي نصيحتون ڪيائينس، همتايائينس، جيسين
ڪ هن کي ننڊ کڻي وئي.
هاڻي جولئن جي ”هارٽن“ وارن ڏينهن جي باقي
هڪڙي ڳالهه آهي، جا مختصر طرح بيان ڪنداسين. آرڙهه
جي موسم ۾، ٻپهري کانپوءِ، امتحان جو نتيجو ظاهر
ٿيڻو آهي، ۽ ”هارٽن“ جو هڪڙو ممتحن پاس ٿيل ڇوڪرن
جي ياداشت پڙهڻ وارو آهي، ۽ جنهن ڇوڪر کي نيوري
اسڪالرشپ ملڻي آهي تنهن جو به نالو وٺندو. بروس ۽
هوم انهيءَ لاءِ اميدوار آهن، جو اهي مٿي نمبر
رکندا هئا ۽ هشيار هئا. لشڪر ڇوڪرن جا اچي گڏ ٿيا
هئا، پر انهن ۾ جولئن ڪو نه هو. هو پري ديول جي
پاسي ۾، قبرن ۾، ڏاڍي خيال ۾ بيٺو هو. بروس کي
اسڪالرشپ ملڻ جي پڪ هئي، سو انهي پئي کليو ۽
رانديون ۽ چرچا گهٻا ڪيائين. اوچتو ممتحن در پٽي
نڪري آيو. سڀ ڇوڪرا ماٺ ڪري بيهي رهيا. هو پاس ٿيل
ڇوڪرن جي ياداشت پڙهڻ لڳو. نيٺ، وڏي سڏ چيائين ته
”نيوري“ اسڪالر شپ جولئن هوم کي ملي آهي!“ هي
ٻڌندي ئي لليسٽن ڊوڙي ٽڪريءَ تي چڙهي، ديول جي
قبرستان ۾ ويو، ۽ اتي وڃي جولئن کي خوشخبري ٻڌائي
مبارڪ ڏنائين. هوڏانهن ڇوڪرن ٽي ڀيرا ممتحن جي
لاءِ، ۽ ٽي ڀيرا هوم جي لاءِ تاڙيون وڄايون ۽ خوشي
ظاهر ڪئي.
باب پنجون
’سينٽ‘ ورنر جو ڪاليج
”هارٽن“ اسڪول جو پويون ڏينهن آيو. پويون
دفعو انهن جي ننڍيءَ ديول ۾ نماز پڙهي ويئي، ۽ وعظ
ڪيو ويو. جولئن کي مانيٽريءَ جون ڪنجيون ڏڻيون
ٿيون، ۽ مسٽر ڪارڊن ۽ ٻين ماسترن ۽ اسڪول جي
سنگتين کان موڪلائڻو پيو. اهو سڀ ڪم لاهي، پوءِ
جولئَن ۽ لليسٽن وڃي آگ گاڏيءَ ۾ چڙهيا، جتي
مسافرن پئي کليو ڳالهايو. آخر جڏهن گاڏي اُٿي هلي،
تڏهن هنن ڇوڪرن ڏک مان ڄاتو ته سندن ڇوڪراڻيءَ جا
ڏينهن پورا ٿيا. هنن ٻنهي ڇوڪرن به هڪٻئي کان
موڪلايو ۽ هڪٻئي کي چيائون ته موڪل گذرڻ کان پوءِ
وري ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج ۾ گڏباسين، ۽ هڪٻئي سان
اهو به انجام ڪيائون ته تيستائين هر هفتي هڪٻئي
ڏانهن خط لکندا رهندا. پوءِ ٻئي پنهنجي پنهنجي ڳوٺ
ڏانهن روانا ٿيا.
جڏهن جولئَن گهر پهتو، تڏهن سندس ماءُ ۽ ڀيڻ
۽ ڀائر ڏاڍا خوش ٿيا، جو هُن کي گهڻن ڏينهن کان
پوءِ گڏيا به، ۽ اها خوشخبري به ٻڌائون ته هن کي
سالياني هڪ سؤ پائونڊن جي اسڪالرشپ ملي آهي. ٻيا
ته خوش ٿيا، پر سندن ايماندار نوڪر ”ول“ ۽
نوڪرياڻي ”ميري“ به ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ پنهنجي ننڍي
ڌڻيءَ ڏانهن گهڻيءَ خوشيءَ ۽ فخر سان نهارڻ لڳا.
بروس پنهنجي موڪل جو پهريون ڀاڱو ته شڪار ۾
گذاريو، ۽ پويون ڀاڱو خوش ڪرڻ ۽ تماشن ڏسڻ ۾ -
جيئن لنڊن جي سکرن ۽ دولتمند ماڻهن جو دستور هوندو
هو. اهڙين وقت وڃائڻ وارين وندرن کان سواءِ هن کي
ڪا به ڪمائتي مشغولي ڪا نه هئي. هن کي توڙي هن جي
مائٽن کي پڪ هئي ته رواجي طرح هو عزت ۽ سک سان
حياتي پيو گذاريندو. جڏهن ڪاليج کلڻ جي وقت ۾ باقي
هڪ ٻه هفتا وڃي رهيا، تڏهن هن پنهنجي لاءِ ڪاليج
ويجهو رهڻ جي نهايت عمدو سامان وجهارايائين. جڏهن
پڇاڙيءَ واري ڏينهن پاڻ اُتي آيو، تڏهن جاءِ جو
بندوبست ۽ سامان فرحت جهڙو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
عمديون ڪرسيون، ميزون، ڪوچ، غاليچا، فراشيون،
پردا، آرسيون ۽ ٻيو اهڙو عجيب غريب سامان هو، جو
اميرن جي ڪم اچڻ جي لائق هو. بروس ڏاڍيءَ خوشيءَ ۽
فخر سان اهڙيءَ فرح جهڙيءَ جاءِ ۾ اچي رهڻ لڳو.
هوڏانهن جولئن موڪل جا ڏينهن ٻئي طرح
گذاريا؛ مگر هن به ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾ گذاريا. هن رڳو
ڪتابن تي محنت ڪري، پاڻ کي ٿڪائي، بيزار ڪري نه
ڇڏيو. ڏهاڙي ڪِي ڪلاڪ هو پڙهڻ جي ڪم ۾ لڳائيندو
هو. شام جو ضرور پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏجي پري
پري هوا کائڻ ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري پنهنجن
ڀائرن سان گڏجي، وهنجڻ يا بتيلن هلائڻ جي ورزش
ڪندو هو. ڪڏهن اڪيلو سمنڊ جي ڪناري تي گهمڻ ويندو
هو. انهيءَ ڪري هو بدن ۾ تندرست ۽ دل ۾ خوش ۽ سرهو
رهندو هو؛ جو سجهيس ٿي ته وري ڪاليج ۾ محنت ڪرڻي
ٿينديس.
هڪڙي ڏينهن شام جو سڀ سائي گاهه تي ويٺا هئا
ته وايوليٽ هن کان پڇيو ته جولئَن هيستائين
”هارٽن“ جا ڇوڪرا ته سڀ موٽي ويا هوندا. تنهنجي دل
ته هنن ڏانهن نٿي تانگهي؟“ جولئَن چيو ته ”نه، مون
کي ”هارٽن“ جي ننڍي شاگرد ٿيڻ کان ”سينٽ ورنر“ جو
وڏو شاگرد ٿيڻ پسند ٿو اچي.“ مسز هوم پڇيو ته ”تون
ڪڏهن ”سينٽ ورنر“ ڏانهن ويندين.“ هن چيو ته ”ٻن
هفتن کان پوءِ، آڪٽوبر جي 15 تاريخ. هڪڙو – ٻه
ڏينهن اڳي ويندس، ته وڃي ٿانيڪو ٿي ويهان. اما،
تون ۽ وايوليٽ به مون سان گڏيا هلجو.“ ڀيڻس پڇيو
ته ”ادا، اهو ڪو دستور آهي ڇا؟ ماڻهو ڇا چوندا ته
هن کي زالون وٺي آيون آهن.“ هن چيو ته ”ماڻهن کي
ڇا ڪبو. آءٌ اهڙين ڳالهين جي پرواهه ڪا نه رکندو
آهيان.“
نيٺ جڏهن وڃڻ جو ڏينهن ٿيو، تڏهن هو گڏجي
روانا ٿيا. جڏهن ”ڪئمفرڊ“ کي کي ويجها ٿيا، تڏهن
ماٺ ۽ خيال ۾ پيا. هنن کي معلوم هو ته جولئَن کي
اتي ٽي ورهيه گذارڻا ٿيندا، ۽ اتي جي رهڻ تي هن جي
آئندي جو سک ۽ ترقي منحصر آهي. انهن ٽن ورهين ۾
خوشيءَ جو سبب به پيدا ٿي سگهي ٿو، ۽ ڏک جو به.
الائي اهي ڪيئن گذرندا. انهيءَ جو البت سڀني کي
فڪر ۽ خيال هو.
جڏهن هو وڃي پهتا، تڏهن رات هئي. گهٽين ۾
ٿوري روشنائي هئي، جنهن ڪري شهر جون جايون برابر
ڏسڻ ۾ نٿي آيون. نوان شاگرد گهڻائي اچي لٿا، ۽
اسٽيشن تي سامان جا ڍير لڳي ويا. اهڙي گوڙ ۾ مسز
هوم ۽ وايوليٽ جولئَن سان گڏجي وڃي هڪ هوٽل ۾ لٿا،
۽ آرام ورتائون. ٻئي ڏينهن صبح جو جولئَن، ناشتو
کائي، پنهنجي ماستر وٽ ويو. هوٽل جي نوڪر کان
پڇيائين ته ”سينٽ ورنر جي ڪاليج ڏانهن ڪهڙو رستو
ٿو وڃي؟“ هن چيس ته ”سائين، اهو چونڪ سامهون ٿو
وڃي.“ جولئن اهو رستو ڏيئي اُٿي هليو. ڪاليج جي
شوق ۽ خوشيءَ ۾، هن رستي جي وڏين عمارتن کي به
خيال سان ڪين ڏٺو، سڌو وڃي پنهنجي ڪاليج جي
ٻاهرئين در تي بيٺو. اندر گهڙي، هيڏانهن هوڏانهن
جون جايون ۽ ايوان ڏسي، ماسترن جي جاين ۾ گهڙي
ويو. هڪڙي جاءِ ڪتبخاني وانگي ڏٺائين. باهه جي
پاسي ۾ هڪڙي وڏيءَ آرام ڪرسيءَ تي هڪڙو پادري ويٺو
هو. جولئَن هڪدم سمجهيو ته اهو مسٽر گريسن هوندو،
جو سندس سيکاريندڙ ٿيڻو هو، ۽ جنهن جي معرفت آيو
هو. اهو قداور، چاليهن ورهين جو ٿي ڏٺو.
اهو اُٿي خوشيءَ سان پنهنجي شاگرد کي گڏيو.
پڇڻ لڳس ته ”ڪيئن آهين، مسٽر - ؟ مون کي تنهنجو
نالو وسري ويو آهي!“ هن چيو ته ”هوم، سائين.“ ائين
چئي، وڃي هن کي هٿ ڏنائين. هو ساڻس مليو، مگر گهڻي
حجاب سان. جولئَن کي ته شوق کان هزار سوال پڇڻا
هئا، ۽ صلاحون پڇڻيون هيون، سو هاڻ ڪيئن ڪري.
اڳيان ڪو اهڙو رخ ڏسي ته پڇي يا ڳالهائي، پر اهڙو
رخ ڪو نه ڏٺائين. ٻنهي بي آرامي ڏيکاري ته ڇا
ڳالهائين، ۽ ڪيئن ڳالهائڻ شروع ڪن. نيٺ جولئَن
نااميد ۽ لاچار ٿي پڇيو ته ”سائين، منهنجي رهڻ جي
جاءِ ڪهڙي پاسي آهي؟“ هن چيو ته ”پٽيوالو تو کي
ڏيکاريندو. تو کي انهيءَ بابت مشڪلات ڪا نه
ٿيندي.“ ٿورو ترسي، هن وري پڇيو ته ”مسٽر هوم، ٻيو
ڪي تو کي پڇڻو آهي؟“ جولئَن البت خفي مان چيو ته
”نه، سائين، ڪجهه به نه. سائين، اوهان کي ته مون
کي ڪِي چوڻو ناهي؟“ هن چيو نه ”نه، مسٽر هوم. مون
کي اميد آهي ته.... چڱو، خدا حافظ، سلام.“ جولئَن
در ڏانهن هليو. دل ۾ چيائين ته ”ههڙيءَ ملاقات مان
ڇا حاصل؟ پوريءَ طرح گڏيو ڪين! مسٽر ڪارڊن ضرور هن
کي منهنجي نسبت ۾ لکيو هوندو، پوءِ به ههڙو حال
آهي، افسوس!“
پر جيڪي ٿي گذريو، تنهن تي جولئَن کي ناحق
حيراني ٿي لڳي. هفتو سارو نون شاگردن جا پيءُ جي
پنهنجن پٽن سان گڏجي آيا هئا، سي به مسٽر گريسن کي
ڏسڻ پئي آيا. ڪي مائٽن کان سواءِ اڪيلا پئي آيا.
سڀني کي ڳڻتي اها هئي ته ساڻن هو زياده ڳالهائي،
صلاح ڏئي، يا دلاسا وغيره ڏئي. هو لڄارو ماڻهو هو.
دل ۾ ڄاڻندو هو ته ماڻهو مون تان کلندا هوندا. پاڻ
مُلو ماڻهو ٿي رهندو، دنيا جي وهنوار ۽ اُتي ويهه
سان سندس گهڻو واهپو ڪو نه هو، تنهن ڪري ڌارين سان
گهڻو نه ڳالهائيندو هو ۽ رُکو هوندو. هو سمجهندو
هو ته پڙهيل ماڻهو ۽ بزرگ ساڻس ڳالهائڻ ۽ صحبت ڪرڻ
جا لائق آهن، نه عام رواجي ماڻهو. اهو خيال ڪين ٿي
آيس ته جيڪو به ماڻهو اچي، تنهن سان نالي جي خوش
خير عافيت ۽ هڪ – ٻن مٺن لفظن ڳالهائڻ سان هو انهن
کي خوش ڪندو، ۽ نون شاگردن کي فائدو پهچائيندو.
جولئَن جهڙن شوق وارن ۽ نازڪ طبع جوانن سان هن جي
ڪا به همدردي نٿي ٿي. اهڙو ڪو به شاگرد ڪو نه هو،
جنهن سان خاص طرح ڪو پيار هوس؛ نڪي وري ڪو اهڙو
هو، جنهن کي ڌڪاريندو هو. انهيءَ هوندي به، نرمدل
۽ مروت وارو ماڻهو هو، ۽ گهڻائي ماڻهو هن جي
احسانمندي ۽ مهرباني ياد ڪندا هئا. هن جي راءِ اها
هئي ته پاڙهيندڙ زياده گستاخي ڪرڻ سان شاگردن کي
اهڙو نقصان پهچائي ٿو، جهڙو هنن کان پري گذارڻ
کان: اهو سندن خيال بلڪل غلط به نه هو.
جڏهن ڪو ڇوڪر ڪاليج ۾ ويندو آهي، تڏهن سندس
خيال اعلى هوندا آهن، ۽ سندس ارادا شوق ۽ خوشيءَ
جي ڪري چڱا ۽ زورآور ٿيندا آهن. هن جي طبيعت ڏاڍي
نازڪ ٿيندي آهي. هو ڀانئي ٿو ته هاڻي آءٌ ڇوڪراڻي
وهيءَ کان چڙهيو آهيان ۽ مڙس ماڻهو ٿيو آهيان، ۽
وڏي ماڻهوءَ هئڻ ۽ عزت آبروءَ حاصل ڪرڻ جي گهڻي
خواهش ٿئيس ٿي. دل پئي چوندي اٿس ته ٻيا به ساڻس
همدردي ڪن، کيس همتائن ۽ اهڙن اميدن ۽ طمعن ۾ کيس
مدد ڪن. ڪي شايد اهڙن خيالن وارا ۽ اهڙا نازڪ طبع
نه به هوندا ۽ انهن کي اهڙو ڪو به خيال نه ايندو
هوندو. انهن جو مطلب هوندو هڪڙو فتحياب ٿيڻ ۽ ٻيو
پاڻ کي وندرائڻ ۽ خوش رکڻ، ٻيون سڀ ڳالهيون هو
وساري ٿا ڇڏين. اهڙا ماڻهو اڪثر ڏيک پسند ڪندا
آهن، چڱا ڪپڙا ڍڪيندا ۽ چڱا طعام کائيندا ۽ فرحتن
سان گذاريندا آهن، ۽ اڳوڻين ڇوڪراڻين عادتن پٺيان
پنهنجي ظاهر وڏماڻهپ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
پوين ڏينهن ۾ انهن جي ڪهڙي به حالت خراب حالت ٿئي،
ته به شروع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ وقت هنن کي علم
حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ سڌارڻ جو نهايت گهڻو شوق رهي ٿو.
هاڻي جولئَن ته طبع ۽ سڀاءَ جي ڪري ڏاڍي شوق
وارو ماڻهو هو. هن جا سڀ خيال، جي مٿي ڏنا ويا
آهن، نهايت تيز ۽ زور وارا هئا. ڪاليج ۾ اچڻ ڪري
هن ائين ٿي سمجهيو ته آءٌ هاڻي اُتي آيو آهيان،
جتي وڏا وڏا قابل ماڻهو ۽ مشهور عالم ۽ شاعر ٿي
ويا آهن، ۽ پنهنجا مثال ٻين جي هدايت لاءِ ڇڏي ويا
آهن. هن کي اها اميد ۽ طمع ٿيڻ لڳي ته پاڻ به انهن
جهڙو ٿئي ۽ اهڙو نالو ڇڏي. ڪوشش ته ڪري، پوءِ خدا
جيئن گهريو هوندو تيئن ٿيندو.
مسٽر گريسن وٽان نڪري، جولئَن غمگين ٿي پسار
ڪرڻ ۽ گذريل ۽ هاڻوڪيءَ ۽ ايندڙ حالت تي خيال ڪرڻ
لڳو، ۽ ويچار ڪرڻ لڳو ته ڇا ڪري. جڏهن ياد پيس ته
کيس زماني ۾ پاڻ تي ئي تعلق رهڻو ٿيندو ۽ خدا کان
سواءِ ٻيو ڪو به مددگار ڪو نه ٿيندس، تڏهن اکين ۾
ڳوڙها تري آيس. زماني جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي
لاءِ تيار ٿيو ۽ پڪو ارادو ڪيائين ته حياتيءَ جو
ڪو به وجهه نه وڃائيندس، ۽ ڪوشش ۾ ڪين گهٽائيندس،
۽ اميد ڪيائين ته خدا کيس مدد ڪندو.
موٽي ماءُ وٽ وڃڻ کان اڳي، ڀانيائين ته مسٽر
”ائڊمر“ پادريءَ کي ڏسي، جو سندس مٿاڇرو واقف هو،
۽ ڪاليج جي ننڍن ماسترن مان هڪڙو هو، جيڪا نااميدي
مسٽر گريسن جي هلت مان حاصل ٿي هيس، تنهن جي ٽارڻ
لاءِ، ارادو ڪيائين ته مسٽر ائڊمر کي گڏجي، انهيءَ
کان سڀ ضروري خبر چار وٺي. صبح جا ڏهه لڳي ويا
هئا، ۽ اهو پادري ناشتو کائڻ ٿي ويٺو. ٿڪل ۽ سست
ڏسڻ ۾ پئي آيو، ته به هو هن کي چڱيءَ طرح گڏيو. هن
نه فقط ماني ويٺي کاڌي، پر مانيءَ کائيندي، اخبار
به ويٺي ڏٺائين ۽ جولئَن سان به ويٺي ڳالهايائين.
انهيءَ مان هن کي نامهرباني ڏيکارڻي نه هئي، پر هن
کي مهربانيءَ يا احسان جو ڏيک ڪرڻو ڪو نه هو.
انهيءَ کان هو بيزار ٿيندو هو، تنهن ڪري پهرين
ٿورن ڏينهن تائين نون شاگردن کي هو گهڻو رُخ نه
ڏيندو هو.
جولئَن، همت جهلي، تڪڙ مان هن کان ٻه ٽي
سوال پڇيا. ڪي شيون ضروري خريد ڪرڻيون هيون تن
بابت، ۽ ڪهڙِ ڪهڙي وقت سبق پڙاهبا يا صفي ۾ گڏ
ٿبو، ۽ ٻيون ڪي اهڙيون ڳالهيون جن جي نون آيل
شاگردن کي خبر نه هوندي آهي، تن بابت مسٽر ائڊمر
ايترن سوالن تي البت بيزار ڏسڻ ۾ آيو، ۽ رنج سان
جواب ڏنائين. جولئن کي صلاح ڏنائين ته جن ڳالهين
جي ٿوري گهڻي اڳي ئي خبر هجي، تن جي پڇڻ جو ضرور
ڪونهي. ڪنهن ماڻهوءَ کي گهربل خبر ڏيڻ ۾ ڪا گهڻي
تڪليف نٿي ٿئي؛ انهيءَ جي ڏيڻ سان هو ڏاڍو خوش ٿو
ٿئي، پر مسٽر ائڊمر اوتري تڪليف به سهين ٿي سگهيو.
تنهنڪري هن جي جوابن مان جولئن ناراض ٿي کڻي ماٺ
ڪئي، اگرچ ڄاتائين ته انهيءَ مهل هو بيخياليءَ جي
حالت ۾ ويٺو هو.
شروع ۾ مسٽر ائڊمر اوٻاسي ڏيئي چيس ته ”سينٽ
ورنر“ جي ڪاليج جي نسبت ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“
جولئَن خوشيءَ مان ورندي ڏني ته ”انهيءَ ۾ اچڻ ڪري
آءٌ پنهنجي لاءِ وڏو فخر ٿو سمجهان.“ هن چيو ته
”شروع ۾ سڀ اهي ٻوليون ڪندا آهن، پر سگهو ئي اهي
وسري وينديون اٿن.“ جولئن چيو ته ”اميدآهي ته آءٌ
ائين ڪين ڪندس.“ هن وري پڇيو ته ”تون ناميارو
شاگرد يا وڏو مُدرس ٿيڻ گهرندو هوندي؟“ جولئن چيو
ته ”نه، مون کي اهڙي طمع ڪانهي، پر جي کڻي ٿئي ته
انهيءَ کان جيڪر مٿي ٿيڻ گهران.“ هن چيوو ته
”هائو، هاڻ مون سمجهيو. ننڍو نيوٽن، يا ڪو ٻيو
اهڙو عالم!“ جولئن چيو ته ”نه، منهنجو اهو مطلب
ناهي. پر پنهنجين خواهشن ظاهر ڪرڻ سان آءٌ اوهان
کي تڪليف ٿو ڏيان، تنهن ڪري آءٌ موڪليا ٿو. سلام.“
هن ڪنڌ لوڏي چيو ته ”سلام. هتي هٿن لوڏڻ جو اسان
وٽ دستور ڪونهي. آءٌ تو کي سگهو ئي اچي ڏسندس.“
جولئَن ڏاڪڻ تان لهندي دل ۾ چيو ته ”جيئن دير
اچين، تيئن چڱو! هتي جي پاڙهيندڙن جو شايد اهو
نمونو آهي. يا خدا، خير ڪجئين! جي فيلو اهڙا آهن
ته پروفيسر الائي ڪهڙا هوندا! انهيءَ کان آءٌ
هيٺين جهونن شاگردن سان واقفيت رکان ته بهتر
ٿيندو.“
مسٽر ائڊمر اتي جي پاڙهيندڙن جو بلڪل اهڙو
نمونو به نه هو. هو يونيورسٽيءَ جي انهن ماڻهن مان
هڪڙو هو، جي ڪنهن ڳالهه جي طمع يا اميد رکندا آهن،
۽ نه ڪنهن شي کي خاص طرح پسند يا پيارو ڪندا آهن:
جي گهڻي شوق کي بيوقوفي سمجهندا آهن،۽ گهڻي خيال
پچائڻ ۽ طمع رکڻ کي ڏوهه شمار ڪندا آهن، ۽ رواجي
قسم کان مٿي جيڪا شي هوندي آهي، تنهن تي خيال ئي
نه ڏيندا آهن، ۽ انهيءَ تي خندو ڪندا آهن: جڏهن هو
اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ هوندا آهن، جي گهڻي بڪ ڪندا
آهن ۽ ٻين تي ٺٺوليون ڪندا آهن، تڏهن ماٺ ڪري ويٺا
ٻڌندا آهن، ۽ پاڻ ڪي به ڪين ڳالهائيندا آهن – گهڻو
گهڻو، ته به تماڪ جي نلي وات مان ڪڍي، رڳو گگهي
آواز سان کلندا آهن.
اهڙي حال ۾ جولئَن چڱو ڪيو جو پنهنجيءَ ماءُ
۽ ڀيڻ کي پاڻ سان وٺي آيو هو. اڃا هو مسٽر ائڊمر
وٽان نڪتو ته هيُو ته لليسٽن منهن ۾ مليس. حيرت ۽
خوشيءَ ۾ هڪٻئي کي گڏيا. هن جي ڏسڻ ڪري لحظي ۾
جولئن جي غمگيني اُڏامي ويئي، ۽ هو سرهو ٿيڻ لڳو.
هن کان پڇڻ لڳو ته ”هيُو، تون ڪڏهن هتي آيو آهين؟“
هن چيو ته ”ڪالهه آيو آهيان. تون اڃا پنهنجون رهڻ
جون ڪوٺيون ڏٺيون آهن يانه؟“ جولئن چيو ته ”نه،
هاڻ ڏسڻ ٿو وڃان.“ هن چيو ته ”تڏهن اچ ته گڏجي
هلون. مون کي خبر آهي ته اهي ڪٿي آهن.“ جولئَن چيو
ته ”ڀلا ذرو ترس ته پهرين هوٽل ۾ پنهنجيءَ ماءُ ۽
ڀيڻ کي ڏسان. هو منهنجي لاءِ منتظر هونديون.“ هن
چيو ته ”مسز هوم به آئي آهي ڇا؟“ جولئَن چيو ته
”هائو. جي تو کي ٻيو ڪم نه هجي ته هل ته تنهنجي
هنن سان معرفت ڪرايا.“ لليسٽن چيو ته ”خوشيءَ سان
هلندس. منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ به هجن ها ته ڪهڙو نه
چڱو!“
پوءِ هو ٻئي هوٽل ۾ ويا، ۽ لليسٽن پنهنجي
دوست جي مائٽن سان واقفيت پيدا ڪئي، جنهن جو گهڻن
ڏينهن کان دل ۾ شوق هوندو هوس. اندر گهڙندي،
جولئَن چيو ته ”اما، خبر اٿئي ته مون ڪنهن کي پاڻ
سان آندو آهي؟ آءٌ، هيُو، هلي آءُ. هي اٿئي منهنجي
ماءُ، هيءَ اٿئي منهنجي ڀيڻ. ۽، اما، هيءُ آهي ته
مسٽر لليسٽن.“ مسز هوم چيو ته ”سچ پچ! هي مسٽر
لليسٽن آهي، جنهن جو اسان گهڻو ذڪر پئي ٻڌو آهي؟“
پوءِ ڏاڍي خوشيءَ سان هن کي هٿ ڏيئي گڏي، ۽
وايوليٽ به خوشيءَ سان هن ڏانهن نهاريو. هيُو کلي
چيو ته ”هائو، آءٌ اُهو ئي آهيان. آءٌ ائين پيو
ڀانيان ڄڻ اڳي ئي اوهان جو واقف آهيان.“ مسز هوم
چيو ته ”حقيقت ڪري آهي به ائين. اميد آهي ته اڳتي
گهڻو گڏباسين.“
پوءِ سڀني صلاح ڪئي ته گڏجي هلي جولئن جون
جايون ڏسن، ۽ سامان کولي رکڻ ۾ مدد ڪن. اُهي جايون
ڪاليج جي ايوان ۾ هيون، ۽ تمام مزي جهڙيون هيون.
انهن جي سامهون فيلوئن جون جايون هيون، ۽ انهن جي
پريان ندي پئي وهي. جاين ۾ سامان رکي ويا، ۽ جولئن
پنهنجا ”هارٽن“ وارا انعام جا ڪتاب، چمڪندڙ سونهري
پاٺن سان، ڪڍي تختن تي رکيا. جاءِ کي پنهنجي ننڍڙي
گهر وانگي سينگاري، ڏاڍو خوش ڏسڻ ۾ آيو. ٿورو وقت
سامان ٺاهي، هو وري وڃي هوٽل ۾ ٻپهرن جي ماني کائي
آيا. وري جڏهن موٽي آيا، تڏهن ڏسن ته هڪڙي ٻڍي
ليڊي جاءِ ۾ ويٺي آهي. انهيءَ جولئن کي چيو ته آءٌ
تنهنجي هنڌ جوڙڻ واري آهيان. رات جي چانهه اوهين
هت پنهنجيءَ جاءِ ۾ پيئندؤ ڪيئن؟“ جولئن چيو ته
”هائو، اڄ رات هتي چانهه پيئنداسين. اٺين بجي، چئن
ڄڻن جي لاءِ، چانهه ۽ مانيءَ ۽ مکڻ جو بندوبست
ڪجئين. هيو، تون به اسان سان چانهه پيئندين نه؟“
هن چيو ته ”آءٌ جيڪر خوشيءَ سان پيئان ها، پر –
تنهنجي ماءُ ۽ مس هوم رڳو اڄ رات هتي هونديون
ڪيئن؟“ جولئَن چيو ته ”هائو. پر انهيءَ ڳالهه جو
فڪر ڪونهي.“ لليسٽن ڪنڌ لوڏي، سلام ڪري، موڪلائي
هليو ويو.
هن جي وئي کان پوءِ جولئَن ڀيڻ کي چيو ته
”وايوليٽ، تنهنجي وڃڻ کان اڳي مون کي پنهنجيون
تصويرون ٽنگڻ گهرجن. تنهنجيءَ صلاح جي ضرورت آهي.“
وايوليٽ چيو ته ”چڱو. سئرل ۽ فرئنڪ جون تصويرون
کڻي هتي ٽنگ. هڪڙي مسٽر ويئر جي هِن پاسي، ۽ ٻي
هُن پاسي. ضرور مسٽر ويئر کي آبروءَ جي جاءِ ڏيڻ
گهرجي.“ هن چيو ته ”برابر، ائين گهرجي. انهيءَ جي
توصير ۽ محبت واري ۽ ڏُکاري منهن ڏسڻ سان آءٌ صبر
۽ تحمل ۽ ڏاهپ جا گهڻا ئي سبق سکندو آهيان.“
وايوليٽ کلي چيو ته ”جي ائين ڪندين ته ماڻهو تو کي
ڪافر يا مرتد سڏيندا.“ جولئَن چيو ته ”ماڻهن جي
گلا کي آءٌ تعريف سمجهندو آهيان. ڀلي، جيئن وڻين
تيئن پيا بَڪن.“
مسٽر ويئر هڪڙو مشهور پادري هو، جو جولئَن
جي پيءُ جو، سندس مرڻ کان اڳي، گهاٽو يار هو.
جولئَن نه رڳو انهيءَ جو وعظ ٻڌو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن
گڏيو هو، پر هن جا ڪي لکيل ڪتاب پڙهيا به هئائين،
۽ هن جي زباني گفتگو به ٻڌي هئائين، ۽ اها هن کي
اهڙي پسند ايندي هئي جو هن کي نهايت گهڻي محبت ۽
تعظيم ڏيندو هو، جو هن کي گهڻن کان زياده نرمدل،
سچو، ايماندار، علم وارو، محبتي ۽فصيح زبان ڄاڻندو
هو. اها تصوير مسٽر هوم وٽ هئي، ۽ انهيءَ جي اجازت
سان جولئَن پاڻ وٽ رکي هئي ته جڏهن ڪاليج ۾ وڃي،
تڏهن پاڻ سان کڻي وڃي.
جولئَن ڀيڻ کي چيو ته ”هائو، آبروءَ جي جاءِ
ضرور مسٽر ويئر جي تصوير کي ڏيڻ گهرجي پر هيءَ پاڪ
تصوير، ملائڪن واري، ڪٿي ٽنگيون؟“ وايوليٽ چيو ته
”اها هتي دروازي جي سامهون ٽنگيون، ته جيڪو اندر
اچي تنهن جي نظر انهيءَ تي پوي.“ جولئَن چيو ته
”برابر. ڀلي ته هنڌ جوڙڻ واري مائي به پيئي ڏسي.
جيڪو ڏسندو، تنهن جي دل تي انهيءَ جو اثر ٿيندو.“
اها تصوير رنگين هئي، ۽ هڪڙي استاد نقاش جي
نڪتل هئي. وچ ۾ بيبي مريم ويٺي هئي، ۽ ڪڇ ۾ سندس
ٻار، حضرت عيسى مسيح هو؛ تن جي مٿان نور جو تجلو
هو، ڇهه ملائڪ هڪ پاسي، ۽ ڇهه ملائڪ ٻئي پاسي بيٺا
هئا. انهيءَ جي تصوير مان محبت ۽ سچائي، خدا ترسي
۽ پوري اعتقاد جو اثر پيدا پئي ٿيو. جولئَن کي اها
نهايت پسند هوندي هئي. هڪ ٻه اهڙيون تصويرون، پاڪ
ماڻهن ۽ مذهبي بزرگن ۽ اوليائن جون به ٽنگيائون.
پڇاڙيءَ۾ جولئَن حضرت يعقوب جي خواب واري
تصوير کڻي پڇڻ لڳو ته ”هن کي ڪٿي ٽنگيون؟“ اها
تصوير به هڪڙي مشهور نقاش جي نڪتل هئي. اها حضرت
يعقوب جي ننڍي هوندي جي تصوير هئي، جنهن ۾ هو ستو
پيو آهي. مٿانئس، سيرانديءَ کان هڪڙو ملائڪ بيٺو
آهي ۽ هڪڙو ملائڪ پيرانديءَ کان به بيٺل آهي. مسز
هوم چيو ته ”اها تنهنجي سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ ٽنگڻ
گهرجي. انهيءَ جي هيٺان تون ستل هوندين ته چڱو
آهي.“
نيٺ اها تصوير هنن جولئَن جي سمهڻ واريءَ
جاءِ ۾ ٽنگي. پوءِ، واندا ٿي، اها رات هن اتي
ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾ گذاري. ٻئي ڏينهن صبح جو جولئَن
هنن کي وڃي اسٽيشن تي اُماڻي آيو، ۽ پاڻ موٽي
ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ شرط امتحان ۾ اچي ويٺو. |