سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جولئن هوم

صفحو :7

 

باب سورهون

عجائب غرائب وارو ڏينهن

اهي سڀ تماشه بين سئٽزلرنڊ جي ”مرينا“ هوٽل ۾ لٿا پيا هئا. ڪئنيڊيءَ چيو ته ”تڏهن سڀاڻي اسين شلٿارن جبل جي چوٽيءَ تي چڙهنداسين.“ مسز ڊڊليءَ چيو ته ”هائو، جيترو اسين زالون مٿي چڙهي سگهنديونسين.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”ماسي، اسين اوهان کي وٺي مٿي چاڙهينداسين. جي مون ۽ بابي ۽ جولئَن، تو کي ۽ مس هوم کي ۽ ايوا کي مٿي نه چاڙهيو ته پوءِ اسين ڪهڙي ڪم جا ٿياسين؟“ سئرل چيو ته ”ڇو، منهنجو نالو نه ورتئه؟ آءٌ به شامل ٿيندس.“ ڪئنيڊي موڪلائي سمهڻ لاءِ اٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”تڏهن سڀاڻي صبح جو سوير پنجين بجي ناشتو کائينداسين.“

پوري پنجين بجي سڀئي ناشتي کائڻ لاءِ ميز تي اچي ويٺا، ۽ جيڪي انهيءَ ڏينهن ڏسڻو ۽ ڪرڻو هون تنهن جو ذڪر هلائڻ لڳا. ڪئنيڊيءَ چيو ته ”ڀلا اوهان مان ڪنهن اڄ صبح جو جنگفرا جبل جي چوٽيءَ تان سج جي ڪني نڪرندي ڏٺي؟ مس هوم، انهيءَ ڀلا ڪهڙيءَ شي سان مشابهت ٿي رکِي؟“ وايوليٽ مرڪي چيو ته ”موتين جي ڇٽ جي سونهري ڪناري سان!“ اتي سئرل اچي چيو ته ”اوهين پيا اتي ڳالهيون ڪريو، ٻاهر سونهون تيار ٿيو بيٺو آهي.“ وايوليٽ چيو ته ”تڏهن هلو ته هلون.“ پوءِ هوءَ آرسيءَ ۾ منهن ڏسي، منهن تي ڄاريءَ جو برقعو وجهي نڪتي. سئرل مس ڪئنيڊيءَ کي چيو ته ”ايوا، سونهون هڪڙو عجب جهڙو جابلو ڀُوش آهي.“ جولئَن چيو ته ”ڀوش آهي يا ڪير به آهي، ته به اڄ اسان جا ڪپڙا ۽ ٻيو کاڌي جو سامان سڀ جبلن جي چوٽيءَ تائين کڻڻو پوندس.“ سئرل پڇيو ته ”چوٽي ڪيترو مٿي آهي؟“ جولئَن چيو ته ”شلٿارن نو هزار فوٽ آهي.“

آخر سڀئي خوش ٿي نڪتا. سونهون اڳيان ٿي هليو. ڪڏهن جولئَن ۽ مسٽر ڪئنيڊيءَ سان ٿي ڳالهايائين، ڪڏهن سئرل جي چرچن ۽ ڪچيءَ ٻوليءَ تي ٿي کليو، جو سڀني هن سان جرمن ٻولي ڳالهائڻ جي ٿي ڪئي. ڪئنيڊي اڪثر ايوا ۽ وايوليٽ سان گڏ ٿي هليو ۽ ڪڏهن ڪڏهن جولئَن به اچي ٿي ساڻن گڏيو. سئرل ڪڏهن هِنن سان ۽ ڪڏهن هُنن سان ٿي هليو، ۽ جهنگلي ٻير چونڊيندو، نيون نيون رٿون ڪڍندو ۽ ٻوليون ڪندو هليو هليو. جيئن روز روشن ٿيندو ويو، تيئن ٽڪرين پٺيان ٽڪريون الپ جبل جون ظاهر ٿينديون ويئون، ۽ انهن جي چوٽيءَ تي پيل برف چمڪندي ويئي. اهي ڏسي، هي تماشه بين پنڌ ڪندڙ حيران ٿيو ٿي ويا. سندن هيٺان وري ماڻهن جا گهر ۽ ساوڪون ڏاڍيون مزي جهڙيون پئي لڳيون. هر قدم تي هنن کي هڪڙي نئين شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جنهن جي تعريف ٿي ڪيائون. ڪڏهن وڻن جون عجيب پاڙون ٽڪرن مان نڪتل ٿي ڏٺائون؛ ڪڏهن انهن جا آواز ٿي ٻڌائون؛ ڪڏهن هيٺان نئيون ۽ نهرون وهنديون گجنديون ٿي ڏٺائون؛ ۽ ڪڏهن وري سونهين رڙ ڪري ڪنهن واقف سان پري کان ٿي ڳالهايو، جنهن تي سئرل کي چرچو ٿي لڳو، ۽ انهن جي آواز جو پڙلاءُ ٻڌي سڀني کي مزو ٿي لڳو. ائين ڪندي، سونهين پنهنجو سنڱ بگل وانگي وڄايو. چوڌاري ٽڪرن ۾ مزي جهڙو آواز پڙاڏو ڪرڻ لڳو، ۽ ڪيترو وقت پئي هليو. هر طرف کان هزارين اهڙا بگل وڄي ويا. سڀئي حيرانيءَ ۾ بيهي رهيا. جبل تي ساوڪ لڳي پيئي هئي، ڄڻ ته سائو غيلچو وڇايو پيو هو، جنهن تي هو پئي هليا، ۽ انهيءَ تي گل ڦل هيرن جواهرن وانگي پئي چمڪيا. جدا جدا رنگن جا گل ۽ گاهه ڏسڻ ۾ ٿي آيا.

نيٺ ڇڙهي چڙهي هو سرد ڀاڱي ۾ آيا، ۽ اتي جون خاص ٻوٽيون ڏسڻ لڳا. اُهي ڏسي، پهرين ڪئنيڊيءَ ڊوڙي وڃي پنهنجيءَ ڀيڻ ۽ وايوليٽ کي ٻڌايو. اهي ڏسي هو ڏاڍيون خوش ٿيون، ۽ انهن جا رنگ ڏسي حيران ٿي ويئون. مرضي هين ته ڪي پٽي ساڻ کڻن، پر جولئَن ياد ڏيارين ته هيٺ لهڻ کان پوءِ اُهي گرميءَ جي ڪري سڙي سڪي وينديون. سئرل وري ڊوڙي خوبصورت پوپٽ جهلڻ لڳو. ائين ڪندي هنن هڪڙو گوڙ جهڙو ڌڪاءُ ٻڌو. پر اها گوڙ نه هئي، جبل جي چوٽيءَ تان برف جي هڪڙي وڏي ڇپ ڪري پيئي هئي، جا نئن وانگي وهي اٿي هلي. اهڙيون برف جون نئيون پري کان ڌاڳن يا ليڪن وانگي، ميلن جا ميل ڊگهيون ڏسڻ ۾ پئي آيون. هاڻي هو انهيءَ هنڌ آيا، جتي مٿي چڙهڻ تمام مشڪل هو؛ تنهنڪري سونهين جي چوڻ تي آهستي هلڻ لڳا. مسٽر ڪئنيڊي ۽ مسز ڊڊلي پٺتي تي رهيا، ۽ ڍرو هلڻ لڳا ته متان ٿڪجي پون. ڄاتائون ٿي ته اڳين سان سونهون ۽ جولئَن آهن، ساڻن گڏيا ويندا، ۽ زالن کي مدد ڪندا ويندا. ڪئنيڊيءَ کي وايوليٽ جي ٻانهن وٺي هلڻ ۽ ٻيءَ مدد ڏيڻ مان گهڻي لذت ٿي آئي، ۽ هن به ذري ذري خوشيءَ سان کيس پنهنجي ٻانهن ٿي ڏني. ڪا پاڻيءَ جي نهر رستي ۾ ٿي آين ته بيهي انهيءَ مان پاڻي ٿي پيتائون. ڪڏهن وري پري کان پاڻي ڪڙڪو ڪندو هيٺ ڪِرندو ٿي ڏٺائون، ڄڻ ته ڪيترائي پڇڙ تارا هڪٻئي پٺيان ڪرندا ٿي ڏٺائون، ۽ سج جي روشانيءَ ڪري انڊلٺ جهڙيون ڪمانون ٿي ڏٺائون. ڪئنيڊيءَ چيو ته ”مس هوم، هيءَ ڪمان ڏسي پل صراط جي يادگيري ٿي پوي.“ هن پڇيو ته ”اُها ڇا آهي؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”اها بهشت ۽ دوزخ جي وچ تي رکيل پل آهي، جا وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي آهي، جنهن تان قيامت جي ڏينهن ماڻهو يا ماڻهن جا روح لگهندا؛ بڇڙا انهيءَ مان ڪِري دوزخ ۾ پوندا، ۽ چڱا لنگهي بهشت ۾ ويندا، جيئن ”بائرن“ شاعر بيان ڪيو آهي.“

سگهو ئي پوءِ هو برف جي وڇايل فرش تي آيا. سئرل پڇيو ته ”هيءَ برف جي ڇپ ته ڪين هوندي؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”نه، جي ڇپ هجي ها ته منجهنس ٽُنگ ٽُنگ هجن ها؛ انهيءَ تي اهڙيءَ سولائيءَ سان هلي نه سگهجي ها، ۽ اسان جا پير وڃي اُنهن ٽُنگن ۾ پون ها، انهن جي هيٺان وهندڙ پاڻي هجي ها. ائين بعضي ماڻهو ترڪي ڪري پيا آهن، ۽ پنجاهه کن فوٽ هيٺ وڃي نڪتا آهن؛ پوءِ ماڻهن رسا آڻي ڏاڍيءَ مشڪلات سان ڪڍيو اٿن، ۽ هو مشڪلات سان بچيا آهن، نه ته وري گهٽ مئا هئا.

انهيءَ طرح ڏاڍيءَ مشڪلات سان چڙهي چڙهي، هو جبل جي چوٽيءَ تي پهتا. ايوا ۽ وايوليٽ ڏاڍيون ٿڪجي پيئون، پر اُتي جي هوا اهڙي چڱي هئي جو جهٽ ۾ هنن جوٿڪ لهي ويو. اتي بک ۽ اڃ به گهڻي لڳين، رُکي ماني به ڏاڍي پئي وڻين. ڏينهن به صاف هو، جهُڙ ڪو نه هو. ڳچ تائين ويهي، کائي پي، ساهي کڻي، پوءِ هيٺ لهڻ جو خيال ڪيائون، جيتوڻيڪ سونهين جلدي ڪرڻ لاءِ تاڪيد پئي ڪين. ڪئنيڊيءَ کي هڪڙي پاسي پاڪيٽ بڪ ۾ ڪي لکندو ڏسي، سئرل چيو ته ”مون کي پڪ آهي ته ڪئنيڊي ڪو شعر پيو لکي. جولئَن همت ڪر، وٺي اسان کي پڙهي ٻڌاءِ.“ جولئَن اُٿي، جهٽ ڏيئي، هن کان پاڪيٽ بڪ ورتو. سڀني چيو ته ”واهه واهه، ٻڌون ته ڪهڙو شعر ٺاهيو اٿس!“ جولئَن بيهي پڙهڻ لڳو:

چوٽيون ٽَڪرن جون چوطرف چمڪن،
نهرون پاڻيءَ جون چوطرف ٿيون وهن،
پروڻي مون کي جهڙو تنهنجو عشق

تهڙيون هرگز سڄڻ اهي نه وڻن

بيٺا برفي جبل صفا مضبوط،

واچون ۽ مينهن تن کي ڪين ڇُهن؟
پر نه مضبوط عشق منهنجي جيئن،
۽ نه صاف ان جان سي ڪڏهن به رهن؟

 

اتي ڪئنيڊيءَ اُٿي وڃي هن کان پنهنجو پاڪيٽ بڪ کسي ورتو، ۽ وڌيڪ پڙهڻ نه ڏنائينس. چوڻ لڳو ته ”انهيءَ ڄٽڪي شعر مان ڪهڙي لذت ايندي، جهڙي اڻگهرئي چانهه ڪافيءَ مان ايندي هوندي.“ ايوا چيو ته ”ظاهر آهي ته ڪنهن خيالي ماڻهوءَ ڏانهن مخاطب ٿي اهي بيت لکيا اٿس.“ وايوليٽ وري منهن ٻئي پاسي ڪري جبلن ڏانهن نهارڻ لڳي،۽ سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو، ڄڻ ته چوٽين جي رنگن جو تجلو يا عڪس اُن تي پيو هو.

نيٺ چوٽيءَ تان هيٺ لهڻ لڳا، ڪئنيڊي ۽ سئرل برف جي سلامتيءَ وارن پاسن تان ترڪندا پئي لٿا، ۽ ٽهڪ ڏيئي پئي کليا؛ ۽ جولئَن ۽ سونهون ليڊين کي سولي رستي کان آهستي آهستي وٺيو ٿي ويا، جڏهن هيٺين ٽَڪرن تي آيا، تڏهن سئرل سونهين سان گڏجي اڳيان هلڻ لڳو؛ انهن جي پٺيان جولئَن ايوا سان گڏجي هليو؛ ۽ سڀني جي پٺيان ڪئنيڊي ۽ وايوليٽ گڏجي هلڻ لڳا. هي ڀلا ڇو رهجيو پئي ويا؟ وايوليٽ برابر ٿڪجي پيئي هئي، پر ايوا جيترو به جلد هلي نٿي سگهي ڇا؟ يا ڪئنيڊيءَ کي جولئَن جيترو زور ڪو نه هو جو هن کي ٻانهن جي ٽيڪ ڏياري، تڪڙو تڪڙو وٺي، ٻين سان گڏجيو هلي؟ پر ڀانئجي ٿوته وايوليٽ پاڻيهي، گلن ڇنڻ يا پنن پَٽڻ، يا ٻين عجيب شين ڏسڻ جي عذر تي ٻين کان پوئتي رهجيو پئي ويئي. هيڏانهن سج به الهندي ڏانهن لڙندو ويو، ۽ شام جي هِير به ڏاڍي فرحتي پئي لڳي. جولئَن هنن کي پٺتي رهيل ڏسي، بيهي، هٿ سان سڏڻ ۽ جلد هلڻ لاءِ هڪل ڪئي، ۽ هنن به هٿ جي اشارن سان جواب ڏنو. تنهنڪري جولئَن ايوا سان گڏيو اڳتي هليو هليو، ۽ پٺتي وڌيڪ نه نهاريائين، ڄاتائين ته سگهو ئي اچي گڏبا.

ڪئنيڊي ماٺ ڪريو، مٺا خيال پچائيندو، وايوليٽ سان گڏيو پئي هليو. نيٺ شام جو مزي جهڙو نماءُ سامهون  ڏسي چوڻ لڳو ته ”ڏس، وايوليٽ... توبهه، مس هوم! چنڊ به بيٺل آهي، شام جو پنڌ مزي جهڙو ٿيندو نه؟“ هن چيو ته ”هائو“. پر هنن مٿان ڪڪر گڏ ٿيندا نه ڏٺا هئا، فقط ڪي ٿورا تارا نظر پيا هين. اڳيان هڪڙي هنڌ رستي تي ڪاٺ جا ٻه بُنڊ رکيا هئا. ڪئنيڊي پاڻ ٽپ ڏيئي لنگهي ويو، ۽ پوءِ وايوليٽ کي لنگهائڻ جي لاءِ هٿ ڏنائين. وايوليٽ چيو ته ”مٿي چڙهندي ته هتان ڪين لنگهيا هئاسين.“ تنهن تي ڪئنيڊيءَ پٺتي نهاري چيو ته ”نه، ياد ته نٿو پوي. پر شايد ڪن ماڻهن ڍورن کي روڪڻ لاءِ هي بنڊ رکيا آهن.“ اڳتي هلندي وايوليٽ کي شڪ گذريو ته رستو ڀلجي ويا آهن، ۽ ٻئي پاسي ٿا وڃن. ڊپ مان چوڻ لڳي ته ”آءٌ ڀانيان ٿي ته هي چارو صبح واري چاري کان سوڙهو ٿو ڏسجي. اُهو ساڳيو ناهي. ڀلا، ٻيا هتان ڏسجن ٿانه؟“

ٻنهي پري نظر ڪئي، پر شام پوڻ ۽ ڪڪرن جي گڏ ٿيڻ ڪري زياده ڪاراڻ هئي، تنهنڪري پنهنجا سنگتي ڏسڻ ۾ نه آين، نڪي انهن جو آواز ئي ٻڌڻ ۾ آين. ٿورو اڳتي هليا ته هڪڙي اُڀي ٽڪر وٽ آيا، جنهن جي پاسي کان رستو ٿي ويو، جو اڳڀرو رڪجي بيهي ٿي رهيو. هاڻي هنن کي پڪ ٿي ته رستو ڀليا آهيون، ۽ هيءُ مال جو چارو آهي. ٻڪرين ۽ ڍڳن جي گهنڊڻين جوآواز به پئي ٻڌائون. هاڻ ڇا ڪن؟ چوڌاري ماٺ لڳي پئي هئي، جبل اُڀا ٿيا بيٺا هئا ۽ هي اڪيلا: اونداهي زياده ٿيندي ويئي. ڪئنيڊيءَ سڏ ڪيا، پر جواب ڪو نه آيو؛ رڳو سندس پڙلاءَ پئي جواب ڏنو. نيٺ هوا ٿڌي ٿي ويئي، ۽ مينهن وسڻ لڳو. وايوليٽ چيو ته ”مسٽر ڪئنيڊي، هاڻ پاڻ ڇا ڪري سگهنداسين؟ ڀلائي ڪري وري ته سڏ ڪر.“ ڪئنيڊيءَ وري به سڏ ڪيا؛ پر وري به جواب ڪو نه آيو، رڳو پڙلاءَ ڄڻ ته مٿن ٺٺولي پئي ڪئي. هوءَ ڊپ کان هن جي ٻانهن قابو جهلڻ لڳي، ۽ هن ڪوٽ جو چلئه کڻي هن جي مٿي تي رکيو ته مينهن جي ڦڙين کان بچي. هوءَ وري به چوڻ لڳي ته ”او، ايڊورڊ، هاڻ ڇا ڪريون؟ ڏاڍي جٺ ٿي!“

اهڙيءَ ڊپ جي حالت ۾ به ڪئنيڊي هن کي سندس نالو وٺي سڏيندو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ دل کي تقويت اچڻ لڳيس؛ ۽ هن جي ويجهو اچڻ ۽ چهٽڻ ڪري زياده فرحت اچڻ لڳس. چيائينس ته ”وايوليٽ، تون ٿورو هتي ترسي سگهندينءَ ته آءٌ اڳتي ڊوڙي ڏسان ته ڪا باهه يا بتي ڏسجي ٿي يا نه؟“ هن چيو ته ”نه، آءٌ اڪيلي ڪين ترسي سگهنديس. الائي تون ئي رستو ڀلجي وڃين ته پوءِ؟“

ڪئنيڊي هڪدم معلوم ڪري سگهيو ته هن جي ساڻس محبت آهي. هن جي اندر جي انهيءَ ڳجهه معلوم ڪرڻ ڪري هو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو. ڏاڍو شوق سان ڀاڪر وجهي، سندس ڳل تي چمي ڏنائين. پر شرم ۽ حجاب کان هوءَ هڪدم هٽي ويئي، سهي ڪيائين ته هن منهنجي اندر جو ڳجهه معلوم ڪيو آهي، چوڻ لڳي ته ”او مسٽر ڪئنيڊي، جي هتي اسين ڪنهن به پناهه کانسواءِ رهجي وياسين ته مري وينداسين!“

اتي مٿان اُڀ مان گوڙ جو آواز به آيو، کِوڻ به چمڪي، ۽ وري اونداهي ٿي ويئي. هو چوڻ لڳو ته ”وايوليٽ، مس هوم، تون هڪڙو لحظو هتي ترس ته آءٌ هن ٽڪر تي چڙهي ڏسان ته ڪا روشنائي ڏسجي ٿي يا نه. انهيءَ دم آءٌ وري ٿو اچان.“ ائين چئي، هو ٽپا ڏيئي ٽَڪر تي چڙهي ويو، ۽ چوٽيءَ تي بيهي، اونداهي ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. وري به کِنوڻ تجلو ڪيو ۽ وري اونداهي ٿي ويئي. پوءِ پري کان هن کي سوجهرو ڏسڻ ۾ آيو، جو هن سمجهيو ته هوٽل جو آهي. ستت هيٺ لهي، وايوليٽ وٽ آيو. چوڻ لڳو ته ”پياري وايوليٽ، هن پاسي کان هلنداسين.“ آءٌ ڀانيان ٿو ته هوٽل جي روشنائي پئي ڏسجي. دل نه لاهه، همت جهل، اجهي ٿا هلي رسون.“

اگرچ مينهن جي ڪري ترڪڻ هئڻ سبب هلڻ ۽ لهڻ مشڪل هو، ته به ڪئنيڊي وايوليٽ کي ڪي ڇڪيو، ڪي ڪڇ تي کنيو – انهيءَ طرح آهستي هلندا هلندا، اتي آيا، جتان پري کان بتيءَ جو سوجهرو پئي آيو.

 

 

باب سترهون

خوف جي رات

جڏهن جولئن، ايوا ۽ سئرل سونهين سان گڏجي ”مرينا هوٽل ۾ اچي گهڙيا، تڏهن مسٽر ڪئنيڊي چيو ته ”اجهو، اوهين سڀ اچي پهتؤ!“ جولئن چيو ته ”اسين ٽي ته آيا آهيون؟ ڇو، اڃا ايڊورڊ ۽ وايوليٽ ڪين آيا آهن؟ اڌ ڪلاڪ کن مون هنن کي نه پئي ڏٺو، تنهن مان مون سمجهيو ته اڳي لنگهي آيا آهن، ۽ ڪو ويجهو چارو ڏيئي آيا آهن.“ مسٽر ڪئنيڊيءَ کلي چيو ته ”نه، هو اڃا ڪين آيا آهن. ايوا، مسز ڊڊلي ته ٿڪجي پيئي هئي، ۽ سويل ئي وڃي سمهي پيئي آهي، نه ته وايوليٽ کي ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ جيڪر توسان جهيڙو ڪري ها.“ جولئن چيو ته ”تڏهن هو بلڪل ويجها هوندا. رستو ڪين وڃايو هوندائون، جو سنئون پئي آيو.“ هن چيو ته ”جلد اچن ته چڱو، جو رات اونداهي ٿيندي وڃي. مون اوهان جي لاءِ چانهه گهرائي آهي، جلدي اچي پئو. سئرل، تون ته اڳي ئي چانهه جي لاءِ تيار ٿيو بيٺو آهين!“ سئرل چيو ته ”هائو، جهڙو تهڙو.“ هو ٿڪجي پيو هو، مگر ميز تي مزي جهڙيون کاڌي جون شيون ڏسي هن کي بک لڳي، ۽ هو کائڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳو. سڀئي مٿي ماڙيءَ تي چڙهي ويا، ۽ وڃي سنبري آيا. وري اچي پڇڻ لڳا ته ”آيا آهن يا نه؟“ مسٽر ڪئنيڊي چيو ته ”نه، اڃا ڪين آيا آهن.“ جولئن اٿي کڙو ٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ ٿو وڃي سماءُ لهان.“

هو اٿي، بوٽ ۽ ٽوپي وجهي، سونهين کي ساڻ ڪري، نڪري هليو. هڪڙو مشعل به ساڻ کنيائون، پر مينهن جي ڦڙين ڪري اهو هڪدم اجهامي ويو. ٻنهي وڏي آواز سان سڏ ڪيا، پر جواب ڪو نه آيو. اونداهي اهڙي ٿي ويئي جو هنن کي اڳتي هلڻ مشڪل نظر آيو، جو طوفان جو گهوگهٽ پئي پيو. موٽي اندر آيا، اچي بين سان گڏ چانهه تي ويهي رهيا، ليڪن دل ۾ ڏاڍو ڊپ ۽ انتظار هون. جن پئي پڇيو، تن کي جولئن ڪنڌ لوڏي پئي چيو: ”سونهيي جو چوڻ آهي ته گهڻو ڪري هنن کي طوفان اچي رسيو آهي، ۽ ڪنهن ڀونگيءَ ۾ وڃي لڪي ويٺا آهن. جي ائين هوندو، ته پوءِ صبح تائين صحيح سلامت ۽ آرام ۾ هوندا.“

مسٽر ڪئنيڊيءَ، ايوا ۽ سئرل کي چيو ته ”اوهين ٻار ته سويل ئي وڃي سمهو، اوهين ٻي ڪهڙي مدد ڏئي سگهندؤ؟ واءُ مينهن ڍرو ٿئي ته آءٌ ۽ جولئن وڃي ٿا هنن جي سماءُ وٺي اچون.“ ايوا سڏڪا ڀري چيو ته ”بابا، ويچاري ايڊيءَ ۽ وايوليٽ جو الائي ڪهڙو حال هوندو؟ الائي وڄ مٿان ڪرين يا ڪيئن!“ هن پيار ڏيئي، دلاسو ڏنس ته ”بابا، خدا هنن جي سنڀال ڪندو، اوهين فڪر نه ڪريو، سڀ خير ٿيندو.“ جولئن به چيو ته ”ايوا، خدا تي رک، سڀ خير ٿيندو.“ مسٽر ڪئنيڊيءَ چيوته ”اوهين وڃي سمهو. خدا ڪندو ته اوهان جي جاڳڻ کان اڳي هو صحيح سلامت هتي اچي پهچندا.“ ايوا چيو ته ”نه، مون کي ننڊ ڪانه ايندي. آءٌ هنن جي لاءِ ويهي خدا کان دعا گهرنديس ته شل چڱا ڀلا هجن ۽ خير سان موٽي اچن. هاءِ هاءِ، ويچارو ايڊي ۽ وايوليٽ!“ سئرل چيو ته ”جولئن، آءٌ ڪين سمهندس، مون کي ننڊ نه ايندي. اوهين ويندؤ ته آءٌ اوهان سان گڏيو هلندس. جولئن، مون کي ڇڏ ته آءٌ هتي ترسان.“

جيتوڻيڪ مسٽر ڪئنيڊيءَ جي مرضي هئي ته هو به وڃي سمهي، پر جولئن ڀاءُ کي رهڻ جي لاءِ هن کان موڪل ورتي، سو اتي ئي ڪوچ تي ليٽي پيو، ۽ هو پاڻ ويٺا هئا، ۽ ماٺ ڪري، ذري ذري درين مان مينهن ڏانهن پئي ڏٺائون. انتظار جي ڪري وقت ويو وڌندو ۽ ڊگهو ٿيندو.

هوڏانهن ڪئنيڊي ۽ وايوليٽ انهيءَ وچ ۾ روشنائيءَ ڏانهن هليا ويا. جڏهن اتي پهتا، تڏهن ڏسن ته اها هوٽل ناهي، هڪڙي پراڻي ڀونگي آهي، جنهن ۾ ٻه ماڻهو ويٺا تماڪ ڇڪين، ۽ اڳيان هڪڙي شمع پئي ٻري. وايوليٽ پڇيو ته ”اندر هلون ڇا؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”ٻاهر مينهن ۾ ڀڄڻ کان وري به اندر هلڻ چڱو آهي. هي ڪي ڌنار ٿا ڏسجن، خوشيءَ سان اسان کي پناهه ڏيندا.“

هنن جي ڳالهائڻ تي اهي شخص ٽپ ڏيئي اٿيا، ۽ ساڻن گڏ هڪڙو وڏو ڪتو به اٿيو ۽ گُرڻ لڳو. اتي ڪئنيڊيءَ در کڙڪايو، ته ڪتو ڀونڪي مٿس ڪاهي آيو. وايوليٽ دانهن ڪئي، ۽ ڪئنيڊيءَ زور سان ڪتي کي لڪڻ جو ڌڪ هنيو. جنهنڪري ڪتو ڪُوڪٽ ڪري پري ٿيو. هو شخص به ڪاوڙ مان ڪي ڳالهائڻ لڳا. ڪئنيڊيءَ جرمن ٻوليءَ ۾ هنن کي چيو ته ”اسان رستو وڃايو آهي، اسان کي مينهن – واءُ  کان پناهه ڏيئي سگهندؤ.“ انهن مان هڪڙو جو بدشڪل ۽ ڪاڻو ۽ بدمعاش ڏسڻ ۾ ٿي آيو، تنهن شوخيءَ مان چيو ته ”هائو.“ ٻيو ڪڙمي بهتر ماڻهو ٿي ڏٺو، اگرچ گدلو ٿي ڏٺو ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺو رهيو. ڪئنيڊي وري پڇڻ لڳو ته ”اسان کي ڪجهه کاڌو يا کير ڏيئي سگهندؤ؟ اسين شلٿارن جبل جي چوٽيءَ تي ويا هئاسين، ۽ ڏاڍا ٿڪل آهيون.“

اهو شخص وڃي ٻاڪري کير جو هڪڙو وڏو لوٽو ۽ ڪا پاروٿي ماني کڻي آيو. هنن کي بک هئي، سو اها وٺي کائڻ پيئڻ لڳا. انهيءَ وچ ۾ وايوليٽ جو ڏٺو ته اهو ڪاڻو ڪئنيڊيءَ جي کيسي مان پيل واچ جي سونيءَ زنجيريءَ ڏانهن ڏاڍي خيال سان پيو نهاري، سو ڊپ کان ڇرڪ ڀرڻ لڳي. ڪئنيڊي جهٽ ۾ ماني کائي چوڻ لڳو ته ”ڀلائي ڪري ڪا شمع ڏيو ته هن ليڊيءَ کي اندر ڪوٺيءَ ۾ سمهڻ جي جاءِ ٺاهي ڏيان.“ ڪاڻي چيو ته ”اسان وٽ شمع رڳي اها هڪڙي آهي.“ ڪئنيڊي چيو ته ”تڏهن ڀلائي ڪري اها ئي ڏيو.“ هن پاسي واري ڪوٺي به ڏيکارين، ۽ شمع به ڏنين. ڪئنيڊي اها کڻي هليو ته جاڙي ۾ شمع جو ٽڪر پيل ڏٺائين، اهو ٻاري پاڻ کنيائين، ۽ هوءَ وري اتي رکيائين. ڪوٺي تمام سوڙهي ۽ پراڻي هئي، ۽ منجهس ڪوبه سامان پيل ڪونه هو. مگر انهيءَ سان لڳ وري ٻي وري ڪوٺي ٿي ڏٺي. شمع هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ رکي، ڪي ڪک زمين تي وڇائي، انهن جي مٿان پنهنجو وڏو ڪوٽ لاهي پکيڙي، هن وايوليٽ کي چيو ته ”مس هوم، هاڻي صبح ٿيڻ تائين تون هتي سمهڻ جي ڪوشش ڪر، آءٌ هن ٻاهرينءَ جاءِ ۾ ويهي ٿو پهرو ڏيان.“ پوءِ در ورائي، موٽي هنن ٻن ماڻهن وٽ وڃي ويٺو. ڄاتائين ته ههڙي حال ۾ هن کي ننڊ نه ايندي، ۽ ايترو سمجهيائين ته خراب جاءِ ۽ خوفناڪ ماڻهن ۾ اچي پيا آهيون، مگر خدا تي توڪل رکي، ماٺ ڪري ڪوٺيءَ جو در وٺي ويهي رهيو.

ڪُتي کي جو ڌڪ لڳو هو، تنهنڪري اُهو ڪاڻو پهرين البت ڪاوڙيو هو، پر پوءِ وري جهڪو ٿيو، ۽ سوني زنجيري ڏسي دل ۾ لالچ پيدا ٿيس. وايوليٽ کي جي زيور پيل هئا، تن جي زياده ڳڻتي ٿيڻ لڳيس. في الحال ڪئنيڊي زمين تي اکيون پوري ليٽي پيو. هو ٻئي شخص پهرين پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺا رهيا. جڏهن ڄاتائون ته هي سُمهي رهيو آهي، تڏهن شمع اجهائي پاڻ ۾ سُس ڦس ڪرڻ لڳا. ڪئنيڊي ڏاڍو ٿڪل هو، ۽ پنڪيون کائڻ لڳو، پر ڊپ کان ستو نه ٿي. ٻاهر واءَ جو سوسٽ، مينهن جو سٽڪو ۽ کِنوڻ جا چمڪاٽ پئي ٿيا. پئي خيال ڪيائين ته خوف وقت ڇا ڪريان؟

نيٺ، ڏيڍ ڪلاڪ کن کان پوءِ، هن آواز مان معلوم ڪيو ته اُهي ماڻهو بندوق ٿا ڀرين. در جي وٿيءَ مان ڏٺائين ته اڃا اندر ڪوٺيءَ ۾ بتي پئي ٻري. اونداهيءَ ۾ پنهنجي پاڪيٽ بڪ مان هڪڙو ورق ڦاڙي، پينسل سان انهيءَ تي لکيائين ته ”وايوليٽ، جيڪي ٻڌين، تنهن کان ڊڄين متان، خدا تي ڀروسو رکج.“ پوءِ در جي وٿيءَ مان اُهو ڪاغذ، ويڙهي، اندر اڇلائي وڌائين. پوءِ پاڻ وري به ڪوڙ ڪري سمهي پيو، ۽ ستلن وانگي ساهه پئي کنيائين. ائين ڪندي، آهستي پيرن کڻڻ جوآواز ٻڌائين، ۽ ڪنهن کي در ڌڪيندو ڏٺائين. جڏهن در نه پٽيو، ته هڪڙي ٻئي کي آهستي چيو ته ”در قابو ٿيو پيو آهي.“ جڏهن سهي ڪيائين ته زور سان ڌڪي پٽڻ لاءِ هو تيار ٿيا آهن، تڏهن ارادو ڪيائين ته هنن کي اوچتو ڇرڪ وجهان، مَن انهيءَ ڪري ڊڄن ۽ ڪو فائدو ٿئي. پوءِ پنهنجو ڌڪو کڻي، ڏاڍي زور سان ڦيرائي، ڪوٺيءَ جي در کي ڌڪ هڻي، پٽي وڏي سڏ رڙ ڪرڻ لڳو، ۽ ڌڻڪو کڻي بيهي رهيو هڪدم چمڪو ٿيو، بندوق ڇُٽي، ۽ ڌڪ لڳڻ جهڙي دانهن ٿي. انهيءَ وچ ۾ وايوليٽ به اچي کليل در وٽ بيٺي، ۽ بتيءَ جي روشنائي جا در مان نڪتي، تنهن تي ڪئنيڊيءَ ڏٺو ته سندس اوچتي روڪ تي انهيءَ ڪاڻي بدمعاش اوچتيءَ بندوق کڻي ڇوڙي هئي، جا سندس سنگتيءَ کي ڪلهي ۾ وڃي لڳي هئي، ۽ هو ڦٽجي ڪِري پيو هو. انهي جي هٿ ۾ به هڪڙي بندوق هئي، پر انهي ڌڪ لڳڻ ڪري اها ڪري پئي هيس، سا ڪئنيڊيءَ جهٽ ڏيئي کڻي ورتي، ۽ هن ٻئي بدمعاشي جي مٿي ڏانهن ڪيائين، جو ڌُڪي لڳڻ ڪري هٽي وڃي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪو هو.

ڪئنيڊيءَ چيو ته ”وايوليٽ، هاڻ ٻيو سڀ خير آهي. هنن بدمعاشن جي هٿان هينئر هٿيار نڪري ويا. جي هتي صبح تائين تنهنجي رهڻ جي مرضي هجي ته آءٌ توکي ڪنهن به خرابي يا خوف کان بچائي سگهندس.“ پوءِ وري هن بدمعاش کي چوڻ لڳو ته ”ٻڌين ٿو، جي هڪڙو انچ اتان چريو آهين ته آءٌ بندوق هڻي ماري وجهندوسئين! پنهنجي بندوق هيٺ رکي ڇڏ!“

ڪاڻو ڏاڍو ڪاوڙيو، مگر ڪئنيڊي مٿس بندوق سامهون ڪري بيٺو، تنهنڪري لاچار هن بندوق کڻي هيٺ رکي، ۽ ڪئنيڊي هڪدم کڻي انهيءَ تي لت ڏني. پوءِ انهيءَ ويچار ۾ پيو ته هاڻ ڇا ڪريان. ڊپ هوس ته هو زخميل ڪڙمي جو اڃا پئي ڪنجهيو، سو متان ٽپ ڏئي اٿي پٺيان ڪاهي اچي، يا متان ڪتو، جو پئي گِريو سو اچي وٺيس.

وايوليٽ، جنهن ڊوڙي اچي ڪئنيڊيءَ جو پاسو ورتو هو، تنهن چيس ته ”بهتر آهي ته هن خوفناڪ هنڌ تان نڪري هلون.“ ڪئنيڊيءَ چيس ته ”همت جهلي، بندوق کڻي هلي سگهنديئن؟ هنن وٽ ڇڏڻ چڱو ناهي.“ وايوليٽ هن جو چيو ڪري هن جي پيرن هيٺان بندوق کڻي ورتي، ۽ انهيءَ جاءِ مان کسڪي ٻاهر ٿي. پٺيانئس آهستي ڪئنيڊي به نڪتو، مگر اکيون هن ڪاڻي بدمعاش ۾ رکيو آيو. جڏهن ٻاهر ٿيو، تڏهن هنن کي چوڻ لڳو ته ”جي اوهان کي پنهنجي پٺيان هڪڙو قدم کڻندو ڏٺو اٿم ته اوهان کي بندوق هڻي ماري وجهندس!“

وايوليٽ ڪئنيڊيءَ جي ٻانهن جهلي چيو ته ”وري به کليءَ هوا ۾ اچڻ ڪري ڪهڙي نه فرحت ٿي اچي!“  هڪڙو پيچرو وٺي ڳچ پنڌ تائين وڃڻ کان پوءِ وايوليٽ پڇيو ته ”هاڻ ته ٻيو خوف ڪونهي؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”وايوليٽ، هاڻ ٻيو خوف نه ڪر. هنن وٽ بندوقون نه آهن، ۽ مون وٽ هيءَ ڀريل بندوق آهي، تنهنڪري هو جرات ڪري اسان جي پٺيان ڪين ايندا.“ وايوليٽ چيو ته ”پيارا ڪئنيڊي، تون ڏاڍو بهادر آهين! تو منهنجي حياتي بچائي آهي، تنهن لاءِ آءٌ ڪهڙيءَ طرح تنهنجي شڪر گذاري ڪري سگهنديس. جي تون اهڙو خبردار ۽ زور وارو نه هجين ها، ته هي جيڪر اسان کي ماري رکن ها.“ هن چيو ته ”وايوليٽ توکي بچائڻ لاءِ آخر جيڪر هزار ڀيرا مرڻ گهران! پر تون ٿڪل آهين، صبح تائين هتي آرام ڪرين ته چڱو. هن ٽَڪر جي اوٽ ۾ سمهي پئه، ۽ هيءُ منهنجو ڪوٽ کڻي مٿان وجهه، آءٌ توتي پهرو ڏيندس.“

هوءَ برابر ٿڪل هئي، سا اتي سمهي رهي. مينهن واءُ به بس ٿي ويو هو، اگرچ پري کان گوڙ جو اڃا آواز پئي آيو. ڪئنيڊيءَ ڪنڌ هيٺ ڪري هن جي پاسي کان ويهي رهيو، ۽ دل ۾ خدا جو شڪرانو ڪرڻ لڳو، جنهن رحم ۽ فضل ڪري هنن کي بچايو. لحظي کان پوءِ هن پري کان هوٽل جي پاسي کان ڪن مشعلن جو سوجهرو ڏٺو. پڪ ٿيس ته پنهنجن مان ڪو کين ڳولڻ ٿو اچي. هن آهستي وايوليٽ کي جاڳايو، ۽ ٻڌايائين ته مدد اچي پهتي آهي. مشل آيا ويجها پوندا. هن خوشيءَ مان هڪل ڪئي، پر اڃا هو پري هئا، ٻڌي نه سگهيا. اوچتو دل ۾ خيال آيس ته بندوق ڇوڙيان ته هو هن پاسي اچن. چمڪو ٿيو، ۽ بندوق ڇُٽي، جنهن جي ٺڪاءَ تي هو مشعلن سميت سندن پاسي اچڻ لڳا. وري ٻي هڪل ڪيائين، جا هنن ٻڌي ۽ پنجن منٽن جي اندر جولئن، سندس پيءُ ۽ سئرل اچي اُتي نڪتا، ۽ هنن کي پيار سان گڏيا.

اُها سوالن پڇڻ جي مهل نه هئي، جولئن ڀيڻ کي چيلهه ۾ ڀاڪر وجهي کنيو ۽ ڪئنيڊي مدد ڪيس، ۽ هوٽل ڏانهن هليا. ڪئنيڊي وري سونهين تي ٽيڪ ڏيندو آيو، ۽ هوٽل جو مالڪ، جو مهرباني ڪري هنن سان گڏجي آيو هو، تنهن وڏو ڪوٽ کنيو ۽ هڪڙي بندوق به، ۽ سئرل وري ٻي بندوق کنئي ۽ حيرانيءَ ۾ اهو خيال ڪندو هليو ته هنن الائي ڇا پئي ڪيو – هي بندوق الائي ڪٿان هٿ ڪيائون؟

جڏهن وايوليٽ ايوا جي سمهڻ واريءَ جاءِ تائين پهتي، تڏهن هن کي ڀاڪر وجهي فقط هيترو چئي سگهي ته ”پياري ايوا، منهنجي حياتي فقط ايڊورڊ جي مدد سان بچي آهي.“ ايوا اڳي ڪڏهن وايوليٽ کي ڀاڻس جو رُکو نالو وٺندو نه ٻڌو هو، تنهنڪري هوءَ دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org