باب اٺاويهون
ڪئنيڊيءَ جي نااميدي
انسان جي روح کي جيڪي به بيماريون ٿينديون آهن، تن مان
نااميديءَ جهڙي خراب ۽ موتمار ٻي ڪانهي - ۽ اها
هينئر ڪئنيڊيءَ جي اخلاقي ۽ دماغي حياتيءَ جي رڳ
رڳ ۾ موجود هئي. جي رڳو هڪڙي ماڻهوءَ ۾ کڻي ويساهه
رکي ها ۽ انهيءَ کي پنهنجي اندر جو حال ڏئي ها، ته
به جيڪر ائين ڪين ٿئي ها. پر وايوليٽ کي ڪو ڀلا هو
پنهنجو راز ٻڌائي ها؟ جيڪي گناهه ڪيا هئائين، سي
ٻڌي هن جو الاهي ڪهڙو حال ٿئي ها! هوءَ ڀلا ساڻس
ڪهڙي همدردي ڪندي؟ نڪي جيڪر هو پنهنجيءَ ڀيڻ ايوا
کي پنهنجي بيشرميءَ جهڙي هلت ٻڌائي سگهي ها، جو
پڻس وانگي هن کي به ننڍي هوندي کان منجهس وڏيون
وڏيون اميدون هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ايندو
هوس ته جولئَن ۽ لليسٽن کي پنهنجو حال ڀائي ڪري؛
پر جڏهن اهو وقت ايندو هو، تڏهن همت نه ٿيندي هيس،
۽ نٽائي ڇڏيندو هو. اڪيلو، اندر ئي اندر، ملول ۽
غمگين رهڻ پسند ڪندو هو، انهيءَ ڪري ڏاڍو دلشڪستو
ٿي پيو هو. پاڻ کي اهڙو پڪو بد پرهيز، بدڪار ۽
ڪوڙو ٿي ڄاتائين جو وري بهتر ٿيڻ جي ڪا به اميد
نٿي سجهيس. پڪ ٿيس ته جيئن خلق ۾ خوار آهيان، تيئن
خدا به مون کي رد ڪري ڇڏيو آهي؛ انهيءَ ڪري شيطاني
خيالن هن کي زياده نااميد پئي ڪيو، ۽ ويو جهاجهه ۾
پوندو؛ گناهن پٺيان پيو گناهه ڪندو هو.
اها وهي اهڙي هئي، جنهن ۾ آئيندي جي سک جو بنياد خراب ٿي ٿي
ويو. روح کي خلل پهچڻ ڪري، سندس منهن شاهدي پئي
ڏني، اکين شاهدي پئي ڏني ته هو دنيا آخرت کان رد
ٿي ويو هو. هن پنهنجن قصورن جي سزا کان پاڻ بچائڻ
جي ڪوشش به ڪانه ڪئي. جيئن ويو وڌيڪ نااميد ٿيندو،
تيئن ويو وڌيڪ بيحيا ۽ بدڪار ٿيندو. سندس يار دوست
۽ واقف سڀ کانئس پاسو ڪرڻ لڳا. هن جي لاءِ جيڪڏهن
ڪي ڪجهه ڪنهن ڪيو ته اهو جولئَن هو. هو گهڻو ئي
سمجهائيندو هوس ۽ ساڻس بحث ڪندو هو؛ اڳوڻا خوشيءَ
جا ڏينهن ياد ڏياريندو هوس؛ مگر هن کي هن جي بيحد
نااميديءَ جي بلڪل خبر ڪا نه هئي. نيٺ هڪڙي ڏينهن
چيائينس ته ”ڪئنيڊي، هيستائين مون تو سان پنهنجيءَ
پياريءَ ڀيڻ جو ڪو به ذڪر نه پئي ڪيو آهي.
تنهنجيءَ هلت ۽ حالت مان آءٌ معلوم ٿو ڪريان ته تو
کي هن جي ڪا به محبت ڪانهي ۽ نڪا ٿي سگهندي.“
ڪئنيڊيءَ اهو سڀ ماٺ ڪري مٿو هٿن تي رکيو ويٺي ٻڌو. جولئَن
هيترو به وڌيڪ چيس ته ”جيڪڏهن تنهنجي هن سان محبت
هجي ها ته جيڪر تون انهيءَ طرح هلندو نه هلين ها،
ڇا لاءِ جو سچيءَ محبت ۾ اهڙيون ناپاڪ ۽ ڪمينيون
ڳالهيون رهي ڪين سگهنديون. تنهنجي محبت ضرور ڪوڙ
هوندي؛ ڪنهن اڳئين وقت ۾ سچي هوندي ته هوندي، پر
هاڻ ته ضرور اها هڪڙو ڍونگ هوندو: اڳي تون بهتر
ماڻهو هئين، انهيءَ وقت ۾ شايد هوندي.“ وري به
ڪئنيڊيءَ ڪڇيو ڪين، رڳو ڪنجهڪار ڪيائين. جولئَن
وري به چيو ته ”ڪئنيڊي، منهنجو تو سان دوست جهڙو،
بلڪ ڀاءُ جهڙو پيار آهي. جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو،
تنهن تي تون رنج نه ٿيءُ. پر مون پڪو ارادو ڪيو
آهي ته اوهان جو جيڪو شاديءَ جو انجام ڪيل آهي، سو
ضرور ڀڄڻ ۽ ڇڄڻ گهرجي!“ اتي ڪئنيڊيءَ دانهن ڪري
چيو ته ”هوءَ پاڻ به ائين چوي ٿي ڇا؟“ جولئَن چيو
ته ”نه، هن کي تنهنجي ڪا به خبر ڪانهي؛ پر منهنجي
محبت ۾ هن کي پڪو ڀروسو آهي، ۽ ڄاڻي ٿي ته جيڪي
آءٌ چوندس يا ڪندس سو سندس چڱائيءَ لاءِ هوندو.
انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ ڪري هن کي ڏاڍو صدمو رسندو، مگر
هن جو انهيءَ ڪري مري وڃڻ انهيءَ کان بهتر آهي جو
تو جهڙي داغيل ماڻهوءَ سان شادي ڪري!“
اتي ڪئنيڊيءَ ڏاڍي ساڙ مان چيو ته ”ها، اڃا به اونهو ڌڪ هڻ،
خنجر تنهنجي هٿ ۾ آهي. جيڪي ڪِريل آهن، تن جي مٿان
لت ڏي، مئلن کي مار – اصل دنيا جو اهو دستور آهي!
جولئَن هوم، آءٌ سڀ ڪجهه معلوم ڪري ٿو سگهان:
تنهنجي مرضي آهي ته مون کي ڇڏي، وايوليٽ ڪنهن امير
جي زال ٿئي! آءٌ سڃو سکڻو آهيان، انهيءَ مان ڇا
ٿيندس؟“ جولئَن ڪاوڙ ۾ ورندي ڏيئي چيو ته ”اهڙي
بيحيائي ۽ بي انصافيءَ جهڙي ڳالهه نه ڪر. ڪئنيڊي،
تو پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ زهر وڌو آهي، نه ته جيڪر
اهڙي ڳالهه نه ڪرين. اهڙيءَ ڪوڙيءَ ڳالهه تي ڪو به
اعتبار نه ڪجئين. ايڊورڊ ڪئنيڊي، انهن تنهنجن
اجاين شڪن کي آءٌ ڪوڙي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندس.
تو کي منهنجي يا منهنجيءَ ڀيڻ جي ذاتي خاصيت يا
چال جي خبر ڪانهي، نه ته جيڪر تون همت ڪري اهڙي
ڳالهه واتان نه ڪڍين ها. اها ڪمينائي تو کي نفس
پرستيءَ ۽ ضعيفائيءَ سيکاري آهي. هاڻ ته هيڪاري
مون کي خاطري ٿي ته تون منهنجيءَ ڀيڻ جو لائق
ناهين. خدا ڪري ته شل تون وري اڳي جهڙو چڱو ماڻهو
ٿين!“
هن جي اکين ۾ اوچتو ڳوڙها نڪري آيا، ۽ هو ٽپ ڏيئي اٿيو. پنهنجي
جهوني ۽ پياري ڪاليج جي دوست کي ڇڏي اٿي هلڻ لڳو؛
پر انهيءَ مهل ڪئنيڊيءَ چرين وانگي رڙ ڪري روڪي
بيهاري چيس ته ”بيهه، جولئَن هوم، منهنجي ڳالهه
ضرور ٻڌ! مون کي اعتبار نٿو اچي ته تون پنهنجيءَ
ڀيڻ جي اشاري کان سواءِ ائين چوندو هوندين. جي
ائين آهي، ته ٻڌ: منهنجي پاران چئجئينس ته مون
ائين ڪين ڄاتو هو ته ههڙي مصيبت جي وقت ۾ تون به
مون کي ڇڏي ڏيندئين: چئجئينس ته مون کي رد ڪري ڇڏڻ
۾ تو وڏو گناهه ڪيو آهي: چئنجئينس ته اڳتي تون
منهنجي آئيندي جي خراب ٿيڻ جي جوابدار آهين – هن
کان پوءِ جيڪي به غلط ڪم آءٌ ڪندس، جيڪي به گناهه
منهنجي هٿان ٿيندا، ڪيتري به خواري خرابي منهنجي
سر تي ايندي، تنهن سڄي جو سبب تون پاڻ آهين:
چئجئينس ته جي اڳتي آءٌ جيئرو رهيس ۽ اهڙا خراب ڪم
ڪيم ته اهي تنهنجا آهن، نه منهنجا! اُنهيءَ اهي
ڪرايا، منهنجي ساري حياتي هن جي پيرن تي آهي.
جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد ايترو چئجئينس! ڇا،
اڃا به تون وڃڻ لاءِ تڪڙو آهين؟ تڏهن ڀلي وڃ.“ اتي
هن جولئَن کي ٻاهر ڪڍي زور سان در بند ڪري ڇڏيو.
هن جي ڪاوڙ ۽ چريائيءَ تي جولئَن حيران ٿي ويو. انتظار ڪندو، هو
هوريان هوريان سندس پٺيان ڏاڪڻ تان لٿو. انهيءَ
احوال ۽ پنهنجي ارادي جي خبر وايوليٽ کي ڏيڻ ضروري
ڏسڻ ۾ آيس، پر انهيءَ جي خراب اثر کان پئي ڊنو، سو
سجهيس ٿي ته ڀيڻس جو انهيءَ ڪري ڪهڙو حال ٿيندو.
نيٺ هن ارادو ڪيو ته پنهنجيءَ ماءُ ڏانهن اها
ڳالهه لکي، ۽ چويس ته تجويز سان سندس پاران ڀيڻس
کي اهو حال ڏئي.
ڪئنيڊي جولئَن جي گفتگو کان پوءِ پنهنجيءَ جاءِ مان نڪري ٻاهر
ٿيو. رات اونداهي هئي. ڪاليج مان نڪري، ٻنين ۾ رلڻ
لڳو. خبر نه پئي پئيس ته ڪيڏانهن ٿو وڃي. مغز تپي
ويو هوس، جيڪا رهي کهي حياتيءَ جي اميد هيس، سا به
هاڻ ڇڏي وئيس. جنهن دوست سان هن جو تمام گهڻو پيار
هو، تنهن به هن کي ڇڏي ڏنو. سندس نالو بد ٿي پيو
هو؛ ۽ جنهن سان شادي ٿيڻي هيس، تنهن کيس رد ڪري
ڇڏيو. رڳي دماغي خرابي نه هيس، پر ظاهر هو ته هڪڙي
خوفناڪ، بي علاج مرض آڻي ورتو هوس. سرد هوا ۽
مينهن جو وسڪارو جو منهن ۾ پئي پيس، سو جي هن جي
دماغي تپ کي نه ٺاري ها، ته هو جيڪر ضرور چريو ٿي
پوي ها. مس مس اڌ رات کانپوءِ هو ڪاليج ۾ موٽي
آيو. ٻڍو دربان جو هنڌ مان اٿي در پٽڻ آيو، سو
ايتري چوڻ کان رهي نه سگهيو ته ”مسٽر ڪئنيڊي، معاف
ڪجو... پر، سائين، اهي رستا چڱا ناهن!“ پر هن اها
هن جي ڳالهه ٻڌي به ڪين. پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڃي،
ڪپڙن لاهڻ کان سواءِ ئي وڃي هنڌ ۾ پيو. ننڊ ته اصل
ڪا نه آيس، ۽ صبح جو به ڪپڙن ڀنل ۽ تپ جي جوش ۾
اٿيو. اهڙي صورت هيس جو کيس ڏٺي افسوس پئي ٿيو.
پاڻ به پنهنجو برو حال ڏسي تندرستيءَ جو خيال
ڪيائين. اٿي اڇا ڪپڙا ڍڪيائين، ۽ گرم چانهه
پيتائين. ڏهين بجي ڌاري سندس ماستر اچي چيس ته
ڪاليج جا عملدار تو کي سڏين ٿا.
هن هڪدم سهي ڪيو ته اڳينءَ رات جيڪا بيوقت هلت پئي ڪئي اٿس، ۽
جنهن جو انهيءَ مهل سماءُ ڪو نه پئي پيس، تنهن جي
پڇا هوندي. اهو به ياد پيس ته ٿورا ڏينهن ٿيندا جو
وڏي پادريءَ سندس اجاين ڪمن تان فهمائش ڪئي هيس، ۽
چيو هئائينس ته جي تنهنجي اهڙي هلت وري ڏسڻ ۾ آئي
ته سواءِ وڌيڪ جانچ جي آخرين سزا ملنديئه.
وڏو پادري تمام چڱو ۽ لائق ماڻهو هو، مگر اهڙو سخت ۽ پوري خيال
وارو هو، جو پاڻ کان گهٽ پوريءَ هلت وارن ماڻهن کي
رهڻ نه ڏيندو هو؛ تنهن ڪئنيڊيءَ سان البت سختيءَ
جي هلت ڪئي. هو مهربان ۽ چڱيءَ نيت وارو هو، مگر
همدرديءَ ۽ تجويز نه هئڻ ڪري جوان ماڻهن جي هلائڻ
جهڙو نه هو. هو ڪچيءَ کان ئي ڪئنيڊيءَ کي پسند نه
ڪندو هو، جو پهرئين سال ۾ ئي ڪاليج ۾ هن ڪي
ٻاراڻيون حرڪتون ڪيون هيون. انهن جي ڪري انهيءَ
وڏي پادريءَ جي دل تي خراب اثر ويهي ويو هو، ۽ اهي
حرڪتون هو وڏا قصور سمجهڻ لڳو هو: اهڙيءَ خاص
هڪڙيءَ حرڪت ڪري هو منجهانئس ڏاڍو رنج ٿيو هو.
هڪڙيءَ مجلس ۾ وڏي پادريءَ جي حاضريءَ ۾ هڪڙي کل
جهڙي ڳالهه ٻڌي، ڪئنيڊيءَ انهيءَ پادريءَ جي اهڙي
پوري آهل ڪئي جو جيڪي حاضر هئا سي سڀ کلڻ لڳا.
اهڙيءَ خسيس حرڪت تي، افسوس آهي، وڏا تعليم ڏيندڙ
۽ بندوبست رکندڙ ايتريقدر چڙيو پون ۽ ڊڄيو وڃن!
انهيءَ ڪري، شروع کان ئي وڏي پادريءَ ڪئنيڊيءَ جي گذريل تازيءَ
رواجي هلت تي سختي ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو. حالتن تي
پوري ويچار ۽ رحم جي نظر ڪرڻ کان سواءِ، هو اهي
بداخلاقيءَ جهڙيون حرڪتون شمار ڪرڻ لڳو ۽ ڪين جهڙن
خسيس قصورن کي وڏا ڏوهه سمجهڻ لڳو. ڪئنيڊيءَ ۾
جيڪي خوبيون هيون، سي هن جي نظر ۾ ئي نٿي آيون،
رڳا هن جا عيب ڏسڻ ۾ پئي آيس. انهيءَ ڪري،
ڪئنيڊيءَ جي دل ۾ به هن ڏانهن لڪل نفرت رهندي هئي.
انهيءَ ڏينهن جڏهن ڪئنيڊي پنهنجو چغو ۽ ٽوپي کڻي انهيءَ جاءِ ۾
ويو جتي ڪاليج جا عملدار گڏ ٿيا ويٺا هئا، تڏهن هن
کي پڪ ٿي ته منهنجي لاءِ ڪا وڏي سزا ٺهرايل آهي؛
پر هن انهيءَ جي گهڻي پرواهه ڪانه ڪئي، جيڪا ويڌن
اڳي ئي سندس دل سان هئي، تنهن کان وڌيڪ ڪاليج جي
ڪا به ناموافق سزا هن جي دل کي ڏکوئي نه سگهي ها.
انهيءَ وقت هو اتي ڄڻ خواب ۾ هو. ماٺ ڪري، بت بڻجي
هنن جي اڳيان بيهي رهيو. هن ويٺي ٻڌو ته وڏو پادري
کيس لنبو چوڙو وعظ پيو ڪري، پر هن جي ارادي جي هن
کي خبر ڪا نه هئي. نيٺ هيءُ سوال ڪن ته پيس ته
”مسٽر ڪئنيڊي، اهڙيءَ هلت جي لاءِ تو کي ڪو جواب
ڏيڻو آهي؟“ اتي هي ننڊ مان جاڳيو، ۽ پنهنجي
بيخيالي ظاهر ڪيائين، جو پڇڻ لڳو ته ”سائين، ڪهڙي
هلت؟“ تڏهن پادري صاحب پنهنجا کنڀ سوري ڪاوڙ ۾ چوڻ
لڳو ته ”تنهنجي گذريل رات واري هلت!“ هن چيو ته
”سائين، رات ته فقط کليل ميدان ۽ ٻنين ۾ هوا پئي
کاڌيم ۽ پئي گهميس.“ پر پادريءَ جي نظر ۾ رات جو
ٻنين ۾ گهمڻ جي ڪا به معنى ڪا نه هئي. ڀلا، خيال
ته ڪريو ته ڪاليج جو: هڪڙو سمجهو شاگرد، سرديءَ ۾،
۽ مينهن ۾، اڌ رات جو ٻنين ۾ گهمي ڇا ڪندو؟ تڏهن
پادري چوڻ لڳو ته ”مسٽر ڪئنيڊي اسان کي معاف
ڪجئين، اهڙو چريائيءَ جهڙو جواب اسين قبول ڪري نٿا
سگهون. ضرور تنهنجو مطلب يا ارادو ڪو ٻيو هوندو.“
ڪئنيڊي کي انهيءَ مهل پادرين يا پروفيسرن جو ڪو به
خيال ڪو نه هو. هن کي پنهنجي پيءُ جي ڪاوڙ جي، ۽
جولئَن جي واتان وايوليٽ جي شاديءَ جي جواب ملڻ جي
ڳڻتي هئي. ڏاڍي خفي ۾ هو، ۽ وڌيڪ ڳالهائڻو ئي نه
هوس. اڳوڻي نفرت به وري جاڳيس. مختصر ورندي ڏيئي
چيائين ته ”سائين، انهيءَ ۾ منهنجو ته وس ڪونهي ته
اوهين ڇا قبول ڪندؤ ۽ ڇا نه ڪندؤ.“ تنهن تي ڪاليج
جي عملدارن پاڻ ۾ ٿورو ڳالهايو. مسٽر نارٽن جي
راءِ جي برخلاف، ٻين راين جو غلبو ڏسڻ ۾ آيو، ۽
وڏي پادريءَ هن طرح فيصلو ڏنو: ”مسٽر ڪئنيڊي، اسان
هيءَ فيصلو ڪيو آهي ته في الحال ڪاليج ۾ تنهنجو
رهڻ نامناسب آهي، جيسين ڪه تون پنهنجي چال سڌارين،
۽ ڪاليج جا فرض بهتر سمجهين ۽ بهتر ادا ڪرين. هڪڙو
سال تو کي ردي ڪري ڪڍي ٿو ڇڏجي. تو کي سڀاڻي ئي
نڪري وڃڻ گهرجي.“
ڪئنيڊي ڪنڌ جهڪائي، سلام ڪري، جاءِ مان نڪري ويو. هن به
پنهنجيءَ دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو، جنهن موجب هي
ٻيون ڳالهيون انهيءَ جي نظر ۾ ڪي به ڪين هيون. اهو
جيڪو وقت هن تپ جي جوش ۾، مينهن ۾، ۽ رات جي
بيخوابيءَ ۾ گذاريو هو، تنهن ۾ پئي ويچار ڪيائين
ته ڇا ڪريان؛ ۽ انهيءَ ڏينهن صبح جو جيڪي ٿي گذريو
هو، تنهنڪري پاڻ هن دل ۾ جلد ۽ پڪو ٺهراءُ ڪيو. هو
هڪڙي سال لاءِ ڪاليج مان ڪڍي ڇڏي ويو هو – ايترو
وقت هو ڪٿي وڃي رهي؟ پنهنجي گهر پيءُ وٽ ته ڪڏهن
به نه وڃي، جتي سڀڪو مٿس کلندو، نڪي وري پنهنجي
ڪنهن ٻئي مائٽ يا دوست وٽ وڃي رهي، جي هن کي پاڻ
تي بار ڄاڻندا؛ ٻي ڪا به جاءِ ڪا نه هئي، جتي آرام
۽ فرحت سان وڃي گذاري، سواءِ هُن جهان جي – يعني
زمين ۾، قبر منجهه. حياتي هينئر هن تي بار ٿي پيئي
هئي. خوشيون ٿوريون ۽ ڏک گهڻا؛ تڪليفون،
نااميديون، ۽ ٻيا عذاب. نئينءَ حالت جي آزمائش مان
هن معلوم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته اُتي به هن کي ٻِٽي
حياتي گذارڻي ٿي پوي ڪيئن – يعني ڏک به ۽ سک به،
موت به ۽ حياتي به. پر هينئر هن جو حال اهڙو هو،
جو رڳو پاڻ کي ناس ڪرڻ سان جند ڇڏائي ٿي سگهيو.
اگرچ انهيءَ جي برخلاف گهڻو ئي ڪي پڙهيو هئائين،
ته به في الحال موت کان پوءِ جي حالت جو ڪو به ڊپ
ڪو نه هوس جي ڪو خيال هوس، ته اهو ته ڏسان ته اتي
ڪيئن ٿو گذارجي. پڪ هيس ته روح فنا ٿيڻ جو ناهي، ۽
جيڪي دل جا ميل ۽ اخلاق سندس آهن، سي ساڻس هن جهان
۾ به هليا هلندا. رڳو مرڻ گهڙيءَ جو ڊپ هوس، ۽ موت
جي عذاب کان ٿي ڊنو. پر انهيءَ جي لاءِ پاڻ کي اهو
دلاسو ڏنائين ته اهو عذاب هڪ لحظو رهندو، پوءِ ٽپي
وڃي هن جهان ۾ پوندس.
انهيءَ ڏينهن هن ماني ڪا نه کاڌي. پيءُ ڏانهن ۽ ڀيڻ ڏانهن، ۽
جولئَن، وايوليٽ ۽ ڊي وين ڏانهن خط لکيائين. هنن
کي پنهنجي ارادي جي خبر ڏنائين، ۽ کين رنج رسائڻ
جي معافي گهريائين. اهو ڪم لاهي، پوءِ جاءِ ۾ پسار
ڪرڻ لڳو. در وٽ جا بندوق ٽنگيل هئي، تنهن ڏانهن
نهاريائين؛ لاهي هيٺ ڪيائين. جهوني قسم جي بندوق
هئي، پڪ نه پئي ٿيس ته برابر ڇٽندي يا نه. پاسو
ڏيئي، لڪي، هڪڙي بندوقن واري جي دڪان تي ويو. هڪڙو
تپاچو خريد ڪيائين، جو چيائين ته ڪنهن سفر تي وڃڻو
اٿم. اُهو وٺي، دل ۾ آيس ته پڇاڙيءَ جو ڀيرو
ٻاهران گهمندو، هوا کائيندو هلان. شام جي اونداهي
هئي، بتيون ٻريون هيون، ۽ هوا ڏاڍي فرحت جهڙي هئي.
گهمندو، وڻن مان لنگهندو، هڪڙي نديءَ جي پل تي
آيو. اتي جو نظارو ڏسندو، موٽي اچي گهران نڪتو.
پڪو ارادو ڪيائين ته انهيءَ رات پاڻ کي ماري، سو اهڙي ڳڻتي ڪا
نه هيس ته گهڻي بجي ائين ڪري. ميز تي هڪڙو ڪتاب
پيل ڏسي، پٽي ويهي پڙهڻ لڳو ته وقت جلد گذري ۽
زياده اونداهي ٿئي. اُهو ڪتاب ”بائبل“ جو هو؛ پر
سجهيس ٿي ته اُهو سندس ارادي سان موافق نه هو،
تنهنڪري انهيءَ کي اڇلائي پاسي ڪري ڇڏيائين. پر
پٽڻ سان هي لفظ ڏسي ورتائين: ”۽ هن رستي تي خدا جو
ملائڪ بيٺل ڏٺو.“ اها آيت زور ڪري سندس دل ۾ اچڻ
لڳي – تان جو انهيءَ خيال ڪري هو ڏڪڻ لڳو.
ڀانيائين ته تڪڙ ڪري پنهنجو ڪم فيصل ڪري، متان دل
لڏي وڃيس ۽ ارادو ڦيرائي ڇڏي. پستول به ڀريائين، ۽
منجهس باروت جو وڏو وزن وڌائين. پوءِ اوچتو دل ۾
آيس ته بتيون اجهائي ڇڏيان. ائين ڪري، پوءِ ڏڪندڙ
دل سان خدا کان رحم جي دعا گهري، پستول هٿ ۾
کنيائين ته اوچتو برقعي سان هڪڙي زال نظر آيس.
ڀانيائين ته خواب يا خيال آهي... پر نه، ٿوريءَ
چانڊوڪيءَ جي ڪري پڪ ٿيس ته ضرور ڪو جيئرو جاڳندو
ماڻهو آهي، جو چڱيءَ طرح سڃاتائين به. هٿ ڊگهيري،
”اما! اما!“ جي دانهن ڪري، ڏڪندڙن ٽنگن سان ويهي
رهيو، ۽ ڪنڌ کڻي زمين تي رکيائين. وري ڪنڌ کڻي ڏسي
ته ڪي به ڪينهي. پڪ ٿيس ته دماغ جي گرميءَ ڪري
اهڙي خيالي صورت کيس نظر آئي هئي؛ تنهنڪري وري
پنهنجيءَ دل کي ڏڍ ڏيڻ لڳو. انهيءَ مونجهاري ۾، هن
پنهنجو تپاچو ڇوڙي وڌو. باروت گهڻي هئڻ ڪري، اهو
قهر جو ٺڪاءُ ڪري ڦاٽي پيو. ڌڪ هوا ۾ ڇٽو هو، کيس
ڪين لڳو هو، مگر ٺڪاءَ جي ڊپ کان هو بيهوش ٿي ڪري
پيو، ۽ ڪرندي سندس ساڄي ٻانهن ڀڄي پيئي. سندس
دانهن ۽ تپاچي جي ٺڪاءُ تي پاسي کان ماڻهو زور سان
در پٽي سندس جاءِ ۾ لنگهي آيا – ڏسن ته پٽ تي رت ۾
پيو ليٽي.
باب اوڻٽيهون
ايوا جو ديول ۾ وڃڻ
ڪئنيڊيءَ جي هٿ کي ضرب رسڻ ڪري جا هُن کي بيماري ٿي، ۽ چڱي ڀلي
ٿيڻ تائين جيڪو بيزاريءَ جهڙو وقت هن گذاريو، تنهن
مان کيس ڏاڍو فائدو پهتو، ۽ هن جي ضعيف ۽ گمراهه
دل مضبوط ٿي ۽ راهه تي آئي. انهيءَ حالت ۾ هن انهن
محبت وارن ماڻهن سان تڪليف کان سواءِ ملاقات ڪئي،
جن جي ملڻ جي ڊپ کان هن کي پاڻ مارڻ جو خيال پيدا
ٿيو هو. انهيءَ وچ ۾ هن کي اڳي ۽ پوءِ جي ويچار
ڪرڻ جو، سندس جوش واريءَ دل کي ماٺي ڪرڻ جو، ۽
گذريل مهينن جي تڪليف ۽ ڳڻتيءَ کان پوءِ ماٺ ۽
آرام وٺڻ جو چڱو وجهه مليو.
جڏهن هو جاڳيو ۽ هوش ۾ آيو، تڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ ايوا کي پنهنجي
پاسي ۾ ويٺل ڏٺائين. ٿورو ٿورو ٿي هن جو منهن ۽
ٻيون گهڻيون ڏٺل ۽ ياد ايندڙ شيون سڃاپڻ ۾ آيس.
آهستي آهستي جيڪي ڳالهيون تازيون ٿي گذريون هيون،
۽ جن هن جو سک ڦٽايو، سي ياد پوڻ لڳيس؛ تڏهن ڪنجهڻ
۽ ڏک جون دانهون ڪرڻ لڳو. ايوا چيس ته ”پيارا
ايڊورڊ، گهڻا خيال نه پچاءِ، ماٺ ڪري آرام ڪر. ڏس،
اسين تو ساڻ آهيون. ٻيو سڀ خير آهي، ۽ تنهنجو هٿ
هاڻ جلد ڇٽندو وڃي.“ هن پاڻ به ڏٺو ته سندس هٿ
پٽين سان مضبوط ٻڌل هو، تختين تي رکيل هو ته چُري
نه. پڇڻ لڳو ته ”گهڻو ايذاءُ پهتو اٿس ڇا؟ وري آءٌ
اُهو جلد ڪم آڻي سگهندس يا نه؟“ هن چيو ته ”هائو،
ضرور. ڊاڪٽر ليسيءَ چيو آهي ته بابي کي تنهنجي
جاڳڻ جي خبر ٻڌايان.“ تڏهن ڪئنيڊي پڇڻ لڳو ته ”هو
ڏاڍو ڪاوڙيو هوندو!“ ايوا سندس پيشانيءَ کي چمي
ڏيئي چيو ته ”ادا، هن تو کي ساري معافي ڏني آهي.
حالت برابر خوفناڪ هئي، پر انهيءَ بابت اسان مان
تو وٽ ذڪر ڪو نه چوريندو. ايڊي، اهي خيال پنهنجيءَ
دل مان ڪڍي ڇڏ. جنهن وقت تون ٻانهن چورڻ جهڙو
ٿيندين، تنهن وقت اسين سڀئي هتان ”ڪئمفرڊ“ مان
نڪرنداسين.“
پوءِ هوءَ پنهنجي پيءُ کي وٺڻ لاءِ ويئي، ۽ جڏهن هو آيو ۽ اچي
پٽ جي سيرانديءَ سندس ٻيو هٿ جهلي بيٺو، تڏهن هن
جي اکين مان پاڻي وهڻ لڳو، جو اڳوڻيون ڳالهيون ياد
پوڻ لڳيس. هو ايڊورڊ سان سختيءَ جي هلت ڪندو هو.
ڄاتائين ته شايد سندس سختيءَ هن کي اهڙي خراب حال
۾ آندو آهي. جيڪڏهن انهيءَ پهرئين ڏوهه لاءِ ساڻس
ايتري سختي نه ڪري ها ۽ مروت ۽ همدردي ڏيکاري ها،
ته شايد ههڙي ڏوهه ۽ ڏک کان هو بچي وڃي ها. پر
هينئر هن جون سڀ اميدون گم ٿي ويون هيون، ۽ پٽ جي
نسبت ۾ جيڪو فخر هوندو هوس سو سڀ اُڏامي ويو.
انهيءَ هوندي به، هن جي بيماريءَ جي حالت ڏسي، هن
کي مٿس رحم آيو ۽ کيس پدري محبت جي جوش کان معافي
ڏنائين. ڪئنيڊي پيءُ کي چوڻ لڳو ته ”او بابا، مون
کي ڏاڍي تڪليف پهتي آهي. جي خدا مون کي وري اٿاري
چڱو ڀلو ڪيو ته آءٌ سچيءَ دل سان انجام ٿو ڪريان
ته خدا جي اهڙي بندگي ۽ شڪر گذاري ڪندس، جهڙي اڳي
ڪڏهن نه ڪئي اٿم.“ پڻس چيو ته ”هائو، ايڊورڊ،
اُميد آهي ته تون ائين ئي ڪندين. هاڻي گذريءَ کي
ياد نه ڪر، جيڪا گذري سا گذري، هلندڙ وقت تنهنجي
اڳيان آهي؛ ۽ تنهنجا ٻه دوست آهن، جي همت واري کي
ڪين ڇڏيندا آهن – هڪڙو تنهنجو خلقيندڙ، ۽ ٻيو
تنهنجو پيءُ.“
پوءِ ٿوري تائين ماٺ ٿي ويئي. پوءِ ايوا چيو ته ”ايڊي، ڊاڪٽر
ليسي مون کي هينئر گڏيو هو، تنهن ٿي چيو ته جي
هينئر تون اڳي جهڙو آهين ۽ مٿو ڳرو نه ٿو ڀانئين،
ته سومر جي ڏينهن توکي هتان ڪڍي سگهبو.“ هن پڇيو
ته ”اڄ ڇا آهي؟ مون کي ته ڏينهن جي شمار جي به خبر
ڪا نه ٿي پوي.“ ڀيڻس چيو ته ”اڄ ڇنڇر آهي. گهر
هلنداسين ته ڪهڙا نه خوش ٿينداسين، ۽ گهر ئي گهر ۾
پاڻ سڀئي مٺ محبت ۽ خوشيءَ ۾ گذارينداسين.“
ڪئنيڊيءَ پڇيو ته ”ادي، آءٌ اُتي هلي ڪهڙو ڪم
ڪندس؟“ هن چيو ته ”ايڊي، هاڻ ٺهيو اڄ ٻيا وڌيڪ
خيال نه ڪر.“ وري پڇڻ لڳو ته ”ايوا، ”هُن“ کي ڪا
خبر آهي؟ هاڻي ڪو وٽانئس خط ايندو آهي؟“ هن چيو ته
”هائو، گهڻائي ڀيرا آيو آهي؛ پر انهن ڳالهين جو
هينئر گهڻو خيال نه ڪر.“ هو وري پڇڻ لڳو ته
”جولئَن کي به خبر آهي يا نه؟“ ايوا چيو ته ”هو
ڪيترائي ڀيرا تنهنجي خير عافيت پڇڻ آيو آهي، پر هو
هميشه تو کي ڏسڻ کان پيو ڊڄندو آهي ته متان ههڙي
حال ۾ تو کي ڪو نقصان رسي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”شايد
ائين برابر آهي. تڏهن هو منهنجا دشمن ناهن؟“ ايوا
چيو ته ”جولئَن ۽ وايوليٽ ڀلا دشمن ڪيئن ٿيندا؟“
جيتوڻيڪ شاديءَ جو انجام جولئَن ۽ مسٽر ڪئنيڊي جي صلاح ۽ مرضيءَ
موجب ٽٽي پيو هو، ته به ٻنهي گهرن جو اڃا پاڻ ۾
چڱو سلوڪ هليو آيو، جنهن سبب جي ڪري لاچار هنن کي
ائين ڪرڻو پيو، تنهن جو البت هنن کي ارمان پئي
ٿيو؛ ليڪن مڃيائون ٿي ته ائين ڪرڻ مان ٻنهي طرفن
جو فائدو آهي، ۽ اميد هين ته جي ڪڏهن وري هنن جي
شادي ٿي، ته هنن جي هڪٻئي سان ڏاڍي محبت ٿيندي، جو
اڳي ئي هنن جي دل هڪٻئي جي پيار سان ڀريل آهي.
انهيءَ طرح، ڪئنيڊيءَ جي بيماريءَ وارن ڏينهن ۾، جولئَن ڏهاڙي
ايوا ۽ مسٽر ڪئنيڊيءَ کي ڏسڻ ۽ بيمار کي پڇڻ جي
لاءِ ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو انهن کي ”ڪئمفرڊ“ جي
نزديڪيءَ ۾ هوا کائڻ لاءِ وٺي ويندو هو، جو اهو
هنڌ ايوا جو اڳي ڏٺل هو ۽ انهيءَ کي گهڻو وڻندو
هو. ايوا ”سينٽ ورنر“ جي ديول جي تعريف گهڻي ٻڌي
هئي، ۽ آچر جي ڏينهن هن جولئَن کان پڇيو ته ”آءٌ
بابي سان گڏجي اتي هلي نماز ۾ شامل ٿي سگهنديس يا
نه؟“ جولئَن چيو ته ”بيشڪ هلي سگهندينءَ. آءٌ هڪڙي
فيلو کي چوندس اهو اوهان کي اندر وٺي ويندو. ڏاڍي
مزي جهڙي جاءِ آهي، اها اوهان کي ڏاڍي وڻندي.“
جڏهن آچر جي شام ٿي، تڏهن جولئَن هنن کي ديول جي ايوان تائين
وٺي هليو، ۽ انهن کي ڪاريگرن جو ڪم ۽ مشهور ماڻهن
جي يادگيريءَ جا نشان ڏيکاريائين. پوءِ هو در وٽ
ترسي بيهي رهيا، جيسين ڪ جولئَن ڪنهن فيلو کي وٺي
اچي، جو هنن کي وٺي وڃي، فيلوئن وارين جاين مان
ڪنهن خالي جاءِ تي ويهاري.
”سينٽ ورنر“ جي ديول ۾ هڪڙو وڏو صفو آهي، جنهن هيٺان ننڍن
شاگردن جي لاءِ بينچن جون قطارون لڳيون پيئون آهن.
انهن جي مٿان، ٽن ڏاڪن جيترو مٿي، وري اسڪالرن ۽
بي – اي وارن جون ويهڻ جون جايون آهن. وري ٻه ڏاڪا
انهن کان مٿي فيلوئن ۽ ايم – اي وارن جون جايون
آهن، ۽ انهن سان گڏ اتفاقي آيلن مسافرن جون به
جايون آهن، انهن ڊگهين قطارن جي وچ ۾ ڳائڻ وارن
مڙسن ۽ ڇوڪرن جون جايون آهن، ۽ وڏا تخت رکيل آهن
جن تي بيهي پادري هيٺ سڀني تي نيهاريندا آهن. در
وٽ، ٻنهي پاسي، ڳاڙهن پردن ۽ مخمل جي گادين
واريون جايون، ماستر ۽ نائب ماستر جون جايون آهن.
انهن کان هيٺ امير ۽ وڏا ماڻهو ۽ ٻيا شاگرد ويهندا
آهن. پڙهڻ واريءَ ميز جي ڀرسان ڪاري ۽ اڇي سنگ
مرمر جو هڪڙو ڏاڪو آهي، جو وڃي عبادتگاهه جي ٿلهي
تائين ٿو پهچي: انهيءَ ميز تي ٻه وڏيون ڳريون
چانديءَ جون شمعن جهلڻ جون شيون رکيل آهن، ۽ انهن
جي مٿان، خوبصورت ڪاٺ جي اُڪريل چونڪ ۾، حضرت عيسى
۽ بيبي مريم جون تصويرون رکيل آهن. اها ساري جاءِ
موم بتين جي روشنائيءَ سان روشن ڪئي ويندي آهي.
اٽڪل پنج سئو ماڻهو خاص ٺهرايل اڇيءَ پوشاڪ ۾ اتي
ويهي ويندا آهن، ۽ وڏو باجو پيو وڄندو آهي. اها
هئي صورت جا مسٽر ڪئنيڊيءَ ۽ ايوا کي ڏسڻ ۾ آئي.
جولئَن وڃي مسٽر نارٽن کي وٺي آيو ته سندس مهمانن کي وٺي وڃي
ويهاري. هو البت دير سان آيا هئا، ۽ باجو اڳي ئي
شروع ٿي ويو هو. ماڻهو سڀ پنهنجين پنهنجين جاين تي
ويهي ويا هئا، ۽ نماز شروع ٿيڻ تي هئي ته ايوا
مسٽر نارٽن جي ٻانهن تي ٽيڪ ڏيئي اڳتي هلي، ۽ پڻس
۽ جولئَن سندس پٺيان پئي آيا. هڪڙو ٻه ڏينهن اڳي
ڪاليج وارن ايوا کي آس پاس گهمندو ڏٺو هو، ۽
ڪئنيڊيءَ جي ڀيڻ هئڻ ڪري سڀني ڏاڍي ڌيان سان ڏانهس
پئي نهاريو. انهيءَ هنڌ زالون، خاص جوان زالون،
اڪثر ٿوريون اينديون آهن؛ تنهنڪري جڏهن جوان ۽
خوبصورت ايوا اندر آئي، تڏهن وڏي پادريءَ کان وٺي
عام ماڻهن تائين سڀني جون اکيون هن ۾ کپي ويون ۽
سڀ هن جو حسن ڏسي حيران ٿي ويا. مسٽر نارٽن هنن کي
پادريءَ جي ميز جي پاسي جايون وٺي ڏنيون، ۽ هو
انهن تي ويهي رهيا. هيترن ماڻهن کي پاڻ ڏانهن
نهاريندو ڏسي، البت ايوا کي لڄ پئي آئي، مگر
انهيءَ ڪري پاڻ زياده خوبصورت ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽
سڀني کي انهيءَ جي پاسي ۾ ماسٽر نارٽن کي ڏسي ڄڻ
ته ريس پئي آئي – خود جولئَن کي به!
ٻين سڀني جو خيال ته هن ۾ کپي ويو هو، مگر هن جو خيال سارو خدا
ڏانهن هو، ۽ عبادت ۾ هو؛ رڳو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي
بيمار ڀاءُ ڏي پئي ويو. ڪڏهن وري ڳائڻ ۾ پنهنجي
مٺي سنهڙي آواز سان شامل ٿئي ٿي. مطلب ته ڏاڍي شوق
۽ سچائيءَ سان انهيءَ وقت هوءَ خدا سان محو رهي، ۽
انهيءَ کان دعا گهريائين. آخر عبادت پوري ٿي، ۽
ماڻهو نڪرڻ لڳا. ڪيترائي ماڻهو انهيءَ رات ٻاهر
ترسي بيهي رهيا، ته من جنهن تاري اندر چمڪاٽ ڪيو
هو، تنهن جو وري چتائي منهن ڏسن. پر اُهي سڀئي
نااُميد ٿيا، جو نڪرڻ شرط ايوا کڻي برقعو منهن تي
وڌو ۽ ڪنڌ جهڪائي، مسٽر نارٽن کي سلام ڪري،
”جولئَن“ جي ٻانهن تي ٽيڪ ڏيئي، ٻاهر هلي ويئي، ۽
پڻس به پٺيان نڪري ويو. انهيءَ ڏينهن جولئَن ڏاڍو
نصيب وارو سمجهيو ويو هو، ۽ گهڻن کي مٿس ريس ٿي
ٿي. پر انهيءَ ننڍڙي اتفاق ڪري جولئَن جي دل ۾
اُهو ٺهراءُ پڪو ٿي ويو، جنهن جي نسبت ۾ هيترا
ڏينهن دل پئَي هنيائين، جو ڊپ ٿيس ته ايوا جي حسن
جي تجلي ظاهر ٿيڻ ڪري متان ڪو ٻيو مٿس موهجي وڃي،
۽ ان جي ٻانهن جي طمع رکي – انهيءَ ڪري هو ڏاڍو
تڪڙو ٿيو. جڏهن مسٽر ڪئنيڊي پنهنجي بيمار پٽ جي
جاءِ ۾ آيو ۽ انهيءَ کي ڪي سبق ويهي پڙهي
ٻڌايائين، تڏهن جولئَن ۽ ايوا صفي ۾ گڏ ويهي
ڳالهيون ڪرڻ لڳا. پوءِ هڪڙو ڪتاب کڻي، سندس موڪل
وٺي، جولئَن ڪي شعر ايوا کي پڙهي ٻڌايا، - جن مان
سندس اندر جي محبت ظاهر ٿي ٿي. ٿوري وقت کان پوءِ
جڏهن هن جي اکين مان معلوم ٿيس ته کيس حجاب اچڻ
لڳو آهي، ۽ هن سندس اشارو سمجهيو آهي، تڏهن اوچتو
ڪتاب رکي، اکيون ايوا جي اکين ۾ وجهي، چوڻ لڳو ته
”او ايوا، هاڻ لڪائڻ جو ڪهڙو ضرور؟ تو کي گهڻي وقت
کان منهنجي اندر جو حال معلوم ٿيو هوندو. ايوا،
منهنجي تو سان نهايت گهڻي محبت آهي. خبر ناهي ته
تنهنجي به مون سان آهي يا نه.“ ائين چئي، سندس هٿ
کڻي جهليائين، ۽ گوڏا کوڙي سندس پاسي ۾ ويهي رهيو.
هوءَ خوشيءَ مان کيس آهستي چوڻ لڳي ”او جولئَن،
جولئَن، تو کي خبر ناهي ته پهرئين ڏينهن جڏهن مون
تو کي ڏٺو، تڏهن منهنجي تو سان دل ٻجهي ويئي!“ پر
ايترو به هوءَ تڪڙ مان چئي ويٺي، ۽ انهيءَ کان وري
هڪدم پشيمان ٿيڻ لڳي. سو، جڏهن هو انهيءَ دم ٽپ
ڏيئي اٿڻ لڳي، تڏهن جولئَن ڪوشش ڪئي ته کيس محبت
جي هڪڙي چمي ڏئي – پر شرم کان هن جو منهن ڳاڙهو ٿي
ويو. هن جولئَن کي پنهنجي پاسي ۾ ماٺ ڪري ويهڻ
ڏنو. لحظي کان پوءِ مسٽر ڪئنيڊي پاسي واريءَ جاءِ
مان اتي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”واهه، اوهين هتي ويٺا
آهيو! ايڊورڊ کي به ننڊ اچي ٿي. اوهان چڱو جو ماٺ
ڪري ويٺؤ.“
هن کي ڏسي، جولئَن، ايوا جو هٿ جهلي سندس پيءَ جي اڳيان آيو، ۽
چوڻ لڳو ته ”مسٽر ڪئنيڊي، آءٌ اوهان کان هيءُ
اوهان جو املهه ماڻڪ گهري ٿو وٺان!“ مسٽر ڪئنيڊي
حيرت ۾ پيئي چيو ته ”هان، ايستائين وڃي ڳالهه پهتي
آهي ڪيئن؟ جولئَن، تون اهڙو برو ڪين ٿيندي، جو اهو
جواهر مون وٽان چورائي ويندين. هوڏانهن ايڊورڊ
بيمار پيو آهي. افسوس، منهنجا ٻار مون کان کسجيو
پيا وڃن! پر شايد خدا جي اهڙي مرضي آهي. مون کي ڪو
اعتراض ڪونهي. آ، پياري ڌيءَ آءٌ تو کي ڇاتيءَ سان
لڳايان، ۽ چمي ڏيان. اميد آهي ته جولئَن کي انهيءَ
ڪري اعتراض ڪو نه ايندو.“
ائين چئي، هن ڏاڍي پيار سان پنهنجيءَ ڌيءَ کي چمي ڏني، ۽ هن به
پنهنجو ٻانهون کڻي پيءُ جي ڳچيءَ ۾ وڌيون، ۽ چوڻ
لڳي ته ”بابا، اڃا گهڻي مدت گهرجي، اوهين دل نه
لوڙهيو.“ تڏهن پڻس ورندي ڏيئي چيو ته ”ابا، گهڻي
مدت جوانن لاءِ آهي، ٻڍن لاءِ گهڻو ناهي، جن جي
هڪڙي ٽنگ قبر ۾ آهي.“
اها رات انهن ٻن محبتين ڪهڙيءَ نه گهڻيءَ خوشيءَ ۾ گذاري هوندي،
سا ڳالهه آسانيءَ سان خيال ۾ اچي سگهندي؛ ليڪن
انهيءَ خوشيءَ ۾ بيمار ڪئنيڊي جون سمهڻ مهل دانهون
ٻڌي هنن کي ڏک پئي ٿيو، ۽ ڊپ به پئي ٿيو، جو
ڏٺائون ٿي ته جيڪو موت هن پنهنجن هٿن سان پاڻ آندو
هو، سو انهيءَ کي گهليو سندن وچان ڪڍيو ٿي ويو. |