سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جولئن هوم

 

صفحو :10

باب ٻاويهون

ڊي وين جي خطاڪاري

جيتوڻيڪ هئزليٽ جي خراب ۽ افسوس جهڙي حالت هئي، ته به ڪنهن ماڻهوءَ کي مٿس رحم ڪونه ٿي آيو. پر ڪئنيڊي جي بدچاليءَ ۽ خراب گناهن تي ٻين کي گهڻو درد ٿي ٿيو. ڪئنيڊي ڏاڍو چڱو، همت وارو. هشيار ۽ اميدن ڀريو ڪاليج جو شاگرد هو، تنهن جي خراب ٿيڻ جو البت زياده افسوس ٿيڻ گهرجي. بروس ته پنهنجي شيطاني ڪم جي فتحيابيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ فخر ڪندڙ هو، ظاهر ظهور کلندو ڳالهائيندو ۽ پنهنجي اها راءِ ظاهر ڪندو وتندو هو. براگٽن وري به سمجهه وارو هو، تنهن هڪڙي ڀيري هن کي چيو ته ”بروس، انهيءَ ۾ ڇا ٿيو؟ انهيءَ ڪري تو ڪهڙي وڏي فتح کٽي؟“ هن چيو ته ”ڇو، جنهن ماڻهوءَ سينٽ ورنر ۾ پاڻ کي وڏو ديندار ۽ خدا پرست ٿي سڏايو ۽ ٻٽاڪ ٿي هنيائين، تنهن کي تمام ٿوري عرصي ۾ شرابي ۽ نشئي ڪري ڏيکاريم.“ براگٽن چيو ته ”پوءِ انهيءَ مان ڇا ثابت ٿيو؟“ هن چيو ته ”ايترو ثابت ٿيو ته جنهن کي ماڻهو دينداري ۽ خدا پرستي چون ٿا، سو رڳو ڍونگ ۽ رواجي زباني مذهب آهي ۽ اتفاقي حالتن جو نتيجو آهي، نه سڀائي يا ذاتي آهي.“ براگٽن چيو ته ”معاف ڪجئين، تون غلط آهين. انهيءَ مان رڳو ايترو ثابت ٿئي ٿو ته هئزليٽ ڍونگي يا ريا وارو ماڻهو آهي، يا ضعيف دل ۽ دماغ وارو، اجايو بيهودو بيعقل ۽ ڀورڙو ماڻهو آهي. هن جي ساديءَ دل مان سندس سادو مذهب اڳي ئي معلوم پئي ٿيو. آءٌ توکي ڪيترائي ماڻهو ڏيکاريندس، جن تي تنهنجا ڦند ۽ فريب هلي نه سگهندا، بلڪ توکان انهيءَ ڪري زياده نفرت ڪندا - ۽ جن تي تون اهڙي قسم جي آزمائش وٺي به نه سگهندين؟“ هن چيو ته ”هئين، ته هنن جا خيال اهڙا اعلى آهن، ۽ هنن جي حياتي ۽ صحبت ايتري وڌيڪ پاڪ ۽ مٿي آهي، جو هنن جي منهن ڏانهن به تون نهاري نه سگهندين، ۽ هنن جي روبرو تون شرم کان ڪي به ڪري نه سگهندين.“ بروس کلي چيو ته ”بلڪل نه، مون کي اعتبار نٿو اچي. اهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو ته وٺ.“ هن چيو ته ”مثال لاءِ، لليسٽن وٺ، يا ڊي وين وٺ.“ بروس چيو ته ”لليسٽن تي آءٌ پنهنجي آزمائش نه هلائيندس، هو کٽراڳي ماڻهو آهي، باقي ڊي وين لاءِ آءٌ انجام ٿو ڪريان ۽ شرط ٿو رکان ته مهيني جي اندر هن کي نشئي ڪري ڏيکاريندوسانءِ!“ براگٽن چيو ته ”آءٌ ويهه پائونڊ شرط ٿو رکان ته تون ائين ڪري نه سگهندين.“

ڊي وين جهڙو چڱو ماڻهو، نيڪدل ۽ خوش خلق شخص، بروس ۽ براگٽن جهڙن ٺڳن جي ور چڙهي، تنهن جو ڏاڍو ارمان ٿو ٿئي. پر اهڙيون گهڻيون حالتون دنيا ۾ ڏسجن ٿيون جو چڱا ماڻهو به خراب ٿي پيا آهن، اگرچ انهيءَ ڪري گهڻو ڏک ٿئي ٿو. مڃي ٿو ته ڪو ماڻهو اندر ۾ شرير هوندو، مگر جڏهن سندس مطلب جوکي ۾ آهي، تڏهن هو پنهنجي باطني شرارت ظاهر ڪري ٿو، اها به ڳالهه مڃي سگهجي ٿي ته هڪجهڙيءَ طبيعت وارا ماڻهو، هڪٻئي جي صحبت ۾، شرارت جهڙن ڪمن ۾ شراڪت ۽ شامليت رکي سگهن ٿا؛ مگر هيءَ ڳالهه مڃڻ مشڪل هئي ته ڪو ماڻهو پنهنجي اندر جي شرارت پوريءَ طرح ڄاڻي، ۽ پوءِ به ڄاڻي ٻجهي ٻين کي گمراهه ڪري گناهه ڪرائي، ۽ انهيءَ جي لِڪڇپ نه ڪري، پاڻ انهيءَ تي فخر ڪري. پر اهڙي مثال جي هاڻ خبر پيئي. جو ماڻهو ٿورو ٿورو ڪري زهر کائيندو اچي ۽ نيٺ ڪن مهينن کان پوءِ چڙي چڙي مري وڃي ٿو، ۽ ماڻهو انهيءَ کي لعنتون ٿا وجهن مگر هو پشيمان ٿي مرڻ وقت خدا جي اڳيان معافي گهري ٿو، سو اهڙو گنهگار ۽ خراب ناهي، جهڙو اهو ماڻهو، جو ٻئي ماڻهوءَ ۾ ٿورو ٿورو ڪري بداخلاقيءَ، گنهگاريءَ ۽ بدڪاريءَ جو زهري ٻج وجهندو اچي، ۽ ٻئي جي اندر ۾ جي شيطاني شهوتون ۽ نفساني خواهشون ستل آهن، سي جاڳائي ۽ ڀڙڪائي ٿو. پڪ آهي ته اهڙي انساني ابليس کي شيطان گهڻو پسند ڪندو هوندو، انهن کي ڀاڪر وجهي گڏيو هوندو، ۽ انهن جي چڱي آڌر ڀاءَ ڪندو هوندو.

بروس جيڪا هلت لارڊ ڊي وين کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ ورتي، سا هئزليٽ سان ڪيل هلت کان ٻيءَ طرح جي هئي. هن ڄاتو ٿي ته هيءُ ڪم اڳي کان زياده مشڪل ۽ نازڪ آهي، ڇا لاءِ جو ڊي وين جي سنگت ۾ داخل ٿيڻ آسان نه هو. هنن جا سنگتي جولئن، لليسٽن، ڪئنيڊي ۽ ڪي ٻه – ٽي ٻيا هئا؛ ۽ جيتوڻيڪ هي پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن هنن سان وڃي گڏبو هو، مگر صحبت ۾ شامل نه ٿيندو هو. باقي ٻيو هنن کي اهو وڏو ڏڍ هو ته دنيا ۾ سچي دينداري آهي ئي ڪانه؛ جيڪو ماڻهو ۾ تفاوت آهي، سو رڳو حرص ۽ لالچ جي گهڻائيءَ ۽ ٿورائيءَ جو، نه ته ٻيءَ ڳالهه ۾ سڀ هڪجهڙا ڀُلجڻ ۽ خطاڪار ٿيڻ جوڳا آهن.

تنهن کان پوءِ بروس، تجويز ڪري، گهڻن شاگردن جي جاين ۾ يا ٻين هنڌن تي زور، ڪري ڊي وين سان گڏبو رهيو، ۽ ڪوشش ڪري جتي ڪٿي هن جي پاسي ۾ ويهندو هو. هن جي ظاهري ڊول ۽ ڳالهائڻ ٻولائڻ جي وضع اهڙي هئي جو جن وٽ ويهندو هو، تن جي طبيعت موافق هلندو هو، ۽ انهيءَ ڪري آسانيءَ سان هنن سان ٺهي ويندو هو ۽ هو پسند ڪندا هئس. اهڙيءَ هلت ۾ بروس جهڙو چالاڪ ۽ تجويز وارو ٻيو ڪو ٿورو هوندو هو.

ڊي وين اڳي هن کان البت پاسو ڪندو هو، پر هاڻ هن سان واقفيت رکڻ لڳو؛ پوءِ بروس کي به پنهنجي شرط کٽڻ لاءِ تياريءَ ڪرڻ جو وجهه مليو. هڪڙي ڏينهن هن کي ميون کائڻ جي پاڻ وٽ دعوت ڏنائين، ۽ تجويز ڪري سخت نشي وارا شراب موجود ڪري رکيائين. پر جوان امير پرهيز وارو ماڻهو هو، تنهنڪري هن جي اِها حرڪت ان سان هلي نه سگهي، اڪثر هڪ – ٻه سُرڪي ڀريندو هو، سا به ڪنهن هلڪي شراب مان. بروس چوڻ لڳو ته ”ڊي وين، شراب کي ڇو نٿو وچڙين؟ وٺ، ٿورو ته وٺ!“ ڊي وين چيو ته ”مهرباني تنهنجي. مون گهڻو ورتو آهي.“ بروس پنهنجي هٿ سان گلاس ڀري چيس ته ”نه نه، آءٌ ڀري ٿو ڏيانءِ، وٺ.“ ڊي وين پنهنجي ميزبان جو هٿ موٽائڻ مناسب نه ڄاتو، لاچار ٿي ورتائين ۽ پيتائين. ذرو رکي بروس وري ٻيو گلاس ڀري ڏنس. هن وٺڻ کان انڪار ڪيو. چيائين ته ”نه نه، بس، آءٌ وڌيڪ پيئڻ نٿو گهران.“ هن چيو ته ”هي ڇا؟ هيتري پرهيزگاري ڪا ٺهي! هيتري شراب موجود رکڻ مان تڏهن مون کي ڇا حاصل ٿيو؟“ ڊي وين چيو ته ”بروس، تون ٻين کي شراب پيارڻ جو ڏاڍو شوقين ٿو ڏسجين. الائي ڇو ٿو ايترو زور ڪرين؛ پر آءٌ سچ ٿو چوان ته مون کي وڌيڪ پيئڻ جي خواهش ڪانهي.“ تڏهن لاچار ٿي بروس کڻي بس ڪئي، ۽ ڦِڪو به ٿيو. پوءِ نٽائي ٻيون ڳالهيون آڻي وڌائين.

براگٽن چيو ته ”اخبارن ۾ اڄ ڪا اهڙي خبر آهي؟“ ڊي وين چيو ته ”هائو، وري ٻيو مقدمو زال کي مارڻ ۽ خون ڪرڻ جو پڙهيو اٿم. اهي ڏوهه ٿورن ڏينهن کان ڪيترو نه وڌي ويا آهن!“ بروس چيو ته ”اها شاديءَ جي غلط رواج جي ٻي تازي ثابتي آهي.“ اهي جواب ٻڌي، ڊي وين عجب وچان اکيون ڦاڙي هن ڏانهن نهارڻ لڳو. بروس جو ايترو واقف نه ٿيو هو جو خبر هجيس ته اڪثر هو اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي، بلڪ ٻيا ننڍا شاگرد به اهڙي ذڪر ڪرڻ جا شوقين آهن؛ تنهنڪري هن کي خيال ٿيو ته هنن جي غلط فهمي دور ڪريان. دل ۾ چوڻ لڳو ته ”ڇا، شاديءَ جو غلط رواج! هن جو الائي ڪهڙو مطلب آهي؟“ ڄاتائين ته مون برابر نه سمجهيو آهي، تنهنڪري في الحال ڪڇائين ڪين، ماٺ ڪري ويهي رهيو. جڏهن بروس ڏٺو ته ڳالهه چورڻ مان سندس مطلب نٿو نڪري، تڏهن وري چوڻ لڳو ته ”عجب جي ڳالهه آهي ته هيترين برخلاف ثابتين ۽ حجتن دليلن هوندي، اها شاديءَ جي رسم هلي اچي! انهيءَ جي فائدي ۾ ڪوبه ماڻهو مون کي نظر ڪونه آيو آهي.“ ڊي وين چيو ته ”مون سمجهيو ٿي ته جئن ”بائبل“ تي اعتراض ڪونهي ۽ انهيءَ جي چڱائيءَ ۽ سچائيءَ جي ثابتي ڏيڻ جو ضرور ڪونهي، تيئن شاديءَ جو به ڪونهي.“ هن چيو ته ”يار، هي ڇا ٿو چوين؟ انهيءَ جي غلطي ظاهر ظهور پيئي ڏسجي. انهيءَ جي نتيجن مان کڻي قياس ڪر.“ ڊي وين رڳو ايترو چيو ته ”توکي خبر ڪانهي ته شادي خدا جي حڪم سان مقرر ٿي، ۽ پوءِ به انهي ئي روا رکي.“ هن چيو ته ”اها ڳالهه ٻي ٿي. عقلي دليل انهيءَ جي برخلاف بيشمار آهن. پهرين ته انهن کان اڳي اهو ثابت ڪرڻ گهرجي ته ”توريت“ ۽ ”انجيل“ سچا آهن، يعني خدا کان آيل آهن؛ پوءِ انهن جي روايت ڪندڙن جي ثابتي ڏجي، ۽ ڏيکارجي ته برابر اهي هئا يا نه، ۽ اُهي غلط هئا يا نه.“ ڊي وين چيو ته ”تڏهن چئه ته اصل عيسائي مذهب جي سچائيءَ جي ثابتي گهرجي: سو مون انهيءَ بابت گهڻو پڙهيو آهي، ۽ خاطريءَ سان چوان ٿو ته اها منهنجي عقل ۽ ضمير سان بلڪل موافق آهي.“ بروس چيو ته خير، انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏيون. منهنجي مرضي ناهي ته مخالف دليل ڏيئي، پنهنجي ڳالهه ثابت ڪري توکي حيران ۽ رنج ڪريان. بهتر آهي ته هن زماني ۾ اهڙا ڦَڪڙ نه ڦاڙجن. ڀلي ته قديم غلطيون ڍڪيون پيئون هجن.“ ائين چئي، مُرڪي، ڪلها چوري، بروس پنهنجي آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پيو.

بروس جو اهو دستور هوندو هو. اهڙا باريڪ، علم ۽ حڪمت جا نڪتا چوريندو هو ۽ انهن تي راين جا اشارا ڏيندو هو، پر پوءِ عذر ڪري ٽري ويندو هو، ڄڻ ته حجت دليل ڪرڻ سان هو پنهنجي راءِ ثابت ڪري سگهندو، ۽ ٻيو ڪو ڀائيندو ته هو ڪو ڏاڍو قابل ۽ هشيار آهي ۽ گهڻا ئي ڪتاب پڙهيا اٿس. اهڙو ساڳيو اثر بروس هن وقت به پيدا ڪيو، مگر ڊي وين فقط دل ۾ ايترو چيو ته  افسوس آهي ته بدي ملڪ ۾ بَڪندي ۽ حجتون دليل ڏيندي ماڻهن کي گمراهه ڪندي رهي، ۽ نيڪي ماٺ ڪري ڪنڌ لڪايو ويٺي رهي ۽ هن جي مغروري ۽ ناداني رد نه ڪري!“ ڄاتائين ته بروس بيهودو، بيعقل ۽ بيشرم ماڻهو آهي، تنهنڪري هن جي حال تي رڳو قياس آيس، ۽ افسوس ٿيس. چيائينس ته ”بروس، مهرباني تنهنجي جو منهنجي ڪم عقلي ڏسي، اهي پنهنجا عقل وارا دليل ڏيئي ساري عيسائي مذهب کي ڪوڙو ثابت نٿو ڪرين؛ پر توکي معلوم هجي ته اهڙي بيحيائيءَ جهڙين ڳالهين تي اهڙو سچو مذهب ڪوڙو ثابت نه ٿيندو، ۽ نه رد ٿي ويندو. جنهن جي ڪري ساريءَ دنيا کي فيض ۽ فائدو پهتو آهي. خدا حافظ.“

ڊي وين جي طعني سڀني محفل وارن تي چڱو اثر ڪيو، ۽ بروس پشيمان ۽ غمگين ٿيو. وڌيڪ ڳالهائي به نه سگهيو، تنهنڪري  سگهوئي سڀئي اٿڻ لڳا. جڏهن ٻيا ويا، تڏهن براگٽن هن کي چيو ته ”هاڻ آءٌ شرط کٽندس!“ بروس چڙ مان چيو ته ”وڃي کڏ ۾ پئي!“ شرط هارائڻ ڪري هو ڏاڍو خفي ٿيو، پر شرط جي رقم ڀري ڏيڻ به مشڪل ٿيس. بروس جي ڪا اهڙي پت به نه هئي جو واپاري يا شاهوڪار پيسا اڌارا يا هنڊيءَ تي ڏينس. دستور موجب، هارايل شرط جا پئسا اتي جو اتي ڏيڻ گهرجن. اهڙن اجاين ڪمن ڪرڻ ۽ شرطن هڻڻ ڪري، جيڪي پئسا وٽس هئا، سي هُن خرچي کپائي ڇڏيا هئا. وڌيڪ پئسن لاءِ انهيءَ کان اڳي ئي پيءُ ڏانهن لکيو هئائين، جنهن خفي مان لکيو هوس ته ”توکي سال ۾ پنج سؤ پائونڊ ٿو ڏيان، سي تنهنجي گهرج کان بلڪل گهڻا آهن – ڪيئن تون بيشرم ٿي وڌيڪ پئسا ٿو گهرين؟ ظاهر آهي ته تون اجايا خرچ ٿو ڪرين. اڳتي اهڙا ڪاغذ نه لکندو وڃ!“ ماڻس به پيار مان فهمائش جو خط لکيو هوس. انهيءَ هوندي به، هن کي ڪاوڙ هئي  هفتن جا هفتا گهر خط ڪونه لکيو هئائين. هن کي گهر ۾ ننڍي هوندي کان روڪ نه ٿيندي هئي، تنهن جو اهو نتيجو هو جو هو اجايا خرچ  ڪرڻ لڳو هو.

انهن سببن ڪري، ڊي وين کي خراب ۽ بد پرهيزنه ڪرڻ سبب، بروس کي شرط هارائي چٽي ڀرڻي هئي، جا ڏيئي نٿي سگهيو. هن ايترو معلوم ڪيو ته ڊي وين اهڙي قسم جو چڱو ماڻهو آهي، جو هن کي موڙي ڪهڙيءَ به ڳالهه تي آڻي بيهاربو. خيال ڪري، هڪڙي خراب رٿ رٿيائين. هڪڙي دوا فروش جي دڪان تي ويو، ۽ بيمارن وانگي ڍونگ ڪري انهيءَ کي چيائين ته ٿورن ڏينهن کان آءٌ ڏاڍو بي آرام ٿو رهان، ۽ رات جو ننڊ نٿي اچيم؛ ٿوري دوا ننڊ آڻڻ جي ڏي.“ هن چيس ته ”چڱو، پر سنڀال ڪري ڪم آڻجئين.“ بروس چيو ته ”البت. هاڻي هن مان ڪيترا ڦڙا پنڪيون آڻيندا؟“ هن چيو ته ”چار يا پنج ڦڙا، آءٌ ڀانيان ٿو ته بس آهن.، بروس وري چيو ته ”ڀلائي ڪري هڪڙي ننڍڙي شيشي مون کي ڀري ڏي ته پاڻ وٽ رکان ته ذري ذري هيڏانهن اچڻ جي تڪليف نه ٿئيم.“ هن شيشي ڀري ڏنس، ۽ چيائينس ته ”اها زهر جهڙي شي آهي، تنهنڪري هيءُ ڪاغذ جو ٽڪر انهيءَ تي هڻي ڇڏ يا انهيءَ سان ٻڌي ڇڏ، جو انهيءَ تي زهر جو لفظ لکيل آهي، متان ڪڏهن ڪا ڀُل ٿئي.“ بروس چيوته ”چڱو.“ پوءِ شيشي کيسي ۾ وجهي اٿي هليو.

هاڻي ڊي وين سان وري ڪيئن گڏجي؟ رٿ ڪيائين ته ڪئنيڊيءَ جي معرفت اها مراد حاصل ڪري. پر هن کي اهڙي صلاح به ڏيئي نه ٿي سگهيو ته شراب جي مجلس ڪري، ۽ ڊي وين کي به دعوت ڏيئي سڏي. براگٽن کي چوڻ لڳو ته ”براگٽن، هي ڇا، جو اسين ڪئينڊيءَ کي دعوتون ڏيو، پيا پاڻ وٽ سڏيون، ۽ هو اسان کي سڏي ئي ڪين؟“ هن چيو ته ”شايد هن کي اسان جي صحبت تمام گهڻي پسند ناهي.“ بروس فخر جي خيال سان چيو ته ”سو ڇو؟ هو ڪو اسان کان مٿي لٿو آهي ڇا؟ تڏهن ڇو اسان جيءَ جاءِ ۾ ٿو اچي؟“ براگٽن في الحال فقط ايترو چيو ته ”آءٌ ڪڏهن اشارو ڏيئي ڏسندس.“ بروس چيو ته ”ڀلي ڏينس. پاڻ اهو به اشارو ڏجئينس ته ڊي وين کي به سڏي.“

براگٽن ائين ئي ڪيو. ڪئينڊيءَ بروس کي سڏڻ به قبول ڪيو، اگرچ هن جي اشاري مان ساري اٽڪل سمجهي ورتائين؛ مگر جڏهن هن ڊي وين کي سڏڻ جي صلاح ڏنيس، تڏهن هن هڪدم انڪار ڪيو. هن پڇيس ته ”ڇو هن کي نه سڏيندين؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته هن ڪري جو مون کي شڪ پوي ٿو ته هئزليٽ وانگي تون ۽ هو بدمعاش بروس، هن کي به خراب ڪرڻ ٿا گهرو.“ هن چيو ته ”مون کي ته انهيءَ جي ڪابه خبر ڪانهي.“ ڪئنيڊي چيو ته ”خير. پر مون کي اصل هن کي سڏڻو ناهي.“ براگٽن وڏي سِيٽ وڄائڻ لڳو، ۽ ڪئنيڊي چمٽي سان باهه ٺاهڻ لڳو. ٿوري کان پوءِ براگٽن وري به چوڻ لڳو ته ”منهنجي مرضي آهي ته تون ڊي وين کي به سڏين.“ هن چيو ته ”منهنجي مرضي اصل ناهي ته هن کي سڏيان.“ وري به براگٽن وڏي سِيٽ وڄائي چيو ته ”چڱو.“ پوءِ موڪلائي هليو ويو.

انهيءَ ڏينهن، مانيءَ کائڻ مهل، براگٽن ڪئنيڊيءَ جي پاسي ۾ اچي ويٺو، ۽ ايندڙ ناتال واري امتحان جو ذڪر چورڻ لڳو. چيائين ته ”ڪئنيڊي، آءٌ ڀانيان ٿو ته وري به تون تمام مٿي ايندين.“ هن ترت ئي چيس ته ”نه. مون برابر پڙهيو ناهي، توکي اڳي ئي خبر آهي.“ براگٽن چيس ته ”گذرئي امتحان لاءِ ڪو وري تو پڙهيو هو ڇا؟ ڪنهن هڪڙي ڪاغذ ۾ تون تمام چڱو ڪري سگهين ٿو. نه؟“ ڪئنيڊي، آهستي ڪانٽو ڇري ميز تي رکي، کسڪي مانيءَ جي جاءِ مان ئي نڪري هليو ويو، ۽ هن کي پٽيندو ويو. مانيءَ جي ميز تي ويٺلن مان جن اهو گفتو ٻڌو، تن هڪدم سهي ڪيو ته گذرئي امتحان جي ”اسڪيلس“ واري پرچي بابت ضرور ڪا ڳجهي ڳالهه آهي، جا براگٽن ۽ ڪئنيڊيءَ کي معلوم آهي، ۽ جا ڪئنيڊيءَ کي نه وڻندڙ آهي، جنهنڪري هو اوچتو هليو ويو آهي؛ پر ڪئنيڊيءَ جي هلت ۽ شرافت جي خبر هين، تنهنڪري هنن کي ڪو خراب شڪ ڪونه پيو.

جڏهن براگٽن ماني کائي بس ڪئي، تڏهن سڌو ڪئنيڊيءَ جي جاءِ ڏانهن ويو. هن در بند ڏٺو، پر سهي ڪيائين ته ڪئنيڊي اندر آهي. هن گهڻو ئي در کڙڪايو ۽ انهيءَ کي ڌڪ هنيائين؛ ۽ اجايا سجايا قسم کنيائين، جي ڪئنيڊيءَ ٻُڌا به، پر در نه پٽيائين. تڏهن براگٽن پنهنجي نالي جو ڪارڊ ڪڍي پينسل سان انهيءَ جي پٺ تي لکيو ته ”اميد آهي ته تون ڊي وين کي ضرور سڏيندين!“ پوءِ اهو ڪارڊ درجي وٿيءَ مان اندر اڇلائي هليو ويو.

انهيءَ ڏينهن شام جو ڪئنيڊيءَ جو خط براگٽن کي مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”سڀاڻي ڊي وين به مون وٽ شراب پيئڻ ايندو، تون به اچجئين، شل تون شيطان جي حوالي هجين! مون شراب ۾ اڌ پاڻي وجهي، تيار ڪري رکيو آهي. هڪڙيءَ ٻاٽليءَ کان وڌيڪ اصل ڪين رکندس.! – ڪ.“ براگٽن اهو خط پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ڪجهه ڪئنيڊيءَ جي، ڪجهه بروس جي، ۽ ڪجهه ڊي وين جي خيال کان، ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو؛ پر آخر ٿڌو ساهه کڻي ماٺ ڪري ويهي رهيو.

باب ٽيويهون

ڪئنيڊيءَ طرفان شراب جي مجلس

۽ انهيءَ جو نتيجو

 

ڊي وين، جولئن کان پڇيو ته ”تون به ڪئنيڊيءَ جي مجلس ۾ هلين ٿو يا نه؟“هن چيو ته ”نه.“ ڊي وين چيو ته ”توکي به سڏي ها ته چڱو هو.“ جولئن کي اها حيرت لڳي ته ڇو هن مون کي نه سڏيو، پر ياد پيس ته هن جي ۽ ڪئنيڊيءَ جي وچ ۾ ڪا ڳالهه مڙئي آهي – پر ڪئنيڊي سندس ڀيڻ وايوليٽ سان مڱيل هو، ۽ اتي وري سئٽزرلئنڊ جي جبلن جو سير، ۽شايد ”ايوا“ جي صحبت اچي ياد پئيس.

 جڏهن ڪئنيڊيءَ جي جاءِ ۾ مهمان اچي گڏ ٿيا، ۽ اهي ڊي وين ڏٺا، تڏهن پشيمان ٿي دل ۾ چيائين ته ناحق آيس. سمجهي نٿي سگهيو ته بروس ۽ براگٽن جهڙا ماڻهو، جن جي طبعيت ڪئنيڊيءَ جي  طبعيت جي مخالف هئي، تن سان ڇو ٿو هو ايتري گهرائي رکي. پر ڊي وين ڪئنيڊيءَ جي حاضر هئڻ ڪري خوش هو، جو پڪ هيس ته وقت چڱو گذرندو ۽ صحبت چڱي ٿيندي؛ ڇا لاءِ جو هو ڪئنيڊي کي ڪي پنهنجي ڪري ۽ ڪي جولئن جي ڪري، پسند ڪندو هو – پر چڱو ٿيو جو اها اڃا خبر نه هيس ته ڪئنيڊي وايوليٽ سان اڳي ئي مڱيل آهي!

ڪئنيڊي ميز جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ملول ٿيو ويٺو هو. چوڻ لڳو ته ”ڊي وين، آءُ توکي هتي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. اچي منهنجي پاسي ۾ ويهه. اجها، هيءَ ڪرسي خالي پيئي آهي.“ ڊي وين هن جو چيو مڃي اچي سندس کٻي پاسي ويٺو. جڏهن پهرين شراب جو دور شروع ٿيو، تڏهن گهڻي گفتگو ڪانه ٿي هلي، پر اوچتو هڪڙي ڄڻي اخبارن جي تازي خبر پڇي، ۽ انهي تي بحث هلڻ لڳو. ڪئنيڊي به ڊي وين سان اهو ذڪر هلايو، جو هو سندس آمهون سامهون ويٺو هو، ۽ بروس ڏانهن سندس پٺ هئي. براگٽن پنهنجو گلاس پي خالي ڪري چيو ته ”ڪهڙو نه خراب شراب آهي!“ ڊي وين کي هيءَ مناسب ٽوڪ ٻڌي خفو لڳو، ۽ منهن ڦيري پنهنجو گلاس کڻي چپن تي رکيائين، انهيءَ وچ ۾ بروس پنهنجو هٿ، جو هن جي گلاس ڏانهن پيو هو، سو کڻي ورتو، ۽ دانهن ڪري چوڻ لڳو ته ”بيهه، بيهه ڊي وين، تنهنجي گلاس ۾ ڪا مک آهي!“ ڊي وين گلاس ڏانهن نهاري چيو ته ”مک ته هن ۾ ڪانهي“؛ پوءِ شراب پي ويو. سندس مطلب اهو هو ته براگٽن جي ٽوڪ ڪري متان ڪئنيڊيءَ جي دل رنج ٿي هجي، تنهن کي تقويت ڏئي. تنهنڪري، چوڻ لڳو ته ”آءٌ ڀانيان ٿو ته تمام –“ پر اوچتو کڻي بس ڪيائين، ۽ ٻين جي حيران ٿيل منهن  ڏانهن ڏسي پاڻ به حيران ٿيڻ لڳو، ۽ هڪدم وات پٽي ڪنڌ جهڪايائين، ۽ منهن ڦڪو ٿي ويس. هي حال ڏسي، سڀني کي شڪ پيو ته مک جي بدران متان ڪو زهر هو جو گلاس ۾ پيو. سڀ ٽپ ڏيئي اٿيا، ۽ هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا. ڪئنيڊيءَ، ڀاڪر وجهي، پيار سان پڇيس ته ”ڊي وين، ٻيو ته خير آهي؟“ پر هن جواب ڪونه ڏنو. تڏهن هو چوڻ لڳو ته ”ڀڄ، ڊي ايڪرس! يا ڪو ٻيو، خدا جي واسطي وڃي ڊاڪٽر کي وٺي اچي. آءٌ ڀانيان ٿو ته مرگهيءَ جو اثر ٿي ويو اٿس.“ براگٽن ڪاوڙ مان چيو ته ”بروس، تو هي ڇا پئي ڪيو آهي؟“ ڪئنيڊيءَ ٽپ ڏيئي، جوش مان اٿي چيو ته ”هان، بروس، ڇا ڪيو؟ خدا جو قسم ٿو کڻان ته جي هيءَ ڪا تنهنجي شيطاني حرڪت معلوم ٿي ٿئي، ته آءٌ توکي ڌڪ هڻي ڪيرائي وجهندس!“ بروس هٻڪي چيو ته ”ڇا ڪيو آهي؟ اوهين چئو ڇا ٿا؟“ ڊپ کان هو ڏڪڻ لڳو، ۽ سندس منهن به اهڙو پيلو ٿي ويو، جهڙو ڊي وين جو هو. اهڙيءَ خوف جي حالت ۾ به هن بدمعاش ايترو نه چيو ته پاڻ ڇا ڪيو هئائين. هن ارادو ڪيو هو ته دوا جا چار پنج ڦڙا گلاس ۾ وجهي، پر انهن جي وجهندي، ڊيوين اوچتو ڪنڌ ڦيرائي گلاس ڏانهن ڪيو هو، انهيءَ ڪري بروس جو هٿ ڏڪي ويو ۽ زياده دوا گلاس ۾ پئجي ويئي هئي، ۽ مس وري باٽلي لڪائي کيسي ۾ وجهي سگهيو. نڪي ايتروئي ڪري سگهيو جو ڊي وين کي شراب پيئڻ کان روڪي، ڇالاءِ جو هن هڪدم منهن ورائي گلاس کڻي پيتو. ڪئنيڊي سڀني ڏانهن منهن ڪري چيو ته ”ڪوبه وڃي ڊاڪٽر کي سڏي اچي، رڳو ڊي ايڪرس اتي رهي، هي ٻيا سڀ رستي ۾ اٽڪون آهن.“ ايتي چوڻ تي سڀئي ٽڙي پکڙي ويا. ٻه ڄڻا ڊاڪٽر ڏانهن ڀڳا. پر بروس اتي ئي ڊپ کان وات پٽيو بيٺو هو، ۽ منهن خوف کان ڦڪو هوس. دل ٿي چيس ته سچي ڳالهه ظاهر ڪري، متان ڪو خراب نتيجو ظاهر ٿئي؛ پر همت جهلي ڳالهه ظاهر ڪري نه سگهيو. براگٽن ڪاوڙ مان چيو ته ”بروس، ائين ماٺ ڪري نه بيهه، ڪنهن طرح ته پاڻ کي ڪمائتو ڪر! وڃي دربان جي ڪوٺيءَ مان ڊي وين جي جاءِ جي ڪنجي وٺي آءُ. پر بيهه، شايد سندس کيسي ۾ هجي. هائو هائو، اجها، آهي. ڊوڙ، وڃي هن جو در پٽ ته اسين هن کي آڻي سندس هنڌ تي سمهاريو.“

بروس ڏڪندڙ هٿ سان ڪنجي وٺي، آٿڙندو، هليو ويو. ٻين وري ڊي وين کي کنيو، ۽ آڻي هنڌ تي سمهاريائونس. سڀئي ڊاڪٽر جي لاءِ منتظر ٿي بيهي رهيا. هن جي چپن تي خشڪ گجي ڏسي سڀئي ڊڄي ويا، پر سجهين ڪين ٿي ته ڇا ڪن. ڀانيائون ٿي ته هن کي مرگهيءَ جي يا ڪا ٻي بيهوشيءَ جي طرح ٿي ويئي آهي. سگهوئي ڊاڪٽر ماشام آيو، ۽ معلوم ڪيائين ته هن ۾ ڪنهن زهر جو اثر آهي؛ ۽ جڏهن انهيءَ جي پڪ خبر پيس، تڏهن سڀني کي جاءِ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيائين، ۽ مناسب دوائون ڪرڻ لڳو. پر بروقت جيڪي ڪرڻ ضرور هو سو نه ڪيو ويو، تنهنڪري هن کي البت مشڪلات ٿي ۽ دير لڳي. اها ساري رات هو بيمار وٽ ويٺو هو. شڪ پئي پيس ته هن جي حياتي بچي يا نه.

انهيءَ ڳالهه جا خراب افواهه اٿڻ لڳا. ماڻهن کي هئزليٽ وارو قصو اڳي ئي ياد هو، ۽ سڀني ڄاتو ته ڊي وين جهڙي چڱي مڙس ۽ هر دلعزيز ماڻهوءَ سان به ڪا لچائي ٿي آهي. انهيءَ جي ته سگهوئي خاطري ٿين؛ پر هاڻ سوال اهو هو ته اها لچائي ڪنهن ڪئي، ۽ ڪيئن ڪئي، ۽ ڇو ڪئي؟ سڀئي پنهنجي پنهنجي منهن خيال ڪرڻ ۽ ڌڪا هڻڻ لڳا. جهونن ڪاليجن وارن شاگردن هڪدم تپاس ۽ جانچ ڪرڻ جي رٿ ڪئي. پهرين ڪئنيڊيءَ کان پڇاڳاڇا ٿي، ۽ هن جيڪا ڳالهه هئي سان ٻڌاين – يعني ته ڊي وين پهرئين ئي گلاس پيئڻ سان بيهوش ٿي ڪرسيءَ ۾ ڪري پيو، ۽ اڃا انهيءَ ئي حال ۾ آهي. جانچ ڪرڻ وارن عملدارن مان مسٽر نارٽن به هڪڙو هو، تنهن پڇيو ته ”مسٽر ڪئنيڊي، شراب ۾ ڪا حرڪت ته نه هئي؟“ هن چيو ته ”نه، جهڙو شراب اسان ٿي پيتو، اهڙو ئي ساڳيو هو؛ پر ٻئي ڪنهن کي ته ڪجهه به نه ٿيو.“ هن وري چيو ته ”مسٽر ڪئنيڊي، ڀائنجي ٿو ته ڪنهن لارڊ ڊي وين جي شراب ۾ ڪا دوا جهڙي شي ضرور وڌي آهي: تون انهيءَ منصوبي ۾ شامل ته نه هئين؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”نه سائين، پوريءَ طرح نه.“ ٻئي ماستر چيو ته ”اهڙو شڪي ۽ اڻپورو جواب تنهنجي واتان نٿو ٺهي. ڀلائي ڪري اسان کي صاف ڳالهه ٻڌاءِ: ”پوريءَ طرح نه“ جي معنى ڇا آهي.“ ڪئنيڊي کي گذريل حالت جي ڪري، اجائي مغروري ۽ وڏائي مغز ۾ پيدا ٿي هئي، تنهن چڙ ۾ ۽ خفي مان چيو ته  ”مون کي خبر ڪانه هئي ته ڪا ههڙي حرڪت ٿيندي.“ هن چيو ته تڏهن تو ڄاتو ٿي ته ڪنهن قسم جي حرڪت يا خرابي ٿيڻي آهي؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”مون سمجهيو ٿي ته انهيءَ جي روڪڻ لاءِ مون ضروري احتياط ورتو آهي.“ مسٽر نارٽن پڇيو ته ”ڇا جي روڪڻ لاءِ؟“ ڪئنيڊي وائڙو ٿي هن ڏانهن نهارڻ لڳو، جيڪر اصل جواب نه ڏئي ها، پر مسٽر نارٽن سندس دوست هو، ۽ اهڙو ڀلو مانس ۽ چڱيءَ نيت وارو هو جو ڪئنيڊي کي ڳالهائڻ جي همت آئي، ۽ آهستي چوڻ لڳو ته ”سائين، مون کي اهڙو شڪ هو ته ڊي وين کي نشي ۾ مست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.“ مسٽر نارٽن حيرت ۽ نفرت مان چيو ته توکي شڪ هو، ته به تو پنهنجيءَ جاءِ ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ ڏنو. ڪئنيڊي، توکي ڏسي مون کي شرم ٿو اچي، بلڪل گهڻو شرم ٿو اچي!“

هي ٻڌي، ڪئنيڊيءَ کي البت چڙ لڳي. چيائين ته ”مون اهڙي ڪم لاءِ پنهنجي جاءِ نه ڏني هئي؛ بلڪ جي اڳي ئي ڪو منصوبو ڪيل هو ته مون انهيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.“ ڊاڪٽر روڊس ماستر پڇيو ته ”تڏهن توکي شڪ ڪيئن پيو؟“ هن چيو ته ”هن ڪري جو اهڙي ساڳي حرڪت ڪنهن ٻئي سان به ڪئي ويئي هئي؟“ هن چيو ته ”انهيءَ وقت شايد تو حاضر هئين؟“ ڪئنيڊي چيو ته ”نه، آءٌ ڪو نه هوس. ماستر چيو ته ”ڪئنيڊي، مون کي افسوس آهي ته تو پنهنجي مٿان جوابداريءَ جو بار پوري طرح نه لاٿو آهي، جو تو دعوت ڏيئي ماڻهن کي گهرايو، اگرچ گمان هو ته ڪا حرڪت ٿيڻي آهي. وڌيڪ ته ڪي چوڻو ڪين اٿئي؟“ هن چيو ته ”نه.“ هڪڙي ماستر چيو ته ”شراب جو اهو ڪوزو آڻيندين، جنهن مان لارڊ ڊي وين گلاس پيتو؟“ هن چيو ته ”آءٌ پنهنجي نوڪر کي چوندس ته اهو کڻي اچي؛ مگر آءٌ سمجهي نٿو سگهان ته انهيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو.“ ماستر چيو ته ”ڀلائي ڪر، ائين ڪر. پر توکي خبر هجي ته هن وقت توکي زياده ادب سان ڳالهائڻ گهرجي.“

ڪئنيڊيءَ کي چڙ لڳي، ليڪن ماٺ ڪري هليو ويو ته وڃي شراب جو ڪوزو کڻي اچي. جڏهن پنهنجي جاءِ ۾ ويو، تڏهن تڪڙ مان ميز تي وڃي آٿڙيو، ۽ شيشي جي هڪڙي ننڍي رڪابي، جنهن تي سندس پينسلون رکيون هيون. سا اونڌي ٿي پيئي، ۽ هڪڙي پينسل وڃي بخاري جي اڳيان پيئي: انهيءَ کڻندي، هن کي هڪڙو ڪاغذ جو ٽڪر نظر آيو، جو صبح جو نوڪر جاءِ صفا ڪندي پاسي ڪري ڇڏيو هو: انهيءَ ڪاغذ تي لکيل هو ته ”آفيم جي عرق جو زهر.“ اِهو اُهو ڪاغذ هو، جو دوا فروش بروس کي ڏنو هو ته شيشيءَ تي هڻي ڇڏي يا انهيءَ سان ٻڌي ڇڏي، ۽ جو مانيءَ مهل تڪڙ مان شيشي کيسي ۾ وجهندي، اڏامي هيٺ پري وڃي پيو هو. اهو پڙهي، ڪئنيڊي ڏاڍو ڊنو. جانچ ڪندڙ ماسترن وٽ موٽي وڃڻ جي بدران، هو سڌو انهيءَ دوا فروش ڏانهن ڀڳو، جو ڪاليج کي ويجهو هو. انهيءَ کي اهو ڪاغذ ڏيئي پڇيائين ته ”هن ڪاغذ جي ڪا توکي خبر آهي؟“ هن اُهو ڏسي چيو ته ”هائو، اهو هڪڙيءَ ٻاٽليءَ تي هڻڻ جو ڪاغذ آهي، جنهن ۾ مون ڪالهه صبح جو ٿورو آفيم جو عرق ”سينٽ ورنر، واري مسٽر بروس کي پئسن تي ڏنو هو.“ ڪئنيڊي هڪدم اهو ڪاغذ هن جي هٿان کسي، اٿي ماسترن جي ڪاميٽيءَ ڏانهن ڀڳو، جي اڳي ئي هن جي دير ڪرڻ ڪري حيران ٿيا هئا. هن اهو ڪاعذ کڻي مسٽر نارٽن جي اڳيان رکيو، جنهن اهو کڻي ٻئي ماستر کي ڏنو. ڪئنيڊي چوڻ لڳو ته ”سائين، اهو مون پنهنجيءَ جاءِ جي زمين تي لڌو.“ هن پڇيو ته ”انهيءَ جي توکي اڳي خبر ڪانه هئي ڇا؟“ ڪئنيڊي چيو ته ”ايتري خبر اٿم ته بروس ڪالهه هڪڙي شيشي خريد ڪئي هئي، انهيءَ جو هيءُ ڪاغذ آهي.“ سڀني کي عجب لڳو، ۽ ڊپ به ٿيو. مسٽر نارٽن چيو ته ”بهتر آهي ته هڪدم بروس کي سڏجي.“ ڏهن منٽن جي اندر بروس گهڙي آيو. سندس پوشاڪ چڱي هئي، مگر منهن ڦڪو هوس. ادب سان سلام ڪري اچي بيٺو، ۽ جن کي سڃاڻيندو هو، تن ڏانهن نهاري ٿورو مرڪيائين. اها خبر ڪانه هيس ته ڪئينڊيءَ جي آڏي پڇا ڪندي ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه ظاهر ٿي آهي.

سڀني جانچ ڪندڙن جي چوڻ تي، مسٽر نارٽن هن کان پڇيو ته ”رات لارڊ ڊي وين جو اوچتو بيمار ٿي پيو، تنهن جي سبب جي ڪا توکي خبر آهي؟“ هن چيو ته ”مون کي؟ مون کي بلڪل خبر ڪانهي.“ هن وري پڇس ته ”هو تنهنجي پاسي ۾ ويٺو هو نه؟“ بروس چيو ته ”هائو، آءٌ ائين ٿو ڀانيان. مون کي پڪ ڪانهي، مگر ڀانيان ٿو ته منهنجي پاسي ۾ ويٺل هو.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”هُو به ائين ويٺل هو، جيئن آءٌ ويٺل هوس.“ مسٽر نارٽن چيو ته ”مسٽر ڪئنيڊي، تون مهرباني ڪري ماٺ ڪري ويهه. مسٽر بروس، توکي ڪو لارڊ ڊي وين سان چرچو يا ڪا حرڪت ڪرڻي هئي؟“ هن چيو ته ”حرڪت؟ سائين معاف ڪجو، آءٌ انهيءَ سوال جو مطلب نٿو سمجهان.“ هن وري پڇيو ته ”تڏهن تنهنجو ارادو هن کي نشئي ڪرڻ جو نه هو؟“ بروس چيو ته ”سائين، اوهين اهڙو الزام آڻي مون کي حيران ٿا ڪريو.“ پوءِ ڪئينڊيءَ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”تڏهن هي تون آهين، جو منهنجي برخلاف چغليون پيو هڻين؟“ ڪئنيڊيءَ جواب ڪو نه ڏنو، بروس چيو ته ”جو ماڻهو چوريءَ امتحان جي سوالن جو ڪاغذ ڏسي، تنهن جيءَ ڳالهه تي ڪهڙو ڀروسو رکي ٿو سگهجي؟“ ڀانئجي ٿو ته اهو ڳجهه براگٽن هن کي ٻڌايو هو ته ڀلي ڪئنيڊيءَ جي بدنامي ٿئي. انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ تي ڪئنيڊي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. مسٽر نارٽن چيو ته ”مسٽر بروس، مهرباني ڪري پنهنجي خانگي تڪرارن جو ذڪر هتي نه ڪريو. جو اهي هن جانچ سان لاڳو ناهن.“ پوءِ اهو ڪاغذ جو ٽڪر بروس کي ڏيئي، سڌو سوال وڌائينس ته ”ٻڌاءِ ته هي تو اڳي ڏٺو آهي يا نه؟“ بروس جڏهن اهو ڪاغذ ڏٺو، تڏهن مٿي تي هٿ هڻي، ڏاڍي ڊپ ۽ ڏک ۽ شرم کان دانهن ڪري چوڻ لڳو ته ”هائو، هائو، مون اها حرڪت ڪئي. بيشڪ منهنجو ارادو اهو هو. منهنجو هٿ لُڏي ويو. خدا جي واسطي، مون کي معاف ڪريو. انهيءَ ڳالهه دٻائي ڇڏڻ لاءِ اوهين جيڪا چٽي مون کا ڀرائيندؤ، سا آءٌ ڏيندس!“

انهيءَ تي سڀني جي واتان چڙ ۽ نفرت جي دانهن نڪري ويئي. ماستر جي حڪم پٺيان، هن کي هڪدم گهلي ٻاهر ڪڍي ويا، ۽ هو حفاظت هيٺ رکيو ويو. هو ننڍي ٻار وانگي وار پٽيندو ۽ سُڏڪا ڀريندو ويو. ڪئنيڊيءَ کي به حڪم مليو ته في الحال جاءِ مان نڪري وڃي. ٿوري ويچار کان پوءِ ڪاميٽيءَ بروس کي وري سڏيو. هن جي مرضي هئي ته ڪي ڳالهائي، پر ماستر سخت منع ڪيس ۽ چيائنس ته ”بروس، تنهنجي قبولداريءَ موافق توتي اهو ڏوهه ثابت ٿيو آهي ته تو پنهنجي هڪڙي هم مڪتب کي شراب ۽ بيهوشيءَ جي دوا گڏي ڏني، انهيءَ لاءِ ته هو اهڙو ڪو گناهه ڪري جو تون هن کان ٻيءَ طرح ٺڳاري ڪرائي نه سگهين ها، ۽ اها قبولداري به تو وڏن ڪوڙن کان پوءِ مس مس ڏني آهي. تنهنجيءَ انهيءَ شرارت مان هن کان پوءِ ڪهڙا خراب نتيجا نڪرندا، تن جي اڃا اسان کي خبر پئجي نٿي سگهي. شايد انهيءَ جي لاءِ توکي ڪنهن سرڪاري ڪورٽ اڳيان جواب ڏيڻو ٿئي. پر، انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي، توکي ايتري خبر ڏجي ٿي ته اڄ کان پوءِ توکي ”سينٽ ورنر“ جي ڪاليج ۾ رهڻ نه ڏبو. توکي ڪڍي ٿو ڇڏجي، ۽ تنهنجو نالو ڪتابن مان ڪاٽي ٿو ڇڏجي.“ ائين چئي، ماستر ڪاليج جي ڪتابن تي ٻن – ٽن هنڌ مس جا ليڪا ڪڍيا، ۽ بروس جا نالا رد ڪيا. پوءِ وري چيائينس ته ”سڀاڻي کان وٺي تنهنجي رهڻ جي جاءِ خالي هئڻ گهرجي! بس، پنهنجي بچاءَ ۾ توکي ڪي وڌيڪ چوڻ جو ضرور ڪونهي، هاڻ ڀلي تون نڪري وڃ.“ پر بروس جي ڊول مان ائين معلوم ٿيو ته هن کي ضرور ڪي چوڻو آهي؛ تڏهن هنن پٽيوالن کي حڪم ڏنو ته کيس زور سان ٻاهر ڪڍي وڃن.

تنهن کان پوءِ ڪئنيڊيءَ کي سڏ ٿيو سڀئي هن کي پسند ڪندا هئا، تنهنڪري انهيءَ جو هنن کي گهڻو ارمان ٿيو. وڏي پادريءَ هن کي چيو ته ”مسٽر ڪئنيڊي، تو ڏوهه جهڙي غفلت ڪئي آهي، تنهنڪري ماستر جي مرضي آهي ته توکي فهمائش ڏجي. بروس جي وڏي بيوقوفيءَ ۽ شرارت، جنهن لاءِ هن تي ڏوهه ثابت ٿيو آهي، تنهن جو جلد ظاهر نه ڪرڻ ڪري تو قصور ڪيو آهي.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”سائين، مون ڳالهه ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا غفلت نه ڪئي.“ پادريءَ چيو ته ”ماٺ ڪري بيهه.“ هن شوخيءَ مان چيو ته ”آءٌ ماٺ ڪين ڪندس. اوهين مون تي ڪوڙي تهمت ٿا آڻيو.“ هن چيو ته ”مسٽر ڪئنيڊي جي اهڙي اجائي ۽ اڍنگي هلت ڪندين ته اسان کي زياده سختي ڪرڻ جو لاچار ٿيندو.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”ڀلي، اوهين ڪهڙي به سختي ڪريو، تنهن جي مون کي پرواهه ڪانهي. جنهن تهمت کي آءٌ ڌڪاريان ٿو، ۽ جنهن کان آءٌ بيگناهه آهيان، سا ماٺ ڪري آءٌ ڪين ٻڌندس.“ هن چيو ته ”ائين ڇو ٿو چوين؟ تو اڳهڻو ڪين قبول ڪيو ته توکي ڪنهن حرڪت يا دغا جو شڪ پيو؟“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”برابر، پر نه ههڙي ڏوهه جهڙيءَ حرڪت جو. چڱو، سائين، جيڪي اوهان کي چوڻو هجي سو ڀلي چئو، آءٌ وچ ۾ ڪين ڳالهائيندس؛ مگر اوهان کي خبر هجي ته جو ڏوهه ٻين ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ جيڪو الزام مون تي آڻيندؤ، تنهن جي مون کي ڪابه پرواهه ڪانهي.“ تڏهن پادريءَ فقط هيترو چيو ته ”مسٽر ڪئنيڊيءَ، مون کي تنهنجي حال تي گهڻو افسوس ٿئي ٿو جو تون ڪابه پشيماني ظاهر نٿو ڪرين، تو پنهنجي سڀني دوستن کي نااميد ڪيو آهي. تون ڪيترو به اجايو هل ڪرين، ته به پنهنجيءَ چال تي تون خراب داغ آڻي چُڪين.“ ڪئنيڊيءَ چيو ته ”سائين، اوهين ائين چئي نٿا سگهو، خوشي اوهان جي.“ ائين چئي، هو موڪلائڻ يا سلام ڪرڻ کان سواءِ جاءِ مان نڪري هليو ويو.

ڪن ٿورن ڏينهن کان پوءِ مسٽر گريسن هن کان پڇيو ته ”انهيءَ ڏينهن بروس امتحان جي سوالن جي ڪاغذ بابت توکي ڪهڙو اشارو ٿي ڏنو؟“ ڪئنيڊيءَ ورندي ڏني ته ”سائين، ٿورو وقت اڳي هڪڙو اتفاق ٿيو هو، تنهن جو ٿي اشارو ڏنائين.“ هن وڌيڪ ڪي ڪين پڇيو – مگر ڪئنيڊيءَ ڏٺو ته سندس استاد کي انهيءَ بابت پڪو شڪ پيو آهي. مسٽر گريسن هن کي ڌڪارڻ لڳو، ۽ ڪاليج ۾ به هن جو مانُ گهٽ ٿيڻ لڳو.

انهيءَ رات بروس ”ڪئمفرڊ“ مان گم ٿي ويو، ۽ هن جي وڃڻ ڪري، سواءِ ڪن درزين ۽ سنگتين جي، ڪنهن کي به ارمان ڪونه ٿيو. اڄ تائين هُن ڪاليج ۾ کنيل قرض ادا نه ڪيو آهي، ۽ نه ئي جيڪو عمدو سامان پنهنجيءَ جاءِ ۾ آڻي وڌو هئائين، تنهن جي مسواڙ ڏني اٿس. هن جو وڌيڪ احوال هيٺڀرو ايندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org