نصير مرزا:
پراڻي مڌ جهڙي دوستي
”هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آهي- صبح جا اٺ لڳي ڏهه منٽ ٿيا
آهن. پروگرام پيش ڪجي ٿو، صبح مهراڻ.“
هر جمعي واري ڏينهن تي انائونسر جي انهي جملي کان پوءِ، سگنيچر
ٽيون نشر ٿئي ٿي ۽ ان کان پوءِ منهنجو آواز فضائن
۾ اڀري ٿو، ”صبح مهراڻ سان حاضر آهيون پروڊيوسر
نصير مرزا ۽ مان آهيان توهان جو ميزبان زيب سنڌي.“
ائين ڪيترن سالن کان نصير جو ۽ منهنجو نالو گڏيو اچي، پر
دوستيءَ لاءِ کنيل وکن جو سفر ته اڃا به پراڻو آهي
۽ دوستي به پراڻي مڌ جيان ئي آهي، جيتري پراڻي،
اوتري اهم- ۽ زندگي- زندگي ته اتفاقن، حادثن ۽
واقعن جو مجموعو آهي. پوئتي نهار ڪجي ٿي ته اتفاق،
حادثا ۽ واقعا، سالن جي سفر ۾ هڪٻئي پويان قافلي
جيان هلندا نظر اچن ٿا.....
1975ع:
نصير ۽ منهنجي لکڻ جو ابتدائي زمانو آهي. اسان هڪٻئي سان مليا
به ناهيون ۽ اسان جو خطن وسيلي رابطو ٿئي ٿو. هڪ
ٻئي ڏانهن بي شمار خط لکون ٿا. اهي خط، جيڪي اسان
کي ذهني طور تي هڪٻئي جي ويجهو آڻيندا رهن ٿا ۽
ڪجهه مهينن جي خط و ڪتابت کان پوءِ، اسان جي
ملاقات ٿئي ٿي ته اسين هڪٻئي لاءِ قطعي اوپرا
ناهيون. هو مون سان ملڻ لاءِ لاڙڪاڻي هليو ٿو اچي،
ته ڪڏهن مان سندس خاطر حيدرآباد کان اچي ٿو نڪران.
لاڙڪاڻي جي گُهٽ ۽ حيدرآباد جون هوائون دوستيءَ جي
ٻوٽي کي قدآوار ڪنديون ٿيون رهن. ٻنهي شهرن جي
انيڪ رستن تي اسان ٻنهي جي قدمن جا نشان گڏ گڏ
ملن/ هلن ٿا.
1976ع:
آگم پبلشنگ ايجنسي/ ماهوار ”نئون نياپو“ جي آفيس. هر شام تي
اديبن جو متل ميڙو. مان جڏهن به حيدرآباد اچان ٿو.
آگم جي کليل دروازي جيان ئي نصير جون کليل ٻانهون
آجيان ڪن ٿيون ۽ سائين نثار حسيني پنهنجي کليل دل
سان منهنجي لکڻين جي آجيان ڪري ٿو. آگم جو ڪتابن ۽
رسالن سان سٿيل اهو ننڍڙو ڪمرو ڪيترن ٻين اديبن
جيان، مون لاءِ به ادبي سفر جو سنگ ميل بڻجي وڃي
ٿو.
1977ع:
حيدرآباد جي رستن تي هلندي مان نصير کي چوان ٿو، ”ريڊيو پاڪستان
ٿا هلون.“
”ڪنهن وٽ هلنداسين ريڊيو تي؟“ نصير پڇي ٿو.
”آغا سليم سان ملڻ ٿا هلون.“ وراڻيان ٿو.
نصير منهنجي خواهش تي چپ چاپ مون سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڏانهن
هلڻ لڳي ٿو.
(اسان ٻئي ته ڪجهه گهڙيون آغا سليم صاحب سان گهاري حيدرآباد
ريڊيو جي بلڊنگ کان ٻاهر نڪري آيا هئاسين، پر نڄاڻ
اها ڪهڙي گهڙي هئي، جو حيدرآباد ريڊيو ڄڻ اسان
ٻنهي جي مستقبل کي پير- ڪڙي وجهي ڇڏي هئي!)
1983ع:
لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيندڙ منهنجي اشاعتي اداري سڳنڌ پبليڪيشنس/ ڪتاب
گهر جو افتتاح نصير مرزا جي هٿن سان ٿئي ٿو. نصير
جي سڀاڳن هٿن جي ڇهاءَ سان شروع ٿيل ان اداري
طرفان شيخ اياز، امر جليل، ذوالفقار راشدي، نجم
عباسي، ولي رام ولڀ، اياز گل، ادل سومري، شبنم گل،
رفيق سومري ۽ ٻين ڪيترن ناميارن ليکڪن جا ڪيترائي
ڇپجي پڌرا ٿيڻ لڳن ٿا ۽ ٿوري ئي عرصي اندر، سڳنڌ
جي سڳنڌ سڄي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڦلهجي وڃي ٿي.
نصير مرزا ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ٿي وڃي ٿو ۽ سندس پهرين
پوسٽنگ حيدرآباد ريڊيو تي ٿئي ٿي. (آگم سان گڏوگڏ
اسان دوستن کي حيدرآباد ۾ رابطي جو هڪ ٻيو ٿاڪ ملي
وڃي ٿو) نصير هڪ ادبي پروگرام لاءِ منهنجي ڪهاڻي
(وڃايل ٻار) رڪارڊ ڪرڻ لاءِ مون کي مائيڪ اڳيان
وڃي ويهاري ٿو ۽ اتان کان منهنجي ريڊيو جي سفر جي
شروعات ٿئي ٿي. (بلڪ مجموعي طور تي اليڪٽرانڪ
ميڊيا لاءِ لکڻ جي ابتدا ٿئي ٿي) ڪهاڻيءَ جي
رڪارڊنگ کان پوءِ نصير مرزا رڪارڊ لاءِ مون کان
ڪهاڻيءَ جو اسڪرپٽ گهري ٿو. اها ڪهاڻي مون کي
نورالهديٰ شاهه کي سندس رسالي ”مرڪ“ لاءِ به ڏيڻي
آهي. مان ڪهاڻي فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ لاءِ گاڏي کاتي
جي ڪنهن دڪان تي وڃان ٿو ته اتي سميع بلوچ ملي وڃي
ٿو. سميع حجت ڪري منهنجي ڪهاڻيءَ جي هڪ فوٽو ڪاپي
کڻي هليو وڃي ٿو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ مون کي
ڪراچي ٽي وي تان محمد بخش سميجي پاران ان ڪهاڻي کي
ٽي وي لاءِ ڊراماٽائيز ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو.
منهنجي اها ڪهاڻي ئي منهنجي ڊراما رائيٽر ٿيڻ جو
سبب بڻجي وڃي ٿي، جيڪا سڀ کان اڳ نصير ادبي
پروگرام لاءِ رڪارڊ ڪئي هئي.
1988ع:
مان ريڊيو پروڊيوسر جي حيثيت سان چونڊجي، ٽريننگ لاءِ وڃي
پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد پهچان ٿو.
مون کي هاسٽل ۾ اهو ئي تيرهون نمبر ڪمرو ملي ٿو،
جنهن ۾ نصير جي ئي خوشبو رچيل آهي. منهنجي ٽريننگ
پوري ٿيڻ واري آهي ته نصير اليڪشن 1988ع جي ڊيوٽي
۾ اسلام آباد اچي ٿو. ساڻس گڏ منهنجي ڊيوٽي به هيڊ
ڪوارٽرس ۾ لڳي ٿي. اتي نصير پڇي ٿو، ”ٽريننگ کان
پوءِ ڪيڏانهن وڃڻ جو خيال آهي؟“
وراڻيان ٿو، ”ڪراچي، ڪوئيٽا يا پوءِ اسڪردو هليو ويندس. مون
اهڙي ئي رضامندي لکي ڏني آهي.“
نصير مون سان اختلاف ڪري ٿو، ”توکي حيدرآباد اچڻ کپي، پنهنجو
شهر آهي، پنهنجي اسٽيشن آهي، اهم ڳالهه ته عنايت
بلوچ صاحب جهڙو مهربان ماڻهو اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي.
سڪون سان رهندين. گڏجي ڪم ڪنداسين.“
نصير مون کي ڪجهه بحث کان پوءِ مڃائي وٺي ٿو ۽ مان ٻئي ڏينهن تي
ئي، پنهنجي پوسٽنگ حيدرآباد ريڊيو تي ڪرائڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو ڇڏيان. 1988ع جي حالتن سبب منهنجي
گروپ جو ڪوبه پروڊيوسر حيدرآباد وڃڻ لاءِ تيار
ناهي. مون کي حيدرآباد ريڊيو تي پوسٽنگ ملي وڃي ٿي
۽ مان سال جي پڇاڙڪي هفتي ۾ حيدرآباد اچي جوائن
ڪيان ٿو.
1989ع:
مان ريڊيو جي نوڪري ڇڏي وڃي ليڪچرر ٿيان ٿو، پر نصير، ڪوثر
ٻرڙي، علي نواز خاصخيلي، گل حسن قريشي ۽ سائين
عنايت بلوچ جي شخصيت سبب ريڊيو کان منهنجو رابطو
نٿو ٽٽي. ڪاليج کان وڌيڪ منهنجو وقت ريڊيو تي گذري
ٿو.
1992ع:
علي نواز خاصخيلي ”سڳنڌ“ ۽ ڪوثر ٻرڙو ”صبح مهراڻ“ پروگرام لاءِ
ڪمپيئر جي حيثيت سان هڪ ئي وقت مون کي بڪ ٿا ڪن.
ڪجهه عرصي کان پوءِ ”صبح مهراڻ“ جو پروڊيوسر نصير
مرزا ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪيترن سالن تائين اسان گڏجي
پروگرام ڪندا رهون ٿا.
2002ع:
هاڻي جڏهن دوستيءَ جي سفر کي چوٿائي صديءَ کان وڌيڪ وقت ٿي ويو
آهي ۽ اسين ٻارن ٻچن وارا ٿي ويا آهيون، تڏهن مون
کي پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ ڪا ضروري صلاح
گهرجي ٿي ته، نظر نصير ڏانهن ئي کڄي ٿي. بلڪه هڪ
مرحلي تي سندس صلاح ئي فيصلي جو درجو به اختيار
ڪري وٺي ٿي.
هن ڪٿا جي ابتدا ۾ مون چيو آهي ته زندگي اتفاقن، حادثن ۽ واقعن
جو مجموعو آهي. سچ ته نصير سان دوستي نه هجي ها ته
مان حيدرآباد ريڊيو تي قطعي پوسٽنگ نه ڪرايان ها.
حيدرآباد ۾ پوسٽنگ نه هجي ها ته مان ليڪچرر ٿيڻ
لاءِ انٽرويو نه ڏيان ها ۽ نه اڄ پروفيسر هجان ها.
اسلام آباد کان نصير مون کي حيدرآباد ڇڪي آيو ته
حيدرآباد جي هوائن منهنجا سڀ رستا روڪي مون کي
حيدرآباد ۾ ئي گهر ڪري ويهي رهڻ لاءِ مجبور ڪري
وڌو.
هي سڄو ذڪر ته هو نصير سان ويجهڙائيءَ واري ذاتي تعلق، حجتن ۽
محبتن جو، پر سندس فني صلاحيتن تي تفصيل سان ڪجهه
لکڻ/ چوڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر ان جو اختصار
منهنجي ذهن ۾ ڪجهه هن ريت جڙي ٿو ته:
سندس شاعري ٿورڙي سهي پر ڪيترن شاعرن جي ڪنهن وڏي ڍير کان وڌيڪ
وزندار آهي.
پير حسام الدين راشدي، نسيم کرل، ممتاز مرزا ۽ نورالهديٰ شاهه
جيان سندس نثر جي بلڪل ڌار سڃاڻپ آهي. سندس پنهنجو
منفرد ڊڪشن آهي.
هڪ پروڊيوسر جي حيثيت سان هو بي شمار صلاحيتن جو مالڪ آهي.
۽ هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان، هو سڄي سنڌ ۾ سنڌيءَ جو
نمبر ون ڪمپيئر آهي.
۽ مان پنهنجي پيدا ڪندڙ رب پاڪ جو قسم کڻي ٿو چوان
ته، مان هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان سنڌي جي ڪنهن به
ڪمپيئر کان
Conscious
ناهيان، سواءِ نصير مرزا جي.
(2002ع)
اياز گل:
مثالي دوست - مثالي شاعر
هر ڪو هٿ ملائڻ وارو دوست ناهي هوندو، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو شخص
پهريون دفعو هٿ ملائڻ سان ئي دوست ٿي ويندو آهي.
اٺاويهه سال اڳ، ائين ئي محسوس ٿيو هو، پهريون
دفعو اياز گل سان هٿ ملائيندي. زندگيءَ جي هڪ وڏي
عرصي تي ڦهليل دوستيءَ کي نڀائڻ جو ڏانءُ به اياز
گل کي اچي ٿو. مون جهڙي
Careless
ماڻهوءَ کي ته جنم ڏينهن به هو ئي ياد ڪرائيندو
آهي. جنم ڏينهن تي پهرين فون ڪري. اڪثر ائين ٿيندو
آهي ته منهنجي جنم ڏينهن جي شروع ٿيڻ واري ڏينهن/
رات جو ٻارهين لڳي هڪ منٽ تي اياز گل ئي فون ڪري
جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندو آهي. فقط مون سان ئي
نه، سڀني ويجهن دوستن سان سندس رويو ڏاڍي پيار،
پنهنجائپ ۽
Care
وارو آهي. فقط دوستي جي معاملي ۾ ئي نه، پر
زندگيءَ جي هر معاملي ۾ هن وٽ انتهائي نفاست ۽
ترتيب موجود آهي. اهڙي نفاست ۽ ترتيب، جنهن کي
مثالي چئي سگهجي ٿو. سندس گهر ۾ ڪتاب قلم کان وٺي
ٽيهه سال اڳ ڪنهن دوست طرفان ٻن انچن جي ڪاغذ تي
لکيل چٺي به حفاظت ۽ ترتيب سان رکيل ۽ سانڍيل
هوندي. هو هر شيءِ کي سانڍڻ جو فن به خوب ڄاڻي ٿو.
نه فقط شيون پر احساس ۽ يادون به ساهه سان سانڍي
رکي ٿو. تڏهن ئي ته هن چيو آهي:
يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي،
ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي.
اياز گل پاڻ به وڇوڙي جا سال گهاريا آهن ته وري محبتون به
ماڻيون آهن. اِهي، اُهي ٻئي تجربا آهن، جن سندس
شاعريءَ ۾ وسعت پيدا ڪئي آهي. اِهو ئي سبب آهي ته
اڄ سندس شاعري هزارين محبت ڪندڙ دلين ۾ ڌڙڪي ٿي.
پنهنجي اکين ۾ خوابن جا شهر ٺاهيندڙ ڇوڪريون، جيڪي
اردو شاعرن احمد فراز ۽ پروين شاڪر جا ڪتاب پنهنجي
اکين اڳيان ڪينواس جيان جهلي ويٺيون هونديون هيون،
انهن کي هاڻي اياز گل جي شاعريءَ مان شعر پنهنجي
خوابن ۾ ڀرڻ لاءِ رنگ ملي ٿا وڃن.
اياز گل جي شاعريءَ کان متاثر فقط محبت ڪندڙ دليون ئي ناهن، پر
محبتن جي شاعري ڪندڙ نئين ٽهيءَ جا بي شمار شاعر
به سندس ڏات ۽ ڏانو جي تقليد ڪندي نظر اچن ٿا. فقط
نئين ٽهي جي شاعرن کي ئي نه، پر متاثر ته هن
پنهنجي ئي ٽهي کي به ڪيو هو. ٻيو ڪير کڻي نه مڃي،
پر بنيادي طور شاعر نه هوندي به منهنجي سدائين اها
سَڌ رهي ته جيڪر مان به اياز گل جهڙي شاعري ڪري
سگهان، پر اياز گل جي شاعري سان ڪلهو ملائڻ ڪا
معمولي ڳالهه ته آهي ڪونه. اهو ئي سبب آهي ته مان
شاعريءَ جي پيچري کي ڇڏي، پنهنجي ڏات جي واٽ وٺي،
ڪهاڻيءَ کان ٿيندو ٽي وي ڊرامي جي راهدارين ڏانهن
هليو ويس، پر اتي به، محبتن جي حوالي سان اياز گل
جي ئي ڪنهن شعر جو احساس، ڪڏهن نه ڪڏهن منهنجي
ڪنهن ڪردار جي چپن مان ضرور ڦٽي نڪتو آهي ۽ اهڙي
سگهاري شاعر جي انتهائي ويجهي دوست هئڻ تي مون
سدائين فخر محسوس ڪيو آهي.
(2002ع)
ڪوثر ٻرڙو:
ننڍڙي ڪمري ۾ رهندڙ
وڏي دل وارو ماڻهو
اهي 1988 واري سال جا پڇاڙڪا ڏينهن هيا. مان اسلام آباد مان
ريڊيو پروڊيوسر واري ٽريننگ پوري ڪري. پهرين
پوسٽنگ تي جوائن ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن اچي حيدرآباد
ريڊيو اسٽيشن تي پهتو هئس. اسٽيشن ڊائريڪٽر (عنايت
بلوچ) جي آفيس ۾ وڃي جوائننگ رپورٽ ڏيڻ کان پهرين
ئي، پنهنجي پراڻي دوست نصير مرزا جي ڪمري ۾ لنگهي
ويس. نصير ڀاڪر پائي آجيان ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي
ڀرواري ٽيبل تي ويٺل ساٿي پروڊيوسر سان تعارف ڇا
ڪرايو، اهو پروڊيوسر ائين ٽپو ڏئي اٿيو، ڄڻ ڪرسي ۾
ڪو اسپرنگ لڳل هو، جنهن جي پريشر سان اهو همراهه
اڇل ڏئي ڪرسي مان نڪتو هجي! پهرين ملاقات ۽ پهرين
ڀاڪر سان ئي حجائتو ٿي ويو، ”اڙي چڱو ڪيئي جو هتي
هليو آئين، ڏاڍو مزو ايندو.“
۽ پوءِ آيل ڏينهن ۾، ڪوثر جي ساٿ سبب واقعي ڏاڍو مزو آيو.
حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ، مون شروعاتي ٻه مهينا، گاڏي کاتي ۾
منظور چيمبر جي هڪ ڪمري ۾ گذاريا هئا. انهن ڏينهن
۾ حيدرآباد جي رستن تي دهشتگرديءَ جو راڪاس پيو
ڦيرا پائيندو هو. گاڏي کاتي ۾ روز رات جو فائرنگ
جا آواز پيا ٻڌبا هئا. مون منظور چيمبر جي چوٿين
فلور تان ڪيترا دفعا کڙڪي کولي، هيٺ نهار ڪري ڀاڄ
جا منظر به ڏٺا ته ڪڏهن رستن تي پاڻ به ڀاڄ جو حصو
رهيس. هڪ رات ٺڪا ٺوڪيءَ جي مسلسل آوازن سبب ننڊ
ڪري نه سگهيس. صبح جو وقت تي آفيس نه پهچڻ سبب
پروگرام ميٽنگ ۾ به شريڪ ٿي نه سگهيس. ان ڏينهن
آفيس ۾ دوستن سان ذڪر ڪيم ته ڪنهن چڱي هنڌ تي رهڻ
جي مسواڙي جاءِ ڳولي ڏيو. ڪوثر منهنجي ڳالهه ٻڌي
هڪدم چيو، ”نه جاءِ جو فڪر ڪر. نه مسواڙ جو، اڄ
شام ئي تنهنجا ٽپڙ کڻي ٿا هلون.“
شام جو منظور چيمبر مان وڃي سامان کنيوسين ۽ ڪوثر مون کي پاڻ
سان گڏ وٺي ويو. اتي وڃي خبر پئي ته ٻن ڪمرن جي هڪ
ننڍڙي جاءِ هئي. وڏي ڪمري ۾ ڪوثر جو بئنڪر دوست
اقبال عمراڻي ۽ سندس پلٽڻ مهمانن جي رهندي هئي ۽
ننڍڙو ڪمرو، جنهن ۾ فقط هڪڙي کٽ ۽ چار ڪرسيون رکيل
هيون، تنهن ۾ ڪوثر رهندو هو. حيرت مان پڇيومانس،
”هن ننڍڙي ڪمري ۾ ڪيئن رهنداسين ٻه ڄڻا؟“
ڪوثر وڏو ٽهڪ ڏئي چيو، ”ٻه ڄڻا ته هن ڪمري ۾ اڳي ئي رهندا
آهيون. هاڻي ٽي ڄڻا رهنداسين هتي.“ خبر پئي ته مون
کان مهينو کن اڳ خضدار کان بدلي ٿي آيل پروڊيوسر
خليل چنا جا ٽپڙ به هن ڪمري ۾ موجود آهن. ڪوثر جو
ڪمرو ته ننڍڙو هو، پر سندس دل ڏاڍي ڪشادي هئي. اهو
ئي سبب آهي ته هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ اسان ٽن ڄڻن جي
رهندي به گهٽ ۾ گهٽ مون کي ۽ خليل کي ته ڪابه
تڪليف محسوس نه ٿي، پر مان ۽ خليل، ڪوثر لاءِ ڏچو
بڻجي وياسين. بلڪه اسان ٻئي گڏجي ڪوثر لاءِ روز
ڪونه ڪو نئون ڏچو پيدا ڪندا هئاسين. خليل ۽ مون کي
رات جو جاڳڻ جي عادت، ۽ صبح جو به يارهين وڳي
ميٽنگ جي ٽائيم تي آفيس وڃون. جڏهن ته ڪوثر کي هڪ
ته سوير ننڊ ڪرڻ جي عادت ۽ ٻيو وري صبح جو پروگرام
ڪرڻ سبب کيس سخت سياري ۾ اٿڻو به صبح سان سوير
پوي. رات جي اڍائي ٽين وڳي تائين خليل ۽ منهنجي
ڪچهري به هلندي ته ٽهڪ به گونجندا ۽ ويچارو ڪوثر
پيو پاسا ورائيندو ۽ رڙيون ڪندو. ”اڙي چٻرئو. سمهو
نٿا؟“ ۽ اسان شرارت مان ٽهڪ ڏئي چونداسين، ”نٿا
سمهون، ڇا ڪندين؟“ ۽ ويچارو ڪوثر ڪنن تي ويهاڻو
رکڻ ۽ پاسا ورائڻ کان سواءِ ڪجهه ڪري به نه سگهندو
هو. خليل ۽ منهنجي گهڻي ”هلڙ بازيءَ“ جي باوجود
به، جيڪڏهن ڪنهن رات گهڻي ٿڪاوٽ سبب ڪوثر کي ننڊ
وٺي ويندي هئي ته گهاٽي ننڊ مان اوچتو ڪوثر کي
ڌونڌاڙي ۽ رڙيون ڪري اٿاريندا هئاسين. هو ڇرڪي،
اٿي ويهي حيرت مان اسان ڏانهن ڏسي دهشت زدهه انداز
سان پڇندو هو، ”ڇا ٿيو ڇا ٿيو؟“ ۽ اسان ٻئي شرارت
مان ٽهڪ ڏئي چوندا هئاسين. ”ڪجهه نه ٿيو. سمهي
رهه!“ هو ڪاوڙ مان اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو وري
سمهي پوندو هو. جڏهن وري گهاٽي ننڊ ورائي ويندي
هيس ته کيس ڇرڪ ڀرائڻ وارو ساڳيو عمل دهرائيندا
هئاسين ۽ هڪڙي رات ۾ ساڻس ٽي چار دفعا اها حالت
ڪندا هياسين. اسر ويل خليل ۽ مان ٿڪجي سمهندا
هياسين ته، ڪوثر اٿي آفيس وڃڻ جي تياري به ڪندو هو
ته گڏوگڏ چپن ئي چپن ۾ مسلسل اسان کي گهٽ وڌ به
ڳالهائيندو رهندو هو، ”اڙي… زندگي زهر ڪري ڇڏي
اَٿوَ. ننڊ ڪرن به نٿا ڏيو…!“
خليل ۽ مان دير سان آفيس پهچندا هئاسين ته ڪوثر اوجاڳي ۽ بي
آرامي سبب اکيون ڳاڙهيون ڪيو ويٺو هوندو هو. اسان
کي ڏسڻ شرط ڦاٽ کائيندو. ”اڙي توهان ٻنهي کي شرم
نٿو اچي. مسواڙ به مان ڀريان. سامان به منهنجو،
سمهان به زمين تي، تڏهن به ننڊ ڪرڻ نٿا ڏيو.“ خليل
۽ مان وعدو ڪنداسين ته وري ڪڏهن به تنهنجو آرام نه
ڦٽائينداسين، پر جيسين اسان ٽئي گڏ رهياسين، اها
رات ڪڏهن به نه آئي، جڏهن اسان ڪوثر جي ننڊ حرام
نه ڪئي.
اسان جي شرارتن سبب مسلسل بي آرامي جو شڪار ٿيل ڪوثر هڪ ڏينهن
بيزار ٿي اسان ٻنهي کي چيو. ”اڙي توهان سڌرندؤ يا
نه؟“
مون وراڻيو، ”خليل لاءِ ته مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. باقي مان
ڪڏهن نه سڌرندس.“
ڪوثر رڙ ڪئي. ”اڙي ڇو، ڇو نه سڌرندين تون. مون کي ته ننڊ لاءِ
سڪائي ماريو اٿوَ.“
وراڻيم، ”منهنجي سڌرڻ جو ڪوبه امڪان ان ڪري ناهي، جو مون کي
سوير ننڊ ايندي ڪونه. باقي مان پنهنجي رهڻ جو ڪو
ٻيو بندوبست ڪري ٿو وٺان.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪوثر هڪدم اٿي بيهي رهيو. ”اڙي تون جو هليو
ويندين ته پوءِ وري مون کي ننڊ ايندي ڇا...؟“
کلي وراڻيم، ”ته پوءِ صبر شڪر سان مون کي برداشت ڪر!“
حقيقت اها آهي ته خليل ۽ مون کي ڪوثر صبر سان برداشت ته
ڪيو، پر شڪر سان قبول به ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون
ڏنيون. نه ته ڪمرو ته بنهه ننڍڙو هو، جنهن ۾ فقط
هڪڙي کٽ هئي پر هو پاڻ پٽ تي سمهي، کٽ اسان کي ڏئي
ڇڏيندو هو، جو اسان جي جاءِ سندس دل ۾ هئي ۽
آهي به.
(2003ع) |