سيڪشن: ادب

ڪتاب: مون توکي ساريو

باب:

صفحو:16

 

جپسي سنڌي آهن؟

انٽرنيٽ تي هڪ ٿري ڇوڪريءَ کي ٻٻر جي وڻ هيٺان واريءَ تي نچندي ڏسڻ کانپوءِ، جڏهن مون انٽرنيٽ تي ئي، يورپ جي هڪ ڪلب جي ڊانسنگ فلور تي ناچ ڪندڙ جپسي ڇوڪريءَ جي ڊانس ڏٺي ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جو ٻنهي جو ناچ لڳ ڀڳ ساڳيو ئي هو! ساڳيائي اسٽيپس، ساڳئي چيلهه جي لوڏ، ساڳيائي هٿن ۽ اکين جا اشارا ۽ ساڳئي ئي جسم جي اڇل! ٿر ۾ ٻٻر جي وڻ هيٺان ۽ يورپ جي ڪلب ۾ نچندڙ ڇوڪرين جي انهيءَ حيرت انگيز هڪ جهڙائيءَ مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو!

يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ”جپسي“ ماڻهن لاءِ اسان جي ڪجهه محققن جو خيال آهي ته اهي اصل ۾ سنڌي آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ هتان لڏي ويا هئا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي تحقيق مان ڄاڻ ملي ٿي ته، جپسين کي ”بنجارا“ به چيو وڃي ٿو ۽ اهو لفظ، سنڌي لفظ ”وڻجارا“ جي بدليل صورت آهي. الانا صاحب مطابق، ماهرن جو رايو آهي ته اها جپسي (وڻجارا) قوم اوائل ۾ برصغير جي اتر-اولهه (پنجاب-سنڌ) واري حصي جي رهواسي هئي ۽ اتان لڏي پهرين ايران ۽ ميسو پوٽيما ايراضين ۾ اچي رهي. اتان کان پوءِ اها قوم مصر ڏانهن وئي. ليلو رچنداڻيءَ لکيو آهي ته، ”هيءَ قوم يورپ جي ڪن حصن ۾ پاڻ کي ”زنگنلي“ ته ڪٿي ”رومي“ ته ڪٿي وري ”سِنتي“ سڏائيندي آهي. ”سنتي“سنڌي ءَ جي بدليل صورت آهي.“ ليلو رچنداڻي پنهنجي دعويٰ جي ثبوت لاءِ هروڊوٽس جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”سنڌي نالي هڪ ننڍڙي قوم، ڪاري سمنڊ ويجهو ”ٽامن“ نالي ٻيٽ ۾ رهندي هئي. اهو وقت عيسوي صديءَ کان ڇهه-اٺ سئو سال اڳ جو آهي.“ ليلو رچنداڻي، هڪ ٻئي محقق چمن لال جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”پنجاب جي ايراضيءَ ۾ ”جنگر“ نالي هڪ پٺتي پيل قوم هن وقت به رهندي آهي، جيڪا هڪ ”سنڌوئي“ قوم جو جزو آهي ۽ جنهن جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ سان رشتو رکندڙ آهي. اهائي قوم ايران جي اندروني ايراضين تائين ويل ٿي ڏسجي.“ انهيءَ بحث مان الانا صاحب اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته جپسي قوم، دراصل سنڌي وڻجارا هئا، جيڪي عيسوي سن کان ڇهه- اٺ صديون اڳ، ڪاري سمنڊ تائين پهچي چڪا هئا. الانا صاحب پنهنجي تحقيق ۾ جپسي توڙي سنڌي ٻولين ۾ موجود ساڳين لفظن جو به ذڪر ڪيو آهي. جيئن ڇري، نڪ، ڪارو، راءِ، تون، چور، ماس، رت، مڙس ۽ ڪي ٻيا لفظ، جيڪي اڄ به ٻنهي ٻولين م رائج آهن ۽ ڳالهايا وڃن ٿا. ساڳئي وقت هن سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن اهڙن لفظن جو ذڪر به ڪيو آهي،جيڪي بدليل صورت ۾ جپسي ٻوليءَ ۾ رائج آهن. جيئن وار-بال، ماڻهو- مانس، ٻڪرو-بڪرو، سڱ-سنگ، راڻي-راني وغيره.

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سنڌ جو قابل محقق آهي ۽ سندس تحقيق جي بيشڪ اهميت آهي، پر فقط ڪجهه حوالن ۽ ڪجهه لفظن جي هڪجهڙائيءَ سان جپسين جي سنڌ سان تعلق جي پختي راءِ نٿي جوڙي سگهجي . جپسين بابت سنڌيءَ ۾ ته نالي ماتر ئي تحقيق ٿي آهي، پر انگريزيءَ ۽ فارسيءَ ۾ جپسين بابت ڪافي مواد موجود آهي. فارسي ٻولي ته مون کي نٿي اچي، پر انگريزيءَ ۾ ٿيل تحقيق ۾ به جپسين کي فقط انڊين ئي ثابت ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي سنڌي هئڻ ڏانهن ڪوبه اشارو نٿو ملي. جپسي پاڻ به اهو ئي ٻڌائين ٿا ته سندن تعلق هندستان سان ته هو، پر سنڌي هئڻ جي ڳالهه هو پاڻ به نٿا ڪن. جيئن سنڌ جي نامياري سياح ليکڪ الطاف شيخ کي ڪوپن هيگن جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ اهڙا ٻه نوجوان نظر اچن ٿا، جن کي ڏسي الطاف کي لڳي ٿو ته اهي اسان جي ئي علائقي جا آهن ۽ الطاف شيخ جڏهن انهن نوجوانن سان ڳالهائي ٿو ته، نوجوان کيس ٻڌائن ٿا ته هو جپسي آهن ۽ سندن وڏن جو تعلق انڊيا سان هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن اهي جپسي نوجوان، الطاف شيخ کي پنهنجي ٻوليءَ جا ڪي لفظ ٻڌائين ٿا ته الطاف کي به ڪجهه لفظ سنڌيءَ جا لڳن ٿا.

سنڌ کي سڀ کان پهرين ”شاهه جو رسالو“ ڏيندڙ ۽ سنڌي گرامر لکندڙ ارنيسٽ ٽرمپ جو واسطو به چپسين سان پيو هو. 31-مارچ  1828ع تي جرمنيءَ جي سرسبز علائقي ۾ جنم وٺندڙ ارنيسٽ ٽرمپ اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪي جپسي آيا ۽ ٽرمپ کي سندن ٻوليءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ارنيسٽ ٽرمپ جي جپسي ٻوليءَ ۾ دلچسپي ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان دلچسپي ۽ سڀ کان اڳ شاهه لطيف جو رسالو ترتيب ڏئي، جرمنيءَ مان ڇپائي سنڌ واسين کي ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکڻ ڇا فقط اتفاق هو، يا انهن جپسين منجهان ئي ارنيسٽ ٽرمپ کي سنڌي ٻوليءَ جي ڪا سُتي پئي هئي!؟

چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ جپسين جو هڪ وڏو تعداد رومانيا ۾ وڃي آباد ٿيو هو، جنهن ڪري کين روماني يا روما به چيو ويو، پر دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ کين جپسي ئي سڏيو وڃي ٿو ۽ دنيا ۾ سندن مجموعي آبادي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي. رومانيا ۾ هر سال جپسين جو هڪ ميلو به لڳي ٿو، جنهن ۾ هو پنهنجين نياڻين کي وڪرو به ڪن ٿا. سنڌ جي ڪجهه قبيلن ۾ به نياڻين کي وڪرو ڪرڻ جي روايت موجود رهي آهي ۽ ان روايت تي سنڌيءَ ۾ جمال ابڙي جي مشهور ڪهاڻي ”پيراڻي“ ۾ لاڏائو قبيلي جي هڪ فرد کي پنهنجي نياڻي وڪرو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هتي مونکي اها ڳالهه به ياد اچي ٿي ته، ڪافي سال اڳ ڪٿي پڙهيو هئم ته جپسين جو تعلق اصل  ۾ سنڌ جي لاڏائو قبيلي سان آهي.

يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ جپسي ماڻهو پيٽ گذر لاءِ ثقافت سان لاڳاپيل، هٿ جي هنرن جهڙا ڪم به ڪن ٿا ته ڪجهه جپسي گهورڙيا به آهن، پر صدين کان وٺي اڄ تائين سندن وڏي اڪثريت جي روزگار جو ذريعو ناچ گانو ئي آهي. ناچ گاني جي ڌنڌي سان واڳيل جپسين کي سندن سماج ۾ مٿانهون درجو مليل آهي. اڄ به جپسي ڪنهن هڪ جاءِ تي گهر گهاٽ ٺاهي نٿا رهن ۽ لاڏائو قبيلن واري زندگي گذارين ٿا، پر لاڏائو هئڻ جي باوجود ڪيترائي جپسي گهرن جهڙي آرام واري زندگي به گذارين ٿا ته، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ انهن کي لڏو کڻڻ ۾ دير به نٿي لڳي، ڇو ته سندن اهي گهر وڏن وڏن ٽرالرس ۾ ٺهيل آهن. اهڙا ئي وڏا ٽرالر، جيڪي سنڌ ۾ اسان کي سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي پنجاب، افغانستان توڙي ٻين ملڪن ڏانهن سامان کڻي ويندي نظر اچن ٿا. جپسين جي ٽرالرس ۾ ٺهيل اهڙن گهرن ۾ بيڊ روم ۽ ڊرائنگ روم جهڙين سهولتن سان گڏ ايئرڪنڊيشنر، فرج، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، موبائل فون ۽ ٽيليويزن جهڙيون شيون ته هجن ٿيون، پر ٽرالر مٿان ڊش اينٽينا به لڳل هجي ٿي. جپسي نچڻ ڳائڻ جي ڌنڌي سان گڏ گهمندا به رهن ٿا ته سفر دوران ٽرالر ۾ ٺهيل پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ گهرن ۾ آرام به ڪن ٿا. اهي ٽرالرس جنهن به شهر يا ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ وڃي بيهن ٿا، اتي ”جهنگل ۾ منگل“ ٿيو وڃي ۽ ناچ گاني جون محفلون مچي وڃن ٿيون. ڪيتريون جپسي ڇوڪريون يورپ جي ڪلبس ۾ به ڊانس ڪن ٿيون.

مٿي مون هڪ نج ٿري ڇوڪريءَ ۽ يورپ جي هڪ جپسي ڇوڪريءَ جي ناچ ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪنهن ٻئي معمولي فرق کان سواءِ ڪو فرق هو ته اُهو فقط اِهو هو ته، ٿري ڇوڪري ٻٻر جي وڻ هيٺان واريءَ تي نچي رهي هئي ۽ فقط هڪ ننڍڙو ٿري نينگر طبلو وڄائي رهيو هو، جڏهن ته اها جپسي ڇوڪري يورپ جي ڪنهن ڪلب ۾، ڊاسنگ فلور تي فل آرڪسٽرا سان رنگن ۽ روشنين وچ ۾ ڊانس ڪري رهي هئي. تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ فقط ڳالهائجندڙ ٻولين ۾ ڪجهه لفظن جي هڪجهڙائي، توڙي رنگ روپ ۽ شڪل شبيهه ۾ يڪسانيت به ڪنهن گروهه لاءِ، ڪنهن قوم سان تعلق جون مضبوط ثابتيون ناهن، پر ان سان گڏ لوڪ ناچ، لوڪ موسيقي، لوڪ ادب ۽ خاص طور تي لوڪ گيتن جي هڪجهڙائيءَ جهڙا عنصر ان سلسلي ۾ بيحد مدد گار ثابت ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن جپسي ۽ سنڌي لوڪ گيتن ۾ خيال ۽ فڪر جي ڪا هڪجهڙائي ملي ٿي ته اها وڌيڪ پختي ثابتي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري اسان جي محققن کي ان حوالي سان به تحقيق ڪرڻ گهرجي، تڏهن ئي ڪنهن حد تائين اها ڳالهه واضع ٿي سگهندي ته جپسي پنهنجي اصل نسل ۾ سنڌي آهن يا ناهن.

( 19 جولاءِ 2011ع)

 

 

فيس بڪ:

پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ

هڪ پيءُ پنجويهه سال اڳ گم ٿي ويل پنهنجي ڌيءَ کي فيس بڪ تي ڳولي ورتو. ٻه وڇڙيل ڀائر پنجاهه سالن کان پوءِ فيس بڪ وسيلي پاڻ ۾ ملي ويا. القائده فيس بڪ کي پنهنجن مقصدن ۽ رابطن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. اهڙيون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون خبرون اسان کي اڪثر اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. جيڪي ماڻهو فيس بڪ استعمال نٿا ڪن، انهن کي ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون خبرون ڪنهن ٻي دنيا جون محسوس ٿينديون هجن، پر جيڪي فيس بڪ استعمال ڪندڙ آهن، انهن لاءِ اهڙي ڪا به خبر ڄڻ حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي يا ڪنهن ڳوٺ جي لوڪل خبر جهڙي هجي ٿي، ڇو ته اهي ماڻهو فيس بڪ وسيلي سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهن. اهو جملو هاڻي ڪافي پراڻو ٿي چڪو آهي ته، ”هڪ ڏينهن دنيا گلوبل وليج ٿي ويندي!“، ڇو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بي انتها ترقيءَ جي ڪري، دنيا سچ به هڪ گلوبل وليج (ڳوٺ) ٿي چڪي آهي. خاص طور تي انٽرنيٽ جي سوشل ويب سائيٽس گلوبل وليج جي تصور کي ڄڻ حقيقت جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي. هونءَ ته انٽرنيٽ تي ڪيتريون ئي سوشل ويب سائيٽس آهن، پر ٿوري وقت اندر سڄي دنيا ۾ سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ جي بي انتها مقبوليت حيران ڪندڙ آهي. فيس بڪ تي هن وقت دنيا جا پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن، جن سان ڪنهن به وقت گهر ويٺي مفت ۾ رابطو ڪري سگهجي ٿو، ساڻن دوستي ڪري سگهجي ٿي ۽ سندن روزانو وارين سرگرمين کي پڻ ڏسي پسي سگهجي ٿو.

فيس بڪ جو باني 26 سالن جو مارڪ زڪربرگ هڪ آمريڪي نوجوان آهي، جنهن ويهن سالن جي عمر ۾، پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾، هن ويب سائيٽ جي ابتدا ڪئي هئي. 14 مئي 1984ع تي نيويارڪ شهر ۾ جنم وٺندڙ هن نوجوان، هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران فيبروري 2004ع ۾ هيءَ ويب سائيٽ ايجاد ڪئي هئي، جنهن وسيلي يونيورسٽيءَ جا شاگرد هاسٽل جي ڪمرن ۾ موجود هوندي يا گهر ويٺي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهي پئي سگهيا ۽ ٻي معلومات جي ورڇ ڪري ٿي سگهيا. هڪ مهيني اندر هارورڊ يونيورسٽيءَ جي اڌ کان وڌيڪ شاگردن مارڪ زڪر برگ جي ٺاهيل ويب سائيٽ thefacebook تي پنهنجا اڪائونٽ ٺاهي ورتا. ان کانپوءِ مارڪ ٻين تعليمي ادارن کي به پنهنجي سائيٽ تي اچڻ جي آڇ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سال جي پڇاڙيءَ تائين هن سائيٽ تي ميمبرن جو تعداد ڏهن لکن کان به وڌي ويو. پنهنجي هاسٽل جي ڪمري مان هن ويب سائيٽ کي آپريٽ ڪندڙ نوجوان مارڪ زڪربرگ کي، مختلف اشتهاري ڪمپنين اشتهار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ ويٺي ويٺي سندس وڏي آمدني شروع ٿي ويئي. 2006ع ۾ thefacebook مان لفظ the هٽائي، ان کي صرف facebook ڪيو ويو. ابتدائي ڏينهن ۾ ئي هن ويب سائيٽ عام ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ميمبرن جي واڌ سان گڏ مارڪ زڪربرگ جي آمدني به وڌندي رهي. 21 جولاءِ 2010ع تائين فيس بڪ تي پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ اڪائونٽ ٺهي چڪا هئا. هن وقت نوجوان مارڪ زڪربرگ لڳ ڀڳ ست ارب ڊالر دولت جو مالڪ بڻجي چڪو آهي ۽ هن پنهنجي دولت جو هڪ وڏو حصو خيراتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. انهيءَ کان اڳ گذريل سيپٽمبر مهيني ۾، هو هڪ سؤ ملين ڊالر تعليمي مقصدن خاطر امداد پڻ ڏئي چڪو آهي. فيس بڪ جي 24 سيڪڙو شيئرز جي مالڪ نوجوان مارڪ زڪربرگ تي هالي ووڊ ۾ هڪ فلم پڻ ٺهي چڪي آهي. هن وقت هو دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر وارو بلينيئر سمجهيو وڃي ٿو. مارڪ زڪربرگ توڙي فيس بڪ ڪمپنيءَ کي سموري آمدني، پاڪستان سميت سڄي دنيا مان ملندڙ اشتهارن وسيلي ٿئي ٿي. فيس بڪ استعمال ڪندڙن کان اڪائونٽ ٺاهڻ توڙي استعمال ڪرڻ جي ڪا به في نٿي ورتي وڃي.

فيس بڪ جي مقبوليت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته، بي بي سي جي رپورٽ مطابق ”برطانوي جي ايس ايم ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته، ”برطانيا ۾ موبائيل فون جي مدد سان ماڻهو جيترو وقت انٽرنيٽ تي گذارين ٿا، ان مان اڌ وقت فقط فيس بڪ تي گذارين ٿا!“ بي بي سي جي هڪ ٻي رپورٽ مطابق ”عرب دنيا ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جو تعداد اخبار پڙهندڙن کان به وڌيڪ آهي. مصر ۽ سعودي عرب ۾ فيس بڪ تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو.“ تحقيق سان باقي دنيا به ان کان مختلف نظر نٿي اچي.

سنڌ توڙي سڄي پاڪستان ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن فيس بڪ استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ روزانو هزارين نوان ماڻهو پنهنجا اڪائونٽ ٺاهي رهيا آهن. سڄي دنيا جيان سنڌ جي به بيشمار عام ماڻهن کان وٺي سياستدانن، اديبن، دانشورن، صحافين ۽ فنڪارن جا اڪائونٽ فيس بڪ تي نظر اچن ٿا. ڪو به عام ماڻهو فيس بڪ تي اڪائونٽ ٺاهڻ کان پوءِ، دنيا جي ڪنهن به ٻئي عام ماڻهوءَ کان وٺي سياستدانن، اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ صحافين سان هڪ گذارش وسيلي سندن فيس بڪ فرينڊز ۾ پڻ شامل ٿي سگهي ٿو. نه فقط اهو، پر هر ماڻهو پنهنجي اڪائونٽ وسيلي سڄي دنيا جي ماڻهن جون اتي موجود تصويرون ۽ وڊيوز به ڏسي سگهي ٿو ته سندن تحريرون به پڙهي سگهي ٿو ۽ پسند اچڻ تي انهن کي ڪاپي ڪري پاڻ وٽ به رکي سگهي ٿو. ساڳي طرح، ڪو به شخص پنهنجون تصويرون، تحريرون، توڙي وڊيوز سڄي دنيا جي ماڻهن تائين پهچائي به سگهي ٿو. نه فقط اهو، پر جنهن جي اڪائونٽ ۾ جيترا به فيس بڪ فرينڊز ايڊ ٿيل آهن، انهن سڀني سان هڪ ئي وقت چيٽ به ڪري سگهجي ٿو ته کين ميسيج به ڪري سگهجن ٿا، پوءِ انهن دوستن جو تعداد کڻي هزارن ۾ ڇو نه هجي. اهو ضروري ڪونهي ته فيس بڪ تي نظر ايندڙ نالي وارين شخصيتن جا سمورا پروفائيل اصلي هجن، ڇو ته اهڙين ڪيترن شخصيتن جي نالي ۾ ڪي ٻيا ماڻهو به اڪائونٽ ٺاهي ٿا ڇڏين ته ساڳئي وقت عورتن جي نالن سان ٺهيل بي شمار اڪائونٽ به ڪوڙا هجن ٿا، پر ان جو اهو مطلب بلڪل ناهي ته نالي واريون شخصيتون فيس بڪ استعمال نٿيون ڪن.

فيس بڪ وسيلي ڪي ماڻهو زندگيءَ جا ساٿي به ڳولي وٺن ٿا. هندستان جي مشهور اداڪارا منيشا ڪوئرالا به پنهنجي مڙس جي چونڊ فيس بڪ تان ئي ڪئي هئي. فيس بڪ رشتن کي ٺاهڻ جو ڪم به ڪيو آهي ته ڊاهڻ جو پڻ. هڪ آمريڪي شخص پنهنجي پهرين زال جي اجازت کان سواءِ ٻي شادي ڪئي ته سندس پهرين زال، مڙس جي ٻي شاديءَ جون تصويرون فيس بڪ تي ڏسي نه فقط کيس پادر هنيا، پر مڙس کي (اتان جي قانون موجب) طلاق به ڏئي ڇڏي. اها خبر ته گذريل هفتي جي آهي، ته نيوزيلينڊ ۾ هڪ چور، فيس بڪ تي رکيل پنهنجين تصويرن جي ڪري پڪڙجي پيو. فيس بڪ دنيا جي پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ايئن گڏ ڪري ڇڏيو آهي، ڄڻ اهي ڪنهن هڪڙي ئي ڳوٺ ۾ رهندا هجن ۽ ڪنهن ڳوٺ جي رهندڙن جيان ئي هڪٻئي جي سرگرمين کان واقف هجن.

(2010ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org