مهاڳ
الطاف شيخ:
سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ
(الطاف شيخ جي ڪتاب ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ جو مهاڳ)
ڪنهن زماني ۾ سنڌي ادب جي سفرنامي واري حصي ۾ اهڙي کوٽ موجود
هئي، جهڙي کوٽ سنڌي ادب جي ناول واري حصي ۾ اڄ
تائين به موجود آهي. ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ
سفرنامو شايع ٿيندو هو، پر جڏهن الطاف شيخ دنيا جي
سفر تي نڪتو، ته سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾
ڪتاب وڌندا ئي ويا. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي
ليکڪ جو سفرنامو به نظر اچي ٿو، پر الطاف شيخ جي
لڳاتار سفر ۽ سفرناما
لکڻ ڪري، سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ايترا
ڪتاب موجود آهن، جو هاڻي اها خالي نٿي لڳي.
دنيا ته گهڻائي ماڻهو ڏسن ٿا ۽ اهي گهمي ڦري، ڏسي وائسي، کائي
پي، عياشيون ڪري موٽي اچن ٿا، پر الطاف شيخ پنهنجي
هر سفر جون يادگيريون کڻي موٽي ٿو ۽ جڏهن هو اهي
يادگيريون سنڌ واسين سان ونڊي ٿو، ته سنڌي ادب ۾
هڪ نئين ڪتاب جو واڌارو به ڪري ٿو. سندس اهو سلسلو
چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي ۽ ستر کن
ڪتاب سنڌي ادب کي ڏئي چڪو آهي، پر هن ڪڏهن به ڪو
نماءُ يا نعريبازي ناهي ڪئي. سندس سنڌ سان محبت
ڪنهن به نعري کان مٿاهين آهي. پنهنجي مٽيءَ سان
محبت سندس خمير ۾ موجود آهي ۽ دنيا جا داستان
ٻڌائيندي به سنڌ کي ساريندو رهي ٿو. هو ڏورانهن
ڏيهن جا سفر ڪندي به نه فقط سنڌ کي ساري ٿو، پر
جڏهن انهن ملڪن جا احوال اوري ٿو ته گڏوگڏ سنڌ جو
ذڪر به ڪندو رهي ٿو. هو دنيا جي جنهن به ڪنڊ ۾
هجي، سنڌ سندس سار ۾ رهي ٿي. اهوئي سبب آهي ته
سندس ڪيترن ڪتابن جا نالا ڏيهه کان پرڏيهه جي
عڪاسي به ڪن ٿا. جيئن، ”مڪليءَ کان ملاڪا تائين“،
”ملير کان مالمو“، ”ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن“، ”نيو
هالا کان نيويارڪ“، ”ڪراچيءَ کان ڪوڪورا“ ۽ ”بخشو
لغاريءَ کان بالٽيمور“.
هڪ سياح ۾ نه فقط ڪنهن ماڳ کي ڏسڻ جو تجسس موجود هجڻ گهرجي، پر
ڪنهن نئين سماج، شهر ۽ ملڪ کي پنهنجائپ واري انداز
سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت به هجڻ گهرجي، جيڪا بيشڪ
ته الطاف شيخ وٽ آهي. جيئن هن سفرنامي جي پهرين ئي
صفحي تي الطاف لکيو آهي، ”پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾،
بسن ۾، جئه موتياڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو
مٽلاڻيءَ جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾ ۽
ويندي چندرو موهيناڻيءَ جي موٽر سائيڪل تي، پوني
جي رستن تي ايترو هليو آهيان، جو هيءَ بس جڏهن
پوني ڇڏي رهي آهي، ته خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا
منهنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نه پر
حيدرآباد مان گذري رهيو هجان.“ اسان جو هي سنڌباد
سيلاني الطاف، جيڪو ڪجهه ڏسي پَسي ۽ محسوس ڪري ٿو،
سو جيئن جو تيئن اسان سان ونڊيندو رهي ٿو.
هن سفرنامي ۾ جتي بمبئيءَ جي روڊن رستن، درگاهن، اسپتالن،
يونيورسٽين، لائبريرين جو ذڪر آهي، اتي بمبئيءَ جي
راڳين، اداڪارن، سئنيمائن، فلمن، فلم اسٽوڊيوز جو
ذڪر به ملي ٿو. الطاف پنهنجي پڙهندڙن کي بمبئيءَ
جو سير ڪرائيندي جتي بمبئيءَ جي تاريخ تي نظر وجهي
ٿو، اتي هو بمبئيءَ سان لاڳاپيل سنڌ جي تاريخ جا
ورق به ورائي ٿو، جو انگريزن جي دور ۾ هڪ وڏي عرصي
تائين سنڌ، بمبئيءَ سان لاڳاپيل رهي هئي ۽ 1936ع ۾
سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪيو ويو هو. هي ڪتاب
پڙهندي نه فقط ڄاڻ ملي ٿي، پر پڙهندڙ پاڻ کي
بمبئيءَ جي گهٽين ۾ گهمندي به محسوس ڪندو، ته
الطاف جي اثرائتي تحرير سبب ماڻهن سان ملندي به
محسوس ڪندو. هن ڪتاب ۾ جتي ٻين ڪيترن ئي اهم توڙي
ناميارين شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي مشهور
ناول ”شانتا رام“ جي آسٽريلوي ليکڪ گريگري ڊئوڊ
رابرٽس جو ذڪر به انتهائي دلچسپ انداز سان موجود
ملي ٿو. ناول نگار رابرٽس، جيڪو هڪ مشهور ڌاڙيل
مان ليکڪ بڻيو هو ۽ اڄڪلهه بمبئيءَ ۾ رهي ٿو.
بمبئيءَ ۾ ته منهنجو دوست منوهر مٽلاڻي به رهي ٿو، جنهن بابت
گذريل چوٽيهن سالن کان مان لاعلم هئس. منوهر جي
1977ع ۾ لاڙڪاڻي کان هليو وڃڻ کان پوءِ، مون کي
ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهي! پر الطاف شيخ جي
هن سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ مون کي منهنجو
وڇڙيل دوست ڳولي ڏنو آهي. الطاف پاران اِي ميل ڪيل
هن ڪتاب جو مواد پڙهندي مان اوچتو ڇرڪي پيس. هن
ڪتاب مان ئي مون کي پهريون ڀيرو خبر پئي آهي ته
هند جو ناميارو سنڌي ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي
سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي،
لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي گهر سامهون
رهندڙ اهوئي ٻلديو آهي، جنهن جي امڙ ڪوشيلا منهنجي
امڙ جي سهيلي هئي ۽ منهنجو دوست منوهر، جيڪو ٻلديو
جو ننڍو ڀاءُ آهي، اهو به ليکڪ ۽ بمبئي
يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي ۽
منوهر مٽلاڻيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. عجيب
اتفاق آهي ته منهنجو دوست منوهر، بمبئي
يونيورسٽيءَ ۾ اهوئي ساڳيو سنڌي سبجيڪٽ پڙهائي ٿو،
جيڪو حيدرآباد (سنڌ) جي هڪ ڪاليج ۾ مان پڙهايان
ٿو!
هي مهاڳ لکندي منهنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن پنهنجي ننڍپڻ جي
دوست منوهر کي ياد ڪري، جنهن سان گڏ نه فقط
لاڙڪاڻي شهر ۾ رلندو هوس، پر روز شام جو اسان پاڙي
جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ رانديون به ڪندا هئاسين. سچ
ته مان الطاف شيخ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب
۾، منهنجي ننڍپڻ جي هڪ وڇڙيل دوست سان مون کي
ملايو آهي. جيڪڏهن وقت ۽ قسمت ساٿ ڏنو، ته مان
الطاف شيخ جي پيچري تي هلي، ڪڏهن پنهنجي ننڍپڻ جي
وڇڙيل دوست منوهر مٽلاڻيءَ سان ملڻ بمبئي
يونيورسٽيءَ ضرور ويندس ۽ جنهن ڏينهن مون منوهر کي
ڀاڪر وڌو، تڏهن سمجهندس ته سڄي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر
۾“ به آهي!
سفر انسان تعليم خاطر ڪري، ڌنڌي روزگار لاءِ يا سياحتي مقصد
سان، سفر جو مزو هو تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن هن وٽ
تجسس هجي ٿو. الطاف شيخ وٽ ته تجسس واري اها نظر
آهي، جو باقي دنيا ته ڇڏيو، پر جڏهن هو سنڌ ۾ به
ڪيڏانهن وڃي ٿو ته سندس اکين ۾ هڪ سياح وارو تجسس
هجي ٿو. اهوئي سبب آهي ته مان حيدرآباد جي جنهن
علائقي قاسم آباد ۾ رهان ٿو، ان علائقي جو ذڪر
الطاف شيخ جي ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ۾ پڙهيو هوم ته
ائين لڳو هو، ڄڻ منهنجي اوڙي پاڙي جا رستا هڪ نئين
انداز سان مونکي الطاف شيخ ڏيکاريا هجن!
ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڏينهن الطاف حيدرآباد آيو ته اهو
سڄو ڏينهن مان ساڻس گڏ هيس. کيس ڪجهه ليکڪ دوستن
سان ملڻو هو، جن جا گهر منهنجا ڏٺل هئا، ان ڪري
مان ڄڻ قاسم آباد ۽ سندس گائيڊ ٿي ساڻس گڏ هليو
هئس. قاسم آباد جي انهن ساڳين ئي رستن تان، جتان
اڳ به الطاف ڪيئي ڀيرا گذريو هوندو ۽ جن رستن جو
هن پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر به ڪيو آهي، انهن ئي
رستن تي هو بار بار گاڏي روڪرائي هيٺ لهي ٿي پيو ۽
مون کي به ٻانهن کان ڇڪي، ڪنهن نه ڪنهن واٽ ويندڙ
کي پنهنجون ٻه ڪئمرائون ڏئي، ٻنهي ڪئمرائن سان
فوٽو پئي ڪڍرايائين! مون کي پڪ آهي، ته جيڪڏهن ان
ڏينهن کي ساريندي الطاف ڪجهه لکيو، ته سندس اها
تحرير پڙهندي مون کي اهوئي محسوس ٿيندو ته، ڄڻ ان
ڏينهن مان هن جو گائيڊ نه هيس، پر هو منهنجو گائيڊ
هيو ۽ هن منهنجي رهڻ وارو علائقو مون کي هڪ نئين
(تجسس سان ڀريل سياح واري نظر) سان ڏيکاريو هجي!
منهنجا ڪيترائي شاگرد هن وقت عرب امارتن کان وٺي برطانيا ۽
آمريڪا تائين موجود آهن. انهن مان اڪثر اهو ٻڌائن
ٿا ته کين الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي پرڏيهه وڃڻ
لاءِ اتساهه مليو، منهنجو هڪ واپاري مائٽ هر سال
دنيا جو ڪو نئون ملڪ گهمڻ ويندو آهي. هو جڏهن به
ڪنهن نئين ملڪ جي سفر جي تياري ڪندو آهي، ته ان
ملڪ ڏانهن اُسهڻ کان پهرين مون کان پڇندو آهي ته
انهيءَ ملڪ بابت الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو آهي؟ ۽
جڏهن مان الطاف جي ڪتابن ۾ هٿ وجهندو آهيان، ته ان
ملڪ بابت ڪونه ڪو سفرنامو موجود هوندو آهي. ڪجهه
ملڪن بابت ته الطاف شيخ جا هڪ کان وڌيڪ سفرناما
شايع ٿيل آهن، جيئن سندس هيءُ ڪتاب ”بمبئي منهنجي
ڀاڪر ۾“، هندستان بابت سندس ٽيون ڪتاب آهي. دنيا
جي اڪثر اهم ملڪن ۽ ماڳن جو ذڪر الطاف جي ڪتابن ۾
ملي ٿو. توهان کي آمريڪا وڃڻو هجي يا انگلينڊ،
يونان ڏسڻ جو شوق هجي يا اٽليءَ اُسهڻو هجي،
سنگاپور ڏسڻ جي سَڌَ هجي يا هانگ ڪانگ جي، ايران
جي مذهبي ماڳن ڏسڻ جي خواهش هجي يا ڀلي پار تان
ڀيري جي، هر ملڪ بابت نه فقط تفريح، پر معلومات
سان ڀرپور الطاف شيخ جو ڪونه ڪو ڪتاب ضرور ملي
ويندو. سندس سفرناما دنيا ڏسڻ لاءِ ”پَرَ
سهائيندڙ“ نوجوان به پڙهن ٿا، ته دنيا ڏسڻ جي حسرت
رکندڙ ”پر وڃايل“ ۽ گهرن تائين محدود ٿيل پوڙها
به.
وقت سان گڏ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾، تفريح سان گڏ ڄاڻ جو عنصر
به وڌندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي ته اڳي سندس
ڪرائون سائيز ۾ ڏيڍ ٻه سؤ صفحن جا ننڍا ڪتاب ڇپبا
هئا، پر هاڻي سندس ڪتابن جي سائيز وڌڻ (ڊيمي سائيز
ٿيڻ) سان گڏ انهن جي صخامت به وڌندي رهي آهي. سندس
ڪي ڪتاب ته 500 صفحن کان به مٿي جا آهن. نتيجي طور
هو پڙهندڙ جي ذهن کي تفريح ۽ ڄاڻ سان سيراب ڪري ٿو
۽ پڙهندڙ تشنگي نٿو محسوس ڪري. الطاف جي تحرير جي
ٻي خوبي سندس ٻولي به آهي. بيشڪ ته سندس زندگيءَ
جو وڏو عرصو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ۽ مختلف ٻوليون
ڳالهائيندڙن سان گذريو آهي. مسلسل سفر بجاءِ ڪنهن
ملڪ ۾ هو سالن جا سال به رهيو آهي، پر ان جي
باوجود الطاف جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ بگاڙ ناهي آيو.
هو عام ڳالهائجندڙ سنڌي ڳالهائي ۽ لکي ٿو، ان ڪري
سندس سفرناما عام پڙهندڙن ۾ ڏاڍا مقبول به آهن.
چون ٿا ته هر ماڻهوءَ جي هٿَ – تِريءَ تي قسمت جي ٻين ريکائن
سان گڏ، سفر جي لڪير به هجي ٿي. مون کي هٿ ڏسڻ ته
ناهي ايندو، پر هاڻي جڏهن به الطاف شيخ سان ملاقات
ٿي، تڏهن سندس هٿ تي سفر واري ليڪ ضرور ڏسندس، ته
اها ڪيتري طويل آهي، جو پاڻيءَ واري جهاز تي
نوڪريءَ وارو سڄو عرصو سفر ڪرڻ کان پوءِ به، سندس سفر کٽي ئي نٿو! هو نوڪريءَ تان ته ڪي سال اڳ رٽائر به
ٿي چڪو، پر سندس سفر اڃا به جاري ساري آهي.
دعا آهي ته سندس هٿ تي سفر جي لڪير سلامت رهي، جيئن اسان جي هٿن
۾ سندس سفرناما پهچندا رهن.۽ آخر ۾ هڪڙي ڳالهه....
ته جديد سنڌي ادب جي ٻن شعبن تي ٻه شيخ بنا ڪنهن
شڪ شبهي جي ڇانيل آهن، شاعريءَ تي شيخ اياز ته
سفرنامن تي الطاف شيخ.
(22 فيبروري 2011ع)
امر جليل:
ليکڪن جو ليکڪ
(امرجليل جي ڪتاب ”دل جي دنيا“ جي چوٿين ايڊيشن جو
مهاڳ)
”هر لکيل لفظ کي پڙهندڙ ۽ هر ڳالهايل لفظ کي ٻڌندڙ ملي ويندو
آهي. سنڌ جي سوين ليکڪن مان، امر جليل هڪ ليکڪ
آهي.“
اها راءِ آهي، امر جليل جي پنهنجي باري ۾- امر، اهي لفظ اَٺ سال
اڳ مون کي هڪ خط ۾ لکيا هئا، پر مان، سندس هڪ
پڙهندڙ ۽ جونيئر سهيوڳي لکندڙ جي حيثيت ۾، اهو
چوندس ته امر جليل سوين ليکڪن مان هڪ ليکڪ نه، پر
سوين ليکڪن جو ليکڪ آهي، جنهن ڪيترن ئي نئين ٽهيءَ
جي مون جهڙن ليکڪن کي، ادب جي ميدان ۾ اتساهيو
آهي. امر جليل، پاڻ کان پوءِ ادب ۾ پير پائيندڙ هر
ڪهاڻيڪار/ ليکڪ کي سڌي يا اڻ سڌي طرح متاثر پئي
ڪيو آهي. منهنجي ٽهيءَ جي ڪيترن ليکڪن امر جليل جي
اسٽائيل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي/ لکيو، پر انهن مان
ڪنهن کي به، انهيءَ مڃتا جو ڪو حصو به پلئه نه
پيو، جيڪا مڃتا پڙهندڙن کان امر کي ملي!
چيو ويو، ”امر جليل جون تحريرون سنڌي ادب جو پرائيمر آهن.“
مان سمجهان ٿو، اها امر لاءِ ڀرپور مڃتا آهي. پرائيمر جي پيچري
تان گذرڻ کان سواءِ، علم ۽ ادب جو ڪوبه دروازو نٿو
کلي. امر، سدائين ادب جي شاهراهه تي ايندڙن لاءِ
سنگ ميل جو ڪم ڏنو آهي. هر نئين ايندڙ کي واٽ ڏسي
آهي. سندس لکڻين، ادب جي دنيا ۾ اک پٽيندڙن لاءِ
ٿڃ جي پهرين گوهي جو ڪم ڏنو آهي.
سنڌي ادب ۾، جتي ڪنهن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن ڇپجڻ کي به اهم واقعو
سمجهيو ويندو آهي، اتي ڇا ڪنهن ڪتاب جو چوٿون
ايڊيشن ڇپجڻ حيرت جهڙي ڳالهه ناهي؟ پر هن ڪتاب جي
سلسلي ۾، مان انهي ڳالهه کي حيرت جهڙي ڳالهه ان
ڪري نه چوندس، ته جيتوڻيڪ ”دل جي دنيا“ ۾ شامل
ڪهاڻيون، ون يونٽ واري دور ۾، اڄ کان ٻاويهه-
ٽيويهه سان اڳ لکيون ويون هيون، پر لڳي ٿو، ڄڻ اهي
اڄ جون ڪهاڻيون آهن. (انڪري، ته ڪجهه به ناهي
بدليو. سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. فقط چهرا بدلجي ويا آهن
۽ اهي چهرا تهائين وڌيڪ ڀوائتا ۾ مڪروهه آهن. نه
فقط اهو، پر اڄ سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ دهشتگرن جي ٻن پڙن
وچ ۾ پيٺو به پيو وڃي.) پر، امر سان ذاتي ڪچهرين
۾، مون کي سدائين اهو محسوس ٿيو آهي، ته کيس
انهيءَ ڳالهه تي خوشي بجاءِ ڏک آهي، ته چوٿائي صدي
گذرڻ کان پوءِ به سندس ڪهاڻيون ماضي جو ذڪر نه، پر
حال جو حصو آهن! امر جو اهو ڏک سڀاويڪ آهي، ڇو ته
هو ذاتي امرتا لاءِ نه، پر سنڌ جي آجپي لاءِ
سوچيندڙ ليکڪ آهي.
ڪلچر ڊپارٽمينٽ واري لوڪ ميلي ۾، آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾، امر
جليل سان اوچتي ملاقات ٿي وئي هئي. هڪ ٿَلهي تي
ڪچهري ڪرڻ وڃي ويٺا هئاسين. ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ
ڏئي ٽڙي پوندڙ امر، جڏهن قاسم آباد ۾ پنهنجن هٿان
ٿيندڙ زيادتين جون ڳالهيون ٻڌيون هيون، ته سندس
جيءُ جهري پيو هو. سندس گهرا گهرا نيڻ ڪنارن تائين
ڀرجي آيا هئا. ڌرتي جو دک سندس پنبڻين مان لياڪا
پائڻ لڳو هو.
امر جليل، اسلام آباد جي آکاڙي ۾ بيهي، جانبدار ريفرين جي وچ ۾،
پنهنجي/ سنڌ جي ڳالهه ڪئي آهي. وٺ پڪڙ، دڙڪن
دهمانن، ڪيسن ۽ آڏين پڇائن کان پوءِ به هو ڪڏهن
ميدان جڏهن ڀڳو ناهي. هو لڳ ڀڳ ٽيهن سالن کان
لڳاتار لکي رهيو آهي- مختلف محاذن تي وڙهي رهيو
آهي. هن، نه فقط سنڌي، پر اردو ۽ خاص ڪري
انگريزيءَ ۾ لکي. سنڌ جي آواز لاءِ ڄڻ مائيڪرو فون
جو ڪم ڪيو آهي.
(4- نومبر 1991ع)
رفيق سومرو:
ذهين ۽ باشعور ليکڪ
(رفيق سومري جي ڪتاب ”مٽيءَ سندو مامرو“ جو مهاڳ)
احساسن توڙي منظرن جي ڪميونيڪيشن لاءِ ليکڪ جو ذهن،
Audio- Visual Memory
جو ڪم ڪري ٿو. معاشري ۾ موجود مختلف تضاد ان
ميموري ۾ گڏ ٿيندا رهن ٿا ۽ انهيءَ را ميٽيرل مان
جڏهن ڪا تحرير پروڊيوس ٿي نڪري ٿي، ته اهائي تحرير
ليکڪ لاءِ سڃاڻپ جو درجو بڻجي ٿي. ليکڪ جي سڃاڻپ
ڪا تحرير تڏهن بڻجي سگهي ٿي، جڏهن ان تحرير ۾ اهو
سڀ ڪجهه محسوس ڪرائڻ جي سگهه هجي، جيڪو ليکڪ محسوس
ڪرائڻ/ ڪميونيڪيٽ ڪرڻ چاهيو آهي ۽ مان يقين سان
چئي سگهان ٿو ته رفيق سومرو پنهنجي اڪثر ڪهاڻين ۾
اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيڪو
هن چاهيو آهي.
رفيق، هڪ حساس ليکڪ جي حيثيت ۾، زندگيءَ جي ڪيترن اهڙن مسئلن کي
به احساس جي آميزش سان پڙهندڙن تائين پهچايو آهي،
جن مسئلن ۽ موضوعن کي اسان جا ڪيترا ليکڪ غير اهم
سمجهي لنوائي ڇڏيندا آهن. جيتوڻيڪ اهي موضوع زندگي
جي حوالي سان، سماج ۾ اهميت جوڳا هوندا آهن.
رفيق سومري بابت لکندي، مان اهو قطعي نه چوندس ته هن پنهنجين
ڪهاڻين ۾ ”خيال جي آسمان“ کي ڇهيو آهي ۽ نه ئي اهو
چوندس ته سندس ڪهاڻين ۾ ”فڪر جا پاتال“ ملن ٿا.
سندس ڪهاڻين ۾، مون کي فڪر جي اڏام ۽ خيال جي
گهرائي بجاءِ ڌرتيءَ جي سطح نظر آئي آهي. ڌرتيءَ
جي سطح، جيڪا زندگي جو بنيادي مرڪز آهي. جتي رنگ،
سونهن، خوشبو، ڏک، سک، بک ۽ وڇوڙي جا درد آهن.
ڌرتيءَ جي سطح تي موجود اهي حقيقتون ئي رفيق جي
ڪهاڻين جا موضوع آهن. اهو ئي سبب آهي، ته هن
پنهنجون ڪهاڻيون جن ماڻهن لاءِ لکيون آهن، اهي
انهن ڪهاڻين ۾ سمايل پيغام کي سمجهي سگهن ٿا. رفيق
جي قلم ۽ پڙهندڙن جي ذهن جي وچ ۾ مون کي ڪنهن به
قسم جو
Communication gap
نظر نٿو اچي.
ساڳئي وقت هن وٽ هڪ واضح نقطه نظر به موجود آهي، جيڪو سندس
سمورين ڪهاڻين ۾ پنهنجي پوري سگهه سان ملي ٿو.
رفيق لفظن جي هيرا ڦيريءَ/بازيگريءَ کان به ڪم نٿو
وٺي، بلڪ سڌو سنئون پنهنجي نقطه نظر کي پيش ٿو
ڪري.
رفيق پنهنجي ڪهاڻين تي خوبصورت لفظن ۽ رنگين جملن جي ميڪ- اپ جا
تهه به نٿو چاڙهي، ۽ نه ئي
Aesthetic Scense
جي نالي ۾ وڏا وڏا جملا لکي موضوع کان هٽي ٿو وڃي.
ان ڪري اسان کي سندس ڪهاڻين ۾ اهڙا جملا نه ملندا،
جن کي پڙهي اسان نثر مٿان شاعري جي اسٽئمپ هڻي
ڇڏيندا آهيون.
ڪنهن به باشعور ۽ ذهين ليکڪ لاءِ، خاص طور تي انهن حالتن ۾، جن
مان اڄوڪي سنڌ گذري رهي آهي، ڪن لاٽار ڪرڻ ممڪن ئي
ناهي. اهو ئي سبب آهي ته سندس ڪهاڻين مان وقت جي
درد جا احساس پڙهندڙن تائين به ٽرانسميٽ ٿين ٿا.
هي ذهين ۽ باشعور ليکڪ هڪ ڊگهي وڇوٽيءَ کان پوءِ هن ڪتاب وسيلي
اڄ جي نئين پڙهندڙ جي سامهون آيو آهي، جيتوڻيڪ هي
هڪ سينئر ليکڪ آهي. اڄ کان پندرهن- ويهه سال اڳ هن
لاءِ چيو ويو هو، ته هو امر جليل جي انداز ۾ ٿو
لکي (راجندر سنگهه بيديءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”مون
کي اردو جو چيخوف نه چيو وڃي، ۽ نه منٽو کي اردو
جو موپاسان سمجهيو وڃي.“) منهنجي خيال ۾ ڪنهن به
ليکڪ کي، ڪنهن به ٻئي سان نه ڀيٽڻ گهرجي- ڇو ته
ڀيٽ جا اهي ماڻ ماپا اڪثر پنهنجي وقعت وڃائي
ويهندا آهن. رفيق جي به پنهنجي هڪ سڃاڻپ واضح ٿي
سامهون آئي آهي، جيڪا سندس هن ئي ڪتاب جي، ”انسان
جي ڳولا“ کان پوءِ وارين ڪهاڻين، جيڪي ”هڪ دل- هڪ
ديوار“ جي سري هيٺ ڏنيون ويون آهن، ۾ ڏاڍي چٽائيءَ
سان موجود آهي.
(4- جنوري 1995ع)
شبانا سنڌي:
پهاڙن جي پاڙيسري ليکڪا
(شبانا سنڌي جي ناوليٽ ”هڪڙي هئي نمي“ جو مهاڳ)
جابلو علائقن جا ماڻهو فطري طور تي مضبوط ۽ اٽل ارادن جا مالڪ
هوندا آهن. شبانه سنڌيءَ جو تعلق به سنڌ جي اهڙي
ڳوٺ سان آهي، جنهن جي پاسي ۾ پهاڙ ئي آهن. پهاڙن
جي پاڙيسري هجڻ سبب، شبانه پنهنجي لکڻ جي حوالي
سان حالتن هٿان ڪڏهن هارايو ناهي. هڪ سنڌي عورت
جيان، ڪيتريون ئي ذميداريون نباهيندي به هو لڳاتار
لکندي رهي آهي.
شبانا پنهنجي گهر ۾ ڪتاب ته ننڍڙي عمر ۾ ئي ڏٺا هئا ۽ پڙهڻ به
شروع ڪيا هئا. سندس والد سيد عطا حسين شاهه جي علم
ادب سان دلچسپيءَ سبب ڪتاب ته ڄڻ پاڻيهي شبانه
تائين هلي آيا هئا. اهي ڪتاب ڏسندي، اٿلائيندي ۽
ڪجهه ڪجهه پڙهندي، انهن ڪتابن شبانه جي اندر ۾ لڪل
ليکڪا جي من ۾، ننڍڙي عمر ۾ ئي انهيءَ بيچينيءَ کي
بيدار ڪري ڇڏيو هو، جيڪا ڪنهن ليکڪ لاءِ ضروري
هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته چوڏهن سالن جي ڪچڙي
عمر ۾ ئي، اسڪول جي هوم ورڪ واري قلم سان هن
ڪوتائون لکڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ سندس قلم ڪوتائن کان
ڪهاڻيءَ جو سفر ڪندو، ناول جهڙي اهم صنف تائين وڃي
پهتو.
ليکڪ جڏهن سماج جي ڪنهن به مسئلي جي پنهنجي موضوع جي طور تي
چونڊ ڪندو آهي ته ان مسئلي/ موضوع جي مثبت توڙي
منفي، ٻنهي رخن کي ذهن ۾ رکي لکندو آهي. شبانه به
جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ٿي ته مسئلي/موضوع جا ٻئي رخ
سندس نظر ۾ هجن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته هن ناوليٽ
جي واقعن جي اڻت ڪندي ۽ ڪردارن کي اڳتي وڌائيندي،
هوءَ سماجي توڙي نفسياتي روين کان ڪنهن به طرح سان
بي خبر نظر نٿي اچي.
هي ناوليٽ ”هڪڙي هئي نمي“ پنهنجي بنياد کان تڪميل تائين عورت جي
درد ڪٿا تي مشتمل آهي، پر اردوءَ ۾ عورت ليکڪائن
(يا عورتن جي نالي سان لکجندڙ) جي بي شمار ناولن
کان ان ڪري مختلف آهي، ته اردوءَ جي انهن ناولن ۾
عام طور تي فقط خيالي ۽ عشقيه داستان هوندا آهن.
جڏهن ته شبانه جي هن ناوليٽ ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ سان
تعلق رکندڙ عام عورت جا حقيقي لڙڪ به نظر اچن ٿا
ته سڏڪا به محسوس ٿين ٿا. هي ناوليٽ فقط انهي
عورت/نياڻيءَ جي درد ڪٿا محسوس نٿي ٿئي، جيڪا عورت
هن ناوليٽ جو ڪردار آهي، پر هي ناوليٽ مجموعي طور
تي ٻهراڙيءَ جي سنڌي عورت جي درد ڪٿا محسوس ٿئي
ٿو.
اسان جي معاشري ۾ عام طور تي عورت حالتن سان سمجهوتو ڪندڙ ئي
ٿئي ٿي. هن ناوليٽ ۾ به نه فقط عورت جي حالتن سان
سمجهوتي جي ڪهاڻي آهي، پر ساڳئي وقت نئين نسل جي
نياڻي ڪومليءَ جي باغي ڪردار جي ڪهاڻي به آهي. اها
ٻي ڳالهه آهي ته ڪوملي. ڪچڙي عمر سبب زندگيءَ جي
اهم مامرن کي چڱي طرح نه سمجهي سگهڻ ڪري حالتن تي
فتح پائڻ بجاءِ، پاڻ حالتن جي ستم ظريفيءَ جو شڪار
بڻجي وڃي ٿي.
شبانه جي تحرير ۾ عورت جي احساس جي حقيقي جهلڪ نظر ايندي آهي،
جيڪا خوبي سندس هن ناوليٽ ۾ پڻ موجود آهي. هن
ناوليٽ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي اهڙا جملا/ ڪا اهڙي ڳالهه به
ملي ٿي، جنهن کي پڙهي هڪدم احساس ٿئي ٿو ته اهو
ڪجهه ڪا عورت ليکڪا ئي محسوس ڪري سگهي ٿي/لکي سگهي
ٿي. جيئن هڪ هنڌ هوءَ لکي ٿي. ”مريم به هاڻي وڏي
ٿي وئي هئي. ڀائرن جي گهر ۾ اچڻ کان اڳ ئي پنهنجو
پاڻ کي رئي ۾ ويڙهي ڇڏيندي هئي. هن کي ائين لڳندو
هو. ڄڻ هن جو وڏو ٿيڻ به گناهه هجي، جنهن کي هو
ڀائرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اوڙي پاڙي جون
مايون اينديون هيون ته به هو پنهنجي ڇاتي تي رئو
رکي ڇڏيندي هئي.“
فڪشن (ڪهاڻي، ناول، ڊرامي) ۾ ڪهاڻيءَ جو هجڻ بيحد ضروري آهي،
جنهن کان سواءِ فڪشن جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي، پر
اسان جي ڪيترن (سينيئر توڙي جونيئر) ليکڪن، فڪشن
جي نالي ۾ اهو ڪجهه به لکيو آهي، جيڪو ٻيو ڪجهه ته
ٿي سگهي ٿو، پر فڪشن نه، ادب ۾ اهڙا رويا موجود
هوندي جڏهن شبانه جي هن ناوليٽ کي پڙهجي ٿو ته،
ڪهاڻي ڪنهن پرسڪون درياهه جيان، فطري انداز سان
اڳتي وڌندي محسوس ٿئي ٿي.
شبانه سنڌي 14 سالن جي ننڍڙي عمر کان لڳاتار لکندي رهي آهي.
سندس ٽي ڪتاب ته اڳ ئي ڇپيل آهن. هي سندس چوٿون
ڪتاب آهي، سو به ٻٽو ڪتاب، جنهن ۾ ٻه ناوليٽ شامل
آهن. منهنجي خيال ۾ هڪڙي ناوليٽ جو ڪريڊٽ ته سندس
سهاڳ سيد منور علي شاهه کي به ڏيڻ گهرجي، جنهن
پنهنجي گهر واريءَ سيد زادي شبانه شاهه کي ڪڏهن
لکڻ کان روڪيو ته ناهي، پر سدائين کيس همٿايو آهي،
جنهن سان پهاڙن جي پاڙيسري هن ليکڪا کي لکڻ جي
سگهه ملندي رهي آهي.
(13- آڪٽوبر 2011ع) |