سيڪشن: ادب

ڪتاب: مون توکي ساريو

باب:

صفحو:7

طارق عالم:

هيءَ گلاب جي خوشبو…

”ٽيونجاهه سالن جو ٿي ويو آهيان، ٻار به هاڻي وڏا ٿي ويا آهن. زندگي دوستن سان ڪچهرين ۾....لکيو آ، پڙهيو آ... يار، جيئن جيئن ماڻهو وڏو ٿئي ٿو ته سمجهي ٿو ته موت آ... زندگي آ....موت جي به ڪا ايڏي معنيٰ ٿورو ئي آ... موت جي به پنهنجي هڪڙي خوبصورتي آهي، ان جو پنهنجو هڪ رنگ آ....“ طارق عالم جون نصير مرزا سان ڪيل اهي ڳالهيون، طارق جي ئي آواز ۾ ڪجهه دير پهرين، مون پنهنجي پٽ جبران جي فيس بڪ پروفائيل تي ٻڌيون آهن، جن کي جبران وڊيو جي صورت ۾ ايڊٽ ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

طارق عالم زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ بهادر شخص هو، جنهن ڪري هو زندگيءَ ۾ ڪڏهن به موت کان نه ڊنو. طارق سان منهنجي دوستي پنجٽيهه سالن جي طويل عرصي تي پکڙيل رهي ۽ اسان ٻئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ روم پارٽنر به رهياسين. راتين جون راتيون گڏ جاڳياسين، گڏ رلياسين، گڏ کلياسين ۽ گڏ رناسين به. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترائي ڀيرا موت تي به ڳالهايوسين، پر هو پنهنجي نوجوانيءَ کان وٺي ڪڏهن به مون کي موت کان ڊنل نه لڳو هو. هو جنم کان موت تائين جي سفر کي ٻن ريلوي اسٽيشنس جي وچ وارو فاصلو ئي سمجهندو هو. هن جي نظر ۾ زندگي هڪ اهڙو سفر هئي، جنهن ۾ ماڻهو صبح جو هڪ اسٽيشن تان چڙهي ٿو ۽ رات جي وقت ڪنهن ويران ريلوي اسٽيشن تي لهي، پليٽ فارم تان هلندو اونداهين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن لکيو هو، ”خبر ناهي ڪيڏي مهل، ڪهڙي ايندڙ گهڙيءَ ۾...هميشه لاءِ خال خال بڻجي، ڪتابن جي طويل ور وڪڙ ڏاڪڻين تي چڙهندو، تازيون هوائون جهٽيندو، لفظن جي ترورن ۾ غائب ٿي وڃان!“

موت جو خوف ته هن کي ٽيويهه سال اڳ به نه ٿيو هو، جڏهن هو ٽڙيل گلاب جهڙي ڦوهه جوانيءَ ۾ هو ۽ سندس گڙدن پهريون دفعو ساڻس بي وفائي ڪئي هئي. تڏهن به هو ٽهڪ ڏيندو رهيو هو، ”اڙي يار خير آ...زندگي آهي ته آهي، ناهي ته ناهي....!“ پر تڏهن سندس لنڊن ۾ علاج ممڪن ٿي سگهيو هو ۽ هو وري ڄامشوري جي هوائن ۾ موٽي آيو هو...۽ موت جو خوف ته هن کي ڪجهه مهينا اڳ به محسوس نه ٿيو، جڏهن کيس خبر پئي ته هڪ دفعو وري هو موت جي اونداهي کاهيءَ مٿان اچي بيٺو آهي. هو موت کان ڊڄي ها ته پنهنجي مڪمل صحتيابيءَ واري دور ۾ ڇو ائين لکي ها ته:

تون نه روئجانءِ

مان وڃان هُن پار ٿو

ڏک نه سوئجانءِ!

پر جڏهن ڪجهه مهينا اڳ هو ٻيهر ساڳئي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ هن ڀيري سندس واهر ۾ ڏينهن ۽ راتيون وهامڻ لڳيون ته، سندس گهر ڀاتين، ڀائرن ۽ دوستن جون اکيون آليون ٿيڻ لڳيون. سڄي سنڌ مان واڪا ٿيڻ لڳا ته وقت نه وڃايو، پر وقت وڃائبو ئي رهيو... هن بندي لکيو هو ته، ”طارق عالم کي بنا دير جي علاج خاطر ٻاهر موڪليو وڃي، ڇو ته وقت ڪنهن جو به انتظار ناهي ڪندو. وقت واريءَ جيان هٿن مان وهي ويندو آهي ۽ پاڻيءَ جيان ٻُڪ مان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙي ويندو آهي...ڪٿي ائين نه ٿئي ته وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو گهر گهلو ٿي پئي...!“ پر سمورين رڙين جي باوجود وقت وڃائجي ويو. وقت جي چيچ مان زندگيءَ جو ڇلو گهر گهلو ٿي ڪري پيو ۽ گم ٿي ويو...طارق وڇڙي ويو....

طارق ئي لکيو هو ته:

هر وقت وڇوڙو آ

هر ماڳ جدائي آ

۽ 11-جون تي رات جو جڏهن طارق عالم جي ساهه جو پکي ڀڙڪو ڏئي اُڏامي چڪو ۽ هو وڇوڙي جي وقت، جدائيءَ جي ماڳ تي سرجن اديب رضوي صاحب جي وارڊ ٻاهران ايمبولينس ۾ ستل هو ۽ ڪراچيءَ کان ڄامشوري طرف طارق جي آخري سفر جي شروعات ٿي رهي هئي، تڏهن اديب رضوي صاحب وارڊ مان نڪري ايمبولينس طرف هليو آيو هو. رضوي صاحب طارق جي وڏي ڀاءُ دارا ابڙي جي سامهون اچي بيٺو هو ۽ ڏک سان چيو هئائين، ”ابڙو صاحب، شرمسار هون ڪي مين طارق ڪو نهين بچا سڪا!“

شرمسار سرجن اديب رضويءَ جهڙي انسان کي نه، ٻين کي ٿيڻ گهرجي....اديب رضوي صاحب ته طارق لاءِ مسيحا هيو، جنهن ٽيويهن سالن تائين سندس خيال رکيو، پر زندگيءَ جا آخري ٽي مهينا طارق پرڏيهه مان علاج جي انتظار جا اوجاڳا ڪندي، نيٺ هميشه لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون، جنهن کانپوءِ نه هن جي زندگيءَ ۾ ڪو صبح ٿيو ۽ نه ئي هو پنهنجو اڻ پورو ناول ”صبح“ مڪمل ڪري سگهيو!

عجيب اتفاق آهي ته طارق پنهنجي مشهور ناول ”رهجي ويل منظر“ جي پڄاڻي انهن سٽن سان ڪئي هئي ته، ”مان ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿو.... ڪيڏو سک آهي هتي....سک، جيڪو ميلن تائين پکڙيل آهي... مان درد جون سموريون سرحدون پار ڪري آيو آهيان....سڀ نفرتون، سڀ محبتون اوندهه ۾ وڃائجي ويون آهن... ننڊ منهنجي ڇپرن تي ماکيءَ لار جيان اوتجي پئي آهي. مان وڌيڪ جاڳي نٿو سگهان، وڌيڪ جاڳڻ به نٿو چاهيان... مون کي معاف ڪري ڇڏجو...مون کي سخت ننڊ....ننڊ....ننڊ....“

طارق ته ابدي ننڊ سمهي پيو پر سوال اهو آهي ته معافي ڪنهن کي وٺڻ گهرجي...؟

هن دل مان ته اهو جواب ٿو اچي، ته شايد...اسان سڀني کي... پر ڇا ٿيندو.... هو ته هليو ويو....اڄ ته سندس ٽيجهو آهي... ٽيجهي کان پوءِ قبر تي رکيل گلاب به مرجهائجڻ لڳندا آهن... بس دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ته، زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هن ليکڪ جي ياد، سنڌ جي سيني ۾ سدائين تازي رهي ۽ سندس تربت تي رکيل گلاب ڪڏهن به نه ڪومائجن.

هيءَ گلاب جي خوشبو

ٿي اچي پري تائين

۽ سڏي پئي مون کي

سمنڊ جي تري تائين...

مان وڃي چڪو آهيان

ڇو ٿي مون کي ڀنڀلائي

پيار سان ڳلي لائي

هيءَ گلاب جي خوشبو...!  (طارق عالم)

( 14 جون 2011ع)

 


 

 

قيس عالم ابڙو:

هُو جو دور هليو ويو!...

اسلام آباد جي ايوانن تائين رسائي رکندڙ ڪي سياستدان، بيوروڪريٽ ۽ ٻيا سگهارا ماڻهو پنهنجي سٺي صحت وارن وقتن ۾، سرڪاري خرچ تي پرڏيهي دورا ڪري موج مستيون ڪندا آهن. اهڙا ماڻهو جڏهن بيمار ٿيندا آهن، ته ڪروڙين رپين جي سرڪاري خرچ تي پرڏيهه مان علاج ڪرائيندا آهن ۽ اهي ئي ماڻهو پوءِ وري سرڪاري خرچ تي حج ڪري، ڏيهه موٽي اچي حاجي به سڏائيندا آهن! اسان جي ملڪ ۾ رسائي رکندڙ اديب ۽  فنڪار به کنگهه کَڙڪي جهڙي حالت ۾، بيماريءَ جي نالي تي سرڪار کان لکين رپين جا چيڪ ڇڏائي وٺندا آهن ۽ سندن نالو به ظاهر ناهي ڪيو ويندو. جڏهن ته مستحق ۽ حقيقي بيمار فنڪارن ۽ اديبن کي فقط ڏهن هزارن جو چيڪ ڏئي به پريس رليز جاري ڪري، سندن نالا پڌرا ڪيا ويندا آهن ۽ سندن عزتِ نفس کي مجروح ڪيو ويندو آهي!

منهنجو دوست قيس عالم ابڙو نه سياستدان هو، نه بيوروڪريٽ ۽ نه ئي اهڙو فنڪار، جنهن جي نظر ڪنهن سرڪاري امداد لاءِ واجهائي. هو ته فقيراڻي طبيعت وارو سنڌ جو اهڙو چترڪار هو، جنهن سخت بيماريءَ جي حالت ۾ به، نه سرڪاري خرچ تي علاج جو مطالبو ڪيو ۽ نه ئي همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ هن اخباري خبرن جو موضوع بڻجڻ چاهيو. سندس بيماريءَ واري سڄي عرصي دوران هڪڙي ئي خبر منهنجي نظرن مان گذري، جنهن ۾ به سندس زال حميده ميتلو پاران فقط دعا جي اپيل ڪيل هئي. 30 آڪٽوبر جي ڪاوش ۾ ڇپيل انهيءَ خبر ۾ ڄاڻايل هو ته، ”اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌ جي هن نامياري چترڪار قيس عالم ابڙي جي ڦڦڙن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ووڪل ڪارڊس ختم ٿيڻ ڪري سندس ڳالهائڻ جي سگهه به ذري گهٽ ختم ٿي وئي آهي. مختلف اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن کان نجي طور تي سندس ٽيسٽون ڪرايون ويون آهن، پر ڊاڪٽر اڃا بيماريءَ جي تهه تائين نه پهچي سگهيا آهن.“ اها خبر پڙهي مون قيس جي موبائل فون تي ڪال ڪئي ته شايد سندس ٿورڙو ئي آواز ٻڌي سگهان، پر ڀاڀي حميده فون اٽينڊ ڪئي ۽ ٻڌايائين ته، ”قيس بلڪل ڳالهائي نٿو سگهي!“ افسوس ته اسان جي ديس جا ڊاڪٽر مرض جي تهه تائين پهچي نه سگهيا ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ اسان جو هي سهڻو فنڪار پرديس جي مٽيءَ جي تهن هيٺان هليو ويو!

10 اپريل 1957ع تي قمبر ۾ پنهنجي وقت جي مشهور چترڪار ۽ فوٽوگرافر محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ، قيس عالم ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي ڀائرن سان گڏ، درسگاهن جي شهر ڄامشوري جا وڻ اچي وسايا هئا، پر ڄامشوري جي ڪنهن درسگاهه ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ، کيس اتي ڳڀي جي ڳولا ڪرڻي پئي هئي. سندس هم عمر دوست سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا ۽ هو ساڳئي يونيورسٽيءَ جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪارٽو گرافر هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انهيءَ ننڍڙي نوڪريءَ دوران ئي هن هڪ نامياري چترڪار جي سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي هئي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا ٽائيٽل ڊزائين ڪيا هئا ۽ ان دور جي ڪجهه اهم رسالن لاءِ اسڪيچز به ٺاهيندو هو. لائين اسڪيچز جو هو باڪمال چتر ڪار هو. هو پنهنجي سامهون ويٺل شخص سان ڪچهري ڪندي، ڏهن پندرهن منٽن اندر سندس اسڪيچ ٺاهي وٺندو هو ۽ انهيءَ اسڪيچ جي لائينن ۾ زندگي ساهه کڻندي محسوس ٿيندي هئي. 1980ع ۾ هو پنهنجي انهيءَ صلاحيت جي آڌار تي، يونيسيف ۾ چتر ڪار جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ، فائين آرٽس ۾ ماسٽرس جي ڊگري نه هئڻ جي باوجود انٽرويو ڏيڻ خاطر ڪوئيٽا هليو ويو هو. هڪڙي پوسٽ لاءِ ڪيترائي ڊگرين وارا اميدوار به موجود هئا. انٽرويو وٺندڙ پرڏيهين جڏهن کائنس بنا ڊگريءَ جي انٽرويو ڏيڻ لاءِ اچڻ جو سبب پڇيو هو، تڏهن وراڻيو هو، ”توهان پنهنجي اداري ۾ ڪم ڏسڻ ٿا چاهيو يا ڊگري؟“ تڏهن انهن پرڏيهين ڪم ڏسڻ خاطر سندس اڳيان شيٽ رکي هڪ اسڪيچ ٺاهڻ لاءِ آئيڊيا ڏنو هو. قيس انهيءَ خيال کي لمحن اندر خاڪي جو روپ ڏئي ڏيکاريو هو. انهيءَ هڪڙي اسڪيچ کانپوءِ اهي پرڏيهي قيس جي اڳيان خالي شيٽس رکندا رهيا ۽ قيس جون آڱريون منٽن اندر خاڪا جوڙينديون رهيون. اهي پرڏيهي به لڪير جا فقير نه هئا، تنهن ڪري انهن سڀني ڊگريءَ وارن کي ڇڏي، اها نوڪري بنا ڊگريءَ واري قيس عالم کي ڏئي ڇڏي هئي. هو ڪافي سال ڪوئيٽا ۾ اها نوڪري ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد هليو ويو هو. اها ئي اسلام آباد، جيڏانهن اسان جو ناميارو شاعر تنوير عباسي ويو ته وري سندس مڙهه به سنڌ نه موٽيو! ٻارهن سال اڳ 25 نومبر تي تنوير عباسيءَ اسلام آباد ۾ وفات ڪئي هئي ۽کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو هو... ۽ هن سال، ساڳئي 25 نومبر تي اها خبر آئي ته اسلام آباد کان علاج خاطر ڪيناڊا ويل قيس عالم ٽورانٽو شهر ۾ گذاري ويو ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو! قيس عالم جي ننڍي ڀاءُ، نامياري ليکڪ طارق عالم جو وڇوڙو به ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه ٿي لڳي، جيڪو به هن ئي سال، پنج مهينا اڳ گذاري ويو هو. طارق عالم کي سنڌ جي مٽي ته نصيب ٿي، پر سنڌ جي مٽيءَ سان عشق ڪندڙ قيس عالم کي ست سمنڊ پار اجنبي ديس ۾ دفنايو ويو، جنهن تي سندس روح به بيچين هوندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس ٺاهيل اسڪيچز کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي محفوظ ڪيو وڃي.

( 29 نومبر 2011ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org