وڇـــــوڙا
بينظير، بينظير جهڙي هئي…
ستاويهين ڊسمبر 2007ع تي منجهند جو ٽي لڳي ڏهن منٽن تي، ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ جيئن ئي ڳاڙهي بتي
بند ٿي ۽ آن ايئر مائيڪ مون کي مليو ته، پروگرام
جي ابتدا ۾ مون الائجي ڇو زندگيءَ ۽ موت جي فلسفي
تي بي اختيار ڳالهائڻ شروع ڪيو. نه ڄاڻ ڇو منهنجي
اها گفتگو ڪجهه طويل به ٿي وئي ۽ انهن لفظن سان
وڃي پڄاڻيءَ تي پهتي ته، ”جيڪي ماڻهو پنهنجي ڌرتي
۽ قوم لاءِ پنهنجي زندگي قربان ڪندا آهن، اهي
سدائين اسان جي دلين ۾ زندهه رهندا آهن ۽ موت ڪڏهن
به کين ماري ناهي سگهندو.“ ۽ ان کان پوءِ منهنجي
هٿ جي اشاري سان اسٽوڊيو انجنيئر پهريون ڪلام آن
ايئر ڪري ڇڏيو:
ٽڙي پوندا ٽارئين
جڏهن ڳاڙها گل
تڏهن ملنداسين...
شام جو ساڍي پنجين وڳي ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ مان ٻاهر نڪري،
جيمخاني واري چوڪ تي پهتس ته وري ڳاڙهي بتي نظر
آئي، ٽريفڪ سگنل رستو روڪي ورتو. سگنل کلڻ کان
پوءِ ٿڌي سڙڪ تي پهتس ته آسمان کان ڌرتيءَ تائين
سڀ ڪجهه ڳاڙهو ٿي چڪو هو. لهندڙ سج جي لالاڻ
الائجي ڇو پنهنجي اندر ۾ لهندي محسوس ڪيم ۽ بي
اختيار ڪار جي ايڪسيليٽر تي منهنجي پير جو دٻاءُ
وڌي ويو. گهر پهچي اڃا لائونج ۾ ويٺس ئي مس ته
ڪمري مان منهنجي پٽ جبران رڙ ڪئي، ”بينظير شهيد ٿي
وئي!“ مون اعتبار ئي نه ڪيو ۽ سڪون سان ويٺو رهيس.
انهيءَ لمحي ئي منهنجي ننڍڙي پٽ جانوءَ جي موبائيل
تي سکر مان سندس ننڍڙي دوست عاصم جو ساڳيو ميسيج
پهتو. هڪدم اٿي ٽي وي آن ڪيم ته ڪي ٽي اين نيوز جي
اسڪرين سامهون اچي وئي ۽ منهنجي اندر ۾ ايٽم بم جو
ڌماڪو ٿيو... اندر ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو... ڪافي دير
کان پوءِ جڏهن ذهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته سامهون رکيل
ٽي وي اسڪرين تي ڄميل منهنجون اکيون بند ٿي ويون ۽
دل جي اسڪرين تي ماضيءَ جا ڪيئي عڪس ڪنهن ڊرامي جي
فليش بيڪ جيان هڪ ٻئي پويان پڌرا ٿيڻ لڳا.
1973ع
جي هڪ شام جو لاڙڪاڻي ۾ موهن جو دڙو روڊ تي اتاترڪ
ٽاور جي افتتاحي تقريب هئي، بابا سان ذوالفقار علي
ڀٽي صاحب جي ويجهڙائيءَ سبب اتفاق سان مان به اتي
موجود هئس. ان وقت جو صدرِ پاڪستان ڀٽو صاحب غلام
مصطفيٰ جتوئيءَ، ممتاز ڀٽو ۽ ايوب کهڙي سان چانهن
جي ڪپ تي بيٺي ڪچهري ڪندڙ ۽ مان.....مان پنهنجي
ٻاراڻي وهيءَ ۾ چئن قدمن جي فاصلي تي بيٺل....ڀٽي
صاحب جي مقناطيسي شخصيت جي سحر ۾ گم....جڏهن ڀٽي
صاحب جي نظر پاڻ ڏانهن گهوريندڙ ٻار تي پئجي وڃي
ٿي...جنهن ٻار جي هٿ ۾ جهليل بسڪٽ سندس وات جي
اڳيان اچي رڪجي ويو آهي....۽ ڀٽو صاحب ٻار جي
ڪيفيت کي محسوس ڪري ڪچهري اڌ ۾ ڇڏي، چار قدم پاڻ
اڳتي وڌي اچي ٻار ڏانهن مرڪي هٿ وڌائي ٿو. ”هيلو
ينگ مين!“ تڏهن مان حيرتن جي سمنڊ ۾ ٻڏندي ڀٽي
صاحب جو هٿ جهلي ٿو وٺان. ٻئي لمحي کيسي مان هڪ
رپئي جو نوٽ ڪڍي ڀٽي صاحب ڏانهن وڌايان ٿو،
”پليز
آٽو گراف سر!“ (هڪ رپئي جو اهو نوٽ. ملين ڊالرس
جيان اڄ تائين سانڍي رکيل اٿم).
ننڍا ننڍا کوڙ منظر ذهن جي اسڪرين تي نروار ٿيڻ لڳن ٿا. ڀٽو
صاحب سڄو پروٽوڪول پاسي تي رکي، لاڙڪاڻي جي رستن
تي ڪار مان لهي پئي ٿو ۽ ماڻهن سان ملڻ لڳي ٿو. هڪ
ٻاڪڙا هوٽل ۾ چانهن ٺاهيندڙ پورهيت کي سڃاڻي، وقت
جو وزير اعظم گاڏين جو قافلو روڪي، ڪار مان لهي
وڃي پورهيت سان ملي ٿو ۽ ٻاڪڙا هوٽل جي بينچ تي
ويهي، ڀڳل ڪنارين واري ڪپ ۾ چانهن ٿو پيئي.
منهنجي ئي پاڙي ۾ ڪار مان لهي، هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ پاڻ پنڌ ڪري
وڃي هڪ دوست جي گهر جو زنجير وارو پراڻو ڪڙو
کڙڪائي دوست جي پڇا ٿو ڪري. دوست جي غير موجودگيءَ
سبب در جي اندران بيٺل عورت کي پنهنجو نالو ٻڌائي
واپس هليو ٿو وڃي....محبتن ۽ خوشين جي اهڙن ڪيترن
منظرن کان پوءِ منهنجي ذهن جي اسڪرين تي ڀٽي صاحب
جي شهادت واري ڏينهن جو، لاڙڪاڻي شهر جو منظر فريز
ٿي بيهي رهي ٿو ۽ فريز ٿيل منظر پويان فقط آهون،
دانهون ۽ ظالمن لاءِ پاراتا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. انهن ئي
پاراتن جي منظر مان شاهنواز جي شهادت وارو سڪتي ۾
ورتل لاڙڪاڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هر طرف درد پيو دکي.
مان پنهنجي دوست ذوالفقار راشديءَ سان گڏ المرتضيٰ
هائوس ۾ بينظير ڀٽو جي سامهون ويٺل آهيان ۽ راشدي
صاحب توڙي منهنجي وات مان تعزيت جي چند لفظن لاءِ
زبان ساٿ ئي نٿي ڏي. بهادر بينظير الٽو پاڻ ئي
اسان کي صبر جي تلقين پئي ڪري ۽ ان کان پوءِ
منهنجي دل ۾ زندهه سلامت هڪ منظر اڀري اچي ٿو.
جلاوطني ختم ڪري آيل مرتضيٰ ڀٽي سان منهنجي اوچتو پريس ڪلب
حيدرآباد اڳيان پهرين ملاقات ٿئي ٿي . هڪ دوست
ساڻس منهنجو تعارف ٿو ڪرائي. هڪ پريس فوٽوگرافر
منظر کي پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪري ٿو وٺي ۽ شام جو
اهو فوٽوگرافر ان تصوير جي ڪاپي به مهرباني ڪري
مون کي پهچائي ٿو. ڪئمرا جي هڪڙي ڪلپ ۾ قيد ٿيل
اها ملاقات ئي آخري به ثابت ٿي، جنهن کان پوءِ
مرتضيٰ جي شهادت جون ئي تصويرون ڏسڻيون پيون...!
27
ڊسمبر جي شام بينظير جي شهادت سبب دل اندر ايٽم بم
جو ڌماڪو ٿيو ته، ايئن لڳو ڄڻ زندگيءَ جي ڊرامي
جون سڀ قسطون پڄاڻيءَ تي پهچي ويون. اکين ۾ فريز
ٿي بيهي رهيو سنڌ جي شهيد راڻيءَ جي شهادت وارو
منظر.....۽ اکين جي سامهون رکيل ٽي وي سيٽ تي نظر
آيا فقط تباهي ۽ برباديءَ جا منظر...آهون، ڪوڪون ۽
رڙيون...هر طرف ماتم....هر طرف ڄڻ ڪربلا....۽ انهن
ئي گذرندڙ پهرن ۾ منهنجي ليکڪ دوستن جا درد ڀريا
ميسيج منهنجي موبائيل جي اسڪرين تي پڌرا ٿيندا
رهيا. ”سنڌ جي آخري اميد به ختم ٿي وئي.“ (اياز
گل) ”الوداع! سنڌ جي شهيد راڻي. سنڌ ۽ سنڌي اڄ به
يتيم آهن.“ (ماهتاب محبوب) ”هڪ دفعو وري اسان جي
خوابن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي آهي. اسين ٻيهر بي
خواب ٿي ويا آهيون.“ (طارق عالم) اهڙا ئي درد ڀريا
ايس ايم ايس هيا ٻين دوستن جا به، جن گهاءَ کي
وڌيڪ گهرو ٿي ڪيو، جو انهن ئي غم جي گهڙين ۾ نصير
ميمڻ جي لفظن زخم تي پهريون پهو رکيو. ”هڪ قوم جي
حيثيت سان، اسان ڪڏهن به شڪست نه مڃينداسين.“
پر...پر اسين ته سڀ دل شڪسته آهيون. اهو ئي ويٺي
سوچيم ته قمر شهباز جا لفظ سامهون آيا، ”سنڌين جي
غم جي هن موقعي تي سنڌ جي ليکڪن کي پنهنجو ڀرپور
ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.“
ڇا ڪرڻ گهرجي....ڇا نه ڪرڻ گهرجي؟ پر پنهنجي ئي اندر مان اٿيل
سوال جو مون وٽ ڪو به جواب نه هو. ٻيو ته ڪجهه نٿو
ڪري سگهجي، پر لاڙڪاڻي ته وڃي سگهجي ٿو. شهيدن جي
مزارن تي ڳاڙها گل ته رکي سگهجن ٿا...پر حيدرآباد
کان ڳڙهي خدا بخش تائين ڊرائيو ڪرڻ جي سگهه ئي جسم
۾ نه بچي هئي ۽ پوءِ جلندڙ سنڌ جا روڊ رستا ئي بند
ٿي ويا. وقت هٿن مان ڇڏائي ويندو رهيو. (باقي بچيو
ئي ڇا هيو!!) ڌرتيءَ تي لٿل رات کان وڌيڪ اونداهي
اندر ۾ لهي آئي هئي.
ڊبل بيڊ جي هيڊ بورڊ سان مٿو ٽيڪي خالي ديوار کي ئي تڪي رهيو
هوس ته، رات جو ڏيڍ وڳي موبائل فون جي بيل وڳي.
اسڪرين تي مهربان دوست مخدوم جميل زمان صاحب
جونالو ڏسي، هڪدم موبائيل آن ڪيم ته مخدوم صاحب
درد ونڊڻ کان پوءِ ٻڌايو ته پاڻ هن مهل لاڙڪاڻي
پيا وڃن. هڪدم خيال آيم ته هن وقت مان پنهنجي
اباڻي شهر لاڙڪاڻي تائين مخدوم صاحب جي سهاري سان
ئي پهچي سگهان ٿو...پر ٻڌايائون ته هو ان وقت موري
شهر مان گذري رهيا هئا. دل وسامي وئي. کين الله
واهي چئي موبائل آف ڪري، دل ئي دل ۾ جميل سائينءَ
جي سلامتيءَ جي دعا گهريم ته موبائل جي اسڪرين
روشن ٿي وئي. ناليواري ليکڪا ۽ چترڪار شگفته شاهه
اردو شاعر ذيشان ساحل جو نظم ايس ايم ايس ڪري
موڪليو هو.
وقت ڪي گذرني پر
وه جو ڀول جائين گي
بينظير ڪيسي ٿي
هم انهين بتائين گي
بينظير دنيا مين
زندگي ڪي ماٿي پر
اڪ لڪير جيسي ٿي
روز و شب ڪي زندان مين
اڪ اسير جيسي ٿي
شهر ڪي غريبون ڪو
اڪ امير جيسي ٿي
جبر ڪي نگاهون مين
ايڪ تير جيسي ٿي
بي نظير ڀٽو بس
بينظير
جيسي ٿي...
( محترمـ بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکيل: 2007ع)
شهيد راڻي۽ هڪ سوال!
شيخ اياز، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بابت هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته،
”شهادت، وقت جي سيني ۾ اهو گهاءُ آهي، جيڪو ڇُٽي
نه ڇُٽڻو آهي. اهو ڪارو گلاب ازل تائين شگفته رهڻو
آهي. ان مشعل کي وسائي نٿو سگهجي، جيڪا شهيد جي
خون سان روشن ٿي آهي.“ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي
خون سان روشن ٿيل مشعل، سندس نياڻي بينظير ڀٽو
لاءِ شيخ اياز لکيو هو، ”بينظير به جڏهن شهيد پيءُ
جي پيرن سان ڳل لاتا هوندا، تڏهن هن مان موت جو
خوف معدوم ٿي ويو هوندو ۽ هن جدوجهد لاءِ عزم ڪيو
هوندو، جنهن جي تربيت هن کي اڳي ئي ملي چڪي آهي.“
بي خوفيءَ ۽ بهادريءَ جي علامت بينظير لاءِ، شيخ
صاحب اهو به لکيو هو ته، ”خوش نصيب آهي سنڌ جي
ڌرتي، جنهن هن کي جنم ڏنو، هوءَ مارئي ۽ ٻاگهيءَ
جو نئون روپ آهي.“ وطن سان محبت جي لازوال علامت
مارئيءَ کي محترمه بينظير ڀٽو پاڻ به ساريندي هئي
۽ هن پنهنجي مشهور نظم ۾ مارئيءَ لاءِ چيو هو:
مارئي جي اباڻي لوئي مون کي گهڻي پياري آهي
مارئيءَ کان مون پرايو آهي
۽ پڻ صوفي سنتن کان....
سنڌ جي صوفياڻي خمير مان جنم وٺندڙ ۽ مارئيءَ جيان وطن سان محبت
ڪندڙ بينظير ڀٽو جڏهن هڪ عظيم ليڊر ٿي اڀري ته، نه
فقط هن ملڪ تي حڪمراني ڪئي، پر شهيد ڀٽي جيان عوام
جي دلين تي به حڪمراني ڪئي ۽ خاص طور تي سنڌ جي
مارو ماڻهن جي دلين جي راڻي بڻجي وئي. اسان جي ملڪ
تي حڪمراني ته آمرن به ڪئي آهي، پر انهن آمرن
جمهوريت، توڙي بنيادي انساني حقن کي لانگ بوٽن
هيٺان چيڀاٽي، بندوق جي زور تي حڪومت ڪئي. اسان جي
ملڪ تي حڪمراني انهن ماڻهن به ڪئي آهي، جن آمريت
جي پاڇي ۾ خودرو ٻوڙن ۽ ڪانڊيرن جيان جنم وٺي،
درخت هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. فقط شهيد ذوالفقار علي
ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ئي اهڙا حڪمران نظر اچن ٿا،
جن نه فقط ووٽ جي طاقت سان حڪمرانيءَ جو حق حاصل
ڪيو، پر انهن جي محبت جون ميخون عوام جي دلين ۾ به
موجود هيون. دنيا جي تاريخ ۾ تمام گهٽ اهڙا حڪمران
رهيا آهن، جن زمين سان گڏ دل جي ڌرتيءَ تي به
حڪمرانيءَ جو درجو حاصل ڪيو هجي، پر جڏهن ڪنهن
حڪمران کي اهڙو عوامي درجو ۽ قبوليت حاصل ٿي آهي
ته، اهي آمر قوتن جي اک جو ڪنڊو بڻجي پيا آهن ۽
انهن آمر قوتن راتاهو هڻي عوامي راڄ ۽ ڀاڳ تي ڌاڙو
هنيو آهي. جن ذوالفقار علي ڀٽي کي رات جي
اونداهيءَ ۾ اسير بڻايو هو ۽ ڪال ڪوٺڙيءَ جي ٻن
سالن جي ڊگهي رات کان پوءِ، صبح ٿيڻ کان اڳ کيس
تختهءِ دار تي چاڙهي دارالبقا ڏانهن روانو ڪيو هو،
انهن ساڳين ”مڊ نائيٽ جيڪالس“ ئي بينظير ڀٽو جي
عوامي راڄ تي ٻه دفعا راتاهو هنيو هو ۽ پوءِ آمريت
خلاف جدوجهد جي راهه تان هٽائڻ خاطر کيس شڪار
بڻائي شهيد ڪيو ويو هو. انهن عقل جي انڌن ته اهو
نٿي ڄاتو ته شهيد ڪڏهن به مرندا ناهن، پر سنڌ ڄاون
پيءُ ۽ ڌيءُ اها ڳالهه چڱيءَ طرح ڄاتي ٿي. تڏهن ئي
ته شاعراڻي دل رکندڙ، سنڌ جي شهزاديءَ بينظير شهيد
پنهنجي نظم ۾ چيو هو ته:
هڪ وٽ طاقت هوندي آهي
ٻئي وٽ حق
هڪ وٽ تلوار هوندي آهي
ٻئي وٽ قلم
هٿيار ڪٽجي ۽ زنگجي ويندا آهن
۽ پري وڃي ڪرندا آهن
پر خيال سدائين جيئرا رهندا آهن....
ڪيڏا به وس ڪيا وڃن، پر خيال ۽ فڪر جو موت ڪڏهن به نٿو ٿئي.
دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي ڪتاب مورخن جا لکيل نه،
پر منشين کان لکرايل آهن. مورخن بجاءِ منشين کان
پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا جون تاريخون لکرائيندڙ وقت
جي جابر حڪمرانن جيان، اسان وٽ به وڏا وس ڪيا ويا
۽ حيلا هلايا ويا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي خون
تي منفي تاثر جو ڍڪ رکي سگهجي، پر شهادت جي سختي
نسورو ئي نينهن هوندي آهي. عشق ۽ مشڪ کي لڪائي
ناهي سگهبو ۽ نه ئي واءَ کي ڌاڳا ٻڌي سگهبا آهن.
ان ڪري آمرن، توڙي آمريتي سوچ وارن سڀني ماڻهن جا
سمورا حيلا ۽ وسيلا شڪست کائي ويا. شهيد ڀٽي، فڪر
۽ خيال جي جنهن زمين کي پنهنجي رت جو ريج ڏنو هو،
فڪر جي انهيءَ سرزمين مان ئي ”پنڪيءَ“ جهڙو گلاب
ڦٽو ته فضائن ۾ وري هڪ نئين مهڪ ڦهلجي وئي.
”پنڪيءَ“ جهڙي گلاب جي خوشبوءِ ۾ آمريتي ۽
دقيانوسي سوچ جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، جنهن ڪري انهن
سنڌ جي هن گلاب کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو، پر انهن
ڪانئرن کي ناهي خبر ته شهيدن جي رت سان ڳاڙهي ٿيل
ڳڙهي خدا بخش جي مٽي هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي،
جو نه فقط شهيد، پرخيال ۽ فڪر جو موت به ڪڏهن نٿو
ٿئي. خيال ته بيشڪ سدائين جيئرا رهندا آهن. جيڪڏهن
خيال ۽ فڪر جي روشني سلامت نه رهي ها ته هيءَ دنيا
اڄ اوندهه جو ٻيٽ هجي ها، پر هڪ انسان جي خون کي
سڄي انسانيت جو خون به ته چيو ويو آهي... ۽ ويجهي
ماضيءَ ۾ اسان سنڌ اندر ٻه دفعا اهڙا منظر ڏٺا
آهن، جن کي ڏسي لڳو آهي ته، بيشڪ هڪ انسان جو خون
سڄي انسانيت جو خون آهي....۽ اهي ٻئي منظر اسان کي
ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن جي خون سبب نظر آيا آهن.
بيشڪ قيد، بند، جلاوطنيون ۽ موت جون ڌمڪيون به بينظير ڀٽو جو
ڪنڌ جهڪائي نه سگهيون ۽ هن شهادت ماڻي پنهنجو ڳاٽ
اوچو ئي رکيو، پر چار سال گذرڻ جي باوجود سنڌ جي
شهيد راڻيءَ جو رت ۽ روح انصاف جو منتظر آهي! اڄ
به سائين محمد ابراهيم جويي جي لفظن سان، سنڌ اهو
ئي سوال ٿي پڇي ته:
اسان ته پنهنجن جا لاش ڪلهن تي
ڍوئي ڍوئي ٿڪيا آهيون
ڪيسين ڪانڌيءَ وارو ڪردار اسان جي
حصي هوندو
هي سورهيه جن جان ڏني
ڇا تن جو رت ائين وئرٿ ويندو!؟
(27- ڊسمبر 2011ع)
|