مان ڇو ٿو لکان؟
اندر
۾ ڪا بيچيني ته شايد جنم ڏينهن کان وٺي موجود هئي،
پر چٽيءَ طرح جون يادگيريون مون کي پنهنجي پنجن
سالن واريءَ عمر کان وٺي آهن. انهيءَ پنجن سالن جي
معصوميت واري عمر ۾ ئي، مون پنهنجي اندر ۾ شدت جي
بيچيني محسوس ڪئي هئي، جيڪا عمر جي وڌڻ سان وڌندي
ئي رهي. سمجهه ۾ ڪجهه به نه ايندو هو، ته اندر ۾
اها اٿل پٿل ۽ بي قراري ڇو، ڇالاءِ ۽ ڇا جي آهي.
نتيجي طور ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي اڪيلائي پسند ٿي ويس.
سوچن ۾ گم سم رهڻ لڳس ۽ ڪڏهن به سٺو شاگرد نه ٿي
سگهيس. تڏهن به مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي، ته
پهرئين ڪلاس ۾ داخلا واري ڏينهن، جڏهن منهنجي
استاد غلام رسول سومري صاحب، منهنجو هٿ جهلي سليٽ
تي مون کي الف-بي جا ٻه اکر لکڻ سيکاريا هئا، تڏهن
مان ڪيتري دير تائين انهن ٻن اکرن کي غور سان
ڏسندو رهيو هئس. سليٽ تان اهي اکر ڊاهڻ بجاءِ،
ڏاڍي حفاظت سان سليٽ کي هٿ ۾ سڌو جهلي، گهر کڻي
ويو هئس. ڇو ته استاد جي هٿ جي مدد سان، پنهنجي
هٿان لکيل الف-بي جا اهي ٻه اکر مون کي ڏاڍو وڻيا
پئي.
مون لکڻ جي شروعات ٻاراڻي وهيءَ ۾ ڪئي هئي. تڏهن مان لاڙڪاڻي جي
گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ پڙهندو
هوس. حساب ڪرڻ مون کي ڪڏهن به نه آيا. اڄ به
پندرهن کي ٽن سان ضرب يا ونڊ جهڙا ننڍڙا حساب ڪرڻ
به مون کي نٿا اچن. مان حسابن جي پيرڊ دوران اسڪول
کان ڀڄي ويندو هوس، پر امان جي دڙڪن جي خوف کان
گهر وڃڻ بجاءِ ڪنهن پارڪ ۾ هليو ويندو هوس.گلن،
پکين، ڀنڀورين ۽ پوپٽن سان وقت گذاريندو هوس.
پوپٽن پويان ڊوڙندو ته هوس، پر ڪڏهن به ڪنهن پوپٽ
کي پڪڙي مون پنهنجي ڪتاب ۾ وجهي، سندس زندگي نه
ڦري. ڀنڀوريون پڪڙيم ته ڏِسي، ڪجهه دير کان پوءِ
وري اڏائي ڇڏيم. پوپٽن ۽ ڀنڀورين پويان ڊوڙي جڏهن
ٿڪبو هوس ته، پارڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي خيالن جي
دنيا ۾ گم ٿي ويندو هوس. انهيءَ اڪيلائيءَ وارين
سوچن ۾ منهنجي اندر ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون
سرجنديون هيون. تن ڏينهن ۾ ئي اردو اخبار ”مشرق“
جو ٻارن وارو صفحو نظر مان گذريو. انهيءَ ۾
ٻاراڻيون ڪهاڻيون پڙهي خيال آيو ته، انهن کان بهتر
ڪهاڻيون ته روز ٿيون منهنجي ذهن ۾ سرجن. سو ائين
هڪ ننڍڙي ڪهاڻي اردوءَ ۾ لکي ”بچون ڪا مشرق“ ۾
موڪليم ته هڪدم ڇپجي ويئي. ان کان پوءِ اردو توڙي
سنڌي اخبارن ۾، ٻارن جي صفحن ۾ لڳاتار منهنجون
ڪهاڻيون (اصل نالي محمد خان شيخ سان) ڇپجنديون
رهيون. انهن ڪهاڻين سبب اسڪول ۾ ڪيئي ڀيرا مار به
ملي. جڏهن استاد هوم ورڪ چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪاپي وٺندو
هو ۽ ڪاپيءَ ۾ هوم ورڪ بجاءِ ڪهاڻي ڏسندو هو ته،
پوءِ ڪهاڻيون لکندڙ منهنجا نازڪ هٿ رُول سان ڳاڙها
ٿي ويندا هئا، پر منهنجا هٿ ڳاڙها به ٿيندا رهيا ۽
ڪهاڻيون به لکندا رهيا.... ۽ پوءِ .... جڏهن
منهنجي عمر سترهن سال هئي، تڏهن مون کان اهڙي سنڌي
ڪهاڻي لکجي ويئي، جو لڳو هو ته ننڍپڻ کان پوءِ
ڇوڪرائپ وارو زمانو اوچتو وچ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو هجي.
اها پهرين ڪهاڻي هئي، جيڪا ٻارن جي اخباري صفحن
بجاءِ وڏن جي رسالي”رهبر ڊائجسٽ“ جي آگسٽ 1974ع جي
شماري ۾ ”زخمي دل“ جي عنوان سان ڇپي هئي. انهيءَ
ڪهاڻيءَ سان مون پنهنجي اختياري نالي زيب سنڌيءَ
سان باقائدي سنڌي ادب ۾ پير پاتو هو. جڏهن زيب
سنڌيءَ جي نالي سان لکيل اها پهرين ڪهاڻي ڇپجي
منهنجي هٿن ۾ پهتي هئي، تڏهن پهريون ڀيرو مون کي
اها خبر پئي هئي، ته سانڀر جي پهرئين سال کان وٺي
منهنجي اندر ۾ بيچيني ڇو هئي. سبب ته سمجهه ۾ اچي
ويو، پر اها بي قراري گهٽجڻ بجاءِ اڃا به وڌي
ويئي.... بس اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته منهنجي
اندر ۾ ڪجهه آهي، جنهن کي مان اظهارڻ ٿو چاهيان.
پنهنجي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ خيال کي، منهنجي اندر جي اها بي قراري
ئي اظهار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي
.اهو
ئي سبب آهي ته لکڻ وارن ستٽيهن سالن جي ڊگهي عرصي
۾ ڪڏهن به ڪا وڏي وٿي ناهي آئي، جو مان نه لکي
سگهيو هجان. ها، منهنجي لکڻ جي صنف ڪا هڪڙي ناهي
رهي. 1974ع ۾ ڪهاڻيءَ سان ابتدا ڪيم، 1977ع ۾
پهريون شعر لکيم ۽ 1986ع ۾ پهريون ٽي وي ڊرامو
لکيم. منهنجي تجربي مطابق ڪابه تخليق پنهنجو
فارميٽ پاڻ کڻي ٿي اچي. اهو ئي سبب آهي جو مون
شاعري به ڪئي. نه ته مان ڪڏهن به ڪو شعر نه لکان
ها. منهنجي زندگيءَ ۾ هڪڙو مهينو ته اهڙو به رهيو
آهي، جڏهن شاعريءَ کي مون پنهنجي چوڌاري هوائن ۾
پئي محسوس ڪيو ۽ شعر مينهن ڪڻين جيان منهنجي مٿان
پئي برسيا. ان مسلسل ڪيفيت ۾ هر وقت شعر لکي پئي
سگهيس. دوستن پاران ڏنل قافيي تي، دوستن جي سامهون
ئي پنجن منٽن کان به گهٽ وقت ۾ پورو غزل مڪمل ڪري
پئي ورتم، جنهن ۾ نواڻ به هئي. ڪيترا ئي شعر لکيم
۽ هِتي هُتي رکي وساري ڇڏيم. اڄ به هڪ ڪتاب جيتري
شاعري مون وٽ موجود آهي، پر شعري مجموعو نه ڇپرايو
اٿم.
ڪهاڻيون مون مسلسل به لکيون آهن، ته ڪڏهن وري ڪهاڻيءَ ۽ قلم جي
وچ ۾ فاصلو به رهيو آهي. پنجن ستن سالن جي وٿي به
اچي ويئي آهي، پر اهي سال به مان خاموش نه رهيو
آهيان. انهن سالن ۾ لڳاتار ٽي وي ڊراما لکندو رهيو
آهيان.
ٽي وي ڊرامو لکڻ جي ابتدا 1986ع ۾ پنهنجي ڪهاڻي ”وڃايل ٻار“ جي
ساڳئي نالي سان ئي ڊرامائي تشڪيل ڪري ڪئي هيم.
پنجويهن منٽن جو هڪڙو ڊرامو ٽي ويءَ تي ڇا هليو،
ڄڻ شهرتن جي شاهراهه تي پاڻ کي بيٺل ڏٺم. هر طرف
کان مڃتا جا گل ملڻ لڳا. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن
پاڪستان ۾ هڪڙو ئي ٽي وي چينل هو، پي ٽي وي. سڀ
ماڻهو اهو هڪڙو ئي ٽي وي چينل ڏسڻ لاءِ مجبور هيا
۽ هفتي ۾ هڪڙو ئي پنجويهه منٽن جو
سنڌي ڊرامو هلندو هو، جنهن جو خلق سڄي هفتي تائين
انتظار ڪندي هئي. ٻن اڍائي سالن ۾ ڏهاڪو سولو پلي
لکيم، جيڪي محمد بخش سميجي، بيدل مسرور ۽ سميع
بلوچ پروڊيوس ڪيا. انهن ئي ڏينهن ۾ پهرين ڊراما
سيريل ”سمنڊ جون سرحدون“ به لکيم، جنهن جو
پروڊيوسر بيدل مسرور هو. سو شهرتن جي اها شاهراهه
مون کي ڪهاڻيءَ کان ڪجهه پرتي وٺي ويئي.
حقيقت اها آهي ته ڪهاڻيءَ تي مشق ڪرڻ واري دور کان اڃا اڳتي مس
وڌيو هوس، ته پي ٽي وي پاڻ ڏانهن ڇڪي وئي ۽ پوءِ
جيڪي بهتر ڪهاڻيون لکان ها، اهي ڊرامن جي صورت ۾
هوا ۾ اڏامي ويون. پوءِ جو وري ڪهاڻي لکڻ ويٺس ته
”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ جهڙي ڪهاڻي لکي ورتم، جنهن هڪ
ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ مون کي هڪ نئين مڃتا ڏني.
تڏهن فيصلو ڪيم ته هاڻي ٽي وي ڊرامو نه لکندس، پر
ادب ۾ پنهنجي پهرين محبت ڪهاڻيءَ سان ئي توڙ
نڀائيندس.... پر ائين ڪري نه سگهيس....!
پاڪستان ۾ ٽيليويزن لاءِ پرائيويٽ پروڊڪشن جو سلسلو شروع ٿيو ته
عبدالقادر جوڻيجي، نورالهديٰ شاهه ۽ آغا رفيق کان
پوءِ مان به انهن جي وڪڙ ۾ اچي ويس. مون کي به پي
ٽي ويءَ جي سرڪاري ريٽ کان چئوڻ تي پئسا مليا ته
وري ڊرامو لکڻ ويهي رهيس. ان کان پوءِ هڪ ٻئي
پويان اردوءَ جا پرائيويٽ چينل کلڻ لڳا ته ڳالهه
ويتر اڳتي وڌي ويئي. مٿان وري شهرتن، رنگن ۽
روشنين جي هڪ نئين دنيا...... ۽ پئسا ڀلا ڪنهن کي
نٿا کپن. موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن ۾ رلڻ بجاءِ
ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ۾ سفر ڪرڻ ڪنهن کي سٺو نه
لڳندو.... پر انهيءَ جي بدلي ۾ ڪجهه ڏيڻو ته
پوندو. سو منهنجون به ڪيتريون ئي ميچوئر ڪهاڻين
جهڙيون تخليقون، سولو پليز جي صورت ۾ ٽي وي اسڪرين
تان گذرنديون هليون ويون. ناول جهڙا وڏا تخيل،
سيريلز جي صورت ۾ هٿن مان نڪري ويا..... پر وقت کي
مون ڪڏهن به وڃڻ ناهي ڏنو. ان ڪري ڪهاڻي به مون
کان هٿ ڇڏائي نه وئي آهي. هڪ وٿيءَ کان پوءِ 2007ع
کان ڊرامن سان گڏ وري ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون اٿم،
ته اهو سلسلو هاڻي روڪيو نه اٿم. ڪهاڻيءَ سان گڏ
هاڻي مون ناول ڏانهن به ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي.
ٽي وي ڊرامي وسيلي مليل شهرتن ۽ آسائشن کان پوءِ به، منهنجيءَ
نظر ۾ اهميت ۽ اوليت ڪتاب جي آهي. ابتدا ۾ ته مون
ٽي وي ڊرامو پنهنجيءَ ڳالهه کي گهڻن ماڻهن تائين
پهچائڻ خاطر لکيو هو، (ان ڳالهه کان هاڻي به انڪار
نٿو ڪري سگهجي) پر هاڻي ٽي وي ڊرامو منهنجي لاءِ
مزدوريءَ جو ۽ ڪهاڻي عشق جو درجو رکي ٿي.
سو مان، ڪڏهن پورهئي خاطر لکان ٿو، ته ڪڏهن وري پنهنجي عشق جي
تجديد خاطر...... پر پنجن سالن جي عمر واري،
پنهنجي پهرينءَ سانڀر کان وٺي محسوس ڪيل اندر جي
بيچيني اڄ به برقرار آهي. اها ئي اندر جي بي قراري
اڄ به مون کان لکرائي ٿي. هاڻي ته لکڻ منهنجي لاءِ
ايترو ضروري ٿي پيو آهي، جيترو کاڌو کائڻ، پاڻي
پيئڻ، ننڊ ڪرڻ ۽ ساهه کڻڻ.
مان لکان ٿو، ان ڪري ته مان جيئرو آهيان.....
جي مان نه لکي سگهندس، ته جيئري ئي مري ويندس.....
(2010ع) |