سفرنامو
هڪ لمحي جا ٽڪرا
”زيب، هي منظر ته ڏس يار!“ رزاق مهر، جيڪو جهاز ۾
ونڊو سائيڊ کان ويٺو هو، تنهن ٻاهر ڌيان ڇڪايو.
ٻاهر نهار ڪيم، ته جهاز بادلن مٿان اڏامي رهيو هو،
۽ ٻاهر جهاز کان هيٺ هر طرف گهرا بادل ائين لڳي
رهيا هئا، ڄڻ سمنڊ جون لهرون. انهن لهرن نما بادلن
جي وچ ۾ ڪڪرن جو هڪ مٿي اڀاميل حصو، لهندڙ سج جي
ڪرڻن سبب، ڪنهن خوابن جهڙي سونهري ٻيٽ جهڙو لڳي
رهيو هو.
منهنجي ٻئي پاسي ويٺل حق نواز سمي جي واتان بي
اختيار نڪتو، ”واهه، ڪيڏو خوبصورت ٻيٽ آهي!“
چيم، ”دل چوي ٿي لاهور بجاءِ ان ٻيٽ تي لهي پئجي!“
رزاق مهر اڳ ۾ ته هڪڙو شاندار ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ
چيائين، ”اڏندڙ جهاز مان تون پيرا شوٽ وسيلي لهي
ته سگهين ٿو، پر ڪڪرن وارو اهو ٻيٽ توکي پير کوڙڻ
ڪونه ڏيندو. انهيءَ ٻيٽ مان آرئون پار نڪري وڃي
پنجاب جي ڪنهن پنڊ مٿان ڪرندين ۽ چٽڻي ٿي ويندين!“
رومينٽڪ موڊ کي برباد ٿيندي ڏسي، مون ايڪانامي
ڪلاس جي دروازي ڏانهن ڏٺو، جتان هڪ خوبصورت
ايئرهوسٽس نظر اچي رهي هئي. منهنجي نظر ته هڪ هنڌ
بيهي رهي، پر پنج سؤ کن ماڻهو کڻي اڏامندڙ جمبوجيٽ
پنهنجي رفتار سان لاهور ڏانهن اڏامي رهيو هو.
ٻه مهينا کن اڳ، ڪراچي ٽيليويزن جي پروگرام مئنيجر
۽ انتهائي محبت ۽ عزت ڏيندڙ شخص منظور قريشي فون
ڪري چيو هو ته يونائيٽيڊ نيشن ڊيولپمينٽ پروگرام
تحت ٽن ڏينهن وارو هڪ ورڪشاپ ڪراچي جي پرل
ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ ٿي رهيو آهي. توهان جي رهائش ۽
کاڌي جو انتظام به اتي ئي هوندو، توهان اهو ورڪشاپ
اٽينڊ ڪيو.
ڏهه ٻارهن هزار روز جي خرچ واري، ڪراچي جي فائيو
اسٽار هوٽل جي ڪشش به مونکي ڇڪي نه سگهي، پر منظور
قريشي جهڙي شخصيت کي جواب ڏيڻ به ڏکيو ٿي لڳو.
چيم، ”سوچي ٻڌائيندس.“ پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
اطلاع ڏنو ويو ته ورڪشاپ ملتوي ٿي ويو آهي. تڏهن
مون سک جو ٿڌو ساهه کنيو هو، پر ڪراچي ٽي وي جي
جنرل مئنيجر اطهر وقار عظيم سان ملاقات ٿي ته هن
زور ڀريو ته مون کي ورڪشاپ ضرور اٽينڊ ڪرڻ گهرجي-
۽ ڪجهه ڏينهن اڳ وري ڪراچي ٽيليويزن تان پي آر او
غزالا ياسمين فون ڪري چيو ته
U.N.D.P” جو ورڪشاپ لاهور ۾ ٿي
رهيو آهي، توهان شريڪ ٿيڻ پسند ڪندا؟“
هڪدم وراڻيو هوم، ”ها بلڪل، لاهور ضرور وڃبو!“
پهريون دفعو لاهور 1985ع ۾ ويو هوس، مرحوم
ذوالفقار راشدي سان گڏ، ٻه ڏينهن اتي رهيا هئاسين،
۽ اهي ٻئي ڏينهن انارڪلي کان وٺي شهر جي ڪنڊڪڙڇ ۾
ڦهليل ڪتابن جي دڪانن کي اٿلائيندا رهيا هئاسين.
راشدي صاحب کي ڪنهن به ٻي ڳالهه کان وڌيڪ دلچسپي
هوندي هئي ڪتابن سان، سو ڀريون ڪتابن جون خريد ڪرڻ
کان پوءِ ٽيڪسي ۾ به راشدي صاحب ڏسندو ڪتابن کي
اٿلائي پٿلائي، ۽ مان ٽيڪسي کان ٻاهر گول مٽول
ڪتابي جهڙن کي… ائين ئي گذريا هئا، اهي ٻئي ڏينهن
لاهور جا.
ان کان پوءِ 1988ع ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ
دوران اسلام آباد ويندي ڪيترائي دفعا لاهور مان
گذر ٿيو. پنهنجي خرچ تي سفر سبب انهن ڏينهن ۾ هڪڙو
ئي دفعو جهاز جو سفر ڪيم، باقي هر دفعي ٽرين ۽ ڪوچ
وسيلي ئي اسلام آباد پهچبو هو. گهڻو ڪري گڏيل
پروگرام ٺهندو هو، شڪارپور جي آغا محمد علي ۽ جيڪب
آباد جي ارشد مراد سان. اسلام آباد کان سنڌ ايندا
هئاسين ته
PBC اڪيڊمي کان ئي
گڏ نڪرندا هئاسين ۽ راولپنڊي کان ٽرين تي چڙهي سڌو
اچي روهڙي اسٽيشن تي لهندا هئاسين، ۽ پوءِ ٽڙي
پکڙي ويندا هئاسين. واپس وڃڻ کان اڳ هڪ ٻئي سان
فون تي رابطو ڪري، ورري اچي روهڙي اسٽيشن تي ملندا
هئاسين ۽ پوءِ شام/ رات واري ڪنهن ٽرين ۾ چڙهي اچي
صبح سان لاهور پهچندا هئاسين. لاهور پهچڻ شرط ارشد
مراد ته ڪنهن مالشيءَ کان مٿي کي زور ڏياريندو هو
۽ آغا محمد علي ۽ مان وڃي ڀرپاسي ۾ لوڻا هڻندا
هئاسين، پر عام طور تي اسر ويل/ صبح سوير ڪتابي
چهرن بجاءِ، لاهور جي پيٽ نڪتل پهلوانن جو ئي درشن
نصيب ٿيندو هو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ڪنهن ڪوچ ۾
چڙهي لاهور کان ڪُوچ ڪري اسلام آباد هليا ويندا
هئاسين.
اڪيڊمي پهچڻ تي، لاهور سان تعلق رکندڙ ۽ ڪافي عرصي
کان اسلام آباد ۾ رهندڙ اسان جي ساٿي پروڊيوسر
رفعت قيوم، لاهورين جي چوڻي ”جس ني لاهور نئين
ويکيا وه جميا اي نئين“ ٻڌائي پڇندي هئي، ”لاهور
ويکيا؟“
هر دفعي مرڪي وراڻيندو هوس، ”ٿوڙا ٿوڙا.....“
جلترنگ جهڙو مخصوص ٽهڪ ڏئي پنجابي گاڏڙ اردو ۾ کلي
چوندي هئي، ”تسي جمي ضرور هو پر اڀي ڇوٽي سي بچي
هو!“
سو جڏهن
U.N.D.P جي ٽن ڏينهن
واري ورڪشاپ لاءِ چيائون ته اهو ڪراچي بجاءِ لاهور
۾ ٿي رهيو آهي، تڏهن مون هڪدم هاڪار ڪئي ته شايد
هاڻي بالغ نظر سان لاهور ڏسڻ جو موقعو ملي… هاڻي
25 جون 2001ع واري ڏينهن، شام جو ستين وڳي ڪراچي
کان PIA جي
فلائيٽ 306 PK
وسيلي اسان لاهور ڏانهن وڃي رهيا هئاسين.
جهاز جي ايڪانامي ڪلاس ۾، اسان کي سڀني کان اڳيان
وارين سيٽن تي ويهاريو ويو هو. رزاق مهر جي واقف ۽
اداڪاريءَ جي شوقين
PIA جي هڪ نوجوان
آفيسر اسان کي اهي سيٽون وٺي ڏيڻ کان پوءِ، جهاز ۾
سيٽن تي ويهارڻ کان پوءِ فخريا انداز ۾ چيو هو،
”توهان ايڪانامي ڪلاس ۾ هوندي بزنيس ڪلاس جو مزو
وٺي سگهو ٿا، ڇو ته ايڪانامي ڪلاس ۾ سڀني کان
اڳيان آهيو ۽ توهان جي سامهون دروازي مان بزنيس
ڪلاس نظر اچي رهيو آهي.“
اسان ٽنهي ڏند ٽيڙي نوجوان آفيسر جا ٿورا مڃيا ۽
هو ٿوري دير کان پوءِ هليو ويو. سندس وڃڻ کان پوءِ
اسان کي احساس ٿيو ته اهو نوجوان آفيسر اسان کي
ويل ۾ وجهي ويو آهي! ڇو ته جهاز جي ان حصي ۾
ايئرڪنڊيشنر جي ڪولنگ بنهه گهٽ هئي. لڳو ٿي اسان
ڪنهن جمبوجيٽ تي نه، پر حيدرآباد کان قمبر، شهداد
ڪوٽ ۽ قبو سعيد خان ڏانهن هلندڙ سنڌ لائين جي ڪوچ
۾ سفر ڪري رهيا هئاسين. پگهر اسان جي ڪياڙين کان
وهي، ڪپڙن ۾ جذب ٿي رهيو هو.
چوندا آهن ته هر شيءِ جا ٻه رخ ٿيندا آهن. سو اهو
ته هو ايڪانامي ڪلاس جي اڳين سيٽن جو منفي پهلو- ۽
مثبت پهلو اهو هو، ته سامهون واري دروازي مان
بزنيس ڪلاس جون خوبصورت ايئر هوسٽيسز نظر اچي
رهيون هيون. اسان ايڪنامي ڪلاس جي اڌڙوٽ اسٽيورڊ
تان نظرون هٽائي، دروازي جي ٻئي طرف تڪي،
ايئرڪنڊيشنر جي ٿڌڪار کان سواءِ اکيون ٿڌيون ڪري
رهيا هئاسين. جڏهن ته اسان سان گڏ سوار ٿيل شوڪت
شورو ۽ آغا رفيق پوئتي ڪٿي ويٺا هئا.
اڌ مني ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ، ڊنر جي نالي ۾ اڌڙوٽ
اسٽيورڊ اسان جي سامهون اسڪولي ٻارن جي لنچ باڪس
جهڙا دٻا ڇڏي ويو، پر ان بظاهر ننڍڙي باڪس ۾ سٿيل
خوراڪ کائڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته پاڻ جهڙي ماڻهو
جي ڊنر لاءِ اها خوراڪ ئي ڪافي آهي. رزاق ڏند
کوٽيندي چيو، ”ورڪشاپ وارا هڪڙي ويلي جي خرچ کان
بچي ويا.“
ڳالهين ڳالهين ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر گذري ويو ۽ اسان
لاهور جي مٿان اڏامي رهيا هئاسين. لاهور جو سڄو
شهر روشنين ۾ جرڪي رهيو هو. رزاق جي واتان بي
اختيار نڪتو، ”واهه ڪيا بات هئي!“
پٺئين سيٽ تان آواز آيو، ”لهور لهور اي جي!“
مون ڪنڌ ورائي پٺئين سيٽ تي ويٺل جهونڙي همراهه
ڏانهن ڏٺو ۽ پنجابيءَ ۾ ئي کيس جواب ڏيڻ جي ڪوشش
ڪيم، ”آهو جي- حڪمرانون دي مهربانيان نال!“
پوڙهي پنجابيءَ کي منهنجي ڳالهه نه وڻي، ۽ هو
هيڏانهن ڏسڻ لڳو.
چند لمحن ۾ اچي جهاز لينڊ ڪيو، جهاز کان لائونج
ڏانهن ويندڙ بس ۾ شوڪت شورو ۽ آغا رفيق به ملي
ويا. سڀئي گڏجي لائونج کان ٻاهر نڪتاسين ته هڪ
همراهه جي هٿ ۾ جهليل بينر تي نظر پئي، جنهن تي
لکيل هو،
Portrayal of Women
اسان وڃي سندس پاسو ورتو ۽ کيس ٻڌايوسين ته ڀائو،
تون اسان جي ئي انتظار ۾ بيٺو آهين. ان همراهه
اسان کي سامهون بيٺل اواري هوٽل جي ڪوسٽر ۾ وڃي
ويهاريو ۽ وري هليو ويو. واپس موٽيو ته ڪراچي جا
ليکڪ قاضي فصيح، سلطانه صوفي، سيما غزل ۽ ٻيا به
ساڻس گڏ هئا. ڪوسٽر ڏهن منٽن کان پوءِ وڃي اسان کي
اواري هوٽل جي دروازي تي لاٿو. وڏن شهپرن وارو
دربان احترام سان سلام ڪري دروازو کولي بيهي رهيو.
جڏهن سڀ اندر هليا ويا ته رزاق مون ڏانهن ڏسندي
چيو، ”يار تون ڇو بيهي رهيو آهين؟“
مون شهپري دربان ڏانهن ڏسندي چيو، ”اڪثر وڏن هوٽلن
جي دربانن جا شهپر سئنيما اسڪوپ ڇو هوندا آهن؟“
”ڪن وڏن هوٽلن جا دربان وري مني اسڪرين جيان بنهه
بندرا به هوندا آهن!“ حق نواز پوئتي ڪنڌ ورائي،
ٽهڪ ڏيئي چيو ۽ اسين دروازي کان اندر هليا وياسين.
لاهور جي
Avari هوٽل جو
لائونج مون کي ڪراچي جي PC
کان به خوبصورت محسوس ٿيو. ڪائونٽر تان ڪمري جي
چاٻي وٺندي اهڙو اظهار آغا رفيق سان ڪيم، ته هن
رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ ڏانهن مرڪي ڏسندي چيو، ”واقعي
لائونج ڏاڍو خوبصورت آهي.“
آغا رفيق جو جملو ٻڌي ڇوڪريءَ مرڪي ڏنو ته لائونج
وڌيڪ خوبصورت ٿي ويو.
ڪائونٽر تي ئي، چاٻين سان گڏ جوس جا گلاس پياري،
لفٽ تائين اسان جي رهنمائي ڪئي وئي ۽ اسان کي چيو
ويو ته، ڊنر لاءِ ڏهين وڳي اچي وڃجو. اسان سڀ
مختلف فلورس تي مليل پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا
وياسين. فرسٽ فلور تي مان پنهنجي ڪمري جو در کولي
رهيو هوس، ته ڀرسان واري ڪمري جو در کوليندي سيما
غزل چيو، ”ڊنر لاءِ وڃو ته مون کي سڏي وٺجو.“
مون ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ ڪمري ۾ هليو ويس.
صاف سٿري ۽ خوبصورت ڪمري ۾ ضرورت ۽ آرام جي هر شي
موجود هئي. باٿ روم سميت مختلف هنڌن تي رکيل ٽي
ٽيليفون سيٽ، ڊبل بيڊ، ٽي وي، اي سي. جوسز، ڪولڊ
ڊرنڪس ۽ منرل واٽر سان ڀريل فرج، رائيٽنگ ٽيبل ۽
ان مٿان رکيل فروٽ باسڪيٽ، مون هڪ نظر ڪمري جو
جائزو ورتو. سامان الماڙي ۾ رکي سادي پاڻي جا ٻه
گلاس پي ليٽي پيس. اڌ ڪلاڪ کن ليٽيو هوندس ته ڪنهن
اچي در کڙڪايو. در کوليم ته رزاق ۽ حق نواز تيار
ٿيا سامهون بيٺا هئا.
”يار شابس اٿئي! اڃا تيار ناهين ٿيو. لاهور ننڊون
ڪرڻ آيو آهين ڇا؟“ رزاق چيو.
کين ڪمري ۾ وٺي اچي وقت ڏٺم. پورا ڏهه ٿيا هئا.
هنن کي ويهاري تيار ٿي سوا ڏهين وڳي ڪمري مان
نڪتاسين ته ياد آيو، سيما غزل چيو هو ته ڊنر تي
وڃو ته سڏي وٺجو، هڪ ٻه دفعا سندس در کڙڪايوسين پر
هوءَ نه نڪتي ته اسان هليا وياسين.
ڊنر لاءِ لان ۾ پهتاسين ته ويٽر اسان کي ورڪشاپ
لاءِ آيل مهمانن جي مخصوص ٽيبلن ڏانهن اشارو ڪيو.
ڏٺم، سيما غزل اڳواٽ ئي هڪ ٽيبل تي ڪراچي جي ٻين
ليکڪن سان ويٺل هئي. هن اسان ڏانهن ڏسي ڪنڌ لوڏيو،
پر مون کيس نظرانداز ڪري ٻي وڏي ٽيبل ڏانهن ڏٺو،
جتي اڳ ئي ٽي ڄڻا ٻيا به ويٺا هئا. اسان ٽئي به
اوڏانهن وڌي وياسين. تعارف ٿيو ته خبر پئي ته اهي
ٽئي همراهه ڪوئيٽا ٽي وي جا ليکڪ هئا، ڊاڪٽر حميد
بلوچ، اي ڊي بلوچ ۽ حبيب پانيزئي. هنن سان تعارف
ڇا ٿيو، هلڪي قد وارو سنهڙو سيپڪڙو ۽ سانورو اي ڊي
بلوچ سنڌي ۾ شروع ٿي ويو، ”سائين مون فقط اردو نه،
پر توهان سڀني جا سنڌي ڊراما به کوڙ ڏٺا آهن.
بلوچي ٻوليءَ جي
T.V ڊرامي جي ته
ابتدا ئي سنڌي ڊرامي کي ترجمو ڪرڻ سان ٿي هئي ۽
سائين، مون کي وسارجو نه، مان اي ڊي بلوچ آهيان!“
هر جملي کان پوءِ ”سائين مون کي وسارجو نه، مان
اي ڊي بلوچ آهيان.“ چوڻ تي مون کيس کلي چيو،
”پيارا اي ڊي، اڃا ته پاڻ ٽي ڏينهن هتي گڏ
هونداسين، پر تون ته پهرين ملاقات ۾ ئي ياد رهڻ
جهڙي شيءِ لڳو آهين!“
کلي پنهنجو ڪالر ٺيڪ ڪندي چيائين، ”مهرباني-
مهرباني. اڪثر نون ملندڙن جي منهنجي لاءِ اهڙي ئي
راءِ هوندي آهي.“
”۽ ٻه ٽي ڏينهن گڏ رهڻ کان پوءِ اها راءِ بدلجي به
ويندي آهي.“ سندس ساٿي حميد بلوچ جي جملي تي سڀ
ٽهڪ ڏيئي کلي پياسين.
جهاز ۾ کاڌل ماني کان پوءِ، هوٽل ۾ پهچڻ تائين
منهنجو اهوئي خيال هو ته رات جي ماني نه کائبي. ڀل
ته مال پرائو هجي، پر پيٽ ته پنهنجو آهي، پر
خبرناهي ته لاهور جي گرم موسم جو اثر هو الائي
پاڻي جو، ته هاڻي وري ٺيڪ ٺاڪ بک لڳي هئي. ماني
کائيندي ڏٺم ته ٻين جي به ساڳي حالت هئي، هر ڪنهن
عام ويلي کان ڪجهه وڌيڪ ماني کاڌي هوندي.
لان ۾ ٺهيل اسٽيج تان مڌر ڌنن ۾ ڳائيندڙ نوجوانن
جي آوازن سان رات ٺرڻ لڳي ته اسان به ڪچهري پوري
ڪري ڪمرن ڏانهن روانا ٿياسين.
رات جو دير تائين ننڊ نه اچڻ واري عادت سبب، ڪمري
۾ پهچي
T.V آن ڪيم ته ويهارو کن چينلز سان گڏ هڪ چينل
اواري هوٽل جو به هلي رهيو هو، جنهن ۾ هوٽل بابت
تعارفي پروگرام پيش ڪيو پئي ويو ۽ گڏوگڏ لاهور جي
تاريخي ۽ تفريحي ماڳن بابت به ڄاڻ ڏني پئي وئي.
اهو پروگرام ڏسي، ڪمري ۾ پيل هوٽل جو لٽريچر کڻي
ڏٺم ۽ سرسري طور تي ڏسڻ کان پوءِ اهو لٽريچر پڙهڻ
تان ئي ارواهه کڄي ويو، ۽ خبر پئجي وئي ته اگهه
آسمان سان ڳالهيون ڪيئن ڪندا آهن! ذري گهٽ ڪپڙن جي
قيمت جيترا پئسا انهن جي ڌئارڻ لاءِ هئا، ته هڪ
ويلي جي کاڌي جا پئسا به ديڳ برابر هئا!
ميوزڪ سسٽم آن ڪري، اکيون پوري ليٽي پيس. ڪجهه دير
کان پوءِ بک جو احساس ٿيو. وقت ڏٺم، فقط ڏيڍ ٿيو
هو. مون کي پڪ ٿي وئي ته اهو لاهور جي پاڻيءَ جو
اثر هو، جو بک پيڇو ئي نٿي ڇڏيو ۽ اها ڳالهه به
آساني سان سمجهه ۾ اچي وئي ته، لاهوري ماڻهو
پهلوان ڇو آهن....!! پيٽ ۾ بک جي چڪن سان گڏ ذهن
کي هوٽل جا اگهه به چڪ هڻي رهيا هئا. مون کي بار
بار پاڪستان ٽيليويزن ۽
U.N.D.P پاران مليل
اهو ليٽر ياد اچي رهيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته
ٻن ويلن جي ماني، توڙي صبح شام جي چانهه ۽
رفريشمينٽ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪمري ۾ توهان ڪجهه
گهرائيندا يا ٽيليفون ڪالز ڪندا ته ان جو خرچ
توهان کي پاڻ برداشت ڪرڻو پوندو. نيٺ جڏهن بک
برداشت نه ٿي ته سائيڊ ٽيبل تان پرس کڻي هڪ نظر
کولي ڏٺم ۽ ڀريل پرس تي ڀريل پيٽ کي ترجيح ڏنم.
رائيٽنگ ٽيبل تي رکيل، پيڪ ٿيل فروٽ باڪس کي کولي
بسم الله ڪيم ته وڃي دماغ سامت ۾ آيو. دماغ سامت ۾
آيو ته وري دماغ ڪم ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو. ريٽ لسٽ
کڻي فروٽ باسڪيٽ جي قيمت ڏٺم، پر ڳاٽي ٽوڙ، بلڪه
ڪاڪڙي ٽوڙ اگهن وچ ۾ ڪٿي به فروٽ باڪس جي قيمت
لکيل ڪانه هئي! سوچيم لاهه نڪري ويا. اها مصيبت پڪ
سان سڀني کان مهانگي هوندي، پر پوءِ هڪ ڪارڊ تي
نظر پئي ته احساس ٿيم، ڄڻ مون ان فروٽ باڪس کي ٻرو
ڏئي وڏي عقلمندي جو ڪم ڪيو آهي. هڪدم اٿي، بيڊ ٽي
۽ اخبار جا ٽيگ کڻي، ڪمري جو دروازو کولي ٻاهر
لڳائي ڇڏيم. ڇو ته فروٽ باڪس سميت اهي شيون، هوٽل
پاران مهمانن لاءِ اعزازي طور هيون (روز ٻين ضرورت
جي شين سان گڏ ٻه دفعا فروٽ باڪس ڪمري ۾ ڇڏي ويندا
هئا ۽ پاڻ مفت ۾ پئي موج ڪيا)
صبح جو جاڳيس ته ڏٺم، ساڍا نو ٿيا هئا. بيڊ ٽي
لاءِ ته جاڳ نه ٿي، پر اٿي وڃي اخبار کنيم. ڏهين
وڳي ورڪشاپ جي افتتاحي سيشن ۾ پهچڻو هو، پر عادت
موجب اڳ ۾ اخبار پڙهڻ ويهي رهيس. پر لاهور جي اردو
اخبار، ڪنهن سنڌي اخبار جي سڪ نٿي لاهي. اڃا اخبار
هٿ ۾ ئي هئي ته دروازو کڙڪيو. در کوليم ته رزاق
مهر ۽ حق نواز سمون سامهون بيٺا هئا.
”يار شابس اٿئي، پوڻا ڏهه پيا ٿين ۽ تون ويٺو
اخبار پڙهين!“ رزاق اندر ايندي چيو.
”بس اجهو ٿو تيار ٿيان.“ اخبار رزاق جي هٿ ۾ ڏئي
مان سڌو باٿ روم ۾ هليو ويس.
اسان ٽئي تيار ٿي هال ۾ پهتاسين ته سڀ مهمان ۽
ميزبان اڳ ئي پهچي چڪا هئا. ورڪشاپ ۾ پنجاهه کن
ماڻهو شامل هئا، جنهن ۾ ميزبانن ۽ مختلف صوبن سان
تعلق رکندڙ ڊراما ليکڪن کان سواءِ ڏهه، ٻارهن
نوجوان ڇوڪريون پڻ موجود هيون، جن مان ٽي نينگريون
اسان لاءِ سيٽون ڇڏي، پاڻ پوئتي رکيل ڪرسين تي وڃي
ويهي رهيون.
اسان جي سامهون ورڪشاپ جي ڪوآرڊينيٽر ۽ اردوءَ جي
مشهور ليکڪا حسينا معين ۽ لاهور ٽي وي جي جنرل
مئنيجر منيزه هاشمي ويٺيون هيون. سڀ کان پهرين
منيزه هاشمي پنهنجو تعارف ڪرايو. مون سمجهيو،
منيزه پنهنجي تعارف ۾ شايد ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي والد
۽ اردو جي عظيم شاعر فيض احمد فيض جو حوالو ڏيندي،
پر هن پنهنجي پيءُ جي نالي توڙي عظمت کي پنهنجي
تعارف لاءِ استعمال نه ڪيو. تنهن هوندي به منيزه
جي ڳالهائڻ وقت منهنجي ذهن ۾ فيض صاحب جو خاڪو پئي
ڦريو.
مان فيض صاحب سان ڪڏهن مليو ته نه هوس، پر شيخ
اياز صاحب پنهنجي ڪچهرين ۾ فيض جو ايتري تفصيل ۽
پيار سان ذڪر ڪندو هو، جو لڳندو اٿم ڄڻ مان پاڻ
فيض صاحب سان مليو هجان. فيض صاحب جي هڪ ٻي
ٽئلينٽيڊ ڌيءَ سليمه هاشمي به آهي، جيڪا لاهور جي
نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي پرنسپل آهي.
منيزه هاشمي پنهنجي تعارف سان گڏوگڏ ورڪشاپ جي
طريقه ڪار بابت به بريفنگ ڏني. جنهن کان پوءِ
حسينا معين ورڪشاپ جي مقصدن بابت ڳالهايو. ان کان
پوءِ باقي ويٺلن جو تعارف ٿيو. پاڪستان جي مختلف
ٽي وي سينٽرز سان تعلق رکندڙ پنجويهه ليکڪن کان
سواءِ، ورڪشاپ ۾ موجود ڏهن ٻارهن نوجوان ڇوڪرين
لاءِ منيزه هاشمي ٻڌايو ته اهي لاهور يونيورسٽيءَ
جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جون شاگردياڻيون آهن
۽ گذريل ٻن مهينن کان ساڻس گڏ اعزازي طور ڪم ڪري
رهيون آهن. اهي شاگردياڻيون مستقبل ۾ اليڪٽرانڪ
ميڊيا کي جوائن ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون.
جيئن ته
Gender Sensitization Workshop
جو موضوع ئي Portrayal of Women in Media
هو، تنهن ڪري ابتدا ۾ ئي ملڪ اندر عورت جي حالت ۽
اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ان جي تصويرڪشي تي بحث ڇڙي پيو.
هتان هُتان ڳالهه ٿيندي وڃي سنڌ تي پهتي ۽ ڳالهه
هلي پئي ڪارو ڪاري جي. ڪيترن همراهن اڻ پوري ڄاڻ
سبب تاثر اهو پئي ڏنو، ڄڻ هر ٻيو سنڌي ماڻهو هٿ ۾
ڪهاڙي کڻي مارڻ لاءِ ڪا عورت ڳوليندو ٿو وتي! جڏهن
وڌيڪ صبر نه ٿي سگهيو ته مون وچ ۾ کڻي رڙ ڪئي ۽
چيم، ”توهان کي سنڌ جي روايتن جي خبر ئي ناهي!“
سڀني ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو ته چيم، ”ڪاريءَ جي
نالي ۾ قتل ٿيندڙ نوي سيڪڙو کان مٿي عورتون بيڏوهي
هونديون آهن ۽ سنڌيءَ ۾ ته نياڻي لاءِ ست قرآن جو
محاورو به موجود آهي. هروڀرو سنڌ تي وڌاءُ ڪري
الزام نه هڻو. ڇا پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ غيرت
جي نالي تي خون نٿا ٿين؟ ڀل انهي کي نالو ڪوبه
ڏيو، پر ٻين صوبن جا اهڙا واقعا رپورٽ گهٽ ٿا ٿين،
ڇو ته سنڌ جيان انهن وٽ طاقتور پريس ڪانهي. ڇا
يورپ ۾
Honour Killing جي نالي ۾ عورت کي
نٿو ڪٺو وڃي؟ طنز جا تير فقط سنڌ کي ڇو ٿا هڻو؟“
منهنجي اوچتو چيل ڳالهين سبب خاموشي ڇانئجي وئي.
ڪجهه لمحن کان پوءِ اي ڊي بلوچ ڳالهايو، ”عورت سان
گڏوگڏ بلوچستان ۾ ته مرد سان به ظلم آهي. عورت کي
پئسن تي وڪرو ڪيو ٿو وڃي....“
ڪنهن عورت جو آواز آيو، ”مرد سان ڪهڙو ظلم آهي؟“
اي ڊي بلوچ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي
ڳالهه جاري رکي، ”مرد ويچاري کي ته زال به پئسن
سان خريد ڪرڻي ٿي پوي!“
حسينا معين مرڪندي اٿي اچي اي ڊي بلوچ جي ڀرسان
بيٺي، ”اي ڊي، تو زال پئسن سان خريد ڪئي هئي؟“
”ها.....“ اي ڊي چيو.
”گهڻي ۾؟“ حسينا پڇيو.
”ميڊم اهو ته سستائيءَ جو زمانو هو، پنجويهن هزارن
۾ مون کي زال ملي هئي.“ اي ڊي سنجيدگي سان چيو،
”هاڻي ته لک ڏيڍ کان گهٽ زال نٿي ملي!“
”ٻي شادي به ڪرڻ چاهين ٿو ڇا؟“ حسينا کلي پڇيو.
”ها بلڪل!“ اي ڊي مرڪي چيو، ”پر پي ٽي وي تان
ڊرامن جا ايترا پئسا ئي نٿا ملن جو ٻي زال وٺي
سگهان!“
ڪٿان آواز آيو، ”پرائيويٽ پروڊڪشنس لاءِ ڊراما لک،
هر سال ٻه ٽي زالون وٺي سگهندين!“ اوچتو آيل جملي
تي ٽهڪڙو مچي ويو.
اي ڊي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيو، ”بلوچستان سان ظلم
آهي. پرائيويٽ پروڊڪشنس وارا به ڇڙو ٿا سنڌي ۽
پنجابي ليکڪن کان اردو ڊراما لکرائين!“
پنجاب جي پنجابي بلوچ، ناصر بلوچ کيس جملو ڏنو،
”پوءِ تون لاهور لڏي اچ نه!“
ناصر جي جملي تي اي ڊي ڏاڍي صاف پنجابيءَ ۾ شروع
ٿي ويو. اندر جو اوٻر ڪڍڻ کان پوءِ پڇاڙي ۾
چيائين، ”مون کي وسارجو نه، مان اي ڊي بلوچ آهيان
۽ ست ٻوليون روانيءَ سان ڳالهائي سگهندو آهيان.“
انهيءَ ڏينهن لنچ بريڪ کان پوءِ به، شام جو پنجين
وڳي تائين چرچن گهٻن سان گڏوگڏ سنجيده بحث به
ٿيندو رهيو. خاص طور تي
T.V ڊرامي ۾ عورت جي
تصوير ڪشي بحث جو موضوع رهيو. بحث جي پڄاڻيءَ تي
منيزه هاشمي اسان جي مستين جو ذڪر ڪندي کلي چيو،
”توهان کي سڀاڻي پنهنجي پاڻيءَ جو اندازو ٿيندو،
جڏهن منهنجو مڙس توهان جي جملن جو اچي مقابلو ڪندو
۽ نفسيات بابت ليڪچر ڏيندو. صبح جو مان توهان ڏي
اماڻڻ لاءِ جلدي کيس گهران ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنديس.“
شام جو ستين وڳي رزاق مهر ۽ مان خريداريءَ جي خيال
سان وڃي انارڪلي بازار نڪتاسين. حيدرآباد توڙي
لاڙڪاڻي جي ريشم گهٽيءَ واري انداز جي انارڪلي
بازار وڌيڪ ڪشادي ۽ وڏي آهي، پر سخت گرمي ۽ ماڻهن
جي پيهه ۾ ساهه پئي ٻوساٽيو. ان جي باوجود،
خريداري ڪندا وڃي انارڪليءَ جي ٻئي ڇيڙي تي
پهتاسين. هاڻي حالت اها هئي ته، اسان جي ٻنهي هٿن
۾ شاپنگ بيگس ۽ اسين هلڻ کان هلاڪ. هڪ دڪان اڳيان
رکيل اسٽول تي ساهي پٽڻ لاءِ ويهي رهيس ته، دڪان
وارو ٻاهر نڪري آيو، ”اچو سائين ڇا کپي؟“
”ٻه ٽي منٽ ترس، واپار جي ڳالهه پوءِ ٿا ڪيون!“
مون ڪجهه دير وڌيڪ اتي ويهڻ لاءِ جان ڇڏائڻ جي
ڪوشش ڪئي.
”منهنجو خيال آهي توهان کي اڃ لڳي هوندي.“ دڪاندار
منهنجي جسم سان پگهر سبب چنبڙيل شرٽ ڏانهن ڏسندي
چيو.
”ها- پاڻي ملي وڃي ته.....“
منهنجو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ ۾ دڪاندار رڙ ڪري
ڇوڪري کي ٿڌيون بوتلون کڻي اچڻ لاءِ چيو.
رزاق ۽ مون حيرت وچان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ڇوڪري
بوتلون آڻي اچي اسان جي هٿن ۾ ڏنيون. ڪولڊ ڊرنڪ
پيئندي دڪان ٻاهران ٽنگيل شين تي نظر وڌم ته
حيدرآباد مان گهران نڪرڻ وقت زال جو چيل جملو ياد
اچي ويو، ”لاهور مان ڪو سفري بيگ وٺي اچجانءِ.“
مون هڪ بيگ ڏانهن اشارو ڪري پڇيو، ”گهڻي جو آهي؟“
دڪاندار هڪدم بيگ لاهي آيو ۽ قيمت ٻڌائڻ بجاءِ بيگ
جون تعريفون ڪرڻ لڳو.
مون دڪاندار جي تعريف کي اڻ ٻڌو ڪري وري چيو،
”گهڻي جو آهي؟“
”ٻه هزار- فقط ٻه هزار، توهان لاءِ!“ دڪاندار چيو.
”مان تنهنجو مائٽ آهيان ڇا؟“ منهنجي سوال تي
دڪاندار ڦڪي کل کلڻ لڳو.
”سائين ٻه هزار گهڻا ته ناهن، فقط ٻه هزار!“
دڪاندار لفظ فقط تي زور ڏيندي چيو.
”فقط پنج سؤ!“ مون به فقط تي زور رکيو.
”سائين توهان کڻي پندرهن سؤ ڏيو.“
”فقط پنج سؤ!“ اسٽول تان اٿندي چيم.
دڪاندار هڪدم کڻي ٿيلهو منهنجي هٿن ۾ ڏنو.
پنج سؤ جو نوٽ ڪڍي دڪاندار جي هٿ تي رکيم ۽ اسٽول
تي ٿيلهو رکي، سموريون ساپنگ بيگس ٿيلهي ۾ وڌم ته
رزاق چيو، ”زيب ٿيلهو چڱو ٿو لڳي.“
”پوءِ تون به کڻي وٺ.“ ٿڪاوٽ سان چيم.
رزاق پنج سؤ ڪڍي دڪاندار کي ڏنا. اسين اڳتي روانا
ٿياسين. رزاق پنهنجي ٿيلهي ڏانهن ڏسندي چيو، ”يار
ٻن هزارن جو بيگ پنج سؤ ۾ ڇڏائي ورتئي!“
وراڻيم، ”ٻه دڪان ٻيا رلون ها ته ٻه سؤ اڃا گهٽ ٿي
وڃن ها ۽ اهو ٿيلهو ٽن سَوَن ۾ ملي وڃي ها!“
رزاق هلندي هلندي بيهي رهيو. اکيون ڏيکاريندي
چيائين، ”پوءِ تڪڙ ڇو ڪيئي، ڪهڙي اسان جي ريل پئي
ڇٽي!“
”جيڪا رب جي رضا.“ وراڻيم
”بيشڪ!“ رزاق چيو، ”پر يار زال جي رضا به ضروري
آهي!“
پنهنجي ٿيلهي ڏانهن ڏسندي چيم. ”ها، انهيءَ لاءِ
ته هي ٿيلهو ورتو اٿم!“
”پر يار، مون کي تنهنجي ڀاڄائيءَ ٿيلهو آڻڻ لاءِ
نه چيو هو.“ رزاق نماڻائيءَ سان چيو.
”هاڻي بس ڪري هل.“ وراڻيم، ”دڪاندار واپس نه
وٺندو.“
”نه نه، واپس ڪونه ٿو ڪيان.“ رزاق هڪدم وراڻيو،
”پر مون کي زال لاءِ ڪپڙن جو جوڙو وٺڻو آهي.“
”پوءِ وٺ نه.“ کيس صلاح ڏنم.
”تون چونڊي ڏي.“ هن چيو
”نه بابا، انهي ڌنڌي مان پاڻ نه ڄاڻون. زناني ڪپڙي
جي پاڻ کي خبر نه پوندي، باقي پرفيوم وغيره وٺين
ته مان مدد لاءِ حاضر آهيان!“
منهنجي انهيءَ معاملي مان اڻ ڄاڻائي ۽ بي حد انڪار
جي باوجود، مون کي رزاق جي بيحد اسرار تي، ساڻس گڏ
هڪ دڪان ۾ اندر وڃڻو ئي پيو ۽ جڏهن اسين دڪان مان
نڪتاسين ته ڀاڀي لاءِ ته ڪجهه به چونڊي نه سگهيا
هئاسين، پر ستاويهن سالن جي دوستيءَ دوران جنهن
رزاق کي ڪڏهن به مون پينٽ شرٽ ۾ نه ڏٺو هو، تنهن
کي مان دڪان مان ئي جينس جي پينٽ ۽ شرٽ پارائڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو هوس.
رزاق انارڪليءَ جي حسينائن جي پاسي مان گذرندي،
بار بار هيٺ نظر ڪري ڪڏهن پنهنجي پينٽ ڏانهن ٿي
ڏٺو ته ڪڏهن وري مون ڏانهن. هو عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا
هو ۽ مان بار بار سندس تعريف ڪري رهيو هوس ته ڏاڍو
سمارٽ ٿي پيو آهين!
هوٽل پهتاسين ته ساڍا ڏهه ٿي ويا هئا. ٻئي ٿيلها
هڪ ڪمري ۾ رکي ڊنر لاءِ هيٺ لهي وياسين. لان ۾ پري
کان ئي اي ڊي رڙ ڪئي، ”اچو اچو، مان ڪافي دير کان
توهان جون واٽون پيو نهاريان.“
”ڇو اڱڻ نه پيو ٻهارين ڇا؟“ سندس ڀرسان پهچي چيم.
”يار ويهو ته سهي، شعر شاعري به ٿي ويندي!“ اي ڊي
ٻانهن ۾ هٿ وڌو.
اسين ويٺاسين ته ڊاڪٽر حميد بلوچ مرڪي اک هنئي،
مان سندس مطلب سمجهي نه سگهيس، پر جڏهن اي ڊي
ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اک هڻڻ جو مطلب به جلد ئي
سمجهي ويس. اي ڊي بلوچ چيو، ”پيارا سنڌي دوستو!
توهان کي هن اي ڊي بلوچ تي فخر ڪرڻ گهرجي.“
”توتي ڇو فخر ڪيون، فخر ڪرڻ لاءِ ته اسان وٽ موهن
جو دڙو به آهي!“ کلي چيم.
اي ڊي وڦلندي ۽ جهومندي چيو، ”توهان کي مون تي فخر
ضرور ڪرڻ گهرجي، ڏسو مان ڪيڏي صاف سنڌي پيو
ڳالهايان. مون کي ست ٻوليون اينديون آهن. مان سچل
سرمست جو ڀاءُ آهيان!“ ۽ پوءِ اي ڊي هڪ ئي وقت ستن
مختلف ٻولين ۾ ڳالهائڻ شروع ٿي ويو، پر منهنجو
ڌيان سندس نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهين کان هٽي ڪمري
ڏانهن هليو ويو. ڪمري ۾ رکيل هوٽل جي هڪ ڪارڊ تي
پڙهيو هوم ته غير مسلمن لاءِ دارون پاڻيءَ جو
انتظام پڻ آهي. سوچيم، هوٽل جي ڪنهن ويٽر سان سُرُ
ملائي همراهه ”ٻاٽلي“ جو بندوبست ته ڪري ورتو
هوندو، پر جنهن هوٽل ۾ فقط پاڻيءَ جي ڏهن روپين
واري بوتل جي قيمت پنجاهه روپين کان مٿي هجي، اتي
ويچارو اي ڊي ٻن ڏينهن جي مدهوشيءَ کان پوءِ هوش ۾
ايندو ته ڪٿي پورو پوندو! مان اهو ئي سوچيندو رزاق
سان گڏ اٿي ٻي ٽيبل ڏانهن هليو ويس، تڏهن به ڏٺم
ته اي ڊي پنهنجي منهن ستن ٻولين ۾ سر وکيرڻ ۾
مصروف هو.....
ٻئي ڏينهن صبح جو رزاق ئي اچي مون کي ننڊ مان
اٿاريو. ڪمري جو در کوليم ته رزاق پينٽ شرٽ ۾
سامهون بيٺو مرڪي رهيو هو. رزاق ۽ حق نواز کي
ويهاري مان باٿ روم ۾ هليو ويس. باٿ روم مان نڪتس
ته فقط هڪ ڏينهن اڳ پينٽ شرٽ وٺي پائيندڙ رزاق
مهر، حق نواز سمي کي پينٽ شرٽ جي فائدن تي ليڪچر
ڏئي رهيو هو، جنهن کي اڳ ئي پينٽ شرٽ پاتل هئي!
ڪانفرنس هال ۾ پهتاسين ته هاشمي صاحب جو ليڪچر
جاري هو. اسان ٽئي جتي جتي ڪرسيون خالي نظر آيون،
ٽڙي پکڙي ويهي رهياسين. مان قاضي فصيح (جنهن جي
تازو هڪ ڪامياب سيريل ”ڪفارا“ ٽيليڪاسٽ ٿي آهي) ۽
عمران شيروانيءَ جي وچ ۾ وڃي ويهي رهيس.
منيزه جو مڙس هاشمي صاحب، منيزه جيان وڻندڙ شخصيت
جو مالڪ ۽ ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو ماهر آهي. سندس ليڪچر
ڏاڍو ڀرپور هو، پر اسان جي من ۾ به مستيون ڀريل
هيون. هاشمي صاحب ليڪچر ۾ هڪ ٿنڪر
Debono جو حوالو
ڏنو. قاضي فصيح ڊي بونو جي خيال سان اختلاف ڪندي
کڻي هڪ سوال اٿاريو. اعتراض جي وچ ۾ شيرواني به
ٽپي پيو ته مون به کڻي سُرُ وٺرايو. نيٺ هاشمي
صاحب کي ڊي بونو جي چيل حوالي تان هٿ کڻڻو پيو.
هاڻي ته قاضي فصيح شينهن ٿي پيو. کلي چيائين،
”هاشمي صاحب، توهان جي جند ته ڇٽي وئي، پر اسين ڊي
بونو کي نه ڇڏينداسين!“
مون چيو، ”جي هاشمي صاحب، اسان کي ڊي بونو جي
ايڊريس ڏيو، پاڻيهي ساڻس نبري وٺنداسين!“
هاشمي صاحب مرڪي اسان جي مستيءَ کي نظرانداز ڪري
پنهنجو ليڪچر جاري رکيو، پر سندس ڳالهائڻ جي وچ ۾،
جتي به ٻن سيڪنڊن جي وٿي پئي ملي، فصيح يا مون
جملو اڏائي پئي ڇڏيو، ”سائين اسان کي ڊي بونو جي
ايڊريس ڏيو!“
جڏهن اهو جملو پندرهن ويهه دفعا چئي چڪاسين ته
هاشمي صاحب ليڪچر وچ ۾ روڪي ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
پنجابيءَ ۾ چيائين، ”ڊي بونو دي ايڊريس دا سانون
نئين پته، تسي ڪتابان وچ ڊي بونو نال ملو!“
هاشمي صاحب جي ليڪچر کان پوءِ گروپ ايڪسرسائيز ۽
ڊسڪشن وارو سيشن پڄاڻيءَ تي پهتو ته سيما غزل ۽
مون وڃي منيزه هاشمي جو پاسو ورتو. چيم، ”ميڊم،
اسان توهان جا مهمان آهيون!“
”ها بيشڪ، نهايت قابل احترام مهمان.“ منيزه مرڪي
چيو.
”پر اسين ته هتي هوٽل ۾ قيد پيا آهيون.“ سيما چيو
مون ڳالهه کي اڳتي وڌايو، ”T.V
تان اسان لاءِ اڄ ڪا گاڏي موڪليو، لاهور جو چڪر ته
هڻون!“
منيزه کلي چيو، ”بس، ڳالهه به ايتري!“
شام جو منيزه هڪ وين موڪلي ڏني. ٻاهر نڪتاسين ته
اي ڊي بلوچ پورچ ۾ هڪ چوڪيدار سان ڏيتي ليتيءَ ۾
مصروف هو. ڏيتي ليتيءَ کان پوءِ هن ڪاغذ ۾ ويڙهيل
ڪا شيءِ وٺي کيسي ۾ وڌي ته مان کلي پيس. اي ڊي
بلوچ اکيون ڦوٽاري مون ڏانهن ڏٺو، ”ڇو پيو کلين!“
ٽهڪ ڏئي چيم، ”مون سمجهيو هو ته تون ٻن ڏينهن جي
دارون پاڻيءَ کان پوءِ ٻه مهينا هتي ئي پليٽون صاف
ڪرڻ جو ڪم ڪندين، پر تون سياڻو آهين، رستي ڪا مال
سستا ڳولي لڌو اٿئي!“
”چڱو هاڻي ڦشري نه ڪر!“ اي ڊي مون کي چپ رهڻ جو
اشارو ڏنو.
”اسان سان گڏ لاهور جو چڪر ڏيندين؟“
”ها، پر توسو ته ڪمري ۾ وڃي کيسو خالي ڪري اچان!“
اي ڊي ”ٻاٽلي“ جي بار سبب لڙڪي پيل پاسي واري کيسي
کي هٿ ڏيندي چيو.
مان ۽ سنڌ کان آيل ٻيا ليکڪ رزاق مهر، حق نواز
سمون، شوڪت شورو، آغا رفيق سيما غزل، سلطانه صوفي
۽ بلوچستان جو ليکڪ ڊاڪٽر حميد بلوچ وين ۾ چڙهي
ويٺاسين ته، سامهون لاهور ٽي وي جون ٻه ليکڪائون
نگهت خورشيد ۽ عائشه اسلم بيٺل نظر آيون. کين صلاح
ڪئيسين ته اهي به اچي وين ۾ ويهي رهيون. هاڻي اسان
اي ڊي صاحب جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. جڏهن اي ڊي دير
ڪئي ته ڊرائيور کي هلڻ جو چيوسين، پر تيسين سامهون
اي ڊي کي ڊوڙندو ڏٺوسين. هو اچي سوار ٿيو ته
ڊرائيور پڇيو، ”ڪيڏانهن هلان.“
سيما غزل چيو، ”انارڪلي بازار.“
”هيڏي گرميءَ ۾ انارڪلي! ساهه ٻوساٽجي ويندو.“
رزاق دانهن ڪئي ته مون به سندس حمايت ڪئي، جو اسان
ته انارڪليءَ مان خريداري وارو ڪم ڪالهه ئي ڪري
چڪا هئاسين.
”انارڪلي ضرور هلڻو آهي، جو مون کي ڪجهه ڪپڙا خريد
ڪرڻا آهن.“ سيما غزل ضد ڪندي چيو، ”ڇو ته مون کي
ايندڙ هفتي بئنڪاڪ وڃڻو آهي.“
ڊرائيور انارڪليءَ جو رخ ڪيو ته مون شهزادي سليم ۽
انارڪلي جي عشق تي روشني وجهڻ شروع ڪئي.
عائشه چيو، ”توهان کي ته تاريخ جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ
آهي.“
وراڻيم، ”ها، ميڊم نورجهان جي مهربانيءَ سان!“
”ڇا مطلب؟“ عائشه حيرت مان پڇيو، ”ميڊم نورجهان جو
تاريخ سان ڪهڙو تعلق!“
وراڻيم، ”ڪافي سال اڳ مون ميڊم نورجهان جي فلم
انارڪلي ڏٺي هئي.“
وين ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ اسان جلدئي وڃي انارڪلي
پهتاسين، جلوس جي شڪل ۾ مشڪريون ڪندا، اسان مختلف
دڪانن ۾ داخل ٿيندا رهياسين، پر سيما کي ڪجهه پسند
ئي نه اچي. رزاق موقعي جو فائدو وٺندي ڀاڀيءَ لاءِ
جوڙو ڳولڻ شروع ڪيو، پر کيس ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه
اچي. نگهت کي چيم ته ٻيلي منهنجي دوست جي مدد ڪر ۽
ائين رزاق جو مسئلو نگهت خورشيد جي مهربانيءَ سان
حل ٿيو. سيما کي به مس وڃي ڪجهه جوڙا پسند آيا ۽
جڏهن اسان واندا ٿي وڃي هڪ جوس جي دڪان تي ويٺاسين
ته، خبر پئي ته اي ڊي صاحب آهي ئي ڪونه! جوس پيئڻ
بنا سڀ ٻاهر نڪري آياسين ۽ هيڏانهن هوڏانهن
واجهائڻ لڳاسين. ڪافي دير کان پوءِ ڏسون ته عمران
شيرواني، جيڪو اسان سان گڏ آيو ئي ڪونه هو، اهو اي
ڊي بلوچ کي ٻانهن کان جهليو پيو اچي! هو ويجهو
پهتا ته آغا رفيق، عمران کان اي ڊي لاءِ پڇيو، ”هي
توکي ڪٿان هٿ آيو؟“
عمران کلي چيو، ”مان ڪنهن ”ٻي“ کي ڏسي رهيو هوس ته
هن مون کي ڏسي ورتو ۽ اچي ٻانهن ۾ هٿ وڌائين!“
نگهت، اي ڊي کان پڇيو، ”ڪنهن جي ڪڍ لڳو هئين؟“
”هئي ڪا پرِي پيڪر!“ اي ڊي وراڻيو، ”پر جڏهن اها
رش ۾ گم ٿي وئي ته منجهي پيس ۽ پوءِ....“
”چڱو هاڻي نڪرو هتان!“ شوڪت شوري گرمي جو احساس
ڏياريو.
اسان سڀ اچي وين ۾ ويٺاسين ۽ ڊرائيور کي شالامار
باغ ڏانهن هلڻ لاءِ چيوسين. شالامار باغ انارڪلي
کان ڪافي پري آهي. رستي ۾ ڪچهري ڪندي ڊرئيوار کان
نالو پڇيم ته هن وراڻيو، ”محمد خان.“
کلي ٻڌايومانس، ”منهنجو اصل نالو به محمد خان
آهي.“
”نه صاحب، توهان چرچو ٿا ڪيو.“ ڊرائيور سنجيدگيءَ
سان چيو، ”مان ڊرائيور آهيان ۽ توهان رائيٽر
آهيو.“
”اهو ته سڀ قسمت جو کيل آهي محمد خان!“ کيس چيم،
”ڪو محمد خان ڊرائيور هوندو آهي، ڪو رائيٽر ته ڪو
وري پرائيم منسٽر!“
”ها صاحب ها، بيشڪ!“ منهنجو نالي ڀائي ڊرائيور ٽهڪ
ڏئي کلي پيو، ”مون کي ياد آهي پنهنجو نالي ڀائي
پرائيم منسٽر محمد خان جوڻيجو.“
اوچتو سڀني کي احساس ٿيو ته اي ڊي بلوچ صاحب
انگريزي ۾ ڪجهه جهونگاري رهيو آهي.
عمران شيروانيءَ، اي ڊي کي چيو، ”يار ٿورو ڏاڍيان
ڳاءِ ته اسان به ٻڌون!“
اي ڊي عمران ڏانهن ڏسي، وڏي آواز سان هٿ ٺوڪيو
ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو.
My name is A.D
If you are ready
I am also ready….
سڀني ٽهڪ ڏئي عمران ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڦڪائي محسوس
ڪري رهيو هو. ڪجهه دير کان پوءِ عمران اي ڊي کان
پڇيو، ”اي ڊي، تنهنجو پورو نالو ڇاهي!“
”اي ڊي بلوچ.“ اي ڊي سنجيدگي سان وراڻيو.
”بابا مان پورو نالو ٿو پڇان.“ عمران چيو.
”اي ڊي بلوچ!“ اي ڊي وري به سنجيدگي سان چيو.
”تون ڀلي نه ٻڌاءِ، پر مون کي تنهنجو پورو نالو
اچي ٿو.“ عمران چيو.
”اهو وري ڪيئن؟“ اي ڊي پڇيو.
”آخر ته تون هن ملڪ جو مشهور ليکڪ آهين!“ عمران
سنجيدگيءَ سان چيو.
اي ڊي فخر سان پنهنجو ڪالر ٺيڪ ڪري سڌو ٿي ويهي
رهيو.
عمران چيو، ”اي ڊي بلوچ! تنهنجو پورو نالو آهي
الله ڊرايا بلوچ!“
سڀ کلي کلي کيرا ٿي پيا.
مون کلندي چيو، ”اسان الله بچايو ته گهڻن جو نالو
ٻڌو، پر الله ڊيڄاريو (الله ڊرايا) پهريون دفعو
پيا ٻڌون!“
”ان ڪري ته اسان اي ڊي سان به ته پهريون دفعو مليا
آهيون نه!“ نگهت خورشيد وراڻيو.
اسان جي وين شهر لتاڙي وڃي شالامار باغ وٽ پهتي ته
در بند هو. ٻڌايائون ته شام جو پنجين وڳي دربند ٿي
ويندو آهي.
اسان سڀ مايوسيءَ مان هڪٻئي کي ڏسڻ لڳاسين ته،
ڊرائيور جي سادگيءَ سان چيل جملي ڄڻ ويتر ڦٽن تي
لوڻ ٻرڪيو. منهنجي نالي ڀائي ڊرائيور محمد خان
چيو، ”جيڪڏهن سوير اچو ها ته مان توهان کي هندستان
جي سرحد وٽان گهمائي اچان ها، هتان فقط پندرهن
ڪلوميٽر آهي!“
”هتان انهيءَ کان وڌيڪ پري ته پنهنجو هوٽل آهي.“
سلطانه چيو.
”هاڻي کڻي هندستان بجاءِ هوٽل ئي هلو!“ شوڪت چيو.
ڊرائيور وين کي واپس موٽايو ته نگهت چيو، ”سامهون
واري چوراهي تي گاڏي روڪجو، مان اتي ئي ويجهو
رهندي آهيان.“
چوراهي وٽ وين بيٺي ته نگهت وين مان لهڻ کان اڳ
ئي، چوراهي تي بيٺل ٺيلهي واري ڏانهن اشارو ڪندي
چيو، ”گرميءَ ۾ انهي جو ليمن سوڍا ڏاڍو سٺو اٿو،
توهان وڃجو نه.“
نگهت وين مان لٿي ۽ سڀني لاءِ سوڍا جو آرڊر ڏئي
موٽي آئي. اسان سڀ هيٺ لهي بيهي رهياسين. اي ڊي
چيو، ”جيسين سوڍا اچي، مان هڪڙي فون ڪري وٺان.“
اي ڊي ڪجهه پَرڀرو سامهون پي سي او ۾ هليو ويو.
اسان سوڍا پي سندس انتظار ڪندا رهياسين. جڏهن اڌ
ڪلاڪ گذري ويو ته حق نواز وڃي کيس جلد اچڻ لاءِ
چيو، پر اي ڊي وري دير ڪري ڇڏي. ڪافي دير کان پوءِ
مان وڃي اي ڊي جي مٿان بيٺس. خبر ناهي هو ڪنهن سان
راز نياز جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. ساڻس چرچو ڪيم،
”اي ڊي! وين اسٽارٽ ٿي بيٺي اٿئي. وارو ڪر.“
هن فقط مون ڏانهن مڙي ڏٺو، ۽ وري سندس رسيور سان
رومينس شروع ٿي ويو. ٻاهر نڪتس ته سڀئي وين ۾ ويٺا
هئا ۽ پگهر ۾ شم هئا. اسان گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول
۾ اي ڊي جو انتظار ڪندا رهياسين. ڪنهن چيو، ”ڇڏيو
اي ڊي کي، پاڻيهي ايندو.“ پر رحمدل ڊرائيور چيو،
”نه سائين، ويچارو پرديس ۾ رلي ويندو. هوٽل تائين
کيس ڪابه سڌي بس هتان ملندي ڪونه ۽ ٽيڪسي ۾ ٻه ٽي
سؤ لڳي ويندس.“
اسان سڀ صبر ڪري پگهر ڳاڙيندا ۽ واٽ نهاريندا
رهياسين. ڪافي دير کان پوءِ مس وڃي اي ڊي
PCO کان ٻاهر نڪتو
ته ڄڻ سڀني ۾ ساهه پئجي ويو. پر هي ڇا..... اي ڊي
ته وين ڏانهن اچڻ بجاءِ. مزي سان فوٽ پاٿ تي پسار
ڪرڻ ۽ دڪانن جا سائن بورڊ پڙهڻ لڳو. هاڻي سڀني وٺي
گوڙ ڪيو ته ڇڏيو اي ڊي کي ته ڀلي پيو روڊ ماپي.
اسان چوراهي جي ٻئي پار نگهت کي سندس گهر اڳيان
لاٿو ته ڊرائيور وري گاڏي ڦيرائي موٽي آيو، پر
انهن ٻن منٽن اندر اي ڊي الائجي ڪيڏانهن غائب ٿي
ويو.
نيٺ اسان اي ڊي عرف الله ڊرايا کي الله جي آسري
ڇڏي، واپسي جو سفر اختيار ڪيو. رستي ۾ پياري
ڊرائيور وري چيو. ”سائين ٻيو ڪٿي به هلڻو هجي ته
حڪم ڪيو.“
رزاق مهر هڪدم چيو، ”استاد، هيرا منڊي هليو هل.“
لاهور جي ڳاڙهي بازار عرف هيرا منڊي جو نالو ٻڌي
وين ۾ ويٺلن مان ڪيترن هڪ ئي وقت رڙ ڪئي، ”ابا اڳ
۾ اسان کي ته لاهيو، اسان نه هلنداسين.“
مون رزاق کي چيو، ”ڇا ڪندين هلي هيرا منڊي؟“
”ڦجي جا پاوا کائيندس!“ رزاق ڏاڍي معصوميت سان
چيو.
وين ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. رزاق کي چيم، ”يار تون ته ڪو
ڏاڍو بدذوق آهين. لاهور جي مشهور زمانه هيرامنڊي ۾
وڃي، تون حسينائون ڏسڻ بجا ڍورن جا پاوا
کائيندين!“
سيما غزل چيو، ”جنهن کي هيرا منڊي ناهي هلڻو اهو
ڀل هوٽل تي لهي وڃي. مان به ٿي توهان سان گڏ
هيرامنڊي هلان! هيرامنڊي ۾ ڦجي جا پاوا ته
کائينداسين پر حسينائين کي فقط پري کان نه
ڏسنداسين، ڪنهن ڪوٺي تي هلي مجرو به ڏسنداسين.“
ڪيترن ئي حيرت مان ڪنڌ ورائي سيما ڏانهن ڏٺو. سيما
پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائي، ”يار، ليکڪ لاءِ مشاهدو
ضروري آهي، مون ڪڏهن مجرو ناهي ڏٺو.“
اوچتو ڊرائيور محمد خان رڙ ڪئي، ”سائين منهنجي
ڳالهه به ته ٻڌو!“ سڀني جو ڌيان ڊرائيور ڏانهن
ڇڪجي ويو ته ڊرائيور چيو، ”سائين مان حڪم جو بندو
آهيان، مون کي چيو ويو آهي ته ڀل مهمانن کي سڄو
لاهور وڃي گهماءِ، پر ڪنهن اهڙي جاءِ تي وٺي وڃڻ
جي اجازت ناهي.“
سڀئي ماٺ ٿي ويا. ڊرائيور وري ڳالهايو، ”هونءَ به
سائين هيرامنڊي تي اڪثر پوليس جا ڇاپا لڳندا آهن ۽
پيار جي پانڌيئڙن سان گڏ پاون کائڻ جا شوقين به
وڃي ڪاٺ ۾ پوندا آهن!“
مون رزاق ڏانهن ڏسي چيو، ”پيارا ڇڏ پاون جي پچر،
ائين نه ٿئي ته سڀاڻي لاهور جي اخبارن ۾ فوٽو ڇپجي
۽ فوٽوءَ هيٺان لکيل هجي ته سنڌ جا ليکڪ لاهور جي
هيرامنڊي مان آواراگردي ڪندي هٿيڪا.“
وين اچي هوٽل اڳيان بيٺي ته وري ڊرائيور چيو،
”سائين، اڃا به ڪنهن کي گهمڻو هجي ته حڪم ڪيو.“
رزاق مهر، جيڪو پهريون دفعو لاهور آيو هو، تنهن
کڻي منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو، ”يار مڙئي چڪر ڏئي
اچون.“
وين ۾ باقي وڃي بچياسين رزاق، مان ۽ عائشه اسلم.
عائشه ڊرائيور کي پنهنجي گهر جو ڏس پتو ٻڌايو. وين
هلي ته عائشه چيو، ”زيب، توهان حيدرآباد ۾ رهندا
آهيو نه؟“
”ها“. وراڻيم
”نصير مرزا کي سڃاڻو؟“
”ها. منهنجي ننڍپڻ جو دوست آهي. اسان ٻئي ريڊيو تي
گڏ پروڊيوسر رهيا آهيون.“
”پر توهان ته ٻڌايو هو ته توهان ڪنهن ڪاليج ۾
پروفيسر آهيو!“ عائشه ٿورو حيرت مان چيو
کلي چيم، ”ڪيترا اديب محبوبائون بدلائيندا آهن، پر
مون اوتريون نوڪريون بدلايون آهن. هاڻي مان بيشڪ
پروفيسر آهيان، پر ريڊيو سان ناتو نه ڇنو اٿم. مان
گذريل ٻارنهن سالن کان جنهن پروگرام جي ڪمپيئرنگ
ڪري رهيو آهيان، ان پروگرام جو ڪيترن سالن کان
پروڊيوسر نصير مرزا آهي.“
”منهنجي نصير مرزا سان اسلام آباد ۾ رائيٽرس
ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي هئي.“ ٿورڙي وٿيءَ کان پوءِ
عائشه ڳالهه جاري رکي،”مان سنڌ اينديس. مون کي
شاهه لطيف وٽ وڃڻو آهي، شيخ اياز ۽ سچل سائين وٽ
به وڃڻو آهي.“
عائشه جي جملي سان مون کي خوشي ٿي ته هن وٽ شاهه،
اياز ۽ سچل جو تصور زندهه شاعرن وارو هو. تڏهن ته
هن انهن شاعرن وٽ وڃڻ جي ڳالهه ڪئي، نڪي مزارن تي
حاضري ڀرڻ جي، جيتوڻيڪ وري به ڀربي ته مزارن تي
حاضري ئي.
عائشه چيو، ”حيدرآباد اچان ته ان سلسلي ۾ توهان
منهنجي مدد ڪندئو؟“
وراڻيم، ”مان يا نصير مرزا، ڀٽ شاهه تي توهان کي
شاهه سائين ۽ اياز وٽ ته وٺي هلنداسين، پر سچل
سائينءَ ڏانهن وڃڻ لاءِ توهان کي روانو ڪري،
پنهنجي دوست مختيار ملڪ، اياز گل يا ادل سومري کي
فون ڪري ڇڏينداسين، اهي توهان کي خيرپور کان درازا
وٺي ويندا.“
”ها، ائين به ٺيڪ آهي.“ هوءِ ادل، اياز گل ۽
مختيار کان به واقف هئي.
اوچتو هڪ سنهڙي گهٽيءَ جي موڙ تي عائشه ڊرائيور کي
گاڏي بيهارڻ لاءِ چيو، ۽ هيٺ لهي موڪلائي ان سنهڙي
گهٽي ۾ هلي وئي. هاڻي هجون منهنجو نالو ڀائي
ڊرائيور محمد خان، مان، رزاق مهر ۽ لاهور جا رات
جي روشينن ۾ جرڪندڙ رستا. محمد خان ڊرائيور سان
گڏوگڏ پنهنجي حال سارو گائيڊ وارو ڪم به ڏيڻ لڳو.
ڪيتري آوارا گردي کان پوءِ گلبرگ کان موٽندي هن هڪ
بنگلي ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايو. ”او- اهو ميڊم
نورجهان جو گهر هيو.“
مون ڊرائيور کي ميڊم نورجهان جي گهر اڳيان گاڏي
روڪڻ لاءِ چيو. اسان تازو گذاري ويل عظيم فنڪارا
جي گهر کي چند لمحا خاموشي ۽ عقيدت سان ڏسندا
رهياسين ۽ پوءِ ڊرائيور کي واپس هوٽل هلڻ لاءِ
چيوسين.
رستي ۾ رازق ڦجي جا پاوا نه کائي سگهڻ جو افسوس
ڪرڻ لڳو. ڦجي جا پاوا لاهور ۾ ته مشهور هيا، پر
ڦجي جي هيرامنڊي واري پاون جي دڪان کي اوچتو سڄي
ملڪ ۾ شهرت انهن ڏينهن ۾ ملي هئي، جڏهن نواز شريف
ٻيو ڀيرو وزيراعظم ٿيو هو، ۽ اخبارن ۾ خبرون ڇپيون
هيون ته نواز شريف جي نيرن لاءِ هڪ خاص جهاز ۾ روز
لاهور کان اسلام آباد ڦجي جا پاوا گهرايا ويندا
آهن! خير، اهي ته هيا هڪ وزيراعظم جا شاهاڻا شوق،
پر مان لاهور جي روشنين ۽ ويڪرن رستن تي غور ڪري
رهيو هئس. لاهور، جنهن کي شريف برادران الائي ته
ڪيترو ٺاهيو ۽ سنواريو آهي. لاهور، جتان فقط هڪڙو
ئي ماڻهو وزيراعظم ٿيو، پر منهنجي اصل شهر لاڙڪاڻي
مان ٻه وزيراعظم ٿيا. تڏهن به لاڙڪاڻو لاهور جي
ويهين حصي جيترو به نه ٺهي سگهيو....... ڀٽو صاحب
وزيراعظم ٿيو هو ته سڄي ملڪ ۾ رڙ پئي ٿي ته
لاڙڪاڻو پيرس ٿي ويو آهي، حالانڪ اڄ به لاڙڪاڻو بي
شمار مسئلن جي ور چڙهيل آهي..... مون کي بينظير
ڀٽو جي چيل جملي جي گهرائيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ته
لاڙڪاڻي ۽ لاهور جي وزيراعظم ۾ ڪيترو فرق
آهي......!
وين اچي اواري هوٽل جي مين گيٽ تي اسان پهتي
لٿاسين ته ڊرائيور به هيٺ لهي آيو. هن موڪلائڻ
لاءِ هٿ وڌايو ته ڇڪي کيس ڀاڪر پاتم. هن منهنجا هٿ
جهليندي ڏاڍي سڪ سان چيو، ”سائين منهنجو نالو ته
محمد خان آهي، پر ڪشميري هئڻ ڪري لاهور ٽي وي تي
مون کي سڀئي ڪشمير خان چوندا آهن. ڪڏهن وري لاهور
ٽي وي تي اچڻ ٿئي ته مون کي وسارجو نه!“
”نالي ڀائي، تون ته سدائين ياد رهندين! زندگي رهي
ته وري ملنداسين.“ سندس قرب کي دل سان محسوس ڪيم.
رزاق ۽ مان پنهنجي ڪمرن مان تازا توانا ٿي ڊنر
لاءِ لان ۾ پهتاسين ته يارهن ٿي رهيا هئا. سڀ
موجود هيا، پر اي ڊي صاحب غائب هو. ٻارهين کان
پوءِ اسان سڀ ماني کائي اٿياسين، تڏهن به هو ڪونه
پهتو، نه ڄاڻ ويچارو ڪهڙين راهن ۾ رلي ويو
هوندو.....!
29 جون وارو صبح، سال جي انهن ٿورن صبحن مان هڪ
هوندو، جن تي مان سوير جاڳيو هوندس. اهو ورڪشاپ جو
آخري ڏينهن هو. تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪتس ته
رزاق ۽ حق نواز کي ڪوريڊور مان سامهون ايندي ڏٺم.
اڄ اسان ٽئي پهريون دفعو وقت تي سيمينار هال ۾
پهتاسين. اڄ نامياري ليکڪ اصغر نديم سيد کي ليڪچر
ڏيڻو هو. اصغر نديم ڏاڍو باخبر ماڻهو آهي. خاص طور
تي سنڌي ليکڪن کي سڃاڻي ٿو. جڏهن سڀني جو اصغر سان
تعارف ٿيو ته هن مختصر ليڪچر کان پوءِ ڊسڪشن شروع
ڪري ڏنو. ٻين ڪيترن مسئلن سان گڏ ڊراما ليکڪن جون
مرڪزي ڪهاڻيون چوري ٿيڻ جو ذڪر به ڇڙيو.
جڏهن کان پاڪستان ۾ پرائيوٽ پروڊڪشن تحت ٽي وي
ڊراما تيار ٿيڻ شروع ٿيا آهن، تڏهن کان خاص طور تي
اهو آزار وڌيو آهي. ٿيندو ائين آهي ته توهان ڪنهن
ڊرامي جي ڪهاڻي ڪنهن ڊائريڪٽر سان ڊسڪس ڪئي، يا
ڪنهن محفل ۾ توهان ڪو آئيڊيا ٻڌايو. جيڪڏهن توهان
جي اها ڪهاڻي ڪنهن ڪاٽڪو ليکڪ يا ڊائريڪٽر جي دماغ
۾ ويهي وئي ته توهان جيسين اهو ڊرامو سوچيو ۽ لکو،
ان کان اڳي اهو لکجي تيار ٿي ويندو آهي ۽ اصل ليکڪ
کي خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن اهو اوچتو ٽي وي آن
ڪندو آهي ته، کيس خبر پوندي آهي ته سندس ڪهاڻي
چوري ٿيڻ کان پوءِ ڊرامي جي صورت ۾ لکجي، سينا
زوريءَ سان اچي ٽي وي تي ڪنهن ٻئي ليکڪ جي نالي
سان هلڻ لڳي آهي. اهڙي هڪڙي چوري منهنجي به ٿي
آهي. منهنجي هڪ ڪهاڻي پنهنجي ئي هڪ سنڌي ليکڪ جي
کاتي ۾ وڃي ٿي، جنهن اردو ۾ اها پنهنجي ڊراما
سيريل جو حصو بڻائي ڇڏي هئي. اهڙن معاملن تي ڪڏهن
ڪڏهن گوڙ گهمسان به ٿيندو آهي. منهنجو اهو معاملو
به ڪاوش اخبار جي صفحن ۽ ٽي وي انتظاميه تائين به
وڃي پهتو هو.
خير.... ورڪشاپ ۾ ته مون انهيءَ معاملي جو هروڀرو
ذڪر نه ڇيڙيو، پر ڊرامن جي مرڪزي خيال جي چوري ٿيڻ
واري ذڪر تي، ڪراچي جي ليکڪا سلطانه صوفي، جيڪا
اوڀر پاڪستان جي پهرين وزيراعليٰ ۽ شير بنگال
سڏجندڙ مولانا فضل حق جي پڙپوٽي آهي، سا ڏاڍي
ڏکاري ٿي وئي. هن چيو ته منهنجي ڪهاڻي جي ٿيل چوري
منهنجي ماءُ جي موت جو سبب بڻي آهي! سلطانه ٻڌايو
ته، ”مان ڪيتري عرصي کان اردو جي ڊائجسٽن ۾ افسانا
لکندي هيس. منهنجو هڪ افسانو پڙهي، پرائيويٽ
پروڊڪشن جا ڊراما تيار ڪندڙ هڪ ڊائريڪٽر مون سان
رابطو ڪري، ان افساني جي مرڪزي خيال تي ٽي وي
سيريل لکي ڏيڻ لاءِ چيو، هڪ لک ٽيهه هزار معاوضو
طئي ٿيو. سوچيم، معاوضو وٺي اڳ ۾ امڙ لاءِ مٺائي
خريد ڪري پوءِ گهر وينديس. معاهدو ڪرڻ ۽ معاوضي جو
اڌ ايڊوانس ڏيڻ واري ڏينهن ڊائريڪٽر پنهنجي آفيس
مان گم ٿي ويو ۽ سندس آفيس جي هڪ نوجوان مون کي لڪ
ڇپ ۾ معلومات ڏني ته ڊائريڪٽر توهان جي ڪهاڻيءَ جي
مرڪزي خيال تي ڪراچيءَ جي هڪ ٻي ليکڪا کان سيريل
لکرائي رهيو آهي. اها ڳالهه ٻڌي مان ڏک مان سڌو
گهر هلي ويس. گهر جي در تي پهچڻ شرط ڏک مان روئي
پيس. امڙ کي سبب ٻڌايم ته کيس دل جو دورو پئجي ويو
۽ هوءَ ٻن ڏينهن کان پوءِ مري وئي.....“ اهو
ٻڌائيندي منهنجي پاسي ۾ ويٺل سلطانه جون اکيون
آليون ٿي ويون. مون سامهون رکيل ٽشو پيپرز جو دٻو
سلطانه ڏانهن سوري ڇڏيو. هوءَ ٽشو کڻي اکيون اگهڻ
لڳي. سڄو ماحول ڏکارو ٿي ويو، پر سامهون ويٺل
ڪراچيءَ جي هڪ ليکڪا ڪاوڙ مان سلطانه ڏانهن گهوري
رهي هئي…
ٽي بريڪ دوران اصغر نديم سيد اچي ڀاڪر وڌو ۽
منهنجي هڪ سال اڳ ٽيليڪاسٽ ٿيل ڊراما سيريل
”جانشين“ جي تعريف ڪرڻ لڳو. هن ايڏا تعريفي جملا
چيا جو مون ڪنڌ هيٺ ڪري کڻي کيس هٿ ٻڌا ۽ چيم،
”منهنجي سيريل بابت اسلام آباد جي ڪنهن محفل ۾
توهان پاران چيل اهڙا جملا، منهنجي دوست جامي
چانڊئي مون تائين اڳ ئي پهچايا هئا. مان ٿورائتو
آهيان توهان جو.“
اصغر نديم سيد سان منهنجي اڳ فقط هڪڙي ملاقات ٿي
هئي. ٽي چار سال اڳ، ڪراچي ۾ اداڪار شفيع محمد
شاهه جي گهر، رات جو دير تائين هلندڙ دوستن جي
”محفل“ ۾..... پر اها ملاقات به اصغر کي ياد هئي.
حالانڪه ”محفلن“ واريون اهڙيون ملاقاتون عام طور
تي ٻي ڏينهن صبح جو، بلڪه منجهند جو ننڊ مان جاڳڻ
کان پوءِ ياد ناهن رهنديون.
ٻڌايو ويو ته ٽي بريڪ کان پوءِ مختصر ويهڪ ٿيندي،
جنهن ۾ ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيندڙن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا
ويندا ۽ اڄ شام توهان جي ڪراچي روانگي آهي. ٽي
بريڪ کان پوءِ اسان پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا
وياسين. پيڪنگ ڪري واپس پهتاسين ته سڀني شريڪ
ٿيندڙن کي پاڪستان ٽيليويزن ۽ يونائيٽيڊ نيشنس
ڊيولپمينٽ پروگرام پروجيڪٽ پاران سرٽيفڪيٽ ڏنا
ويا. منيزه هاشمي ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عظما هارون
سڀني آيلن جا ٿورا مڃيا ۽ سڀني کي گروپ فوٽو لاءِ
سڏيو ويو. جڏهن آفيشل فوٽوگرافر گروپ فوٽو ڪڍي
ورتو ته، ٻين شريڪ ٿيندڙن مان ڪن پنهنجون
ڪئميرائون ڪڍي فوٽوگرافر کي ڏنيون ته اسان جي
ڪئميرا سان به گروپ فوٽو ڪڍي ڏي. جڏهن فوٽو گرافر
رزاق مهر جي ڪئميرا سان فوٽو ڪڍيو ته ڪئميرا ڪجهه
وڏو آواز ڪيو. تنهن تي منيزه هاشمي چيو، ”هي
ڪئميرا ته ڏاڍو شور ٿي ڪري!“
مون ڏاڍيان چيو، ”خبر ته پوي، ته اها ڪئميرا سنڌ
کان آئي آهي!“
منيزه کلي وراڻيو، ”ها، اڄڪلهه سنڌ مان پاڻيءَ جي
کوٽ جون خبرون پيون اچن!“
پنج ٿي رهيا هئا. اسان کي چيو ويو ته ساڍي پنجين
وڳي سامان کڻي رسيپشن تي پهچون، ستين وڳي اسان جي
فلائيٽ آهي. اسان سڀ هڪٻئي کان موڪلائڻ لڳاسين ته
نگهت خورشيد چيو، ”مان سنڌي ليکڪن کي پڙهڻ چاهيان
ٿي.“
وراڻيم، ”اسان سنڌي ليکڪ ٽي وي ڊراما ته اردوءَ ۾
به لکندا آهيون، باقي اسان جا ڪتاب سنڌي ۾ ئي
هوندا آهن.“
چيائين، ”مان سنڌي پڙهڻ جي ڪوشش ته ڪنديس، توهان
جو ڪو ڪتاب ڇپيو آهي؟“
”ڪو هڪڙو نه، پر ڊزن کان مٿي.“ وراڻيم
”ٿي سگهي ته هڪ ٻه ڪتاب مون کي موڪلي ڏجو.“ هن
پنهنجي ايڊريس لکي کڻي مون کي هٿ ۾ ڏني.
پنجاب جي هڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار نگهت کي چيم، ”مان
انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍو سست آهيان. پر ڪوشش ضرور
ڪندس.“
مون کي محسوس ٿيو ته سنڌي ليکڪن جي اردوءَ ۾ لکيل
ٽي وي ڊرامن ڏسڻ سبب هوءَ سنڌي ادب پڙهڻ لاءِ ڏاڍي
اتاولي هئي.
آغا رفيق، شوڪت شورو، رزاق مهر، حق نواز سمون ۽
مان سامان سوڌو گڏ وڃي رسيپشن تي پهتاسين. اسان
سڀني کان وائوچر صحيح ڪرايا ويا. اهي سمورا بل ته
ورڪشاپ انتظاميه کي ڀرڻا هئا، پر رزاق مهر کان عام
مارڪيٽ ۾ ڏهه رپين ۾ ملندڙ منزل واٽر جي استعمال
ڪيل بوتل جا ٻاونجاهه روپيا ورتائون.
آغا رفيق ڏانهن هوٽل جا فقط اٺ رپيا نڪتا. آغا
صاحب اٺ رپيا ڏيڻ کان پوءِ کلي چيو، ”مون ته فقط
هڪڙو آلو بخارو کاڌو هو!“
آغا رفيق جو جملو ٻڌي منهنجو ته ساهه سڪي ويو. آغا
کي چيم، ”يار انهيءَ حساب سان ته پوءِ منهنجو سر
ويو. مون ته چئن پنجن سڄن سارن فروٽ باسڪيٽس کي
ٻرو ڏنو هو.... حالانڪ هوٽل جي لٽريچر مطابق ته
اهي مفت هيون!“
آغا رفيق مون ڏانهن مرڪي نهاريو ته منهنجو ساهه
ويتر سڪي ويو. منهنجي پريشاني ڏسي آغا ٽهڪ ڏئي کلي
پيو، چيائين، ”پريشان نه ٿي، اهي فروٽ باسڪيٽس
بيشڪ مفت هيون، مون هڪڙي لوڪل فون ڪال ڪئي هئي. اٺ
روپيا ان جا ورتا اٿائون.“
مون وائوچر تي صحيح ڪئي ته مون کان ٻاونجاهه روپيا
گهريائون. منهنجي پڇڻ تي چيائون ته منرل واٽر جي
هڪ بوتل جا. مون اعتراض ڪيو ته بابا مون ته فرج ۾
رکيل شين جو فقط درشن ڪيو هو، ڪا به شيءِ استعمال
نه ڪئي هئي. رسپشنسٽ ڇوڪريءَ مرڪي چيو، ”پر هڪڙي
بوتل کليل هئي.“
سوچيم، مون کان اڳ ساڳي ڪمري ۾ رهيل ڪنهن همراهه
جو کاتو منهنجي لاءِ کلي پيو آهي، سو مون ان اڻ
ڏٺل مهربان جي نالي تي سهڻي ڇوڪريءَ کي ٻاونجاهه
روپيا کڻي ادا ڪيا ۽ اسان هوٽل جي ڪوسٽر ۾
ايئرپورٽ روانا ٿياسين.
جهاز ۾ آغا رفيق ۽ شوڪت شوري جون سيٽس ونڊو سائيڊ
کان گڏ هيون. رزاق، حق نواز ۽ منهنجون وچ وارين
چئن سيٽس ۾ گڏوگڏ. پنهنجين سيٽس تائين پهتاسين ته
چئن مان هڪ سيٽ تي هڪ نوجوان برگر ڇوڪري ويٺي هئي.
سندس ڀرسان رزاق جي سيٽ هئي، پوءِ منهنجي ۽ پوءِ
حق نواز جي. رزاق کي ٺونٺ هڻندي چيم، ”هل پيارا
پنهنجي پياري سيٽ تي!“
حد کان وڌيڪ شريف ماڻهو، ويچاري رزاق مهر جي حالت
ڏسن جهڙي هئي. هن هڪ نظر برگر ڇوڪريءَ کي ڏٺو ۽
پوءِ مون ڏانهن ڏسندي چيائين، ”يار تون کڻي انهي
سيٽ تي ويهه نه.“
کلي رزاق کي چيم، ”ٺيڪ آهي، مان ئي ڏکئي وقت ۾
دوستن جي ڪم ايندو آهيان. منهنجو ٿورو وسارجانءِ
نه.“ منهنجي ويهڻ کان پوءِ رزاق اچي منهنجي پاسي ۾
ويٺو.
جهاز اڏامڻ کان اڳ حفاظتي تدبيرن واري روايتي
انائونسمينٽ ٿيڻ لڳي، جنهن ۾ اهو به چيو ويو ته
اڏام دوران جيڪڏهن جهاز ۾ دونهون ڀرجي وڃي ته،
توهان سيفٽي جيڪٽس پائي جهاز جي فلاڻي طرف هليا
اچجو.
رزاق مهر جهاز جي ايئرڪنڊيشنر مان اٿندڙ ڪولنگ
ويوز ڏانهن اشارو ڪري، ڀرسان لنگهندڙ ايئرهوسٽس
سان چرچو ڪيو، ”یہ
دہواں
سا کہاں
سے
اٹھتا
ہے!"
ايئرهوسٽس پهرين ته ڇرڪي اي سي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ
ساڳي چرچي واري انداز ۾ اهو چوندي هلي وئي ته، ”يه
دهوان سان
AC سي اڻهتا هئي.“
پر مون ڏٺو ته ڀرپاسي ۾ ويٺل ڪجهه مسافر خوف مان
هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيا هئا. 206PK
فلائيٽ ٽيڪ آف ڪيو ته ٿڪاوٽ سبب مون اکيون پوري
ڇڏيون. ننڊاکڙي ڪيفيت ۾ هوس ته رزاق ڌونڌاڙيو،
”چانهه پيئندين؟“
”ها!“ سيٽ تان ڪنڌ کڻڻ کان سواءِ هلڪي آواز ۾
وراڻيم، ائيرهوسٽس چانهه ڏئي وئي. چانهن پيئڻ کان
پوءِ ٿڪاوٽ جو ڪجهه احساس گهٽيو ته انائونسمينٽ
ٿي، ”اسان مقرر وقت کان پندرهن منٽ پهرين ڪراچيءَ
۾ لينڊ ڪنداسين.“ ۽ ان جي ڪجهه منٽن کان پوءِ ٻاهر
نهار ڪيم ته اسان ڪراچي مٿان اڏامي رهيا هئاسين.
جهاز ٺيڪ رات جو سوا اٺين وڳي، سوا ڪلاڪ اندر اچي
اسان کي ڪراچيءَ لاٿو هو.
ايئرپورٽ تان ٻاهر نڪتاسين ته ڪراچي
T.V پاران موڪليل
گاڏي اسان لاءِ بيٺي هئي. حق نواز کي سندس گهر
لاٿوسين ته آغا رفيق ۽ شوڪت شوري ڊرائيور کي سهراب
ڳوٺ هلڻ لاءِ چيو، جتان کين حيدرآباد جي ڪوچ ۾
سوار ٿيڻو هو.
انهيءَ ڏينهن ۽ سڀاڻي تي، منهنجي ناٽڪ رنگ لاءِ
لکيل ڊرامي ”ميڏا عشق وي تون“ جي رڪارڊنگ ڪراچي ٽي
وي تي جاري هئي. مون ڊرامي جي پروڊيوسر اعجاز عليم
عقيلي سان واعدو ڪيو هو ته، لاهور مان موٽندي رات
ڪراچي ۾ رهي پوندس ۽ ٻئي ڏينهن ٽي وي تان ٿيندو
پوءِ حيدرآباد ويندس، پر جڏهن گاڏي سهراب ڳوٺ تي
پهتي ته مان به پنهنجي ڊرامي جي رڪارڊنگ وساري
گاڏي مان لهي پيس. رزاق مهر گهڻو ئي روڪڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر مان کانئس موڪلائي شوڪت شوري ۽ آغا رفيق
سان گڏ ڪوچ ۾ سوار ٿي ويس.
رات جو يارهين وڳي حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر جي ڪال
بيل تي اچي آڱر رکيم ته لڳو، ڄڻ لاهور ۾ گهاريل
ٽي ڏينهن هڪ لمحي برابر هجن، ۽ سمورين يادگيريون
انهي هڪ لمحي جا ٽڪرا هجن.... اندران پنهنجي ننڍڙي
پٽ شهريار، جنهن کي اسين سڀ گهر ڀاتي پيار مان
جانو چوندا آهيون، تنهن جي خوشي وچان رڙ ٻڌم، ”پپا
اچي ويو!“
ننڍڙي جانوءَ ئي ڊوڙي اچي در کوليو، در تي بيٺي ئي
کيس کڻي ڀاڪر ۾ ڀريم ته مون کي احساس ٿيو، زندگي
ڪنهن به ڊرامي کان وڌيڪ خوبصورت آهي.
(2001ع) |