جنهن جي دنيا ۾ صدين تائين ساک موجود هئي، اڄ جتان ڪٿان لوڌيو ۽ ڌڪاريو پيو وڃي. جن ملڪن ۾ سنڌي ناکئي ۽ واپاريءَ جي واٽ نهاري ويندي هئي، اتي هاڻي سنڌي ماڻهو مزدوري پيو ڪري. ۽ اتان به جڏهن ڪڏهن پڪڙي ۽ جڪڙي سامونڊي جهازن ۾ وجهي کيس موٽايو پيو وڃي. جن ساموندي راهن تي هو پاڻ جهاز هاڪاريندو هو. انهن ئي سامونڊي واٽن تي هو قيديءَ جي حيثيت ۾ سفر ٿو ڪري. تڏهن به اسان اک نٿا پٽيون! حقيقت ۾ شاهه سائينءَ جي سر سامونڊيءَ کي ان جي اصل روح مطابق، موجوده سنڌي سماج جي حوالي سان سمجهڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي، شايد ايتري ضرورت اڳ ڪڏهن به نه هئي.
اسان جي دانشور کي هيمنگ وي جو ناول Old Man and the sea ته جدوجهد جي علامت نظر اچي ٿو، پر شاهه جي سر سامونڊي جهڙي جدوجهد جي سگهاري اهڃاڻ ڏانهن سندس ڌيان نٿو وڃي. شاهه جي سمنڊ ۾ سندس عقل جي ناوَ نٿي تري! اولهه ۾ مزاحمتي ادب جي کوٽ سبب اهڙن ڪردارن ۽ قدرن کي به وڏي اهميت ملي، جيڪي اسان جي شاعري ۽ باقي ادب ۾ موجود اهڃاڻي ڪردارن جي ڀيٽ ۾ بلڪل معمولي نوعيت جا آهن. اسان کي اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته، ڀيٽ جا Acadmic معيار ڏاڍا پراڻا ٿي چڪا آهن ۽ ساڳئي وقت اولهه توڙي اوڀر جي حالتن ۾ پڻ وڏو فرق موجود آهي. Old man جي مزاحمت سندس مجبوري هئي. هن جي سامهون جيڪا صورتحال پيدا ٿي، اها اوچتي هئي ۽ انهن حالتن ۾ هن وٽ مزاحمت کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه هو. جڏهن ته سنڌي ناکئو مجبوريءَ تحت جدوجهد نٿو ڪري، پر سندس جدوجهد شعوري آهي. هو خطرن جي خبر هوندي به پنهنجي مرضيءَ سان ڏوراهان سفر اختيار ڪري ٿو ۽ خطرن سان کيڏي ٿو:
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون
اٺئي پهر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو
سنڌ، سدائين سکيو ملڪ رهيو آهي، ان جي باوجود ناکئو پنهنجي Commitment جي ڪري، جدوجهد ڪري ٿو ۽ جدوجهد ۾ ئي سوڀ آهي.
کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا تن جا طامائو،
سامونڊي سائو. لنڪا لوپي آئيا.
نه فقط اهو ته سنڌ جو ناکئو، هيرن جواهرن ۽ موتين جو واپار ڪندو هو، پر کيڙائو کاري سان گڏ مٺي جو سفر به پنهنجن جهازن وسيلي ڪندا هيا، پر اڄ مهراڻ جي موجن کي مارڻ جا مامرا اچي اسانجي سامهون بيٺا آهن. سنڌو ءَکي سڪائڻ جا سعيا ڪيا پيا وڃن ۽ سنڌ جا سَنڌ سڪائڻ لاءِ ڊيمن جي ديوارن سان، سنڌوءَ جي رستي روڪ جا سانباها به ٿي رهيا آهن. تنهن ڪري شاهه جي ڪلام کي سمجهڻ جي اڄ اسان کي ايتري ئي ضرورت آهي. جيتري ساهه کڻڻ جي. جيڪڏهن سوچينداسين ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته، سر سامونڊيءَ جي سٽ سٽ مان اسان کي جدوجهد جو پيغام ملندو. ضرورت فقط انهن سٽن ۾ سمايل فڪر کي سمجهڻ جي آهي. پال ويلري جي لفظن ۾ ته ”سٽ خدا جو ڏنو هوندي آهي، باقي شاعر کي پاڻ ايجاد ڪرڻو پوندو آهي.“ ۽ شاهه سائينءَ کي ڏاتار جيڪا ڏات ڏني، ان وسيلي هن سنڌ کي روشن راهن سان روشناس ڪرايو آهي. ضرورت فقط اسان جي شناسائيءَ جي آهي.
(ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل: 9719ع)
شاهه جي شاعريءَ کي سنڌ جي موجوده حالتن مطابق سمجهڻ جي ضرورت
اسان شاهه سائينءَ کي ماضيءَ جي پس منظر ۾ پرکيندا رهيا آهيون. اسان فقط زباني ڪلامي اها ڳالهه ڪندا رهيا آهيون ته ”شاهه آفاقي شاعر“ آهي، پر اسان جي پرک جا معيار پراڻا آهن. اهو ئي سبب آهي ته اسان شاهه سائينءَ کي حال جي حقيقتن ۽ مستقبل جي روشني ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي. اسين جڏهن چئون ٿا ته شاهه آفاقي شاعر آهي، ته پوءِ اسان کي انهيءَ ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته شاهه جي آفاقي پيغام کي، فقط سياسي جلسن اندر، سندس چندن بيتن کي فقط نعري بازي طور استعمال نه ڪيون، پر سنڌ جي موجوده پس منظر ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ۽ سنڌ لاءِ ڪنهن نئين واٽ جي تعين لاءِ سوچيون. ڇو ته ”شاعري معاشرن سان گڏ هلي ٿي، معاشرن لاءِ ڪئي وڃي ٿي، ان جو واسطو ۽ لاڳاپو حال جي حالتن ۽ مستقبل جي معاملن سان پاڻ وڌيڪ رهي ٿو. اسان شاهه سائينءَ جو مستقبل آهيون. اها شاعري اڄ وڏي معنيٰ رکي ٿي. ان ڪري ته اها مستقبل جي لاءِ ڪئي وئي هئي. يعني اسان جي لاءِ ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ به، جيڪو انهي شاعري جو مستقبل آهي.“ (الهداد ٻوهيو: مضمون ”شاهه جي شاعريءَ کي وڌيڪ سمجهڻ ڏانهن هڪ قدم“)
اسان جيڪڏهن شاهه جي شاعريءَ ۾ پنهنجو عڪس پسي نه سگهياسين ته اسان شاهه سائينءَ سان ڪهڙو رشتو قائم ڪري سگهنداسين! ماضي جو رشتو، مستقبل ۾ پنهنجي اهميت وڃائي ويهي رهندو، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته: ”اسان شاهه جي سدا حيات پيغام کي جديد دور جي تقاضائن ۽ فڪري معيارن تي پرکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون. ڇو ته اسان شاهه جي فڪري طريقن ۽ معيارن تي ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي.“ (الهداد ٻوهيو: مضمون ”شاهه جي شاعري کي وڌيڪ سمجهڻ ڏانهن هڪ قدم“)
اسان شاهه سائينءَ جي شاعريءَ توڙي ان شاعريءَ ۾ موجود واقعن ۽ داستانن کي فقط انهن جي روايتي پس منظر ۾ پرکڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي. جڏهن ته اسان اهڃاڻن جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش تمام گهٽ ڪئي آهي. ڪولرج جو چوڻ آهي ته ”اهڃاڻ ازلي حقيقتن کي سمجهڻ لائق بنائڻ جو نالو آهي.“ ۽ شاهه سائينءَ ته ازلي حقيقتن تان پردا کڻي، اسان جي اڳيان سمورا منظر پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. اسان لاءِ ته فقط اکيون کولڻ جي ضرورت آهي.
سر سامونڊيءَ جي حوالي سان به اسان فقط لفظن جي ظاهري معنيٰ تي سوچيندا رهيا آهيون، پر شاهه سائينءَ Amplification وسيلي ظاهري حقيقتن کي جيڪا اهڃاڻي وسعت بخشي آهي، ان جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي. جڏهن ته سڄو سارو سر سامونڊي تحريري علامت (Ideography) جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي ۽ سر سامونڊيءَ جون علامتون هوائن ۾ بيٺل به ناهن، پر انهن جي تاريخي حقيقت پڻ موجود آهي. ”موضوع جي اعتبار سان سر سامونڊي جا ٻه رخ آهن. هڪ تاريخي ۽ ٻيو سماجي. تاريخي لحاظ سان هي سر ڪنهن سمي سمنڊ ذريعي سنڌ جي واپار ۽ هتان جي پيشاور وڻجارن (پرڏيهه ويندڙ واپارين) ۽ ٻيڙياتن ناکئن جي سمنڊ وارن سفرن ۽ ڪشالن جو يادگار آهي.“ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: شاهه جو رسالو، جلد2)
تاريخي حوالي سان ته سر سامونڊيءَ جي اهميت آهي ئي، پر هتي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته شاهه سائينءَ پاڻ به تاريخ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو.
”شاهه سائينءَ جي جنم وقت، سنڌ دهليءَ جي مغل شهنشاهيت سان لاڳاپيل هئي.“ دهليءَ جي حڪومت طرفان ڪونه ڪو نمائندو سنڌ تي صوبيدار جي حيثيت سان مقرر ٿيندو هو.“ (ممتاز مرزا: مقالو ”سنڌ جي عهد رفته جو المعيه داستان.“) شاهه صاحب جي زماني ۾ سنڌ جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن سبب، اقتصادي طور تي تباهه ٿي چڪي هئي. اوج جي آثارن مٿان تباهي جي رک اڏامي رهي هئي. اهو ئي سبب آهي ته ”جڏهن شاهه پنهنجي ڦوهه جوانيءَ واري وقت سير ۽ سفر سانگي سامونڊ ۽ بحري بندرن جو مشاهدو ڪيو تڏهن اڳين اوج واري وقت جي ٻڌل ڳالهين جي روشني ۾ برباد شهرن ۽ بندرن جا آثار ڏٺائين، جتي سون ۽ موتين جو واپار هلندو هو، اتي لوهارن کي ڪٽ لاهيندي ڏٺائين“. (ممتاز مرزا: مقالو سنڌ جي عهد رفته جو الميه داستان)
عظيم شاعريءَ ۾ تاريخ جي شعور سان گڏ، انسان جي احساسن جو اظهار به هجي ٿو. سر سامونڊيءَ ۾ ان دور جي سماجي حالتن جي پس منظر ۾، شاهه سائينءَ انساني احساسن جو، انتظار ڪندڙ عورت جي حوالي سان پڻ ڀرپور اظهار ڪيو آهي. ان ڀرپور اظهار کي ڀرپور نموني سان سمجهڻ لاءِ، اسان کي شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جو درسي (Acadmic) نه، پر سماجڪ (Sociological) اڀياس ڪرڻو پوندو . اڄ جي نسل کي شاهه جي شاعري تڏهن سمجهه ۾ ايندي ۽ ان لاءِ قبول ڪرڻ جوڳي هوندي، جڏهن اسان انهي شاعريءَ کي پنهنجي حالتن سان ٺهڪائي پيش ڪري سگهنداسين. شاهه سائينءَ جو سڄو سر سامونڊي، سنڌي عورت جي ور ۽ گهر سان لازوال محبت جي علامت آهي ته، سر سامونڊيءَ جو ناکئو، سنڌي مرد، دنيا جهان سان هيرن ۽ جواهرن جو واپار ٿو ڪري.
تاريخ جي ورقن ۾ اها ڳالهه ڏاڍي پختي آهي ته هزارين سالن تائين سنڌي ماڻهو، دنيا ۾ وڻج واپار ۾ ساک رکندو هو. سنڌ جو نالو جڳ جهان ۾ معيار ۽ سچائيءَ جي سڃاڻپ هو. ضرورت جون قسمين قسمين شيون سنڌ کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن وينديون هيون ۽ هر هنڌ سنڌ جي وکر توڙي واپاريءَ کي مان ملندو هيو. پر اڄ اسان جي سنڌ جي حالت ڇا آهي، سوچڻ جو اصل نقطو اهو آهي. اڄ ور ۽ گهر تي گهور ويندڙ سنڌي گهريتڙيءَ کي ڪارو ڪاريءَ جي مڪروهه رسم جي آڙ ۾ ڳڀا ڳڀا ڪيو پيو وڃي. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪاري ڪري ماريل عورتن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن کي پنهنجي اڳيان ڪهاڙي اڀي ٿيندي ڏسڻ ويل تائين، اها ڄاڻ به نه هوندي آهي ته سندس سر ڇو وڍيو پيو وڃي! انهيءَ تصوير جو ٻيو رخ ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي، پرائي لوڙهي وٽان لنگهندي لوڻو هڻبو. ڪنهن نينگريءَ تي نظر بيهي رهي، من موهت ٿي پيو ته گهر پهچڻ شرط ڪهاڙي اڀي ڪبي. زال، ڀيڻ، يا ماءُ کي ڪاريءَ جي نالي ۾ ماري، ڪارو ڪبو انهي لوڙهي جي ڪنهن معصوم مرد کي، جتي من موهجي پيو هو. پوءِ ڏوهه ڏنڊ جي نالي ۾ نينگري جي زندگي ۾ نانگ جيان داخل ٿيو ۽ من جون مستيون پوريون ڪبيون! عورت ڏانهن اهو رويو عام ٿي ويو آهي. نه فقط ڪاريءَ جي نالي ۾ سنڌي عورت کي ڪٺو پيو وڃي، پر مختلف حيلن بهانن وسيلي سنڌي عورت اڄ ظلم ڏاڍ ۽ جبر جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي آهي.
اسان جي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪردار سبب، اڄ جتي ڪٿي سنڌي ماڻهوءَ کي به ڌڪاريو ٿو وڃي. سنڌي ماڻهو ٻين جي ڏوهن جي سزا به ڀوڳي رهيو آهي. سنڌ هر ميدان ۾ اڻ ڪيل گناهن جي زنجيرن ۾ جڪڙبي پئي وڃي. نتيجي طور سنڌي ماڻهو، جنهن جي دنيا ۾ صدين تائين ساک موجود هئي، اڄ جتان ڪٿان لوڌيو ۽ ڌڪاريو پيو وڃي. جن ملڪن ۾ سنڌي ناکئي ۽ واپاريءَ جي واٽ نهاري ويندي هئي، اتي هاڻي سنڌي ماڻهو مزدوري پيو ڪري. ۽ اتان به جڏهن ڪڏهن پڪڙي ۽ جڪڙي سامونڊي جهازن ۾ وجهي کيس موٽايو پيو وڃي. جن ساموندي راهن تي هو پاڻ جهاز هاڪاريندو هو. انهن ئي سامونڊي واٽن تي هو قيديءَ جي حيثيت ۾ سفر ٿو ڪري. تڏهن به اسان اک نٿا پٽيون! حقيقت ۾ شاهه سائينءَ جي سر سامونڊيءَ کي ان جي اصل روح مطابق، موجوده سنڌي سماج جي حوالي سان سمجهڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي، شايد ايتري ضرورت اڳ ڪڏهن به نه هئي.
اسان جي دانشور کي هيمنگ وي جو ناول Old Man and the sea ته جدوجهد جي علامت نظر اچي ٿو، پر شاهه جي سر سامونڊي جهڙي جدوجهد جي سگهاري اهڃاڻ ڏانهن سندس ڌيان نٿو وڃي. شاهه جي سمنڊ ۾ سندس عقل جي ناوَ نٿي تري! اولهه ۾ مزاحمتي ادب جي کوٽ سبب اهڙن ڪردارن ۽ قدرن کي به وڏي اهميت ملي، جيڪي اسان جي شاعري ۽ باقي ادب ۾ موجود اهڃاڻي ڪردارن جي ڀيٽ ۾ بلڪل معمولي نوعيت جا آهن. اسان کي اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته، ڀيٽ جا Acadmic معيار ڏاڍا پراڻا ٿي چڪا آهن ۽ ساڳئي وقت اولهه توڙي اوڀر جي حالتن ۾ پڻ وڏو فرق موجود آهي. Old man جي مزاحمت سندس مجبوري هئي. هن جي سامهون جيڪا صورتحال پيدا ٿي، اها اوچتي هئي ۽ انهن حالتن ۾ هن وٽ مزاحمت کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه هو. جڏهن ته سنڌي ناکئو مجبوريءَ تحت جدوجهد نٿو ڪري، پر سندس جدوجهد شعوري آهي. هو خطرن جي خبر هوندي به پنهنجي مرضيءَ سان ڏوراهان سفر اختيار ڪري ٿو ۽ خطرن سان کيڏي ٿو:
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون
اٺئي پهر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو
سنڌ، سدائين سکيو ملڪ رهيو آهي، ان جي باوجود ناکئو پنهنجي Commitment جي ڪري، جدوجهد ڪري ٿو ۽ جدوجهد ۾ ئي سوڀ آهي.
کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا تن جا طامائو،
سامونڊي سائو. لنڪا لوپي آئيا.
نه فقط اهو ته سنڌ جو ناکئو، هيرن جواهرن ۽ موتين جو واپار ڪندو هو، پر کيڙائو کاري سان گڏ مٺي جو سفر به پنهنجن جهازن وسيلي ڪندا هيا، پر اڄ مهراڻ جي موجن کي مارڻ جا مامرا اچي اسانجي سامهون بيٺا آهن. سنڌو ءَکي سڪائڻ جا سعيا ڪيا پيا وڃن ۽ سنڌ جا سَنڌ سڪائڻ لاءِ ڊيمن جي ديوارن سان، سنڌوءَ جي رستي روڪ جا سانباها به ٿي رهيا آهن. تنهن ڪري شاهه جي ڪلام کي سمجهڻ جي اڄ اسان کي ايتري ئي ضرورت آهي. جيتري ساهه کڻڻ جي. جيڪڏهن سوچينداسين ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته، سر سامونڊيءَ جي سٽ سٽ مان اسان کي جدوجهد جو پيغام ملندو. ضرورت فقط انهن سٽن ۾ سمايل فڪر کي سمجهڻ جي آهي. پال ويلري جي لفظن ۾ ته ”سٽ خدا جو ڏنو هوندي آهي، باقي شاعر کي پاڻ ايجاد ڪرڻو پوندو آهي.“ ۽ شاهه سائينءَ کي ڏاتار جيڪا ڏات ڏني، ان وسيلي هن سنڌ کي روشن راهن سان روشناس ڪرايو آهي. ضرورت فقط اسان جي شناسائيءَ جي آهي.
(ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل: 9719ع)
ريڊئي تي سنڌي ٻوليءَ جو استعمال
انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته ريڊئي، سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ لاءِ نهايت اهم ڪم ڪيو آهي. ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻولي فقط پرنٽ ميڊيا تائين محدود هئي، پر ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي اليڪٽرانڪ ميڊيا جهڙو سگهارو وسيلو ميسر آيو.
هونئن ته هن وقت حيدرآباد کان سواءِ به سنڌ ۾ ٽي ٻيون ريڊيو اسٽيشنون- ڪراچي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن، پر حقيقت اها آهي ته حيدرآباد اسٽيشن جون سنڌي ٻولي لاءِ خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. هڪ وقت اهو به هو، جڏهن هن اسٽيشن تي درست ٻولي ۽ اچارن تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ ٻولي جي ڪا معمولي غلطي به وڏي تنقيد جو نشانو بڻبي هئي. هن ئي اسٽيشن تان عبدالڪريم بلوچ، مهتاب چنا (راشدي)، مصطفيٰ قريشي، روبينه، زرينه بلوچ، عبدالحق ابڙو، ڪامران ڀٽي ۽ سيد صالح محمد شاهه جهڙن فنڪارن جا صاف اسٿرا آواز، درست ٻوليءَ ۽ اچارن سان فضائن ۾ ڦهلبا هئا. امر جليل، آغا سليم، شوڪت شوري، قاضي خادم، بلاول پرديسي، امداد حسيني ۽ عبدالقادر جوڻيجي جهڙا اسڪرپٽ رائيٽر هتي موجود هئا، پر جڏهن حيدرآباد ريڊئي جي هاڻوڪي صورتحال کي ڏسجي ٿو ته اها ڏاڍي ڏکوئيندڙ ٿي محسوس ٿئي. هروڀرو ائين به نه آهي ته اڄ ڪي درست ٻولي ڳالهائيندڙ هن اسٽيشن تي موجود ئي نه آهن. سيد صالح محمد شاهه ۽ عبدالحق ابڙي¨ جهڙا ماڻهو اڄ به هن ئي اسٽيشن سان لاڳاپيل آهن، پر مجموعي حالت ڪنهن به طرح اطمينان جوڳي نه آهي. اڄڪلهه لفظن جا غلط اچار، گرامر جون غلطيون ۽ اوپرا لفظ، روز جو ئي نه، پر هر ڪلاڪ جو معمول بڻيل آهن. فقط گذريل ڪجهه ڏينهن اندر، ڪجهه پروگرامن کي ڌيان سان ٻڌڻ ڪري خبر پئي ته، لفظن سان ڪهڙو حشر ڪيو وڃي ٿو. عدل کي ”ادل،“ ”خراج عقيدت“ کي ”کراج عقيدت“، ”نظريه پاڪستان“ کي ”نظريائي پاڪستان“ ۽ ”خان“ کي ”کان“ وغيره. ڪيترائي ڌاريا ۽ اوپرا لفظ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ هٻڪ جي روز ڳالهايا ۽ دهرايا وڃن ٿا. جيئن: سامعين، منتخب، مهيا، اهتمام، سماعت، سماجي بهبود، شب بخير وغيره.
ريڊئي تي ڳالهائجندڙ ٻولي، عام ماڻهوءَ واري سادي ۽ سولي ٻولي هئڻ گهرجي، ڇوته ريڊئي جي ڪميونيڪيشن پاليسيءَ ۾ عام ماڻهو جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو به مڃيو ويو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ريڊئي جا وڌ ۾ وڌ ٻڌندڙ ٻهراڙيءَ وارن علائقن سان واسطو رکن ٿا.
ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي هن دور ۾، اڄ به اسان جي ٻهراڙيءَ جي عوام جي پهچ ۾ ريڊيو ئي وڌيڪ آهي. جهرجهنگ، وستي واهڻ ۽ ٻني ٻاري مان ريڊئي جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي. ساڳئي وقت اسان جي ٻهراڙين ۾ تعليم نه هئڻ برابر آهي. جهرجهنگ ۾ مال چاريندڙ يا ٻنيءَ ۾ ڏاندن کي هڪليندي هَرُ ڪاهيندڙ ڪو اڻ پڙهيل ڌنار يا هاري، جڏهن هن قسم جو جملو ٻڌندو ته: ”معزز سامعين، سماجي بهبود واري شعبي، عوامي فلاح واسطي.......“ تڏهن اهو هاري ٿيڙ کائي ضرور ڪرندو ۽ ڌنار ڪاوڙ مان ڪنهن رڍ ٻڪريءَ کي لٺ ضرور وهائي ڪڍندو.
زيرِ اضافت، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي مزاج جي ئي ابتڙ آهي، ان جو استعمال به عام جام ڪيو وڃي ٿو. جيئن: مشعلِ راهه، خراجِ عقيدت وغيره. ائين کڻي چئجي ته حيدرآباد ريڊئي تي هر صبح جي شروعات ئي ”زيرِ اضافت“ سان ٿئي ٿي. روز صبح جو جيڪو پهريون سنڌي پروگرام نشر ٿئي ٿو، ان جو نالو آهي. ”صبحِ مهراڻ“.
غلط گرامر وارا جملا به توهان کي ريڊئي تان ٻڌڻ لاءِ ملي ويندا، جيئن: ”توهان جي سهڻي سماعتن تائين منهنجو آواز پهچي رهيو آهي.“ ان کان سواءِ لفظن جي غلط استعمال وارا جملا به ٻڌي سگهجن ٿا، جيئن: ”حاضر آهن اڄوڪين اخبارن مان چونڊ اقتباس“. ”اقتباس“ اخبارن جي سرخين کي چيو وڃي ٿو!
اهڙي صورتحال، پروگرام توڙي خبرن واري شعبي، ٻنهي هنڌن تي موجود آهي. ساڳي ريت ريڊئي پاڪستان جي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ به. سنڌي خبرن واري شعبي جي صورتحال ان کان مختلف نه آهي، جتان مختلف وقتن تي روز سنڌيءَ ۾ خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن خبرن کي سنڌ جي چئني ريڊيو اسٽيشنن تان ريلي (نشر) ڪيو وڃي ٿو.
مان گذريل ڏهاڪو سالن کان حيدرآباد ريڊئي تان مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ ڪندو رهيو آهيان ۽ اتفاق سان ڪجهه عرصو ريڊئي تي پروڊيوسر به رهيو آهيان. پروڊيوسريءَ جي تربيت دوران هڪ ليڪچر ٻڌو هئم، چيو ويو: ”عوام ريڊئي جي آواز تي ڀروسو ٿو ڪري، اعتبار ٿو ڪري، اهو ئي سبب آهي، جو ماڻهو ريڊئي جي آواز تي پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل واچ ڏانهن ڏسن ٿا ۽ وقت کي اڳتي يا پوئتي ڪري ڇڏين ٿا.“ مڃون ٿا ته اها حقيقت آهي، پر ڀروسي جي اهڙي عالم ۾ ريڊئي تي عام استعمال ٿيندڙ لفظن، اچارن ۽ ٻوليءَ کي به مثالي سمجهي، جيڪڏهن اسان جي ٻهراڙين جو عام ماڻهو ان کي اختيار ڪري وٺي، ته اسان جي ٻولي ڪهڙو روپ اختيار ڪندي؟
اها ڳالهه ساراهڻ جوڳي آهي، ته شاهه سائينءَ جي شاعري اڄ به حيدرآباد ريڊئي تان درست اچارن سان نشر ٿئي ٿي، پر صالح محمد شاهه صاحب جي مهربانيءَ سان، جنهن جي آواز ۾ شاهه سائين جو ڪلام، تحت اللفظ رڪارڊ ٿيل آهي. ان کان سواءِ ڪن ٿورن ماڻهن کي ڇڏي، باقي خلق شاهه جي ڪلام سان اهو حشر ٿي ڪري، جو هوند ڪنن تي هٿ رکي ڇڏجن.
ڪمپيئر توڙي انائونسر عام طرح تي ريڊئي جو باقاعدي ملازم نه هوندو آهي ۽ انهن جي اڪثريت جز وقتي ڪم ڪري ٿي، پر ڪمپيئر يا انائونسر جو ڪردار، ان لحاظ کان انتهائي اهم آهي ته هو ئي ٻڌندڙ سان ڳالهائي ٿو، ان ڪري نه فقط سندس آواز، اچار ۽ ٻولي درست هئڻ گهرجي، پر وقت ۽ حالتن تي پرک واري نظر سان گڏ سندس معلومات جو ذخيرو به مناسب حد تائين هئڻ گهرجي. يقيناً اهڙين صلاحيتن وارا ماڻهو ريڊئي تي موجود آهن، پر ان جي ابتڙ به ڪي صاحب اسان کي نظر اچن ٿا. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ”گولڊن هينڊ شيڪ“ جي نالي ۾ ماڻهن کي نوڪريءَ مان نيڪالي ڏني پئي وئي، تڏهن هڪ انائونسر، جيڪو ساڳئي وقت هڪ اسڪول ۾ استاد پڻ آهي، اخبار ۾ خبر پڙهڻ کان پوءِ، اخبار هيٺ ڪري پڇيو هو، ”سائين اهو گولڊن هينڊل ڇا آهي؟“
ريڊئي تي پروڊيوسر ٿيڻ لاءِ ته ايم-اي تائين تعليم ضروري آهي، اسٽيشن تي موڪلڻ کان اڳ کيس ڇهن مهينن جي تربيت به ڏني وڃي ٿي ۽ ان کان پوءِ به وقت به، وقت اداري طرفان پروڊيوسر کي مختصر ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، پر انائونسر يا ڪمپيئر، جيڪو سڌو سنئون مائيڪ وسيلي ٻڌندڙ سان ڳالهائي ٿو، تنهن جو نه ته ڪو خاص تعليمي معيار ڏٺو وڃي ٿو، ۽ نه ئي کيس باقاعدي ڪنهن تربيتي عمل مان گذاريو وڃي ٿو.
اها حقيقت آهي ته ٽي.وي، ڊش، وي.سي.آر، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٻين ذريعن جي موجودگيءَ ۾ به، سڄي دنيا اندر ريڊئي جي پنهنجي اهميت موجود آهي ۽ خاص طور تي سائنسي ۽ تعليمي طور پوئتي پيل اسان جي قوم لاءِ ريڊيو وڌيڪ اهميت رکي ٿو. ريڊيو عام ماڻهو لاءِ تفريح سان گڏوگڏ تعليم ۽ تربيت جو وڌيڪ اثرائتو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. نه فقط اهو، پر ريڊيو ٻوليءَ جي واڌاري، سڌاري ۽ ڦهلاءَ ۾ به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن خود ريڊئي جا ذميوار اهلڪار، ريڊئي جي اهميت لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچين.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سفارش، اقربا پروري ۽ ذاتي پسند ناپسند کان پاسيرو ٿي، پڙهيل لکيل ۽ ڄاڻو ماڻهن کي ريڊئي تي آندو وڃي. هر ڪمپيئر، انائونسر ۽ فنڪار کي سندس صلاحيتن، آواز، لهجي، اچارن ۽ درست ٻولي جي پرک کان پوءِ مائيڪ اڳيان آندو وڃي. ريڊئي تي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ڏانهن خاص ڌيان ڏنو وڃي. جيئن ريڊئي جي سڀني پروگرامن کي ٻڌڻ ۽ انهن جي معيار بابت رپورٽ لکڻ لاءِ، هر ريڊيو اسٽيشن تي ڊيوٽي آفيسر موجود هوندو آهي، تيئن باقاعدي هڪ ٻوليءَ جي ماهر کي پڻ ريڊئي تي رکڻ گهرجي، ڇو ته جتي هڪ اسٽيشن سان ڏيڍ ٻه سو ماڻهو آواز جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل هجن، اتي ٻوليءَ تي نظر رکڻ ۽ درست استعمال خاطر فقط هڪ ماڻهوءَ جي واڌاري ۾ ڪيٻائڻ جي گنجائش نه هئڻ گهرجي، ته جيئن ٻوليءَ جي غلطين جو به وقت سر ازالو ٿيندو رهي. ان کان سواءِ ريڊئي پاران انائونسرن لاءِ ٻوليءَ جي درست استعمال بابت وقت بوقت ليڪچر ۽ تربيتي ورڪشاپ پڻ ڪرڻ گهرجن، جن ۾ ٻوليءَ جي ماهرن کي گهرايو وڃي ۽ اهو ڪم سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سهڪار سان به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته لئنگئيج اٿارٽي جي ذميواري فقط ڪنهن هڪڙي سيمينار ۽ ورڪشاپ تائين محدود نه رهجي وڃڻ گهرجي.
(1998ع)
¨ جڏهن هي مضمون لکيو ويو هو، تڏهن اهي شخصيتون زندهه هيون.
نئون صفحو
--
ڪتاب جو
ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
هوم پيج
- -
لائبريري ڪئٽلاگ
© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board
(Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org