خــاڪــا
امرجليلِ:
اسين سڀ چيني ۽ چرٻٽ
جا دوست آهيون
امر جليل سان سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران رٿيل شام ۾ عام شرڪت
وارو دعوت نامو مليو ۽ رات دير سان، شام جي رٿيل
وقت کان فقط ويهه ڪلاڪ اڳ، منهنجي دوست تاج جويي
فون ڪري چيو ته، ”توکي امر جليل تي ڳالهائڻو آهي ۽
جيڪو ڳالهائڻو آهي، اهو لکي به کڻي اچڻو آهي!“ تاج
ڪندو آهي سڀ ڪم افراتفري ۾، سو مون کان به هن،
افراتفري ۾ لکائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
امر جليل تي لکڻ کان انڪار ته ٿي نٿو سگهي ٿو ،
پر سچ ته، چاليهارو سالن کان لڳاتار لکندڙ ليکڪ
تي، ويهن ڪلاڪن جي نوٽيس تي لکڻ سبب، ڪنهن به طرح
سان ساڻس انصاف ڪري نٿو سگهجي. ائين پيو محسوس
ڪيان، ڄڻ وقت منهنجو ويري ٿي پيو هجي. هي پيپر
لکندي، وال ڪلاڪ جي ٽڪ ٽڪ هر لمحي مون کي احساس
پئي ڏياري ته باقي ٿورو وقت آهي...... باقي ٿورو
وقت آهي.... پر وقت جي رفتار امر جليل جي تحريرن
جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهي آهي.
ستاويهه سال اڳ، اسڪول جي زماني ۾ مون جيڪو پهريون ڪهاڻين جو
ڪتاب پڙهيو هو، اهو امر جليل جو ”دل جي دنيا“ هو ۽
انهي ڪتاب ۾ پڙهيل ڪردار چرٻٽ مون کي ڏاڍو وڻيو
هو. ان کان پوءِ امر جليل جي ٻئي ڪردار چيني متاثر
ڪيو هو. هاڻي، جڏهن چيني ۽ چرٻٽ جي ڪردارن کي
تخليق ٿئي ٽيهارو سال گذري ويا آهن ۽ منهنجي نسل
جا مٿا اڇا ٿيڻ لڳا آهن، تڏهن به چينو ۽ چرٻٽ
اوترائي معصوم آهن، جيترا ٽيهه سال اڳ معصوم هئا.
انهن ڪردارن ٽيهه سال اڳ جيڪو ڪجهه ڳالهايو هو،
اهو اسان جي هاڻوڪين حالتن جو به اوتروئي واضح عڪس
آهي، جيترو ٽيهه سال اڳ جي حالتن جو. نه امر جليل
جا ڪردار پراڻا ٿيا آهن ۽ نه ئي سندس موضوع. امر
جليل سان ذاتي ڪچهرين ۾ مون کي سدائين اهو محسوس
ٿيو آهي ته کيس انهي ڳالهه تي خوشي بجاءِ ڏک آهي،
ته چاليهه سال گذرڻ کان پوءِ به سندس ڪهاڻيون ماضي
جو ذڪر نه، پر حال جو حصو آهن! امر جو اهو ڏک فطري
به آهي، ڇو ته هو ذاتي امرتا لاءِ نه، پر سنڌ جي
آجپي لاءِ سوچيندڙ ليکڪ آهي. هن 1983ع ۾، هڪ خط ۾
مون کي لکيو هو، ”اسان جي بي رحم معاشري جي بي رحم
ڪيفيت ايتري قدر ته مستقبل مزاجي سان قائم رهي
آهي، جو 1965ع ۽ 1968 واري دؤر جا لکيل افسانا
ائين پيا محسوس ٿين، ڄڻ هينئر لکيا اٿم.“
ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي ٽڙي پوندڙ امر، ڌرتي ۽ انسانيت جي حوالي
سان ڏاڍو حساس آهي. ڪنهن به ظلم ۽ زيادتيءَ جي ذڪر
سان سندس گهريون گهريون اکيون پنبڻين تائين ڀرجڻ
کان پوءِ ڇلڪي پونديون آهن. مون پاڻ ڪيترا دفعا
سندس اکين مان موتي ڪرندي ڏٺا آهن.
1990ع ۾ منهنجي شهر لاڙڪاڻي جي معصوم راجيش کي اغوا ڪري قتل ڪيو
ويو هو. انهي ڏک جو اظهار امر هڪ خط ۾ ظاهر ڪندي
لکيو هو، ”ننڍڙي راجيش جي اغوا ۽ قتل جو مون کي
ڏاڍو ڏک آهي- ڏاڍو ڏک آهي. ڇهن ستن سالن جو
هو..... ڏاڍو ڏک آهي. جيڪڏهن قلم سچ پچ ڪلاشنڪوف
کان وڌيڪ طاقتور آهي، ته مان راجيش جي قاتل ڌاڙيلن
کي مرڻ گهڙيءَ تائين نه ڇڏيندس.... ڏسجي ته قلم ۽
ڪلاشنڪوف جي جنگ ۾ ڪير ڪنهن کان ڏاڍو آهي.“
راجيش جا قاتل ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هر وقت موجود رهيا آهن. اهي
قاتل روپ مٽائي، ڪڏهن لاڙڪاڻي جي ئي ذيشان کي
ماريندا رهيا آهن ته ڪڏهن خيرپور ميرس جي ابهم
راشد کي جنسي ڏاڍ کان پوءِ ماريندا رهيا آهن. انهن
ڪڏهن ميرپور خاص جي ڳوٺ کاڻ جي گاگن کي خاموش
ڪرايو آهي، ته ڪڏهن گهوٽڪي جي ڪائنات کي ڪٺو آهي.
نه ڄاڻ ڪيسيتائين راجيش، ذيشان، راشد ۽ گاگن جهڙا
معصوم ماريا ويندا ۽ نه ڄاڻ ڪيترين ڪائناتن کي ڪٺو
ويندو! جيسين اهي ۽ ٻيا مڪروهه رويا اسان جي
معاشري ۾ موجود آهن، تيسين امر جون تحريرون ماضيءَ
جو حصو بڻجي نه سگهنديون ۽ امر جي تحريرن جو درد
اسان جي دلين ۾ تازو ئي رهندو.
سنڌ جي افسانوي ادب جي تاريخ جي بيسٽ سيلر، حساس دل واري ليکڪ
امر جليل جو ڪتاب ”دل جي دنيا“ سدائين منهنجي
اسڪولي ڪتابن سان گڏ منهنجي هٿن ۾ رهيو هو ۽ اهو
به عجيب اتفاق آهي ته 1991ع ۾ امر جليل ساڳي ڪتاب
جي چوٿين ڇاپي جي مهاڳ لکڻ جو اعزاز مون کي بخشيو
هو. عجيب ٻڏتر ۾ پئجي ويو هوس، لکڻ ويٺس ته
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو پنهنجا هٿ ڏڪندي ڏٺم. نتيجي
۾ چاهيندي به طويل مهاڳ لکي نه سگهيس ۽ انتهائي
مختصر مهاڳ لکيم. شايد ان ڪري ئي 1998ع ۾ انهي
ڪتاب جي ڏهين ايڊيشن لاءِ وري امر جليل کي پاڻ
مهاڳ لکڻ جي ضرورت محسوس ٿي. انهيءَ مهاڳ ۾ هڪ هنڌ
امر جليل لکيو آهي ته، ”زيب سنڌي ۽ علي نواز
گهانگهري جڏهن دل جي دنيا جو نئون ايڊيشن آڻڻ جي
ڳالهه ڪئي، تڏهن ڪجهه دير لاءِ مون کي تعجب ٿيو
هو. تعجب ان ڪري ٿيو هو جو مون سمجهيو هو ته چيني
۽ چرٻٽ جا ساٿي کين ڇڏي هليا ويا آهن. چينو ۽ چرٻٽ
اڪيلا رهجي ويا آهن، ڏاڍا اٻاڻڪا ٿي پيا آهن، نه
ڪو سندن ڳالهه ٻڌڻ وارو آهي ۽ نه ئي ڪو سندن ڳالهه
سمجهڻ وارو وڃي بچيو آهي.... دل چاهيو زيب سنڌي ۽
علي نواز کان پڇان، چيني ۽ چرٻٽ جا سنگتي ۽ ساٿي
موٽي آيا آهن ڇا، جو ”دل جي دنيا“ جو نئون ايڊيشن
آڻڻ جي صلاح ٿا ڏيو.“
امر، منهنجا دوست! چيني ۽ چرٻٽ جا سنگتي ۽ ساٿي هر دور ۾ موجود
رهيا آهن. ستاويهه سال اڳ ”دل جي دنيا“ منهنجي
اسڪولي ڪتابن ۾ مون سان گڏ هوندو هو ۽ يقين ڪيو
ته، ڪالهه گهڻي ڳولا کان پوءِ مون کي اهو ڪتاب
پنهنجي پٽ جبران جي اسڪول بيگ مان هٿ آيو! هتي
ويٺلن سوڌو اسين سڀ چيني ۽ چرٻٽ جا دوست آهيون.
چيني ۽ چرٻٽ جا دوست هر طبقي ۾ ۽ هر هنڌ موجود آهن. مون چار
درجا پڙهيل هاريءَ کي شهر مان سيڌي سامان سان گڏ،
امر جليل جو ڪتاب خريد ڪري ساڳي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڳوٺ کڻي
ويندي به ڏٺو آهي ته ايم آر ڊي تحريڪ جي قيدين کي
دوستن پاران جيل جي ڪال ڪوٺڙين ڏانهن به امر جليل
جي ڪتابن کي موڪليندي ڏٺو آهي. نوجوانن کي، پنهنجي
محبوبائن کي امر جا ڪتاب گفٽ ڪندي به ڏٺو آهي ته
ساڳي وقت امر جو ڪو ڪتابن مارڪيٽ ۾ موجود نه هئڻ
ڪري، سڄي جو سڄو ڪتاب نازڪ آڱرين سان پنهنجي ڪاپي
۾ اتاريندڙ ڇوڪريءَ بابت ۾ ڄاڻ اٿم.
اهي سڀ محبتون پنهنجي جاءِ تي، پر اهي سڀ محبتون هڪ طرفيون به
ناهن. هو چاليهه ٻائيتاليهه سالن کان لڳاتار
لکندو، سنڌ ۽ سنڌ واسين سان پنهنجي اڻ مَئي محبت
جو اظهار ڪندو رهيو آهي. اها محبت، جيڪا امر جليل
جي رڳن ۾ رت جيان موجود آهي ۽ سندس قلم ۽ مَسُ جي
صورت ۾، جنهن وسيلي هو سنڌ سان پنهنجي محبت جي
تجديد ڪندو رهي ٿو.
(2000ع)
ولي رام ولڀ:
موهن جي دڙي جي گهٽين ۾
مليل دوست
منهنجو خيال آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محبتن ۽ دوستين جي ابتدا
گهٽين مان ٿي آهي- ۽ ولي رام ولڀ سان منهنجي
دوستي، موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ ٿي هئي.
ولي رام صاحب جي حوالي سان ماضيءَ ڏانهن نهار ٿو ڪيان ته فليش
بيڪس جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي ۽ هر فليش بئڪ ۾ مون کي
دوستيءَ جو تعلق وڌيڪ ويجهو ۽ مضبوط ٿيندو نظر ٿو
اچي. پهرين فليش بيڪ جو سال ته مون کي چٽيءَ طرح
ياد ناهي، پر ايترو ياد آهي ته اهو ”بيل باٽم“
وارو زمانو هو. 1976ع يا 77ع جو سال هو. لاڙڪاڻي
جي مهراڻ هوٽل ۾ ساڻس منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي.
تڏهن هو سئنيما ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جو سنڌ ۽
بلوچستان لاءِ مئنيجر هو. ولي رام پنهنجي اداري جي
ڪراچيءَ واري نمائندي جيوت واسواڻيءَ سان گڏ
لاڙڪاڻي آيل هو ۽ مون سان شايد منهنجو دوست رزاق
مهر (جيڪو مون کي مرحوم نه، پر پنهنجي دل ۾ جيئرو
جاڳندو ۽ سدا حيات محسوس ٿيندو آهي) گڏ هو. انهي
پهرين ۽ مختصر ملاقات ۾ ئي ولي رام اسان کي ٻئي
ڏينهن تي گڏ هلي موهن جو دڙو گهمڻ جي صلاح ڪئي
هئي. ٻي ڏينهن سکر کان ادل سومرو ۽ اياز گل
لاڙڪاڻي اچي ويا هئا ۽ رزاق کان سواءِ اسين سڀ
گڏجي موهن جي دڙي ويا هئاسين. موهن جي دڙي جي
گهٽين ۾ هلندي ولي رام سان منهنجي ڪچهري ٿيندي رهي
هئي ۽ موهن جي دڙي جي تاريخ کان ٿيندا اسان ذاتي
گفتگو تائين اچي پهتا هئاسين---- ۽ ائين، اسان
ٻنهي جي ذاتي تعلق توڙي دوستيءَ جي ابتدا موهن جي
دڙي جي گهٽين کان ٿي هئي. هاڻي ستاويهه- اٺاويهه
سال گذرڻ کان پوءِ اسان جو تعلق اهڙي سطح جو آهي،
جو مون کي محسوس ٿيندو آهي ته اسان جو اهو تعلق به
موهن جي دڙي جي تاريخ جيترو آڳاٽو آهي. تعلق ته
ولي رام سان منهنجو فقط پراڻو ئي نه، پر ڏاڍو
مضبوط، ويساهه جوڳو ۽ محبتن ڀريو شروع کان ئي رهيو
آهي. پهرين ملاقات کان پوءِ ولي رام ڪڏهن به
لاڙڪاڻي آيو ته سندس شيڊيول ۾ زيب سان ملڻ ضرور
شامل هوندو ۽ زيب حيدرآباد ويو ته سڌو ولي رام وٽ
ويندو، ان کان پوءِ باقي حيدرآباد هوندي. ائين ولي
رام ۽ حيدرآباد لازم ملزوم فقط منهنجي لاءِ ئي نه
پر رزاق مهر، اياز گل ۽ ادل سومري لاءِ به رهيا.
ولي رام لڳ ڀڳ پنجويهه سال گاڏي کاتي جي شمس چيمبر
۾ رهيو، جتي سندس رهائش سان لڳو لڳ سندس آفيس به
هوندي هئي ۽ سئنيما ايڊورٽائيزنگ ڪمپني جي اها
آفيس ڄڻ اسان سڀني دوستن جو حيدرآباد ۾ مرڪز هئي.
شمس چيمبر جي ان ننڍڙي گهر لاءِ اسان جي مانائتي شاعر امداد
حسينيءَ هڪ ٽستو لکيو هو:
پشپا گوري ڪمليش
ولي رام جو گهر ڄڻ
هڪ ننڍڙو ديش
ان ننڍڙي ديش (گهر) جا سمورا رهواسي، يعني ولي رام، سندس
گهرواري هري ۽ ٽئي ٻارڙا مون کي سدائين بيحد
قربائتا لڳا. ولي رام گهر تي نه به هوندو ته هنن
ڪڏهن به مون کي در تان واپس وڃڻ نه ڏنو. جنهن گهر
جا دروازا دلين وانگي سدائين کليل رهن ته پوءِ
تعلق به دلين جو ئي جڙندو آهي ۽ دلين جو جڙيل اهو
تعلق هاڻي فقط ٻن فردن جو نه پر ٻن خاندان جو آهي.
ولي رام جي تعلق ۾ مون کي سدائين ايتري پنهنجائپ محسوس ٿي جو
پندرهن سال اڳ جڏهن مان لاڙڪاڻي کان حيدرآباد شفٽ
ٿي آيس ته، لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي سموري پراپرٽي وڪرو
ڪري مون ولي رام جي نالي ڊرافٽ ٺهرائي پنهنجي
سموري ملڪيت سندس اڪائونٽ ۾ رکي ڇڏي هئي. اهي لکين
روپيا ڪيتري وقت تائين سندس اڪائونٽ ۾ ئي پيل رهيا
هئا، جن کي مون پنهنجو اڪائونٽ کولائڻ کان پوءِ به
شفٽ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي هئي ۽ انهن پئسن
مان ئي مون پنهنجو حيدرآباد وارو گهر خريد ڪيو هو.
اڄ مان حيدرآباد جي جنهن گهر ۾ رهان ٿو، اهو مون
سندس صلاح سان ئي خريد ڪيو هو. بلڪ صلاح ته اسان
پنهنجي ٻارڙن جي زندگين جا اهم فيصلا ڪرڻ لاءِ به
هڪٻئي سان ڪندا رهيا آهيون.
موهن جي دڙي جي گهٽين کان شروع ٿيل اسان جي دوستي کي، هاڻي هڪ
ئي شهر ۾ رهندي، حيدرآباد جي هوائن، سدائين محبت
جي تازگي بخشي آهي ۽ محبتن جي تازگي ڪڏهن به ختم
ناهي ٿيندي.
(2004ع) |