سيڪشن: ادب

ڪتاب: مون توکي ساريو

باب:

صفحو:12

خليل جبران:

روح جو آئينو

( Josiph   Sheban   جي ڪتاب

Mirrors   of    the   Soul  جو اختصاري ترجمو)

 

ماحول، جنهن جبران جي تربيت ڪئي

خليل جبران جي جنم کان ڪافي اڳ، گهڻن ماڻهن شام ۽ لبنان مان ڀڄي، ٻين ملڪن ۾ پناهه ورتي هئي. ڪجھه مصر ۾ وڃي آباد ٿيا هئا ۽ ڪن وري آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن جي واٽ ورتي هئي. جن ماڻهن ڀاڄ نه کاڌي، انهن مان ڪيترن کي چؤاٽن تي سوريءَ چاڙهيو ويو، جيئن اڃا به ڪنهن جي ذهن ۾ بغاوت جو ٻج موجود هجي ته، اهو عبرت حاصل ڪري ۽ سلطان جي ڏاڍ ۽ ڏمر سان مهاڏو اٽڪائڻ کان پاسو ڪري.

شام تي ترڪيءَ جو قبضو 1517ع ۾ ٿيو ۽ اهو خليل جبران جي جنم کان اٽڪل ساڍا ٽي سؤ سال اڳ جو واقعو آهي. جيتوڻيڪ لبنان جون ماٿريون ۽ ميدان ترڪ فوجن جي قبضي ۾ هئا، پر اتان جي مٿانهِين چوٽين پنهنجو ڪنڌ نه نوايو. تنهن ڪري جابلو علائقن ۽ انهن ۾ آباد سرڪش قبيلن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ترڪ سلطنت کي هڪڙو ايجنٽ مقرر ڪرڻو پيو، جيڪو انهن قبيلن کان هڪ مقرر رقم ٽيڪس طور گڏ ڪري شاهي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيندو هو.

فرانسيسي انقلاب

هي مشهور واقعو خليل جبران جي جنم کان اٽڪل هڪ سؤ سال اڳ ٿيو ۽ انهيءَ وچ ۾ جتي ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون ٿيون. ساڳئي وقت هڪ اهم واقعو يسوعين (اهو مذهبي فرقو Ignatius Loyol 1533ع ۾ قائم ڪيو هو) جي فرانس مان جلاوطني به آهي. انهن جي وڏي انگ لبنان ۾ پناهه حاصل ڪري ورتي هئي. لبناني عيسائين جي اڪثريت مارونين تي مشتمل آهي، انهيءَ فرقي کي ٻين ڪيٿولڪ فرقن جي ڀيٽ ۾ ڪيتريون ئي مراعتون مليل آهن، جيڪي ڪليسا جي شروع کان هلنديون اچن. لبنان جي اسڪن اعظم کي بشپ مقرر ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي. ماروني چرچ پنهنجي عبادتن توڙي دعائن جي ڪتاب ۾ اها ئي آرامي يا سرياني زبان استعمال ڪري ٿو، جيڪا حضرت عيسيٰ عليه السلام ڳالهائيندو هو. ماروني پادري شادي به ڪري سگهي ٿو.

جبران جي ماءُ هڪ ماروني پادريءَ جي ڌيءَ هئي، جنهن عربي ۽ فرانسيسي ٻولين ۾ تعليم ورتي هئي. لبنان ۾ مستقل رهندڙ يسوعين ڪيترائي درسگاهه کوليا هئا، جتي باقاعده فرانسيسي زبان ۽ اولهه جي تاريخ پڙهائي ويندي هئي. ٽي سؤ سال اڳ، ترڪن جي اقتدار ۾ اچڻ وقت عربي زبان جو انهن علمن کان پاند پالهو هو.

سلطان، سريتون ۽ ٽيڪس

ترڪي ڪنهن زماني ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي سڀ کان شانائتي ۽ سگهاري سلطنت ليکي ويندي هئي. انهيءَ جون سرحدون سمورن عرب علائقن، آمريڪا ۽ يورپ جي هڪ وڏي حصي تي ڦهليل هيون. جنگ ۾ هٿ ايندڙ مال جو ٽيون حصو فوج ۾ ورهايو ويندو هو. سلطان دل کولي ماڻهن ۾ جاگيرون ۽ انعام اڪرام ورهائيندو هو. پر پنهنجين سمورين ڪوششن جي باوجود، هو عربن جو من موهي نه سگهيو ۽ عرب ڪڏهن به پنهنجي سڃاڻپ کي الله واهي ڪري ترڪيءَ جو حصو ٿيڻ لاءِ راضي نه ٿيا، تنهن ڪري ورهين تائين ملڪ ۾ ننڍيون ننڍيون بغاوتون ۽ وڳوڙ ٿيندا رهيا. 1880ع ۾ خليل جبران جي علائقي جي هڪ شخص يوسف بيڪراميءَ جي اڳواڻيءَ ۾، لبنان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ وڏي تحريڪ هلي. باغي گهٽ وسيلن سبب گهڻي وقت تائين منظم ۽ هٿياربند ترڪ فوجن جو مقابلو ڪري نه سگهيا ۽ اها انقلابي تحريڪ شڪست جو شڪار ٿي وئي. سلطاني ايجنٽن ۽ ٻولڙين جي ڪري به سلطنت جي معيشت کي سخت نقصان رسيو. اهي همراه عام طور تي سلطاني حرم لاءِ سهڻيون ڪنيزون ڳولڻ ۾ مصروف رهندا هئا. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري سلطان کي پسند نه ايندي هئي ته اها ڪنهن وزير يا جرنيل جي حوالي ڪئي ويندي هئي ۽ سندس سڄي ڄمار ذلت ۾ گذرندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن بدقسمت کان سندس مالڪ ڪاوڙجي پوندو هو ته کيس ٻوريءَ ۾ وجهي سمنڊ حوالي ڪيو ويندو هو.

ٽيڪس گڏ ڪندڙ ڪارڪن سلطنت جا پگهاردار نوڪر نه هوندا هئا، پر ملڪ جي ڪنهن مخصوص حصي مان ٽيڪس جي اوڳاڙيءَ لاءِ هڪ ٻئي کان وڏي ٻولي هڻندا هئا ۽ ٽيڪس وصول ڪرڻ جا حق حاصل ڪندا هئا. ٽيڪس جو حصو عام طور تي ڪل آمدنيءَ جي ڏهين پتي مقرر هيو، پر اهي ڪارڪن ۽ ايجنٽ غريب هارين کان دٻڙ دئونس ۽ لٺ باٺي جي زور تي انهيءَ کان گهڻي وڌيڪ وصولي ڪري ويندا هئا. ٽيڪس نه ڀري سگهندڙن جو الهه تلهه ۽ ڍور ڍڳا نيلام ڪري ٽيڪس جي رقم پوري ڪئي ويندي هئي.

سوئيز واهه

هڪ فرانسيسي انجنيئر فرڊي نيڊ ڊيلپس هڪڙي سهڻي ڇوڪريءَ تي موهت هو، پر بدقسمتيءَ سان سندن پيار وڌي وڻ ٿي نه سگهيو. اها ڇوڪري کيس جدائيءَ جو عذاب ڏئي، نيپولين ٽئين جي سيج تي وڃي پهتي. پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ پنهنجي عاشق کي شهنشاهه جي ڏمر کان بچائڻ لاءِ، کيس فرانس ڇڏڻ تي راضي ڪري ورتو.

ناڪام عاشق ڊيلپس فرانس ڇڏي مصر هليو آيو. هتي هن وائسراءِ کان (جيڪو ترڪيءَ جي سلطان جو نمائندو هو) بحرِ روم ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ ۾ هڪ واهه کوٽڻ جي اجازت حاصل ڪئي. اهو ڪو نئون منصوبو نه هو، پر انهيءَ کان اڳ مصر جي فرعونن، عرب فاتحن ۽ ٻين حڪمرانن جي دور ۾ پڻ اهڙا واهه کوٽيا ويا هئا، پر وقت جي وِير انهن کي لَٽي وئي هئي. وارياسين طوفانن انهن کي ڌرتيءَ جي ڪينواس تان ميساري ڇڏيو هو. واهه جي کوٽائيءَ ۾ ڊيلپس کي وک وک تي مالي ڏکيائين ۽ ٻين مشڪلن سان منهن ڏيڻو پيو، پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو. هڪ مرحلي تي مصر جي حڪومت به کسجي وئي. نيٺ ڪيترن سالن جي مٿا ڪٽ کان پوءِ واهه کوٽجي تيار ٿيو ۽ انهيءَ جي باقائدي مهورت جي مهل ٿي. ڊيلپس پنهنجي محبوبا کي متاثر ڪرڻ ٿي چاهيو، تنهن ڪري هن مصر جي وائسراءِ خديو اسماعيل کي انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته، واهه جي افتتاح وقت هڪ يادگار گڏجاڻي ڪوٺائي وڃي ۽ انهيءَ ۾ سڄي يورپ جي شاهي گهراڻن ۽ معزز ماڻهن کي سڏيو وڃي.

خديو اسماعيل پاڻ به شاهاڻي نماء جو شوقين هو. هن مهمانن کي رهائڻ لاءِ، ڪاريگرن کي هڪ نئون محل ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. وقت جي کوٽ سبب محل جي اوسي پاسي ساوڪ توڙي وڻن جي فطري اوسر ممڪن نه هئي، تنهن ڪري ٻين هنڌن تان سڄي جا سڄا وڻ ۽ ٻوٽا اکيڙي محل جي ڀرپاسي هنيا ويا. انهن انتظامن تي ڳڻپ کان وڌيڪ خرچ ٿيو، پر خديو جي نظر ۾ اهي انتظام به ڪافي نه هئا. محل جي تعمير اڃان پوري ئي نه ٿي هئي ته، هن مهمانن جي تفريح لاءِ هڪ اوپيرا هائوس جوڙڻ جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا. اها شانائتي عمارت اڄ به استعمال هيٺ آهي ۽ دنيا جو قديم ترين اوپيرا هائوس سمجهي وڃي ٿي.

خديو اسماعيل منظوم ڊرامن جي هڪ اٽئلين ماهر وردي (Verdi) کي، موقعي جي مناسبت سان هڪ مصري ڪهاڻي کي مغربي موسيقيءَ وسيلي پيش ڪرڻ جو ڪم ڏنو. انهيءَ ڊرامي جو نالو (Adia) ايدا رکيو ويو.

انهن سڀني ڳالهين جو آخر جبران جي زندگيءَ سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟

1869ع ۾ جبران جي جنم کان ٺيڪ چوڏهن سال اڳ، ملڪه يوجين ۽ سندس مڙس نپولين ٽيون پورٽ سعيد کان رواني ٿيڻ واري پهرين سامونڊي جهاز تي سوار ٿيا. انهيءَ سان گڏ ئي سوئيز واهه جي مهورت واري رسمي ڪاروائي مڪمل ٿي ۽ واهه کي باقاعدي اچ وڃ لاءِ کوليو ويو. بلڪل انهيءَ گهڙيءَ جڏهن يورپ جا شهنشاهه، حڪمران ۽ ٻيا معزز اوپيرا هائوس جي نئين ۽ شاندار عمارت ۾ ويهي ڊرامو ”ايدا“ ڏسي رهيا هئا ته، ٻئي پاسي هند، عرب، شام، لبنان، ترڪيءَ ۽ خود مصر جي سڀني وڏين شاهراهن جو جنازو کڄي رهيو هو. سوين ماڻهو، جيڪي اٺن ۽ گهوڙن جي ڏيتي ليتيءَ جو ڪم ڪندا هئا، جيڪي سرائن جا مالڪ هئا، قافلن سان گڏ هلندڙ هٿياربند ماڻهو ۽ واپاري جيڪي اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ واپار جو وسيلو هئا، سي سڀ بيڪار ٿي ويا. ڇو ته واپار جا اهي سڀئي رستا ترڪ سلطنت جي قبضن مان ٿي لنگهيا.

سوئيز واهه جو افتتاح انگريزي چوڻيءَ جيان اُٺ جي ڪمزور چيلهه تي آخري ڪک ثابت ٿيو. انهيءَ سان عرب دنيا جي معيشت کي جيڪو ڇيهو رسيو، انهيءَ جا اثر اڄ تائين ختم ٿي نه سگهيا آهن. ترڪيءَ جا سلطان محلاتي سازشن جي ڄار ۾ ڦاسي ڀورا ٿي ويا. انگريز فوج، سوئيز واهه ۾ انگريزن جي لڳل موڙي واهه جي حفاظت ۽ نگراني جي آڙ وٺي مصر ۾ داخل ٿي وئي ۽ مصر انهيءَ اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا. انهيءَ وقت وچ اوڀر جو مثال اهڙي ٻڏندڙ جهاز جهڙو هو، جنهن جا مسافر اڳواٽ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ کان سواءِ انهيءَ کي الله واهي چئي رهيا هئا. وطن ڇڏڻ وارا عام ۽ غريب شهري نه هئا، پر انهن جي اڪثريت جو واسطو دانشور طبقي سان هو. انهن دانشورن معاشي اڻ برابريءَ جو مفهوم ڀلي ڀت ڄاتو ٿي ۽ کين ڄاڻ هئي ته اهو سڀ ڪجھه سوئيز واهه جي ڪري ٿيو آهي. انهن مان اڪثر ماڻهو پنهنجي تعليم ۽ آزاديءَ جي نظرين ۽ اولهائين فڪر کان ڀلي ڀت واقف هئا. ۽ انهن واهه جي وجود مان پيدا ٿيندڙ مستقل اثرن جو اندازو لڳائي ورتو هو. ٻيا ماڻهو ترڪ سلطانن ۽ ٽيڪس اڳاڙيندڙن کان سخت بيزار هئا ۽ انهن سندن جبر ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريو.

ڪيترائي شام ۽ لبنان واسي وطن جا وڻ ڇڏي آفريڪا ڏانهن هليا ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو ته اهڙا هئا، جن کي پنهنجي منزل جي به ڄاڻ نه هئي. اهي بيروت کان سامونڊي جهاز ۾ چڙهيا ۽ کين ڪابه پرواهه نه هئي ته اهو جهاز کين آسٽريليا کڻي ٿو وڃي يا آمريڪا! جنهن هنڌ کين جهاز لاٿو، اهو هنڌ ئي سندن ماڳ هو. خليل جبران جا گهر ڀاتي به انهن منجهان ئي هئا.

جنم ڀومي

جنم ۽ موت ٻه اهڙا حادثا آهن، جن جي سامهون انسان پاڻ کي بيوس محسوس ڪري ٿو. کانئس نه ڄمڻ وقت صلاح ورتي ويندي آهي، ۽ نه مرڻ وقت سندس رضا معلوم ڪئي ويندي آهي، ته هو ڪهڙي ملڪ يا ماڳ تي ڄمڻ يا مرڻ پسند ڪندو. تنهن ڪري انسان ڄمڻ وقت پنهنجي جبري آمد تي روئي احتجاج ڪندو آهي ۽ موت جي ڊپ ۾ مبتلا ٿي هن دنيا کي ڇڏي ڏيندو آهي.

خليل جبران، لبنان جي ڳوٺ بشريٰ ۾، 1883ع ۾ پنهنجي پهرين احتجاجي رڙ ڪئي. انهيءَ ڏينهن ڊسمبر جي ڇهين تاريخ هئي.

بشريٰ، قاديسيا واديءَ جي هڪ پهاڙيءَ جي ڀر ۾ آهي. اڄڪلهه اوڏانهن وڃڻ لاءِ پڪو رستو موجود آهي، جڏهن ته جبران جي زماني ۾ اتي هڪ ڦڏو سڌو ننڍڙو پيچرو هو. هاڻوڪو رستو نانگ جيان ور وڪڙ ٿيندو ٽڪريءَ تي چڙهي ٿو وڃي.

خليل جبران جي اباڻن سوين سال اڳ ديوتائن، خاص ڪري ٻال ديوتا کي ضرور رنجايو هوندو. جنهن ڪاوڙ ۾ اچي سمنڊ کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ يورپ کي، ڳاڙهي سمنڊ تائين جابلو زنجير جيان ٺاهي ڇڏيائين. بيروت جي عجائب گهر ۾ ڇِپَ جو هڪ ٽُڪر رکيل آهي، جنهن تي هڪ مڇي چنبڙيل آهي. پٿر جو اهو ٽڪرو اسي لک کان هڪ ڪروڙ سال آڳاٽو آهي. اها مڇي انهن ٽڪرين تي هوندي هئي، جي سمنڊ جي هيٺاهينءَ ۾، قاديشا واديءَ جي ڀرسان هونديون هيون. ديوتائن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سبب، هنڌ هنڌ اونهيون ماٿريون ۽ لاهيون پيدا ٿي پيون. انهن مان سڀني کان اونهي وادي قاديشيا آهي، جنهن جو مطلب آهي، پاڪ يا مقدس وادي. اها سمنڊ ڪناري کان وٺي چوٽيءَ تائين پکڙيل آهي. موجوده دور جي سياحن جيان، جبران به انهيءَ قوت لاءِ سوچي حيران ٿيندو هو، جنهن چوٽين کي آسمان جي اوچائي بخشي ۽ سمنڊ جي هيٺاهينءَ مان اهڙا پهاڙ پيدا ڪيا، جي ميلن تائين ڦهليا پيا آهن.

جبران جي هڪ دوست ۽ سوانح نگار باربراينگ لکي ٿي، ”قاديشا واديءَ جو سير ڪندي، ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ انسان جديد دنيا کي ڇڏي، جسم ۽ روح سوڌو هڪ اهڙي طلسمي ماحول ۾ پهچي ويو آهي، جتي وقت ۽ تهذيب هلندي هلندي اوچتو ڇرڪ ڀري بيهي رهيا هجن. انهيءَ ۾ وحشي سونهن جي اهڙي جهلڪ سمايل آهي، جيڪا ڏسندڙ جي ذهن تي وڏي عرصي تائين ڇانيل رهي ٿي“.

لبنان جا پهاڙ صدين تائين صنوبر جي وڻن سان ڍڪيل رهيا. انجيل ۾ انهن جو هڪ سؤ ٽي دفعا ذڪر آيو آهي. اهي صنوبر، ’خدا جا صنوبر‘ يا ’جنت جا صنوبر‘ ڪوٺجن ٿا. جبران جي گهر ڀرسان اڄ به صنوبر جو جيڪو جهنگ آهي، اهو ’مقدس صنوبر‘ جي نالي سان مشهور آهي. جبران جا وڏا پنهنجون مذهبي رسمون ۽ ساٺ سنوڻ انهن ئي صنوبرن جي ڇانوَ ۾ ڪندا هئا. لکيل حالت ۾ مليل دنيا جي سڀ کان آڳاٽي لوڪ داستان ’عشتروت ۽ تموز‘ ۾ صنوبر جي انهيءَ ئي جهنگ جي فضا سمايل آهي. جبران به صنوبرن جي انهيءَ ئي مٺڙي ڇانوَ ۾ اک پٽي، گهميو ڦريو، ۽ گيان ڌيان جون منزلون طئي ڪيون، هن ديوتائن جون ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ صنوبرن جي تاريخ جو مطالعو ڪيو ته خبر پئي، ته انهن جي ڪاٺي شام ۽ بابل جي قديم محلاتن ۾ استعمال ٿيندي هئي، يروشلم جي عبادت گاهن جي سونهن سنوار لاءِ انهيءَ کان ئي ڪم ورتو ويندو هو ۽ مصر جي فرعونن جا تابوت پڻ انهيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا. هي اهي ئي صنوبر هئا، جن جي ڪاٺي قديم بحري جهازن جي تعمير لاءِ ڪتب ايندي هئي، جنهن ڪري انهن ۾ پاڻي سان مقابلي جي سگهه پيدا ٿي پوندي هئي.

جبران نيويارڪ جي اوچين عمارتن جي پاڇن ۾ وڏو ٿيو، پر مشرقيت سندس رڳن ۾ ائين ٿي ڊوڙي، جو لبنان جون سهڻيون ماٿريون ۽ صنوبرن جي فرحت ڏيندڙ ٿڌي ڇانوَ ڪڏهن به هن جي تصوراتي نيڻ نهار کان پري نه رهي. هو سدائين انهن ديوتائن کي ياد ڪندو رهيو، جيڪي کلندڙ مرڪندڙ انسانن جيان، انهيءَ جنت جهڙي واديءَ جي فضائن ۾ رچيل محسوس ٿيندا هئا. انهن يادن جا پاڇا سندس روح جي گهراين ۽ هر لکڻيءَ ۾ موجود رهيا. پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ هن لکيو، ”ٻار جنهن شيءِ سان محبت ڪندو آهي، اها عمر جي آخري حصي تائين سندس اندر جي اونهاين ۾ لڪل رهندي آهي. زندگيءَ جي سڀ کان حسين ڳالهه اها آهي ته، اسان جو روح سدائين انهيءَ هنڌ جي اوسي پاسي پيو ڦيراٽيون پائيندو آهي، جتي اسان سک ۽ پيار جا ڪي پل گهاريا هجن. مان به انهن ماڻهن منجهان هڪ آهيان، جيڪي وقت ۽ وڇوٽين کان ڌار ٿي انهن هنڌن ماڳن جون موهيندڙ يادون دل ۾ سانڍي رکندا آهن“.

بابلس (Byblos) ڪو وڏو شهر ته نه هو، پر سندس ڳاڻيٽو وڏن مذهبي مرڪزن ۾ ضرور ٿيندو هو. ’عهدنامه عتيق‘ ڪتاب بابلس جي نالي سان سڏيو ويندو هو. انهيءَ شهر جو سڀ کان وڏو ديوتا ”اله“ يعني ديوتائن جو مالڪ هو. انهيءَ کي ’مقدس انجيل‘ ۾ اڪثر الوهيم جي نالي سان سڏيو ويو آهي. بيروت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وقت جبران موڪلن ۾ جڏهن پنهنجي گهر ويندو هوندو، ته سندس لنگهه بابلس ۽ ٽريپولي مان به لازمي ٿيندو هوندو. بابلس سمنڊ ڪناري آهي ۽ بشريٰ کان گهوڙي تي ويهي اوڏانهن پهچڻ ۾ پورو هڪ ڏهاڙو لڳندو آهي.

جبران جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت ڄاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ يا اسڪول تائين محدود نه هئي. هن وچ اوڀر جي مختلف هنڌن ۽ رسمن جو جنهن وضاحت ۽ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، ۽ تاريخ بيان ڪئي آهي، انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته هن پاڻ اهي ماڳ مڪان ڏٺا آهن. جڏهن هن آمريڪا جي سرزمين تي پير رکيو، ته سندس ڄمار فقط ٻارهن سال هئي. بوسٽن ۾ ٻه سال هڪ اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو وطن واپس وريو ۽ هڪ مشهور ادبي درسگاهه، ’مدرست الحڪمت‘ ۾ داخلا ورتائين. اونهاري ۾ هن پنهنجي پيءُ سان گڏجي سڄي لبنان، شام ۽ فلسطين جو سير ڪيو. چئن ورهين تائين عربي ۽ فرانسيسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، وڌيڪ علم ۽ ڄاڻ جي شوق ۾ هو يونان، روم، اسپين ۽ پوءِ پئرس ويو. پئرس ۾ ٻه سال رهڻ بعد هو وري بوسٽن هليو ويو.

جبران جن هنڌن جو سير ڪيو، انهن ۾ ناصره، بيت الهم، يروشلم، سيدون، ٽريپولي، بعلبڪ، دمشق، پالميرا وغيره شامل هئا. انهن هنڌن جي حيثيت دنيا جي نقشي تي ننڍڙن ننڍڙن معمولي نقطن کان وڌيڪ ناهي، پر انهن جبران جي فڪر، تحرير ۽ فلسفي تي اڻمٽ چِٽَ ڇڏيا. انهن جو عڪس سندس هر عمل ۽ هر لفظ مان لياڪا پائيندي نظر اچي ٿو. تنهن ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته جڏهن هو ناصره جي پٿرن تي هلي رهيو هو، تڏهن هن پنهنجو ڪتاب ”يسوع، انسان جو پٽ“ لکڻ جو ارادو ڪري ورتو هو.

بعلبڪ جا کنڊر دنيا جي عجائبن مان هڪ آهن. انهن جي هيڏانهن هوڏانهن پکڙيل پٿرن ۽ اجگر جيڏن ٺُلهن جي وچ ۾ گهمندي انسان کي پنهنجي ننڍڙي هئڻ جو احساس ضرور ٿيندو آهي، ۽ سندس ڪنڌ، انهن ٺاهيندڙ هٿن آڏو پاڻيهي نمي ويندو آهي. بعلبڪ، رومي سمنڊ کي گهيرو ڪري بيٺل جابلو سلسلي جي سڀ کان مٿانهين چوٽيءَ جي اوڀر طرف آباد هو. صنوبر جو جهنگ انهيءَ چوٽيءَ جي اولهه ۾ آهي، ۽ جبران جو گهر انهن ٻنهي هنڌن کان سڏ پنڌ تي هو.

بعلبڪ اڇي چمڙيءَ وارن جو سڀ کان آڳاٽو ۽ وڏو مذهبي مرڪز هو. مصري فرعون پنهنجي مقبرن جي ڀرسان صنوبر جي ڪاٺيءَ جون ٻيڙيون رکرائيندا هئا، جيئن پڇاڻي جو ڏينهن اچي ته هو انهن ۾ ويهي رومي سمنڊ ٽپي، بعلبڪ پهچي سگهن. ٻال ديوتا جو مجسمو بابل کان ويندي بالٽڪ سمنڊ تائين، هر هنڌ اڇي چمڙيءَ وارن جي عبادت گاهن ۾ موجود هوندو هو. جهيوا (Jehovah) جو سڀ کان وڏو حريف ٻال ديوتا ۽ سندس ماءُ ايشطار هئي. ٻال ديوتا برسات وسائيندو هو. گڏوگڏ هو من موجي به هو. ڪاوڙ ۾ ايندو هو ته طوفان ۽ زلزلا کڻي اچي دنيا تي نازل ٿيندو هو. قاديشيا وادي انهيءَ ديوتا جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سبب ئي وجود ۾ آئي هئي. پوءِ جبران انهيءَ ديوتا کي دل جي دنيا مان ڪيئن ٿي ڪڍي سگهيو! جڏهن ته قاديشيا وادي سندس اکين اڳيان سونهري سيج جيان پکڙيل هئي. ڪير ٿو چوي ته زمين جي ديوتا جو خاڪو، بشريٰ جي پهاڙين يا بعلبڪ جي کنڊرن وچ ۾ ويهي نه جوڙيو ويو هو! جبران جي ڪتاب ”يسوع، انسان جو پٽ“ ۾ ڪيترن ئي صوفياڻن ۽ مذهبي مضمونن جو پس منظر بعلبڪ هو.

دمشق، دنيا جو قديم ترين ۽ لڳاتار آباد رهندڙ شهر آهي. اهو اسلام جي سونهري دور ۾ دارالخلافه هو. جڏهن يورپ جهالت جي اونداهيءَ ۾ وڪوڙيل هو، اتان جا حڪمران پنهنجو نالو به لکڻ نه ڄاڻندا هئا، سائنسي علم حاصل ڪرڻ کي شيطاني ڪرت ليکيو ويندو هو، تڏهن دمشق ۾ بنو اميه جا حڪمران پنهنجي سلطنت جي چئني ڪنڊن مان، علم ۽ حڪمت جا صاحب گڏ ڪري رهيا هئا.

ايڏيون وسيع سرحدون اڳ ڪنهن به سلطنت جون نه هيون. دمشق ۾ گڏ ٿيندڙ علم ۽ حڪمت وارن، فارسي، يوناني ۽ رومي عالمن جي لکڻين کي نه فقط عربيءَ ۾ منتقل ڪيو، پر پاڻ به ڪيترائي املهه ڪتاب لکيائون. اهي ڪتاب جديد زبانن ۾ ترجمو ٿي، يورپ وارن تائين پهتا آهن. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي سمجهجي ته يوناني عالمن جون تحريرون، سڀ کان اڳ عربيءَ ۾ آيون ۽ پوءِ، عربي مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيون.

دمشق جي مسجدن ۽ گهٽين ۾ گهمندي جبران محسوس ڪيو، ته عرب اڳواڻن جون تصويرون ڪٿي به نظر نٿيون اچن. انهيءَ جو سبب، اسلام ۾ تصويرن تي بندش هئي. سورهن سالن تائين پهچندي، جبران عربي شاعريءَ ۽ مفڪرن جي نظرين جو مطالعو ڪيو ۽ پوءِ انهن لکڻين جي آڌار تي، انهن مردن ۽ عورتن جي تصويرن جو سيٽ تيار ڪيو.

جبران جي جنم ڀوميءَ جي ويجهي شهرن ۾ سيدون ۽ طيري (Tyre) به هئا. اهي اتان جا وڏا مرڪزي شهر هئا، جتان تهذيب ۽ واپار دنيا جي ٻين حصن ۾ پکڙيو. انهن شهرن يونان کي تهذيب سيکاري ۽ روم جو بنياد رکيو.

آئيني حڪومت جي شروعات ٽريپوليءَ مان ٿي، جيڪو بيروت ۽ بشريٰ جي وچ واري رستي تي آهي. اتان انهيءَ جا جراثيم ڪارٿيج ۾ پکڙيا. اتان جي تقليد آمريڪا ۾ ڪئي وئي ۽ انهيءَ عظيم دستاويز جو بنياد پيو، جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن جو آئين سڏجي ٿو، جنهن جي پاڇي ۾ ويهي جبران پوري آزاديءَ سان انگريزي ۽ عربيءَ جي پڙهندڙ لاءِ لکندو رهيو. ڌرتيءَ جو اهو ننڍڙو ٽڪرو، جيڪو جبران جي جنم ڀومي آهي، حقيقت ۾ اولهائين تهذيب ۽ آئيني حڪومت جو جنم هنڌ هو ۽ جبران انهيءَ جي ڀاڳوند پٽن مان هڪ هو. آمريڪا لاءِ انهيءَ سرزمين جو هڪ بهترين تحفو!!

 

لبنان يا شام

جبران کي عام طرح لبنان جو رهواسي سمجهيو ويندو آهي، پر هن پاڻ ”منهنجو ملڪ شام“ لکيو آهي. هي اختلاف ۽ تضاد وچ اوڀر بابت قلم کڻندڙن لاءِ چڱي موچاري پريشانيءَ جي صورتحال پيدا ڪري وجهي ٿو. ان ڏس ۾ رهنمائي لاءِ ڪجھه حقيقتون پيش ڪجن ٿيون.

درياهه جيئن جيئن پنهنجي لَٽ سمنڊ ۾ داخل ڪندا آهن، تيئن نئين زمين وجود ۾ ايندي آهي ۽ ان زمين تي نون شهرن جا نقشا ٺهڻ شروع ٿيندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ شهر، ٻئي شهر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آڳاٽو هوندو آهي. وچ اوڀر ۾ سمنڊ جي سطح مٿاهين ٿي ۽ پنهنجي پنڊ پهڻ مڇين سميت هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تائين پهتي. اهڙيءَ ريت رومي سمنڊ جي اوڀر ۾ موجود سموري زمين هڪ ئي وقت ظاهر ٿي. تنهن ڪري ان جو ڪوبه هڪ حصو يا ٽڪرو ٻئي ٽڪري کان پراڻو نه آهي.

انسان وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا جي خطن ۾ صدين تائين هڪ رولو شڪاريءَ وانگر گهمندو رهيو. ان زماني ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي ڪنهن به قسم جو سياسي ورهاڱو يا جاگرافيائي حد بنديون موجود نه هيون ۽ نه اسان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ ڪنهن اجازت نامي جي ضرورت هئي. يورپ پنجويهه هزار سالن تائين برف سان ڍڪيل رهيو، تنهن ڪري اتان جو ماحول انساني آبادي لاءِ سازگار نه هو. فقط ڪجهه سگهارا ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ غير مهذب وحشي ماڻهو غارن ۾ رهندا هئا. برف جي ڇپن رجڻ کان پوءِ انهن ماڻهن غارون ڇڏي، ميدانن ۾ رهڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي نموني دنيا جي پهرين شهري آبادي وجود ۾ آئي. سمنڊ جي ڪناري تي موجود هنن جو هڪ شهر ’صور‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. مغربي دنيا ان کي طير (Tyre) جي نالي سان سڃاڻي ٿي، هن شهر ’صور‘ جي نسبت سان، رومي سمنڊ جي اُڀرندي طرف ۾ موجود، سڄو علائقو ’صوريه‘ سڏيو ويو. ان کان پوءِ، جڏهن هن نالي کي لاطيني قالب ۾ آندو ويو، ته هي ’صور‘ مان ’طير‘ بڻجي ويو ۽ ’صوريه‘، ’سيريا‘ (يعني شام) بڻجي ويو. ان ۾ لبنان جا پهاڙ به شامل هئا.

هنن شهرن روح جي فلاسافيءَ کي جيئاريو ۽ ان کي تڪميل ۽ پختگيءَ جي مرحلن تائين رسايو. سندن چوڻ هو ته روح موجود آهي، ان کي ڪڏهن به موت نٿو اچي. حشر ڏهاڙي ان کان سمورن عملن جو ليکو ورتو ويندو، تنهن ڪري ان کي جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مدد ۽ رهبريءَ جي ضرورت آهي. اهو نظريو سينٽ آگسٽائين اڌارو ورتو هو. پنهنجو فلسفو ۽ نظريا ساڻ کڻي ’صور‘ يا ’طئير‘ جا رهواسي مصر، بابل، ڏکڻ آفريقا ۽ يورپ پهتا. انهن سمنڊن کي پار ڪيو، يورپ ۾ نيون بيٺڪون قائم ڪيائون ۽ ڪيترن وڏن شهرن، جن ۾ لنڊن به شامل آهي، جا بنياد رکيا. انهن کي فنيقي، يعني ”دائمي زندگيءَ جا پوئلڳ“ جي لقب سان سڏيو ويو.

غارن ۾ رهڻ وقت انسان کي جڏهن پاڻ کان ڪيترا ڀيرا وڏن ۽ سگهارن جانورن سان منهن ڏيڻو پيو، ته انهن سان مقابلو ڪرڻ ۽ کين شڪار ڪرڻ لاءِ هن ٽولين ۾ گڏجي وڙهڻ جو طريقو سوچيو، پر شهرن ۾ اهو طريقو هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ لاءِ آزمائجڻ لڳو. ڪنهن غار يا پاڻيءَ جي چشمي جي حفاظت جو مسئلو آڏو ايندو هو ته، غارن جا سمورا رهاڪو گڏجي خطري جو مقابلو ڪندا هئا. صوريا جي رهاڪن، شهر جي بچاءَ لاءِ ديوارون ۽ ملڪي سلامتيءَ لاءِ فوج تيار ڪري ورتي. اڄ به هر ملڪ جي پنهنجي فوج آهي.

توهان سوچي سگهو ٿا، ته انهن سڀني ڳالهين جو جبران جي زندگيءَ سان ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟ پر انهن سڀني ڳالهين جو جبران جي جيون سان چڱو گهرو لاڳاپو آهي. جنگين سان نيون سرحدون پيدا ٿينديون آهن. نئين انتظاميه ۽ نئون فڪري انداز رکندڙ حڪومت جنم وٺندي آهي، تنهن ڪري جبران جي ملڪ جي انتظامي ورهاست، رومين جي مختلف دورن ۾ گهٽ وڌ ٿيندي رهي. رومي شهنشاهه هيڊرين انهيءَ کي ٽن صوبن ۾ ورهايو. شام، شام فينشيا ۽ شام فلسطين. جبران شام فينشيا جي علائقي ۾ جنم ورتو هو ۽ حضرت يسوع مسيح شام فلسطين واري حصي ۾ پيدا ٿيو هو. هڪ مورخ حضرت يسوع مسيح جي ڄم جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ”اها ڳالهه ڪنهن جي تصور ۾ به نه هئي، ته شامي صوبي جي هڪ ڏوراهين ڳوٺڙي ۾ اک پٽيندڙ هڪ ٻار، وڏو ٿي تاريخ ۽ انسان جي مذهبي عقيدن جو رخ بدلائي ڇڏيندو!“

رومين کان پوءِ انهيءَ علائقي تي عربن جو راڄ ٿيو ۽ انهن کان پوءِ ترڪن جي حڪومت جو سج اڀريو. ترڪن کان پوءِ فرانسيسي ۽ تنهن بعد انگريز آيا، پر انهن مان ڪنهن به حملو ڪندڙ جي فوجن، جابلو علائقي تي ڪاهه نه ڪئي، ڇو ته انهن سان مهاڏو اٽڪائڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي ۽ وري انهن جي ايڏي اهميت به نه هئي، جو هروڀرو انساني جانيون ۽ ڏوڪڙ خرچ ڪيا وڃن. اهي ٽاڪرو علائقا قدرتي طور تي قلعن ۾ بند وسندين جيان هئا. حملو ڪندڙ فوجون ميدانن، وادين ۽ سمنڊ ڪناري اڌيل شهرن تي قبضو ڪري وٺنديون هيون، ته پهاڙن جا رهواسي ڪجھه عرصي کان پوءِ، پاڻيهي هيٺ لهي ايندا هئا ۽ ڳالهين وسيلي ڪجھه مراعتون ۽ حقن جي تحفظ جي ضمانت واري شرط سان سڀني معاملن کي گڏيل نموني طئي ڪري وٺندا هئا. جڏهن عرب فاتحن اهو علائقو قبضي ۾ ڪيو ۽ هند کان وٺي اسپين تائين اسلام پکڙجي ويو، تڏهن به جبران جي اباڻن پنهنجي عيسائي مذهب کي نه ڇڏيو. کين پنهنجي مذهبي رسمن ادا ڪرڻ جي آزادي مليل رهي.

ترڪن پنهنجي اقتدار وقت شام کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. هر حصي کي ولايت چيو ويندو هو ۽ انهيءَ جي گورنر کي پاشا سڏيو ويندو هو. ترڪن انهيءَ علائقي تي لڳ ڀڳ چار سؤ سال حڪمراني ڪئي، پر جابلو ماڻهو ڪڏهن به پاڻ کي فاتحن ۾ ضم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا، ان ڪري جبران جو ملڪ سدائين ترڪ سلطنت جو هڪ حساس هنڌ رهيو. هتي وقت بوقت وڳوڙ ٿيندا رهيا ۽ انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن اولهائين ملڪ جو هٿ رهيو. 1960ع ۾ هتي ڇتي گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي. برطانيه امداد لاءِ پنهنجو سامونڊي ٻيڙو روانو ڪيو ۽ فرانس، لبنان جي سرزمين تي پنهنجي ڇهه هزار فوج لاٿي. انهن انتظامن کان پوءِ هڪ خاص ڪاميٽي جوڙي وئي. اها ڪاميٽي فرانس، روس، برطانيه ۽ آسٽريليا جي سياسي شخصيتن تي ٻڌل هئي. انهيءَ ڪاميٽيءَ بيروت ۽ ترڪيءَ جي فرسٽ منسٽر سان گڏجاڻي ڪئي. انهيءَ جو نتيجو لبنان جي عالمي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي صورت ۾ نڪتو. يورپ جون قوتون انهيءَ جون ضامن ٿيون. معاهدي مطابق سلطان کي، ڪنهن عيسائيءَ کي گورنر مقرر ڪرڻو هو ۽ يورپي طاقتن کي انهيءَ فيصلي جي توثيق ڪرڻي هئي.

انهيءَ معاهدي هيٺ، انهيءَ آزاد ۽ خودمختيار علائقي جي حدن ۾ نه اوڀر پاسي ’بقه‘ جو ميداني علائقو شامل هو ۽ نه سمنڊ ڪناري سان ڪو ٻيو شهر، پر بيروت تائين به، جيڪو اڄ لبنان جي گاديءَ وارو هنڌ آهي، انهيءَ جي حدن کان ٻاهر هو. ان ڪري رومي سمنڊ جي اڀرندي حصي کان جيڪي ماڻهو لڏي آمريڪا پهتا، انهن سڀني کي شام جو شهري قرار ڏنو ويو. پوءِ ڀل کڻي سندن واسطو دمشق سان هو، يا اهي مقدس صنوبرن جي پهاڙن کان آيا هئا.

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ترڪ سلطنت جوزوال آيو ته، ليگ آف نيشنز جي هڪ فيصلي هيٺ شام ۽ لبنان کي فرانس جي حوالي ڪيو ويو ۽ فلسطين کي برطانيه جڪري ورتو، پر ان جي باوجود آمريڪا ڏانهن لڏي ايندڙن کي لڳاتار شامي شهري ئي قرار ڏنو ٿي ويو!

ٻي وڏي جنگ ۾ لبنان ۽ شام، فرانس جو ڳٽ لاهي ڦٽو ڪيو ۽ اهي ٻه مختلف ۽ پاڻ ڀريون سلطنتون بڻجي ويون. گڏيل قومن ۾ انهن کي مڪمل نمائندگي ملي وئي. ان ڪري، جبران جي لفظن ”منهنجا هم وطن شامي“ مان مراد، لبناني ۽ شامي ٻئي آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org