نياز پنهور:
ڪجهه فليش بيڪس…
هڪ ئي ڪاليج ۾ پوسٽنگ، روز جي ملاقات، ڀوڳ، چرچا، مستيون رساما
۽ وري هڪدم پرچي وڃڻ. اهو سڀ ڪجهه روز جو معمول
(ائين ئي، جيئن ويجهن دوستن ۾ ٿيندو آهي يا ٻارن
۾.)
فليش بيڪ ون (پنجويهه سال اڳ)
نياز ٻاراڻي وهيءَ ۾ منهنجي سامهون بيٺو آهي. اياز گل ڄامشوري
جي هوائن ۾ اسان ٻنهي جو تعارف ڪرائي ٿو ۽ ٻڌائي
ٿو ته هو ٻارن لاءِ شاعري ڪندو آهي.
فليش بيڪ ٽو (ڪجهه سالن کان پوءِ)
نياز پنهور جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري جو ڪتاب منهنجي هٿن ۾ آهي.
ڪتاب پڙهندي مان فقط ٻه چار سال اڳ مليل انهي ٻار
لاءِ سوچيان ٿو ۽ وري حيرت مان ڪتاب پڙهان ٿو ته
هن ننڍي وهي ۾ ئي ٻارن لاءِ ڪيڏي پڪي پختي شاعري
ڪئي آهي.
فليش بيڪ ٿري (ڪجهه وڌيڪ سالن کان پوءِ)
پنهنجي گهر جي لائونج مان گذرندي، محمد يوسف کي ٽي وي تان
ڳائيندي ڏسي بيهي رهان ٿو:
ناوَ هلندي رهي، ناوَ هلندي رهي
پيار جي پار ڏي، ناوَ هلندي رهي
مان خوبصورت موسيقيءَ سان گڏ، محمد يوسف جي آواز جي لهرن سان
ترندو وڃان ٿو ۽ سوچيان پيو، اهو ڪلام ڪنهن جو ٿي
سگهي ٿو؟ تنوير عباسي جو، امداد حسيني جو، ادل
سومري يا اياز گل جو؟ ڪلام فيڊ آئوٽ ٿئي ٿو ۽ ٽي
وي اسڪرين تي اسڪرول هلڻ شروع ٿئي ٿو. انهيءَ ڪلام
جي شاعر طور منهنجي سامهون نالو اچي ٿو نياز
پنهور جو ۽ منهنجي ذهن ۾ جڙي ٿو انهي ڪلهه جي ٻار
جو اڄ هڪ ميچوئر شاعر وارو اميج، جنهن پنهنجي
احساس کي ڪميونيڪيٽ ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري ورتي
آهي.
فليش بيڪ فور (ڪجهه سال اڃا به پوءِ)
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي، پروگرام دوران هڪ ٽيپ جي ڪارٽن تي
لکيل ڏسان ٿو، ”ناوَ هلندي رهي… نياز پنهور/محمد
يوسف“ مان ساڳيو ڪلام ٻڌڻ جي خواهش ۾، شيڊيول کان
هٽي ڪلام ڪِيو ڪرائي ٿو وٺان ۽ ڪجهه لمحن کان پوءِ
اسٽوڊيوز پيار جي پار ڏي هلندڙ ناوَ جيان ٿو محسوس
ٿيڻ لڳي. اوچتو اسٽوڊيوز جو دروازو کلي ٿو ۽ پيار
جو پانڌيئڙو نياز پنهور اسٽوڊيوز ۾ اچي ڀاڪر ٿو
وجهي، ته سندس ڀاڪر جي سگهه سان سندس دوستي جو
پيار مان پنهنجي سيني ۾ اوتجندي محسوس ڪيان ٿو.
فليش بيڪ اوور
هو ڪلاس روم ۾ ليڪچر ڏئي رهيو آهي. ڪڏهوڪو بيل لڳي چڪو آهي.
سندس پيرڊ پورو ٿي چڪو آهي، پر کيس احساس ئي ناهي
۽ هو پوري ڪنسنٽريشن سان ڳالهائي رهيو آهي. مان
محسوس ڪيان ٿو ته هن وٽان گهڻو ڪجهه ٻئي طرف منتقل
ٿي رهيو آهي.
ڪٽ
ڪلاس روم واري سنجيدگيءَ جي ابتڙ هو اسٽاف روم ۾ ٻارن جيان
ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي رهيو آهي. مسخريون ڪري
رهيو آهي. هڪ لمحي لاءِ مون کي پنجويهه سال اڳ
ڄامشوري جي هوائن ۾ بيٺل ٻار ياد اچي وڃي ٿو ۽ اهو
تصور، مون کي اهو احساس ڏياري ٿو ته جيسين نياز
پنهور جي اندر جو اهو ٻار زنده آهي، تيسين سندس
اندر جو شاعر به زنده رهندو. اهو شاعر، جنهن جي
سگهاري شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو اڃا ته پڙهندڙن
تائين پهتو ئي ناهي!
(2002ع)
شبنم گل:
سنڌي نياڻين لاءِ
هڪ مثالي شخصيت
شبنم گل آهي ته هڪڙي شخصيت، پر سندس شخصيت جا ڪيترائي روپ آهن.
ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽيليويزن جي ڪمپيئر، ريڊيو ۽
ٽيليويزن جي ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما رائيٽر، صحافي،
استاد، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعرا.
شبنم کي مون پهريون ڀيرو 1986ع ۾ ڪراچي ٽي وي جي اسٽوڊيوز ۾ هڪ
ڊرامي جي سيٽ تي اداڪاري ڪندي ڏٺو هو. سندس پهريون
ئي ڊرامو هو، پر هن ڏاڍي خوداعتماديءَ سان پرفارم
پئي ڪيو. ٻن اڍائي سالن کان پوءِ 1988ع ۾، ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر جي حيثيت سان مون
نوڪريءَ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن هڪ ڏينهن سنجيده
طبعيت واري هڪ ڇوڪري منهنجي ڪمري ۾ لنگهي آئي هئي،
”مان شبنم بلوچ آهيان.“
مون کي سندس چهرو شناسا لڳو هو ۽ ذهن تي گهڻو زور ڏيڻو نه پيو
هوم. سندس پهرين (۽ هيل تائين آخري) ٽي وي ڊرامي ۾
بهترين پرفارمنس سبب مون کيس سڃاڻي ورتو هو.
هوءِ اڪثر ريڊيو تي ايندي هئي. هڪ ڏينهن چيو هئائين، ”مان لکندي
به آهيان.“ ۽ پنهنجي ڊائري جي وچ مان اردو اخبارن
جي عورتن وارن صفحن ۾ ڇپيل ننڍڙيون ننڍڙيون
تحريرون ڪڍي ڏيکاريون هئائين. پهرين ته مون انهن
مختصر لکڻين ڏانهن ڌيان نه ڏنو هو، پر جڏهن پڙهي
ڏٺيون هيم، ته سندس خيال جي گهرائي مون کي حيران
ڪري وڌو هو! ٻڌايو هئائين ته هن اهڙيون ڪيتريون ئي
لکڻيون لکيون آهن ۽ کوڙ سارا انٽرويوز به ڪيا آهن.
تڏهن مون کانئس هڪ سوال پڇيو هو، ”اردو اخبارن ۾
ايترو ڪجهه لکڻ کان پوءِ به، هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾
توهان کي ڪا سڃاڻپ ملي آهي؟“
هوءَ مون کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏئي نه سگهي هئي. پوءِ مون کي جيڪو
به ليڪچر ڏيڻو هو، سو مون کيس ڏنو هو. هوءَ خاموشي
سان مرڪي مرڪي منهنجون ڳالهيون ٻڌندي رهي هئي.
ڪجهه وقت کان پوءِ، جڏهن مون کي ڊرامي جو سيڪشن مليو هو، تڏهن
هن هڪ اسڪرپٽ آڻي مون کي ڏنو هو ۽ چيو هئائين،
”توهان مون کي سنڌي ۾ لکڻ لاءِ چيو، سو مون هي
ڊرامو لکي ورتو آهي.“
اهو ڊرامو، سندس پهرين سنڌي تحرير هئي، جيڪو هن 1989ع ۾ لکيو هو
۽ اهائي پهرين لکڻي هئي، جيڪا شبنم بلوچ بجاءِ،
شبنم گل جي نالي سان لکي هئائين. اهو ڊرامو مون
ريڊيو تان پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ هن ڪي ٻيا
ڊراما به مون کي لکي ڏنا هئا، جيڪي ان وقت ريڊيو
تي لکندڙ اڪثر سينئر ليکڪن جي ڊرامن کان وڌيڪ سٺا
هئا. ائين، هن ريڊيو کان سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو، ته
پوءِ اهو سلسلو جڙندو ئي ويو. ريڊيو لاءِ گيتن
ڀريون ڪهاڻيون، اخبارن ۽ رسالن لاءِ ڪالم، مضمون،
ڪهاڻيون، شاعري… سندس پهرين ڪهاڻي 1989ع ۾ ۽
پهريون شعر 1990ع ۾ ڇپيو. شبنم ريڊيو لاءِ ڪي
ڊراما چند ڪلاڪن جي نوٽيس تي به لکي ڏنا هئا، پر
ان جي باوجود هن پنهنجي تحرير جي معيار کي برقرار
رکيو هو. پرنٽ ميڊيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃائڻ سان
گڏوگڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا (ريڊيو ۽ ٽي وي) سان به
سندس رشتو جڙيل رهيو.
اليڪٽرانڪ ميڊيا سان شبنم جو رشتو اداڪاري جي حوالي سان جڙيو
هو، پر هن هڪڙي ئي ڊرامي ۾ پرفارم ڪري ڇڏي ڏنو،
جيتوڻيڪ ڪيترائي دفعا کيس تمام سٺن ڪردارن جون
آفرز به مليون. ڪمپيرنگ هن اسٽيج کان (ادبي فنڪشنس
۾) 1986ع کان شروع ڪئي. پوءِ 1991ع ۾ ريڊيو کان
ٿيندي، هو ٽيليويزن جي مقبول ترين سنڌي ڪمپيئر
بڻجي وئي. ٽي.وي تي هن هڪ سال تائين مسلسل ”سنڌ
رنگ“ پروگرام کان سواءِ مختلف وقتن تي ٻين
پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪئي. ان کان پوءِ، ”لوڪ
ميلا“ ۽ شاهه سائين بابت ”سر لطيف“ جهڙو سنجيده
پروگرام سندس حصي ۾ آيو.
خاموشي، سنجيدگي ۽ بولڊنيس
(Boldness)
سندس فطرت جو حصو آهن ۽ سندس فطري سنجيدگيءَ سبب
هر هنڌ مٿس اعتماد ڪيو ويو آهي. سندس طبعيت ۾
جهجهڪ ڪڏهن به ناهي رهي، تنهن ڪري هڪ ڇوڪري هئڻ جي
باوجود هن معاشرتي روين ۽ روايتي مسئلن کي اهميت
نه ڏني آهي.
سنجيده طبعيت هئڻ جي باوجود شبنم شاعرن جو مذاق اڏائيندي هئي.
هن وٽ شاعر جو وکريل وارن وارو روايتي تصور هو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس نثر ۾ شاعري واري سونهن
موجود هئي. هڪ ڏينهن هن پنهنجي شاعري به مذاق مذاق
۾ مون کي ڏيکاري هئي، پر سندس جمالياتي حس
(Aesthetic sence) کي محسوس ڪري، مون کيس سنجيدگيءَ سان شاعريءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ
لاءِ چيو هو. جيتوڻيڪ هن پنهنجي شاعريءَ کي
ڊائريءَ تائين محدود رکڻ لاءِ سوچيو هو، پر تڏهن
به هن منهنجي راءِ کي مان ڏنو هو ۽ شاعريءَ ڏانهن
سندس رويي ۾ سنجيدگي اچي وئي هئي. ان کان پوءِ
شاعر جي تصور بابت هن جي سوچ ۾ به تبديلي اچي ويئي
هئي.
جڏهن شاعريءَ جا پکي سندس سوچ- ساگر مٿان اڏرڻ لڳا، تڏهن کيس
احساس ٿيو هو ته شاعر، زندگيءَ فطرت ۽ ڪائنات جي
وڌيڪ ويجهو آهي، جتان جذبن کي نئون موڙ ۽ امرتا
ملي ٿي. ڪوتا- ڪاڪ پسڻ کان پوءِ ئي صحيح معنيٰ ۾
کيس تخليقي تحرير جي اهميت جو اندازو ٿيو هو ۽
انٽرويوز ۽ ڪالمن کي ڇڏي، فقط تخليقي لکڻين،
شاعري، ڪهاڻي ۽ ڊرامي ڏانهن مڪمل ڌيان ڏنو هئائين.
سندس خوشقسمتي هئي ته هن کي هر تخليقي صنف تي
ريسپانس مليو، پر ذهني طور تي هوءَ سمورين صنفن
کان وڌيڪ شاعري کي ويجهو آهي ۽ سندس چواڻي هوءَ
انهي ۾ ئي وڌيڪ
Clear
آهي.
زندگي گذارڻ ۽ زندگي سمجهڻ ٻه مختلف عمل آهن. زندگيءَ کي سمجهڻ
جي ڪوشش بذات خود هڪ وڏو ڏک آهي، پر سمجهه جي ڪوشش
کان ئي فن ۽ فڪر جي ابتدا ٿئي ٿي. شبنم گل جي
طبعيت ۾
Pessimism جو رچاءُ آهي، پر ان ۾ به اميد جي جهلڪ هوندي آهي، ڇو
ته سندس خيال ۾
Pessimism
هر شي جي گهرائيءَ ۾ لهڻ جي سگهه عطا ڪري ٿو، پر
ان جي باوجود تصوف
(Mysticism)
سان سندس لڳاءُ رهيو آهي. تصوف جي فڪري تسلسل کي
هن اهم سمجهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سندس شاعري
۾
Pessimism
سان گڏ تصوف جو
Touch
به آهي. سندس طويل نظم ”خود ڪلامي“ سندس سوچ جو
سفر اهڙي ئي رخ تي آهي، ۽ ”خود ڪلامي“ جهڙا نظم
لکيا نه ويندا آهن، پر لکجي ويندا آهن. ان ۾ شعور
جو دخل بلڪل نه هوندو آهي.
آلي مٽي جي خوشبو هر ان ليکڪ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي، جنهن جون
پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ کتل آهن، ۽ سندس رڳن ۾ ڌرتي
جو دک ٿو ڊوڙي. شبنم چواڻي: ”ننڍپڻ کان ئي مٽيءَ
جي خوشبو مون کي دل جي گهراين سان وڻندي هئي. ان
وقت مون کي ان جو سبب سمجهه نه ايندو هو. هاڻي
جڏهن تسلسل سان لکيو اٿم، تڏهن محسوس ڪيان ٿي، ته
اهو سڀ ڪجهه مون کان آلي مٽيءَ جي خوشبو لکرايو
آهي،“ ۽ مان سمجهان ٿو ته، اهو ڌرتي سان مضبوط
رشتو ۽ ڌرتي جي دکن جو اولڙو ئي آهي، جو سندس
تحريرن ۾ غم جي ڪيفيت مسلسل آهي.
ڪٿي پڙهيو هوم، غم جي زبان خوشي کان وڌيڪ اثرائتي هوندي آهي ۽
اها به حقيقت آهي ته دنيا جي عظيم ادب جي وڏي حصي
۾ غم جي ئي ڪيفيت سمايل آهي، پر شبنم جي پنهنجي
لفظن ۾:
هر شعر کي درد جي، ڪا تازگي ٿي گهرجي
شبنم گل جڏهن سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن هو منهنجون
تحريرون پڙهي ريس ڪندي هئي، پر هاڻي سچ پچ ته مان
هن سان ريس ڪندو آهيان. حقيقت اها آهي، ته هن چند
سالن اندر جيترو گهڻو ۽ سٺو لکيو آهي، انهي کان
ڪنهن به صورت ۾ لنوائي نٿو سگهجي. فن جي راهن ۾
هوءَ جنهن رفتار سان اڳتي وڌي آهي، اهو هڪ مثال
آهي، ۽ انهي جو ڪريڊٽ مان سندس بابا، ڊاڪٽر بشير
احمد لاشاري صاحب کي ضرور ڏيندس، جنهن نه فقط
پنهنجي نياڻيءَ کي پڙهايو لکايو، (شبنم انگريزي ۾
ايم- اي ڪئي ۽ هاڻي ليڪچرر آهي) پر کيس فن ۽ ادب
جي دنيا ۾ پڻ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيو- ۽ اڄ جي
شبنم، سنڌي نياڻين لاءِ هڪ مثالي شخصيت جي حيثيت
اختيار ڪري ورتي آهي.
(13فيبروري1994ع)
گل ڪونڌر:
ادب، عشق ۽ نيڪ نمازي ماڻهو
مختصر وقت ۽ مختصر لفظن ۾ گل ڪونڌر تي لکڻ منهنجي لاءِ ان ڪري
ڏکيو آهي ته، مان سندس ذات جي ڪيترن ئي رخن کان
واقف آهيان. هڪ دوست، ڪليگ، استاد، ايڊيٽر، نيوز
ڪاسٽر، ريڊيو ڪمپيئر، ليکڪ، شاعر ۽ هڪ عاشق جي
حيثيت سان به کيس سڃاڻان ٿو. دوست جي حيثيت سان هو
منهنجي انهن ٿورڙن دوستن مان هڪ آهي، جن کي هڪ هٿ
جي آڱرين تي ڳڻي سگهجي ٿو ۽ دوستي جي معاملي ۾ هڪ
هٿ تي پندرهن جي نه، پر پنجن جي ڳڻپ ئي مناسب
هوندي آهي.
هڪ شخص جي حيثيت سان هو انتهائي سڌو سادو، سچ ڳالهائيندڙ، الله
جي ذات کان ڊڄندڙ، نيڪ نمازي ۽ شريف ماڻهو آهي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس نراڙ تي محراب جو ڪوبه
نشان ڪونهي. نالو نشان ته سندس زندگيءَ ۾ مايوسي
جو به ڪونهي. جيتوڻيڪ فقط ڏهن ٻارهن سالن جي
دوستيءَ ۾، مون سندس زندگيءَ ۾ تمام وڏا لاها
چاڙها، بلڪه انقلاب ايندي ڏٺا آهن. هڪڙو وقت هو
جڏهن هن جي آفيسر گريڊ واري پگهار سندس کيسي خرچ
لاءِ هوندي هئي گهر جا بار وڏن تي ۽ سواريءَ لاءِ
سندس در تي ٽي ٽي گاڏيون بيٺل هونديون هيون. وري
جو اوچتو جهٽڪو لڳو ته همراهه پنڌ ۽ مٿي تي قرض جا
ڪُنا! پر مجال جو سندس مُکَ تي مايوسيءَ جو ڪو
پاڇو نظر اچي. سدائين ايئرڪنڊيشنڊ ڪارن ۾ گهمندڙ،
بس جي پيهه مان ڪپڙا ڪارا ڪري لهي ته به سندس منهن
تي مرڪ. اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪيترائي دوست ۽ مٽ مائٽ
به ڪنارا ڪري ويندا آهن، ته ماڻهوءَ جي پنهنجي دل
به سڃائيءَ جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ بي وفا ٿي پوندي آهي
۽ ماڻهو بي وفا دل کي بچائڻ لاءِ وڃي دل جي وارڊن
۾ وارد ٿيندا آهن، پر اسان جو هي يار اسان کي
حيران ڪندو، لڳي ويو جدوجهد کي. سُڪي پگهار مان
سالن تائين قرضن جي ڪُنن سان به منهن ڏيندو رهيو
ته گهر جو گاڏو به گهليندو رهيو. حالانڪه ان کان
اڳ گهر جو گاڏو گهلڻ جو وٽس تجربو ئي نه هو ۽ هو
گاڏين ۾ گهمندو هو!
هن کي گاڏين مان لاهي ”سڙڪ ڇاپ“ بڻائڻ ۾ ماهوار ادب جو به
ٺاهوڪو هٿ هيو. جڏهن هن ادب شروع ڪيو هو ته کيس
چيو هوم، ”گل، تون وڃي گاڏين ۾ گهم، حيدرآباد جي
گاڏي کاتي ۾ گاڏن تي وڪامندڙ رسالن جي ڍير ۾
واڌارو نه ڪر.“ پر هن منهنجي هڪ نه ٻڌي. ادب جي هر
پرچي تي بنا حساب جي نقصان برداشت ڪندو رهيو ۽ ادب
سان پنهنجي عشق جي تجديد ڪندي، مستقبل ۾ پنهنجي
قرضي ٿيڻ جو ڪاروبار ڪندو رهيو. پنجاهه سٺ پرچن جي
مسلسل نقصان کان پوءِ، ادب ته نفعي نقصان کان
سواءِ وڃي پنهنجي پيرن تي بيٺو، پر اسان جي يار جا
پير نڪري ويا. هاڻي سوچيان ٿو ته هن بنا اشتهارن ۽
ڪنهن مالي مدد کان سواءِ، هڪ سنڌي رسالي جا سؤ
شمارا شايع ڪري ۽ هزارين نون ليکڪن جي همت افزائي
ڪري يقينن هڪ تاريخي ساز ڪم ڪيو آهي. جڏهن ته
اڄڪلهه اسان جا اديب ۽ ايڊيٽر تاريخ ساز ڪم بجاءِ
”خود ساز“ ڪم ڪري، رهيا آهن، پر هن شريف ماڻهوءَ
ادبي حلقن توڙي ميڊيا ۾ چڱي خاصي ڄاڻ سڃاڻ ۽ هڪ
رسالي جي ايڊيٽر هئڻ باوجود، ڪڏهن به پاڻ کي وڏو
ليکڪ مڃرائڻ/ چورائڻ جي جستجو ناهي ڪئي. ڪير کيس
وڏو ليکڪ مڃي يا نه، هن انهيءَ ڳالهه جي ڪاڻ به
ناهي ڪئي، پر منهنجي ذاتي راءِ ۾ هو هڪ سادو
سٻاجهو ۽ سچو ليکڪ ضرور آهي.
هڪ ليکڪ ۽ شاعر جي حيثيت سان، هن ادب جي ڪيترين ئي صنفن سان
نينهن نڀايو آهي. شعر جي ڪيترين نازڪ نفيس صنفن
کان ويندي ڪهاڻي ۽ ناول جي پيچرن جا پنڌ ڪري هن
ٽي.وي ڊرامي جو ليکڪ ٿيڻ ٿي چاهيو. مان سدائين کيس
اها آفر ڏيندو آهيان ته تون پنهنجو ڪهاڻيون کڻي
مون سان ويهه ته انهن کي ٽي وي لاءِ ڊراماٽائيز
ڪرڻ جي پلاننگ ڪيون، پر ”ادب“ جي وقت سر اشاعت جو
عشق کيس وقت ئي نٿو ڏئي… ته پوءِ هن عشق لاءِ ڪيئن
وقت ڪڍي ورتو!!
جي ها، هن هڪڙو عشق به ڪيو آهي! ڪيترا سال اڳ جي ڳالهه آهي، مان
پروگرام ڪري، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪوريڊور
مان تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هوس، ته هڪ ڏاڍي سيبتي
سٻاجهي ڇوڪري اچي منهنجي اڳيان بيٺي هئي. پڇيو
هئائين، ”توهان گل ڪونڌر کي سڃاڻو ٿا؟“
وراڻيو هوم، ”ها، منهنجو دوست آهي.“
”توهان کي اڄ هتي نظر آيو آهي؟“
“ها، پروڊيوسر انور هَڪڙو جي ڪمري ۾ ويٺو اٿوَ.“
”ڇا اتي ڪي ٻيا ماڻهو به ويٺا آهن؟“ ڇوڪري پڇيو.
”ها“.
”ته پوءِ توهان گل کي ڪمري مان ٻاهر سڏي ڏيو.“
”ڇو، توهان پاڻ ڇو نٿا وڃي سڏيوس؟“ پڇيم.
ڇوڪريءَ ڏاڍي معصوميت سان چيو. ”مان کيس سڃاڻان نٿي!“
هڪ ليکڪ جي سڃاڻپ سندس نالو ئي هوندو آهي. ان ڪري مون ڇوڪريءَ
کان ڪجهه به نه پڇيو ۽ گل ڪونڌر کي پروڊيوسر جي
ڪمري مان ٻاهر سڏي، ڪوريڊر ۾ بيٺل ڇوڪريءَ سان
سندس تعارف ڪرايم ته هو ٻئي مرڪي پيا ۽ مان ٻنهي
جي وچ مان گذري ٻاهر هليو ويس. اهو ته هيو پيار جو
پهريون منظر ۽ پوءِ ڪيترن سالن تائين، عشق جي انهي
ڪٿا ۾ ڪيترا ئي رومينٽڪ ۽ ٽريجڪ موڙ آيا. اسان جي
هن دؤر ۾، جتي عشق کي عبادت جو نالو ڏيندڙ ۽ شرافت
جو ليبل چنبڙائي هلندڙ ڀؤنر بڻجي ٿا پون، اتي عشق
اڳيان هن شريف ماڻهوءَ گل ڪونڌر جو ڪنڌ مون سدائين
ڪومايل گل جيان جهڪيل ڏٺو.
تازو جڏهن گل مون کي سندس بابت ڪجهه لکڻ لاءِ چيو، ته کيس چيم،
”گل ڪونڌر فلاڻي سن ۾ ڄائو. فلاڻي سن ۾ ميٽرڪ پاس
ڪيائين ۽ فلاڻي سن ۾ لکڻ جي ابتدا ڪيائين ته گهڻا
لکندا. مان تنهنجي عشق جي ڪٿا لکندس.“ تڏهن گل تڌو
ساهه کڻي پنهنجو ئي شعر ٻڌايو:
شهر جي گاڏين منجهه نهاري ڪنهن کي ڳولين ٿو
عڪس اکين ۾ يار وهاري ڪنهن کي ڳولين ٿو
اها ڇوڪري اڄ به هن ئي شهر ۾ آهي. اهو ئي حيدرآباد شهر آهي، اهي
ئي هن شهر جا رستا آهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي اها ڇوڪري هن
کي نظر به اچي ٿي. اهڙي ڪنهن موڙ تي گل جا احساس
منهنجي شعر کان مختلف نه هوندا:
راهه مَٽي جا گذري وئي آ،
منهنجي پريـــــمَ ڪهاڻي هئي.
۽ هي شريف ماڻهو پاڻ به راهه مٽائي، ڪنڌ جهڪائي، ادب جي اشاعت
خاطر ڪنهن پريس ڏانهن، يا نماز پڙهڻ لاءِ ڪنهن
مسجد طرف هليو ويندو آهي.
(2003ع)
سليم چنا:
گوڏي گاڏي ۽ دنيا جو گولو
سليم چنا پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو پنڌ ضرور ڪيو هوندو، جو هو
دنيا جي گولي تي 90 ڊگري تي هلڻ شروع ڪري ها ته،
شايد هن مهل تائين دنيا جو سڄو گولو پيرين پنڌ
لتاڙي واپس اچي وڃي ها. اونهاري جي ساڙيندڙ ۽
ڪاڙهيندڙ منجهندن کان سياري جي انتهائي سرد راتين
۾، هو مون کي حيدرآباد جي رستن تي پنڌ ئي پنڌ نظر
آيو آهي. ائين به ناهي ته وٽس ڪرائي جا ڏوڪڙ ناهن،
هو مڇي مانيءَ وارو سکيو ستابو شخص آهي ۽ لينڊ
ڪسٽم ۾ انسپيڪٽر آهي، پر بس، پنڌ جي پِٽَ اٿس.
قاسم آباد مان گهران نڪرندو ته سائيٽ ايريا تائين
پنهنجي آفيس پنڌ ويندو. وري جو آفيس کان نڪرندو ته
رکندو گوڏن تي زور ۽ وڃي نڪرندو گاڏي کاتي. يارن
دوستن سان ملندو، ٺيلهن ۽ بوڪ اسٽالن تي نون آيل
ڪتابن ۽ رسالن کي اٿلائيندو، رستي هلندي واقفڪارن
سان ڪچهريون ڪندو. رستي هلندي ڪنهن يار دوست فنڪشن
جا سؤ کن ڪارڊ پهچائڻ لاءِ هٿ ۾ ڏئي ڇڏيس ته بنا
منهن گهنجائڻ جي مرڪي اها ذميداري قبول ڪري وٺندو
۽ رکندو گوڏي گاڏيءَ تي زور. سڄو حيدرآباد جو شهر
پنڌ لتاڙي، هر هڪ اديب کي سندس گهر، آفيس يا دڪان
تي ڪارڊ رسائيندو، اڌ رات جو وڃي گهر رسندو. ائين
هو هڪڙي ڏينهن ۾ ٽيهه چاليهه ڪلوميٽر پنڌ سٽيو
وڃي. جيڪڏهن اسان جي هن يار کي ميٽر لڳل هجي، ته
خبر پوندي اسان پارا گاڏين ۾ به ايترو نٿا هلن،
جيترو هي گوڏي گاڏيءَ وسيلي هلي ٿو، پر حيرت جي
ڳالهه آهي ته هو ٿڪجي نٿو.
سليم انتهائي سادگي پسند، ماٺيڻو ۽ شريف ماڻهو آهي. پنڌ هلڻ ڪري
ساڻس ڪيترائي دلچسپ واقعا به ٿيا آهن. هڪ رات هو
دير سان قاسم آباد جي واڌو واهه روڊ تان وڃي رهيو
هو، رستي ۾ رينجرس وارا ماڻهن جي تلاشي وٺي رهيا
هئا. سليم کي به روڪي لائين ۾ بيهڻ لاءِ چيائون.
اسان جو هي يار شرافت سان وڃي لائين ۾ بيهي رهيو.
ڪجهه دير کان پوءِ سندس تلاشي ورتائون، تڏهن به هن
ڪجهه نه ڪڇيو. تلاشي کان پوءِ سپاهيءَ کائنس
رعبدار آواز ۾ پڇيو، ”ڪيا ڪرتي هو؟“
”انسپيڪٽر هون، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾.“ سليم وراڻيو.
”لگتي تو نهين هو!“ سپاهيءَ حيرت سان چيو.
سليم کلي وراڻيو، ”لگتا تو مين خود ڪي ڀي نهين، ليڪن هون
انسپيڪٽر.“
سپاهيءَ کي اعتبار نه آيو ته سليم کيس پنهنجو سروس ڪارڊ ڪڍي
ڏيکاريو. سپاهيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن سليم کي
سليوٽ ڪيو. سليم ڪارڊ واپس وٺي وري رکيو گوڏن تي
زور. اهو ئي واڌو واهه روڊ، جتي رات جو ڪتا به
ڏاڍا هوندا آهن.
اڄڪلهه ته سليم حيدرآباد ۾ سنگت ساٿ جا ڪارڊ ورهائيندي نظر
ايندو آهي، پر ڪجهه سال اڳ هو مختلف علمي ادبي
تنظيمن توڙي اين جي اوز طرفان مختلف موضوعن تي
سروي ڪندي نظر ايندو هو. هو روز هڪ نئون رجسٽر کڻي
اچي حاضر ٿيندو هو ته فلاڻي موضوع تي ٻه چار سٽون
لکي ڏيو. ان زماني ۾ مون سندس نالو رکيو هو. ”سليم
چنا سروي والا“ ۽ اهو نالو حيدرآباد جي ادبي حلقن
۾ مشهور به ٿي ويو هو. هاڻي به اسان پارا يار کيس
ڪڏهن ڪڏهن ”سروي والا“ ئي چوندا آهن.
سليم اهي سڀ ڪم سدائين معاوضي، نالي ۽ لالچ کان سواءِ ڪيا آهن.
بس ڪنهن دوست يار ڪم چيو ته هن وٽ انڪار ناهي.
حفيظ ڪنڀر هن کان سڄي سنڌ جي شهرن ۾، روڊن رستن تي
بيهاري ”اسٽريٽ ٿيٽر“ ۾ اداڪاري ڪرائي. ٻه سال کن
اڳ پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرامن ۽ فنڪارن جي
حقن لاءِ ٿيندڙ هلچل جي سلسلي ۾، اداڪار گلاب
چانڊيو سهڪار لاءِ مون وٽ آيو ته، سڀ کان پهرين
مون سليم چنا کي سڏائي گلاب سان ملايو ته، تحريڪ ۾
هن خدائي خدمتگار جو هئڻ ضروري آهي ۽ سچ ته ان
تحريڪ ۾ سليم جي محنتن جو بنيادي ڪردار رهيو. هو
اخبارن ۾ خبرون پهچائڻ ۽ وري صبح سان ويهارو
اخبارن مان ڪٽنگس ڪري، اختيارين کي انهن جون فوٽو
ڪاپيون پوسٽ ڪرڻ کان وٺي سموري ڪار وهنوار هلائڻ
جون سموريون ذميداريون نباهيندو رهيو. باقائدي
پورهيو ڪندو رهيو، پر جڏهن پي ٽي وي انتظاميه سان
ڳالهين جي ميز تي پهتاسين، ته هن هروڀرو ڳالهائڻ
وارو شوق ڪڏهن به نه ڏيکاريو. پي ٽي وي جي ان وقت
جي جنرل مئنيجر اطهر وقار عظيم سان اسان جي پهرين
گڏجاڻي ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽل پرل ڪانٽينينٽل
۾ ٿي هئي. ان ڏينهن ”سنڌ آرٽسٽس ۽ رائيٽرس ايڪشن
ڪاميٽي“ جو چيئرمن گلاب چانڊيو ڪنهن ڊرامي جي
شوٽنگ لاءِ لاهور هليو ويو. دوستن جي صلاح سان مون
ئي ڳالهيون هلايون. انهي دوران رحمت ماڃوٺي، طارق
عالم ۽ حفيظ ڪنڀر ڳالهين ۾ ساٿ ڏنو، پر سليم چپ
چاپ هڪ ڪنڊ ۾ ڪجهه ڪاغذن مٿان جهڪيل رهيو. چئن
ڪلاڪن جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ جڏهن اٿياسين ته، سليم
ڪاغذن جو ٿهو ڏيکاريندي چيو.، ”يار مون ته هتي
ويٺي ويٺي ڪهاڻي لکي ورتي!“
سو سائين، سليم فقط پنڌ گهڻا نٿو ڪري پر ڪهاڻيون به گهڻيون ٿو
لکي. مون ڪراچيءَ جي فائيو اسٽار هوٽل کان وٺي،
قاسم آباد جي گرڊ اسٽيشن اڳيان ٻاڪڙا هوٽل جي بينچ
تي ويٺي هن کي ڪهاڻيون لکندي ڏٺو آهي. ڪيترا سال
اڳ، هو رات جي وقت مون کي گرڊ اسٽيشن وٽ ٿڙي تي
ويٺل نظر آيو. ڀرسان وڃي سبب پڇيومانس ته چيائين،
”اڄ ٻه ڪهاڻيون لکي چڪو آهيان. هاڻي ٽين پيو
سوچيان!“
ڪجهه فاصلي تي نظر ايندڙ سندس گهر ڏانهن اشارو ڪري چيم، ”وڃي
آرام ڪر، هڪ ڏينهن ۾ ٽي ڪهاڻيون لکڻ ضروري آهن
ڇا؟“
چيائين، ”هن مهل تائين ٻه سؤ نوانوي ڪهاڻيون لکي چڪو آهيان، اڄ
رات هڪ ڪهاڻي لکي ٽي سؤ پوريون ڪرڻيون اٿم.“
اها ڳالهه ته ڪافي سال اڳ جي آهي. هاڻي ته سندس ڪهاڻين جو
ڳاڻيٽو ٽي سؤ کان گهڻو وڌيڪ ٿي چڪو آهي، پڪ سان هو
تعداد جي لحاظ کان نجم عباسيءَ سوڌو سڀني سنڌي
ڪهاڻيڪارن جو رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي، پر منهنجي دل
چاهيندي آهي ته اسان جو هي يار جيڪر مقدار بجاءِ
معيار کي ترجيح ڏي ها، پر اها به حقيقت آهي ته وڏي
مقدار مان سندس ڪجهه ڪهاڻيون معيار تي به پوريون
لهن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس اهي معياري
ڪهاڻيون مقدار جي ڍير ۾ دٻجي ويون آهن. جيڪڏهن
سليم جي سمورين سوين ڪهاڻين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته، پڪ
سان سندس معياري ڪهاڻين جو ايترو تعداد ضرور نڪري
ايندو، جيتري ڪل ميراث سان، اسان جا ڪيترائي سينئر
ڪهاڻيڪار عظمت جا دعويدار بڻجي ويا آهن، پر اسان
جي پياري يار سليم وٽ ڪنهن به وڏائيءَ جي ڪا دعويٰ
ناهي. هو خاموشي سان پنڌ ڪندو رهي ٿو… حيدرآباد جي
شاهراهن جا به، ته ادب ۽ آرٽ جي واٽن جا به.
(2003ع(
احسان دانش:
هڪ مسٽيريس تعلق!
هو ڪهاڻيڪار آهي، شاعر به آهي ته محقق، نقاد، ڪالم نگار،مترجم،
مرتب، مختلف رسالن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر،
ريڊيو ڪمپيئر ۽ ڪاليج ۾ ساڳيو مون وارو سنڌي
سبجيڪٽ پڙهائيندڙ استاد به - احسان دانش جو اهڙو
پروفائيل ڏسڻ کان پوءِ، ذري گھٽ مان ڀلجي ٿو پوان.
سوچيان پيو ته اهو منهنجو پروفائيل آهي يا احسان
دانش جو ! پر جڏهن لفظ "نقاد" تي سوچيان ٿو ته مون
کي پڪ ٿئي ٿي، ته اهو منهنجو نه پر احسان دانش جو
پروفائيل آهي. ڇو ته مون اهو ئي هڪڙو ڪم ناهي ڪيو.
(گھٽ ۾ گھٽ لکت ۾ - ياآن رڪارڊ.) انهيءَ جي بجاءِ
وري مان ڊرامي جي "ڊرامائي دنيا" سان وابستـه رهيو
آهيان، جنهن ۾ شايد احسان اڄ تائين پير ناهي پاتو
- باقي سڀ ڌنڌا اسان ٻنهي جا هڪ جهڙا آهن. فرق فقط
اهو آهي، ته ننڍپڻ ۾ مون کي ڪورس جي ڪتابن بجاءِ
ادبي ڪتاب پڙهڻ تي گھر ۾ امان جا دڙڪا ملندا هئا،
احسان کي اهڙي عمل تي پنهنجي امڙ جا دڙڪا مليا يا
نـ، اها تـ مونکي خبر ناهي، پر سندس والد کيس دڙڪا
ڏيڻ بجاءِ همٿايو ضرور هوندو. احسان ۾ مون کي
پنهنجو عڪس ان ڪري به نظر اچي ٿو، جو پيءُ ۽
استاد، ٻنهي جو درجو هڪ جهڙو هجي ٿو. ڊاڪٽر بشير
احمد شاد هن جو والد محترم آهي، ته منهنجو مهربان
استاد. جيئن منهنجي استاد، مونکي لکڻ لاءِ همٿايو
هو، تئين مون کي پڪ آهي ته هن پنهنجي پٽ احسان کي
۽ ٻن ٻين پٽن رضوان گل ۽ آغا عمران کي به همٿايو
هوندو، جنهنجي نتيجي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گھر
۾ ليکڪن جي اها ٽمورتي موجود آهي. احسان ۾ مونکي
پنهنجي جھلڪ ان لاءِ به محسوس ٿئي ٿي، جو سندس
والد/ منهنجو استاد ڊاڪٽر بشير احمد شاد، منهنجو
وڏو ڀيڻيويو عبدالخالق ۽ عبدالخالق جو وڏو ڀاءُ
ايس.ايم يوسف جڏهن ڪاليجي شاگرد هئا، تڏهن مان هڪ
ننڍڙي ٻار جيان سندن آڱر جھلي، ساڻن گڏ هلندو هوس
۽ انهيءَ ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي هنن جاعلمي ۽ ادبي بحث،
نه سمجھندي بـ ٻڌندو رهندو هوس. پهريون ڀيرو مون
عبدالخالق ۽ ايس. ايم يوسف صاحب جي گھر مان ئي
ادبي ڪتاب کڻي پڙهيا هئا ۽سچ ته ڄڻ انهيءَ ٻالڪپڻ
واري زماني کان ئي منهنجي ادبي تربيت ٿي هئي.
احسان سان منهنجو ٿورڙو مسٽيريس تعلق اهو به آهي
ته جنهن سال مون ادب ۾ باقاعدي پير پاتو هو، انهي
ساڳي سال (1974) ۾ سندس جنم به ٿيو هو! چوندا آهن
تـه انسان پنهنجي جنم کان وٺي سکندو رهي ٿو... پر
مان هتي ٿورڙي مسٽيريس ڳالهه جو وڌاءُ ڪرڻ ٿو
چاهيان، ته جيڪڏهن اڳتي هلي ڪنهن نئين ڄاول ٻار کي
ليکڪ ٿيڻوآهي، تـه اهو ٻار جنم ڏينهن کان ئي ڄڻ
لکندو رهي ٿو... ڇو ته منهنجي نظر ۾ لکڻ هڪ
بيچينيءَ جو نتيجو آهي ۽ مان سمجھان ٿو ته اهڙو
ٻار پنهنجي جنم ڏينهن کان ئي ، پنهنجي اندر ۾
بيچيني محسوس ڪندو هوندو. مون کي ته پنهنجي ٻالڪپڻ
واري پهرين ياد کان وٺي اڄ تائين اهو ئي محسوس
ٿيندو رهيو آهي. احسان جي اندر ۾ به، مونکي پڪ آهي
ته اڻ کٽ بيچيني آهي، جيڪا شاعر مان کيس ڪهاڻيڪار،
محقق، نقاد، ڪالم نگار، مترجم ۽ ڪمپيئر بڻائيندي
رهي آهي. احسان جي ڪهاڻين جي مجموعي "بي سُڪون
خواب جو سچ" جي بئڪ ٽائيٽل تي اخلاق انصاريءَ لکيو
آهي: "چيخوف چئي ٿو 'ڪهاڻي لکڻ مهل پهرين صفحي تي
جيڪڏهن ڀت تي ٽنگيل بندوق جو ذڪر ڪري ويٺا آهيو ته
اڳتي هلي اها بندوق ڇٽڻ گھرجي.....' پرحقيقت اها
آهي ته ڪهاڻي شروع بندوق ڇٽڻ کان پوءِ ئي ٿئي ٿي."
مان ته قائل ئي ان ڳالهه جو آهيان ته ڪهاڻيءَ کي
بندوق ڇٽڻ کانپوءِ ئي شروع ٿيڻ کپي، پراها ڪهاڻي
ليکڪ جو رَتُ ٿي ولوڙي. اهو منهنجو ذاتي تجربو
آهي. ان جي باوجود به مان ان ڳالهـ کي ترجيح ڏيان
ٿو ته، بندوق ڇٽڻ تي ڪهاڻيءَ کي ختم نه، پر شروع
ٿيڻ کپي. ٽيلي پلي رائيٽنگ ۾ ان ڳالهه کي
Hook
چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنى مڇي ڦاسائڻ واري ڪُنڍي ئي آهي. انهيءَ
انداز واري فڪشن رائيٽر لاءِ ضروري آهي، ته هو
پنهنجي پڙهندڙ / ڏسندڙ کي پاڻ وٽ سوگھو ڪري وٺي،
پر احسان دانش انهيءَ انداز جو قائل ناهي . هو
ڪهاڻيءَ جي ڌيمي انداز جو قائل آهي ، جنهن ۾ ڪهاڻي
لهر لهر بڻجي اڳتي وڌي ٿي. هو پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾
پڙهندڙ جو ساه منجھائڻ بدران ، ڪهاڻيءَ ۾ به
شاعراڻن جملن سان پڙهندڙ کي موهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.
يقيناً ان ڪري به، ته هو ڪهاڻيءَ سان گڏ ادب ۽ آرٽ
جي مختلف ڏسائن تي هلڻ باوجود، بنيادي طور تـ شاعر
ئي آهي. تڏهن ئي تـه چئي ٿو :
ڪائي ڪوتا سرجيان ٿو مان
ذهن مٿان سوچن جي بارش
منهنجي رائيٽنگ ٽيبل جي اڳيان، کڙڪيءَ جو بلائينڊر مٿي ٿيل آهي.
ٻاهر بادل مڙي آيا آهن ۽ هلڪي هلڪي بارش به ٿيڻ
لڳي آهي... ۽ مان سوچيان پيو، ته مان احسان دانش
تي پيو لکان يا پاڻ تي- بس، فرق فقط ايترو ٿو لڳي
ته، مان بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار آهيان ۽ احسان
دانش بنيادي طور تي شاعر آهي... ۽ اها ڳالھ طئي
آهي، ته شاعري، نثر کان وڌيڪ سگھاري ٿئي ٿي.
(2010ع) |