انتساب
سنڌ جي منفرد نثر نويس ۽ ڪمپيئر
ممتاز مرزا (مرحوم)
۽
بهادر ليکڪ ۽ ايڊيٽر
طارق اشرف (مرحوم)
جي نالي
اَمهاڳ
هي ڪتاب منهنجي خواب خيال ۾ به نه هو!
مان بنيادي طور تي افسانوي ادب لکندڙ
(Fiction writer)
آهيان. گذريل چاليهارو سالن کان ڪهاڻيون ۽ گذريل
اٺاويهن سالن کان ڪهاڻين سان گڏ ٽيلي ناٽڪ به
لکندو رهيو آهيان، ته ويجهڙائي ۾ منهنجو هڪڙو ناول
به ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ڏات ڪڏهن وڌيڪ مهربان ٿي ته ڪنهن شعر جي آمد به
ٿي، ته ڪڏهن وري ڪجهه لکڻ خاطر ڪالم به لکيا اٿم،
پر اخباري ڪالمن کان هٽي ڪري، مون کي اهو اندازو
قطعي نه هيو ته، مون انهن چاليهارو سالن ۾، ٿورڙي
ڳڻپ جيتروئي ڪو غير افسانوي ادب به لکيو آهي. سو
هي ڪتاب منهنجي خواب خيال ۾ ئي نه هيو.
مون پنهنجي ٽڙيل پکڙيل شاعري ۽ ڪالمن کي ڪتابي
صورت ڏيڻ لاءِ پئي سهيڙيو، جو هڪ ڏينهن منهنجي
دوست گل ڪونڌر، ماهوار ”ادب“ ۾ مختلف وقتن تي شايع
ٿيل منهنجين ڏهاڪو لکڻين جا ڪمپيوٽر پرنٽ آئوٽ آڻي
مون کي ڏنا. هن منهنجيون اهي تحريرون پنهنجي ذاتي
ڪمپيوٽر ۾ سنڀالي رکيون هيون، جيڪي هن جڏهن گڏ ڪري
اوچتو مون کي ڏنيون ته، مون کي اندازو ٿيو ته اهو
مواد ڪتاب جي لڳ ڀڳ ستر صفحن جيترو هو. اهو مواد
هٿ لڳو ته، خيال آيو ته انهيءَ ساڳئي نوعيت جو،
ايتروئي منهنجو ٻيو مواد، ٻين مختلف رسالن ۾ به
موجود هوندو ۽ نثر جي مختلف صنفن تي مشتمل منهنجو
ڏيڍ سؤ کن صفحن جو ڪتاب تيار ٿي سگهي ٿو. انهيءَ
خيال سان پنهنجي گهر ۾ ئي موجود رسالن ۽ فائيلن کي
اُٿلايم ته، منهنجي اندازي کان وڌيڪ ٻيو مواد پڻ
موجود مليو، جنهن جي نتيجي ۾، منهنجي اندازي کان
ٻيڻو هي ڪتاب وجود ۾ اچي ويو!
هن ڪتاب ۾، جتي انهن لمحن جو ذڪر آهي، جيڪي يادون
بڻجي ذهن جي ڪينواس تي چِٽجي ويا آهن، ته اتي ڪجهه
انهن اڻوسرندڙ هستين جا عڪس به آهن، جن جي وڇوڙن
جا لمحا سدائين لاءِ اکين ۾ فريز ٿي ويا آهن…
مون عرض پئي ڪيو ته، مان بنيادي طور تي افسانوي
ادب جو لکندڙ آهيان، سو افسانوي ادب ليکڪ پنهنجو
پيغام اڻ سڌي طرح، ڪردارن جي حوالي سان
Communicate
ڪندو آهي، پر هن ڪتاب ۾ نه ڪو افسانو آهي ۽ نه ئي
ڪا افسانوي ڳالهه. مون کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، اهو
ته مون هن ڪتاب ۾ موجود تحريرن ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي،
ان ڪري مان سمجهان ٿو ته، هن ڪتاب لاءِ ڪنهن به
روايتي مهاڳ جي ضرورت ناهي.
زيب سنڌي
2- مئي 2012ع
Zaibsindhi@hotmail.com
حيدرآباد، سنڌ
.
يادگيريون
يادون شيخ اياز جون
اها 1975 جي اونهاري جي هڪ شام هئي، جڏهن منهنجي اکين پهريون
دفعو شيخ اياز کي ڏٺو هو. هو پنهنجي ڪوئينس روڊ
واري آفيس ۾ ويٺو ڪو فائيل ڏسي رهيو هو ۽ سندس
آفيس ٻاهران فٽ پاٿ تي بيٺل اياز گل ۽ مان، سندس
آفيس جي کڙڪيءَ مان کيس ڏسي رهيا هئا سين.
شيخ اياز جي ”هم شهر“ ۽ ” هم نام“ اياز گل سان 1975 ۾ ئي منهنجي
دوستي ٿي هئي، اسان ٻنهي جي گڏيل دوست رزاق مهر
(مرحوم) جي معرفت. اياز گل ته اڪثر لاڙڪاڻي ايندو
هو، پر ان ڏينهن مان اياز گل سان پهريون ڀيرو سکر
ملڻ ويو هوس. شام جو اياز گل مون کي معصوم شاهه
لائبريري ڏيکارڻ وٺي هليو هو ۽ اتان پنڌ واپس
ويندي، هن مون کي شيخ اياز جي آفيس ٻاهران کلندڙ
کڙڪيءَ وٽ وڃي بيهاريو هو. کڙڪيءَ تي بنهه سنهڙو
پردو ڏنل هو ۽ آفيس اندر ٻرندڙ ٽيوب لائيٽ جي
روشنيءَ سبب ، اهو پردو منهنجي نظرن کي شيخ اياز تائين پهچڻ کان
نه روڪي سگهيو هو. مان ڪيتري دير تائين فٽ پاٿ تان
بيهي، پردي پويان ويٺل شيخ اياز طرف ڏسندو رهيو
هوس ۽ آفيس
اندر شيخ اياز ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ فائيل ڏسندو
رهيو هو. اوچتو اياز گل منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي ڇڪ
ڏني هئي، ”هل ته هاڻي هلون!“
منهنجي دل چاهيو هو ته آفيس ۾ اندر وڃي شيخ اياز سان هٿ ملايان
، پر اهڙي همت نه ساري سگهيو هوس. شايد اياز گل جي
به اهڙي ئي ڪيفيت هئي. ان ڪري اسان ٻنهي مان ڪنهن
ڪجهه نه چيو هو ۽ اسان ٻئي چپ چاپ فٽ پاٿ تي هلڻ
لڳا هئا سين . ان زماني ۾ ٻئي ننڍا هئا سين ۽ ٻنهي
نئون نئون لکڻ سروع ڪيو هو، جيتوڻيڪ مان آفيس اندر
وڃي شيخ اياز سان هٿ ملائي نه سگهيو هوس، پر فٽ
پاٿ تان بيهي ، کڙڪيءَ کان ئي شيخ اياز کي ڏسي
سگهيو هوس، تڏهن به ان مهل فٽ پاٿ تي هلندي مون
پاڻ کي آسمان
تي اڏامندي محسوس ڪيو هو. عجيب حيرت انگيز ۽
خوشگوار احساس هيا منهنجا، ته اڄ منهنجي اکين شيخ
اياز کي ڏٺو آهي!
1982ع ۾ مون لاڙڪاڻي ۾”سڳنڌ پبليڪيشن“ جي نالي سان اشاعتي ادارو
قائم ڪيو. دماغ تي معياري ڪتاب ڇپائڻ جي ڌن سوار
هئي، پر لاڙڪاڻي شهر ۾ ڇپائيءَ جون بهتر سهولتون
موجود نه هئڻ ڪري، منهنجي اداري جا اڪثر ڪتاب
حيدرآباد ۾ طارق اشرف جي سهڻي پريس يا ڪراچي جي
ناظم آباد واري علائقي ۾، مولانا محمد عليءَ جي
احمد برادرس پرنٽرس وٽ ڇپبا هئا. ڪتابن ڇپائڻ لاءِ
ڪراچيءَ ويندو هوس ته، منهنجو ٺڪاڻو ته يوسف پلازا
۾ ڪيهر شوڪت (مرحوم) جي فليٽ تي هوندو هو، پر
ملاقاتون پنهنجي دوست فقير محمد لاشاري (مرحوم)
سان به اڪثر ٿينديون هيون، هڪ ڏينهن فقير محمد
لاشاريءَ پڇيو، ” شيخ اياز جا ڪتاب ڇپرائيندين؟“
فقير محمد لاشاريءَ جي سوال جي جواب ۾، مون به سوال ئي پڇيو هو،
” شيخ اياز پنهنجا ڪتاب ڏيندو مون کي !؟“ ۽ پوءِ
ان ئي شام جو فقير محمد لاشاري مون کي شيخ اياز
سان ملائڻ
روزانه ”برسات“ جي آفيس وٺي ويو هو، جنهن جو ان
وقت شيخ اياز ايڊيٽر هيو، پر اتفاق سان ان ڏينهن
شيخ اياز آفيس نه ايو هو ۽ اسان موٽِ ويا هئاسين.
ڪي مهينا گذري ويا، پر وري اهڙو
اتفاق نه ٿيو جو شيخ اياز سان ملاقات ٿي سگهي. ان
وچ ۾ شيخ اياز واپس سکر هليو ويو.
لاڙڪاڻي ۾ سڳنڌ پبليڪيشن جو ڪتاب گهر، اپر سنڌ جي اڪثر سينيئر
توڙي جونيئر ليکڪن جو مرڪز بڻجي پيو هو. سڄو ڏينهن
اديب دوستن جو ميڙو متل هوندو هو. ڪامريڊ
سوڀوگيانچنداڻي به ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽ کان واپس ويندي
هليو ايندو هو. هڪ ڏينهن سوڀي صاحب مون کي شيخ
اياز صاحب جو نياپو ڏنو، ته مان
ساڻس ملڻ سکر
اچان. ( پوءِ خبر پئي ته فقير محمد لاشاريءَ، شيخ
صاحب سان منهنجو ذڪر ڪيو هو ۽ هن کيس ٻڌايو هو ،
ته هو مون کي ساڻس ملائڻ لاءِ به وٺي ويو هو، پر
اسان جي ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي هئي. ) ڪامريڊ
سوڀي گيانچنداڻيءَ مون کي شيخ اياز جو فون نمبر
ڏنو ۽ چيائين ته ڪنهن ڏينهن مان اڳواٽ فون ڪري شيخ
اياز سان ملڻ هليو وڃان
.
هڪ ڌينهن مان پراڻي سکر واري شيخ اياز جي گهر هليو ويو هوس. شيخ
اياز سڳنڌ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪجهه ڪتاب ڏسي چيو
هو، ”بيشڪ تو سٺا ڪتاب ڇپرايا آهن، پر منهنجو ڪتاب
وڌيڪ سٺو ڪري
ڇپرائجانءِ.“
” بلڪل، جيئن توهان چوندو تيئن ڇپرائيندس.“ وراڻيو هوم.
شيخ اياز پنهنجي نثري نظمن جو مجموعو” ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ جو
مسودو آڻي مون کي ڏنو هو. مهيني کن کان پوءِ اهو
ڪتاب ڇپرائي جڏهن ان جون ڪاپيون کڻي سکر ويوهوس
ته، منهنجي اندر ۾ عجيب وسوسا هئا ته خبر ناهي شيخ
صاحب کي منهنجو ڇپرايل ڪتاب ڪيئن لڳندو! ڪتاب جي
پهرين ڪاپي کيس ڏني هئم ته ڪتاب کي ڏسڻ سان سندس
منهن تي مرڪ تري آئي هئي ۽ مون سڪون جو وڏو ساهه
کنيو هو.
شيخ صاحب پڇيو هو ” سنڌي ڪتاب وڪامن ٿا؟“
وراڻيو هوم،” ها سائين ، بلڪل وڪامن ٿا.“
شيخ اياز ٿورو حيرت سان چيو هو، ”پوءِ پبلشر ڇو ٿا چون ته سنڌي
ڪتاب نٿا وڪامن!“
” اهي ڪوڙ ٿا ڳالهائن سائين!“ هڪدم وراڻيو هوم.
ان ڏينهن پهريون ڀيرو شيخ صاحب سان منهنجي ڊگهي ڪچهري ٿي هئي.
لاڳيتا ڇهه ڪلاڪ مان ساڻن گڏ رهيو هوس. شام جو
جڏهن کانئس موڪلايو هوم ته چيو هئائين، ”ڪڏهن ڪڏهن
ايندو رهجانءِ مون وٽ.“
وراڻيو
هوم، ”بلڪل سائين ضرور ايندو رهندس.“
شيخ اياز پاڻ مون کي چيو هو ته ايندو رهجانءِ، سو مون کي ٻيو ڇا
کپندو هو! پوءِ شيخ اياز سان منهنجو ڊگهين ڪچهرين
وارو هڪ سلسلو ٺهي پيو . هر ٻئي آچر تي صبح جو 11
وڳي شيخ صاحب وٽ پهچي ويندو هوس ۽ شام جو پنجين
وڳي تائين اڪثر ساڻن گڏ هوندو هوس. انهن
نويڪلائيءَ وارين ڊگهين ڪچهرين ۾، مان اڪثر کانئس
علمي ادبي سوال پڇندو هوس ۽ شيخ صاحب انهن سوالن
جا انتهائي تفصيل سان جواب ڏئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حوالي
طور ڪي ڪتاب کولي ڏيکاري ، ڄڻ منهنجي ذهني تربيت
ٿي ڪئي، جنهن لاءِ مان سدائين سندس احسان مند
رهندس. اسان جو تعلق ليکڪ ۽ پبلشر کان وڌيڪ ذاتي
بڻجي پيو هو، جنهن ۾ بيشڪ ته اها سندس مون تي وڏي
مهرباني هئي.
هڪ ڏينهن ويس ته چيائين ” مون تنهنجي لاءِ پنهنجي نئين ڪتاب جو
مسودو تيار ڪري رکيو آهي.“
مون پنهنجي هٿ ۾ جهليل چانهه جو ڪپ ٽيبل تي رکي چيو هو، ” مون
کي ڏيو مسودو!“
مرڪي چيو هئائين، ” چانهه تي پي وٺ، آڻي ٿو ڏيانءِ.“
مرڪي وراڻيو هوم،” هاڻي مسودو ڏسڻ کان سواءِ تـ چانهن بـ ڪونـ
وڻندي سائين.“
شيخ اياز اٿي وڃي پنهنجي آتم ڪهاڻي ” جڳ مڙيوئي سپنو“ جو مسودو
کڻي آيو هو. مون سندس ٿورا مڃيا هئا ته چيو
هئائين، ”جيڪڏهن اڄ تو ن مون سان گڏ ويهي ڪم ڪري
سگهين ته مان تو کي هڪ ٻيو ڪتاب به سهيڙي ڏئي
سگهان ٿو.“
” ها سائين ،
ڇو نه!“ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهيو هو مون شيخ صاحب
جي ڳالهه کي.
ان ڏينهن شام تائين شيخ اياز جي مختلف فائيلن ۾ رکيل سندس شاعري
ڳولي ڪڍي هئيسين. سندس ڪجهه نوٽ بڪن مان ڪي
تحريرون هن مون کي اتارڻ لاءِ ڏنيون هيون ۽ ڪي
ڊڪٽيٽ ڪرائي مون کي لکرايون هيون. ان سهيڙيل مواد
جي فائيل تي شيخ اياز ڪتاب جو نالو ” واٽون ڦلن
ڇاڻيون“ لکي منهنجي حوالي ڪيو هو. شام جو چانهه
پيئندي شيخ اياز مون کي چيو هو، ” پٽ، ڪجهه پئسا
ڏيان!“
حيرت مان پڇيو هوم، ” ڇا جي لاءِ !؟“
شيخ اياز چيو هو ،” منهنجي ڪتابن تي متان تون منهنجي محبت ۾
پئسا لڳائيندو هجين ۽ پنهنجو نقصان ڪندو هجين!“
شيخ صاحب سان منهنجي ڪافي حجت به ٿي وئي هئي کلي چيو هوم، ”
بيشڪ سائين توهان سان بي انتها محبت آهي، پر توهان
جي ڪنهن ڪتاب
تي لڳايل پئسا ٻيڻا ٿي نه ملندا ته مان توهان جو
ڪتاب نه ڇپرائيندس!“
شيخ اياز کي ٿوري حيرت لڳي هئي. پڇيو هئائين، ”منهنجا ڪتاب
ايترو وڪامن ٿا ڇا؟“
” ها سائين، ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ جون ذري گهٽ سموريون ڪاپيون ٻن
مهينن اندر وڪامي ويون آهن.“ تڏهن شيخ اياز مون کي
هڪ پبليشر جو نالو ٻڌايو هو جيڪو اهو چئي شيخ اياز
کان پئسا وٺي ويو هو ته سنڌي ڪتاب نٿا وڪامن! (اها
ٻي ڳالهه آهي شيخ اياز جي ڪتابن مان سنڌي پبليشرن
لکين رپيا ڪمايا آهن.)
پبليشر جي حيثيت سان ڪتاب ته شيخ اياز جا مون فقط پنج ڇپرايا،
پر ساڻس ذاتي تعلق انتهائي ويجهو ٿي ويو. تاج
جويو، ادل سومرو، اياز گل ، نصير مرزا ۽ مان هن جي
جونئير دوستن ۾
شمار ٿيندا هيا سين ۽ هو اسان سڀني کي ڏاڍو
ڀائيندو به هيو. هوسکر کان ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو،
تڏهن به ساڻس سندس پرنس ڪامپليڪس واري رهائش گاهه
تي ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ضرور ٿيندي هئي. هڪ دفعي پي
ٽي وي تي
ڪنهن پروگرام جي رڪارڊنگ هئي، جنهن ۾ مان ادل
سومرو ۽ اياز گل شامل هيا سين. انهن ڏينهن ۾ شيخ
صاحب بيمار هو ۽ اسپتال ۾ داخل هو. رڪارڊنگ کان
پوءِ ادل
سومرو، اياز گل، سميع بلوچ ۽ مان شيخ اياز سان ملڻ
لاءِ اسپتال ويا سين. اسپتال ۾ شيخ اياز جي ڪمري
ٻاهران پهتا سين ته، منهنجي دل ٻڏڻ لڳي ، الائجي
ڇو، مون اياز صاحب کي بيماريءَ جي بستري تي ڏسڻ جو
پاڻ ۾ ستُ نه پئي ساريو. نتيجي ۾ منهنجا ٽئي دوست
ڪمري ۾ هليا ويا ۽ مان آخر ۾ اندر داخل ٿيس. بستري
تي ليٽيل شيخ اياز جي اسان سڀني تي نظر پيئي ته هو
مرڪي پيو. ويهڻ جو اشارو ڪيائين ته سندس بيڊ جي ڀر
سان رکيل هڪ سيٽ تي ادل، اياز ۽ سميع ويهي رهيا ۽
منهنجي ويهڻ لاءِ جاءِ نه بچي ته مان شيخ صاحب جي
پيرانديءَ کان بيهي رهيس. هن مون کي ويهڻ لاءِ چيو
، پر مان
بيٺو رهيس. ڳالهين دوران هن مون کي ٻيهر ويهڻ لاءِ
چيو، پر مان وري به بيٺو رهيس ، تڏهن شيخ اياز
مرڪي چيو، ”ويهندين نه ته مون کي زور ڪيئن
ڏيندين!“ ۽ مون بيڊ جي هڪ ڪنڊ تي ويهي، شيخ اياز
جي پيرن کي زور ڏيڻ شروع ڪيا هئا.
...،
۽ مون کان اهو لمحو به ناهي وسريو ، جڏهن ڀٽ شاهه
تي هڪ ايمبولينس شيخ اياز جو مڙهه کڻي آئي هئي....
ايمبولينس جو پويون در کليو هو ته، سڀ کان پهرين
اسٽرچر تي رکيل شيخ اياز جا پير ئي ٻاهر نڪتا هئا
۽ مون ٻيو ڀيرو .... ۽ آخري ڀيرو شيخ اياز جي پيرن
کي وري ڇهي ورتو هو ۽ سڏڪي پيو هوس.
شيخ اياز کي 1975ع ۾ پهريون ڀيرو مون
سکر ۾ ڏٺو هو، ته وچ ۾ هڪ سنهو پردو موجود هو. ڀٽ
شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي اڄ به مان شيخ اياز کي
ڏسان ٿو ، ته وچ ۾ هڪ پردو ئي موجود آهي ..... فرق
فقط اهو آهي ته 1975ع ۾ مون هن کي ڪپڙي جي پردي
پويان ڏٺو هو ۽ اڄ هو مٽيءَ جي پردي پويا آهي. سنڌ
جي ان مٽيءَ جي پردي پويان، جنهن مٽيءَ سان شيخ
اياز محبت ڪئي هئي.
( 2011ع)
|