سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو : 9

رشتا

سين پهريون

]خيرو کنگهندو اچي ٿو—موسو حقو پي رهيو آهي-[

خيرو-

موسيٰ خان ادا ويٺو آهين--؟ هائو ٻيلي حقي جو گڙڪاٽ پيو ٿو پوي، مان به چوان ته پوڙهو مڙس سانجهيءَ کان پوءِ ويندو ڪيڏانهن--؟

موسو-

خير محمد آهين--؟ هليو آ، مان پاڻ ٽوپي سائي ڪري ويٺو چوان ته ٻيلي اڄ الائي ڇو يار ڪو نه آيو--؟ هونئن ته سج لٿي ساڻ اچي سلام ورائيندو آهي.

خيرو-

اوير ته هاڻي به ڪو نه ٿي آهي، ويو هوس عيسي جي گهر مائي سندس سس آهي چاڪ ڪا نه، چيم ته وڃي پڇي اچانس ۽ چار چونڪ ڳالهين جا به ڪري اچان.

موسو-

مائي آهي ته ڀڙ نه--؟

خيرو-

ها، بچي ويندي، پر پيريءَ جو پنڌ آهي، نيٺ ته ماڻهو ڪرندو. باقي واه ڙي عيسيٰ واه تنهنجي سچائي. ٻانهن ڏيئي ٻيڻو ٿي بيٺو آهي. مائيءَ جي اها سار لڌي اٿئين جو جيڪر سڳو پٽ به نه لهيس.

موسو-

ادا چوندا آهن ته ”جن ادب تن نصيب“، مولا پوءِ ڀاڳ به اهڙو ئي ڪيو اٿس؛ مٽيءَ ۾ ٿو هٿ وجهي ته سون ٿيو پوي! فصل ڀلئون ڀلا پيا ٿينس--! ٻين کي ماڪڙ مهلو ڇڏي ئي ڪو نه؛ هن همراه جي ٻڏل به تريو وڃي.

خيرو-

هائو ڀائو! سچ ٿو چوين. مڙس آهي به زبرو. جهڙي تهڙي ئي فلڪ ئي ڪو نه آڻي.

موسو-

جواني شيءِ ئي اهڙي آهي خير محمد خان! اوج ۾ پنهنجو به پير پٽيءَ تي ڪو نه هوندو هئو؛ جهڙو تهڙو ملهه ته موشو ڪري ويندو هو--! (ٿڌو ساهه) اهي ڏينهن اهي شينهن--! ماڻڪ ماءُ اکيون پوريون ته ڄڻ هر شِءِ خواب ٿي ويئي--! ڪاڏي ويا جوڀن، ڪاڏي ويئي جواني--! پيريءَ اچي پاسو ڏنو.

خيرو-

بس موسيٰ خان! هو جو چوندا آهن ته ”جڙيءَ کي جس آهي“ تنهن چواڻي آهي ڏينهن پورا ڪرڻا.

موسو-

تون وري به ماڻهن ۾ ته آهين؛ رب منهنجي سڀوڪي ڏنو اٿئي، پٽ، نياڻيون، پوٽا، ڏوهٽا؛ گهر ڀريو پيو اٿيئي مون وٽ ڇاهي--؟ اڪيلو سر ۽ هي ڪکائين جهوپڙي! سال ٿي ويا جو هن گهر ۾ ڪوئي کليو هئو! هاڻي ته چئني پاسي چپ چاپ آهي--!

خيرو-

خير گهر موسيٰ، شڪرانا ڪر! خدا ماڻڪ جهڙو پٽڙو ڏنو اٿئي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجئي--؟

موسو-

ها؛ ائين به آهي--! ماڻڪ جي اوسيئڙي ۾ ته جيئرو آهيان. شل کيس ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي--! هي هڏا هي ماهه هاڻي ان جي امانت آهي.

خيرو-

ڪو خط پٽ لکيو اٿائين--؟

موسو-

ٻه مهينا ٿيا جو چٺي آئي هيس، توکي ٻڌايو ته هوم، لکيو هئائين ته جلدي امتحان پورا ٿيندا ۽ پوءِ مان ڳوٺ موٽي ايندس. ان کانپوءِ ته وري سندس ڪو حال احوال ڪو نه آيو آهي. ٿي سگهي ٿو پڙهائي ۾ رڌل هجي!

خيرو-

 چار سال ڪيئن نه گذري ويا موسيٰ--! ڪالهه ڪالهوڪو ڏينهن هو جو سڀئي گڏجي ٽيشڻ تي ڇڏي آيا هئاسونس! ڪراچيءَ جي خوشيءَ ۾ ڳالهه ئي نه پئي وڻيس! همراهه ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي.

موسو-

مون کان موڪلايائين ته دل ڦسي پئي هيس؛ سڏڪا ڀري رنو هو منهنجو پٽ--!

خيرو-

هم ته تو به وڏي ڪئي آهي موسيٰ؛ ڏک ڏاکڙا سهي نيٺ پڙهائي--! وڃي پار  پئينس. ڀلا هاڻي جو موٽي ايندو ته ڪهڙي نوڪري ملندس--؟

موسو-

ڊپٽي ٿيندو منهنجو ماڻڪ، اچڻ ته ڏينس. ڏس ته ڪيئڻ ٿو وڏيرو پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاريس. چڱا چڱا اُٿي جاءِ ڏيندس. مون سڄو رت انهيءَ گهڙيءَ لاءِ ته نچوڙيو آهي خير محمد، ۽ اها گهڙي بس هاڻي اچڻ واري آهي. ڪجهه خبر اٿئي---؟

خيرو-

ڇا--؟

موسو-

ٿورن ڏينهن کان منهنجي دل ۾ عجيب عجيب خيال ٿا اچن. لڳندو آهي، دل بيهي ويندم. ٻڌاءِ اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي--؟

خيرو-

پيءُ جي دل آهي، اولاد جي ڇڪ ته ضرور ٿيندي.

موسو-

ها، پر خيرو، ماڻڪ بدلجي ته نه ويو هوندو--؟ چون ٿا ته شهر جي هوا ڏاڍي خراب آهي، ماءُ پيءُ جي سڪ دل تان ميساري ڇڏيندي آهي. ڪٿي ماڻڪ مون کي وساري ته نه ڇڏيو هوندو--؟

خيرو-

ماڻڪ جهڙا املهه انسان ڏاڍا ڏکيا ملندا آهن موسيٰ، هو اهڙو ناهي، هن جون توسان ٻٽيهه دليون آهن.

موسو-

اڙي شال خوش هوندين ڀائو، اندر ئي ٺاري ڇڏيئه پر، پر شهر مان موٽڻ تي پنهنجا هي غريباڻا جهوپڙا ڏسي ڏک ته نه ٿيندس--! پيءُ جا ليڙون لٽا ڏسي کيس تڪليف ته نه ٿيندي--!

خيرو-

تون ته اجاين وهمن ۾ ڦاسي ويو آهين موسيٰ--! ماڻڪ هن مٽيءَ جو ڄائو آهي؛ هنن گهٽين ۾ کيڏيو آهي؛ هنن ٻنين ۾ وڏو ٿيو آهي؛ هتان جي هر شيءِ هن جي پنهنجي آهي؛ هو هن ڳوٺ کان ڌار ناهي؛ هنن وڻن ٽڻن ڇنن مَنهِن جو هڪ حصو آهي--!

موسو-

ها ها؛ ائين ته آهي! مان به اجايون ڳالهيون پيو ٿو ڪيان! مون کي ته اهو خيال به نه ڪرڻ گهرجي خير محمد--! ماڻڪ کي اچڻ ڏي، وڏي ڌام ڌوم سان سندس شادي ڪرائيندس، راڄ کارائيندس راڄ....!

خيرو-

الله لايا سجايا ڪندئي موسيٰ، خدا ڪندو ته هن گهر ۾ ٻيهر خوشيون موٽي اينديون.

موسو-

انهن خوشين کي موٽائڻ لاءِ مون زندگيءَ جا گذريل پنجويهه سال ڳهه رکي ڇڏيا خيرو--! ته کاڌم نه پيتم! نه چوڙيم، نه ماڻيم---! هڪ هڪ گهڙي ساري سنڀاري گروي رکندو ويس صرف ان لاءِ ته هڪ ڏينهن ماڻۡڪ کي منهنجي حياتيءَ جي هڪ هڪ ساعت ڪم ايندي. منهنجا ٽهڪ هن جي منهن تي سهڻا لڳندا، منهنجي خوشي هن جي اکين ۾ گهڻي سونهندي.

 

سين ٻيو

 

]موسي جي ڀڻ ڀڻ—حقي جي گڙ گڙ—موسي ۽ خيروءَ جا هلڪا هلڪا ٽهڪ—يارو ٽپاليءَ جي سائيڪل جي گهنٽي رکي رکي وڄي ٿي - -[

يارو-

آ مستري قادر بخش هي وٺ پنهنجو خط، گمبٽ مان آيو اٿئي ڀاڻي وٽان؛ وري کٽو هوندو؛ وري گهريا هوندائين پيسا! نه بس چانهه ڪو نه ٿو پيان، خط ورهائڻا پيا اٿم جام--! (گهنٽي--)

 

مائي ايمڻان- او مائي مائي ايمڻان، اچي وٺ پنهنجو ڪارڊ حج وارن موڪليو اٿئي، بس هاڻي تياري ڪر ڀلي پار جي. دعا ڪر امڙ، دعا ڪر..... دعا ڪر ته اسان گنهگارن کي به نصيب ٿئي.

 

(گهنٽي--)

 

بابا، ماشو موالي آهي گهر ۾، ننڊ پيو آ--؟ هان اچي هيءَ خط ضرور ڏجوس، ماڻهو آهي ڦڏئي ته ڪٿي وجهي نه جهيڙو ڳچيءَ ۾.

 

(گهنٽي--)

 

چاچا موسيٰ ويٺو آهين دونهين دکايو--؟ اچي هيءُ تنهنجو لفافو. شايد ڇا، پڪ ئي پڪ ماڻڪ جو آهي، هٿ اکر نٿو ڏسينس--؟ پڙهي ڏيانءِ پر ٻيلي مونکي ٿي ٿئي دير.... ماستر سڄڻ کان کڻي....

 

چڱو چاچا چڱو، ڪاوڙ ڇو ٿو ڪرين، تنهنجي سر کي انڪار ڪبو....؟ ڏي ته پڙهي ڏيانءِ. (خط کولڻ جو آواز) لکيو اٿس ته:

پيارا بابا سائين، مون امتحان پاس ڪري ورتو آهي. اوهان کي مبارڪ هجي، اهو سڀڪجهه توهانجي محبت ۽ محنت جو نتيجو آهي. اوهان سڄي زندگي پورهيو ڪري مون کي تعليم ڏياري آهي. ڏک ڏسي مونکي سک ڏنا آهن. پنهنجون خوشيون تياڳي مونکي آسائش ڏني آهي. هاڻي منهنجو وارو آهي باباٰ مان هڪ هڪ ڪري اوهان جي پيرن جا ڪنڊا پنهنجن پنبڻين سان ڪڍندس؛ رڳو مون کي هڪ دفعو اتي پهچڻ ڏيو بابا! مان توهان جي قدمن ۾ ويهي خوشيءَ جا ڳوڙها ڳاڙڻ ٿو چاهيان....!

مان اُميد ته ايندڙ سومر ڏينهن اتي پهچي ويندس.

اُميد اٿم ته اوهان خوش هوندا.

                                    توهان جو ماڻڪ-

موسو-

ماڻڪ اچي رهيو آهي؛ منهنجو ماڻڪ ڪامياب ٿي اچي رهيو آهي! ٻڌين ٿو يارو!  منهنجو ماڻڪ! منهنجو ماڻڪ، منهنجو ماڻڪ!

 

(Music up)

 

ماستر سڄڻ، تنهنجي شاگرد شهر ۾ امتحان پاس ڪيو آهي. خير مبارڪ؛ خير مبارڪ--! هو اچي رهيو آهي، ڳوٺ اچي رهيو آهي، سومر ڏينهن.

 

(Music up)

 

مائي ايمان، او مائي ايمڻان! ماڻڪ پيو اچي. منهنجو ماڻڪ، منهنجو ٻچڙو؛ منهنجو آسرو ماڻڪ! هاها! ڇو نه، ڇو نه--! وڏو عملدار ٿيندو منهنجو پٽ! اچڻ ته ڏينس.

 

(Music up)

 

خير محمد خان! خير محمد خان، ڪٿي آهين--؟ ڀائو، تو ٻڌو! ڪو نه ٻڌئي--؟ ماڻڪ، ها ها ماڻڪ پيو اچي--! هيءَ ڏس؛ هي خط آيو آهي--! يارو ٽپالي پڙهي ٻڌايم، ها، سومر ڏينهن! پر سومر ڪڏهن آهي؟ خير محمد خان، اڄ ته آچر آهي نه، سڀاڻي--؟ هاڻي ڇا ڪيان--؟ شهر ۾ به ته پهچڻو اٿم--؟ چئن سالن کانپوءِ ٿو اچي--! ڇن پئي ٿي وهي، ڇا چوندو دل ۾--! پهريون ته ان کي ته ٺاهي وٺان وڏو اسر ڏيئي نڪرندس بيل گاڏيءَ تي، گاڏي ڪهڙي وقت ايندي آهي خير محمد خان--؟ اڙي ها، ها--! ممو ٽانگو هلائيندو آهي نه شهر ۾؛ ان کي سموري خبر هوندي لهندس ئي وڃي اُن وٽ، هاڻي وڃان؛ وڃي تياري ڪيان ڀاءُ وڃان--! (وڃڻ جو آواز)

 

(T.O.M)

 

سين ٽيون

 

 

]بيل گاڏيءَ جو آواز ويجهو اچي ختم ٿي ٿو وڃي—موسيٰ جي ٽپي ڏيڻ جو آواز—[

موسو-

ممون، او ممون—ممون--!!

 

(در زور سان کڙڪائڻ جو آواز)

 

اڙي ممون ڏس ته سهي! مان موسو آيو آهيان! تنهنجو پراڻو يار--

 

(در کلڻ)

ممون-

اڙي موسيٰ تون--؟

موسو-

ها ها، ممون مان آهيان.

ممون-

اڙي ته پوءِ ڏسين ڇا ٿو بيٺو چريا، هليو آ اندر.

موسو-

بس اجهو آيس رڳو ڏاند ڇوڙي وٺان، ٿڪجي پيا هوندا ڀٽارا، ست ڪوه به آخر ته ڪو پنڌ آهي.

ممون-

بيهه ته مان به ٿو مدد ڪرايانءِ.

موسو-

تون ممون، آهين ته خوش نه--؟

ممون-

خوشيون ڪهڙيون آهن موسيٰ--! مڙئي دم گذر آهي، وقت پيو گذري.

موسو-

نه نه، ائين نه چئه؛ تون ته سدائين کلندو رهندو هئين؛ ڪڏهن به شڪايت زبان تي نه آندئي.

ممون-

اڙي اهو ممون مري ويو موسيٰ؛ ڪالهه اسانجي هئي، اڄ اسان جي اولاد جي آهي؛ سڀاڻي وري ڪو ٻيو سندن جاءِ والاريندو. دنيا جو چرخو اِجهو ائين پيو هلي! پر....

موسو-

ڌنڌو ڌاڙي ڪيئن پيو هلئي--؟

ممون-

بس چار ڏوڪڙ پيٽ گذر لاءِ ملي ويندا آهن، وڌيڪ جي تانگهه مونکي ڪانهي.

موسو-

پُٽهين جانو به ته گڏ اٿئي.

ممون-

اهي ڦٽ نه ڦولهه موسيٰ--! جانوءَ کي قرض کڻي بگي گهوڙو وٺي ڏنم، شادي ڪرائي مانس، پنهنجي پرن وارو ٿيو ته اُڏامي ويو.

موسو-

ڪاڏي ويو--؟

ممون-

پنهنجو آکيرو وڃي ڌار اڏيائين، زال ۽ ٻار وٺي وڃي انهيءَ ۾ رهيو. هيءَ ڪوٺي ۽ مان. پراڻُ بگي ۽ گهوڙو اٿم. صبح جو جوٽي وڃي ٽيشڻ تي بيهندو آهيان. نڀاڳي ٽيشڻ آهي. گاڏي اچي ڏينهن ۾ هڪڙي، سا به ڪڏهن ڪڏهن ته يڪو ٻئي ڏهاڙي اچي--! پاسينگر ڪڏهن لهي، ته ڪڏهن هفتا ٿيو وڃن! ڀلا هن ڀينگ ۾ اچي سو اچي ڪير--؟

موسو-

(خوشيءَ مان) اچڻ وارا ايندا ممون--! اچڻ وارا ته ضرور ايندا.

ممون-

ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين موسيٰ، ڇا ڳالهه آهي--؟

موسو-

منهنجو خيال آهي ته هي جناور ڀلي ڪجهه دير هِت آرام ڪن پاڻ هلون اندر.

ممون-

ها ها، هليو آ، خيال ڪجانءِ، اونده اٿييي، مٿو بچائجانءِ. مڙيئي غريباڻو حال آهي. هيڏانهن ويهه موڙي تي، ڪچهري به ٿا ڪيون ۽ چانهه چڪو به ٺاهي ٿا وٺون. ها، ڇا پئي چيئي--؟

موسو-

ماڻڪ موٽي رهيو آهي ممون--!

ممون-

سچ--! اڙي واه ڙي ڇوڪر واه؛ امتحان پاس ڪري ڇڏيائين، چئبو ته...!

موسو-

منهنجو پٽ ڪراچيءَ مان پڙهيو پيو موٽي ممون--! امتحان ته پهرئين ڌڪ ۾ پاس ڪري ڇڏيائين؛ پهچڻ ڏينس رڳو هتي؛ سرڪار پاڻ گهرائي نوڪريءَ تي لڳائيندس--!

ممون-

ڪلهوڪو ڏينهن آهي تون کيس ٽيشڻ تي ڇڏڻ آيو هئين؛  ڏاڍو خوش هئين ۽ پوءِ جڏهن ريل ڇٽي ويئي هئي تڏهن روئي روئي کڻي اکيون سڄايون هيئي--!

موسو-

چار سال ٿي ويا ان ڳالهه کي ۽ اهي چار ئي سال مون اکين ۾ ڪاٽيا آهن ممون؛ هڪ هڪ گهڙي هڪ ساعت ماڻڪ لاءِ دعائون گهرندي گذاري اٿم. هاڻي ته منهنجو سمورو وجود عبادت ٿي پيو آهي.

ممون-

پٽ سان ڏاڍو پيار اٿئي موسيٰ--؟

موسيٰ-

(اداس ٿي) نه منهنجو ساڻس پيار ڪونهي، عشق آهي عشق--! مون سڄي حياتيءَ ۾ هڪ ئي عشق ڪيو هو؛ هاجران سان، سندس مائٽن ناڪار ڪئي هئي ته ڪهاڙي اُڀي ڪري بيٺو هو مان مٿان! ۽ پوءِ ماڻڪ ڄائو ۽ هاجران مري وئي! ان ڏينهن کان مون پنهنجو سمورو پيار ماڻڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو. هوبهو هاجران جي مورت آهي منهنجو ماڻڪ. ممون--

ممون-

جي--

موسو-

ٻي خبر اٿئي--؟ ڪڏهن ڪڏهن ماڻڪ ۾ مان پنهنجو پاڻ پسندو آهيان! ائين لڳندو اٿم ڄڻ مان ٻيهر ڄائو آهيان! ائين ڇو آهي ممون--؟

ممون-

اچي چانهه پيءُ.

موسو-

مون ڏاڍا ڏک ڏٺا هئا ننڍپڻ ۾. ماٽيلي ماءُ جي مار، موالي پيءُ جي ڌڪار، ماڻهن جا دڙڪا، طعنا، تنڪا! چوندو هوس ته جيڪر ننڍپڻ ٻيهر مليم، ماءُ پيءُ ٻيا هجن، مان به اسڪول وڃان، پڙهان لکان؛ ۽ پوءِ ٿيلهو ڪتابن جو لڙڪائي منجهند جو گهر موٽان--!

ممون-

کنڊ پوري اٿئي؟ ٻي گهرجيئي ته هي وٺ.

موسو-

مان ٻيهر ننڍپڻ ته ماڻي نه سگهيس ممون، پر مون اهو سڀڪجهه ماڻڪ کي ڏنو، جنهن جي دل ۾ تمنا هئم! ۽ پوءِ جڏهن هو ڪراچيءَ ويو تڏهن مون کي ائين لڳو ڄڻ مان خود ئي ان ريل ۾ روانو ٿي ويس! ائين ڇو ٿيندو آهي ممون--؟

ممون-

پر ڪڏهين ٿو موٽي ماڻڪ--؟

موسو-

اڄ- اڄ ممون! هي ڏس- هي ڏس! هي خط، هي سندس هٿ اکر اٿيئي! پر—پر! تون ته پڙهي نه ڄاڻين! مون وانگر اسان کي ڪهڙي خبر ته هن ۾ ڇا لکيل آهي.

ممون-

گاڏي ۾ ڪلاڪ کن دير آهي موسيٰ، تون ٿوري دير آرام ڪري وٺ، مان تيسين بگي جوٽي وٺان.

موسو-

آرام--؟ ڪٿي آهي آرام--؟ اندر ۾ آنڌ مانڌآهي ممون؛ اهڙي آنڌ مانڌ جهڙي ڪي سال اڳ ٿي هئي. جڏهين- جڏهن هاجران ڪنوار ٿي منهنجي گهر ۾ آئي هئي ممون!

ممون-

ڇا آهي--؟

موسو-

اُهي زمانا ياد ايندا اٿئي--؟

ممون-

ڪڏهن ڪو پاڻ کي به وساري سگهيو آهي موسيٰ --!  ڪلهه اڄ جي سڃاڻ هوندي آهي؛ ۽ اڄ ڪلهه جي محتاج! چڱو تون هاڻي آرام ڪر، مان اچي ٿو جاڳايانءِ.

موسو-

ممون--!

ممون-

ڇا آهي--؟

موسو-

پڪ اٿئي ريل ٽائم تي ايندي--؟ ليٽ ته نه ٿيندي--؟

ممون-

اهو ته ٽيشڻ تي هلي پتو پوندو.

موسو-

تو پئي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن......

ممون-

اجايا سوداءَ نه پچاءِ موسيٰ، جتي چار سال گذاريا اٿئي، اُتي ڪلاڪ ڏيڍ به صبر ڪري ڏس.

موسو-

مان ڏاڍو سخت دل آهيان ممون؛ مون هاجران جي موت تي ڳوڙها نه ڳاڙيا هئا؛ پر ماڻڪ جي وڃڻ کانپوءِ سڏڪي پيو هوس. چار سال مون انتظار جي سوريءَ تي ڦٿڪندي گذاريا آهن؛ پر.... پر....(ڀريل آواز ۾) پر هاڻي مون کان صبر نٿو ٿئي---! نٿو ٿئي؛ نٿو ٿئي....!

 

(Sad Music up)

 

سين چوٿون

ممون-

ٽيشن ماستر صاحب، اسلام عليڪم.

ا-م

آ ڙي ممون ڪهڙا حال اٿئي--؟ ڪر خبر--؟ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو اٿئي--؟

ممون-

بس سائين مڙئي پيا حياتيءَ جي گاڏي گهليون، ريل اچي ٿي ڏينهن ۾ هڪڙي، سا به نه جهڙي؛ ڪو هڪ ماڻهو لٿو چڙهيو ته وڏو ڇيهه، نه ته ڪاريءَ وارا ڪک آخرڪار سائين پيٽ ته پالڻو آهي نه--! پاڻ سان گڏ جناور به ساڻ اٿم--! پرائو ساهه آهي، داڻو ته ان کي به گهرجي.

ا-م-

پُٽهين ڪٿي آهي--؟ اڄڪلهه ساڻ ڪو نه رهندو اٿئي ڇا--؟ گينگ مين حمير پئي چيو ته.....

ممون-

زماني جو دستور آهي صاحب، جهرڪي ٻچڙن کي چهنب سان داڻو چڳائيندي آهي بختاور! جڏهن پر نڪرندا اٿن ته اُڏار ئي هڪڙي ڪندا آهن، وري موٽي به نه نهاريندا آهن.

موسو-

انسان ۽ جانور ۾ وڏو فرق آهي ممون--!

ا-م-

هي ڪير آندو اٿئي--؟

ممون-

صاحب موسو آهي؛ منهنجو اصل ننڍپڻجو يار آهي، ساڳئي ڳوٺ جا آهيون سائين. منهنجي ماءُ مري ويئي ته ٿڃ به هن جي ماءُ مرهيات مائي صاحب کاتونءَ ڏني هئم. ان هساب سان ته ماءُ ٿئيم. ڪيئن موسيٰ--؟

موسو-

انساني رشتا ٿڃ جا محتاج نه هوندا آهن ممون؛ گهُر ته گهُرانءِ وارو قصو آهي. پيار ڏي، پساه وٺ.

ممون-

پنهنجي پٽ لاءِ آيو آهي، هن جو پٽ اڄوڪيءَ ريل ۾ ڪراچيءَ کان اچي رهيو آهي. وڏو امتحان پاس ڪيو پيو موٽي ڇوڪرو. الله ڏينهن ڏئيس، ڏاڍو هوشيار ٻار آهي.

ا-م-

هون! ڇا پڙهايو اٿئي پٽ کي ميان؟ ڏسڻ ۾ ته صفا مسڪين ٿو اچين--! پر، ابا پئسو توهان وٽ نه هوندو ته ٻيو ڪنهن وٽ هوندو! اسان جي پگهار ته آهي ٻوڙ ڀاڄيءَ جي بلي--!

ممون-

نه سائين، ائين ته نه چئو، توهان حاڪم آهيو! اسان غريب ڪو توهان سان ڪُلهي گس ڪري سگهنداسين، اڪيلو اولاد اٿس، ڏاڍي پيار سان پاليو اٿائين پٽ کي.

موسو-

ماڻڪ منهنجو جسم سو ناهي صاحب، ٻيو سڀڪجهه اٿم! پر هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو اٿم ته سوين ڪوهه پري هن کي تڪليف، مونکي هِت ايذاءُ ڏيندي آهي!

ا- م-

ڏاڍو پيار اٿئي پٽ سان--!

موسو-

پيار جو ڪو ماڻ هجي ها سائين ته تنهنجي سموري ڌرتي هوند منهنجي پيار لاءِ پوري نه پوي ها--! گاڏي دير ڪئي آهي صاحب--!

ا- م-

دير مدار ته آهي ئي آهي پريا مڙس! ريلوي وارن کي ڪهڙي خبر ته اڄ تنهنجو پٽ ٿو اچي ان ڪري گاڏي ضرور وقت تي پهچڻ گهرجي.

موسو-

ناراض نه ٿيو سائين--! مون ته ائين پئي پڇيو.

ممون-

هلي آ موسيٰ، ٻاهر هلي ٿا ويهون. معاف ڪجو سائين اوهان کي تڪليف ڏني سون. اچ ڀائو. (وڃڻ جو تاثر).

 

تون هت ويهه ته مان ٿو حمير کان پڇي اچان، هن کي ريل جي سموري خبر هوندي آهي. وڃجانءِ نه ڪيڏانهن!

موسو-

ڪيڏانهن ويندس--؟ هتي ته سُڃ پيئي ٿي واڪا ڪري پر جلدي اچجانءِ؛ مون کي اٻاڻڪائي ٿيندي.

ممون-

بس اِجهو آيس--! (وڃي ٿو).

موسو-

ٽائيم ته ٿي ويو هوندو! الائي ڇو دير ٿي اٿس--؟ (ٿڌو ساهه) جيئن دير تيئن خير! پنهنجي منهن ٿو ڳالهايان سودائي ٿي پيو آهيان ڇا--؟ (هلڪو کلي ٿو) ماڻهو چريا به ائين ئي ٿيندا آهن---! (کلڻ-).

 

(رمون پري کان هوڪو ڏيندو اچي ٿو--)

رمون-

مڱ مساليدار؛ چڻا گرم، مڱ مساليدار، چڻا گرم--!

(ويجهو اچي ٿو) ڏاڏا مڱ مساليدار.

موسو-

نه پٽ، ممونءَ پيٽ ڀري ماني کارائي اٿم.

رمون-

ممون ٽانگي وارو--؟

موسو-

تون سڃاڻيس ڇوڪرا--؟

رمون-

ها ڏاڏا، ممون کي ته سڀ سڃاڻن. ننڍڙي ٽيشڻ آهي، هتي هرڪو هڪ ٻئي کي سڃاڻندو آهي. پر تون ته اوپرو ٿو ڏسجين ڏاڏا--!

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com