پردو ٽيون
(ٻئي ڏينهن نوفل خوشيءَ جي درٻار لڳائي ٿو، ۽ سخي حاتم جي عزت
خاطر هڪ محفل مچائي ٿو.
غريبن کي کاڌو کارايو وڃي ٿو. تختگاهه جون گهٽيون ۽ رستا
سينگاريا ويا آهن) پردو کلي ٿو.
(ايتري ۾ هڪ دربان اچي ٿو نوفل کي چوي ٿو ته هڪڙو ڪاٺير ۽ سندس
زال درٻار جي ٻاهران حاضر آهن ۽ فرياد ڪن ٿا.)
نوفل: هڪدم حاضر ڪريون.
(انهي حڪم تي سپاهين جو منهن لهي وڃي ٿو).
حاتم: اهي ڪاٺير ۽ سندس زال اهي ئي آهن، جن کي مون پنهنجو پاڻ
حوالي ڪيو هو.
نوفل: هو ڪئين؟
حاتم: اهي ٻيئي ڄڻا پاڻ ٻڌائيندا.
(ڪاٺير ۽ سندس زال اندر اچن ٿا ۽ سلام ڪن ٿا.)
نوفل: ٻڌايو، جلدي ٻڌايو، اوهان جو ڪهڙو فرياد آهي؟
ڪاٺير: حضور! هيءَ منهنجي زال آهي. اسين ٻيئي جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪري
رهيا هئاسين ته منهنجي زال مون کي چوڻ لڳي ته
”ميان! نوفل جو گهمايل پڙهو ٻڌي منهجي دل گهري ٿي
ته جيڪر حاتم پاڻ کي هٿ اچي وڃي ته انعام وٺي ڪهڙي
نه سکي حياتي گذاريون!
نوفل: پوءِ ڇا ٿيو؟
ڪاٺير: مون هن کي چيو ته ”اهڙي اجائي سڌ نه ڪر. حاتم سخي آهي.
شال خوش هجي! اسين هن حال ۾ ٺيڪ آهيون. حاتم جو
ڀرواري جهنگ ۾ لڪل هو، تنهن اها ڳالهه ٻڌي ورتي ۽
ٻاهر نڪري آيو ۽ اسان کي چيائين ته ”آءٌ حاتم
آهيان، مون کي وٺي هلو ۽ پنهنجي دل جي آرزو پوري
ڪريو.“
نوفل: هون، اڳتي ڇا ٿيو؟
ڪاٺير: مون حاتم کي گهڻو ئي ٻاڏايو، پنهنجي زال جي اجائي گفتار
لاءِ معافي ورتي؛ پر هن نه مڃيو ۽ مون کي زور
ڀريائين ته مون کي نوفل وٽ وٺي هلي انعام وٺو.
نوفل: (ڏندين آڱريون ڪري) تڏهن منهنجي سپاهين حاتم کي گرفتار نه
ڪيو هو؟
ڪاٺير: بلڪل نه. اهي ته اسان کي، اوهان ڏي ايندي واٽ تي مليا ۽
مون کي ۽ منهنجي زال کي تلوارون ڏيکاري، مارڻ جا
دڙڪا ڏيئي، حاتم کي پاڻ سان وٺي آيا. ان بعد اسان
پنڌ ڪندا ڦرندا ڦرندا، حضور جي درٻار ۾ پهتا
آهيون. فرياد آهي ته اسان جو انصاف ڪيو وڃي.
نوفل: (حاتم ڏي ڏسي) اي سخي! مان ته منجهي پيو آهيان. سچي ڳالهه
ڪيئن آهي؟
حاتم: ڪاٺير جي ڳالهه اکر به اکر سچ آهي. سپاهي
سراسر ڪوڙا آهن، منهنجي روبرو انهن کي پيش ڪيو
وڃي، ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.
نوفل: سپاهين کي اسان جي سامهون آندو وڃي.
(سپاهي آندا وڃن ٿا.)
نوفل: اڙي ڪمبختو، سچ ٻڌايو ته حاتم توهان کي ڪيئن هٿ آيو؟ هن
ڪاٺير ۽ سندس زال هن کي هٿ ڪيو يا اوهان؟
سپاهي: (شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪري) حضور! جيئدان ڏين، ته سچ
ڳالهايون؟
نوفل: ڪوڙ جي ضرور اوهان کي سزا ڏني ويندي.
(سپاهي ڏڪڻ لڳن ٿا.)
حاتم: نوفل، هنن کي به بخشيو وڃي، آخر ته انسان آهن. پئسن جي
لالچ ۾ اچي ائين ڪيو اٿن. پئسو آهي به اهڙي بُري
شيءِ، جا انسان کان سڀڪو ڏوهه ڪرائي ٿي.
نوفل: سپاهيو! اوهان کي بخش آهي. سچي ڳالهه ٻڌايو؟
سپاهي: جيئندا قبلا! اسان حاتم جو هٿ زبردستيءَ هنن کان ڇڏايو
هو ۽ حاتم کي پنهنجو شڪار ڪري ڄاڻايو، فقط ان لاءِ
ته انعام ملي، جنهن کان هينئر اسين پشيمان آهيون!
نوفل: (حاتم ڏي منهن ڪري) اي سخي حاتم، تو مون کي اڄ سبق
سيکاريو آهي ته سچائي ۽ سخاوت ڪهڙين ڳالهين جو
نالو آهي. اميد ٿو ڪريان ته آئيندي مان تنهنجي
نقشِ قدم تي هلي، حڪومت هلائيندس. اوهان کي پنهنجي
حڪومت نيبهه هجي! شال جيئو!
]پردو
ڪِري ٿو[
|