سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :14

ساٿي-

سمنڊ ۾ خوشخبري هجي يا نه هجي، البت هن غار ۾ تنهنجي لاءِ هڪ خوشخبري؟ ڪهڙي؟

ساٿي-

ٻڌندين ته ٽڙي پوندين دوست.

سجاد-

ٻڌا ساٿي، جلد ٻڌا، ڪجهه ته ٻڌا!

ساٿي-

تون جڏهين ننڊ پيو هئين، تڏهين مون غار جو جائزو ورتو هو. هن وڏي پٿر هيٺان تمام وڏو خزانو دفن ٿيل آهي.

سجاد-

خزانو، ڪهڙو خزانو؟

ساٿي-

هيرا جواهر-سون چاندي.

سجاد-

ڪٿان آيو اهو خزانو؟

ساٿي-

خبر ناهي، لڳي ٿو ته ڪٿي سوين سال اڳ ڪي ماڻهو اهو خزانو اتي دفن ڪري ويا آهن.

سجاد-

ڪير هئا اهي ماڻهو؟

ساٿي-

ٿي سگهي ٿو ته اهي به ڪنهن ٻڏل جهاز جا مسافر هجن.

سجاد-

ها، ها ائين ئي هوندو. پر پوءِ دير ڇا جي؟ مونکي ان پٿر کي هٽائڻ گهرجي. تون ساٿ نه ڏيندين ساٿي؟

ساٿي-

مان ته صرف پاڇو آهيان.

سجاد-

ته پوءِ اهو ڪم مونکي اڪيلي سر ڪرڻو پوندو.

 

(پٿر کي زور ڏيئي هٽائڻ جو تاثر)

سجاد-

ڏاڍو وزني پٿر آهي، ٿڪائي وڌائين.

 

(وري زور لڳائڻ جو تاثر)

سجاد-

چُريو آهي. ها، باقي ٿورو-هٽي ويو—(تعجب ۾) يا خدا! هيترا سارا هيرا جواهر! ۽ هي سونيون اشرفيون! ۽ هي هار مان ته مالامال ٿي ويس دوست. مان امير ٿي ويس، مان ڪروڙ پتي، نه نه ارب پتي ٿي ويس، هن خزاني سان ته مان ڪيئي جهاز خريدي سگهان ٿو. ٿينڪ يو ساٿي-ٿينڪ يو- يو آر گريٽ(اداس لهجي ۾) پر....پر....هيءَ سڀڪجهه ڪهڙي ڪم جو؟ هن ويراني ۾ هي آبدار موتي، واريءَ جي ذرڙي کان وڌيڪ قيمتي ناهي. هي چڪمندڙ هيرو، پٿر کان وڌيڪ وڻندڙ ضرور آهي پر مهانگو ناهي. ڇا ڪندس؟ ڇا ڪندس مان هي هيرا، هي جواهر، هي خزانا، هن ويراني ۾ ڇا ڪندس ساٿي؟ ٻڌاءَ ساٿي؟

ساٿي-

جذباتي نه ٿي دوست، هل ته ٻاهر گهمڻ هلون.

سجاد-

۽ هي خزانو؟

ساٿي-

(کلندي) ان کي اتي ئي رهڻ ڏي، کيس ڪوبه چوري ڪري نه سگهندو. تو اچ-هلي آءُ.

 

(Music-Waves-Birde)

 

]گهڙي جي ٽڪٽڪ[

ساٿي-

چپ ڇو آهين دوست؟

سجاد-

اداس آهيان.

ساٿي-

اداس ارب پتي!

سجاد-

نه، ڪنگال ارب پتي،

ساٿي-

هڪ ڪم ڪر دوست.

سجاد-

ڇا ساٿي؟

ساٿي-

ناشتي تي هڪ هيرو کائي ڇڏيندو ڪر، منجهند جو به موتي ۽ رات جو ٿالهه اشرفين جو. پيٽ ڀريل رهندئي.

سجاد-

مذاق نه ڪر.

ساٿي-

دنيا ۾ هر انسان ٻئي انسان جو گلو ان لاءِ ڪاٽيندو آهي، ڀاءُڀاءُ جو دشمن ان دولت لاءِ ٿيندو آهي، پيءُ اولاد جو ۽ اولاد پيءُ جو ويري به ان ملڪيت لاءِ ٿيندو آهي.

سجاد-

دنيا جي ٻي ڳالهه آهي.

ساٿي-

دنيا ۽ دولت مان توکي ڪابه هڪ شيءَ چونڊڻ لاءِ چيو وڃي ته تون ڇا چونڊيندين؟

سجاد-

پنهنجو گهر-پنهنجا ٻار.

ساٿي-

۽ هي خزانو؟

سجاد-

مٽيءَ مٺ آهي.

[Music-Waves-Birds-

گهڙي جي ٽڪ ٽڪ

 Time Lapse]

سجاد-

ٽي مهينا ٿي ويا آهن، هاڻي ته کين يقين ٿي ويو هوندو.

ساٿي-

ڇا جو؟

سجاد-

منهنجي موت جو.

ساٿي-

اها ته پاڻ سٺي ڳالهه ٿي.

سجاد-

ڪيئن؟

ساٿي-

ان لاءِ جو تون جڏهن اوچتو ٻيهر سندن سامهون ويندين ته هو حيران ٿي ويندا.

سجاد-

(ٿڌو ساهه) خبر ناهي اهو ڏينهن ڪڏهين ايندو؟ ايندو به يا نه؟

ساٿي-

اهو ڏينهن ضرور ايندو.

سجاد-

ان ڏينهن کي مائڻ لاءِ مونکي انتظار جي ڪيترين سورين تي چڙهڻو پوندو؟ ڏهاڳ جا ڪيترا ڏنگ سهڻا پوندا؟ غم جا ڪيترا پهاڙ پار ڪرڻا پوندا؟ ساٿي اهو ڏينهن ڪڏهين ايندو؟ اهو ڏينهن ايندو ساٿي؟(سڏڪا) اهو ڏينهن ڪڏهين ايندو؟

Sad music (ڏينهن جو تاثر)

سجاد-

ساٿي.

ساٿي-

جي دوست.

سجاد-

اڄ جو راشن خلاص، نه پاڻي نه ماني، اڄ پيٽ جي خاطر جهنگل ۾ هلڻدو پوندو، تيار آهين؟

ساٿي-

بلڪل تيار آهيان.

سجاد-

ته پوءِ هل، منجهند تائين ڪونه ڪو بندوبست ٿيڻ گهرجي.

ساٿي-

ٺيڪ آهي.

 

(غار مان ٻاهر نڪرڻ جو تاثر)

سجاد-

ٻاهر اُس ڏاڍي تيز آهي. هوا به گهٽ آهي، سمنڊ خاموش آهي.(تعجب ۽ خوشيءَ مان) ساٿي.

ساٿي-

جي.

سجاد-

سمنڊ ۾ ڪجهه ڏسين ٿو؟

ساٿي-

نه، ڇا آهي؟

سجاد-

ڪو ننڍڙو جهاز آهي. 

ساٿي-

جهاز؟

سجاد-

 ها- هو ڏس، هن پهاڙ جي ساڄي طرف نظر اچيئي ٿو؟

ساٿي-

شايد – شايد ڪو جهاز آهي.

سجاد-

شايد نه، پڪ ئي پڪ جهاز آهي. اسان کي کيس روڪڻ گهرجي.

ساٿي-

اسان کي ڏسي سگهندا؟

سجاد-

ضرور ڏسندا. شايد هتان نڪرڻ جو اهو پهريون ۽ آخري موقعو آهي. اچ ساٿي، اچ. دير نه ڪر. هليا نه وڃن.

 

(ڊوڙڻ جو تاثر)

سجاد-

(زور سان) ترسو-ترسو-جهاز وارؤ-بيهو، هيڏانهن ڏسو؛ خدا جي واسطي هيڏانهن نهاريو. منهنجو آواز ٻڌو. روڪيو، جهاز کي روڪيو.(ساٿي کي) نٿا ٻڌن، نه ٻڌندا، شايد نه ٻڌندا (زور سان) ٻڌو. منهنجو آواز ٻڌو. خدارا، منهنجو آواز ٻڌو. (جهاز جي هوٽ ڪرڻ جو آواز).

سجاد-

(خوشيءَ مان) ٻڌي ورتائون. ڏس هنن ٻڌي ورتو. ساٿي هنن مونکي ڏسي ورتو آهي.(جهاز ٻيهر هوٽ ڪري ٿو) ٻڌئي. هنن مونکي ڏسي ورتو آهي، مان ڪيڏو نه خوش آهيان ساٿي. اڄ مان ڪيڏو نه خوش آهيان. ڏس- هنن جهاز جو رخ ڦيرائي ڇڏيو آهي. هو اسان ڏانهن اچي رهيا آهن. هو مون ڏانهن اچي رهيا آهن.

(سجاد جا ٽهڪ)

[Music Continues

Birds-Waves-Ship hoots-

Happy music]

(ڪپتان، دارا، روزي ۽ سجاد جا ٽهڪ Mix).

ڪپتان-

(کلندي) سڄي زندگيءَ ۾ ان کان وڌيڪ دلچسپ واقعو نه اڳ ڏٺم ۽ نه ٻڌم. چاليهه سال ٿيا اٿم هن سمنڊ ۾ جهاز هلائيندي. هتان جي چپي چپي  جو واقف آهيان. ڪهڙيءَ لهر هيٺان ڪيتريون سامونڊي بلائون ڇُپيل آهن، سڀ ڳڻيل اٿم. ڪمال آ، هن ويران ٻيٽ تي ڪو اڪيلو انسان به زندهه هوندو. ان لاءِ ته مان سوچي به نٿو سگهان.

سجاد-

سڀ زندگيءَ جا کيل آهن ڪپتان صاحب. داڻو پاڻي لکيل هو جو بچي پيس. ور نه هيترن سالن مسافرن ۽ عملي مان ڪو به نه بچيو.

دارا-

اسان جهاز جي ٻڏڻ جي خبر برابر ڪجهه مهينا اڳ اخبار ۾ پڙهي هئي، ڪهڙي خبر هئي ته هتي هن ريت ملاقات ٿي ويندي.

ڪپتان-

هيءَ دارا صاحب آهي. منهنجي جهاز جو مالڪ. هيءَ سندس ڌيءَ روزي آهي، ڪاليج ۾ پڙهندي آهي!

روزي-

اوهان سان هن ويراني ۾ ملي ڏاڍي خوشي ٿي.

سجاد-

منهنجو نالو سجاد آهي.

روزي-

سٺو نالو آهي.

سجاد-

مهرباني.

دارا-

تعجب آهي، توهان آخر زنده ڪيئن رهيا؟ نه ڪو ڳالهائڻ وارو نه ٻولهائڻ وارو، نه ساٿي نه سنگتي.

سجاد-

ساٿي؟ (سوچيندي) ساٿي ته مون سان هميشه گڏ هو.

دارا-

ڇا مطلب؟

سجاد-

جي ڪجهه به نه، ايترا ڏينهن مون پاڻ کي اڪيلو ٿيڻ ئي نه ڏنو. پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو هوس؛ سوچيندو  رهندو هوس.

دارا-

اوه! مون سمجهيو

روزي-

اوهان کائيندا ڇا هئا ۽ پيئندا ڇا هئا؟

سجاد-

کائيندو هوس سمنڊ جي تازي صحت بخش هوا ۽ پيئندو هوس پنهنجي اکين جو کارو پاڻي.

روزي-

خوب! پوءِ ته اسان کي توهان جي خوب خدمت ڪرڻي پوندي. ڪپتان صاحب، بورچاخاني مان ڪجهه گرما گرم کاڌو ته گهرائي وٺو.

ڪپتان-

اجهو ٿو انتظام ڪيان مس روزي.

سجاد-

ڪپتان.

ڪپتان-

جي سجاد صاحب.

سجاد-

سڀ کان پهرين مان شيو ڪري وهنجي سهنجي صاف ڪپڙا پهرڻ ٿو چاهيان.

ڪپتان-

جيڪا اوهانجي مرضي. اوهانجي ماپ جا ڪپڙا آساني سان ملي ويندا. اسان جي عملي ۾ هڪ ٻه نوجوان بلڪل اوهان جي قد ڪاٺ جا آهن.

روزي-

ويري گڊ ۽ ڀلا هتان هلڻ جو ڇا پروگرام آهي؟

ڪپتان-

اچڻ پنهنجي وس هوندو آهي مس روزي-پر موٽي واپس ورڻ پرائي وس هوندو آهي.

روزي-

ڇا مطلب؟

ڪپتان-

هن ڪناري تي سمنڊ ايترو اونهو ڪونهي جو جهاز ٻيهر اونهي ۾ وڃي سگهي. ان لاءِ اسان کي وير جو انتظار ڪرڻو پوندو.

روزي-

ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان هتان جلدي نڪري نه سگهنداسين.

دارا-

روزي. ڊيئر، ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي.جهاز ۾ کاڌو، پاڻي ۽ تيل جام آهي. جيستائين سڻائي وير اُڀري، تيسين اسان هن ٻيٽ جو سير ڪنداسين. هونءَ به مونکي ڪجهه ڏينهن آرام جي سخت ضرورت آهي. هن ريت ئي سهي. ڪجهه سڪون ته ملي ويندو.

روزي-

او ڪي-نو پرابلم.

دارا-

(کلندي) ديٽ از اي گڊ گرل.

 

(Music)

ساٿي-

دوست.

سجاد-

(ڇرڪي) هون؟ ڪير؟ تون؟

ساٿي-

ڇو؟ ايتري ۾ ئي وساري ويٺين؟

سجاد-

نه اهڙي ته ڳالهه ناهي.

ساٿي-

خبر ناهي- شايد نوان ساٿي ڏسي پراڻو ساٿي دل تان لهي ويو هجيئي.

سجاد-

توکي ڪيئن وساريندس دوست. تون نه هجين ها ته جيڪر مان ڪڏهوڪو ڪومائجي مري وڃان ها. تو ئي ته مون کي نئين زندگي ڏني. مان تنهنجو احسان لاهي نه سگهندس.

ساٿي-

اهڙيون ڳاليهون نه ڪبيون آهن، ڀلا اهو ٻڌاءَ ته ڪير ڪير آهن ان جهاز ۾؟

سجاد-

هو توکي ڏسي نٿا سگهن، تون ته کين ڏسي سگهين ٿو.

ساٿي-

تنهنجي زبان مان ٻڌڻ ٿو چاهيان.

سجاد-

جهاز جو مالڪ دارا آهي. سندس نوجوان ڌيءَ روزي آهي، جهاز جو ڪپتان آهي ۽ سندس 108 خلاصي آهن.

ساٿي-

روزي ڪيئن آهي؟

سجاد-

خوبصورت آهي.

ساٿي-

۽ توکي پسند آهي.

سجاد-

مون ائين  نه ته چيو.

ساٿي-

مان ٿو چوان. جڏهين تون ساڻس ڳالهائي رهيون هئين، تڏهين مان توهان جي بلڪل وچ ۾ موجود هوس. مون تنهنجي اکين ۾ آيل چمڪ چڱيءَ ريت ڏسي ورتي هئي.

سجاد-

(شرمائيندي) شٽ اۡپ.

 

(Music)

(روزي ۽ سجاد جي کلڻ جو آواز)

روزي-

ته چئبو ته جناب ناريل جو پاڻي پي ۽ کوپرو کائي پورا چار مهينا زنده رهيو آهي.

سجاد-

اوهان بلڪل ٺيڪ سوچيو آهي.

روزي-

۽ اهو به ته هن بيابان ۾ ڪو هڪڙو بدنصيب اهڙو به باندر نه هو جيڪو توهان جو ساٿ ڏئي سگهي.

سجاد-

مان اڪيلو ڇا خوبصورت نٿو لڳان، ڪنهن ناريل جي وڻ تي؟

روزي-

اهو ته ڏسڻ کان پوءِ ئي ٻڌائي سگهجي ٿو.

سجاد-

سچ پڇين روزي ته اهو سمورو عرصو مون هڪ ڀيانڪ خواب جيان گذاريو آهي. سج روز اڀرندو هو، روز لهندو هو. چنڊ روز چڙهندو هو، روز غائب ٿيندو هو. ستارن جا ديپ ٻرندا هئا، اجهامي ويندا هئا. پر مان هن گهري اجهاڳ سمنڊ کي گهوريندو رهندو هوس. ان آس تي ته ڪو آسرو، ڪا مدد، ڪو سهارو، ڪنهن ٽڪمندڙ ستارن جيان، ڪٿان نه ڪٿان، ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور اڀري ايندو. پر اهو سهارو ايڏو مضبوط هوندو، اهو ستارو ايترو خوبصورت هوندو، اهو ته مون ڪڏهين خواب ۾ به نه سوچيو هو.

روزي-

مون به ته ڪڏهين ائين نه سوچيو هو ته منهنجي خوابن جو شهزادو هيترو دور، اڪيلو ۽ تنها ملندو.

سجاد-

اچ، مان توکي هيءَ جزيرو گهمايان. ڏس، هيءَ  آهي اها جاءِ جتي مون هوش ۾ اچڻ کان پوءِ اک کولي هئي. هتي ئي ويهي  مان ڪنهن مدد جو انتظار ڪندو هوس. هو سامهون مٺي پاڻي جو تلاءُ آهي، جنهن کي مان ”سوئمنگ پول” سڏيندو آهيان ۽ هو مٿي اها آعاز آهي، جيڪا منهنجي ڊرائنگ روم، بيڊ روم ۽ ڊائننگ روم جو ڪم ڏيندي آهي(ياد ڪندي) ۽ ها، هڪ ڳالهه ته توکي ٻڌائڻ وسري ويم.

روزي-

ڪهڙي ڳالهه؟

سجاد-

اچ مون سان--

روزي-

ڪيڏانهن؟

سجاد-

منهنجي ڊرائنگ روم ۾.

روزي-

پر ڇو؟

سجاد-

آهي ڪا ڳالهه.

روزي-

ڪهڙي ڳالهه آهي؟

سجاد-

پنهنجي اکين سان ڏس. اچ، اچ اندر اچ، هتي هن ڪنڊ ۾ نهار، هن پٿر جي پويان.

روزي-

اُف! خدايا هي ڇا آهي.

سجاد-

(کلندي) خزانو، دولت، هيرا، جواهر، سون چاندي ايترو خزانو ته دنيا جي امير ترين انسان وٽ به نه هوندو.

روزي-

ڪٿان آندئي ايترو خزانو؟

سجاد-

ملي ويو. منهنجي صبر جو ڦل. تڪليفن، عذابن، ڏکن، ڏوجهرن جو انعام.

روزي-

سجاد هيءَ ته تمام گهڻي دولت آهي.

سجاد-

ها، بي انتها دولت آهي. پاڻ ٻئي ان جا اڪيلا مالڪ آهيون. اسان هتان نڪرڻ کان پوءِ شادي ڪري ڇڏينداسين.

روزي-

تون ان جو فڪر نه ڪر.

روزي-

يا خدا، ايتري دولت!

سجاد-

(کلندي) پر تنهنجي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي.

 

(سامونڊي پکيءَ جي تيز رڙ  Music Mix)

ساٿي-

هي تو ڇا ڪيو دوست؟

سجاد-

ڇا ڪيم؟

ساٿي-

خزاني جو راز روزيءَ کي ڇو ٻڌيئي؟

سجاد-

ان ۾ ڪهڙي برائي آهي؟

ساٿي-

برائي آهي.

سجاد-

ڪهڙي؟

ساٿي-

تون نه سمجهندين دوست.

سجاد-

آخر ته مون کي انسانن ۾ موٽي وڃڻو آهي، زندگي ڀر ته هن ٻيٽ تي اڪيلو نه گذاريندس.

ساٿي-

تون جن جي ڳالهه ٿو ڪرين، اهي تنهنجا پنهنجا ناهن.

سجاد-

روزيءَ متعلق ڇا خيال اٿيئي؟

ساٿي-

هوءَ اجنبي آهي.

سجاد-

هوءَ مونکي پسند آهي..

ساٿي-

هر وڻندڙ شيءَ اعتماد جي قابل نه هوندي آهي دوست.

سجاد-

مان فلاسفر ناهيان.

ساٿي-

زندگي هڪ سادي سودي حقيقت آهي.

سجاد-

روزي لاءِ منهنجو چاهه هڪ حقيقت آهي.

ساٿي-

ڪي حقيقتون بيحد تڪليف ڏيندڙ هونديون آهن دوست.

 

(Music)

دارا-

خزانو.

روزي-

جي ها ڊيڊي. ڌرتيءَ جي سيني ۾ دفن وڏي ۾وڏو خزانو.

دارا-

شايد تقدير اسان کي وڌيڪ امير ڏسڻ ٿي چاهي.

روزي-

شايد نه، يقيناۡ، او ڊيڊي، هيرن جواهرن جي چمڪ ڏسي مان ته دنگ رهجي ويس. ائين لڳو ڄڻ ڪو خوبصورت خواب ڏسي رهي  هجان.

دارا-

دارا کي خواب ساڀيان ۾ بدلڻ ۾ ايندا آهن ڌيءَ. تون اُن احمق سجاد کي پنهنجي قبضي ۾ قابو رک. باقي ڪم مون تي ڇڏي ڏي.

روزي-

هن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي ڊيڊي؟

دارا-

سياڻا ماڻهو پنهنجو ڪفن پاڻ سان گڏ کڻي نه گهمندا آهن ڌيءَ. کيس ڇڏي ڏي ته هن اڪيلائي ۾ٻوساٽجي مري وڃي ۽ ها کيس ڪنهن به قسم جو شڪ پوڻ نه ڏجانءَ .

روزي-

هرگز نه ڊيڊي؛ پر پاڻ هلنداسين ڪڏهن؟

دارا-

ڪنهن به وقت. جڏهين به وير چڙهي، اسان چپ چاپ هتان روانا ٿي وينداسين ۽ پوءِ دارا دنيا جو امير ترين انسان هوندو(کلي ٿو)

سجاد-

ڇا ڳالهه آهي روزي، اڄ ڏاڍي خوش پئي نظر اچين.

روزي-

شايد هاڻي تنهنجي آزمائش جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي. ڪپتان پئي چيو ته ڏينهن ٻن ۾ اسان هتان روانا ٿي سگهنداسين.

سجاد-

سچ؟

روزي-

۽ پوءِ تون ٻيهر سڌريل دنيا ۾ موٽي سگهندين.

سجاد-

او ٿينڪ يو، ٿينڪ يو روزي.

روزي-

واپس ورڻ کان پوءِ وساري ته نه ڇڏيندين؟

سجاد-

چرين آهين. تون ته منهنجي تقدير آهين، تو کان ڌار ٿيڻ جو ته مان تصوي به نٿو ڪري سگهان.

روزي-

سچ؟

سجاد-

سچ.

روزي-

منهنجو خيال آهي ته هاڻي تون پنهنجو سامان وغيره کڻي جهاز تي هليو اچ. جڏهين به موقعو مليو هليا هلنداسين.

سجاد-

مون وٽ ڪهڙو سامان رکيو آهي؟

روزي-

خزانو؟

سجاد-

اڙي ها، اهو ته وسري ويم. اهو ته اڄ ئي کڻائي جهاز تي رکائي ٿا ڇڏيون.

روزي-

منهنجو به اهو ئي خيال آهي.

سجاد-

نيڪ ڪم ۾ دير ڇا جي؟

روزي-

دير نه، احتياط، جهاز جي ڪپتان ۽ عملي کي ان ڳالهه جي کڙڪ به پوڻ نه گهرجي. اهو ڪم ڊيڊي ۽ اسان ٻنهي کي رازداريءَ ۾ ڪرڻو پوندو. زمانو خراب آهي ڊيئر.

سجاد-

تون ٺيڪ ٿي چوين. اهو ڪم اسان کي رات جي اونداهيءَ ۾ ڪرڻو پوندو. جلدي-اڄ ئي.

روزي-

(کلندي) ٺيڪ آهي، اڄ ئي

 

(Happy Music)

ساٿي-

هي تون ڇا ڪري رهيون آهين دوست ؟

سجاد-

وڃڻ جي تياري.

ساٿي-

تون پنهنجو هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو آهين.

سجاد-

مان جو ڪجهه ڪري رهيون آهيان، نهايت سوچي سمجهي ڪري رهيو آهيان.

ساٿي-

سوچ ۽ سمجهه تو کان موڪلائي وئي آهي.

سجاد-

ڇا ٿو چوڻ چاهين؟

ساٿي-

اهو ئي جو تون سمجهڻ نٿو چاهين، روزي هڪ خوبصورت ڄار آهي.

سجاد-

(ڪاوڙ ۾) ساٿي.

ساٿي-

سچ ڏاڍو ڪڙو هوندو آهي دوست.

سجاد-

تون منهنجي خوشيءَ کان جلي ويو آهين.

ساٿي-

مون تنهنجو غم پنهنجي جهوليءَ ۾ پاتو هو.

سجاد-

توکي خوف آهي ته مان توکان ڌار ٿي ويندس. دور ٿي ويندس.

ساٿي-

پر مان ته تنهنجي قريب رهندس.

سجاد-

تون نٿو چاهين ته مان ٻيهر موٽي انساني آباديءَ ۾ وڃان.

ساٿي-

مان توکي برباد ٿيندي ڏسي نٿو سگهان.

سجاد-

تون ڪوڙو آهين، مڪار آهين، فريبي آهين.

ساٿي-

مان تنهنجو ساٿي آهيان، بيغرض آهيان، مخلص آهيان.

سجاد-

اهو تنهنجو ڍونگ آهي، هاڻي پري ٿي وڃ منهنجي وجود کان.

ساٿي-

دوست.

سجاد-

مون کي دوست نه چئو.

ساٿي-

پر دوست---

سجاد-

خاموش. مان وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي.

ساٿي-

پر----

سجاد-

(روزي سان) مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي.

 

ميوزڪ

دارا-

(ٽهڪ) اڄ رات اسان هن ڀوائتي جزيري کان دور هليا وينداسين، ڇا خيال آهي ڪپتان؟

ڪپتان-

جي ها، اڄ رات موسم بلڪل موافق آهي.

دارا-

سجاد صاحب، ڇا خيال آهي، ان خوشيءَ جي موقعي تي ٿي وڃي محفل گرم؟

سجاد-

واقعي، اڄوڪي رات بيحد خوشين ڀري خوبصورت رات آهي.

دارا-

روزي، ڇا رپورٽ آهي.

روزي-

جي ڊيڊي، سامان سمورو جهاز تي اچي ويو.

دارا-

ته پوءِ دير ڇا جي؟ ٿي وڃي هڪ هڪ جام خوبصورت مستقبل جي نانءَ تي-چيئرز.

سجاد-

چيئرز.

 

(ٽنهي جي کلڻ جو آواز، سجاد جي کل آهستي آهستي جهڪي ۽ اڪيلي رهجي ٿي وڃي، ۽ پوءِ خاموشي ڇانئجي ٿي وڃي.)

 

(صبح جو تاثر- سمنڊ جون لهرون- پکي).

سجاد-

(ننڊ ۾) اڄوڪي رات نهايت خوبصورت رات آهي روزي. نهايت خوبصورت. ان کانپوءِ، ان کانپوءِ، (ڇرڪ ڀري جاڳي) اوه، مٿي ۾ سور، صبح ٿي ويو آهي شايد. روزي روزي. پر هي ڇا؟ جهاز ڪٿي آهي؟ مان ڪناري تي ڪيئن آيس. هت ته هر طرف واري ئي واري آهي. روزي ڪاڏي ويئي؟ (زور سان) روزي—روزي—هي سڀ ڇا ٿي ويو؟ هي سڀ ڪيڏانهن ويا؟ (زور سان) ڪو آهي؟ ڪو آهي؟ (پڙاڏو اچي ٿو). ويا هليا؟ سڀ ويا هليا؟ منهنجو سڀڪجهه لٽي ويا هليا؟ پر روزي ته اهڙي نه هئي؟ هوءَ بيوفا نه هئي. نه نه، اهو ناممڪن آهي. اهو ڪوڙ آهي، اهو ڪوڙ آهي. ڇا ڪيان؟ هاڻي مان ڇا ڪيان؟ ڪير آهي منهنجو هن ويرانيءَ ۾ آهي؟ (سوچيندي) ساٿي- ها- ساٿي- ها ها ساٿي- (زور سان) ساٿي—ساٿي—نه هو هاڻي موٽي نه ايندو. هو هرگز هرگز موٽي نه ايندو. مون سندس قدر نه ڪيو. مان ڏوهاري آهيان، پاپي آهيان، مان نفرت جي قابل آهيان (روئندي) مان نفرت جي قابل آهيان ساٿي! مون توکي وڃائي ڇڏيو—مون توکي وڃائي ڇڏيو. (سڏڪا).

ساٿي-

دوست.

سجاد-

(ڇرڪ ڀري) ساٿي، تون؟

ساٿي-

ها، مان.

سجاد-

تون، ساٿي تون؟

ساٿي-

ها، دوست، مان. ڀلا توکي ڇڏي ڪيڏانهن ٿو وڃي سگهان؟ مان ته تنهنجو پاڇو آهيان، ساٿي آهيان.

سجاد-

مون کي معاف ڪر ساٿي، مون کي معاف ڪر، مون کي معاف ڪر.

 

(سجاد جا سڏڪا—موسيقي اڀري ٿي.)

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com