مزور ۽ گيهه جو دلو
چهچٽو پهريون
پردو پهريون
(هڪڙو شاهوڪار بازار مان گيهه جو دِلو ڀرائي ڪنهن مزور جي
انتظار ۾ ويٺل آهي ته گيهه کڻائي گهر وڃي. اوچتو
هڪ مزور اچي ٿو.)
شاهوڪار: (مزور کي) اڙي ميان مزور، هي گيهه جو دِلو کڻي هل. ڇا
وٺندين؟
مزور: سائين، پنڌ ڪيترو آهي؟
شاهوڪار: بنهه ويجهو گهر آهي، ڊپ نه ڪر.
مزور: پوءِ مزوري ڪيتري ڏيندين؟
شاهوڪار: جيڪا واجبي هوندي.
مزور: ته به ٻول چڱي آهي.
شاهوڪار: ته ڀلا، تون ٻڌاءِ؟
مزور: پنجاهه پئسا ڏجانءِ.
شاهوڪار: واهه! ٻن قدمن تي پنجاهه پئسا؟ چرٻٽ راجا جي ننگري ڏٺي
اٿئي ڇا، جو ٽَڪي سير ڀاڄي ٽَڪي سير کاڄا. ٻن مڻن
جي گيهه کڻڻ جا به پنجاهه پئسا ته هڪ دِلي گيهه جا
به پنجاهه پئسا!
مزور: ته ڀلا تون مُکيار آهين. تون به کڻي چئو. مون ته چيو.
شاهوڪار: پنجويهه پئسا ڏيندوسانءِ.
مزور: (ويچار ڪري) ادا سچ پڇين ته اڄ صبح کان وٺي هيءَ
مهل ٿي آهي ته ٽَڪي جي مزوري به ڪانه لڳي اٿم. اٿم
ويلي کائڻ لاءِ به ڏوڪڙ ڪونه. لائين ته ڪَس ٿو پر
هل يار، گهُرجائو جو آهيان.
(دِلو مٿي تي کڻي هلي ٿو.)
شاهوڪار: ابا، سنڀالي هلج، رستي تي کَڏون کُوٻا آهن. وهٽ وانا
پيا اچن وڃن. ماڻهن جي اچ وڃ به گهڻي آهي. ڀريل
دِلو نبار گيهه جو مَس مَس قسمت سان هٿ آيو اٿم،
ته ڪٿي ڪيرائي نه وجهين.
مزور: فڪر نه ڪر، منهنجو روز جو ڌنڌو آهي. ڳوڻين کي وڃيو مٿو
ڏيون. هي بار ته اسان لاءِ وِڃڻي آهي.
شاهوڪار: شاباس! تون هلي هن پرئين چؤڪ وٽ بيهه، مان اچان ٿو.
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٻيون
(مزور کي واٽ تي هڪ ماڻهو ويندو ڏسي ٿو ۽ سَهي ٿو ڪري ته مزور
ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ آهي، سو پڇيس ٿو.)
ماڻهو: ميان مزور، آهي ته خير. ڪنهن مهل چپٽيون پيو وڃائين،
ڪنهن مهل ڏند ٽيڙي پيو کلين ته ڪنهن وقت ماٺ ۾
اچيو وڃين؟ ڏسڻ ۾ ته سِڌو سنئون ماڻهو آهين، پر ڪم
چَرين جهڙا اٿئي. آهي ته سڀ خير نه؟
مزور: ادا، ڳالهه ئي ڇڏي ڏي. سڄي ڄمار بارن هيٺ دٻيو
رهيو آهيان. سک جي ساعت نه سنڀران. عقل منهنجو
دشمن، ڪڏهن به ڪا سَمڪ نه آيم، ته سک جو ڏهاڙو
ڪڏهن ايندو. هينئر هڪ کيڏ سِٽي اٿم، جيڪڏهن ڀاڳ
ڀڙايو ته سڀ لُڙَ لهي ويندا.
ماڻهو: مون کي به ته ٻڌاءِ؟
مزور: نه ادا، اها ٽَل دل جو دل ۾ اٿم. لوڪ کي سليندس ڪونه.
(اُتي هڪ ٻيو ماڻهو اچي ٿو.)
ٻيو ماڻهو: (پهرئين ماڻهوءَ کي) ادا، هن غريب کي مٿي تي بار ۽
تون وري بيهاري پيو ساڻس باتيون ڪرين. ڇڏ ته غريب
وٺي واٽ ۽ وڃي بار سِرَ تان لاهي.
پهريون ماڻهو: پر هن کان پڇ ته سَهي، واٽ ويندي پنهنجي منهن
ڳالهائيندو وڃي. ڪڏهن ڏوهيڙا پيو ڏئي. ڪڏهن کِلي
پيو ته ڪڏهن چپٽيون پيو وڄائي. چوي ٿو ته ڪا عقل
جي کيڏ آئي اٿم.
ٻيو ماڻهو: ته پوءِ يار، اسان کي به ٻڌاءِ. تون جهونو آهين. وڏن
جو عقل به وڏو آهي، مَن اسان کي به ڪا نصيحت ملي
پوي!
مزور: مون کي ورچايو نه، مَتان منهنجي دماغ مان ڳالهه نڪري نه
وڃي. مون جيڪو پَهه پچايو آهي، سو وسري نه وڃي.
ٻيئي ماڻهو: بلي بلي! هي مزور ته لک ٿو لهي. ڀلي آئين، ٿِي
تِکو.
(مزور هلندو وڃي ٿو ۽ ساڳيا پهه پچائيندو وڃي ٿو.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٽيون
(مزور کي هڪ پنهنجو دوست ملي وڃي ٿو، سو به هن کي پَهه پچائيندي
ڏسي وٺي ٿو ۽ اچي هٿ کان جهليس ٿو. چويس ٿو ته
يار، ڪهڙي حال ۾ آهين، اڄ ڪهڙن ڳوڙهن خيالن ۾
آهين؟)
مزور: (ڇرڪ ڀري) يار، ڳالهه ئي نه پُڇ. مون اِها سِٽ سِٽي آهي
ته هِن گيهه جي دِلي جي مزوريءَ جا پنجويهه پئسا
ملندم، ان جي وڃي ڳنهندس ڪُڪِڙ، ڪُڪِڙ ٿوري گهڻين
ڏينهين ڏيندم ٻچا.
دوست: جي وٺيون لاهي ڪندئي گهر ڪِنو.
مزور: تون ته ڪو اڍنگو ماڻهو آهين. اڳتي به ٻُڌ ته سَهي مون ڇا
سوچيو آهي.
دوست: ڀلا ٻڌاءِ.
مزور: ٻچا وڪڻي ڏوڪڙ ڪمائيندس ۽ پوءِ وٺندس ٻڪري. ٻڪري ٿوري
گهڻين ڏينهين ڏيندم ڇيلا ۽ ڇيليون. اهي وڪڻي وٺندس
مينهن. مينهن کير به جام ڏيندي ۽ وڇون ۽ پاڏا
ڄڻيندي. ڏڌيءَ جو به سُکيو ٿيندس ۽ پئسو به جام
ٿيندم. پوءِ پنهنجي جاءِ جوڙائيندس.
دوست: رِٿ ته چڱي رِٿي اٿئي، پر ان ۾ گهڻا سال لڳندا. ماڻهو مري
ڪي جيئي!
مزور: تون ته نڀاڳو آهين. خدا ۾ اميد ته چڱي رکجي ته مڙئي چڱي
ٿيندي.
دوست: ڀلا اڳتي ڇا ٿيندو؟
مزور: گهر گهاٽ وارو سکيو سَتابو ٿيندس ته سڀڪو شاديءَ جي آڇ
ڪندم. پرڻجي ڪٽنب وارو ٿيندس. پوءِ پَئون ٻارهن!
هِن مزوريءَ کان ڇُٽي پوندس.
دوست: پوءِ ته ڀلا ڀائي پُٽ کير مِلي پوندءِ!
مزور: (ان ويچارن ۾ اهڙو محو ٿي ويو جو ڀانئيائين ته سچ پچ پٽ
اکين اڳيان بيٺو اٿم!)
ادا، پوءِ پٽ اچي چوندم ته بابا، امان ٿي چوي ته ماني ٿي ٺَري،
دير ٿي آهي. آءٌ تنهنجي اون ۾ ويٺي آهيان، اچي
ماني کاءُ ته آءٌ انهيءَ کي نخرو ڪري چوندس ته
(زور سان ڪنڌ لوڏي) نه، نٿو اچان.
(مزور جيئن ئي ڪنڌ لوڏيو تيئن گيهه جو دِلو ڌُو اچي پَٽ تي
ڪِريو، پرزا پرزا ٿي ويو ۽ گيهه ريلا ڪري پَٽ تي
وهڻ لڳو.)
دوست: اڙي، هي ڇا ڪيئي. رڻ ڪري وڌءِ. مالڪ ته توکان پئسا ڀرائي
وٺندو، سي ڪٿان آڻيندين؟
(ايتري ۾ مزور چوڪ وٽ ئي مس پهتو هو ته شاهوڪار به تڪڙو تڪڙو
اچي اُتي نڪتو. ڀڳل دِلو ۽ هاريل گيهه ڏسي وڻ ئي
وڄي ويس، ۽ چوڻ لڳو.)
شاهوڪار: (مزور کي) اي ڪمبخت، تو هي ڇا ڪيو؟
(چِڙ ۾ ٻه-چار ڌڪ به هڻي ڪڍيائينس.)
مزور: ادا، مارين ته ڀلي مار! زيان ته مون کان ٿيو آهي.
شاهوڪار: منهنجو سمورو گيهه زيان ڪري ڇڏيئي. هاڻي ڇا ٿيندو!
پنهنجي پُٽ جي شاديءَ لاءِ گيهه ورتو هئم. اهو ڪم
به پيو رولي ۾!
مزور: سائين، تنهنجو ته گيهه ويو، پر منهنجو ته سڄو خاندان گهر
ٻار سڀ ناس ٿي ويا. ان جو تدارڪ ڪير ڪندو!
(شاهوڪار ڌڪ هڻيس ٿو ۽ پردو ڪِري ٿو.)
|