سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :19

سين پندرهون

ڏينهن؛

حاڪم علي جو گهر-

ڊرائينگ روم-

شيرين صوفي تي ويٺي آهي- ڀر ۾ ڀانان ويٺي اٿس.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڀانان-   ائي امڙ؛ تون ڌيءَ ويٺي آهين ڪهڙي لڪايانءِ؛ هڪ طرف ته تنهنجي ڌيءَ سان ههڙيون تعديون. ٻئي طرف پٽهين سڄو سارو جوءِ جو غلام آهي.

شيرين- بس ڙي ماسي، اڄ جو زمانوئي اهڙو آهي.

ڀانان- اهي ته امڙ تنهنجا جگر آهن ائي ٻڙي ڳالهه ته ٻڌ؛ ٻڌو اٿم ته ڌيءَ فريده به پورن ڏينهن سان آهي....!

شيرين- ها ماسي؛ ان ويچاريءَ جو ته ڏک کائيندو ٿو وڃيم.

ڀانان- ته پوءِ گهرائينس ڇو نٿي--؟ نياڻيون پهريون ويم ته پيڪين ڪنديون آهن-

شيرين- منهنجي ڪو ٻڌي به ته سهي.

ڀانان- ننهڻين ڪيئن ٿي هليئي--؟

شيرين- قادر ڪڍيس، مُئي نه ڪم جي نه ڪار جي؛ اچي نعيم جو پيءُ ته اڄ ئي ٿي تکو ڪيانس ته وڃي ڌيءَ کي وٺي اچي.

Cut

سين سورهون

ڏينهن:

بهادر جو گهر-

ڪمرو- سين فريده جي ڪلوز تي کُلي ٿو جا تڙپي رهي آهي-

ڀاڳل کيس ڏسي موڙو ڏيئي منهن ڦيري هليو ٿي وڃي-

Cut

 

ڪڪڙ جو ڪلوز جو زخمي آهي-

زوم بيڪ ڪيون ٿا ته ٻه ڪڪڙ وڙهي رهيا آهن- ۽ شيرل ۽ ساٿي سندس حمايت ۾ آواز ڏيئي رهيا آهن-

Cut.

 

فريده جي تڙپندڙ منهن تي اچون ٿا- پوءِ ديوار تي لڳل ٻار جي تصوير تي ٿا وڃون- ٻار جي روئڻ جو آواز O/L ٿئي ٿو.

Cut.

 

ڪڪڙن جو ميل-

بشن ڊوڙندو اچي ٿو ۽ ڪن ۾ ڪجهه ٻڌائي ٿو- شيرل خوشيءَ وچان نوٽ هوا ۾ اُڇلي ٿو-

Cut.

 

فريده پنهنجي ٻار سان-

فريده جي اکين ۾ مامتا آهي- هوءَ ٻار کي پيار ڪري رهي آهي-

Cut.

 

شيرل اوطاق ۾ شراب پي رهيو آهي- ساٿي پڻ شامل اٿس- نچڻي ناچ ڪري رهي آهي ۽ شيرل مٿس نوٽ گهوري رهيو آهي- فريده  ٻار سان دل وندرائي رهي آهي-

Cut.

 

سين سترهون

ڏينهن؛

بهادر جو گهر-

حاڪم علي موڙي تي ويٺو آهي، ڀرسان بهادر خان ويٺو اٿس- کٽ تي ڀاڳل ويٺي آهي ۽ ٿورو پرڀرو شيرل پنهنجي ڪڪڙ جي ٽهل ٽڪور ڪري رهيو آهي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شيرل ٽهڪ ڏيندو حاڪم جي ويجهو اچي ٿو-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حاڪم اُتي شيرل جي سامهون ٿئي ٿو-

فريده اچي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حاڪم- ادا خيال هوسين ته فريده کي پهريون ٻار ٿيندو ته گهر وٺي وينداسين؛ پر توهانجي ضد اهو به ڪرڻ نه ڏنو؛ هاڻي ته خيرن سان ننڍڙو به اچي ويو آهي.

بهادر خان- حاڪم خان چار ڏينهن مونکان ننڍو آهين، مون توکان وڌيڪ زمانو ڏٺو آهي؛ جنت تي توهان وڏا ظلم ڪيا آهن--!

حاڪم- هي توهان ڇا ٿا چئو ادا؛ جنت ته مونکي جان کان به وڌيڪ عزيز آهي--!

ڀاڳل- هائو هائو ڇو نه؛ پاڻي پيئڻ جي مجال ناهي ڇوڪري کي.

حاڪم- ڀاڄائي نعيم جو ته منجهس ساهه آهي.

ڀاڳل- ائين ڇو نٿا چئو ته مورڳو ساهه ڪڍڻ جي پويان اٿس!

حاڪم- ڀاڄائي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ توکي ڳالهائڻ جو ڪو به حق ناهي.

بهادر- ڀاڳل سچ ٿي چوئي ته مچ ٿو وٺئي--!

حاڪم- مان هت بيعزتي ڪرائڻ نه آيو آهيان.

شيرل- توهانجي عزت به ڪا ڪچي رنگ جي آهي چاچا؛ ڳالهه ڳالهه تي لهي ٿي پوي.

حاڪم- شيرل تون بدتميز ٿيندو ٿو وڃين.

شيرل- چاچا چڱائي انهيءَ ۾ اٿئي ته هتان هليو وڃ.

ڀاڳل- ها ها؛ ڪهڙيون چڱايون ڪيون اٿو منهنجي ڌيءَ سان جو هاڻي پٽڪو ٻڌي فريده کي وٺڻ آيا آهيو--!

حاڪم- جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ اڃ مان فريده کي ضرور پاڻ سان گڏ وٺي ويندس.

شيرل- فريده جو لاش هتان ٻاهر نڪرندو.

حاڪم- هوش ڪر شيرل--!

 

 

 

 

 

 

 

 

شيرل ٻار فريده کان کسي ٿو وٺي-

تڙپي اُٿي ٿي- هوءَ شيرل ڏانهن وڌي ٿي- پر شيرل کيس ڌڪو ٿو ڏئي-

 

 

 

 

سُڏڪندي-

شيرل فريده کي هٿ کان وٺي ڌڪو ڏئي ٿو-

حاڪم علي روئندي کيس سهارو ڏئي ٿو-

فريده- بابا، منهنجي ڪري پنهنجي بيعزتي نه ڪرايو؛ مان توهان لاءِ مري چڪي آهيان.

حاڪم- مان توکي هتان وٺي هلندس ڌيءَ؛ ننڍڙو ڪٿي آهي--؟

شيرل- جيڪڏهن تنهنجي اِهائي مرضي آهي ته پوءِ ڌيءَ کي وٺي وڃ؛ ڪراڙا؛ ۽ منهنجي ڀيڻ کي موڪلي ڏي، باقي ٻار توهانکي هرگز نه ملندو.

فريده- نه نه، منهنجو ٻچو، منهنجو ننڍڙو!

 

شيرل- ننڍڙو توکي نه ملندو.

فريده- ائين نه ڪر، خدارا ائين نه ڪر--!

شيرل- هلي وڃ، نه ته توسان گڏ تنهنجي پٽ کي به ماري وجهندس!

فريده- منهنجي لال کي ڪجهه نه چؤ مان توکي پيرين ٿي پوان، هٿ ٿي ٻڌان، هن کي ڪجهه نه چؤ.

 

 

 

شيرل- هلي وڃ.

Cut.

سين ارڙهون

ڏينهن:

حاڪم علي جو گهر-

ڊرائينگ روم-

نعيم اُداس آهي-

شيرين سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس دلداري ڏئي ٿي.

نعيم اکيون کڻي فريده ڏانهن ڏسي ٿو؛ جا صوفي تي بي حس ويٺي آهي ۽ پوءِ ٻاهر هليو وڃي ٿو- شيرين فريده جي قريب اچي ٿي- همدردي مان- سڏڪندي-

 

 

 

 

 

 

 

 

سڏڪا-

حاڪم علي اُداس اندر اچي ٿو-

 

 

حاڪم غمگين انداز ۾-

 

فريده دانهن ڪري اُٿي ٿي-

 

 

 

 

 

سڏڪا-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

فريده چرين جيان دروازي ڏي ڊوڙي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

وڃي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

شيرين- دل نه لاهه پٽ! خدا ڪندو ته سڀ ڏولاوا لهي ويندا. جنت کانسواءِ تون اٻاڻڪو ضرور ٿيو هوندين؛ پر ڀيڻ خاطر توکي اهو سڀ سهڻو آهي.

 

شيرين- فريده...!

فريده- امان--!

شيرين- نه رو ڌيءَ.

فريده- منهنجو ٻچو الائي ڪيئن هوندو امان؛ مون ته کيس دل کولي پيار به نه ڪيو امان.

شيرين- خانداني جهيڙن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي ڌيءَ--!

فريده- باهه لڳي اهڙي خاندان کي جو ماءُ کان بچو ڌار ڪري-

 

مونکي منهنجو ٻار گهرجي امان.

شيرين- توهان اچي ويا--؟ ڇا ڳالهه آهي--؟

حاڪم- ڪجهه ناهي.

شيرين- سچ سچ ٻڌايو ڇا ڳالهه آهي--؟

 

حاڪم- ڳوٺان بشو آيو آهي، چوي ٿو ته فريده جو ڪڪو سخت بيمار آهي.

 

فريده- منهنجو ٻچو بيمار آهي--؟ ننڍڙو بيمار آهي--؟

حاڪم- صبر ڪر ڌيءَ!

فريده- ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏيئي ڦٿڪڻ کان منع ٿا ڪريو بابا؟

منهنجو هينيون اڌ ٿي پيو آهي؛ روح رتوڇاڻ ٿي چڪو آهي.

شيرين- ٻيو ڇا چيو بشوءَ--؟

حاڪم- چيائين ته ننڍڙي جي بچڻ جي ڪا به اُميد ناهي! شيرل ۽ بهادر خان کيس شهر اسپتال ۾ وٺي ويا آهن.

فريده- مان ڪهڙي ماءُ آهيان؟ منهنجو ٻچو مري رهيو آهي ۽ مان هِت ويٺي آهيان--!

حاڪم- خدا چڱي ڪندو پٽ!

 

فريده- نه بابا، مونکي وڃڻ گهرجي؛ مونکي منهنجو پٽ سڏي رهيو آهي؛ هو آسائتين اکين سان مونکي گهري رهيو آهي! مان وڃان ٿي.

حاڪم- فريده هنن سان اسان جو جهيڙو آهي-!

فريده- منهنجو ڪنهن سان جهيڙو ناهي، مونکي منهنجو پٽ گهرجي مونکي ننڍڙو گهرجي بابا.

شيرين- پر ماڻهو ڇا چوندا--؟

فريده- ڀڃي ڇڏيو ڪوڙي عزت جا ڪوڙا ڪوٽ.

ٻوڙي ڇڏيو ڏيکاءَ جا ڪچا قلعا--!

ماءُ جو پيار سڀ کان وڏي حقيقت آهي- مان وڃان ٿي.

Cut

سين اوڻيهون

ڏينهن:

اسپتال جو ڪمرو-

ٻار بستري تي مئو پيو آهي. چادر سان لاش ڍڪيل آهي- شيرل بيڊ تي ڪنڌ رکي، منهن هٿن ۾ ڪري روئي رهيو آهي- بهادر ڀرسان بيٺو آهي- فريده ديوانن جيان رڙيون ڪندي اندر اچي ٿي-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 فريده- ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي منهنجي اکين جو تارو--؟

ڪٿي آهي منهنجو جيءءُ جيارو-؟ مان پڇان ٿي منهنجو ٻار ڪٿي آهي--؟

شيرل ڪنڌ مٿي کڻي- ٻار تي جهڪي-

 

 

 

شيرل-  فريده ڪڪو......

فريده-  هاها؛ منهنجو ڪڪو؛ پر هي ڳالهائي ڇو نٿو؟ هٿ پير ڇو نٿو چوري--؟

        پٽ مان تنهنجي ماءُ آهيان!

 

اکيون کول ننڍڙا--!

روئندي-

شيرل- هي اسان کان رسي ويو آهي فريده--!

فريده کي صدمو رسي ٿو هوءَ رڙ ڪري چوي ٿي-

ٽهڪ-

 

 

بهادر اکيون اُگهندي-

 

هڪ گرائونڊ ۾ شرناين جا آواز ۽ سهرا اُڀرن ٿا-

حاڪم علي اچي ٿو-

ڌيءَ کي مٿي تي هٿ رکي ٿو-

 

ٽهڪ

 

 

 

ٽهڪ

 

فريده چرين جيان ڪڏهن روئي ٿي ته ڪڏهن کِلي ٿي ۽ پوءِ در کي جهلي سڏڪي ٿي-

- Freeze-

فريده- نه نه؛ اهو ڪوڙ آهي--!

         ڏس هو اکيون کوليو اٿائين- مونکي

        پاڻ ڏانهن پيو سڏي--!

        ڀلا ماءُ کان به ڪو ٻار رسندو آهي--!

       توهان رئو ٿا--؟

بهادر- فريده ڌيءَ....!

فريده- منهنجو پٽ ته ڄاڻ جوان ٿيو؛ مان سندس شادي ڪرائيندس ڌام ڌوم سان.

       

        گانا بجانا ٿيندا، سهرا گونجندا، شرنايون وڄنديون، جهڙيون منهنجي شاديءَ تي وڳيون هيون. اهي آواز ٻڌو ٿا نه--؟

حاڪم- فريده هوش ڪر پٽ--!

فريده- توهان به اچي ويا بابا؛ اڄ توهان به ته خوش آهيو نه بابا!

          توهان جو خاندان پرچي ويو آهي. ڏس؛ اسان سڀ هڪ هنڌ گڏ آهيون نه بابا--!

         اسان سڀ گڏ آهيون---!

         اسان سڀ گڏ آهيون بابا--!!

 

- The End-

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com