حاتم ۽ نوفل
چهچٽو پهريون
پردو پهريون
(نوفل بادشاهه جي درٻار آهي، نوفل تخت تي ويٺو آهي. امير، وزير
۽ درٻاري درٻار ۾ حاضر آهن). پردو کلي ٿو.
وڏو وزير: (نوفل کي) اي دنيا جا بادشاهه، اڄڪلهه جتي ڪٿي حاتم
جي ساراهه ٿي رهي آهي! اسان کي اهو ڏسي ڏاڍو غصو
ٿو اچي (تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي ٿو).نوفل: آخر
ڀلا ڇا جي ڪري! ائين ته اسان جي عزت گهٽجي ويندي.
نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي جو اسان جو شان نه گهٽجي؟
وڏو درٻاري: حضور! پڙهو گهمايو وڃي ته ”جيڪو به حاتم کي قيد ڪري
توهان وٽ آڻيندو، ان کي وڏو انعام ڏنو ويندو.“
نوفل: حاتم قيد ٿي اچي ته پوءِ هن کي ڇا ڪجي؟
وڏو وزير: هن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏجي ته نه رهندو بانس
نه وڄندي بانسري.
نوفل: اوهان جي صلاح ٺيڪ آهي. هڪدم ملڪ ۾ پڙهو گهمايو وڃي ته
”جيڪو حاتم کي گرفتار ڪري اسان وٽ آڻيندو، ان کي
هڪ هزار سونيون اشرفيون انعام ڏنيون وينديون.“
(سڀ وزير، امير ۽ درٻاري خوشيءَ وچان وڏي آواز سان چون ٿا:
شهنشاهه نوفل، زندهه باد! شهنشاهه نوفل، زندهه
باد!
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٻيون
(بادشاهه نوفل جي گاديءَ واري شهر جو هڪ چونڪ آهي. هڪ دهلاري
پڙهو گهمائي رهيو آهي. ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا
آهن).
دهلاري: (دهل تي ڏؤنڪو هڻي) شهنشاهه نوفل جي حڪم سان سڀني کي
اطلاع ٿو ڏجي ته جيڪو به ماڻهو حاتم کي قيد ڪندو،
ان کي هڪ هزار سونيون اشرفيون انعام ڏنيون
وينديون. (وري دهل تي ڏؤنڪو هڻي ٿو) ماڻهو خوشيءَ
مان تاڙيون وڄائين ٿا.
هڪ ماڻهو: ٻيلي واهه! حاتم کي قيد ڪرڻ ڪا ڏُکي ڳالهه ته ناهي-
هو ته اڪيلي سر جهنگن بَرَن ۾ گهمندو وتي. پاڻ سان
ڪو سپاهي به ڪونه کڻي. وتي غريب ماڻهن جا ڪم ڪندو.
نه اٿس پاڻ سان ڪو پهر، نه اٿس ڪا چيلهه سان
تلوار.
ٻيو ماڻهو: سچ ٿو چوين. هن کي پاڻ جهڙا غريباڻا سادا ڪپڙا پيل
آهن، سڃاڻبو به ڪونه ته هي ڪو وقت جو بادشاهه حاتم
آهي!
پهريون ماڻهو: يار هلو ته هلون. چوڌاري پکڙجي وڃون ۽ حاتم کي هٿ
ڪري انعام وٺي، ڪي ته ڄمار جا ڏهاڙا پيٽ سکيو
پاليون.
ٽيون ماڻهو: جڏهن کان غريبن جا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا اٿس ته محلات
ڇڏي، رهي به هڪ جهوپڙيءَ ۾ ٿو. هن کي پڪڙڻ تمام
سولو ڪم آهي. هلو ٻيلي هلو!
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٽيون
(حاتم جي رهڻ واري جهوپڙيءَ ۾ حاتم ويٺو آهي ۽ چوڌاري سندس امير
به حاضر آهن.)
هڪ امير: (حاتم کي) سرڪار! اڄ اسان کي اها خبر ٻڌي، ڏاڍو ڏک ٿيو
آهي ته نوفل اوهان جي گرفتاري لاءِ هڪ هزار
اشرفيون آڇيون آهن. (تلوار مياڻ مان ڪڍي) اسان کي
حڪم ملي ته نوفل جو تخت ناس ڪري ڇڏيون. نوفل ۾
ڪهڙي سگهه آهي جو حضور سان سِينو ساهي! اسين اوهان
جا سرويچ آهيون، سِر ڏينداسين مگر اوهان کي گرفتار
ٿيڻ نه ڏينداسين.
حاتم: اوهان ڪابه ڳڻتي نه ڪريو. آءٌ جنگ جوٽي، غريبن جو رت
وهائڻ نٿو گهران. جيڪڏهن نوفل کي منهنجو سِر کپي
ته ڀلي وٺي، مون هڪ جي سِسِي ويندي، پر هزارن جا
سِر بچي پوندا.
امير: حضور! اسين ائين هرگز ٿيڻ نه ڏينداسين، ڇا به ٿي پوي؛
اسان جا سِر حاضر آهن.
حاتم: اهائي ته ڳالهه آهي، جا مون کي نٿي وڻي. مان عام انسانن
جي جان جي سنڀال لاءِ پيدا ٿيو آهيان، نه انهن جي
برباديءَ لاءِ!
امير: اسان جي ڪهڙي نه بيعزتي ٿيندي، جو اسان جو حاڪم گرفتار
ٿئي ۽ اسين ويهي تماشو ڏسون!
حاتم: مان ويس بدلائي گم ٿي وڃان ٿو، هن جا ماڻهو مون کي بنهه
ڳولي نه سگهندا. اوهين غريبن جي ڏک سُور جو بچاءُ
ڪندا رهو. اُميد ته جلد ملنداسون. خدا حافظ!
(حاتم اُٿي وڃي ٿو.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو چوٿون
(هڪ گهاٽو جهنگ آهي، جنهن ۾ حاتم لِڪل آهي. خدا جي بندگيءَ ۾
مشغول آهي ۽ سوچي به رهيو آهي ته غريبن جي ڪيئن
مدد ڪريان! انهيءَ جهنگ ۾ هڪ ڪاٺير ۽ سندس زال
ڪاٺين جون ڀريون ڪرڻ لاءِ آيل آهن ۽ پاڻ ۾ ڳالهائي
رهيا آهن.)
ڪاٺير جي زال: اي منهنجا ڀتار! پنهنجي ملڪ ۾ نوفل پڙهو گهمايو
آهي ته ”جيڪو حاتم کي مون وٽ زندهه وٺي ايندو، ان
کي هڪ هزار سونين اشرفين جو انعام ڏنو ويندو.“
ڪاٺير: مون به ڳالهه ٻڌي آهي. پر ڇڏ انهن ڳالهين کي، وٺ ته
ڪاٺين جي ڀري ڪري وٺون. مٿان رات ٿي ويندي، هل ته
هلي پيٽ گذر ڪريون. حاتم جهڙي سخيءَ کي خدا ڪندو
ته نه لهر نه لوڏو رسندو!
ڪاٺير جي زال: تنهنجو وات گلاب. ڳالهه ته لک جي ڪئي اٿئي، پر ڏس
سڄي عمر ڪاٺيون ڪري هٿ، پير ۽ سارو ڏيل ڏکويو
اٿئون. آخر اها رُکي سُڪي ماني ڪيترو وقت تَڳَڻ
ڏيندي! اڄ نه مُئاسون ته سڀاڻي، پوءِ پٺيان ٻچن جو
ڪهڙو حال ٿيندو!“
ڪاٺير: اجايا پهه نه پچاءِ. خدا کان ڊڄ. جيڪو سڄي جهان کي پالي
ٿو سو اسان جي ٻچن کي ڇڏي ڏيندو ڇا؟
زال: آءٌ ته چوان ٿي، اڄ جي اسان کي هتي حاتم ملي وڃي ته هوند
نوفل وٽ وٺي هلونس ۽ انعام وٺي، باقي ڄمار جا ڪي
چار ڏهاڙا سُکي گذاريون!
(حاتم جيڪو جهنگ ۾ لِڪل هو، سو هيءَ ڳالهه ٻولهه ڌيان سان ٻڌي
رهيو هو، ۽ جهنگ مان ٻاهر نڪري، ڪاٺير ۽ سندس زال
جي اڳيان اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو)
اي مائي، مان حاتم آهيان. مون اوهان جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي آهي.
ڀلائي ڪري مون کي جلد نوفل وٽ وٺي هلو ۽ انعام
حاصل ڪري، پنهنجي حياتي خوش گذاريو؛ منهنجي
حياتيءَ جو مول مَتو اهو ئي آهي. جلدي هلو متان
نوفل جا جاسوس نه اچي نڪرن، ۽ مون کي وٺي وڃن!
جلدي ڪريو، جلدي ڪريو!
(سڀ گڏجي وڃن ٿا.)
]پردو
ڪِري ٿو[ |