سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو : 11

ا- م-

عجيب ڳالهه آهي، ڏس پتو به ڪونهي، پڇائي به ڏيو. ممون هوش ۾ ته آهين؟

مون-

موسي جي ڳڻتيءَ ڳاري ڇڏيو اٿم سائين. مون کان هن جو اوسيئڙو ڏٺو نٿو ٿئي.

ا- م-

پر ان جو ڪو علاج مون وٽ ته ناهي.

ممون-

توهان حاڪم آهيو، توهان جا هٿ وڏا آهن سائين. توهان سڀڪجهه ڪري سگهو ٿا. (فون وڄي ٿي)

ا- م-

چڱو ترس، ڏسان ڪير آهي؟ (فون کڻي ٿو) هلو، هلو؛ ڪراچي؟ فريد صاحب ٿا ڳالهايو؟ (ممون کي) ڪراچي کان فون آهي؛ (زور سان) جي جي سائين؛ حڪم ٿئي؛ ڪهڙي ٽرين ٿي اچي؟ اسپيشل؟ جي سائين؛ لائين ڪليئر رکنداسين. سائين... جي سائين؛ ٻيو سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي- اوهان جي مهرباني. سائين عرض ڪرڻو آهي- مون سان هت هڪ عجيب اُلجهن آهي؛ ها ها! ٻيو خير آهي، ڪو ڳوٺاڻو آهي، جنهن جو پٽ ڪلهه ڪراچي کان هت پهچڻو هو. نالو-؟ (ممون کي) نالو ڇا اٿس--؟

ممون-

ماڻڪ، سائين، ماڻڪ پٽ محمد موسيٰ.

ا- م-

(فون ۾) نالو ماڻڪ ٿا چون. ڪاليج ۾ پڙهندو آهي، جي، جي (ممون کي) رنگ جو سانورو  آهي--؟

ممون-

جي، جي ها سائين.

ا- م-

(فون ۾) ها سائين سانورو آهي (ممون کي) مٿي تي زخم جو نشان اٿس--؟

ممون-

ها سائين ها. ننڍي هوندي ڪِري پيو هو کٽ تان.

ا- م-

جي ها، اهي ئي پار پتا اٿس- جي؟ (اُداس) جي- جي ڪڏهين--؟ ڪلهه--؟ يس سر؛ يس سر آءِ انڊر اسٽئنڊ سر ٿينڪ يو سر. (فون رکي ٿو)

ممون-

ڇا ٿا چون سائين، ڪجهه پتو پيو سائين--؟ اوهان چپ ڇو ٿي ويا؟ ڇا ڳالهه آهي سائين--؟

ا- م-

ممون، ڏاڍي خراب خبر آهي.

ممون-

مولا خير ڪجانءِ.

ا- م-

ماڻڪ ڪلهه تڪڙ ۾ ٽرين ۾ چڙهندي گاڏي هيٺان اچي ويو-- ۽ ....

ممون-

سائين....

ا-م-

ڪٽجي مري ويو.

ممون-

 يا خدا.

ا-م-

هنن سندس وارثن جي ڳولا ڪئي، پر پوءِ نااُميد ٿي کيس دفن ڪري ڇڏيائون.

ممون-

دفن ڪري ڇڏيائون--؟

ا-م-

ها ممون--

ممون-

هاڻي ڇا ٿيندو صاحب! موسي! ته بي موت مري ويندو؛ ڪيئن چوانس ته سندس سڄي عمر جو پورهيو برباد ٿي ويو. سندس پيار دفن ٿي ويو. سندس عبادت ڪا نه اگهاڻي صاحب! سندس عبادت ڪا نه اگهاڻي--!

ا-م-

همٿ ڪر ممون؛ اِهو سڀ ڪم توکي ڪرڻو آهي! تون ئي دل هاري ويٺين ته پوءِ هو پير مرد صدمون سهي نه سگهندو. مون کي افسوس آهي ممون؛ مون کي بيحد افسوس آهي.

ممون-

منهنجو يار جي نه سگهندو سائين مان ڪيئن ٻڌايانس؛ (ڇرڪي) موسيٰ تون. اسان به تنهنجي ئي ڳالهه پئي ڪئي، اسان پي چيو ته....

موسيٰ-

مون سڀڪجهه ٻڌو آهي ممون؛ مون سڀڪجهه ٻڌو آهي تون سمجهين ٿو ته مان مري ويندس--؟ هاجران جي موت تي به ماڻهن ائين ئي چيو هو. هنن جو خيال هو ته منهنجو هانءُ ڦاٽي پوندو؛ دل بيهي ويندي. پر ٿيو ڪجهه ئي ڪو نه. مان اڃان تائين جيئرو آهيان؛ ڏس مان اڃا تائين جيئرو آهيان.

ممون-

موسيٰ؛ موسيٰ.

موسو-

مون هاجران جو پيار ماڻڪ ڏانهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ پوءِ ماڻڪ ئي منهنجي زندگيءَ جڪو مقصد ٿي پيو. اڄ ماڻۡڪ مري ويو. هو منهنجو هو؛ مون ڏانهن ايندي ئي مئو آهي. اڄ هو مري ويو. پر مان نه مرندس؛ مان هرگز نه مرندس! رڳو اِهو سمورو پيار بدلائي مان رمون کي ڏيندس--!

رمون-

ڏاڏا--!

موسو-

ها پٽ! اڄ اسان ٻئي يتيم آهيون. اسان کي هڪ ٻئي جي سهاري جي ضرورت آهي. مان توکي ماڻڪ جو پيار ڏيندس ۽ تون مون کي اولاد جي آسيس ڏجانءِ ڏيندين نه--؟.

رمون-

ڏاڏا! ڏاڏا--! (سڏڪي ٿو)

موسو-

نه رو پٽ، نه رو. ڏس مان روئان ٿو-؟ مان نٿو روئان نه--؟ مان نٿو روئان—مان نٿو روئان--! (روئڻ جو تاثر) اچ ٻچا هلون.

رمون-

ڪيڏانهن--؟

موسو-

پنهنجي گهر--!

رمون-

منهنجو ته ڪوئي گهر ناهي.

موسو-

تنهنجو گهر آهي پٽ! منهنجي جهوپڙي تنهنجو گهر آهي ڳوٺ وارا اسان جي انتظار ۾ هوندا، مان کين ٻڌائيندس ته ماڻڪ اچي ويو-! ماڻڪ اچي ويو--! هي ڏسو--! منهنجو ماڻڪ موٽي آيو آهي--!!

 

 

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ

سين پهريون

 

 

]پکين جا آواز—پهاڙي موسيقي فيڊ اِن ٿئي ٿي—موسيقي فيڊ آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ مالهيءَ جي ڇٻر ڪٽڻ جو آواز اچي ٿو—چوڪيدار جي لٺ  زمين تي لڳڻ جو آواز پري کان ويجهو اچي بيهي ٿو رهي-[

مالهي-

چوڪيدار اڄ هن وقت هت پيو ڏسجين؟

چوڪيدار-

ها مالهي، اڄ ڊاڪ بنگلي ۾ ڪجهه مهمان آيا آهن.

مالهي-

مهمان--؟

چوڪيدار-

حيران  ٿي وئين مالهي--؟ (ٿڌو ساهه ڀري) تنهنجي حيرت به بجا آهي! ڪافي عرصي کان هيءَ ڊاڪ بنگلو ويران جو پيو آهي--!

مالهي-

ويران ٿو چئين چوڪيدار--؟ مون کي ته هاڻي هن اڪيلائي کان وحشٽ ٿيڻ لڳي آهي. ڪو وقت هو جو هتي زندگيءُ جهومندي ڳائيندي هئي. بهارون خوشبوئن جا خزانا لٽائينديون هيون. ڪارا ڪڪر دل کولي وسندا هئا ۽ پوءِ سخت ڌرتيءَ جي سيني مان ننڍڙا، نازڪ، رنگبرنگي گل ڪرموڙي جاڳي اُٿندا هئا! هن پهاڙ جي دامن ۾ سرتيون سينگار ڪري بهار جا گيت ڳائينديون هيون ۽ محبت ڀريون دليون ڌڙڪي اُٿنديون هيون! پر......پر پوءِ.....پر پوءِ

چوڪيدار-

مونکي ياد آهي مالهي، مونکي سڀڪجهه ياد آهي! مون هن بنگلي جي چاليهه سالن کان رکوالي ڪئي آهي. پنهنجي اولاد جيان کيس هر دم  اکين آڏو رکيون اٿم.

مالهي-

شايد اسان هاڻي ڪراڙا ٿي ويا آهيون. ان ڪري بهارن ۾ اُها بوءِ نه رهي آهي.يا وري بهارون ئي اسان کان منهن موڙي ويون آهن! ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ڀائيندو آهيان، ڄڻ حياتي هلندي هلندي ٿڪجي چُر ٿي پئي آهي ۽ هاڻي سمهي رهندي ته ٻيهر ڪڏهن به نه اُٿندي. ڪڏهن به نه اُٿندي--!

چوڪيدار-

ملول نه ٿي مالهي، تنهنجي اداسيءَ جو ڪارڻ تنهنجي اڪيلائي آهي. سيزن آئي آهي، ٻه ٽي مهمان ٻيا اچڻ ڏي. ٿوري رونق ٿيندي ته دل خود بخود وندرجي ويندي.

مالهي-

ها، شايد تون سچ ٿو چئين، مونکي مايوس ٿيڻ نه گهرجي، بهار آئي آهي، هي ڏس چوڪيدار! هي ڏس--! گونچ ڦُٽا آهن، ٿورن ڏينهن ۾ گل ٽڙندا، سندن سڳنڌ سڄي وستيءَ کي واسي ڇڏيندو ۽ پوءِ مان پنهنجي اڪيلائي وساري وهندس! موتئي، مگري ۽ گلاب جي هٻڪار منهنجي روح کي ٻيهر جيئاري ڇڏيندي--!ياد اٿئي چوڪيدار--؟ گذريل سال هن بنگلي ۾ هڪ شهري بابو اچي رهيو هو--؟

چوڪيدار-

ها ها، اهو خوبصورت جانٺو جوان، نالو به چڱو هوس--!

مالهي-

سجاد.

چوڪيدار-

هاڻي ياد آيم، اهو ئي نه، جنهن سان اڪثر هڪ سهڻي ڇوڪري ساڻ رهندي هئي!

مالهي-

ها ها، بلڪل اُهو، ڪيڏو نه کلمک ۽ حسين هوندو هو. مونکي اڪثر چوندو هو چاچا، زندگي کان مايوسي انساني عظمت جي توهين آهي. خلقڻهار جيڪي ڪجهه پيدا ڪيو آيه، انسان کي شرف حاصل آهي ته ان ۾ واڌارو ڪري. وڻ ٽڻ ٻوٽا، گل ۽ گاهه اُپائڻ به تخليق جي تڪميل ڏانهن اڳتي قدم آهي، هن کي موتيو ڏاڍيو وڻندو هو. هو هر روز موتئي جو هڪ هار مون کان ٺهرائي سيما کي سوکڙي ڏيندو هو.

چوڪيدار-

ها، ان ڇوڪري جو نالو سيما هو.

مالهي-

۽ هو ساڻس بي انتها محبت ڪندو هو. ڪيڏي نه پياري جوڙي هئي، انهن ٻنهي جي، جهڙا اڇي آُجري پاڻيءَ ۾ ترندڙ ٻه نيل ڪنول! هو راتين جون راتيون سامهڻين پهاڙ تي چنڊ کي گهوريندي گذاريندا هئا. چانديءَ جهڙي چانڊوڪيءَ ۾ هو ٻه ڀٽڪيل روح لڳندا هئا.

چوڪيدار-

پوءِ سجاد هليو ويو.

مالهي-

ها، هڪ رات  اهو اوچتو هليو ويو ۽ وري نه موٽيو! هن مونکي خدا حافظ به نه چيو چوڪيدار!

چوڪيدار-

چريو آهين مالهي--!هت مسافر ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن. ڪئين آيا ۽ ڪئين ويا. تون ڪنهن جو ڪنهن جو ڏک ڪندين--؟

مالهي-

سيما به  ته ان کان پوءِ نظر نه آئي!

مالهي-

هاءِ هوءَ به پنهنجي مائٽن سان گڏ پنهنجي شهري زندگيءَ ۾ موٽي وئي!(ڇرڪ ڀري) اڙي!  مان به ڪهڙو نه چريو آهيان! صبح مردان سان بيوقوفيءَ جا قصا کڻي ويهي رهيس! تون ٻڌاءِ؟ ڪهڙا مسافر آيا آهن--؟

چوڪيدار-

ڪو پادري آهي، پنج ڇهه ننڍڙيون ڇوڪريون به ساڻ اٿس! ڪنهن اسڪول جا ٻار آهن، موڪلن ۾ جبلن جو سير ڪرڻ آيا آهن.

مالهي-

(ٿڌو ساهه ڀري) ها چوڪيدار! موڪلن ۾ هر ڪو سير تي ايندو آهي ۽ پوءِ جڏهن پهاڙن تي برف ڄمندي آهي ۽ سرد هوائون سريسر کي ڏنگينديون گذرنديون آهن. تڏهن ڪو ئي به اسان جو حال پڇڻ وارو نه رهندو آهي.

چوڪيدار-

چڱو مالهي، تون گلدستو ٺاهي کڻي هل ته مان چانهه جو بندوبست ڪري وٺان.

مالهي-

(ٿڌو ساهه) ها چوڪيدار، نئين سيزن شروع ٿي چڪي آهي.

 

سين ٻيو

 

]رات جو تاثر—پري کان ڪار جي اچڻ جو آواز ويجهو اچي بيهي ٿي—در کلي ٿو—بند ٿئي ٿو—چوڪيدار جي ڊوڙِ ويجهو اچڻ جو آواز—در تي زور زور سان کڙڪو—[

چوڪيدار-

مالهي--! مالهي--! در کول مالهي--! ٻاهر ڏس ڪير آيو آهي! جاڳ مالهي--!(در تي کڙڪو) .

مالهي-

(ننڊ کڙي آواز ۾) ڇو اچي ننڊ ڦٽائي اٿئي چوڪيدار--؟

چوڪيدار-

تون در ته کول، ڏس ته سهي ڪير آيو آهي--!

مالهي-

(در کولي) ڪير آيو آهي--؟

چوڪيدار-

او هو سامهون بيٺو آهي، ڪار جي ڀرسان.

مالهي-

سجاد--!!ڪٿي آهي--؟

چوڪيدار-

او هو سامهون بٺيو آهي؛ ڪار جي ڀرسان.

مالهي-

سجاد بابو--! اڙي؛ هي ته سچ پچ سجاد ئي آهي--! اڄ صبح ته ياد پئي ڪيوسين! تون اتي ڇا بيٺو ڪرين چوڪيدار--؟ هل، هلي سامان لهراءُ، اچ.

چوڪيدار-

مان ته توکي ٻڌائڻ آيو هوس!

مالهي-

ڳالهين ۾ وقت نه وڃا؛ اچ مونسان.

 

]وڃڻ جو آواز[

 

سجاد صاحب توهان؛چڱو ٿيو جو توهان اچي ويا؛ مون اڄ صبح ئي توهان کي ياد پئي ڪيو. بهار جا گونچ ڏسي مونکي توهان جي ياد اچي وئي(وقفو) توهان خاموش ڇو آهيو--؟ (ڇرڪ ڀري) هي توهان پنهنجي حالت ڇا بنائي رکي آهي--؟ ڇا ڳالهه آهي بابو--؟ توهان جو رنگ، روپ، خوشي ۽ ٽهڪ ڪيڏاهن غائب ٿي ويا--؟

سجاد-

منهنجو سامان ڪنهن ڪمري ۾ رکائي ڇڏ چاچا؛ مان ڏاڍو ٿڪل آهيان.

مالهي-

ها، ڇو نه، چوڪيدار پاڻهئي سامان کڻي ايندو، توهان هلو، توهان اندر هلو.

 

]قدمن جو آواز—ڪمري ۾ سجاد جو ڪرسي تي ليٽن[

سجاد-

هتي ڪيڏو نه سڪون آهي، چاچا--! ائين ٿو. محسوس ٿئي ڄڻ مان صدين کان پيرين اُگهاڙو ٻاٻريءَ ڪنڊ تي هلندو رهيو آهيان؛ ٽانڊن تي  ٽلندو رهيون آهيان--! وک وک تي وهه وڏو پيئندو رهيو آهيان--؟ هت اچي منهنجا سڀ غم سمهي رهيا آهن! سڀ درد دور ٿي ويا آهن--!

مالهي-

سجاد بابو،

سجاد-

چئو چاچا--؟

مالهي-

سجاد پٽ، تنهنجي ڪلهه ۽ اڄ ۾ درد جو درياءَ ڏسي مان ڏڪي ويو آهيان--!

سجاد-

منهنجي ماضي ۽ حال ۾ يادن جون واديون حائل آهن چاچا.

مالهي-

اڄ موت منهنجو مهمان آهي چاچا!

مالهي-

ائين نه چئو پٽ! تنهنجو غم مون کان ڏٺو نٿو ٿئي؛ ڇا ڳالهه آهي--؟ ڪجهه ته چؤ--؟

سجاد-

ڪي انسان زندگيءَ ۾ ئي مري ويندا آهن چاچا--! هو حياتيءَ جي صليب ڪلهن تي کڻي جيئندا آهن ۽ پوءِ هوا جي جهوٽي جيان هن دنيا مان هليا ويندا آهن. مان به هوا جو جهوٽو آهيان، جر جو ڦٽو آهيان؛ منهنجا زخم نه کول چاچا؛ منهنجا گهاو گهرا ۽ گهاٽا آهن.

مالهي-

جڏهن تون خوشيءَ جي علامت بنجي هت آيو هئين پٽ، تڏهن مون ٻيهر جيئڻ جي تمنا ڪئي هئي. دل تان درد جي دز ڌوئي مون کي روح جو واس ڏنو هو؛ ۽ پوءِ جڏهن تون اوچتو هليو ويو هئين ته مون هر ساعت توکي مسيحا سمجهي تنهنجي واٽ تڪي هئي، راهه ناري هئي؛ تون ڪهڙو مسيحا آهين پٽ—جو خود روح جي گهراين تائين گهايل آهين-! تون ڪهڙو ويڄ آهين--؟ ڪهڙو طبيب آهين--؟

سجاد-

مان پرهه جو پاڇو آهيان، بيوس بادل آهيان--!

مالهي-

تنهنجي اکين مان لڙڪ لڙندا ڏسي منهنجو روح رهڙجي پيو آهي پٽ--!

سجاد-

هي بي زبان لڙڪ منهنجي من جي ماجرا ٻڌائي نه سگهندا چاچا.

مالهي-

تون ٿڪل آهين؛ آرام ڪر.

 سجاد-

آرام....؟

مالهي-

ساوڻ جي تيز آس ۽ سياري جو پارو نازڪ ٻوٽن کي لهسائي ڇڏيندو آهي؛ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ٻيهر ڪو سلو نه اُڀرندو، ڪا مکڙي نه ڦٽندي، ڪو گل نه ٽڙندو، پر ائين نه آهي، بهار موٽندي آهي ته......

سجاد-

بهار ڪڏهن ڪونه موٽندي--!

مالهي-

اهو تنهنجو وهم آهي پٽ؛ بهار ضرور موٽندي، صدين کان قدرت جو اِهو قانون هلندو پيو اچي--! وري گل ٽڙندا، وري ڦوڳ ڦلاربا هي ڏس! هن دريءَ مان هيٺ  جاهتي پائي ڏس! هو پادري ۽ ساڻس گڏ چار پنج ٻارڙيون ڏسين ٿو؟ ڪيڏي نه لاپرواهي سان چانڊوڪيءَ جي درياءَ جي حياتي جو سج ٻڏڻ وارو آهي. پر ننڍڙين نينگرين لاءِ اڄوڪي رات ايندڙ بهار جو پيغام آهي.

سجاد-

مالهي! اها ڇوڪري ڏسين ٿو! سونهري وارن واري ننڍڙي گڏي، جا سڀني کان پويان آهي--؟

مالهي-

ها ڏسان ٿو!

سجاد-

هن جي شڪل هوبهو سيما جهڙي آهي، سندس وار سونهري هئا، اکيون اٿاهه ساگر ۽ مرڪ ملوڪوتي هئي! ياد اٿئي مالهي! ڪجهه ياد اٿئي--؟

مالهي-

ها پٽ؛ پر.........

سجاد-

مون کان ڪوبه سوال نه پڇ مالهي! هي ٻارڙي ڏسي منهنجي ذهن ۾ سيما جو تصور اڀري آيو آهي! سيما..... جا  منهنجي زندگي هئي...منهنجي حياتيءَ جو حاصل هئي... منهنجي آسائتين اکين جي روشني ۽ صدين جي عبادت جو صلو هئي--!

مالهي-

چوندا آهن ته ڏسڻ سان غمن جو بار هلڪو ٿي ويندو آهي. ٻڌاءُ، اڳتي ٻڌاءَ....!

سجاد-

هن جي مرڪ مصعوم ۽ ڳالهيون ماکيءَ جيان مٺيون هيون....! مان لاپرواهه ۽ بيخوف هوس! اڻڄاڻ، اڇاترو ۽ اڙبنگ هوس. ڪاليج ۾ مون جهڙو زنده دل ملڻ مشڪل هو! ڪسر تي جسم، رانديگرن واري موج ۽ مستري ڀري چال. ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪن جا ٽانڊاڻا اُڏائيندو وتندو هوس! هيءَ گذريل سال جي ته ڳالهه آهي. گذريل سال....هنن ئي ڏينهن ۾ جڏهن بهار جا  پهريان گل ٽڙيا.

 سين ٽيون

 

 

 

]سجاد ڊوڙندو گهر ۾ اچي ٿو-[

سجاد-

ممي، پياري ممي! تون ڪٿي آهين--؟

ممي-

اجهو هتي آهيان، لان تي.

سجاد-

اڙي ممي تون به ڪمال آهين! ڊاڪٽر ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪئي اٿئي ۽ تون آهين جو...!

ممي-

(کلندي) منهنجو ڪوبه خيال نه ڪر پٽ! ڊاڪٽر کي ڇاهي؛ هوندو ڪجهه به ڪونه، ڊپ اهڙو ڏيندا جو خدا جي پناهه--!

سجاد-

اوهو ممي! تون ته بلڪل باغي ٿي ڏسجين! ڏسجانءِ ڪٿي اِها بغاوت ڊيڊيءَ جي خلاف نه کڙي ڪري ڏين--! ويچارو اڳيئي تو کان ڊنل آهي؛ گهر ۾ گهڙندو آهي ته ٿالهه مٿي تي رکي، ته ڪٿي لٺ نه وهائي ڪڍينس--!

ممي-

هوش ڪر ڇوڪرا؛ وڏن لاءِ اهڙا لفظ نه ڪڍبا آهن.

سجاد-

مان ٿورو ئي ٿو چوان! ڊيڊي پاڻ دوستن کي ٻڌائيندو آهي.

ممي-

ڇا ڪنديس، هو ته شروع ئي ڀوڳائي آهي--

سجاد-

پر پاڻ ته چوندو آهي ته مان زال جو مڄو آهيان--

ممي-

(کلندي) پاڻهئي خبر پوندءِ جڏهن شادي ڪندين--

سجاد-

مان ته مڄو ٿيندس---.

ممي-

زال جو---؟

سجاد-

هرگز نه، زال جي ماءُ جو! بلڪه سندس سڄي خاندان جو، ڊيڊيءَ وانگر---!

ڊيڊي-

(اندر ايندي) هي ماءُ پٽ ۾ ڪهڙا ويٺا گهاٽ گهڙيو؟

سجاد-

ڪجهه ناهي ڊيڊي؛ بس ائين مميءَ سان چرچا پئي ڪيم.

ڊيڊي-

هون! سجاد، ٻڌو اٿم ته تنهنجي ٽيم ٽورنامينٽ کٽي ورتي آهي--؟

سجاد-

اڙي ها، اها ڳالهه ته توهان کي ٻڌائڻ ئي وسيري ويم. اڄ اسان چئمپن شپ کٽي ورتي آهي. هيڏي وڏي ٽرافي ملي آهي.

ڊيڊي-

مون کي خوشي آهي پٽ.

سجاد-

توهان ته اڃا پوري ڳالهه به نه ٻڌي آهي، ڊيڊي؛ هن سال مون ڊرامي ۾ ڪنگ ايئر جو رول ڪيو هيو نه---؟

ممي-

ها ها پٽ.

سجاد-

ان تي به انعام مليو اٿم؛ جيڪڏهن وچ ڊرامي ۾ منهنجي ڏاڙهي نه ڪري ها ته ٻه ٽي انعام به ضرور ملن ها.

ڊيڊي-

(ٽهڪ ڏيندي) ڏاڍو شرير آهين.

سجاد-

اوهان جو پٽ آهيان.

ممي-

تو سان پڄڻ محال آهي.

سجاد-

ان ڪري ته چوان ٿو ته جلدي مون مان جند ڇڏايو---!

ڊيڊي-

ڇا مطلب--؟

سجاد-

مطلب اِهو ته ٻه هزار روپيا ڏيو ته ڪجهه وقت پهاڙ تي گذاري اچان--؟

ممي-

پر تنهنجا امتحان--؟

سجاد-

امتحان جا پرچا ته مان کاٻي هٿ سان لکندو آهيان ممي! ساڄي ۾ ڪتاب جهليندو آهيان.

ڊيڊي-

(کلندي) ڇوڪرو شڪل ۾ توتي ويو آهي، باقي ذهن هوبهو مون جهڙو اٿس بيگم!

ممي-

شڪر ڪيو جو ائين ٿيو؛ جي ان جي اُبتڙ ٿئي ها ته--!

ڊيڊي-

تو وري اڻ وڻندڙ ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون بيگم!

سجاد-

ترسو؛ ترسو-! في الحال جنگ بندي ڪيو. ٻئي ڌريون هزار هزار رپيا ڪڍو؛ پوءِ باقاعده هوائي حملا شروع ڪري ڏجو-.

ڊيڊي-

ڪڏهن وڃڻ جو ارادو ڪيو اٿئي--؟

سجاد-

اڄ، بلڪ هيئر ئي (خوشامد ڪندي) ڊيڊي! توهان ته وڪيلن وارا سوال نه پڇو---

ڊيڊي-

نه نه، بلڪل نه، بلڪل نه، توکي پئسا ملن ٿا، وڃي گهمي اچ.

سجاد-

او ٿينڪ يو ڊيڊي، ٿيڪ يو ممي. ممي پپا زنده باد.

 

سين چوٿون

 

]پهاڙي موسيقي—پکين جا آواز وغيره[

سجاد-

هي پهاڙ ڪيترا نه حسين آهن؛ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مون سڄي زندگي هن منظر جي تصور ۾ ئي گذاري ڇڏي هئي! ۽ هي باغ ڪيڏو نه پيارو آهي. مون کي موتئي جا گل ڏاڍا وڻندا آهن مالهي--!

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com