سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :13

 سين ڏهون

 

سيما-

خاموش ڇو آهين سجاد--؟

سجاد-

هون--؟

سيما-

ڪجهه ڳالهاءِ، تنهنجي خاموشي آبشارن جو موت آهي.

سجاد-

سوچيان ٿو.

سيما-

ڇا--؟

سجاد-

اهو ته ڇا پا سوچيان.

سيما-

تون ڪجهه پريشان آهين.

سجاد-

ها سيما، منزل تي رسي جيڪڏهن مسافر ماڳ ماڻي نه سگهي ته ان کي ڇا چئجي--؟

سيما-

ڳجهارتن ۾ نه ڳالهاءِ--!

سجاد-

جڏهن زبان ساٿ ڇڏي ڏئي، تڏهن لڙڪ زبان بنجي ڳالهائيندا آهن. پر جتي آنسو وهائڻ سان سوين الزام اُڀا ٿي وڃن ته پوءِ ڇا ڪجي--؟

سيما-

تون چوڻ ڇا ٿو چاهين--؟

سجاد-

توکي اهو گيت ڏاڍو وڻندو آهي نه سيما، اهو ئي؛ ”مان پرين جي راڻي--!“

سيما-

ها سجاد، ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجي آرزو لفظن جو روپ اوڍي منهنجي آڏو اچي بيهندي آهي ۽ پوءِ مان فضائن ۾ پري پري تائين ڦهلجي ويندي آهيان-!

سجاد-

۽ توکي عورت جي عظمت تي به ايمان آهي--؟

سيما-

تون منهنجي خيالن کي چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو.

سجاد-

ته پوءِ وعدو ڪر سيما؛ سيما وعدو ڪر ته منهنجي هر ڳالهه مڃيندينءَ--!

سيما-

تنهنجي خاطر ته مان جوڳ وٺي روڳ پرائي سگهان ٿي تون چئه ته سهي.

سجاد-

تون نثار سان شادي ڪري ڇڏ--!

سيما-

سجاد--!

سجاد-

ها سيما--! اڄ خبر پيم ته دل چيري پنهنجي ئي خون سان هٿ رنڱڻ ڪيڏو نه اذيت ناڪ آهي؛ پر...!

سيما-

هاڻي اهو ناممڪن آهي--!

سجاد-

هو بيمار آهي؛ هن کي تنهنجي ضرورت آهي سيما--!

سيما-

پر منهنجون خوشيون؛ منهنجي تمنا؛ منهنجي محبت...!

سجاد-

توئي چيو هو سيما ته عورت عظيم آهي--! جيڪڏهن هوءَ لاٽ جلائي ته واٽ ڳولهي لهي--! فرض تي محبت قربان ڪري ته فرشتا به رشڪ ڪن--! ياد ڪر؛ اهي تنهنجا ئي لفظ آهن نه--؟

سيما-

پر سجاد...!

سجاد-

هن جي زندگي تنهنجي ساٿ جي منتظر آهي؛ کيس سهارو نه ڏيندينءَ ته هو تڙپي تڙپي مري ويندو--!

سيما-

پر منهنجا خواب...؟

سجاد-

خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي حقيقتن کي وساري ويهڻ ڏاڍو آسان آهي سيما--! هوا جي رٿ تي سوار ٿي لال ڪنوار ٿيڻ جا تصور به سولا ۽ سهنجا آهن. پر ڪنهن جي ٻڏندڙ دل کي سهارو ڏيڻ بيحد اوکو ڪم  آهي. هڪ انسان نااُميديءَ جي ڪُن ۾ اُميد جي سهاري لاءِ واجهائي رهيو آهي؛ ڇا تون ايتري خودغرض ٿينديءَ جو کيس ڪناري تان صرف ٻڏندو ئي ڏسندي رهنديئن--؟ تون جا  عورت جي عظمت جي دعويدار آهين--! تون جا روشن خيال ۽ اوچا آدرش رکندڙ آهين! تون....

سيما-

بس ڪر سجاد! خدارا بس ڪر--! جيڪڏهن محبت قربانيءَ جو ٻيو نالو آهي؛ ته پوءِ ائين ئي ٿيندو--!

سجاد-

سيما؛ منهنجي سيما--! منهنجي روح ۾ جهاتي پائي ڏس؛ توکي درد جا درياءَ نظر ايندا؛ تنهنجي ياد جا قافلا منهنجي روح جي رڃ ۾ صدين تائين ڀٽڪندا رهندا--! چاهت جي چڻنگ منهنجي ڏيل کي زندگي ڀر ڏنگيندي رهندي. مان هتان هليو ويندس؛ مان اڄ ئي هتان هليو ويندس--! ان کان اڳ، جو پيار خودغرضي بنجي وڃي مان هتان هليو ويندس--!

سيما-

سجاد...!

 

تو مونکي محبت جي مقدس نانءَ ۾ چڻنگن جي چتا تي اڇلائي ڇڏيو آهي؛ پر جتي به هجين اهو نه وسارجانءِ ته مان تنهنجي آهيان.

سجاد-

سيما... (سڏڪي ٿو--)

 

 سين يارهون

 

 

]سجاد سامان بند ڪري رهيو آهي—[

 

(نثار کنگهندو اچي ٿو--)

نثار-

سجاد؛ تون وڃي رهيو آهين--؟

سجاد-

مون کي وڃڻ ئي گهرجي نثار.

نثار-

ترسي نٿو سگهين--؟

سجاد-

دل جا زخم کوٽڻ مان ڇا حاصل--؟ ان کان اڳ جو پيار پيڙا بنجي وڃي، مونکي هتان هليو وڃڻ گهرجي.

نثار-

تون ڪيڏو نه عظيم انسان آهين سجاد--!

سجاد-

مان درد جو مسافر آهيان.

نثار-

تون فرشتو آهين--! تو مونکي نئين زندگي عطا ڪئي آهي؛ مان تنهنجو احسان نه لاهي سگهندس، دوست--! (سڏڪا...)

سجاد-

مون اُهو ئي ڪيو جو مونکي ڪرڻ گهربو هو. سيما تنهنجي امانت هئي. مون کي تنهنجي دنيا ۾ اچڻ جو ڪو به حق نه هو.

نثار-

مان ڏاڍو حقير انسان آهيان سجاد--! ڪک آهيان، تڇ آهيان، ڪجهه ناهيان! تنهنجي قربانيءَ آڏو منهنجي خودغرضي هميشه شرمسار رهندي.

سجاد-

خدا شل توهان ٻنهي کي سکي رکي. منهنجي اها ئي دعا آهي. خدا حافظ. (وڃي ٿو--)

نثار-

سجاد....سجاد.....سجاد....

 

(کنگهي ٿو--)

 سين ٻارهون

 

سجاد-

هن مونکي فرشتو ڪوٺيو هو چاچا--! پر هن فرشتي جا گهرا گهاءَ نه ڏٺا، آرزوئن اميدن جو آخري سڏڪو ڪو نه ٻڌو؛ روح جي رڙ نه سڻي، مان هليو ويس. سيما جي محبت کان دور، گهڻو دور، ايترو دور جو پنهنجي ڄاڻ به  نه رهيم--! يادن جا انبوهه ساڻ کڻي مان هلندو رهيس، هلندو رهيس...!

 

يادون---! جي بي چين روح جيان اونداهي راتين ۾ مونکي ڏنگڻ لڳنديون آهن. دکي من ۽ گهائل دل کڻي لڙڪ لڪائي، گمنام گهمندو رهيو آهيان...!

 

اڄ ٺيڪ هڪ سال بعد مان هت موٽي آيو آهيان چاچا! پنهنجي اُجڙيل ماضيءَ جا يادگار ڏسڻ خاطر؛ پنهنجي بيچين روح کي لولي ڏئي سمهارڻ خاطر--! هو ڏس؛ چنڊ آڪاس ۾ چڙهي آيو آهي چاچا--! سيما کي هيءُ منظر ڏاڍو وڻندو هو.

 

(ڇوڪريءَ جي آواز ۾ گيت گونجي ٿو--)

 

هوا جي رٿ تي سوار

ڳاڙهي لال ڪنوار

 

مان پرين جي راڻي

مان پرين جي راڻي

سجاد-

هيءَ آواز---! هيءَ آواز ڪنهنجو آهي چاچا---؟

مالهي-

سامهون پهاڙ تي اُهائي سونهري وارن واري ٻارڙي ڳائي رهي آهي.

سجاد-

سونهري وارن واري ٻارڙي! نه چاچا؛ هيءَ منهنجي سيما جو آواز--! ٻڌ؛ غور سان ٻڌ....! هيءُ منهنجي ماضيءَ جو پڙلاءُ آهي...!

مالهي-

سجاد پٽ...!

سجاد-

منهنجي دل وڍجي رهي آهي چاچا---! تون ان معصوم ڇوڪريءَ کي جهلين ڇو نٿو--؟ کيس صاف صاف ٻڌائي ڇڏ ته ننڍپڻ جا سپنا ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندا آهن--! کيس چئه ته دنيا ايتري حسين نه آهي جيتري تنهنجي نظرن ڏٺي آهي. اِهي گيت اڌورائي رهڻ ڏي، مرڪ جن جي ابتدا ۽ لڙڪ جن جي انتها آهي.

 

پر....هيءَ هٿ ڪنهن جو آهي--؟ هيءُ هٿ ڪنهنجو آهي، جنهن منهنجا چپ بند ڪري ڇڏيا  آهن. مونکي ڳالهائڻ ڇو نه ٿي ڏين سيما--؟ مون کي ڳالهائڻ ڇو نٿي ڏين سيما--؟

 

]گيت جو آواز وري اُڀري ٿو-[

 

پري ڪر پنهنجو هٿ؛ مونکي چوڻ ڏي سيما؛ اڄ مونکي سڀڪجهه چوڻ ڏي.

مالهي-

سجاد؛ سجاد پٽ.

سجاد-

مون اڄ اهو هٿ پنهنجي چپن تان دور ڌڪي ڇڏيو آهي چاچا، اڄ مان آزاد آهيان، مان وڃي رهيو آهيان چاچا.

مالهي-

سجاد....

 

]سجاد جي ڊوڙڻ جو آواز---[

 

]گيت جو آواز ويجهو پوندو ٿو وڃي—[

سجاد-

(سهڪندي) بس ڪر، بس ڪر، خدارا بس ڪر اِهو گيت. مون کي حيرت مان نه ڏس ڇوڪري، مان ديوانو ناهيان.

مالهي-

سجاد...!

سجاد-

تون اڃا معصوم آهين--! تون پرين جي راڻي ٿي نه سگهنديئن--! نه، نه، تون اڻ ڄاڻ آهين؛ زندگيءَ جي زهر کان بيخبر--!

 

حياتيءَ جي ڪَنڊن کان ناآشنا؛ تنهنجون حسرتون، تنهنجون تمنائون، تنهنجون آشائون ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون-! ڪڏهن به نه! ڪڏهن به نه--! ڇو ته تون قرباني آهين! تون ٻليدان آهين--! تنهنجا خواب ڪڏهن به سچا ٿي نه سگهندا--! ڇو ته تون سيما آهين...! تون عورت آهين....! (سڏڪا، سڏڪا....).

 

 

مان ۽ منهنجو ساٿي

 

]سامونڊي لهرن جو آواز- پري کان بحري جهاز Hoot ڪري ٿو، لهرن جو آواز Up ٿئي ٿو. ساڳئيءَ طرح جهاز جو هوٽ پڻ ويجهو کان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. لهرن جي آواز سان گڏ ڊانس ميوزڪ Mix ٿئي ٿو ۽ آهستي آهستي لهرن جو آواز Back ground ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ڊانس ميوزڪ Fore ground ۾ اچي ٿو. ڊانس ميوزڪ Cut. تاڙيون[

سجاد-

ٿينڪ يو ويري مچ ليڊيز ۽ جينٽلمين. ٿينڪ يو اِنڊيڊ، مون کي يقين آهي ته اسان جي اڄوڪي پروگرام کي اوهان ضرور پسند ڪيو هوندو. جيئن ته اوهان کي ڄاڻ آهي ته ”هوائي“ ٻيٽن تائين پهچڻ ۾ اسان کي اڃان به هڪ هفتو لڳندو، ان ڪري هن جهاز جي ڪپتان هئڻ جي ناتي اوهان جي تفريح جو انتظام منهنجي ذمي آهي. مان اوهان سان واعدو ٿو ڪيان ته ايندڙ هر رات پاڻ سان گڏ موسيقي، ڊانس ۽ ڊنر جي نئين دنيا کڻي ايندي.

 

(تاڙيون)

 

خواتين ۽ حضرات، اوهان ضرور منتظر هوندا، اڄ جي حسين ترين جوڙي جي اعلان لاءِ. ته اچو، انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. ججن جي يڪراءِ فيصلي موجب اڄوڪي رات جو خوبصورت ترين جوڙو آهي مسٽر ۽ مسز آصف علي Give them a big hand please (تاڙيون- تاڙين سان گڏ لهرن ۽ طوفان جو تاثر اُڀري ٿو.) معلوم ٿو ٿئي ته قدرت پڻ ججن جي ان فيصلي تي پنهنجي مسرت جو اظهار ڪري رهي آهي. بهترين ڪنواري جو انعام حاصل ڪرڻ وارو خوش نصيب آهي، اسي سالن جو نواب خداداد خان.

 

]تاڙيون، طوفان سان گڏ وڄ جو تاثر به شامل ٿئي ٿو.[

 

پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي خواتين ۽ حضرات، سمنڊ جي هن حصي ۾ اڪثر طوفاني هوائون هلنديون رهنديون آهن. اوهان آرام سان پنهنجين جاين تي ويٺا رهو. ها ته اڄ جي بهترين ڪنجوس جو انعام مليو آهي سيٺ دمڙيمل کي. هن پنهنجي گهر واريءَ کي ڪائونٽر تان هڪ پيسٽري خريدي ڏني، پر ٽي دفعا چپن تي آڻڻ جي باوجود کيس کائڻ نه ڏنائين ۽ آخرڪار پيسٽري واپس ڪري پئسا موٽائي ورتائين. Keep it up Seth Damrimar.

]تاڙيون- وڄ جو ٺڪاءٌ- لهرن جو شور- ٿانون ڪرڻ جا آواز- عورتن ۽ مردن جون ر ڙيون[

 

خواتين ۽ حضرات، تحمل کان ڪم وٺو معمولي طوفان آهي. اوهان پنهنجين جاين تي ويٺا رهو. مهرباني ڪري پنهنجين جاين تي ويٺا رهو.

 

]سجاد جو آواز وڄ، سمنڊ ۽ ماڻهن جي گوڙ ۾ دٻجي ٿو وڃي[.

انجنيئر-

صاحب طوفان تمام تيز آهي، توهان جلدي برج تي هلو.

سجاد-

جهاز جو رخ بدلايو، انجڻيون بند ڪري ڇڏيو، ڪو به مسافر ٻاهر نه نڪري.

 

]طوفان، لهرن ۽ ماڻهن جو شور-[

انجنيئر-

اجڻ روم ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي، جهاز ٻڏي رهيو آهي.

سجاد-

فورن پاڻي ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

انجنيئر-

اهو ممڪن ناهي سر، تري جا سوراخ وڏا ٿي چڪا آهن، جهاز ٻڏي رهيو آهي.

مسافر1-

جهاز ٻڏي رهيو آهي!

مسافر2-

بچايو، اڙي بچايو. جهاز ٻڏي رهيوآهي.

مسافر1-

يا خدا مدد ڪر.

عورت-

منهنجو ٻار ڪيڏانهن ويو؟ منهنجو آنو- آنو- آنو- آنو.

مسافر1-

بچايو- بچايو.

مسافر2-

جهاز ٻڏي رهيو آهي.

عورت-

انو- انو- انو.

 

]تيز گجگوڙ- لهرون- چيخون- جهاز ٽٽڻ جو آواز- اهو تاثر ڪجهه دير تائين جاري رهي ٿو، پوءِ آهستي آهستي هلڪي موسيقي Mix ٿئي ٿي.

هلڪيون لهرون ڪناري تان ٽڪرائڻ جو تاثر- سامونڊي پکين جا آواز [Beach Music

سجاد-

(ڪنجهندي) آ- آه- هون- آ- انجڻ بند ڪيو- جهاز جو رخ موڙيو، ٽيهه ڊگريون اولهه. سڀ ويٺا رهو، سڀ پنهنجين جاين تي- (ڇرڪ ڀري) مان- مان ڪٿي آهيان؟ واري؟ هي ڪٿان آئي؟ منهنجو جهاز-؟ منهنجو جهاز ڪٿي آهي؟ هان- جهاز ڪٿي آهي؟ مسافر ڪيڏانهن ويا؟ هتي ته پري پري تائين ڪو به نظر نٿو اچي! ڪٿي—ڪٿي؟ نه ته ائين نٿو ٿي سگهي. اهو ناممڪن آهي- اهو ناممڪن آهي – يا خدا- ائين نه ٿيڻ نه گهرجي، ائين نه ڪجانءِ منهنجا خدا- ائين نه ڪجانءِ--

 

(سمنڊ Up – سجاد اٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سامونڊي پکين جا آواز Up)

 

مونکي ڳولڻ گهرجي. هو ضرور هتي ڪٿي ڪناري تي ئي هوندا. ها، هو ضرور هتي ئي هوندا. (ڪينجهندي) اوه- مان ته هلي به نٿو سگهان- پر نه، مونکي ڳولڻ گهرجي، ها- هو ضرور هتي ئي هوندا، ڪوئي ته هوندو سڀ جا سڀ ته—نه، نه، مونکي ائين سوچڻ نه گهرجي. کين ڳولڻ گهرجي.

 

]تڪليف سان اٿڻ ۽ پوءِ واريءَ تي هلڻ جو تاثر.[

 

(سهڪندي) هتي ته پري پري تائين وارياسو ڪنارو آهي. ڪو به انسان، ڪو به جاندار نظر نٿو اچي. پر مان مايوس نه ٿيندس، مان کين ڳولي ئي لهندس- ڳولي ئي لهندس.

(زور سان سڏ ڪندي) ڪو آهي؟

(پڙاڏو گونجي ٿو)

مان پڇان ٿو ڪو آهي؟

(پڙاڏو)

 

مان ڪپتان سجاد آهيان. جواب ڏيو، ڪو آهي؟

 

(پڙاڏو)

 

جواب ڇو نٿا ڏيو؟ مان توهان جو ڪپتان آهيان، ٻڌو ٿا؟ مان ڪپتان سجاد آهيان.

 

(پڙاڏو)

 

آهي ڪو؟ هن ويران جزيري ۾ ڪو آهي جو منهنجو سڏ ورائي؟

 

(پڙاڏو)

 

(خوفزده آواز ۾) ڪوئي ناهي؟ سڏ پڙاڌو بنجي موٽي رهيو آهي. ڪوئي ناهي؟ سچ پچ ڪوئي ناهي؟ اڪيلو آهيان؟ اڪيلو آهيان؟ اڪيلو آهيان؟

 

]آواز پري ٿي Dissolve ٿئي ٿو.

سمنڊ جو تاثر Up، پکين جو آواز Up-[

 

(سڏڪندي) اڪيلو آهيان. مان واقعي اڪيلو آهيان، هاڻي ڇا ٿيندو؟ سوچيندي) هاڻي ڇا ٿيندو؟ (خوفزده) هاڻي ڇا ٿيندو؟ مان ڪيستائين هن ويران بيابان ٻيٽ تي زندگيءَ جو انتظار ڪندو رهندس؟ ڪيستائين رڃ ۽ رائيءَ جي پويان ڊوڙندي گذاريندس؟ ڪيستائين انساني آواز ٻڌڻ لاءِ ترسندو رهندس؟ تڙپندو رهندس؟ ڦٿڪندو رهندس؟ لڇندو رهندس؟ اونداهين راتين ۾ جڏهن ڪٿي به ڪا روشني نه جهلڪندي تڏهين منهنجي دل اجهامي نه ويندي؟ خاموشيون منهنجي روح کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏينديون، تڏهن ڪير منهنجي دلجوئي ڪندو؟ سمنڊ ۾ تڙپندڙ لهرون جڏهن منهنجي ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏينديون، تڏهين مان ڪنهن کي پڪاريندس؟ ڪهڙي ساٿيءَ کي آواز ڏيندس؟ ڪنهن سان دل جا سور سليندس؟ ڪنهن کي من جي ماجرا ٻڌائيندس؟ شام جا پاڇا جڏهن پنهنجن جي ياد ڏياريندا، تڏهين منهنجون اکيون ڪنهن لئي واجهائينديون؟

 

(زور سان) ڪو آهي؟

 

(پڙاڏو)

 

(وڌيڪ زور سان) ڪو آهي؟ (پڙاڏو)

 

(اڃان به وڌيڪ زور سان) ڪو آهي؟

 

(پڙاڏو)

 

(سڏ ڪندي) ڪو آهي؟ ڪو آهي؟ ڪو آهي؟

ساٿي-

(ماٺي آواز ۾) مان آهيان.

سجاد-

(ڇرڪي) ڪير؟ تون ڪير؟ ڪٿي آهين؟ مون هنيئر ڪو آواز ٻڌو؟

ساٿي-

مان تنهنجي سامهون آهيان ڪيپٽن سجاد.

سجاد-

ڪيپٽن سجاد؟ منهنجو نالو! توکي منهنجو نالو ڪنهن ٻڌايو؟

ساٿي-

مان توکي سڃاڻان ٿو.

سجاد-

پر-پر-پر مان توکي ڏسي ڇو نٿو سگهان؟

ساٿي-

مان ته توکي ڏسي سگهان ٿو دوست.

سجاد-

دوست؟

ساٿي-

ها، مان تنهنجو دوست آهيان، ساٿي آهيان.

سجاد-

پر تون منهنجي سامهون ڇو نٿو اچين؟

ساٿي-

مان تنهنجي سامهون ئي آهيان.

سجاد-

ڪير آهين؟

ساٿي-

تنهنجو پاڇو.

سجاد-

اوندهه ۾ ڇڏي ويندين؟

ساٿي-

نه، مان اوندهه ۾ به توسان گڏ ئي رهندو آهيان. تو مونکي ڪڏهن ڳولڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي.

سجاد-

تون هتي ڪيئن آئين؟

ساٿي-

مان تو کان ڌار ئي ڪڏهن ٿيو آهيان؟ زندگيءَ جي هر گهڙي توسان گڏ گهاري اٿم.

سجاد-

توکي منهنجي متعلق ڪيتري ڄاڻ آهي؟

ساٿي-

هڪ هڪ پل جي..

سجاد-

هن کان اڳ ڇو نه آيو هئين؟

ساٿي-

هن کان اڳ تو مونکي ڪڏهن پڪاريو به  ته نه هو.

سجاد-

مون سان گڏ رهندين؟

ساٿي-

هر گهڙي.

سجاد-

ڇڏي ته نه ويندين؟

ساٿي-

نه، مان انسان ناهيان.

سجاد-

پاڇا.

ساٿي-

جي.

سجاد-

مان توکي دوست چوندس.

سجاد-

ٺيڪ آهي، ائين وقت آسانيءَ سان ڪٽجي ويندو. جيستائين ڪا مدد پهچي. تيستائين پاڻ گڏ رهنداسين، ڳالهائيندا ٻولهائينداسين، ڪچهريون ڪنداسين. ڪيئن ساٿي؟

ساٿي-

ها دوست.

سجاد-

ڪاش مان توکي ڏسي سگهان ها.

ساٿي-

سمنڊ جي ڇولين ۾ پنهنجو چهرو ڏسي ڇڏ، تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ پنهنجي صورت پسي ڇڏ، اهو ئي مان آهيان.

سجاد-

ساٿي.

ساٿي-

جي.

سجاد-

مان هتي ڪيترو وقت اڪيلو  رهندس؟

ساٿي-

مان توسان آهيان.

سجاد-

ڇا کائيندس؟ ڇا پيئندس؟

ساٿي-

ڪناري تي بيشمار ميوي جا وڻ آهن، ڀاڄيون آهن، مڇيون آهن، مٺي پاڻيءَ جو چشمو آهي، بيٺل پاڻيءَ جو تلاءَ آهي. هو سامهون پهاڙ ۾ غار آهي، تو ان کي صاف ڪري ان ۾ رهي سگهين ٿو. توکي ڪابه تڪليف نه ٿيندي دوست.

سجاد-

مان ڏاڍو ڪمزور ٿي چڪو آهيان، مون ۾ همت ناهي، مان ٿڪجي چڪو آهيان.

ساٿي-

تون ٿورو آرام ڪر دوست،  شام جو پاڻ غار ڏانهن هلنداسين. سمهي پئو، آرام سان سمهي پئو،

 

(Music)

]ٻن پٿرن کي رڳڙڻ جو تاثر-[

سجاد-

ساٿي ڏس مون باهه ٻاري آهي، هن تي رکبو هي خرگوش ۽ جڏهين پچي ويندو، تڏهين ڏاڍي آرام سان ويهي کائبو. سڄي گوشت تون کائيندين ساٿي؟

ساٿي-

نه.

سجاد-

لاچار آ، مونکي اڪيلو ئي کائڻو پوندو.

ساٿي-

اهو تنهنجي زندگيءَ لاءِ ضروري آهي دوست.

سجاد-

اهو ٻڌا ته تون مونکي ڪيترو قريب کان سڃاڻين؟

ساٿي-

آئيني جيان، صاف ۽ اُجرو.

سجاد-

اهي ڪم جي مون لڪي ڪيا آهن؟

ساٿي-

اهي به.

سجاد-

مثلاۡ؟

ساٿي-

مثلاۡ تنهنجي ٻٽونءَ ۾ تنهنجي زال جي فوٽوءَ هيٺان  تنهنجي محبوبه جو فوٽو رکيل آهي.

سجاد-

اهو ته---

ساٿي-

اهو هن توکي تنهنجي ڪئبن ۾ جهاز هلڻ واري رات ڏنو هو.

سجاد-

ٺيڪ آهي پر هوءَ منهنجي دوست---

ساٿي-

(ڪٽيندي) تو ساڻس شاديءَ جو وعدو ڪيو هو.

سجاد-

پر--

ساٿي-

اهو ئي سبب آهي جو تون کيس سفر تي ساڻ وٺي ويو هئين.

سجاد-

خبر ناهي هوءَ زنده به هوندي يا نه؟

ساٿي-

لنوائين ٿو؟

سجاد-

نه، ائين خيال اچي ويم.

ساٿي-

پنهنجي گهر واريءَ جي ياد اچئي ٿي؟ پنهنجن ٻارن جي؟

سجاد-

تمام گهڻي.

ساٿي-

ڇا ٿو محسوس ڪرين؟

سجاد-

مان سندن ڏوهاري آهيان، ڏاڍا ڏک ڏنا اٿم کين، سوچيان ٿو....

ساٿي-

ڇا ٿو سوچين؟

سجاد-

کين جڏهين جهاز ٻڏڻ جي خبر پوندي ته مٿن ڇا گذرندي. ثريا جو مون سان بيحد پيار آهي، اهو غم سهي نه سگهندي ۽ هوءَ مري ويندي.

ساٿي-

اڳ ڪڏهين پيار جو احساس نه ٿيئي؟

سجاد-

نه، اڳ ڪڏهين مون پري ويهي سوچيو به ته نه هو.

ساٿي-

۽ هاڻي”

سجاد-

هاڻي مان دنيا کان جيترو پري آهيان، اوترو هر شيءَ کي قريب کان ڏسي سگهان ٿو، پرکي سگهان ٿو، سوچي سگهان ٿو، سمجهي سگهان ٿو.

ساٿي-

ان ڪري چئو ته دنيا کي پرکڻ لاءِ کانئس پري رهڻ ضروري آهي؟

سجاد-

جي ها، اهو ئي سبب آهي شايد جو دنيا جا تقريباۡ سڀ عظيم انسان پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه حصو ايڪانت ۾ گذاريندا هئا.

ساٿي-

مان فلاسافر ناهيان، دوست!

سجاد-

فلاسافر مان به نه آهيان، اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه سوچڻ تي دل ٿيندي آهي.

ساٿي-

مثلاۡ؟

سجاد-

مثلاۡ ان ٻٽونءَ واري تصوير؟

سجاد-

(کلندي) ڏاڍو خطرناڪ پاڇو آهين، جي منهنجي زال سامهون هجي ها ته جيڪر وڏي خرابي ٿي پوي ها.

ساٿي-

هوندو ته مان تي به هوس، پر خاموش رهندو هوس.

سجاد-

سو ڇو؟

ساٿي-

ان لاءِ جو پاڇا ڳالهائيندا ناهن، صرف ڏسندا آهن، ٻڌندا آهن ۽ چپ رهندا آهن.

سجاد-

ته پوءِ هتي ڇو ٿو ڳالهائين؟

ساٿي-

تون اڪيلو آهين، ان ڪري.

سجاد-

مان واقعي اڪيلو آهيان، ساٿي!

ساٿي-

ايترو اڪيلو به ناهين، مان توسان گڏ آهيان.

سجاد-

ڇڏي ته نه ويندين؟

ساٿي-

هرگز نه.

سجاد-

مان به توکي نه ڇڏيندس.

ساٿي-

پنهنجا لفظ ياد رکجان.

سجاد-

ياد رهندا.

ساٿي-

پڪ؟

سجاد-

پڪ.

ساٿي-

ته پوءِ تون تيار ڪر پنهنجو خرگوش ته مان ويهي ٿو ڏسان تنهنجي محنت.

سجاد-

(خوشيءَ ۾) ٺيڪ آ—T.O.M

 

]سمنڊ جو هلڪو تاثر—سامونڊي پکين جا آواز[

سجاد-

(ننڊ مان اٿڻ، اوٻاسي ڏيڻ ۽ آرس ڀڃڻ جو تاثر) گڊ مارننگ ساٿي.

ساٿي-

گڊ مارننگ.

سجاد-

اهو نه پڇيئي ته صبح صبح انگريزي ڇو ڳالهايم؟

ساٿي-

ڇو ڳالهائي؟

سجاد-

ان لاءِ جو ٿوري دير اڳ انگريزيءَ ۾ خواب ڏسي رهيو هوس.

ساٿي-

ڇا ڏٺئي خواب ۾؟

سجاد-

ڏٺم ته انگلينڊ پهچي ويو آهيان.

ساٿي-

سچي؟

سجاد-

ها ۽ اهو به ڏٺم ته منهنجي جهاز جا سمورا پئسينجر پڻ انگلينڊ ۾ مون سان گڏ آهن.

ساٿي-

هوءَ فوٽوءَ واري ڇوڪري به.

سجاد-

اها به.

ساٿي-

ڇا نالو آهي سندس؟

سجاد-

راز جي ڳالهه آهي، پر، خير! توکي ٻڌايان ٿو، نالو اٿس فرزانه. مان کيس فري سڏيندو آهيان.

ساٿي-

ڪير آهي؟

سجاد-

خبر ناهي، بس معمولي ملاقات آهي.

ساٿي-

اها ته مونکي ڄاڻ آهي.

سجاد-

تو کان ڪهڙي ڳالهه ڳجهي هوندي، گهر جو ڀيدي جو آهين.

ساٿي-

اڄ جو ڇا پروگرام آهي؟

سجاد-

سڀ کان پهرين ناشتو ڪبو، ان کان پوءِ آفيس هلبو، پوءِ لنچ، ان کان پوءِ ڪجهه آرام، شام جو ڪلفٽن، رات جو ڪلب ۾ ڊنر ۽ ڪچهري ۽ اڌ رات جو ٻيهر هن غار ۾ ،بيڪ ٽو پيويلين.‘

ساٿي-

بزي شيڊول چئبو.

سجاد-

بلڪل بزي، پر ائين نه، جيئن مون چيو. بلڪ هاڻي جو هاڻي سمنڊ جي ڪناري تي هلبو. خبر ناهي ڇو مونکي هر وقت ائين ٿو لڳي ته ڪنهن به وقت سمنڊ جي تهه مان منهنجو جهاز صحي سلامت ڪناري تي موٽي ايندو ۽ پوءِ مان ٻيهر ان جهاز تي سوار ٿي موٽي ماڳ ويندس. تنهنجو ڇا خيال آهي؟

ساٿي-

خيال وڻندڙ آهي، پر اهو ممڪن ناهي.

سجاد-

ڇو؟

ساٿي-

ڇو جو جهاز ٻڏي چڪو آهي ۽ سڀ مسافر عملي سميت گهري سمنڊ ۾ غرق ٿي چڪا آهن. تنهنجو صحي سلامتي بچي نڪرڻ معجزي کان گهٽ ناهي!

سجاد-

سو ته ٺيڪ آهي، پر تڏهين به منهنجي دل چوي ٿي ته ان اونهي سمنڊ ۾ منهنجي لاءِ ڪانه ڪا خوشخبري ضرور ڇُپيل آهي.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com