ٻه ته ٻارهن
چهچٽو پهريون
پردو پهريون
(هڪڙو جهور پوڙهو پنهنجي گهر ۾ بستري تي ليٽيل ڪِنجهي رهيو آهي.
سندس زال ڀر ۾ ويٺي اٿس ۽ هُن کان پڇي رهي آهي.)
زال: ڇو پيارا ڪِنجهي رهيا آهيو. تڪليف وڌي ويئي آهي ڇا؟
پوڙهو: پياري هاڻي حياتيءَ جو پيالو ڀرجي چڪو آهي ۽ مان سمجهان
ٿو ته ڏينهن-ٻن ۾ پنهنجي آخري موڪلاڻي ٿيندي.
زال: (روئي ٿي) منهنجا سرتاج! سولي وائي ڪڍو. اوهان کي
خدا تعاليٰ تندرستي عطا ڪري. منهنجي مڙهه کي ڪُلها
ڏيئي ڪُلهي- ڪانڌي ٿيوم. توهان کان پوءِ منهنجو
ڪهڙو حال ٿيندو!
پوڙهو: ڌڻي پاڪ توکي پنهنجي ٻاجهه ۽ ڪرم سان ٽي پُٽڙا عطا ڪيا
آهن. اميد ته توکي سکيو رکندا ۽ تنهنجا فرمانبردار
ٿي رهندا.
زال: الله تعاليٰ کين هدايت بخشيندو. پر مون کي ڳڻتي رڳي اها
آهي ته هنن جو پاڻ ۾ اتفاق ڪونهي؛ سندن نفاق روز
بروز وڌندو ڏسي ڏاڍي دلگير ٿي آهيان!
پوڙهو: بلڪل سچ ٿي چوين. اها ڳالهه آهي ته ڳڻتيءَ جهڙي. مون به
هنن کي بار بار سمجهايو آهي، پر هنن جي روش ۾ ڪوبه
ڦيرو نه آيو آهي.
زال: ٽيئي جانٺا جوڌا جوان آهن، بهادر آهن، چڱي روزگار سان آهن.
پر مَنجهن ٻَڌيءَ جو نالو نشان نٿو لڀي! هرهڪ جو
منهن پنهنجو. جيڪي هڪڙو چوي يا ڪري ته ٻيو ان جو
مخالف.
پوڙهو: افسوس! اهوئي فڪر لڳل اٿم، جو مون کي آرام سان دم ٽوڙڻ
نه ڏيندو. شال سڪرات سولي ٿئيم!
زال: اوهان کي خدا حياتي بخشي، جو هنن جون مرادون ڏسون. ٽيئي
ڇَڙا آهن؛ سندن شاديءَ بابت ڳالهيون راس ٿي چڪيون
آهن ۽ تيارين ۾ لڳل آهيان ته اوهان جي بيماريءَ
سڀڪجهه وساري ڇڏيو اٿم!
پوڙهو: هاڻي آخر ڇا ڪريان. مون کي ته ڪابه صلاح نٿي اچي؟
زال: ٽيئي ڄڻا گهر ۾ موجود آهن، منهنجي صلاح آهي ته کين پاڻ وٽ
گهرائي وري به هدايت ڪريون. مَنَ اوهان کي هن حالت
۾ ڏسي شرم پوين ۽ اوهان جي زبان ۾ ڌڻي پاڪ اهڙو
اثر وجهي!
پوڙهو: ته پوءِ هنن کي مون وٽ موڪل ۽ تون ڀرواري صفي ۾ هلي وڃ.
تنهنجي وائي سوائي ٿيندي ۽ هنن کي ڪا چڱي مَنَ ۾
پوندي!
زال: چڱو، منهنجا سرتاج! (زال وڃي ٿي.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٻيون
(پوڙهو بستري تي ڪِنجهي رهيو آهي، پُٽ اندر اچن ٿا. هڪ
سيرانديءَ کان، ٻيو پيرانديءَ کان ۽ ٽيون پاسي کان
ٿي ويهن ٿا.)
هڪ پٽ: ابا، طبيعت ڪيئن آهي؟ حڪيم وٽان هاڻي ٿي موٽيو آهيان. هو
وڏيون اُميدون ڏيکاري ٿو. اوهان مايوس نه ٿيو. خدا
رحم ڪندو ۽ اوهان جلد تندرست ٿيندا.
ٻيو پٽ: منهنجا قبلا سائين! اوهان جي هيءَ بي آرامي مون کي ڏاڍو
پريشان ٿي ڪري، ڪجهه اُٿي ويهندؤ؟ مان توهان کي
ٽيڪ ڏيئي جهلي ٿو ويهان. اسان سان به چار ڳالهيون
ڪريو ته دل خوش ٿئي.
ٽيون پٽ: قبلا سائين! ادا جن سچ ٿا چون. ڪجهه دل وڏي ڪريو. همٿ
کان ڪم وٺو. سڀ مشڪل آسان ٿيندا ۽ اوهان جلد اُٿي
پيرين سيرين ٿيندؤ.
خدا ڪندو ته اوهان جي پيار جو پاڇو اسان جي مٿان هردم هوندو!
پوڙهو: ٻچا، اوهان جون دعائون اثر ڪن يا نه، باقي مان گهڙي پل
جو مهمان آهيان. اوهان جو شايد هيءُ آخري ديدار
هجي! مان اوهان مان بلڪل راضي آهيان ۽ دعا ٿو
ڪريان ته شال دين دنيا ۾ سرخرو هجو. وڏي حياتي
هجيوَ!
ٻيو پٽ: خدا جي واسطي پڇاڙيءَ جي موڪلاڻي نه چئو. اسان جي دل
ڪمزور ٿي ٿئي. اوهان کي شال عافيت ملي. اسان سڀ
اوهان تان صدقي ٿيون!
ٽيون پٽ: بابا، اسين اوهان جا فرمانبردار پٽ آهيون. اسان جي رت
جي ضرورت پوي ته رت حاضر آهي. اوهان دل نه لوڙهيو،
اما ويچاري به مغموم آهي. هن جي به اوهان جي جدائي
ڪمر ٽوڙي وجهندي، ۽ اسين به يتيم ٿي وينداسون.
جيتوڻيڪ اوهان اسان کي پالي وڏو ڪيو آهي، پر اسان
جي طرفان ڪوبه سک نه ڏٺو اٿوَ! اوهان جي خدمت جو
اسان کي هنيئر موقعو مليو آهي. اسان کي پنهنجي
خدمت جو وجهه ڏيو. ائين اسان کي ڪيئن ڇڏي ويندؤ!
حڪيم ته وڏي اميد ڏيکارين ٿا. هونءَ به الله مان
اميد لاهڻ نه کپي. اسان کي حڪم ڪريو، انشاء الله
هر ڪنهن خدمت لاءِ حاضر ڏسندؤ!
پوڙهو: شاباس، پٽ شاباس! جيڪڏهن اوهان جي مون سان سچ پچ اهڙي
محبت آهي ته ان جو ڪو ثبوت ڏيو؟
ٽيئي پٽ: ثبوت؟ ثبوت؟ اسان کي قسم آهي انهيءَ پالڻهار جو ته
اوهان جو هر حڪم اسان جي اکين تي آهي. آزمائي ڏسو.
پوڙهو: ته پوءِ منهنجو پهريون حڪم اهو آهي ته وڃو اوهان مان
هرهڪ هڪڙي هڪڙي سَنهين ڪاٺين جي ڀري ڪري مون وٽ
کڻي اچي.
ٽيئي پٽ: اهو حڪم ته هڪ معمولي ڳالهه آهي. اسين وڃون ٿا ۽ جلدي
ڪاٺين جي ڀرين سميت حاضر ٿيون ٿا. (اُٿي وڃن ٿا.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٽيون
(پوڙهو بدستور بستري تي ليٽيل آهي ۽ ٽيئي پٽ ڪاٺين جي ٽن ڀرين
سميت حاضر آهن، پوڙهو چوين ٿو.)
پوڙهو: ابا، پنهنجي ماءُ کي به وٺي اچو ته اها به اسان
سان هن ڪم ۾ شريڪ ٿئي.
وڏو پٽ: حاضر بابا. (وڃي ٿو ۽ جلدي ماءُ کي وٺي اچي ٿو.)
ماءُ: (ماءُ سڀني پٽن کي موجود ڏسي ڊڄي وڃي ٿي، خاص طور جو
ڪاٺين جون ڀريون رکيل ڏسي ٿي.) ڇا، آءٌ هي ڇا ڏسي
رهي آهيان! هي ڪاٺيون ڇاجي لاءِ آنديون اٿوَ؟
وڏو پٽ: امان، ڪوبه خيال نه ڪر! اهو بابا جو حڪم آهي، جنهن جي
پوئواري ڪئي اٿئون.
پوڙهو: (زال ۽ پٽن ڏي هڪ نظر نهاري) منهنجا فرزندؤ!
پٽ: (يڪ آواز) جيءُ اسان جا والد شريف.
پوڙهو: (وڏي پٽ کي) ابا، هيءَ ڪاٺين جي ڀري جا تو آندي آهي، اها
هتي ويهي منهنجي روبرو گوڏي تي جَهلي، مون کي ڀڃي
ڏيکار.
وڏو پٽ: (ڀَري گوڏي سان جهلي ٻنهي هٿن سان ڀڃڻ لاءِ زور لڳائي
ٿو.) بابا، هيءُ ته ناممڪن آهي!
ڪوبه طاقتور ماڻهو سڀ ڪاٺيون گڏجي ڀڃي نه سگهندو.
مون پنهنجو سڄو زور لائي ڏٺو آهي.
پوڙهو: (ٻئي پٽ کي) ابا، تون به جوان آهين. زور آزمائي ڪري ڏس.
ٻيو پٽ: (سخت زور لائي ٿو.) بابا، منهنجي طاقت کان ڪم ٻاهر آهي،
پر ڪهڙو به پهلوان هجي؛ هي سڀ ڪاٺيون گڏي ڀڃي نه
سگهندو.
پوڙهو: (ٽئين پٽ کي) ابا، تنهنجي ٻن وڏن ڀائرن ته صاف جواب ڏنو،
هاڻي تون زور آزمائي ڏس تون ڀڃي سگهين ٿو؟
ٽيون پٽ: بابا سائين منهنجا وڏا ڀائر مون کان وڌيڪ طاقتور آهن،
جڏهن انهن کان هي ڪاٺيون نه ڀڳيون ته مان ڪيئن ڀڃي
سگهندس! بهرحال ڪوشش ڪريان ٿو. (سخت زور لائي ٿو ۽
نٿو ڀڃي سگهي.)
پوڙهو: ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هيءَ ڪاٺين جي گَڏ ٻَڌل مُٺ اوهان
کان ڀڄي نه سگهندي؟
وڏو پٽ: بابا، اهو ته صاف صاف ظاهر آهي.
پوڙهو: چڱو هاڻي ٽيئي ڄڻا هي ڪاٺين جون ڀريون کوليو ۽ هڪ هڪ
ڪاٺي ڪري ڀڃو.
(ٽيئي پٽ ڪاٺيون ڇوڙي هڪ هڪ ڪاٺي کڻي ڀڃن ٿا.)
وڏو پٽ: بابا، هيءَ ته ٻاراڻي راند آهي. جدا جدا هڪ هڪ ڪاٺي ڀڃڻ
۾ ڪهڙي ويرم!
ٻيو پٽ: (ڪاٺي ڀڃي.) هڪ هڪ ڪاٺي ته ڪهڙو ضعيف انسان به ٽوڙي
سگهندو. اسين ته جوان پهلوان آهيون.
ٽيون پٽ: (ڪاٺي ڀڃي.) بابا، هيءَ ته اشارن سان ڀڄي پئي (کِلي
ٿو).
پوڙهو: ٽيئي ڄڻا ڪَنَ کولي هوش ۽ گوش سان هيءَ منهنجي آخري وصيت
ٻڌو.
ٽيئي پٽ: حاضر بابا! اسين پيرن کان چوٽي تائين ڪَنَ آهيون.
اوهان ارشاد ڪريو.
پوڙهو: ياد رکو، ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي! چوندا آهن ته ”ٻه ته ٻارهن.“
اوهان ڀائرن ۾ آءٌ ٻَڌي ڪانه ٿو ڏسان. اها ڳالهه
مون کي سخت پريشان ڪري ٿي. ڏسو جيستائين ڪاٺيون
پاڻ ۾ ٻَڌل هيون ته اوهان انهن کي ڀڃي نه سگهيا؛
جڏهن ڇڙوڇڙ ٿي ويون، تڏهن اوهان جي فقط آڱرين جي
اشاري سان هرڪا ڪاٺي ڀڄندي ويئي. منهنجو اوهان کي
هيءُ آخري سبق آهي، جنهن کي دل سان هَنڊايو ۽ پاڻ
۾ اتحاد ڪريو، نه ته خسيس ۾ خسيس ماڻهو به اوهان
تي غالب پئجي ويندو. جيڪڏهن سڀ ٻَڌي ۾ هوندؤ ته
رستم پهلوان به اوهان جو وار ونگو ڪري نه سگهندو!
هاڻي خدا حافظ! (اُٻاسي اچيس ٿي ۽ دم ڏئي ٿو.)
(پُٽَ ۽ ماءُ زارو زار رئن ٿا.)
]پردو
ڪِري ٿو[ |