پوڙهو ۽ انب جو وڻ
چهچٽو پهريون
پردو پهريون
(هڪڙو پوڙهو پنهنجي جهوپڙيءَ جي اڱڻ ۾ هڪ انب جو وڻ پوکي رهيو
آهي. رَنبو ۽ انب جي ٻوٽي جي چَڪي اڳيان اٿس،
اوچتو ملڪ جو بادشاهه پنهنجي وزيرن سميت شڪار
ڪندي، اتان اچي لنگهي ٿو.
۽ پوڙهي جي اڳيان اچي بيهي ٿو. پوڙهو ادب سان سلام
ڪري ٿو. بادشاهه پوڙهي کان پڇي ٿو.)
بادشاهه: اي بزرگ، تون ڪهڙي ڪار ۾ مشغول آهين؟
پوڙهو: جيئندا قبلا! هڪ انب جو وڻ پوکي رهيو آهيان.
بادشاهه: تنهنجي هن وقت ڪيتري ڄمار ٿيندي؟
پوڙهو: قبلا! سؤ ورهين جي عمر کي پهچي چڪو آهيان.
بادشاهه: (وزيرن ڏي نهاري مُرڪي ٿو) هيءُ پوڙهو ڪهڙو نه اٻوجهه
آهي، پر سندس ڏوهه ڪونهي. پِيري اٿس نه!
پوڙهو: قبلا! مون کان ڪهڙو قصور ٿيو آهي؟ معافيءَ جو طلبگار
آهيان. ڏوهه گناهه ڪيو هجيم ته بخش ڪرڻ فرمائيندا.
بادشاهه: اي پريا مڙس! تو ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو آهي.ڊپ نه ڪر، پر
مون کي ٻڌاءِ ته سَهي، هي انب جو وڻ ڪيترن سالن
کان پوءِ توکي ڦَڙُ ڏيئي سگهندو؟
پوڙهو: حضور! اٽڪل ڏهن سالن بعد هن جا انب نصيب ٿيندا.
بادشاهه: اي پير مرد! ڇا تون سمجهين ٿو ته تون اڃا ايترو
جيئندين جو هن جا انب کائيندين؟
پوڙهو: حياتي ته ڌڻيءَ جي وس آهي. جياريم ته ويهه ورهيه به جِي
سگهان ٿو! پر جي ماريم ته هن وڻ پوکڻ کان اڳ ڏانهس
موٽان.
بادشاهه: پوءِ هيءَ جا تڪليف تون وٺي رهيو آهين، ان ۾ ڪهڙي
سياڻپ آهي؟ خدا کي ياد ڪر، آرام ڪر، اجايو حرص ڇڏي
ڏي!
پوڙهو: قبلا! حرص ۽ هوَس جي ڦَندن کان سڄي عمر آزاد رهيو آهيان.
اجايا حرص منهنجو ڀر پاسو به ڏيئي نه لنگهندا آهن.
اُنهن کان الله جي پناهه ٿو مڱان!
هيءُ هڪ نيڪ فرض آهي، جو بجا آڻي رهيو آهيان.
بادشاهه: اي ٻڍڙا شخص! مون کي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته
هي تنهنجو بي وقت پورهيو ڪيئن هڪ نيڪ فرض ٿي سگهي
ٿو؟
پوڙهو: اجازت ملي ته مان ان بابت پنهنجي سادي سوديءَ سمجهه
پٽاندر سمجهائي پيش ڪريان؟
بادشاهه: هن وقت اسان کي دير ٿي رهي آهي. سڀاڻي تون اسان جي
درٻار ۾ حاضر ٿج ته وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري، تنهنجي مقصد
کي پروڙينداسون.
خدا حافظ: (بادشاهه ۽ وزير شڪار جي ڳولا ۾ هليا وڃن ٿا.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٻيون
(بادشاهه جي درٻار آهي. دربار جي ٻاهران پوڙهو حاضر ٿئي ٿو، ۽
چوڪيدارن کي عرض ڪري ٿو ته بادشاهه سلامت کي سندس
حاضر ٿيڻ جي بابت اطلاع ڪن.)
پوڙهو: (چوڪيدار کي) بادشاهه سلامت مون کي پاڻ سڏايو آهي. بندو
حاضر ٿيو آهي. حضور کي اطلاع ڏيندا ته انب جو وڻ
پوکڻ وارو ٻڍڙو خدمت ۾ اچڻ لاءِ عرضدار آهي.
چوڪيدار: اڙي خواب لڌو اٿيئي ڇا؟ تو ۾ بادشاهه سلامت جو ڪهڙو ڪم
پيو هوندو!
پوڙهو: خواب نه آهي. هڪ حقيقت آهي. اطلاع نه ڪندا ته اوهان جي
جوابداري آهي. مان اوهان کي سچ ٿو چوان.
چوڪيدار: ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي، پر بادشاهي خيال آهن، متان
هن کي گهرايو به هجين. (اندر وڃي ٿو ۽ بادشاهه کي
نِوڙي سلام ڪري ٿو.)
بادشاهه: چوڪيدار؟
چوڪيدار: جيءُ حضور!
بادشاهه: اڄ صبح جو سوير منهن ڪڍيو اٿئي، ڪهڙو عرض آهي؟
چوڪيدار: حضور! هڪ پوڙهو حاضر ٿيو آهي ۽ چوي ٿو ته حضور جن مون
کي سڏايو آهي.
بادشاهه: ڇا انب پوکڻ وارو ٻڍڙو؟
چوڪيدار: جيءُ حضور. اسان پهريائين ته هن بي ادب کي موٽائي ٿي
ڪڍيو؛ پر جڏهين چيائين ته حضور جن جي حڪم تي حاضر
ٿيو آهيان، تڏهن اطلاع ڪرڻ واجب ٿي پيو.
بادشاهه: ها. هو سچ ٿو چوي. هن کي عزت ۽ پيار سان اسان وٽ حاضر
ڪريو. (چوڪيدار وڃي ٿو.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٽيون
(بادشاهه سلامت درٻار ۾ ويٺل آهي. پوڙهي کي اندر آندو وڃي ٿو.
پوڙهو بادشاهه سلامت کي ادب سان نِوڙي سلام ڪري
ٿو.)
بادشاهه: پير مرد، ڀلي ڪري آئين.
پوڙهو: حضور جي سربخت جو خير هجي. حڪم جي تعميل ڪئي اٿم.
بادشاهه: ڪلهه جيڪو تو نمونو اختيار ڪيو هو، ان جي چِٽائيءَ سان
سمجهاڻي ڏيئي سگهندين؟
پوڙهو: پنهنجي سمجهه آهر ڪجهه نه ڪجهه چئي سگهندس.
بادشاهه: ته پوءِ ٻڌاءِ ته هن بي فائدي ڪم ڪرڻ مان تنهنجو ڇا
مطلب آهي؟
پوڙهو: اي تخت تاج جا مالڪ، مان اِهو ڪم ڪنهن شخصي لالچ
تي نه ڪري رهيو آهيان. منهنجو جيئڻ هن وقت ٻين
لاءِ آهي.
بادشاهه: ٻين لاءِ جيئڻ مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟
پوڙهو: ڪي جيئن ٿا پنهنجي لاءِ، مگر آءٌ جيان ٿو ٻين لاءِ. ان
مان منهنجو مطلب هي آهي ته مان پنهنجي ڄمار ڏيئي
چڪو آهيان. هاڻي هن منهنجي محنت جو ڦل منهنجو
اولاد کائيندو، جيڪو مون تي فرض آهي.
بادشاهه: تنهنجو اولاد پنهنجي لاءِ پاڻ محنت ڪري ۽ پنهنجي محنت
جو ميوو کائي!
پوڙهو: بلڪل صحيح آهي، پر حضور! اسان جي وڏن اسان لاءِ وڻ پوکيا
۽ اسين هينئر اُنهن جي مرڻ کان پوءِ، انهن جو ڦَل
کائي رهيا آهيون. اسين پنهنجي اولاد لاءِ ساڳيو
مقصد رکون ٿا ۽ اسان جو اولاد وري پنهنجي اولاد
لاءِ محنت ڪندو. ان طرح دنيا جو دستور هلندو
رهندو. هيءَ دنيا سبب جي جاءِ آهي. اسين انسان
هڪٻئي تي دارومدار رکون ٿا. اِهو نار وارو ڦيرو
آهي؛ جنهن تي سموري دنيا آباد ٿيندي رهي ٿي. چڱو
ڪم ان کي ئي چئجي ٿو جو ٻين لاءِ ڪجي. منهنجي مرڻ
کان پوءِ هن وڻ جو ميوو ٻيا کائيندا، پر اجر مون
کي رسندو. اهڙي محنت جو ڦَل ڪو ٻيو؟
بادشاهه: اي بزرگ! تو مون کي بلڪل صحيح ڳالهه سُڻائي آهي. اسان
جي لاءِ اسان جا وڏا محنت ڪري ويا ۽ اُنهن لاءِ
اُنهن جا وڏا. اسين پنهنجي نسل لاءِ پاڻ پتوڙي
رهيا آهيون. اڄ تو منهنجون اکيون کولي ڇڏيون آهن.
سچ چيو اٿن ته پيرسن ماڻهن جي آزمودي مان فائدو
وٺجي. اهو ئي سبب آهي جو اسان توکي پاڻ وٽ گهرايو
آهي.
(چوبدار کي سڏي ٿو.)
چوبدار: حاضر حضور! غلام حاضر آهي.
بادشاهه: خزاني جي وزير کي حڪم پهچايو ته هن پير مرد کي جيتري
دولت کپي، سا خزاني مان ڏياري وڃي، جيئن هو خوش ٿي
وڃي ۽ باقي حياتيءَ جا ڏهاڙا سُکيا گذاري. وڃ!
هڪدم تعميل ٿئي.
(چوبدار ۽ پوڙهو سلام ڪن ٿا ۽ ٻاهر اچن ٿا.)
]پردو
ڪِري ٿو[ |