سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:ننڍا ناٽڪ

 

صفحو : 2

چهچٽو ٻيون

 

پردو پهريون

(ڪاٺير، سندس زال ۽ حاتم نوفل جي درٻار ڏي وڃي رهيا آهن ته واٽ تي انهن کي نوفل جا چار فوجي ملن ٿا. جن کي چيلهه سان تلوارون ٻڌل آهن.)

نوفل جا فوجي: بيهي رهيا. ڪير آهيو؟ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟

حاتم: سپاهيو! آءٌ حاتم آهيان، جنهن جي ڳولا ۾ توهين آهيو ۽ هي هڪ غريب ڪاٺير ۽ ان جي زال آهن، جي مون کي پڪڙي نوفل جي درٻار ڏي وٺي وڃي رهيا آهن.

هڪ سپاهي: سچ ٿو چوين ته تون حاتم آهين؟

حاتم: بلڪل سچ.

ٻيو سپاهي: تڏهن ته اسين ڀاڳن وارا آهيون. اسين توکي نوفل وٽ وٺي هلنداسين ۽ انعام کٽينداسين. (ڪاٺير کي) تون ۽ تنهنجي زال هتان هليا وڃو ۽ وڃي ڪاٺيون ڪريو نه ته (تلوار ڏيکاري) هن تلوار جو گرهه ٿي ويندؤ. هٽي وڃو. هٽي وڃو!

ڪاٺير: اي ظالمو! حاتم کي اسان هٿ ڪيو آهي. انعام اسان جو حق آهي. توهين هتان ٽَري وڃو!

سپاهي: خبردار، بي ادب، موت کي بُل نه ڏي. پنهنجي جان پياري اٿوَ ته ڀڄي وڃو! (حاتم کي هٿ کان جهلي) اوهين اسان سان هلو.

(ڪاٺير ۽ سندس زال چُپ ڪري بيهي رهن ٿا ۽ سپاهي حاتم کي وٺي وڃن ٿا.)

ڪاٺير: (زال کي) اسين ضرور نوفل جي درٻار ۾ هلنداسين ۽ ان کي سڄي ڳالهه ڪري سڻائينداسين.

زال: ضرور! (ائين چئي پير پير ۾ ڏئي حاتم ۽ سپاهين جي پٺيان وڃن ٿا).

]پردو ڪِري ٿو[

 

پردو ٻيون

(نوفل جي دٻار آهي. چؤڌاري خوشيءَ جو چؤٻول آهي ته حاتم پڪڙجي پيو آهي. چار فوجي پنهنجي فتح تي خوشي ملهائي رهيا آهن. نوفل تخت تي ويٺو آهي. سپاهي حاتم کي وٺي اندر اچن ٿا.)

 

هڪ سپاهي: حضور! اوهان جي حڪم موجب اسان رات-ڏينهن حاتم کي هٿ ڪرڻ ۾ هڪ ڪري ڇڏيو. جهنگ بَرَ جهاڳي آخر هن کي هڪ گهاٽي جهنگ مان ڳولي لڌوسون، جتي هو لڪل هو. اهو اهڙو ته اونداهو جهنگ هو، جو ڪوبه کيس ڳولهي لهي نه سگهي ها. اهو سڀ اوهان جي خادمن جي سرٽوڙ ڪوشش جو نتيجو اهي!

نوفل: آفرين! بيشڪ اوهان سڀئي انعام جا لائق آهيو.

(سپاهي خوشيءَ ۾ ٻهڪن پيا).

ٻيو سپاهي: حاتم اسان جو مقابلو ڪرڻ پئي چاهيو، مگر اسان پنهنجي همت، طاقت ۽ زور بازوءَ سان کيس سوگهو ڪري ورتو!

نوفل: (حاتم کي) اي حاتم، تو اسان جي ڪافي گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اسان جي شان ۽ عزت کي ٽِڪو لاتو آهي. ڀلا ٻڌاءِ ته تون اهڙو گيدي ٿي ڇو ڀڄي وئين ۽ مقابلو ڇو نه ڪيئي؟

        حاتم: نوفل، مون نٿي گهريو ته دنيا جي هن راڄ جي لاءِ آءٌ هزارن جون جانيون جنگ ڪري برباد ڪريان. خدا کي ان لاءِ ڪهڙو جواب ڏيندس. تنهنجو راڄ-ڀاڳ ۽ منهنجو راڄ-ڀاڳ ٻيئي توکي ڦٻيا. منهنجي توکي رڳي اها نصيحت آهي ته غريبن جي سار لهه. دولت ان لاءِ نه ملي اٿئي ته عيش عشرت ۾ لُٽائي ڇڏين. خدا جي نالي، ان کي مسڪين بندن جي ڀلي لاءِ خرچ ڪر ته تنهنجون ٻئي دنيائون سَڦليون ٿنين.

نوفل: هون، اي سخي حاتم! تنهنجي جواب مان مون ڀليءَ ريت پروڙيو آهي ته تنهنجي نيڪ ناميءَ جو سبب اها تنهنجي سخاوت ئي آهي ۽ منهنجي بدنامي جو ڪارڻ منهنجي بي خيالي آهي.

(ائين چئي پنهنجي تخت تان اُٿي ٿو ۽ حاتم کي ڀاڪر پائي پنهنجي ڀرسان آڻي تخت تي ويهاري ٿو.)

]پردو ڪِري ٿو[

ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com