سياڻو قاضي
چهچٽو پهريون
پردو پهريون
(هڪ مائيءَ جو ننڍو پٽ ٻارهن مهينن کان گم آهي. ان جي جدائيءَ ۾
ڏاڍي پريشان آهي. اوچتو شهر جي هڪ گهٽيءَ ۾ هڪ ٻي
عورت گڏجيس ٿي، جا ٻار ڪڇ ۾ کڻي وڃي رهي آهي ۽ هن
مائيءَ کي ايندو ڏسي ٻار کي لِڪائي ٿي. اصلي ماءُ
کي شڪ پوي ٿو
۽ تڪڙو تڪڙو وڃي ٻار جي منهن تان سَٽ ڏيئي ڪپڙو
لاهي ٿي ۽ ٻار جي ڳل تي هڪ لَبسَڻ جو نشان ڏسي چوي
ٿي)
سچي ماءُ: يا الله! هيءُ ته ٻچڙو منهنجو آهي. آءٌ صدقي وڃان!
(ڪوڙي ماءُ کي) ٻَڙي، تو منهنجو ٻچڙو چورايو آهي!
توکي خدا جو خوف به ڪين ٿيو؟ مان ان جي جدائيءَ ۾
مري چُڪي آهيان. گهٽيون ۽ ڳليون ڳولي ڳولي ٿڪي
آهيان. هاڻي جلدي ڪر ٻار مون کي موٽائي ڏي نه ته
توکي شهر جي قاضيءَ وٽ وٺي هلنديس!
ڪوڙي ماءُ: هل ڙي هل. (موڙو ڏيئي) هيءُ ٻچو منهنجو آهي مائي!
ڇِتي ته ڪانه ٿي آهين. پرايا ٻار پنهنجا ڪندي ٿي
وتين؟ هيءُ منهنجو پيٽ ڄائو، اکين جو آسابند آهي؛
هيءَ هلي آهي پنهنجو ڪرڻ!
سچي ماءُ: ٻَڙي، ههڙو ناحق ڪٿي ڪونه ٿو ڏسجي! هڪڙي چوري ٻي
اُرهه زوري. هيڏانهن ڪر ٻار ته ڪريانءِ نه سڌو.
(ٻار کَسڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.)
ڪوڙي ماءُ: ڪِني رَنَ ڪٿي جي، هَٽي پري ٿيءُ. نه ته چوٽيءَ کان
جهلي هڻنديسانءِ پَٽ تي.
(ڌڪو ڏئيس ٿي.)
(ايتري ۾ ڪي گهٽيءَ مان لنگهندڙ ماڻهو به اچي گڏ ٿين ٿا ۽ پڇن
ٿا ته ڇا تي تڪرار آهي؟)
ڪوڙي ماءُ: اَبا، هيءُ منهنجو ٻار آهي. مون ٻارهن مهينا پاليو
نپايو آهي. اڄ اوچتو هن مائيءَ جو اچي رت تَتو
آهي. چي: هي ٻار منهنجو آهي! مون کان ڦرڻ جي ڪوشش
ڪري رهي آهي.
هڪ ماڻهو: (سچيءَ ماءُ کي) مائي، تنهنجو ڇا چوڻ آهي. هيءُ ٻار
هن جو آهي يا تنهنجو؟ سچ چئج!
سچي ماءُ: (زار زار روئي) ادا، هيءُ ٻچو منهنجو پيٽ ڄائو آهي،
جو چورائجي ويو هو. سڄي پاڙي کي خبر آهي. مان هن
جي فراق ۾ روئي روئي ذري گهٽ انڌي ٿي پئي آهيان.
گهٽي گهٽي، گهر گهر ڪري ڳوليم. چرين وانگر هر هڪ
کان پڇندي رهيس، پر پتو نه پيو- اڄ ڏينهن ڪو سڀاڳو
آهي. اوچتو هيءُ ٻار هن جي هنج ۾ ڏسي سَٽ ڏئي سندس
منهن تان ڪپڙو هٽائي ڏٺم. هن مون کي ڏسي ٻار لڪائڻ
جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر مون پنهنجو ٻچو سڃاڻي ورتو
آهي. هن جي سڄي ڳَل تي لَسَڻ آهي، جا منهنجي ٻچي
جي پڪي نشاني آهي. خدا جي نالي هن کي سمجهائي مون
کي منهنجو ٻار وٺي ڏيو!
ماڻهو: (ڪوڙيءَ ماءُ کي) مائي، جيڪڏهين هيءَ سچ ٿي چوي ته هن کي
پنهنجو ٻار ڏي. توکي خدا پنهنجو ڏيندو! اهڙو قهر
اسان ڪٿي نه ڏٺو. نه ته اوهان کي شهر جي قاضيءَ وٽ
وٺي هلبو. جيڪڏهين ڪُوڙي ثابت ٿينءَ ته سزا کائي
ويندينءَ.
ڪوڙيءَ ماءُ: قاضيءَ وٽ هلو ته ڀل هلو. مان پنهنجو ٻار ڪونه
ڏينديس. اصلي ڪونه ڏينديس. ڇا به ٿي پوي. هيءَ رَن
ڪوڙ ٿي ڳالهائي، نسورو ڪوڙ!
ماڻهو: چڱو، اوهان جو فيصلو قاضي صاحب ڪندو. هلو جلدي هلو.
(سڀئي گڏجي وڃن ٿا.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٻيون
(قاضيءَ جي عدالت آهي. دربان اندر اچي ٿو ۽ قاضي صاحب کي ٻڌائي
ٿو ته ٻه عورتون فريادي آهن. حڪم ٿئي ته هنن کي
حاضر ڪجي؟)
قاضي: پيش ڪيو وڃين.
(مايون اندر اچن ٿيون.)
ڪوڙي ماءُ: گهوڙا گهوڙا- مُٺيسِ مُٺيسِ. قاضي صاحب هيءُ ٻار
منهنجو آهي، جو مون ٻارهن مهينن کان نپائي هيڏو
وڏو ڪيو آهي. اڄ هن مائيءَ (سچي ماءُ ڏانهن اشارو
ڪري) هاڻي اوچتو اچي مون کي تنگ ڪيو آهي ته هيءُ
ٻار منهنجو آهي. مون کي ڏي! ههڙو انڌير ڪٿي ڏٺوَ؟
سچي ماءُ: قاضي صاحب، هيءَ ڪوڙي ۽ چالاڪ زال نسورو ڪوڙ ٿي
ڳالهائي. هيءُ ٻار منهنجو پيٽ ڄائو آهي، جو مون
ڏهه مهينا پيٽ ۾ سانڍيو آهي. ڄمڻ کان پوءِ مهيني
کن بعد هو چورائجي ويو. پوءِ منهنجي جهوپڙي هن
روشن ڏِيئي کان خالي ٿي ويئي! مان رُئندي پِٽيندي
رهيس؛ پر ڪو پتو ئي ڪونه پيو. اڄ هن کي ڳولي لڌو
اٿم. خدا جي نالي مون کي پنهنجو وياءُ وٺي ڏيو!
قاضي: (غور سان سوچي ڪوڙي ماءُ کي) مائي، ڀلا تو وٽ ڪو شاهد آهي
ته هن ٻار جو ويم تنهنجي گهر ۾ ٿيو ۽ تو هن کي
ڄڻيو؟
ڪوڙي ماءُ: قاضي صاحب، شاهد ڪٿان آڻيان. مون ڪو ٻار ڄمڻ تي
ڍنڍورو ٿوروئي ڏياريو هو. ۽ ٻار جي ڄمڻ تي ڪي شاهد
به بيهاربا آهن ڇا؟ جن کي وٺي اوهان وٽ اچان ها؟
هيءُ ٻار منهنجو آهي نه ڪنهن ٻئي جو.
قاضي: (سچيءُ ماءُ کي) مائي، ڀلا تو وٽ ڪو شاهد آهي ته هيءُ
ساڳيو اُهو ٻار آهي جو تو ڄڻيو هو؟
سچي ماءُ: قبلا، منهنجو شاهد الله پاڪ آهي. منهنجو شاهد منهنجو
پيٽ آهي، جنهن هن کي ڏهه مهينا اندر سانڍيو. اوڙي
پاڙي کي خبر آهي، ته مون ويم ڪيو هو ۽ ٻار وڃايو
هو. هن جي منهن تي لَسَڻ هجڻ منهنجو شاهد آهي.
اِهو مان ڪيئن ثابت ڪريان ۽ ڪهڙو شاهد ڏيان ته
هيءُ اهو ساڳيو ٻار آهي جو مون ڄڻيو هو. خدا شاهد
آهي ته هي منهنجا آنڊا آهن. نه ته پراوا ٻار ڪير
پنهنجا ڪندو ۽ انهن جي نيپاج تي ويهي جُهد
ڪاٽيندو.
قاضي: چئبو ته اوهان ٻنهي وٽ ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه آهي؟
شاهدن کان سواءِ فيصلو ڪيئن ٿيندو. چڱو، هاڻي
سڀاڻي عدالت ۾ حاضر ٿجو، ته فيصلو ٻڌايو ويندو. سچ
سچ ٿيندو ۽ ڪوڙ ڪوڙ ٿيندو.
(عدالت برخاست ٿئي ٿي.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٽيون
(قاضي جي عدالت آهي. مايون ٻار سميت حاضر ٿيون آهن.)
قاضي: (ماين ڏي مخاطب ٿي) مايون، اوهين ٻيئي پنهنجي پنهنجي
دعويٰ ۾ سچيون آهيو. جنهن صورت ۾ اوهان وٽ ڪوبه
شاهد گواهه ڪونه آهي، ان صورت ۾ اسان جو فيصلو آهي
ته هن ٻار کي پورن ٻن اڌن ۾ ورهايو وڃي ۽ هر هڪ
ماءُ کي ان جو اڌ-اڌ حصو ڏياريو وڃي. فيصلو قبول
آهي؟
ڪوڙي ماءُ: انصاف جي اڳيان سِر جهڪايان ٿي.
سچيءُ ماءُ: (اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿي.) قاضي صاحب، اهڙو رڻ نه
ڪريو. منهنجي مٺڙي دلبر کي ڳترا ڳترا نه ڪريو! مون
کي ٻار ڪونه کپي. شال جهان ۾ جُڙيو سلامت هجي! وڏي
حياتي هجيس! مون کي ٻار نه ڏياريو، ته نه ڏياريو؛
هن ڏائڻ کي ئي ڏيئي ڇڏيو. مان ٻار تان هٿ ٿي کڻان.
خدا جي واسطي پنهنجو فيصلو ڦيرايو.
(وري زار زار روئي ٿي.)
قاضي: (جلاد کي سڏ ڪري ٿو.) جلاد، عدالت جي فيصلي تي هڪدم عمل
ڪيو وڃي.
(جلاد تلوار ڪڍي ٿو.)
سچي ماءُ: (مورڇا ٿي ڪِري پوي ٿي ۽ قاضيءَ جي پيرن تي سر رکي)
قاضي صاحب، مون کي ٻار نه کپي، هن کي جيئڻ ڏيو.
مون تي فضل ڪريو! هن کي جيئڻ ڏيو. منهنجي حياتي به
شال هيءُ ٻچڙو ماڻي! خدا جي نالي فيصلو بدلايو،
فيصلو بدلايو، فيصلو بدلايو!
قاضي: مائي! بيشڪ ٻار جي سچي ماءُ تون آهين؛ هي ٻار تنهنجو ئي
آهي ۽ توکي ئي ملندو. ٻار هِن بدبخت عورت کان وٺي
پنهنجي گود ۾ ڪر. (جلاد کي) هِن ڪوڙي رَن کي هڪ سؤ
چهبڪ لڳايا وڃن، ۽ عدالت مان هن کي ٻاهر ڌِڪي ڪڍيو
وڃي. اِهو صحيح ۽ آخري فيصلو آهي.
(عدالت ۾ حاضر ويٺل بلند آواز سان چون ٿا:)
(انصاف- زنده باد. انصاف- زنده باد)
]پردو
ڪِري ٿو[
محلات يا مسافر خانو
چهچٽو پهريون
پردو پهريون
(هڪڙو ضعيف فقير ڪُلهي تي رَلي کنيو، ٿَڪو ٽُٽو ٿاٻڙندو ۽
سهڪندو نظر اچي ٿو. هڪ ماڻهو رستي تي گڏجيس ٿو ۽
ان کي چوي ٿو)
فقير: ابا، پيرسن ۽ ضعيف آهيان. پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيو
آهيان. (کنگهي ٿو) کنگهه ۽ دم جي بيماري اٿم. ڪٿي
ڪا آرام جي جاءِ ملي ته ٻه- ٽي ڏينهن آرام ڪريان؟
ماڻهو: فقير تون بُکايل به ڏسجين ٿو.، اُڃ به ضرور لڳي
هوندءِ. (هڙ مان ماني ڇوڙي) اچي هي ٽڪر ڳَڀو کاءُ
۽ هن سانداريءَ مان ٻه ڍڪ پي تازو توانو ٿيءُ. شهر
کي اچي ويجهو ٿيو آهين. بادشاهه جي گاديءَ وارو
شهر آهي. ان ۾ بادشاهه جا مسافرخانا موجود آهن،
اُتي وڃي چار ڏينهن ساهي پَٽ. تنهنجي دوا درمل به
اُتي مفت ٿيندي.
فقير: ته ابا، ڏاڍو چڱو! الله مالڪ آهي، ڪنهن کي به ڪين
ٿو ڇڏي. وڃان ٿو اُتي.
ماڻهو: فقير! ٻه گرهه ماني کاءُ، پاڻي ڍُڪ پيءُ ته پوءِ اُتي
هلي ڇڏيانءِ.
فقير: ته ابا بسم الله! پر تون به مون سان گڏجي کاءُ.
ائين مون کي ماني مزو نه ڏيندي.
(فقير رَلِي پَٽَ تي وڇائي ٿو ۽ ٻيئي گڏجي ماني کائين ٿا.)
ماڻهو: ماني البت پاروٿي آهي، پر چوندا آهن ته بک ۾ بصر به
مِٺا. بک چڱي آهي ته سُڪي ماني به ٻوڙ پلاءُ پئي
ٿي لڳي؛ پر بک نه آهي ته ٻوڙ پلاءَ به زهر. اُڃ
چڱي آهي ته ڇُڙيو پاڻي به شربت، پر جي اُڃ نه لڳي
ته شربت ڪهڙي ڪم جا! غريبن سان اها خدا جي ڀلائي
آهي، جو اُڃ بک چڱي ٿي لڳين.
فقير: هر حال ۾ ڌڻيءَ جا شڪرانا! بسم الله وٺ ته ماني کائون.
(ماني کائين ٿا.)
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٻيون
(شهر ۾ بادشاهه جو محلات آهي. چوڪيدار تلوارون هٿ ۾ کڻي، پهري
تي بيٺل نظر اچن ٿا. فقير کي ايندو ڏسي چون ٿا.)
هڪ چوڪيدار: فقير، ڪيڏانهن ٿو ڌوڪيندو اچين؟ هتان ڀڄي وڃ ته مفت
مار نه کائين!
ٻيو چوڪيدار: چَرين جون اسپتالون نڪتيون، پر چريا اڃا ڇُڙيا پيا
هلن.
(چوڪيدار کلن ٿا.)
فقير: ابا، آءٌ ته هڪ مسڪين ٿڪايل فقير آهيان، ضعيف ۽ بيمار
آهيان (محلات ڏي اشارو ڪري) هن مسافرخاني ۾ ڪي
گهڙيون آرام ڪري پوءِ رمندو رهندس. مسافرن جا مڪان
بدلبا رهن ٿا. هڪ جاءِ نصيب ۾ نه آهي. ڀلائي ڪري
ڇڏيوم ته اندر وڃي ڪي گهڙيون ليٽي ننڊ ڪريان.
ڪيترن ڏينهن جو اوجاڳو اٿم، ڪو قياس ڪريو. آخر هي
مسافرخانو، مسافرن لاءِ آهي ته مون کي ڇو ٿا
روڪيو؟
هڪ چوڪيدار: (ٽهڪ ڏيئي) ڀڄ چَريا چي، مست آيا اٿئي.
اڙي چَريا، هن محلات کي تو مسافرخانو
سمجهيو آهي! مسافرخانو شهر جي پرئين ڀر آهي. هليو وڃ اڳتي. هتان
ڀڄي وڃ ته کائين نه مار!
ٻيو چوڪيدار: اڙي فقير، اکيون اٿئي يا ڀِتر- هتان هليو وڃ ته
بادشاهه کي نه سُڌ پوي ته پوين نه تُرم ۾.
فقير: ابا، ڇو ٿا مون غريب کي ڇِڙٻون ڏيو؟ مون کي بادشاهه سلامت
وٽ وٺي هلو ته اهو فيصلو ڪري. حق حق ٿيندو ۽ ناحق،
ناحق.
چوڪيدار: هل ڙي هل، حق ناحق جا واهي (گوڙ ٿئي ٿو.)
(بادشاهه سلامت نهاري ٿو ۽ پڇي ٿو)
بادشاهه: ڇا جو گوڙ گهمسان آهي؟)
چوڪيدار: (با ادب) حضور، هي هڪ ديوانو فقير آهي، جو چوي ٿو ته
هي محلات نه پر مسافرخانو آهي. اندر ڇڏيوم ته چار
گهڙيون وڃي آرام ڪريان.
بادشاهه: هرج ڪونهي. فقير کي مون وٽ حاضر ڪريو.
]پردو
ڪِري ٿو[
پردو ٽيون
(فقير کي بادشاهه وٽ حاضر ڪيو وڃي ٿو. بادشاهه فقير کان پڇي
ٿو.)
بادشاهه: درويش! تو اسان جي محلات کي مسافر خانو سمجهيو آهي؟
فقير: حضور! مان ته ائين ٿو سمجهان.
بادشاهه: سو ڪيئن؟
.
فقير: حضور، هيءَ محلات جڏهن جُڙي هئي ته هن ۾ ڪير رهندا هئا؟
بادشاهه: اسان جا وڏا.ڏاڏا ۽ پڙ ڏاڏا رهندا هئا.
فقير: انهن جي وفات کان پوءِ ڪير رهندا هئا؟
بادشاهه: انهن جو اولاد.
فقير: اوهان کان اڳ هن محلات ۾ ڪير مقيم هئا؟
بادشاهه: اسان جو والد شريف.
فقير: هينئر هتي ڪير ٿو رهي؟
بادشاهه: اسان پاڻ ٿا رهون.
فقير: اوهان کان پوءِ هِتي ڪير رهندا؟
بادشاهه: اسان جا فرزند ارجمند.
فقير: ته پوءِ بادشاهه سلامت، هن محلات ۽ مسافرخاني ۾ ڪهڙو فرق
رهيو. مسافرخاني ۾ به هڪڙا وڃن ته ٻيا اچن ٿا، هتي
به اهو ساڳيو قصو آهي. دنيا جي هر چيز فاني آهي.
بقا فقط خدا جي مِٺي نالي کي آهي. هيءُ محلات ته
ڇا، ساري دنيا هڪ مسافرخانو آهي. انسان جو سچو ۽
دائمي وطن ته اڳتي آهي. هن ڪوڙي دنيا جي موهه تي
ڪوبه ڀروسو ڪرڻ نه گهرجي. چئن ڏينهن جو چٽڪو آهي.
هرڪو چار هٿ ڪفن جا وٺي قبر ۾ داخل ٿي ويندو! هيءُ
گل بدن سڙي رک ٿي ويندو ۽ رهندو وڃي رب جو نالو.
بادشاهه: (چوڪيدارن کي) هن فقير اڄ اسان کي هڪ دانائيءَ جو سبق
سيکاريو آهي. کيس وٺي، اندر محلات ۾ اچو ته منهنجي
پلنگ تي آرام ڪري. (چوڪيدار فقير کي اندر وٺي وڃن
ٿا ۽ فقير کي بادشاهه جي پلنگ تي ليٽي پوڻ لاءِ
چون ٿا.)
چوڪيدار: فقير، هي بادشاهه سلامت جي آرام لاءِ پلنگ آهي؛ اوهين
هن تي ٽنگ ڊگهي ڪري سمهي آرام ڪريو.
(فقير پنهنجي رَلي پَٽ تي وڇائي ليٽي پوي ٿو.)
چوڪيدار: فقير سائين، هي ڇا ٿا ڪريو! بادشاهه سلامت جو حڪم آهي.
اوهين پلنگ تي سمهو.
فقير: نه ابا نه! اسين مِٽيءَ مان پيدا ٿيا آهيون ۽ مِٽي ٿي
وينداسون. اسان فقيرن جو وڇاڻو هيءَ زمين آهي.
اسان لاءِ فرش تي ويهڻ فخر آهي. هاڻي اوهين وڃي
سُکيا ٿيو. اسين ڪجهه دير جا مهمان آهيون ۽ هليا
وينداسون.
چوڪيدار: فقير، اسان کي پنهنجي گستاخيءَ جي معافي ڏيندا.
اسان کان خطا ٿي آهي.
فقير: اوهان کي هِتي به معاف ٻئي جهان ۾ به معاف آهي.
خدا حافظ!
(ائين چئي فقير ليٽي پوي ٿو.)
]پردو
ڪِري ٿو[ |