سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو : 8

راجا-

جي ها! ۽ قرض وڏو مرض آهي.

عيدو-

۽ قرض موٽائڻ فرض آهي.

راجا-

تون ته بس ڪر سياڻا.

بيگم-

پر منهنجي مڙس ايترا پئسا ورتا ڇاجي لاءِ---؟

راجا-

مون کان کنڌي تي گاهه کڻندو هو

راجا-

 پاڻ کائيندو هو؛ يا گهر آڻيندو هوندو! يا وري گهوڙي کي کارائيندو هوندو--!

بيگم-

جيڪڏهن منهنجي مڙس تو کان قرض کنيو آهي ته اهي سڀ پئسا مان توکي جلد موٽائي ڏيندس، هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.

راجا-

واهه! ايترو جلد وڃي سگهان ٿو! نه محترمه! ڳالهه دراصل هن ريت آهي ته مون کي سڀاڻي صبح جو اهي پئسا بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻا آهن! آخري تاريخ آهي.

بيگم-

پر هن وقت ته مون وٽ پائي به ڪونهي! هفتي کن اندر پئسا ملندا. پوءِ اچجانءِ.

راجا-

مون چيو ته مون کي پئسا صبح ساڻ بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻا آهن! ٻيءَ حالت ۾ پوليس مون کي ٻڌي ويندي.

بيگم-

اهو ته وڌيڪ سٺو ٿيندو.

راجا-

مان مشورو وٺڻ نه پئسا وٺڻ آيو آهيان.

بيگم-

پئسا ڪونهن؛ مونکي افسوس آهي.

راجا-

مونکي به افسوس آهي؛ پر مان هفتو ترسي نٿو سگهان.

بيگم-

پر مون وٽ پئسو ناهي ته مان ڇا ڪيان؟ مٿو ڏاريان--؟

راجا-

تنهن جو مطلب اءهو ٿيو ته مونکي هينئر پئسا نه ڏيندينءَ--؟

بيگم-

جي نه!

راجا-

هون.... ته اِهو تنهنجو آخري فيصلو آهي--؟

بيگم-

جي ها--!

راجا-

بلڪل آخري فيصلو--؟

بيگم-

هڪ دفعو چيم ته ها! ها، ها، ها! هاڻي ٻڌءِ--؟

راجا-

جيڪڏهن اِها ڳالهه آهي ته منهنجو آخري فيصلو به ٻڌي ڇڏ! مون کي جيستائين پنهنجا پئسا نه ملندا، مان هن گهر مان هڪدم قدم به ٻاهر نه ڪڍندس! اڙي ٽيڙو؛ وڃ؛ وڃي منهنجا سامان کڻي اچ ۽ هڪ ڪمرو صاف ڪري ان ۾ لڳائي ڇڏ!

بيگم-

مونکي اها بدتميزي پسند ناهي! توکي شايد منهنجي خبر ناهي--؟

راجا-

توکي به شايد منهنجي خبر ناهي! راجا نالو اٿم راجا؛ راجا گاهه وارو.

بيگم-

آچر، عيدو ڪڍو مئي کي ٻاهر.

راجا-

ڪو ويجهو ته اچي ڏسي؛ ڪتر ڪري ڇڏيندوسانس. هل ڙي ٽيڙو، ٽپڙ کڻي آءٌ. وڏا آيا آهن اوڌر نه ڏيڻ وارا وڃ ڙي کڳا، منهنجي کاڌي پيتي جو انتظام ڪر. ڏسين ڇا ٿو. قد بت چڱي طرح ڏسي ڇڏ. ۽ ها محترمه جيڪڏهن منهنجي پئسن جو انتظام هفتي اندر به نه ٿي سگهيو ته پوءِ مونکي هن گهر ۾ مستقل مهمان سمجهجانءِ.

سين ٽيون

عيدو-

آچر.

آچر-

جي عيدو.

عيدو-

ٻيلي هن مهمان مان چڱو ڦاٿاسين؛ ٽن ماڻهن جي ته ماني ٿو کائي؛ ان کان پوءِ حڪم تي حڪم. چانهه کڻي آ کير کڻي آ، پاڻي کڻي آ، ماني نه کائيندس؛ برياني پچايو؛ هاضمو خراب آهي جيلي ٺاهيو، حلوو تيار ڪيو. ڄڻ حڪم ئي سندس ٿو هلي.

آچر-

سڄو ڏينهن ٿو کائي، ڪمبخت، گجر موري به نٿو ڇڏي گهر ۾؛ خدا غارت ڪريس، ڏاڍو تنگ ڪيو اٿس.

عيدو-

آچر....!

آچر-

ڇاهي موالي--؟

عيدو-

مون کي هڪ صلاح آئي آهي ذهن ۾.

آچر-

اها ئي نه ته بيگم صاحبه جي مرڻ کان پءِ تون گُتي تي ويهي جهوٽا کائيندين--!

عيدو-

اڙي نه! اها ته پوءِ جي ڳالهه آهي؛ پهريون هن مصيبت مان ته جان ڇڏايون! هيڏي آ، ويجهو اچ--! هان؛ هاڻي ٻڌ، تون هينءَ ڪر جو مانيءَ ۾ زهر ملائي ڏينس، پاڻهي راتو رات مري ويندو--!

آچر-

نه بابا نه! مون کان اءهو ڪم نه ٿيندو، ٻي ڪا صلاح ڏي.

عيدو-

ٻي ڪهڙي صلاح ڏيانءِ؟ ماڻهو مارڻو ئي آهي ته پوءِ کيس زهر ڏيڻو ئي پوندو.

آچر-

ماڻهو مارڻ جا ٻيا به طريقا ٿي سگهن ٿا....!

عيدو-

ٻيا وري ڪهڙا طريقا ٿيندا...؟ مان به ته ٻڌان!

آچر-

مثلن ڪوٺي تان ڌڪو ڏجيس، ڊيڄاري هانءَ ڦاڙجيس؛ درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏجيس؛ کوه ۾ ڌڪو--! کوه ۾ ڌڪو--! اچي وئي! واه جي صلاح اچي وئي....!

عيدو-

کوه ۾ ڌڪو ڏيونس--؟

آچر-

نه، هرگز نه؛ ياد اٿئي عيدو؛ پنهنجو صاحب ڪيئن مئو هو؟

عيدو-

ها: کوه ۾ ٽپو ڏنو هئائين! ٻيو ڪيئن...؟

آچر-

کوه ۾ ٽپو ڇو ڏنو هئائين؟

عيدو-

هن مصيبت جهڙي زال کان تنگ ٿي ٽپو ڏنو هئائين، ٻيو ڇو ڏنو هئائين-؟

آچر-

ته پوءِ ٺيڪ آهي.

عيدو-

ڇا ٺيڪ آهي--؟

آچر-

ٺيڪ اِهو آهي ته اسان هن ماڻهوءَ کي رستي تان هٽائڻ لاءِ سندس شادي بيگم صاحبه سان ڪرائينداسين؛ اڳتي کوه ۾ ٽپو ڏيڻ سندس ڪم آهي! ڇا خيال آهي--؟

عيدو-

خيال ته سٺو آهي، پر جي کوه ۾ ٽپو نه ڏنائين ته پوءِ ڇا ٿيندو--؟

آچر-

ڦاهو کائي مرندو.

عيدو-

پر جي ائين به نه ڪيائين ته پوءِ--؟

آچر-

ته پوءِ دنيا ۾ ئي دوزخ ڏسي وٺندو! اشراف هوندو ته پاڻ کي ماريندو ضرور.

عيدو-

پر اءها شادي ڪرائيندين ڪيئن--؟

آچر-

اهو ڪم سولو آهي، ٿوري عقل ۽ عمل جي ضرورت آهي ۽ پوءِ....

عيدو-

(کلندي) وه واه ڏاڍو مزو ايندو! اصل زهر کي زهر ماريندو!

 

]پري کان راجا جو آواز اچي ٿو—[

راجا-

اڙي ٽيڙو، ٽيڙو—ڪاٿي مري وئين--؟

آچر-

وري الائي ڇا ٿيس!

عيدو-

لڳي هوندس بک، ٻيو ڇا ٿيو هوندس. هفتي ۾ ٽن هزارن جي ته ماني کائي ويندو. ان کان ته چڱو هو پئسا ڏئي جان ڇڏائجي ها--!

راجا-

(پري کان) اڙي ڪو آهي يا سڀ جا سڀ ويا هليا--؟

آچر-

آيو سائين (آهستي) مان وڃي ٿو پنهنجي ڪم سان لڳان! تون به اچي لاڳ وٺائجانءِ.

 

]آچر جي وڃڻ جو آواز-[

 

جي سائين حڪم ڪيو--؟

راجا-

اڙي هيءُ گهر آهي يا وٿاڻ آهي-؟

آچر-

سائين في الحال ته وٿاڻ ٿو لڳي. توهان هليا ويندا ته پوءِ...

راجا-

ڇا ٿو چوين--؟

آچر-

منهنجو مطلب آهي ته توهان هليا ويندا ته پوءِ هيءَ گهر وٿاڻ لڳندو.

راجا-

ٺهيو ٺهيو! بڪ بند ڪر. کائڻ لاءِ به ڪجهه آهي گهر ۾ يا سڀني روزو رکيو آهي--؟

آچر-

سائين اڃان ٿوري دير اڳ ته توهان ٻوڙ ماني....

راجا-

اڙي اُهو ته ڪلاڪ اڳ جي ڳالهه هئي، بک ماريندؤ ڇا؟

آچر-

نه سائين، بک مرن توهانجا دشمن، توهان لاءِ ته بيگم صاحبه وڏا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن.

راجا-

ڇا حڪم ڏنا آهن تنهنجي انهيءَ بيگم صاحبه--؟ گوليءَ سان اُڏائڻ جو حڪم ڏنو آهي يا ڪهاڙيءَ سان ڪنڌ ڪپڻ جو حڪم ڏنو آهي يا شينهن آڏو اُڇلائڻ جو حڪم ڏنو آهي--؟

آچر-

ائين نه چئو سائين، بيگم صاحبه ته چئي ڇڏيو آهي ته توهانجي کاڌي پيتي جو هر وقت خيال رکيو وڃي ته جيئن توهانکي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي.

راجا-

ڇا--؟ ڇا؟ ڇا--؟ چيو آهي تنهنجي بيگم صاحبه--؟

آچر-

گهڻو ڪجهه چيو اٿائين سائين! (شرمائيندي) پر مان ڇو ٻڌايان--؟

راجا-

اڙي ڪجهه ته ٻڌاءِ....!

آچر-

نه سائين! مونکي شرم ٿو اچي. پاڻ وڏن سان اهڙيون ڳالهيون نه ڪبيون آهن.

راجا-

ٽيڙو، مان چوانءِ ٿو ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي--؟

آچر-

 بيگم صاحبه پئي چوي ته پئسا ته مون وٽ آهن، پر مان راجا صاحب کي پئسا ان ڪري نه ڏينديس ته جيئن هو هميشه هت رهيو پيو هجي ۽ هرگز هرگز هتان نه وڃي.

راجا-

سچ ٿو چوين--؟ ٻيو ڇا پئي چوي--؟

آچر-

ٻيو چوي پئي ته توهان ماني سٺي نٿا کارايو مهمان کي؛ آئنده مان پاڻ ٺاهينديس ماني پنهنجن هٿن سان.

راجا-

هان؟ ڀلا ٻيو ڇا پئي چوي--؟

آچر-

سائين چوي ته گهڻو ڪجهه پئي! پر توهان ڇا ڪندؤ انهن ڳالهين کي--؟ توهان پرديسي ماڻهو، ٻه ٽي ڏينهن رهي پنهنجو قرض وٺي هليا ويندا. خواه مخواه ڳالهه کي وڌائڻ مان ڪهڙو فائدو--؟

راجا-

ها، فائدو ته برابر ڪونهي، پر ٽيڙو...

آچر-

چئو سائين.

راجا-

آچر خان ڳالهه ته ٻڌ....

آچر-

جيءُ سائين.

راجا-

تنهنجي صاحب کي مئي گهڻو عرصو ٿيو آهي--؟

آچر-

سائين،  ڪالهه هڪ سال پورو ٿيس.

راجا-

تنهنجي بيگم صاحبه ته اڃا جوان بيٺي آهي، آهي به شڪل صورت جي سهڻي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي به ايتري خراب ته ناهي.

آچر-

نه سائين. مجال آ جو ڪو ڏکيو اکر زبان مان ڪڍي، ويچاري ڳالهائيندي ته بلڪل ناهي؛ ڪڏهن ڪڏهن مڙئي هڪ اڌ لفظ چئي وٺندي آهي، نه ته ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾.

راجا-

(خوش ٿيندي) هائو ٻيلي--؟ ڀلا ٻيو ڇا ٿي چوي منهنجي لاءِ--؟

آچر-

ٻي خبر سموري عيدوءَ کي اٿو؛ اءجهو هو اچي پيو، پاڻ ئي پڇي وٺوس ته-!

 

]عيدوءَ جي اچڻ جو آواز-[

عيدو-

سائين هي وٺو کيرڻي، بيگم صاحبه توهان لاءِ موڪلي آهي! سلام به ڏنا اٿائين ۽ پڇيو اٿائين ته ڪا تڪليف ته ناهي--؟

راجا-

کيرڻي ڏني اٿائين؟ وه واه! ٻيو ڇا پئي چيائين؟

عيدو-

سائين چوي پئي ته راجا صاحب ماڻهو ڏاڍو سٺو آهي.

راجا-

سچي--؟

عيدو-

ائون نه ته سائين، سڄو ڏينهن توهانجي تعريف ۾ گذاريو اٿائين، نور جو سنهن!

راجا-

هئه هئه! مان ته مري ويندس. ڀلا ٻيو ڇا پئي چيائين--؟

عيدو-

گهڻو ڪجهه پئي چيائين. توهان پاڻ ڇو نٿا پڇوس--؟

راجا-

ها، اها ڳالهه به ٺيڪ آهي! مان پاڻ ئي پڇندومانس.

 

]بيگم جو پري کان آواز[

بيگم-

عيدو - او عيدو موالي--!

عيدو-

بيگم صاحبه سڏي پئي! (زور سان) اچان ٿو بيگم صاحبه-!

 

]وڃي ٿو- وڃڻ جو آواز-[

عيدو-

جيءُ حڪم ڪيو بيگم صاحبه.

بيگم-

اڙي چنڊا، سڄو ڏينهن ان بي سري مهمان وٽ ويٺا ڪهڙا قصا ٿا ڪُٽيو؟ مونکي ته اِهو ڏائڻ بنهه وڻي ئي نٿو-! خدا ماريس، هانءَ تي بار ٿي اچي ڪريو آهي. مان سڀاڻي ئي ٽي هزار روپيا منهن تي هڻي گهر مان ٿي ڪڍانس. ۽ هڪ ٺاهوڪي مار به ڏئي ڇڏيندي مانس.

عيدو-

بيگم صاحبه--!

بيگم-

ڇاهي--؟

عيدو-

بيگم صاحبه، هڪ طرف توهان هن ويچاري تي ايترو ڪاوڙيل آهيو ۽ ٻئي طرف هو ته توهان جي ساراهه مان ئي نٿو ڍاپي--!

بيگم-

ڇا ٿو چوين موالي-؟ هوش ڪر ته ڀڃانءِ نه دون.

عيدو-

مان سچ ٿو چوان بيگم صاحبه؛ چوي پيو ته توهان جي مالڪياڻي ڪيڏي نه سٺي آهي.

بيگم-

ڪوڙ ٿو ڳالهائين موڳا--!

عيدو-

نه بيگم صاحبه، ڪوڙ ڇو ڳالهائيندس؛ مونکي ڪو گهران ٿو کارائي ڇا--؟

بيگم-

هان - ته ٻيو ڇا پيو چوي اهو ڍور--؟

عيدو-

چوي پيو ته مون اهڙي خوبصورت عورت زندگيءَ ۾ ڪٿي نه ڏٺي آهي.

بيگم-

الا--؟ ائين پيو چوي اهو بي شرم--؟

عيدو-

نور ڀٽاري؛ بلڪل ائين پيو چوي اهو بي حيا!

بيگم-

اڙي مئا مهمان کي گهٽ وڌ ته نه ڳالهاءِ! ڀلا ٻيو ڇا پيو چوي؟

عيدو-

بس بيگم صاحبه؛ رڳو ٿو تعريف ڪري توهان جي-! مون کي ته اهڙي ٿي ڪاوڙ لڳي، اهڙي ٿي ڪاوڙ لڳي جو جيڪر رت پي ڇڏيانس.

بيگم-

ٺهيو ٺهيو، گهڻو ڳالهايئي، رت ٿو پئيس؛ (شرمائيندي) ڀلا ٻيو ڇا پيو چوي؟

عيدو-

بيگم صاحبه، توهان ته خواه مخواه مون تي ناراض ٿيون ٿيو؛ مان نه ٻڌائيندس.

بيگم-

مان چوان ٿي ٻڌاءِ.

عيدو-

نه بيگم صاحبه؛ توهان ڪاوڙ ڪندا!

بيگم-

(خوشامداڻي انداز ۾) ٻڌاءِ عيدو!

عيدو-

چوي پيو ته توهان جي مالڪياڻي ڏاڍي خوبصورت آهي! هونهه؛ گوريلو ڪنهن جاءِ جو! مونکي ته اهڙي پئي ڪاوڙ اچي جو.....

بيگم-

شرم ڪر عيدو؛ ويچارو مهمان آهي. هونئن به ايترو برو ته ناهي جيترو تون سمجهين ٿو! ڏسڻ وائسڻ جو به چڱو آهي.

عيدو-

چڱو وري ڌوڙ آهي! چار مڻ ته وزن آهيس؛ منهن اٿس گهوڙي جهڙو! ڳالهائي ٿو ڄڻ پاڏو ٿو رڙي...

بيگم-

وڌيڪ بڪ بڪ نه ڪر؛ وڃ وڃي مهمان لاءِ مانيءَ جو بندوبست ڪر! هل.

 

]آچر جي اچڻ جو آواز-[

آچر

بيگم صاحبه.،

بيگم-

تون وري ڇو آيو آهين--؟

آچر-

بيگم صاحبه هو مهمان آهي نه....!

بيگم-

ها ها؛ ڇا ٿيو هن کي--؟

آچر-

ٿيندس وري ڇا! هو توهان سان ملڻ ٿو چاهي--!

بيگم-

ملڻ ٿو چاهي--! پر... پر.... منهنجا ته لٽا ڪپڙا به ٺيڪ ناهن. حال به فقيرن جهڙا لڳا پيا اٿم! هاڻي ڇا ڪيان--؟ چئينس ته ڪلاڪ کن رکي پوءِ اچي مونسان گڏ چانهه پيئي.

آچر-

جو حڪم.

بيگم-

۽ ها چئجانس ته....پر خير.... مان پاڻ ئي چئي ڇڏيندي مانس! تون وڃ.

 

سين چوٿون

 

]پري کان بيگم ۽ راجا جي کلڻ ڳالهائڻ ۽ چانهه جي ڪوپن جو آواز-[

آچر-

عيدو...

عيدو-

ڇاهي آچر--؟

آچر-

ڪجهه ٻڌين ٿو--؟

عيدو-

ٻڌان ٿو!

آچر-

ڇا ٿو ٻڌين موڳالي--؟

عيدو-

شاديءَ جون شرنايون ٿو ٻڌان--! پنهنجي مالڪياڻي ۽ مهمان راجا جي شادي!

آچر-

ڪا تبديلي ڏٺئي ٻنهي ۾--؟

عيدو-

ٻئي ماڻهو ٿي پيا آهن؛ ٻنهي جي ڳالهائڻ ۾ ڏاڍي نرمي اچي وئي آهي؛ ڳالهه ڳالهه تي کائڻ نٿا اچن!

بيگم-

(نرم آواز ۾ پري کان) آچر.... او آچر...!

عيدو-

سڏئي ٿي،

آچر-

خدا ڪري سڄي عمر ائين ٿي سڏيندي رهي.

عيدو-

آچر؛ مون کي هڪ ڊپ ٿو ٿئي...!

آچر-

ڊپ وري ڇا جو--؟

عيدو-

ڊپ اءهو ته ڪٿي هي ٻئي شادي ڪري پاڻ ٻنهي کي نوڪريءَ مان ئي جواب نه ڏئي ڇڏين--!

بيگم-

(بيگم جو آواز بيحد پيار ڀريو) آچر.... او مئا آچر.

آچر-

آيو بيگم صاحبه (وڃڻ جو آواز--) جي بيگم صاحبه؛ حڪم ڪريو.

بيگم-

آچر ٿوري چانهه ٻي ته ٺاهي وٺ؛ ۽ ها! اڄ رات جي جي ماني راجا صاحب هتي ئي کائيندو!

آچر-

جو حڪم بيگم صاحبه.

راجا-

(پيار مان) آچر خان!

آچر-

جي سائين...

راجا-

منهنجي لاءِ کاڌي ۾ ڪجهه مٺو به ضرور ڪجانءِ!

بيگم-

اهو ته مان تنهنجي لاءِ پنهنجي هٿن سان ٺاهينديس.

تون وڃ آچر؛ جو چيم سو وڃي ڪر!

آچر-

جي بيگم صاحبه! (وڃي ٿو-).

بيگم-

(کلندي) هي ٻئي اسان جا پراڻا نوڪر آهن. بيحد نمڪ حلال، محنتي ۽ ايماندار! مون ڪڏهن به کين سخت لفظ نه چيو آهي!

راجا-

ڇو نه، ڇو نه، خانداني ملازم جو ٿيا؛ مون وٽ به هڪ اهڙو نوڪر آهي!

بيگم-

چڱو هاڻي ڇڏ نوڪر جي ڳالهه! ٻي ڪا ڳالهه ٻڌاءِ.

راجا-

ڇا ٻڌايان؟ دل ٿي چوي ته مان تنهنجي آڏو زندگي ڀر ائين ڳالهائيندو رهان ۽ تون چپ چپ مونکي ٻڌندي رهين ۽ اهڙي طرح صديون گذري وڃن.

بيگم-

سچ--!

راجا-

سچ--! مون ته توکي پهرينءَ ئي نظر ڏسڻ کان پوءِ محسوس ڪيو هو ته تون ئي منهنجي خوابن جي راڻي آهين! جنهن جو مونکي ورهن کان انتطار هو.

بيگم-

هل ڪوڙا--!

راجا-

مونکي تنهنجي سونهن جو قسم.

بيگم-

ڳالهيون ٺاهڻ ته ڪو توکان سکي!

راجا-

اکيون پيار جي زبان هونديون آهن؛ اعتبار نه اچئي ته منهنجي نگاهن ۾ پيار جو پيغام پڙهي وٺ.

بيگم-

ڇڏ نه؛ تنگ نه ڪر--!

راجا-

شادي ٿي وڃڻ ڏي، پوءِ ڏسجانءِ ويهي تماشا.

بيگم-

شادي--! ڪنهن جي شادي--؟

راجا-

پاڻ ٻنهي جي شادي! محبت جو آخري انجام شادي ئي ته هوندو آهي رشيده--!

بيگم-

ڪوڙ ته نٿو ڳالهائين راجا--؟

راجا-

نه چري! پنهنجي ضمير سان به ڪوڙ ڳالهائبو آهي--؟

بيگم-

شاديءَ کانپوءِ اسان هي جاءِ ۽ ملڪيت وڪڻي هليا وينداسين! ڪنهن ٻئي هنڌ نئين دنيا آباد ڪنداسين!

راجا-

ها رشيده، پر هنن نوڪرن جو ڇا ٿيندو...؟ اهي ته تنهنجا خانداني ملازم آهن!

بيگم-

اهي ٻئي وڃي ڪو ٻيو بندوبست ڪندا؛ اسان ٻڌل ته ناهيون هنن سان!

راجا-

اِهو به ٺيڪ آهي؛ مان به پنهنجو نوڪر ڪڍي ڇڏيندس! اسان ٻئي هڪ جدا ۽ اڪيلي زندگي گذارينداسين.

 

(ٻئي کلن ٿا...)

 

]ڪال بيل جو آواز اچي ٿو—[

بيگم-

آچر.... او آچر... ڏس در تي ڪير آهي--؟

آچر-

(پري کان) ڏسان ٿو بيگم صاحبه.

بيگم-

خبر ناهي ڪير آيو آهي؟ اسان وٽ ته ڪيتري عرصي کان ڪو به ماڻهو نه آيو آهي--!

راجا-

هوندو کير جي بل وارو!

بيگم-

ويچارو کير وارو ته اسپتال ۾ پيو آهي! مسڪين کي منهنجو ڌڪ لڳي ويو هو--!

 

]ٻاهر کان راڻيءَ جي رڙين جو آواز ۽ آچر ۽ عيدو جا آواز اچن ٿا—[

راڻي-

ڇڏيو مونکي؛ پري ٿيو مون کان مئا ماريا! آهيو ڪير؟

آچر-

مائي ترس ته سهي! بيهه ته سهي! اندر ڪاڏي ٿي وڃين--؟

عيدو-

اڙي جهلينس نٿو! گهر ۾ گهڙندي ٿي وڃي--!

راڻي-

ڇڏ مونکي--! هٿ نه لاءِ--! ڌڪ هڻي ميڄالو ڦيهي ڇڏيندي مانءِ--! (اندر ايندي) ڪاڏي ويو اهو چور--؟

راجا-

مري ويس! هيءَ ته راڻيءَ جو آواز آهي--!

بيگم-

راڻي--؟ اها راڻي وري ڪير آهي--؟

راجا-

منهنجي شامت آهي؛ لڪاءِ! مون کي وارو ڪر لڪاءِ رشيده--!

راڻي-

ڪاڏي ٿو لڪين مئا ٺڳ---؟ سڌو ٿي بيهه --؟ متان ڀڳو آهين--!

راجا-

ڪو نه ٿو ڀڄان--! ڪو نه ٿو ڀڄان--! پر تون هت آئين ڪيئن--؟

راڻي-

ڇو نه ايندس؟ خود به ايندس! ٽن ڏينهن کان وٺي گهران غائب آهين. مان به چوان ته ڪاڏي ويو--؟

بيگم-

ڪير آهين مائي--؟

راڻي-

تون ڪير آهين--؟

بيگم-

مان هن گهر جي مالڪياڻي آهيان.

راڻي-

مان هن مئي جي مالڪياڻي آهيان.

بيگم-

ڇا مطلب...؟

راڻي-

مطلب اِهو ته هي منهنجو مڙس آهي.

بيگم-

مڙس آهي...؟ راجا هي.....

راجا-

مري ويو راجا....اُڦٽ مري ويو.

راڻي-

مرندين ته تون گهر هلي؛ هت ته رڳو مغز ڦاڙيندي مانءِ؛ گهران آيو هئين قرض وٺڻ؛ ۽ هتي هن ڏائڻ سان ويٺو ٿو ڪچهريون ڪرين.

بيگم-

پر هن چيو ته هن جي زال مري وئي آهي.

راڻي-

هئه هئه؛ مونکي جيئري ئي ماري ڇڏيو اٿائين؛ بيهه ته نڀاڳا ته تنهنجي خبر وٺان....

راجا-

اڙي ترس! نه هڻجانءِ! – متان--! اڙي گهوڙا ڙي!

راڻي-

توکي ڇڏي ڏيندس مئا! (ٿانون ڪرڻ جا آواز) اچئي ٿو!

 

]راجا ۽ راڻيءَ جا آواز—راجا جون رڙيون—راڻي جي ڌڪن هڻڻ جو آواز—[

راجا-

اڙي مون توبهه ڪئي! معافي ڏي؛ راڻي؛ مونکي معافي ڏي--! وري اهڙو ڪم نه ڪندس!

راڻي-

کڻ ٽپڙ، رک مٿي تي؛ سڌو سڌو گهر هل؛ اُٿي..

راجا-

(ڪنجهندي) هلان ٿو؛ هلان ٿو، مار ته نه؛ هلان ٿو......

راڻي-

(ٽوڪ مان) خدا حافظ؛ اسان وڃون ٿا؛ قرض جا پئسا توکي معاف آهن.

 

(وڃڻ جا آواز--)

بيگم-

(سخت غصي ۾) آچر، عيدو، هيڏي اچو ٻئي ڄڻا....

آچر-

آيو بيگم صاحبه....

بيگم-

بيگم صاحبه جا ٻچا؛ صبح کان گهر جي صفائي نه ٿي آهي ماني نه پڪي آهي، ٻاهر جو ڪم ڪار نه ٿيو آهي--! ۽ تون....تون ڇو وات ڦاڙيو بيٺو آهين موالي....هلي ڪم ڪر ته ڀڃانءِ نه دون!

عيدو-

حاضر بيگم صاحبه.

بيگم-

نمڪ حرام ڪنهن جاءِ جا؛ ويٺي ويٺي سنڌ ئي سُڪي ويا اٿن؛ نه ڪم جا نه ڪار جا.

 

]بيل جو آواز—[

 

اڙي ڏسو، اِهو وري ڪير آيو آهي نڀاڳو هن وقت.

عيدو-

بيگم صاحبه، کير وارو آيو هوندو بل وٺڻ.

بيگم-

اهو مئو ته اسپتال ۾ پيو آهي؛ پيٽ ۾ ٽڦڻي جو هنئي هئي مانس.

عيدو-

ته پوءِ جعفر ڪاسائي هوندو.

بيگم-

ڪائي ضرورت ناهي در کولڻ جي، توهان گهر جو ڪم ڪيو؛ جي پاڻ ۾ ڳالهايو اٿو ته ٽنگون ڀڃي ڇڏيندي مانو؛ سمجهيو.

ٻئي-

جي بيگم صاحبه.

 

سين پنجون

 

]عيدو گهر جو ڪم ڪندي ڳالهائي رهيو آهي—کير وارو آهستي کيس سڏي ٿو—[

کير وارو-

عيدو.... او عيدو...

عيدو-

اڙي ڪهڙو آهين--؟

کير وارو-

هيڏي ڏس عيدو؛ مان آهيان جانو کير وارو--!

عيدو-

جانو تون؟ اڙي تون ته اسپتال ۾ هئين! هت ڪيئن آيو آهين--؟

کير وارو-

مان اسپتال مان ڀڄي نڪتو آهيان! هيڏي ڏس، هي ڇا آهي--؟

عيدو-

خنجر--!

کير وارو-

ها خنجر! ڏس! هن جي ڌار ڪيڏي نه تيز آهي--! هن جو هڪ ئي وار ڪنهن به ماڻهوءَ جو گلو ڪٽڻ لاءِ ڪافي آهي. آهي نه--؟ (کلي ٿو).

عيدو-

جانو کير وارو، تنهنجو پڪ مٿو خراب ٿي ويو آهي--!

کير وارو-

ها منهنجو مٿو خراب ٿي ويو آهي.

عيدو-

پر جانو پاڻ ته ٻئي يار آهيون نه--؟ تون مونکي ته نه ماريندين--؟

کير وارو-

توکي نه ماريندس! تنهنجي انهيءَ مغز ڦاڙي بيگم صاحبه جو خاتمو آڻيندس!

عيدو-

پر ڇو--؟

کير وارو-

پڇين ٿو ته ڇو! (کلندي) توکي سڀ خبر آهي--! هن ٽڦڻي هڻي منهنجو پيٽ ڦاڙي وڌو هو! مان کيس هرگز نه ڇڏيندس! منهنجو هڪ ئي وار کيس هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو--!

عيدو-

ائين نه ڪر جانو؛ خون ڪرڻ گناه جو ڪم آهي.

کير وارو-

اها نصيحت پنهنجي بيگم صاحبه کي ڇو نٿو ڏين--؟ هن ذري گهٽ مونکي ماريو هو--! پر....پر هاڻي به ڪجهه نه ويو آهي، مان پنهنجو بدلو وٺڻ آيو آهيان--! خبردار! جيڪڏهن ڪنهن سان به ڳالهه ڪئي اٿئي ته مان تنهنجو به ساهه ڪڍي ڇڏيندس....! خاموشيءَ سان اتي بيٺو رهه--!

جعفر-

خبردار--!

کير وارو-

(ڊڄندي) هان....! ڪير آهين تون--؟

جعفر-

مان جعفر ڪاسائي آهيان--! مون تنهنجي سڄي گفتگو ٻڌي آهي.

کير وارو-

تو....؟ تو منهنجي.....

جعفر-

گهٻرائڻ جي ڪا ضرورت ناهي--! هي ڏس! مون وٽ ڇا آهي....؟

کير وارو-

پستول---!

جعفر-

(کلندي) پستول آهي! خبر اٿئي ڇا جي لاءِ کنيو اٿم--؟

کير وارو-

ڇا جي لاءِ--؟

جعفر-

انهيءَ بيگم صاحبه کي قتل ڪرڻ جي لاءِ....! خبر اٿئي هن منهنجي مٿي ۾ ڏنڊو هنيو هو--!

عيدو-

اڙي؛ توهان ته ٻئي خوني آهيو--!

کير وارو-

چپ ڪر، هڪ لفظ ڪڍيو اٿئي ته ساهه ڪڍي ڇڏينداسونءِ--!

جعفر-

هي پستول ڏسين ٿو؟ هن ۾ ويهه گوليون آهن.

عيدو-

ويهه گوليون...!

جعفر-

ويهه نه هونديون ته ڏهه هونديون! آهن ته سهي؟ اچ؛ جانو کير وارا؛ شڪار اسانجي انتظار ۾ آهي.

کير وارو-

ها؛ اسانکي دير نه ڪرڻ گهرجي! اهڙي چيڙاڪ عورت جو دنيا ۾ وڌيڪ رهڻ ٺيڪ ناهي، هلي آ....

 

]بيگم اچي ٿي - -[

بيگم-

ترسو....!

کير وارو-

ڪير!؟ بيگم صاحبه....(ڊڄندي) توهان....؟

جعفر-

اڙي مري وياسين! هيءَ ته هتي به پهچي وئي....!

عيدو-

بيگم، هي ٻئي توهان کي خون ڪرڻ.....

بيگم-

مون سڀڪجهه ٻڌو آهي عيدو--!

عيدو-

ته پوءِ سڏي وٺان پوليس کي؟

کير وارو-

اڙي متان اهڙو ڪم ڪيو اٿئي؛ ٻچڙيوال آهيانءِ.

جعفر-

مان ته يتيم آهيان.

بيگم-

هينئر ٻنهي کي ڇڏي ڏي عيدو.

عيدو-

ڇڏي ڏيان....؟

بيگم-

ها عيدو! هنن ويچارن جو ڪو به ڏوهه ڪونهي؛ مونکي هنن سان سٺي نموني هلڻ کپندو هو.

کير وارو-

بيگم صاحبه هي توهان....؟ مان خواب ته نٿو ڏسان--؟

بيگم-

مان توهان ٻنهي کان معافي ٿي گهران! مون کان برابر غلطي ٿي! عيدو.....

عيدو-

جي بيگم صاحبه.

بيگم-

هنن ٻنهي کي چانهه پياري عزت سان روانو ڪر؛ ۽ کين چئه ته سڀاڻي اچي پنهنجا پئسا وٺي وڃن.

عيدو-

(غير يقيني حالت ۾) جي بيگم صاحبه--!

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com