سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :21

 

 

 

 

رئيس پلنگ تان اٿي ڪمري ۾ پسار ڪري ٿو.

رئيس- ڪهڙو رمضان---؟

جنان- نوران جو مڱيندو.خميسي وارو پٽ. چوائي مُڪائين ته ٻنيون ۽ ونيون مئي مارائي بنا نه ڏبيون آهن.

 

رئيس- ته اِها ڳالهه آهي.

جنان- مون ته نوران جي پيءُ کي به چيو ته مڱڻو ٽوڙائي، ٻانهن رئيس کي ڏي، پر مئو مڇرجي پيو، اُتان پيو اچي جتان ڪوڙو نه موٽي.

رئيس- ٽڪي جو ڪڙمي، منهنجي ٽڪرن تي پليل، نمڪ حرام ڪتو. سندس اها مجال.

جنان- ڪاوڙ نه ڪر صدقي وڃانءِ، ڀلا تنهنجي جُتيءَ ۾ ڪو پير وجهندو؛ مون ته مئي کي گهڻو سمجهايو پر مڙئي گهڻي پئي ڏٺس.

رئيس- مائي جنان.

جنان- گهور وڃي جنان.

رئيس- مون نوران کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀڪجهه ڪيو، پر معلوم ٿيو ٿئي ته پاڻي سرئون تار ٿي چڪو آهي.

 

 

 

 

ڪاوڙ ۾

 

ڊڄندي، ڪنبندي

 

 

 

 

 

 

ڪاوڙ ۾

 

 

ڊڄندي ڊڄندي جنان ٻاهر وڃي ٿي- ۽ رئيس پسار ڪري سوچڻ لڳي ٿو.

جنان- خير گهر رئيس، نڀاڳ کنيو اٿن ڄاڻ ته منهن ڀت سان لڳن.

رئيس- جو ڪم تون نه ڪري سگهينءَ سو تاجو ڪندو.

 

جنان- تاجو--؟

رئيس- ها..... هاڻي سواءِ تاجو جي ٻيو انهيءَ مرض جو علاج نه رهيو آهي.

جنان- نه نه.... رئيس نه... ائين نه....جا نهن سان ڇڄي تنهن کي ڪاتي نه هڻجي....تاجو... توبهه ڪيو رئيس.

رئيس- هاڻي ڪاتيون نه ڪهاڙيون ڪم ڪنديون مائي جنان، تاجو کي تون سڃاڻين ٿي---!

جنان- نه نه...

رئيس- نه نه ڇا جي... هاڻي تنهنجو ڪم پورو ٿيو، آئون ڄاڻان منهنجو ڪم... تون هل.

 

 

 

-ڊزالو-

سين 3

 

ڏينهن؛

رئيس جي حويلي- رئيس جي ماءُ کٽ تي ويٺي آهي. جنان سندس ڀرسان پٽ تي ويٺي آهي. ٿورو پرڀو رئيس جي جواني کان ڪجهه موٽيل ڀيڻ سگهڙ ويٺي ٿي ڀرت ڀري.

 

 

 

 

 

 

 

 

ماءُ- ائي ادي جنان، انهيءَ سور ته اندر ئي ساڙي وڌو اٿم. نياڻيءَ جو بار ڪلهن تي نه هجيم ها ته جيڪو ڪڏهو ڪو وڃي قبر ۾ سکي ٿيان ها، پر ڇا ڪيان؟

ماءُ- امڙ! اِهي ڳالهيون ئي نه چور، هانءُ ڳريو پيو اٿم، منهنجي گهر واري مرهيات جي پنهنجي ڀاءُ سان جيئري ئي ڪانه پئي، مئيءَ ملڪيت جاني جدا ڪري ڇڏيا. ڪي سال ته منهن ئي ڪونه ڏٺائون هڪ ٻئي جو. هاڻي سڱ لاءِ چوايائين ته ڪريم بخش پٽ تريون ئي ٻه هنيس.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

سگهڙ ڏک ۽ تڪليف سان ڳالهيون ٻڌي رهي آهي. ماءُ جنان جي ڳالهه ڪٽي سگهڙ کي سڏ ڪري ٿي.

جنان- ها امان، رئيس ته آهي چڻنگ، شل نه ڦوڪ اچيس.

ماءُ- جيئي بچي شال، هڪڙو ئي پٽڙو اٿم. جي ٿي سگهڙ جي شادي ڪرايان ته ملڪيت ٿي ورهائجي. ان ڪري مٺي به

        ماٺ مٺي به ماٺ، دل جو سورو دل ۾.

جنان- پر ٻڙي ملڪيت ڪاڻ جو وياءَ ويهاري ڇڏبا ڪيئن---!؟

ماءُ- بس پوءِ ادي، وڏيرڪن گهرن جا ته اهي ئي رواج آهن. منهنجي مڙس مرهيات به پنهنجيءَ ڀيڻ کي قرآن بخشائي ڇڏيو هو. مرندي مري وئي، حق نه ڪيائين.

جنان- هئه هئه ادي... اهو ته ڪيس ٿيو، جواڻ جماڻ ملوڪ جهڙي ڌيءَ.

 

 

 

ماءُ-   سگهڙ

سگهڙ-  جي امان.

ماءُ-    ڌيءَ ڪڪڙين کي ته ڪو داڻو ڏئي آ. بک تي هونديون ويچاريون.

 

 

 

 

 

سگهڙ بي دليءَ سان سيبي جو سامان رکي ٻاهر وڃي ٿي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

گوڏن تي هٿ ڏيئي چنگهندي اُٿي ٿي.

سگهڙ-اُهو ته مون ڪڏهو ڪو ڏنو اٿن  امان.

ماءُ- ته پوءِ وڃي ايمڻا کي مانيءَ ٽڪيءَ جو سمجهائي اچ، ڄاڻ ته منجهند ٿي.

 

سگهڙ- حاضر امان.

ماءُ- ويچاري ڳڻتين ۾ ئي ڳري وئي آهي ٻچڙي. اُهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني. اهڙي ملڪيت ڪهڙي ڪم جي جا اولاد جي آس اکئين نه ڏيکاري.

جنان- ته پوءِ پٽ کي چوين ڇو نه ٿي.

ماءُ- ڀيڻ، مردن آڏو زبان کولڻ جي ڪنهن کي مجال آهي.

هڪ دفعي سو اشارو ڏنو هو مانس ته آپي کان نڪري ويو هو. چي سگهڙ کي جيئري پوري ڇڏيندس. نڙيءَ تي نهن ڏئي ماري وجهندس پر گار نه سهندس.

جنان- بس ڙي امان، وڏا سڏاوڻ وڏا ڏک پاوڻ، دنيا ته آهي ئي ڏکن جو ڏيهه، ڪو آجو ناهي.

 

....اُٿ ڙي جنان، مئو ولو پيو واجهائيندو هوندو.

 

ويندي ويندي

 

 

 

ٻاهر وڃي ٿي.

سگهڙ پريشان ڊوڙندي اندر اچي ٿي.

 

 

 

ماءُ گهٻرائجي اُٿي ٿي-

 

 

 

ماءُ سيني تي هٿ هڻندي رڙي ڪري ٿي.

 

- ڪٽ -

         الله خوش رکندئي مائي، شل ڏکيو ڏينهن نه ڏسين. اسان جا اِجهو اِهي حال اٿئي، جهوٽي وهيڻا ويٺا آهيون، ڳاٽي ڀڳو ويٺو هوندو پنڪين ۾.

 

 

سگهڙ-  امان، امان! ڪجهه ٻڌئي امان!

ماءُ-   ڇاهي ڇوڪري--؟ ڇو ٿي بي حال ٿين--!؟

سگهڙ-  چاچو آيو آهي.

ماءُ-     ڇا ٿي چئين سگهڙ --؟

سگهڙ- سچ ٿي چوان امان، چاچو ادا سان ڳالهائڻ لاءِ اوطاق ۾ آيو آهي. مونکي اجهو هينئر ايمڻا ٻڌايو.

 

ماءُ- يا اِلاهي خير.

 

سين؛ 4

 

رئيس جي اوطاق- رئيس جو چاچو جڙيل خان ۽ رئيس سخت غصي جي حالت ۾-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

رئيس-   اهو ناممڪن آهي.

جڙيل خان- مان تنهنجو چاچو آهيان پٽ؛ مونکي نااميد نه ڪر.

رئيس- رشتا ناتا واريءَ سندو ڪوٽ هوندا آهن. هوا جو معمولي جهوٽو به کين کن ۾ ڊاهي سگهي ٿو.

جڙيل- خون جا رشتا دائمي هوندا آهن پٽ؛ رت دانگيءَ تي به ورندو آهي؛ لٺئين پاڻي جدا ٿيڻو ناهي.

رئيس- اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن؛ وقت پئي ڪو ڪنهن جو ناهي، هر ڪو پنهنجي مطلب جو آهي چاچا.

جڙيل- منهنجو سليم پڙهيل ڳڙهيل آهي. مون شهر ۾ رهي کيس چڱي تربيت ڏياري آهي. هونئن ته کيس چڱن گهرن جا رشتا ملي سگهن ٿا، پر مون سوچيو ته.....

رئيس- اوهان سوچيو ته منهنجي ملڪيت

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

        اوهان جي سليم لاءِ بهتر ٿيندي: ائين نه--؟

جڙيل- مون ملڪيت بابت سوچيو به ناهي پٽ، توکي اِهو ڳالهيون چوڻ به نه گهرجن.

رئيس- مان ڪو ٻار ناهيان جو توهانجي ڄار ۾ سولائي سان اچي وڃان. مان چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته ڏاڏي جي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان ابي تي حملا ڪرايا، ڪيس ڪيا، الزام لڳايا ۽ جڏهن ڪامياب ٿي نه سگهيا ته ڳوٺ ڇڏي وڃي شهر وسايو ۽ هاڻي سگهڙ جي سڱ جو بهانو ڪري، اوهان هڪ دفعو وري پنهنجي پراڻي خواهش پوري ڪرڻ ٿا گهرو.

جڙيل- ملڪيت، ملڪيت، ملڪيت دنيا ۾ دولت ۽ ملڪيت ئي سڀڪجهه ناهي ڪريم بخش خان، تون پنهنجي ڀيڻ  صرف ان ڪري شادي ڪرڻ نٿو ڏين جو هو توکان

 

 

        حصو گهرندي.

رئيس- توهان به ته پنهنجي ڀيڻ کي آخري دم تائين ڪنوارو رکيو. توهان جي

         وڏن ۽ سندن وڏن

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

         ۽ سند وڏن سڀني اهو ئي ڪيو جو مان ڪري رهيو آهيان.

جڙيل- اسان جاهل هئاسين پٽ: اسان انسان تي پئسي کي ترجيح ڏني هئي. اِهو سبب آهي جو مان ماضيءَ جا داغ ڌوئڻ لاءِ اڄ جهولي ڦهلائي تنهنجي در تي آيو آهيان پٽ.

         ....مان تنهنجي دولت نه، سگهڙ جي خوشي خريدڻ آيو آهيان.

رئيس- سگهڙ کي ڪهڙو ڏک آهي--؟ چڱو چوڙي ٿي، چڱو ماڻي ٿي، مان سندس ڀاءُ آهيان، مون کان وڌيڪ سندس خوشيءَ جو اونو ٻئي ڪنهن کي ٿيندو؟

جڙيل- خوشي صرف کائڻ پيئڻ جو نالو هجي ها ته انسان جانور ٿيڻ پسند ڪري ها.

 

رئيس- مون کي انهن ڳالهين سان ڪا دلچسپي ڪانهي، گهر جو وڏو مان آهيان ۽ اهو منهنجو فيصلو آهي.

جڙيل- اسان جي ڪوٽن ۽ حويلين ۾ سگهڙ جهڙيون هزارين ڇوڪريون تو جهڙن انسانن جي ضد، هٺ ۽ ڪوڙي غرور سبب موت کان به بدتر زندگي گذاري رهيون آهن.

 

شراب جي بوتل ڏانهن اشارو ڪندي.

 

 

 

 

 

 

 

دانهن ڪري

 

 

 

 

رئيس- چاچا: تو منهنجي تڏي تي آيل آهين.

جڙيل- تون سڀڪجهه ڪري سگهين ٿو.  دنيا جي هر خوشي ماڻي سگهين ٿو، ڇو ته تون مرد آهين، آزاد آهين، توکي اِهو حق حاصل آهي ته بيوس گگدام ۽ بي زبان ڀيڻ جي مجبوريءَ تي پنهنجي عياشي جا قلعا اڏيندو رهه.

رئيس-  چاچا...

جڙيل-  تون ڌاڙيل رکي سگهين ٿو، شراب ۽ شباب جون محفلون سجائي سگهين ٿو؛ پر اِهو نه وسارجان ته قدرت جو انتقام به ڀيانڪ ٿيندو آهي.

 

         الهه توهار،

جڙيل خان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.

رئيس کيس ويندو ڏسي ٿو ۽ ٽهڪ ڏيئي بوتل کولي ٿو ۽ شراب گلاس ۾ اوتي هڪ ئي ڍڪ سان پي وڃي ٿو.

Time, lapse- Night Effect.

 

 

 

رئيس- هونهه--! انتقام!

رئيس ڪجهه پي چڪو آهي- ايشٽري ۾ سگريٽن جا ڪافي ٽوٽا جمع ٿي چڪا آهن- رئيس ٿڙندو اٿي ٿو-

 

سامهون تاجو بيٺو آهي-

 

 

 

 

رئيس- تاجو! رئيس اڃ تائين جو چاهيو آهي، سو ضرور حاصل ڪيو آهي. اسان جو ڏهڪاءُ، خوف ۽ هراس سڄي تر تي ڇانيل آهي پوءِ - پوءِ نوران ڪير ٿيندي آهي اسان سان سينو ساهڻ واري--؟

 

مرڪندي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

تاجو- نئين بلبل هوندي ڀوتار-

رئيس- اسان جي وڍ وڍ ۾ وهه نه ڀر تاجو؛ هن اسانجي بيعزتي ڪئي آهي ۽ تون کلي رهيو آهين--!

تاجو- اوهان کان بچي ڪيڏانهن ويندي ڀوتار؛ اَن جو منهن ته جنڊ ڏانهن ئي آهي.

رئيس- مون کي تنهنجي صلاحن جي نه، مدد جي ضرورت آهي تاجو.

تاجو- ڀوتار لاءِ جان به حاضر آهي؛ حڪم ٿئي.

رئيس- مون توکي پنج سال پاڻ وٽ پاليو آهي تاجو؛ ۽ پوليس کان پناهه ۾ رکيو آهي. اهو نه وسارجانءِ ته تو منهنجو نمڪ کاڌو آهي.

تاجو- بندوق وهائي ڪڍ رئيس، مهڻو نه ڏي.

رئيس- شاباس تاجو، مون ته تنهنجي غيرت جو امتحان ٿي ورتو.

تاجو- مهلون مڙسن تي اينديون آهن ڀوتار، تون مونکي اڳ به آزمائي چڪو آهين، منهنجو وار ڪڏهن به خطا نه

 

       ويندو آهي. منهنجي دوناليءَ

       مونکي ڪڏهن به دوکو نه ڏنو آهي.

رئيس- ته پوءِ ٻڌ تاجو؛ اڄ رات نوران منهنجي اوطاق ۾ پهچڻ گهرجي.

تاجو-  بس ڳالهه به ايتري--!

ٽهڪ ڏيندي رائيفل ۾ گوليون ڀري ٿو.

-- ڪٽ--

 

سين: 5

 

رات

رئيس جي اوطاق.

گهڙيال رات جا ٻه وڄائي ٿو- رئيس ايشٽري ۾ سگريٽ جو ٽوٽو مروڙي بيچينيءَ وچان گلاس هٿ ۾ کڻي ٿڙندو اُٿي ٿو.

هو سڌو دريءَ وٽ وڃي بيهي ٿو ۽ ٻاهر اوندهه ۾ ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو. ٻاهر ڪجهه به ناهي. رئيس مايوس ٿي ٻه ٽي قدم واپس موٽي ٿو.

اوچتو ڪو آواز ٿئي ٿو- رئيس

ڇرڪي وري دريءَ ڏانهن وڃي ٿو- پر ڪجهه به نظر نٿو اچيس- مايوس ٿي اچي ٿو صوفي تي ڪري- اميد ۽ نااُميدي جا تاثرات سندس منهن تي اُڀرن ٿا- پگهر جا ڦڙا چهري تي چمڪڻ لڳنس ٿا- هڪ دفعو وري هو دريءَ ڏانهن وڌي ٿو- اوچتو کيس پري کان جيپ جي روشني نظر اچي ٿي- ڳيت ڏيئي سڄو گلاس خالي ڪري ٿو ڇڏي.

جيپ ٻاهر ٻنڀي تائين پهچي وڃي ٿي- ڪٽ ڪري جيپ تي اچون ٿا، جنهن مان ٽي چار همراهه ٻٽ ٻڌل ٽپو ڏيئي لهن ٿا- ۽ ڪپڙا ڇنڊي ٻُٽون کولي ٿا ڇڏين- هو تقريبن سڀئي رئيس جا ماڻهو آهن.

تاجو پڻ بندوق سنڀالي هيٺ لهي ٿو- نوران؛ جا چوکنڀي ٻڌل آهي، تاجو کيس ڪلهي تي کڻي، پڌرا لتاڙي ورانڊو اڪري ڪمري ۾ وڃي ٿو- سمورو وقت نوران هٿ پير هڻندي رهي ٿي- پر سندس

 وات هٿ ۽ پير ٻڌل آهن- تاجو نوران کي  پٽ تي اُڇلائي ٿو-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

تاجو- وٽ رئيس پنهنجي امانت؛ غيرتمند آهين ته ٻيهر مهڻو نه ڏجانءِ.

رئيس سندس پٺي ٺپري ٿو ۽ خوشيءَ وچان چوي ٿو-

رئيس- مڃي ڇڏيومانءِ تاجو؛ بلاشڪ نمڪ حلال آهين. وڃ وڃي عيش ڪر.

رئيس نوٽ ٻٽونءَ مان ڪڍي تاجوءَ کي انعام ڏئي ٿو- تاجو هڪ نظر رئيس کي ڏسي ٿو- تلخ مرڪ سندس چپن تي اچي وڃي ٿي- ٻئي لمحي هو زمين تي تڙپندڙ نوران کي ڏسي ٿو ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ٿو وڃي.

رئيس نوران ڏي نهاري کلي ٿو ۽ ٽهڪ ڏيندي در بند ڪري ٿو ڇڏي.

- ڪٽ -

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ٻاهر تاجو اڪيلو آهي- رات جي اونداهيءَ ۾ هو آهستي آهستي ورانڊي مان ٿيندو پڌر ۾ اچي ٿو ۽ پوءِ ٻُنڀي وٽ اچي هيڏانهن هوڏانهن نهاري  اڳتي وڌي ٿو.

وڻن هيٺان لنگهندي اوچتو هڪ هٿ اچي سندس ڪلهي تي پوي ٿو! تاجو ڇرڪ ڀري بندوق جو رخ پٺتي ڪري دانهن ڪري ٿو-

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

تاجو- ڪير آهي--؟

تاجوءَ جي منهن تي خوف جا تاثرات آهن جي آهستي آهستي تبديل ٿي وڃن ٿا.

هو ڇوٽڪاري جو ساهه کڻندي چوي ٿو-

 

 

 

 

تاجو- او - تون--! تو ته مون کي ڊيڄاري ڇڏيو سگهڙ--!

ڪئمرا سگهڙ تي اچي

 ٿي جا شال اوڍي حيا کان مرڪي رهي آهي-

 

       اڄ ته ڏاڍو انتظار ڪرايئي تاجو!

تاجو- اڄ رئيس جي بيگر تي ويل هئس چري، ٻيهر دير نه ٿيندي--!

اوچتو رئيس جي ڪمري مان نوران جي چيخ جو آواز اچي ٿو- تاجو ۽ سگهڙ مُڙي اوڏانهن ڏسن ٿا-

دروازي کي زور زور سان کولڻ جا آواز اچن ٿا ۽ پوءِ نوران دروازو کولي ڇيخندي ٻاهر اچي ٿي، سندس پويان رئيس ٽهڪ ڏيندو، ٿيڙ کائيندو ٻاهر اچي ٿو.

نوران جي هٿ ۾ رئيس جو پستول آهي- جنهن مان هو لاڳيتو ٽي فائر ڪري ٿي. رئيس ٿڙي ٿو- نوران ڀڄي ٿي. رئيس سندس پٺيان ڊڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو- ايتري ۾ رئيس جي نظر تاجو ۽ سگهڙ تي پوي ٿي، جي ٻئي چپ چاپ بيٺا کيس ڏسن- رئيس جي منهن مان غصو ۽ تعجب ظاهر ٿئي ٿو- هو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو پر سندس وات مان رت جي گرڙي نڪري ٿي- هو ٿنڀي کي هٿ ڏيئي هيٺ گسڪي ڪري ٿو ۽ تاجوءَ کي گهوريندو، ريڙهيون ڏيندو، ڏانهس وڌي ٿو. سندس هٿ لرزرندو تاجوءَ ڏانهن وڌي ٿو. رئيس ڏند ڪرٽيندو اُٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اوچتو هو زمين تي ڪري ٿو ۽ مري وڃي ٿو.

نوران چيخندي، رڙيون ڪندي ٻاهر ڊوڙي رهي آهي.

-- پڄاڻي--

 

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com