يوسف- |
يوسف سياڻپ جا ٻول ٻڌائي رمندو رهيو. ايندڙ وقت ڪيڏو نه ڀيانڪ
آهي؛ اهو سوچي منهنجي ته لونءَ لونءَ
ڪانڊارجي وئي آهي. اسان کي ڪجهه ڪرڻو
پوندو—اسان کي ضرور ڪجهه ڪرڻو پوندو.
توهان ويهي پنهنجو سبق ياد ڪيو، مان اجهو آيس. (ٻاهر ٿو وڃي).
(يوسف جي پيرن جو آواز--) |
شهزادي- |
يوسف! |
يوسف- |
(ڇرڪي) شهزادي! تون؟ |
شهزادي- |
ها، مان. |
يوسف- |
پر—تون هتي--؟ اڪيلي! |
شهزادي- |
تنهنجي ڳولا ۾ مونکي آڪاس جي اُتاهين تائين به وڃڻو پوي ته
جيڪر انڪار نه ڪيان. |
يوسف- |
تو منهنجو مطلب نه سمجهيو شهزادي! دراصل توکي هتي ڏسي مون
کي... خير؛ ڇڏ انهن ڳالهين کي. ڪنهن سان آئي
آهين؟ |
شهزادي- |
سڏ پنڌ تي ئي ته ڳوٺ آهي. امان آئي هئي حڪيم کي پاڻ ڏيکارڻ.
مان به ساڻس ڪجائي ۾ هلي آيس. سوچيم؛ توسان
ملي ڇڏيان. ڪو وقت هو جو هر رات جو اهو پنڌ
لتاڙي مونسان ملڻ ايندو هئين. پر هاڻي—هاڻي
تون بدلجي ويو آهين يوسف! |
يوسف- |
نه شهزادي! اها ڳالهه ناهي. دراصل....... |
شهزادي- |
مونکي بهلائڻ جي ڪوشش نه ڪر يوسف! تون مون کان نظرون ڦيري ويو
آهين. منهنجي محبت رڻ جي رڃ ۾ ازل جي اُڃ
مٽائڻ لاءِ ڀٽڪي رهي آهي ۽ تون ماگر مٽي
هليو به وئين. |
يوسف- |
شهزادي! |
شهزادي- |
مان ڪيڏي نه ڀوري هيس. تنهنجي مرڪ کي سڪ جي سرڪ سمجهي اندر ۾
اوتي ڇڏيم. تنهنجي چاهه کي ساهه ۾ سمائي،
زندگي کي زنجير پهرائي ڇڏيم- تنهنجي پيار کي
سار سمجهي من ۾ مڙهي رکيم. پر تون ته ڪنهن
ٻيءَ مڌ جو متوالو هئين. جڏهن نينهن نڀائڻ
جي ويل آئي، تڏهن دل ۾ درد سمائي منهن موڙي
ويئين--! |
يوسف- |
شهزادي! مونکي غلط سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪر—منهنجي پريت ڪنهن ريت
جي محتاج ناهي. ننڍپڻ جي محبت من ۾ ميخون
بنجي کپي وئي آهي. مان توکي وسارڻ موت کان
وڌ اذيتناڪ ٿو سمجهان. منهنجي مجبورين کي
بيوفائيءَ جو الزام نه ڏي شهزادي. |
شهزادي- |
آخر ڪهڙي مجبوري آهي يوسف! ڪجهه مان به ته ٻڌان. مان تنهنجي
مڱيندي آهيان- ڇا مونکي اهو سڀڪجهه ڄاڻڻ جو
ڪو به حق ناهي؟ |
يوسف- |
شهزادي! فرض ڪڏهن پيءُ بنجي پڪاريندو آهي، ڪڏهن ماءُ بنجي مدد
لاءِ سڏيندو آهي، ڪڏهن جوت بنجي جرڪندو آهي،
ڪڏهن جوالا بنجي جلائيندو آهي. توسان منهنجو
پيار لازوال آهي، منهنجي محبت امر آهي،
منهنجي چاهت چري آهي ۽ منهنجي پريت پاڳل
آهي. پر--! منهنجي نٻل ڪلهن تي ڪي ٻيا به
بار آهن. |
شهزادي- |
پر تو ڪڏهن به اڳ اهڙي ڳالهه ڪا نه ڪئي هئي يوسف! |
يوسف- |
ڪلهه ۽ اڄ ۾ وڏو فرق هوندو آهي شهزادي! ڪلهه منهنجي سوچ
سانيتڪي هئي. اڄ منهنجي من ۾ مهراڻ موجون
ماري رهيو آهي. ڪلهه احساس جي اُڏام اڌوري ۽
اڻپوري هئي. اڄ ڄاڻ جا ٻاڻ اونداهين ۾ اُڏري
هليا آهن. |
شهزادي- |
مونکي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي! تون—تون ايترو ڌاريو ڇو ٿي
ويو آهين يوسف! تومان پيار ۽ پنهنجائپ
ڪيڏانهن غائب ٿي وئي؟ |
يوسف- |
شهزادي! هيءَ ڌرتي منهنجي ماءُ آهي. جنهن مٽيءَ مان اسُريا ۽
اُڀريا آهيون ۽ جنهن مٽيءَ ۾ مرڻ پڄاڻان
موٽي وينداسين؛ سا مهربان ماءُ ڏکن ۾ هجي ۽
اسان خودغرض پنهنجا ننڍڙا سک ڳوليندا
وتون—اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟ منهنجي وطن کي
منهنجي خدمت ۽ قربانيءَ جي ضرورت آهي. علم
جي روشنيءَ مون کي اهو ئي سيکاريو آهي. مون
فيصلو ڪيو آهي ته مان هنن مسڪين غريب انسانن
جي دکي زندگيءَ ۾ خوشيءَ جي جوت جلائڻ لاءِ
زنده رهندس. |
شهزادي- |
پر يوسف منهنجو پيار؟ منهنجي پريت؟ ڇاتون سڀڪجهه ڀلائي ويٺين؟ |
يوسف- |
نه شهزادي!مان توکي ڪيئن ڀلائي سگهندس!تون منهنجي سيني ۾ ساهه
بنجي رهندينءَ، نيڻن ۾ نير بنجي ڇُلندينءَ؛
دل ۾ درد بنجي جيئندينءَ--! مان پنهنجي محبت
جي موهه تي مگن، حالتن جون سختيون سهندو
رهندس! ۽ پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن اُميدن جو سورج
اڀري ايندو، تڏهن مان چپ چاپ تنهنجي قدمن ۾
پنهنجو سيس نوائي ڇڏيندس. چئه شهزادي—چئه،
ته تون منهنجو انتظار ڪندينءَ؟ |
شهزادي- |
(روئيندي) يوسف! هي توکي ڇا ٿي ويو آهي! تون ايترو بدلجي ڇو
ويو آهين؟ منهنجو پنهنجو يوسف ڪاڏي ويو --؟
ڪاڏي ويو؟ (سڏڪا). |
يوسف- |
مون تي ڀروسو رک شهزادي، مان تنهنجو آهيان؛ تنهنجوئي رهندس.
منهنجي حياتيءَ جي پل پل تي تنهنجي يادن جا
پاڇولا ڇانيل آهن. مون کي صرف ٿوري مهلت ڏي.
مونکي پنهنجي وطن سان ڪيل وچن نڀائڻ ڏي. |
شهزادي- |
(سڏڪندي) جيڪڏهن تون منهنجي محبت جو ايڏو سخت امتحان وٺڻ ٿو
چاهين ته پوءِ مون کي به ثابت قدم ڏسندين. |
يوسف- |
چڱو شهزادي! هاڻي تون وڃ، دير ٿي وئي آهي؛ خدا حافظ. |
شهزادي- |
خدا حافظ--. |
|
سين چوٿون
]هاشم جو گهر- در تي کڙڪو- جنت جي پيرن جو آواز- دير کلڻ جو آواز-[ |
جنت- |
توهان موٽي آيا--؟ جلدي اندر اچو! گرميءَ ۾ ڪهڙو ته حال ٿيو
آهي اوهان جو! |
|
]ٻنهي
جي قدمن جو آواز ويجهو اچي ٿو-[ |
جنت- |
رئيس وٽان ٿي آيئو--؟ |
هاشم- |
(اداس لهجي ۾) ها جنت، رئيس وٽان ٿي پيو اچان. |
جنت- |
ڇو خير ته آهي نه؟ ڇا چيو رئيس؟ توهان ڪجهه ملول پيا ڏسجو! |
هاشم- |
(ٿڌو ساهه) ها جنت! جڏهن قسمت ساٿ ڇڏي ڏئي تڏهن پنهنجا به
پراوا ٿي بيهندا آهن! رئيس صفا جواب ڏئي
ڇڏيو. |
جنت- |
جواب ڏئي ڇڏيو!پر—پر توهان ته چيو هو ته... |
هاشم- |
مون غلط چيو هو جنت؛ خبر ناهي ڇو مون سڄي عمر غلط فيصلا ئي
ڪيا آهن. |
جنت- |
اوهان نااميد نه ٿيو. خدا مڙئي چڱي ڪندو. رئيس آخر ڇا چيو؟ |
هاشم- |
رئيس اڳ ۾ ئي ڀريو ويٺو هو. مونکي ڏسي مڇرجي ويو! يوسف کي
تمام گهٽ وڌ ڳالهايائين. چي، ”يوسف نڪمو
آهي، بيروزگار آهي. غنڊن ۽ بدمعاشن جو ٽولو
وٺي وتي ٿو ماڻهن کي گمراهه ڪندو.“ |
جنت- |
پر توهان کيس سمجهايو ڇو ڪو نه؟ |
هاشم- |
مون وسان ڪين گهٽايو. چيم، ”يوسف اڃان ٻار آهي، انگريزي تعليم
مٿس خراب اثر ڪيو آهي! جوابدارين جا بار
پوندس ته سڀڪجهه وسري ويندس.“ پر هن هڪ به
نه مڃي! |
جنت- |
هڪ به نه مڃي--؟ ڇا چيائين؟ |
هاشم- |
چيائين ته هو شهزاديءَ کي هڪ ڪنگال ۽ ذهني بيمار جي پلئه سان
هرگز ڪو نه ٻڌندو. هو سندس شادي ڪنهن ٻئي
هنڌ ڪري ڇڏيندو. مون گهڻوئي چيومانس. پر هن
کي منهنجي اڇي مٿي جو به شرم نه پيو. هو چند
خوشامدڙين جي هٿ ۾ رانديڪو بنجي کيڏي رهيو
آهي. |
جنت- |
پر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ شهزادي ۽ يوسف هڪٻئي کانسواءِ رهي
ڪو نه سگهندا. مان ماءُ آهيان، مون کي ڄاڻ
آهي ته منهنجي يوسف جي نس نس ۾ شهزادي سمايل
آهي. هو ڪيڏو به ارڏو سهي، پر شهزاديءَ جو
پيار هن جي هر فيصلي تي ڇانيل رهندو. |
هاشم- |
اهو ته مان به ڄاڻان ٿو. پر رئيس دولتمند ماڻهو آهي. دولت جو
نشو دنيا جا سڀ رشتا ڀلائي ڇڏيندو آهي جنت! |
جنت- |
يوسف کي اها ڄاڻ پوندي ته هو ڪٿي ڪو غلط ڪم نه ڪري وجهي!
توهان ڪنهن نموني في الحال يوسف کان اها
ڳالهه لڪايو. منهنجو ٻچڙو اهو غم برداشت ڪري
نه سگهندو. هن جي دل ٽٽي پوندي. |
|
(يوسف اچي ٿو--) |
يوسف- |
امان! تون ڪو به غم نه ڪر! يوسف پنهنجي پيار جي صدقي هڪ ڇا،
هزار شهزادين جي جدائيءَ جو غم به سهي
ويندو. |
جنت- |
يوسف! هي تون ڇا چئي رهيو آهين--؟ |
يوسف- |
ها امان! منهنجو نئون پيار! |
جنت- |
نئون پيار--؟ |
يوسف- |
منهنجو اٿاهه پيار! منهنجي وطن جي ڀونءِ سان! هن مٽيءَ سان؛
جنهن مون کي، توکي، اسان سڀني کي جنم ڏنو!
جا اسان لاءِ سون ورنا سنگ ڪڍي ٿي ۽ ننگ ڍڪي
ٿي. جا صدين کان اسان جي جيجل آهي ۽ قيامت
تائين پنهنجو جهول پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڀريل
رکندي! مون پيار ڪيو آهي امان؛ هن جيجل ماءُ
جي ڏتڙيل اولاد، انسان سان! مان محبت ڪئي
آهي مزدور ۽ محنت ڪش هاريءَ سان! مون پريت
ڪئي آهي پيڙهيل طبقي سان! مان دنيا جي هر
آسائش ان پيرا جي شمشان ۾ اوتي ڇڏيندس. |
جنت- |
يوسف! پٽ توکي ڇا ٿي ويو آهي--؟ شهزاديءَ جي جدائيءَ جو غم نه
اٿئي؟ |
يوسف- |
امان! مون شهزاديءَ سان امر ۽ لازوال محبت ڪئي آهي. هوءَ
منهنجي روح جي راڻي آهي؛ دنيا جي ڪا به طاقت
هن کي مون کان جدا ڪري نه سگهندي. پر فرض جو
قرض لاهڻ کانسواءِ مان هن سان لائون ڪيئن ٿو
لهي سگهان! |
جنت- |
ٻچا! ڪجهه ته اسان جي عزت جو به خيال ڪر! ماڻهو ڇا چوندا؟ لوڪ
آڱريون کڻڻدا! جيترا وات اوتريون ڳالهيون!
اسان ته ڪنهن کي به منهن ڏيکارڻ جي قابل نه
رهنداسين. |
يوسف- |
تون ڪو به فڪر نه ڪر امان! هڪ نه هڪ ڏينهن توکي ضرور مونتي
فخر ٿيندو. مان توکي يقين ٿو ڏياريان امان،
ته منهنجو ڪو به ڪم اهڙو نه هوندو جنهن سان
اوهانجي مون ۾ اعتماد کي ٺيس پهچي. مون
پنهنجون راهون ۽ منزلون تمام خبرداريءَ سان
چونڊيون آهن. منهنجو ڪو به قدم پڇتاءَ جي
پيچري ڏانهن نه ويندو امان. |
جنت- |
ابا شل جواڻي ماڻين. شل وار به ونگو نه ٿيئي. مون ماءٌ جون
دعائون هميشه توسان ساڻ رهنديون. تون جو
ڪجهه به چاهين ٿو؛ شل خدا توکي پنهنجي نيڪ
مقصدن ۾ ڪاميابي عطا ڪري. |
يوسف- |
منهنجي مٺڙي امان! |
جنت- |
شل دشمن دفع ٿيني ٻچا. |
هاشم- |
يوسف ٺيڪ ٿو چئي جنت! مون سندس خيالن کي پروڙي ورتو آهي. هو
ڏتڙيل انسان جو واهرو ٿي ميدان ۾ آيو آهي.
اسان کي گهرجي ته سندس نيڪ ڪم ۾ ساٿ ڏيون. |
يوسف- |
بابا! |
هاشم- |
ها! پٽ! پنهنجي ٻڍڙي ۽ ناتوان پيءَ کي تون هميشه پنهنجو
مددگار پسندين. رئيس دولت جي نشي ۾ چور آهي.
هن کي اها به ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي ته وقت
ڪيترو نه بدلجي چڪو آهي. اڄ جو انسان دولت
جو نه، انسانيت جو ڳولائو آهي. |
يوسف- |
بابا! توهان جون ڳالهيون ٻڌي منهنجو ته روح جهومي اُٿيو آهي.
مان—مان هي خواب ته نه ڏسي رهيو آهيان! |
هاشم- |
يوسف! پٽ، تو ڳوٺاڻن کي تعليم ڏئي، هن قوم جي وڏي خدمت
سرانجام ڏني آهي. جنت! يوسف پنهنجي ساٿين جي
مدد سان ڪچي وارو رستو ٺاهي راس ڪيو آهي. ان
رستي ٺهڻ ڪري خبر اٿئي ڳوٺاڻن کي ڪيڏو سک ٿي
پيو آهي. هرڪو هٿ کنيون پيو يوسف کي دعائون
ڏئي. |
يوسف- |
اوهان جون دعائون آهن بابا. هيءَ سڀڪجهه اوهان جي آسيس جو
نتيجو آهي. |
هاشم- |
۽ ها پٽ! ڪلهه مان دريا پار ويو هوس، ناکئي پئي چيو ته هيل
درياءَ ۾ ڏاڍو چاڙهه آهي، ٿي سگهي ٿو ته
اُٿل اچي. |
يوسف- |
مونکي پڻ درياءَ ۾ چاڙهه جي خبر آهي بابا! چون ٿا ته هن سال
سخت ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي. |
هاشم- |
اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه ٿي. گذريل ڪيترن سالن کان لنيٽ نه
آئي آهي. جيڪڏهن هن سال آئي ته ڏاڍي تباهي
ٿيندي. |
يوسف- |
توهان ڪو به فڪر نه ڪيو بابا! مون فيصلو ڪيو آهي ته پنهنجي
ڳوٺ کي ٻوڏ کان بچائڻ خاطر به هڪ مضبوط بند
ٻڌو وڃي. |
هاشم- |
پر اهو ڪم تون اڪيلي سر ڪيئن ڪري سگهندي. |
يوسف- |
مان اڪيلو ناهيان باباٰ مون پنهنجي دل جو دک درد ڳوٺ جي ٻچي
ٻچي کي ورهائي ڏنو آهي. مون کين سمجهايو آهي
ته زندگي ٻين خاطر جيئڻ جو نالو آهي. ڪنهن
جي غم ۾ شامل ٿيڻ انسانيت جو پهريون شرط
آهي. مُون هر ڳوٺاڻي جي دل ۾ محنت، سچائي ۽
خلوص جي شمع جلائي آهي. هو سڀ مونسان شامل
آهن. پوءِ ڀلا مان اڪيلو ڪيئن ٿو ٿي سگهان |
هاشم- |
خدا توهان کي توفيق ڏيندو پٽ. |
يوسف- |
گهڻن کنئي ڇپر کڄيو وڃي. ڦڙي ڦڙي ملي سمونڊ ٺاهي ٿي ۽ ذرو ذرو
گڏجي صحرا بنائي ٿو. ٻڌي ۽ ايڪي سان هر
مصيبت جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو بابا.
|
هاشم- |
پر پٽ! رئيس جو ڳوٺ ته درياءَ جي بنهه ويجه آهي، اُٿل آئي ته
سڀ کان پهريون سندس ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي.
|
يوسف- |
رئيس کي ان جو ڪڏهن به احساس نه ٿيو آهي، ته هو هميشه
خوشامدڙين جي گهيري ۾ گهريل رهندو آهي، هن
کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو ويهي ڳوٺ وارن جي
ڳڻتي ڪري. |
هاشم- |
جيڪڏهن ٻوڏ آئي ته رئيس جو فصل تباهه ٿي ويندو! سندس ڪوٽ ٻڏي
ويندو! آّر هو سمجهي ڇو نه ٿو! |
يوسف- |
اهڙن ماڻهن جي اکين تي انڌ جا پردا چڙهيل هوندا آهن، هو صرف
حال لاءِ جيئندا آهن، مستقبل هنن جي لاءِ
ڪابه معنيَ نه رکندو آهي! ۽ پوءِ جڏهن ڪا
آفت اوچتو اچي ڪڙڪندي آهي، تڏهن سندس غرور
ڪچي ڪچ جيان چور چور ٿي اچي پٽ پوندو آهي.
|
هاشم- |
پر تڏهن به پٽ، اسان جو فرض آهي ته رئيس کي ايندڙ خطري کان
آگاهه ڪيون ۽ مدد جو هٿ ڊگهريون.
|
يوسف- |
مون پاڻ اهو ئي سوچيو آهي بابا! مان اڄ ئي رئيس ڏانهن وڃان
ٿو، ڏسان ته اهو ڇا ٿو چئي! |
جنت- |
يوسف پٽ، رئيس اٿئي مڙئي کهرو ماڻهو، ٻچا نرميءَ سان
ڳالهائجانس. چوندا آهن ته جي مڙيا سي جڙيا، |
يوسف- |
تون ڪوبه خيال نه ڪر امان! مان پنهنجي راهه پاڻ ڳولي ڄاڻان.
چڱو امان هاڻي دعا ڪج. |
جنت- |
ابا شل خدا ويرون وير وڌائيندئي. |